سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:15

علي محمد سولنگي

 

 

 

غزل

 

ڪنڊن جي وچ ۾ گلاب ڳوليان،

وري نئون ٿو عذابُ ڳوليان.

 

چپن کي ڏاڍي پياس آهي،

مِٺي مِٺيءَ جو شراب ڳوليان.

 

پڙهڻ سان جنهن کي، ملي ڪا راحت،

پيو ٿو اهڙو ڪتاب ڳوليان.

 

ڪا منهن ڏيکاري لڪي ويئي آ،

تڏهن ٿو هرهڪ نقاب ڳوليان.

 

”تون ڪير آهين؟“ سوال اُن جو،

”چوانس ڇا؟ ٿو جواب ڳوليان.

 

گناهه ۾ ٿو ثواب ڳوليان،

مان پاڻ لئه ٿو عتابُ ڳوليان.

 

وفا جا وڻ ئي ويا ته وڍجِي،

ٿو ردِ ڪيل مان، نصابُ ڳوليان.

 

رڳو اسان لئه ڇو درد آهن؟

پيو ٿو اُن جو جوابُ ڳوليان.

 

غزل

 

سوچون سيرون سيرون آهنِ،

جذبا جهيرون جهيرون آهنِ.

بي ڪفنا، ارمانن لاشا،

ڪهڙيون هي تقديرون آهنِ.

دل، دماغ وڪوڙيل تنِ ۾،

يادون ڄڻُ زنجيرون آهنِ.

خالي هٿ ڪشڪول جيان بس!

جن ۾ چندُ لڪيرون آهنِ.

هاءِ! اسان جي عشق تي آيون،

روز نيون تعزيرون آهنِ.

تڙپي ٿي پئي تانگهه ملڻ لئه،

تو وٽِ سڀ تدبيرون آهنِ.

منهنجو سارو سرمايو، هي،

تحريرون، تصويرون آهنِ.

 

غزل

 

اڱڻ جو آئين گلابُ بڻجي،

رڳون وڄي پيون رُبابُ بڻجي.

اکيون جهڪايئه حجابُ بڻجي،

ته رُخ پيو هو ڪتابُ بڻجي.

پرين پسايُئه جمالُ، جلوو،

شبابُ مهڪيو شرابُ بڻجي.

ٿو لوڪُ سمجهي هي پاپُ آهي،

رقيب ويا هنِ ڪبابُ بڻجي.

گلن کان نازڪ، نرمُ پشم کان،

ملِيِ مُحبت ثوابُ بڻجي.

 

 بيخود بلوچ

 

 

 

 

 غزل

 

آلي ڪا اک ئي سمجهي پيغام آلي اک جو،

سمجهن ڇا سُور ماڻهو هي عام آلي اک جو.

اکِ دانهن پُڻ ڪري ٿي ڪوئي ٻُڌي ٿو اُن کي،

ساڃاهه وند ٿا سمجهن ڪُهرام آلي اک جو.

ننڊ ڄڻ ته فوت ٿي وئي ڪنهن دم نه اک لڳي آ،

تنهنجي اکين کسيو آ، آرام آلي اک جو.

نظرن سان نفرتن جا خنجر لڳا اکين ۾،

پر پوءِ به پيار آهي پيغام آلي اک جو.

ڳوڙهن جو وهڪرو آ جاري جُڳن کان ”بيخود“!

درياهه ڇو نه رکجي اڄ نام آلي اک جو؟

 

غزل

 

تنهنجون ڳالهيون منهنجون ڳالهيون،

منهنجون ڳالهيون تنهنجون ڳالهيون.

ڪير ٻُڌي ٿو ڪنهن جون ڳالهيون،

هر ڪنهن وٽ هِت پنهنجون ڳالهيون.

ڳالهين ساڻ ڳڙن ٿا ڳوڙها،

ٻُڌجن ٿيون هِت جنهن جون  ڳالهيون.

جڳ جا زخم غزل ۾ آهن،

مُور نه سمجهو منهنجون  ڳالهيون.

مّڪاريءَ ۾ ماهر آهين،

سمجهون ٿا ته به تنهنجون ڳالهيون.

سهڻا سڀ مصروف ويا ٿي،

بند ڪر بيخود پنهنجون ڳالهيون.

