آزاد قاضي
تاريخ ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز-1
ڀٽ
۽ ڀٽائيءَ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ورتل اوائلي
ڪوششون
ابتدائي ايامن ۾ ڀٽائيءَ جو ميلو پڻ، عام ٻهراڙيءَ
وارن پيرن جي ميلي کان مختلف ڪونه هو، اهو به ٻين
جيان عام رواجي ميلو هوندو هو، اهڙو ميلو جتي ڪيئي
شغل شوق شڪار ٿيندا هجن، اهڙي ماحول واري تصور هيٺ
ڄيٺمل پرسرام جهڙي صوفي منش جو ڀٽائيءَ جي سالياني
ميڙي لاءِ خيال ڪجهه هن ريت هو:
”لعلڻ لطيف جي ڀٽ تي، جتي محبت جا مينهن وسيا هئا،
جت روح جي شعلن واريون وِڄون وسيون هيون، جت سڪل
دليون سايون ٿينديون هيون، غيبي ڪراڙ جا ڪن ڀرپور
ٿي ويندا هئا، اُت ٻڌندو هوس ته ميلي تي شهوتي
شڪارگاهه سال بسال کڙو ٿئي ٿو، آڏيون اُبتيون
ڳالهيون انيڪ ٿين ٿيون، دل ڪين چيو ڪندي هئي ته ڪو
وڃجي.“(1)
ڀٽائي جي ڀاڻ تي ٻارهين ماهه عام ڳوٺاڻا، پيرين
پنڌ ڪهي اچي سير و تفريح ڪري، ٻهراڙيءَ واري ميلي
جو مزو ماڻي، واپس ورندا هئا. اهو ماڳ جهڙوڪر:
غريب غربي جي سالياني تفريح به هئي ته وندر به،
اميرن جو ايڏانهن نه ڪو اير نه ڀير هوندو هو، ان
وقت واري ماحول جي عڪاسي ڪندي، نامور
عالم سيد حسام الدين راشدي لکيو آهي ته:
”شاهه جي ميلي جي ڪنهن شهري مسلمان کي خبر ڪانه
هئي. ويچارا غريب غربا گڏ ٿيندا هئا، سڄي سال جا
ٿڪ ۽ ماندگيون، ٽي چار ڏينهن ميلي ۾ رهي لاهيندا
هئا، شاهه جون زيارتون ڪري، درگاهه تان دعائون
گهري، وايون ٻڌي، جليبيون ۽ کارڪان ۽ کرما کائي،
گُبتُ ۽ کنڊ ڀڳڙا، پڪي مٺائي ۽ ريوڙيون پنهنجي
ٻارن لاءِ وٺي، پکن وارن جي پکن ۾ پيهي، پٺتي پيا
موٽندا هئا، شاهه جو ميلو غريبن جي ملڪيت هو، غريب
ئي اتي وڃڻ فرض سمجهندا هئا، وڏن ماڻهن يا جن کي
معزز سمجهيو وڃي ٿو، يا قوم جي جنهن مخصوص طبقي جو
نالو ”ليڊر“ آهي، انهن جو انهيءَ طرف نه ڪو اير هو
نه ڪو ڀير، ليڊرن، حاڪمن ۽ وڏن ماڻهن کي ميلي
منجهه آڻڻ جي بدعت ته اسان جي جي.ايم.سيد سائينءَ
هاڻي پيدا ڪئي، جڏهن کيس معلوم ٿيو ته شاهه کي به
سنڌ جي سياسي ضرورتن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ميران محمد شاهه سائين به پوءِ ڪُڏي اچي تڏهن وچ ۾
ويٺو، جڏهن سياست ۽ ليڊريءَ مان کيس هر طرح فراغت
۽ فارغ البالي نصيب ٿي.“ (2)
پير صاحب قابلِ احترام محب وطن عالم ۽ سائين
