ميرزا دبير
سيد ثابت علي
شاهه ڪربلائيؒ
۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ولد سيد مدار علي شاهه 13- رجب المرجب 1153ھ/04-
آڪٽوبر 1740ع تي سيوهڻ ۾ جنم ورتو ۽ 27- جمادي الثاني
1225هه/30- جولاءِ 1810عتي مير غلام علي خان ٽالپر
جي عهدٖ حڪومت ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي. ثابت
ڪربلائي، ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور
جو مشهور
۽ معروف مرثيه گو شاعر هو. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ
۾ کيس جيڪو مقام حاصل آهي، اُهو مرثيه نگاريءَ جي
ڪري ئي آهي ۽ پاڻ سجاده نشين سيد اسد الله شاهه جي
چوڻ تي 1186ھ/1772ع ڌاري تقريباً 33 ورهين جيڄمار ۾ پهريون مرثيو مربع
(چو مصرع) جي صورت ۾ چئي شاعري شروع ڪئي.
جنهن جو مطلع هِن ريت آهي:
اي خدا جا لاڏلا سردار سرور يا حسين
مصطفيٰ جا ساهه نيڻن ٺار دلبر يا حسين
مرتضيٰ
سهنجو نپايئي جيءَ برابر يا حسين
ظالمن ناحق رنجاڻيءَ واءِ ٻر ٻر يا حسين
جڏهن ته ميرزا مراد علي بيگ ’سائل‘ سن 1173ھ/1759ع ۾
علمٖ عروض جي حدن اندرپهريون
سنڌي مرثيو ”ڇا مجلس عزا جو وقار و حَشم ٿيو“ مسدس
(ڇهه مصرع) جي صورت ۾ چئي سنڌ ۾ سنڌي مرثيه جي
روايت کي قائم ڪيو.
ثابت ڪربلائيءَ تقريباً 64 (مربع 28 ۽ مسدس
36) مرثيا چيا آهن، جيڪي سندس اهل بيتؑ سان عقيدت
جو چِٽو ثبوت آهن ۽ اِهي
ئي مرثيا سندس ۽ مومنن جي شفاعت جي سَنَدَ آهن. جيئنپاڻ چوي ٿو:
’ثابت‘ هي تنهنجا مرثيه اُت محضر نجات
اي ماتمي حسين جا هي دفتر نجات
ثابت ڪربلائيءَ جا چيل پُر درد مرثيا اڄ به سڄي
سنڌ ۾ محرم الحرام جي ڏهاڙن جي مجلسن ۾ وڏي عقيدت
۽ احترام سان پڙهيا ويندا آهن.
هيءُ ڪتاب ”سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ ۽ سيوهڻ جي
قديم عزاداري“ به سنڌ جي اُن ئي باڪمال مرثيه گو
شاعر ثابت ڪربلائي جي سوانح حيات ۽ سندس بزرگن ۽
اولاد جي مفصل احوال سان گڏ سنڌي مرثيه جي اوسر ۽ سيوهڻ جي عزاداري ۽ اُتي ثابت ڪربلائي
جي پڙهيو ويندڙ ڪلام جي تفصيل تي مشتمل آهي؛ جنهن
جو ليکڪ نظير حيات سيوهاڻي آهي.
هيءُ ڪتاب 4-ڪلر ٽائيٽل سان پڪي بائينڊنگ۾
90 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائي اڪيڊمي ميرن جا قبا حيدرآباد، سنڌ طرفان
سال 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي
قيمت -/150 رپيا آهي.