 

بيت

 

منهنجو من مهراڻ، جنهن جون ڇوليون شاعري،

جنهن وٽ سڪ سُڃاڻ، سوئي سوچون سمجهندو.

 

منهنجو من مهراڻ، ڪپرَ ڪافيون، بيت ٿيا،

اکرن ۾ اُهڃاڻ، پڪا پيار پريت جا.

 

منهنجو من مهراڻ، جنهن ۾ پاڻي پيار جو،

سوچن جي سُرهاڻ، سدا رهندي سنڌ ۾.

 

منهنجو مَنُ مهراڻ، اچي اُن جو سير ڪَرِ،

پرکيندين تون پاڻ، ڇاهي پاڻي پيار جو؟

 

منهنجو من مهراڻ، وهندو رهندو وقت سان،

انڌو ۽ اڻ ڄاڻ، مامَ نه سمجهي موَج جي.

 

اياز عمراڻي

 

 

 

 

گيت

 

اچ ڙي سرتي اچ

 

نچ ڙي سرتي نچ

موهه رکي من ۾

 

رچ ڙي سرتي رچ.

هاءِ تنهائي

 

جوڀن رت آئي

 

منهن تي موهيڙا

 

من ۾ ٻريا مچ

اچ ڙي سرتي اچ

 

نچ ڙي سرتي نچ

وڃڻا هون وڃڻا

 

سين هڻي سڄڻا

 

ڳاءِ ڳيچن ۾

 

ڳرهي ڳالهيون ڳچ

اچ ڙي سرتي اچ

 

نچ ڙي سرتي نچ

سارون ۽ صدما

 

اندر جا اُڌما

 

آڻي اکڙين ۾

 

سليون سڀئي مچ

اچ ڙي سرتي اچ

 

نچ ڙي سرتي نچ

پنهنجي ريت هئي

 

ريت پريت هئي

 

مير ڪڍون من مان

 

ڪوري ڪائو ڪچ

اچ ڙي سرتي اچ

 

نچ ڙي سرتي نچ

موهه رکي من ۾

 

رچ ڙي سرتي رچ.

 

غزل

 

ويو شوق سڀ ڪو ونئون آهي،

لڳي صرف توسان لنئون آهي.

حادثا نئين ڳالهه ناهن مگر،

اڃان حادثو هيءُ نئون آهي.

مري ڪير ٿو؟ بي وفائي ۾،

جيئڻ ڀي جيئڻ- ڪيئن چئون آهي.

زخم ئي زخم آ وجود سڄو،

چئون ڪيئن حصو ڪو سنئون آهي.

اڃا حسرتن جي عزاداري،

جڏهن کان لڳو هي ڏنئون آهي.

 

غزل

 

يادن تند تپائي آ،

باهه برهه لڳائي آ.

هونئن ته روز گهرجين ٿي،

هينئر سڪ سوائي آ.

ڪو رشتو به توسان آ،

يا هرکر اجائي آ.

جيڪر هاڻ به اچين تون،

هيءَ محفل سجائي آ.

بي مقصد وئي گذري،

هيءَ عمر اجائي آ.

 

غزل

 

ٽٽي سنڌ، سگهي ئي نٿي،

وڃين وڃ ڀلي تون وري،

سنڌي، سنڌ ازل کان اڳي،

ٽٽي سنڌ سگهي ئي نٿي.

لڳي دل سگهي ئي نٿي،

عداوتون جو ٿو رکين،

ڪري جو سگهين ڪر ڀلي،

ٽٽي سنڌ، سگهي ئي نٿي.

 

ماڻڪ ملاح   

 

 

 

 

کاٻي اک جي خواب جو درد!

 

(منور سراج جي ناول بابت)

مُنور!

تنهنجو ناول ڏِسي سگهيو آهيان

پڙهي نه

مون محسوس ڪيو

تون اُن ٻيڙياتي جي ٻيڙيءَ جو

اُهو ڦرهو آهين

جنهن جي لُڙهڻ پڻي کي

پنهنجو ڇال ۽ تالُ آهي

پر اُن جو اندر نما حال

کوهه نما ”خال“ بڻجي وڃي ٿو

وجود جو احساس

ٽُٽل وجود جو ”خال“

...........................................