جي.ايم.سيد جو شريڪ سفر هو. سندس رايو وزندار
چئبو، پر آءٌ هڪ شاگرد ۽ محقق واري حيثيت ۾ پير
صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل راءِ سان اختلاف ڪندي، ڪجهه
حقيقتون سامهون آڻڻ گهران ٿو. انهن تي نظر وجهڻ
سان اها ڳالهه پختي يقين سان چئي سگهجي ٿي ته
سائين جي.ايم.سيد، شاهه صاحب جي نالي ۽ درگاهه کي
سياسي مقصدن لاءِ نه، پر سنڌي سماج جي اصلاح،
اخلاقي سڌاري ۽ تعليمي واڌاري لاءِ سجاڳيءَ واري
ڪرڻي طور استعمال ڪرڻ پئي چاهيو. سياست ۾ ته سيد
صاحب پاڻ به پوءِ آيو. سيد صاحب، شاهه عبداللطيف
کان ته ابتدائي تعليم دوران روشناس ٿيل هو. رڳو
ايترو نه، پر ڀٽائيءَ بابت لکڻ جو پڻ تجربو رکندو
هو. اهوئي سبب آهي جو جڏهن درگاهن جي سالياني ميلن
جي موقعي تي ثقافتي ۽ سماجي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ واري
سلسلي ۾ 1932ع کان، سيد ميران محمد شاهه جي ڪوششن
سان ڀٽ شاهه کان، ان ڪم جي شروعات ڪئي ويئي. تڏهن
15- ڊسمبر 1931ع تي ميران محمد شاهه، شاهه لطيف
بابت ٿيندڙ پروگرام لاءِ سيد صاحب کي لکي موڪليو:
”شاهه عبداللطيف جي ورسيءَ تي اوهان کي ڳالهائڻو
آهي، تقرير لکي تيار ڪري اچجو.“(3) اهي ابتدائي
قدم هئا، جن جي بنياد تي پوءِ جون 1932ع ۾ سائين
جي.ايم.سيد ۽ سيد ميران محمد شاهه جي ڪوششن سان
ڀٽ شاهه تي پنجن ڏينهن جو شاندار ميلو منعقد ڪرايو
ويو. جنهن ۾ پهريون ڀيرو ڀلاري سنڌ جا ڪيئي نوان
روپ نروار ڪيا ويا. ان حوالي سان شاهه عبداللطيف
ڀٽائي کي هڪ عام پير ۽ بزرگ واري دائري مان ٻاهر
ڪڍي، عظيم محب وطن ۽ عوام دوست شاعر طور ظاهر ڪرڻ
۾، سائين جي.ايم.سيد ۽ سيد ميران محمد شاهه جو وڏو
هٿ هو.
سائين جي.ايم.سيد ۽ سيد ميران محمد شاهه، سنڌ جي
سماجي، ثقافتي ۽ علمي سرگرمين واري حوالي سان هڪ
ٻئي جا هاڙهي ڀيچي نظر اچن ٿا. انهن ٻنهي جي تعاون
سان سنڌ جا ڪيئي علمي ادبي ادارا جُڙيا، جن سنڌ جي
علمي ادبي ۽ ثقافتي سڌاري ۽ واڌاري جي حوالي سان
نمايان ڪردار ادا ڪيو. انهن ٻنهي بزرگن جي ساٿ ۽
سهڪار جي ابتدا ڀٽائي جي آسڻ تي سلام ڀرڻ سان ٿئي
ٿي.
سيد ميران محمد شاهه سان، سائين جي.ايم.سيد جي
پهرين ملاقات 1924ع ۾، سن ۾ سڏايل انجمن سادات
مٽياري ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي، جيڪا آهستي آهستي
گهرائپ واري شڪل اختيار ڪري ويئي.
سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه جي حوالي
سان هڪ هنڌ لکي ٿو:
”سياسي زندگيءَ ۾ گِهڙي ڪم ڪرڻ جو ابتدائي خيال
16- ڊسمبر 1924ع تي، مون سنڌ تعليمي ڪانفرنس جي
موقعي تي سندس دماغ تي ويهاريو. اتي ئي مهيني جي
آخر ۾ کيس سَن ۾ دعوت تي اچڻ لاءِ چيم، جتان کيس
رئيس فقير بخش خان ڪاڇي، ڀاڻوٺي سيدن، هالن جي
مخدومن ۽ ڀٽ شاهه جي پيرن سان ملاقات ۽ واقفيت
ڪرائڻ لاءِ ويس.“ (4)
اها سائين جي.ايم.سيد ۽ ميران محمد شاهه جي ڀٽ ۽
ڀٽائيءَ کان روشناس ٿيڻ جي ابتدا هئي جنهن جو
سائين جي.ايم.سيد هن ريت ذڪر ڪري ٿو:
”ڊسمبر 1924ع جي آخر ۾، برادرم ميران محمد شاهه
مرحوم ۽ آءٌ گڏجي ڀٽ شاهه تي زيارت لاءِ وياسون،
تنهن کان پوءِ ته ٻيئي سندس شيدائين جي قطار ۾
داخل ٿي وياسون.“ (5)
سائين جي.ايم.سيد ۽ سيد ميران محمد شاهه سياسي
حوالي سان مختلف طبيعتن جا مالڪ هئا، ايتريقدر جو
سندن مزاج ڪيترن ئي معاملن ۾ متضاد نظر اچي ٿو، پر
پوءِ به سندن وچ ۾ ڪو اهڙو تعلق هو، جنهن کين علمي
ادبي، ثقافتي حوالي سان هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ ڪونه
ڏنو، اهو تعلق کين پاڻ ۾ ڳنڍيو پئي آيو، اهڙي
ڪيفيت بابت سائين جي.ايم.سيد لکي ٿو:
”باوجود طبيعتن جي جدا هئڻ جي، هڪ تار ڳنڍيل هئي،
جا اسان کي آخر تائين ڳنڍيو پئي آئي، اها تار شاهه
لطيف ڀٽائيءَ جي محبت ۽ لاڳاپي جي هئي. ”وڏي وس
هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾،“ (6)
سائين جي.ايم.سيد سنڌ جي علمي ۽ ثقافتي سرگرمين جي
شروعات 1924ع کان ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ جي، جن
مختلف خاندانن جي مکيه ماڻهن سان سندس تعلقات
جُڙيا، انهن ۾ سيد ميران محمد شاهه پڻ شامل هو،
اهڙي ريت عملي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ بعد پاڻ جن
ادارن ۽ انجمنن جوڙڻ ۽ انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو
اٿس، انهن مان هڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ادبي ۽
ڪلچرل ڪم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ادارا قائم ڪرڻ آهي،
ان سلسلي ۾ پاڻ لکي ٿو:
”شاهه عبداللطيف جي ميلي تي ادبي ۽ ڪلچرل ڪانفرنس
(سڏائڻ) ۾ ميران محمد شاهه سان گڏ ڪم ڪيم.“ (7)
مٿي ذڪر ٿي آيل سيد حسام الدين راشدي واري بيان
منجهان ائين ٿو معلوم ٿو ٿئي ته ان ميڙي مچائڻ ۾
سائين جي.ايم.سيد جو ئي هٿ هو، ان ڪم جي انهيءَ ئي
شروعات ڪئي، جنهن ۾ پوءِ سيد ميران محمد شاهه به
اچي شاملِ حال ٿيو، پر ماضيءَ جا پيرا کڻندي اها
پروڙ پوي ٿي ته ان ڪم جي شروعات ڪرڻ وارو سائين
جي.ايم.سيد نه، پر سيد ميران محمد شاهه هو، جيڪو
حيدرآباد جو وڪيل ۽ پوءِ لوڪلبورڊ ضلعي حيدرآباد