ثابت ڪربلائي سنڌ جو هڪ عظيم مرثيه گو شاعر آهي،
جنهن ڪربلا جي واقعي کي شاعريءَ جي زبان ۾ سمجهايو
آهي ۽ اُن ۾ شاعريءَ جي روايتن ۽ پنهنجي جذبي،
تخيل ۽ فڪري تشخص کان ڪم وٺندي تاريخ اسلام جي
دردناڪ واقعي جي جيڪا منظرڪشي ڪئي آهي، اُها سندس
قادرالڪلامي جي انتها آهي. جيئن پاڻ پنهنجي هڪ
مرثيه ”ڪربلا رڻ ۾ قضا جڏهن موت
جي بازار ڪئي“ ۾ ڪربلا جي قضيي جو بيان هنن پُردرد
لفظن ۾ ٿو ڪري:
هاءِ يارو ڇا چوان آءٌ ڪربلا جو واقعو
ڪربلا مظلوم شاههٖ مبتلا جو واقعو
قتلعامٖ عترتٖ خيرالوريٰ جو واقعو
قيد و تاراج عيالٖ مرتضيٰ جو واقعو
سر وڍيا نيزي چڙهيا ڌڙ ڀونءِ تي بيدفنا رهيا
سر کليا ناموس قيدي شام ڏي رئندا هليا
جڏهن امام حسينؑ جو سر مبارڪ هڪ ملعون
درٻار ۾ کڻي اچي يزيد پليد کي ڏيندي جيڪو شعر
پڙهيو، اُهو هيءُ آهي:
اِمْلا رِڪَابي فِضَّةً وَ ذَهَبا
اِنِّي
قَتَلْتُ الْمَلِکَ الْمُحَجَّبَا
قَتَلْتُ خَيْرَالنَّاسِ اُمًّا وَ اَبا
ترجمو: (مون کي) سونَ ۽ چانديءَ سان طشت کي ڀري
ڏي، (انهيءَ ڪري جو) صاحبٖ عترت، بادشاهه حيادار
کي بيشڪ مون قتل ڪيو آهي. مون قتل ڪيو آهي انسانن
مان اُن کي جيڪو بهترين آهي ۽ جڏهن ته مقتول جا
ماءُ ۽ پيءُ انسانن مان بهترين هئا.
اِن شعر کي ثابت ڪربلائي پنهنجي هڪ مرثيه ”هن رئڻ
جو رتبهء عالي اگر ٿي جلوه گر“ ۾ هن انداز سان نظم
ڪري ٿو:
شام ڪافر ڪئي ڪچهري تخت ويٺو پُر غرور
سرورٖ مظلوم جو سر، حڪم ٿيو، آڻيو حضور
طاس سوني ۾ رکي سر شاهه جو ڪافر ڪفور
عرض ڪيو اِملا رڪابي فِضةً ذهباً ضرور
هي سر ملڪاً ڪريماً مہ جبين شاههٖ جهان
حڪم سان
تنهنجي وڍيوسين واءِ ٿيو آخر زمان
ثابت ڪربلائيءَ جي مرثين ۽ مناقبن جي پهرين اشاعت ”مجموعه مرثيه و مناقب“ جي عنوانسان
سن 1316ھ/1898ع ۾ ٿي، جنهن کي گلزار حسني بمبئي
مان ڇپايو ويو. جنهن ۾ سندس 08 مرثيه، 02 سلام، 01
مدح ۽ 11 منقبت ڏنل آهن. جڏهن ته هڪ مرثيو ”چنڊ
ڏسي هوهڪڙي ڏينهن ڪيو هن طرح سج سي عتاب“
آخوند محمد عالم ’عالم‘ جو صفحي 22 تي آيل آهي ۽
باقي مرثيا ۽ منقبت ثابت ڪربلائيءَ جا آهن. هيءُ
بياض نامڪمل صورت ۾ 76 صفحن تي آهي، جنهن تي ثابت ڪربلائيءَ جو مناقب ”اي فوج جا سالار سپهدار
حسيني“ ڏنلآهي. هيءُ آڳاٽو ڇپيل بياض راقم جي مامي
ميرزا جمشيد علي بيگ جي ناياب ڪتبخاني ۾محفوظ
آهي، جنهن جو عڪس هِتي سندن ئي ٿورن سان ڏجي ٿو.