جنهن ۾ خواب جا پکي

اُڏامندا رهن ٿا

اُڏامندا رهن ٿا

اياز چواڻي ته:

”خواب هجن آزاد ته

ٻيو ڇا گهرجي.“

سچ ته

اسين اندر جي ڪروڌ ۾ ورتل ماڻهو آهيون

اسان کي پنهنجي اندر جي ڪوجهائپ

هڪ ٻئي کان اوپرو ڪري رکيو آهي

اسين جهڙا ٻاهر

تهڙا اندر ناهيون

”کاٻي اک جو خواب“

انهن اکين جو خواب آهي

جن جي نهار جي ڦرهيءَ تي

”ڪُهه ڄاڻان، ڪهڙا پرين“

لکيل آهي،

”کاٻي اک جو خواب“

۽ چنبيليءَ جي وَلِ جيان

جُوانيءَ ۾ رچي ويندڙ

اُن ڇوڪريءَ جي

مروڙيل ڪَرائيءَ ۽

کسيل ڀاڪر جو به

خواب آهي

جنهن جي پيار جو تصور

محبوب هٿان

رنگين ۽ حَسين ٿيڻ بجاءِ

ڇيهون ڇيهون ٿي وڃي ٿي

ائين ئي اندر جو ڪروڌ

ذلتن سامهون آيل

سهڻيون، نماڻيون ۽

نهٺيون اکيون

۽ وري

اسان جي اندر جي ڪوجهائپ جون ڪوڙڪيون

”کاٻي اک جو خواب“

هي جيڪو

انهن سڀني اکين جو خواب آهي

جن جي اجرائپ کي اُگهاڙو

۽ اُگهاڙو کي فرشتو ڪري پوڪاريو ويو آهي

هي هڪ ڪهاڻيون گهڙيندڙ جو نه پر

شاعر جو ناول آهي

سچ ته منور!

تون الائي ڇو مون کي، شاعر لڳندو آهين

”کاٻي اک جو خواب“

اڻ کٽندڙ گس جو چارو آهي

بلڪل وَرَ وَڪُڙَ

سنهڙو سنهڙو، جنهن ۾

پيڙا جي پايل ڇمڪندي آهي

جنهن ۾ اک جي پنبڻي ٽِم ٽِم پئي ٽِمندي آهي

پر......!

منزل جي محبوبا کي

ڇُهڻ، ڏسڻ جي صَدا

سيني جو ترانو بڻجي وڃي ٿو

منور! تنهنجي دل جو پکي

ٽُٽل پَرندي جيان

گهايل ته آهي

پر، اهو گهاءُ

صديون پُراڻو

بلاول جي جسم ۾ گردش ڪندو هو

دودي جي ٽُٽل تلوار

۽ گهِلو گهِلو ٿي ويل

سَندري جو خواب......!

۽ اهو خواب

اڪيلائيءَ جي انگاس تي ٽنگيل

اُن ”سُکان“ جو به آ

جنهن پنهنجي دل جي ديس جي

”ڄام“ لاءِ ٿري جهوپڙيءَ مان

يَڪَ ساهيءَ، ڊوڙ پائي

انڌي کوهه ۾ ٽپو ڏئي

انت آندو هو

سچ ته منور!

تنهنجو هي ناول

اسان جي خالي پَڻي ۽ کوهه نما وياڪلتا جوتعارف آهي

هي جيڪو ناول

ڪيترين ئي وحشتن جا

بکيا اُڊيڙي ٿو، جن وٽ

سونهن جو تصور

مصنوعي لِپ اسٽڪ جيان آهي

جن کي ڇا خبر ته

بيوفائين جا بَرَ جهاڳيندڙ

ڌڙڪندڙ دل جون

ساهيون ڇا هُونديون آهن

لاهيون ڇا هُونديون آهن

حَقَ ۽ حقايون ڇا هونديون آهن!

 

محبوب ڀٽي

 

 

 

 

غزل

 

گُل نه آهيان جو منتشر آهيان،

ڇانوَ ڏيندڙ فقط شجر آهيان.

 

جنهن جي قيمت ادا نه ٿي آهي،

آءٌ مزدور جو پگهر آهيان.

 

عشق جي آڳ ۾ جلان ويٺو،

شر نه آهيان، مگر شرر آهيان.

 

ڪوبه ساٿي نه همخيال آهي،

گهر ۾ هوندي به دربدر آهيان.