جو صدر هئڻ سان گڏ، پاڻ شاهه جو عاشق ۽ علم پرور
انسان هو، ڀٽ کي آباد ڪرڻ ۽ دنيا جهان کي شاهه
عبداللطيف جي شخصيت ۽ ڪلام مان واقف ڪرائڻ وارن
ڪوششن ۾ سيد ميران محمد شاهه جو ئي وڏو ڪردار آهي،
ان ئي سائين جي.ايم.سيد ۽ ٻين شخصيتن کي ڀٽ تي
ڀيرا ڪرڻ لاءِ آمده ڪيو. البت اهو آهي ته مختلف
صوفي بزرگن ۽ ڪن نامور سياستدانن ۽ آفيسرن کي ڀٽ
جهڙي ڏورانهين، سهوليتن کان وانجهيل ويران ماڳ تي
اچڻ لاءِ سائين جي.ايم.سيد جي ذاتي تعلقاتن مان
ڀرپور فائدو ورتو ويو. علمي ادبي ڪمن جو سائين
جي.ايم.سيد پاڻ به ڪوڏيو هو. 1928ع ۾ سيد صاحب ضلع
لوڪلبورڊ ڪراچي جي سربراهه هئڻ واري حيثيت ۾، ضلعي
اندر سماجي سڌاري ۽ تعليمي واڌاري وارين سرگرمين ۾
مصروف عمل هو. ان وقت سن ۾ محال مانجهند تعليمي
تنظيمي ڪانفرنس گهرائي ويئي، جنهن ۾ ان دور جي
نامور شخصيتن جهڙوڪ: مولوي فتح محمد سيوهاڻي،
مولوي محمد صادق کڏي وارو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽
ڊاڪٽر دائودپوٽي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آيل مهمانن
سان سماجي سڌاري ۽ تعليمي ترقيءَ واري حوالي سان
سيد صاحب مختلف معاملن تي صلاح مصلحت ڪئي، جن مان
هڪ اها به هئي ته، ”سنڌ جي مکيه درگاهن جي سالياني
ميلي جي موقعي تي ثقافتي ۽ سماجي ڪانفرنسون سڏائي،
عوام جي اصلاح نفس، اخلاقي سڌاري، عام رسمن رواجن
جي بهتريءَ ۽ تعليمي ترقي لاءِ پرچار ڪيو وڃي.“(8)
سائين جي.ايم.سيد کي صوفياڻو فڪر ۽ درگاهن سان
وابستگي خانداني پس منظر طور مليل هئي. کين سماجي
اصلاح ۽ سڌاري واري اندر ۾ اڻ تڻ موجود هئي، ان ئي
تناظر ۾ پاڻ سنڌ جي سيدن کي سنڌي سماج ۾ بهتر
ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي پنهنجي خاندانن مان سماجي
برايون ختم ڪري، تعليم جي دولت سان مالامال ڪرڻ
واري ارادي سان 17- مارچ 1924ع تي مٽياري سيدن جي
ڪانفرنس سڏائي هئي، جنهن ۾ صوفياڻين روايتن جي
روشنيءَ ۾ سماجي قدرن کي برقرار رکڻ ۽ اصلاح آڻڻ
طرف زور ڏنو ويو. سادات ڪانفرنس گهرائڻ وقت سائين
جي.ايم.سيد وٽ اهو تصور هيو ته سنڌ جي سيدن ۾
اصلاح آڻڻ ۽ تعليمي ترقي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ پهريان
مٽياري ۽ پوءِ لڪياري سيدن جون ڪانفرنسون سڏائجن،
اڳتي هلي انهن ٻنهي کي گڏائي سنڌ جي سمورن سيدن کي
ان اصلاحي ڪم لاءِ گڏ ڪيو وڃي، پر سن ۾ گهرايل
پهرين مٽياري سادات ڪانفرنس ۾ ئي پير ۽ گادي نشين
صاحبان معمولي ڳالهين تان اٽڪي پيا، جيتوڻيڪ وقتي
طور معاملي کي ٺاهيو ويو، پر جن مقصدن لاءِ
ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي، انهن جي اڳتي هلي پوري
ٿيڻ جا ان وقت ئي آثار نظر ڪونه پئي آيا.