ڪتاب ”سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ ۽ سيوهڻ جي قديم
عزاداري“ محترم نظير حيات سيوهاڻي جي محنت ۽ ثابت
ڪربلائيءَ سان سندس عقيدت جو نتيجو آهي، جنهن
پنهنجي مطالعي جي آڌار تي اڳين ماخذن جي روشنيءَ ۾
ثابت ڪربلائيءَ جي سوانح، سيوهڻ جي عزاداري ۽ اُتي
ثابت ڪربلائيءَ جا جيڪي مرثيا ۽ سلام پڙهيا وڃن
ٿا، انهن جو اختصار هن ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪري
پڙهندڙن ۽ ثابت ڪربلائيءَ جي عقيدتمندن تائين
پهچائي هڪ وڏو ڪم سرانجام ڏنو آهي.
محمد ارشد بلوچ
ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي ٽين ورسي
جي
موقعي تي ڪوٺايل سيمينار جي رپورٽ
جڳ مشهور عالم، تعليمدان، تاريخدان، لطيفيات جي
پارکو، لغت نويس ۽ سڄاڻ منتظم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جي ٽين ورسي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۽ ڊاڪٽر
اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ طرفان 6
اپريل 2014ع تي آچر جي ڏينهن ممتاز مرزا آڊيٽوريم
حيدرآباد ۾ ملهائي وئي.
ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صبح جو 9:00
وڳي مختلف شخصيتن، اديبن، سگهڙن، يونيورسٽي جي
استادن ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي صلاحڪاري بورڊ جي ميمبرن
پاران ڊاڪٽر صاحب جي مزار تي گلن جون چادرون پڻ
چاڙهيون ويون.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ورسي جي موقعي تي منعقد ڪيل
هيءُ سيمينار ٻن نشستن تي مشتمل هو. پهرين نشست جي
صدارت ڪندي ثقافت کاتي جي صلاحڪار شرميلا فاروقي
چيو ته سنڌ ڌرتيءَ اهڙا عظيم ليکڪ، محقق، اديب ۽
تعليمدان پيدا ڪيا آهن جن نه فقط پنهنجي ملڪ، پر
پرڏيهه ۾ به تمام گهڻي شهرت ماڻي ۽ پنهنجي ملڪ جو
نالو روشن ڪيو ۽ انهن عظيم ماڻهن مان ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ به هڪ هو. هُو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو
هو، جنهن سڄي زندگي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندي گذاري
ڇڏي، هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر صاحب جون تعليم لاءِ
ڪيل ڪوششون ڪنهن کان به لڪل نه آهن، هُو جڏهن سنڌ
يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر هو ته ان وقت به پاڻ
ڪلاسن ۾ ليڪچر ڏيندو هو ۽ هن کي سنڌي، اردو،
انگريزي، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو ۽
هن انهن ٻولين ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب
پڻ لکيا. ڊاڪٽر صاحب جا سنڌ جي لوڪ ادب تي لکيل 42
جلد هڪ انمول خزانو آهن، وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر صاحب
جي وفات کان ٻه مهينا اڳ سندس ڪيل ڪم جي مڃتا طور
حڪومت پاڪستان طرفان هلال امتياز سان پڻ نوازيو
ويو.