 

ياالٰهي گناهه بخشي ڇڏ،

آءٌ لُڙڪن ۾ تر بتر آهيان.

 

ساري دنيا جي مان خبر رکان،

ها، مگر خود کان بيخبر آهيان.

 

تنهنجي جهولي نصيب ۾ ناهي،

وڻ مان ڪرندڙ اُهو ثمر آهيان.

 

بَدُ نه آهيان ۽ نيڪ دل آهيان،

شر به آهيان جو مان بشر آهيان.

 

منهنجو ظاهر ڏسي نه هرکي پئه،

آءٌ ٽامي تي آب زر آهيان.

 

غزل

 

ويهه منهنجي ڀر، ٿوري دير،

کوليان ٿو در، ٿوري دير.

 

اي هوا، تون زلف اُڏار،

کول هي پيڪر ٿوري دير.

 

وري مڪين ڪي ٻيا ايندا،

مون وٽ هي گهر ٿوري دير.

 

ڪيڏا پورس ماريندين،

بختِ سڪندر ٿوري دير.

 

گهُنج عُمر جا ڪافي دير،

حُسن جو منظر ٿوري دير.

 

چڙهندڙ سورج لهندو نيٺ،

اوج تي آ، پر ٿوري دير.

 

ڏک ۽ سُک جو وقت سدا،

آهي مقرر، ٿوري دير.

 

ڪاوڙ کي ڇڏ پرچي پئه،

قرب سڄڻ ڪر، ٿوري دير.

 

تنهنجي سفر ۾ حائل آهن،

راهه جا پٿر، ٿوري دير.

 اَمر کُهاوڙ

 

 

 

 

 

غزل

 

آئيندي لئه کيت کيڙيان ٿو پيو،

ڏاڍ جا ڏونگر اُکيڙيان ٿو پيو.

جو وڏو هو ٻِج بغاوت جو ڇَٽيو،

مان اُهوئي ٻِج پکيڙيان ٿو پيو.

لفظ، ڪِرڻا سج وانگي ٿو ڇَٽيان،

ٻاٽ سان هر وقت جهيڙيان ٿو پيو!

ماڻهپي جو مانُ جئن رهجي وڃي،

اَنڌ جا بَخيا اُڊيڙيان ٿو پيو!

ڪنهن بهاني رُوح کي راحت رسي،

سار جا سُرتال ڇيڙيان ٿو پيو!

ساڀيان جي آسري تي مان ”امر“!

ٽُڪرا ٽُڪرا خواب ميڙيان ٿو پيو!

 

غزل

 

سنڀار يا وِسار تون!

جِيئار تون يا مار تون!

اسان جي شام پئي لَهي،

دريءَ منجهان نِهار تون!

گُلاب جو ها ڦُول مان،

۽ ٿي پئو بهار تون!

دُعا ڪيان ٿو ماڻيين،

مٺي! ڊگهي ڄمار تُون!

زمان جُون، مڪان جُون،

سڀئي حدون اُڪار تُون!

ٿو انگ انگ چيرجي،

لڳين پئي ڪَٽار تون!

ڪمال کي زوال آ،

ڪڏهن نه هِي وسار تون!

شڪار جي پُٺيان وئين،

۽ ٿي وئين شڪار تون!

اِجهو امر! کُٽو سفر،

هينئون نه ايئن هار تون!

 

غزل

 

پوهه ۾ گل تي بوسو،

تازِي چانهه جو چُسڪو!

ٿَڪُ ڇڏي ٿو لاهي،

هُن جي گهر جو رستو!

ڄڻ سنڌ جو نقشو آ،

هُن وينگس جو چهرو!

جڳ سارو سونهن ڀريو،

پر وڻندو آ ڪو ڪو!

تان- مالها ڀاسي،

نارِ جي ڳل ۾ مِٺڙو!

سج ۾ سو تابُ ڪٿي!

آ هُنجي اک ۾ جو!

گُهنج وجهي يار ڏسي،

هينئين ۾ چُڀي ڪو ڪو!

آ پيار بِنا جِيوَن،

سگريٽ جيان ڪَوڙو!

شاعر جي صورت! ڇڏ،

خيال ته ناهي ڪوجهو!

اڄڪلهه پنهنجو حالُ،

سرءُ ۾ گُل جهڙو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org