سائين جي.ايم.سيد، جيڪو دامني سخني سنڌ جي سڌاري
لاءِ محنتي ماڻهو ميڙڻ وارين ڪوششن ۾ رُڌل هو، ان
کي اهڙي صورتحال ڏاڍو مايوس ڪيو، پاڻ اهڙي مايوس
ڪن ماحول ۾ وري به ڀلاري ڀٽ ڌڻي سان رجوع ٿيڻ ۽
رهبري حاصل ڪرڻ لاءِ 30- ڊسمبر 1924ع تي، ڀٽائي جي
درگاهه تي خاص مقصد ذهن ۾ رکي حاضري ڀرڻ ويو، ان
موقعي تي دعا ۾ حضرت شاهه عبداللطيف کي مخاطب
ٿيندي عرض ڪيائين ته:
”خدا جا پيارا بزرگ، درگاهه خداونديءَ مان منهنجي
هيٺين مقاصد جي حصول لاءِ دعا گهر:
(1) دنيا جي ظاهري جداجدا مذهبن ۾ بنيادي طرح وحدت
سمايل آهي، جنهن جو مقصد انسانذات ۾ محبت، اتحاد،
سک، سلامتي آڻڻ آهي. انهيءَ حقيقي سبق کي وساري
ماڻهو فرقه بندي ۾ ورهائجي ويا آهن. جنهنڪري دنيا
۾ نفاق ۽ فساد پکڙجي ويو آهي، تو ڪثرت پويان وحدت
ڏسي ان جو پرچار ڪيو آهي. مون کي توفيق ڏياراءِ ته
انهيءَ راهه تي هلي محبت ۽ امن جو آواز ڪڍندو
رهان.
(2) دنيا جي مغربي ملڪن جون قومون استعمال غرضي
خاطر مشرق جي ڪمزور قومن کي غلام رکيو ويٺيون آهن،
مساوات ۽ آزادي هر فرد ۽ قوم جي جنم جو حق آهي، تو
مارئي جي عمر جي قيد مان آزاد ٿيڻ جون دعائون
گهريون آهن، هي ڪروڙها ماڻهو ڏاڍ ۽ ظلم جي چنبي ۾
گرفتار آهن تن جي آزادي لاءِ دعا گهر ۽ مون کي
درگاهه الاهي مان دعا گهري طاقت عطا ڪراءِ ته ڏاڍ
۽ ظلم خلاف لڙندو رهان.
(3) انساني عقل هزارها سالن جي مسلسل ڳولا ۽ کوجنا
جي باوجود ڪائنات جي اونهن اسرارن، حقيقي رازن ۽
صحيح حقيقت پوريءَ طرح معلوم ڪري نه سگهيو آهي،
اڃا منڊي ماڪوڙي وانگر کوهه مان اُڀ پيو ڪڇي، آءُ
راهه حقيقت جو ڳولائو آهيان، مون کي حقيقي مال مان
ماسو هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪر.
(4) دنيا امن جي عيوض مختلف ملڪن ۽ قومن جي باهمي
اختلاف جو آکاڙو بنيل آهي، تو سڀ عالم آباد ٿيڻ،
سنگهارن جي سرهي رهڻ لاءِ دعائون گهريون آهن، مون
کي توفيق عطا ڪراءِ ته دنيا جي اتحاد، امن ۽ سک
لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهان. جيئن ماڻهو هڪ نظام ۾
شريڪ ٿي صحيح بين الاقوامي ادارو قائم ڪن.