ڊاڪٽر بلوچ انسٽيٽيوٽ جي صلاحڪاري ڪميٽيءَ جي
چيئرمين ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پنهنجي خطاب ۾
ڊاڪٽر بلوچ انسٽيٽيوٽ جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي
چيو ته انسٽيٽيوٽ ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ 16 ڪتاب
ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن ۽ ڇهن ڪتابن جي تياريءَ جو ڪم
هلي رهيو آهي جيڪي سنڌ جي تاريخ، ورثي ۽ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي زندگي ۽ سندس ڪيل ڪم تي مشتمل آهن،
هن وڌيڪ چيو ته هيءَ انسٽيٽيوٽ 12 اسڪالرن کي
اسڪالرشپون ڏئي سنڌ جي طبعي ورثي تي ڪم پڻ ڪرائي
رهيو آهي ۽ ان کان علاوه اداري طرفان هر سال ٻه
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ پڻ انهن اسڪالرن کي
ڏنا ويندا آهن جيڪي سنڌ جي تاريخ ۽ طبعي ورثي تي
ڪم ڪري پاڻ ملهائيندا آهن، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري
انسٽيٽيوٽ جي ترقي ۽ اداري جي ڄامشوري ۾ ٺهندڙ
نئين بلڊنگ ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ثقافت
کاتي جي صلاحڪار شرميلا فاروقي کي اضافي بجيٽ ڏيڻ
جو مطالبو به ڪيو.
ڊي جي ثقافت کاتو منظور احمد قناصري سيمينار ۾ آيل
مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندي چيو ته اسان وٽ ڊاڪٽر
صاحب جي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ فنڊ موجود آهن،
جنهن مان ڊاڪٽر صاحب جا رهيل ڪتاب ڇپرايا ويندا.
جڏهن ته 2012ع ۽ 2013ع ۾ ثقافت کاتو ڊاڪٽر صاحب
جا 20 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي ۽ شاهه جو ڏهن
جلدن وارو رسالو پڻ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.
نوادرات کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪليم الله
لاشاريءَ پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ چيو ته قائد اعظم
محمد علي جناح جي پيدائش واري هنڌ بابت تضاد موجود
آهي. ڪن درسي توڙي سرڪاري ڪتابن ۾ قائد اعظم جو ڄم
وارو هنڌ جهرڪ ڄاڻايل آهي ته ڪٿي وري ڪراچي لکيل
آهي جنهنڪري ان سلسلي ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
سيمينار جي پهرين نشست ۾ ستن ڪتابن: شاهه جي رسالي
جا چار جلد، رسالو پير غوث محمد شاهه ڪڇ واري جو،
فوڪ لوئر آف سنڌ ۽ ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا جي رونمائي
پڻ ڪئي وئي.
سيمينار جي ٻي نشست جي صدارت ڪندي پروفيسر محمد
عمر چنڊ چيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي تحقيق سان عشق
هو ۽ هن کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق هو، جنهنڪري هن
ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي ماڻهن کي وڏو خزانو ڏئي
ويو. دنيا جا وڏا وڏا پروفيسر ڊاڪٽر صاحب کي خط
لکي معلومات حاصل ڪندا هئا. جنهن جو مثال اسان کي
ڊاڪٽر صاحب ڏانهن لکيل انگريزي خطن جي ڪتاب ”World
of work“
مان ملي ٿو.
ڊاڪٽر اين.اي. بلوچ انسٽيٽيوٽ جي پهرين ڊائريڪٽر
گل محمد عمراڻي چيو ته بلوچ صاحب تي ماڻهو اجائي
تنقيد ڪندا هئا ۽ ڊاڪٽر صاحب انهي اجائي تنقيد جو
ڪڏهن به ڪنهن کي جواب ڏئي پنهنجو وقت ضايع ڪونه
ڪندا هئا ۽ هُن وٽ هر ڪنهن لاءِ محبت ۽ عزت هوندي
هئي.
ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي اڳوڻي پرنسپال پروفيسر محمد
يوسف شيخ چيو ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏي
علمي ۽ ادبي دنيا هو، هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر صاحب
علامه آءِ. آءِ قاضي يادگار تعمير ڪرڻ لاءِ پنهنجي
ذاتي ملڪيت مان 25 لک رُپيا عطيي طور 2010ع ۾ ڪيڊٽ
ڪاليج لاڙڪاڻي کي ڏنا، جتي هڪ شاندار علامه
آءِ.آءِ قاضي ”مينار علم“ تعمير ٿيل آهي.
سنڌالاجي ڄام شوري جي اڳوڻي ڊائريڪٽر شوڪت حسين
شوري پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ڊاڪٽر صاحب سنڌالاجي
جي ترقيءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ ان سلسلي ۾
منهنجي پڻ رهنمائي ڪيائون، هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر
صاحب جي هدايت تي علامه آءِ.آءِ قاضي ڪارنر قائم
ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجون ذاتي شيون سنڌالاجي
جي ميوزم لاءِ پڻ عطيي طور ڏنيون هيون. هن وڌيڪ
چيو ته ان وقت جي وائيس چانسيلر ۽ منهنجي ذاتي
ڪوششن سان سنڌالاجي ۾ ڊاڪٽر بلوچ ڪارنر پڻ قائم
ڪيو ويو ۽ جنهن جو افتتاح پڻ ڊاڪٽر صاحب ڪيو.
سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر انور
فگار هڪڙي هن موقعي تي چيو ته سنڌي شاعريءَ جي
سڀني قسمن جي ذخيرن ڏانهن ڌيان ڌريندڙ سنڌي عالمن
۽ اديبن مان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شخصيت ۽
حيثيت نهايت مٿاهين ۽ مانواري آهي، هن وڌيڪ چيو ته
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تدريسي زماني ۾ ورهاڱي کان پوءِ
ناقابل فراموش ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، انهن ۾
سندس قيمتي مقالو ”سنڌي ۽ هندي شاعري جو لاڳاپو“
پڻ هميشه يادگار حيثيت جو حامل آهي. ڊاڪٽر بلوچ جو
اهو مقالو مشهور سنڌي رسالي ”مهراڻ“ جي 1955ع وارن
شمارن ۾ ٽن قسطن ۾ شايع ٿيو.
ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر فائزه مرزا چيو
ته ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو امين هو،
هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو فارسي ڪتاب ”تڪملة
التڪملہ“ ۾ سنڌ ۾ فارسي شاعري جي آخري دور جي
شاعرن جي بابت هڪ وڏو رڪارڊ محفوظ ٿيل آهي.
پروفيسر حميرا ناز پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ڊاڪٽر
صاحب کي سنڌ سان عشق هو، تنهنڪري سنڌ جي تاريخ سان
به تمام گهڻي دلچسپي هئي، هن جو سنڌ جي تاريخ تي
ڪيل ڪم مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نياڻي اميمه چيو ته
ڊاڪٽر صاحب جو سنڌ جي لوڪ ادب تي ڪيل ڪم هڪ شاهڪار
جي برابر آهي جنهن تي ڊاڪٽر صاحب ڪيترن سالن تائين
ڪم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب اهو
خزانو لوڪ ادب جي 42 جلدن ۾ محفوظ نه ڪري ها ته
اسان جو ايندڙ نسل ان انمول ڄاڻ کان هميشه محروم
رهجي وڃي ها.
ان موقعي تي ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاريءَ ٺهراءُ پيش
ڪيا، جيڪي ايوان يڪراءِ منظور ڪيا. 1. حيدرآباد
شهر جو هڪ وڏو روڊ سندس نالي سان منسوب ڪيو وڃي.
2. ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي موجود بلوچ فلائي اوور
جو نالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ فلائي اوور رکيو
وڃي.
هن سيمينار جي پهرين نشست جي اسٽيج سيڪريٽري جي
ذميواري ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا انجام ڏني ۽ ٻي
نشست جي ذميواري پروفيسر تاج جويي سنڀالي، هن
موقعي تي خليل کوسي شاعري پڻ پيش ڪئي ۽ آيل مهمانن
۽ مختلف شخصيتن کي يادگار شيلڊون پڻ ڏنيون ويون.
آخر ۾ ڊاڪٽر بلوچ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر
محمد يعقوب مغل سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. |