(5) دعا گهر ته آءٌ مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي حصول
لاءِ جتي وڃان آواز اٿاريندو رهان، جيستائين جيئرو
هجان انهي اصولن تي قائم رهان. تو سنڌ جي سرسبز
ٿيڻ لاءِ دعا گهري آهي، اها ڪافي نه آهي هرهڪ
سنڌيءَ کي مذڪور بالامقصدن تي هلڻ لاءِ دعا
گهر.“(9)
سائين جي.ايم.سيد ڀٽائيءَ جي بارگاهه ۾ جيڪا دعا
گهري ان جو مفهوم اهوئي پئي نڪتو ته، سائين
جي.ايم.سيد، شاهه صاحب کي نه رڳو سنڌ جي سنوار
سڌار، پر انسانذات جي بهتريءَ لاءِ رهنما ۽ رهبر
تصور پئي ڪيو، اهڙي تصور هيٺ حضرت شاهه عبداللطيف
جي فن فڪر ۽ پيغام کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪنهن اهڙي
تحريڪ جي ضرورت هئي، جنهن سان مسلسل ۽ مربوط طريقي
سان شاهه صاحب بابت مختلف حوالن سان ڪم ڪار ٿيندو
رهي. اهڙن ئي ويچارن هيٺ جڏهن 1928ع واري محال
مانجهند تعليمي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مختلف درگاهن تي
سماجي اصلاح لاءِ جلسا سڏائڻ وارو خيال پاس ٿيو،
تڏهن ان ٺهراءَ جي پوئواري طور سيد ميران محمد
شاهه ضلعي لوڪلبورڊ حيدرآباد جي سربراهه هئڻ واري
حيثيت ۾ شاهه عبداللطيف جي ميلي واري حوالي سان
دلچسپي وٺي 18- جون کان 22- جون واري پروگرام جون
تياريون ڪيون. سائين جي.ايم.سيد مٽياري ساداتن
واري ڪانفرنس سڏائڻ واري سلسلي ۾ ڪئي بار ڀٽ شاهه
جي سجادن سان ملڻ لاءِ وڃي چڪو هو. اهو ميران محمد
شاهه سان هر طرح مددگار ٿي بيٺو. اهڙي ريت ڪجهه
صوفي منش، سماجي خدمتگارن پاران ڀٽائيءَ جي سڃاڻپ
واري ڳولا جو هي سفر شروع ڪيو ويو. اڳتي هلي سندن
اهڙين مخلصانه ڪوششن جي نتيجي ۾ مختلف نوعيت جون
ڪانفرنسون گهرايون ويون، جن ۾ مکيه ادبي ڪانفرنس،
صوفي رهاڻ، صوفياڻي راڳ جون مجلسون، تعليمي ترقيءَ
لاءِ ڪانفرنسون شامل هيون. ان سلسلي م 18- جون کان
22- 1932ع تي ٿيل 5 ڏينهن وارو مختلف ڪانفرنسن تي
مشتمل ميلو تاريخي يادگار طور ياد ڪيو ويندو.
اهوئي پروگرام هو جنهن ڄيٺمل پرسرام جي ڀٽ تي
ٿيندڙ عام رواجي ميلي واري تصور کي تبديل ڪري
ڇڏيو. ان موقعي تي ڄيٺمل پرسرام ڀٽ تان ڀيرو ڪرڻ
کان پوءِ لکيو:
”هن سال دوست ميان ميران محمد شاهه جو سڏ تکو ۽
اثر وارو ٿيو، منهنجي دوست ميان غلام مرتضيٰ شاهه
به ڇڪ ڪئي، چيائون ته لطيف تي نئين ريت ٿا ميلو
لڳايون، ’ڇورين جا ڇال‘ بند ڪرائي ڇڏبا، نفس جي
فرد کي ڪجهه روڪڻ جو اُپاءُ وٺبو، صوفي لعل لطيف
جي ميڙي تي ڪجهه سوديشي جو به پرچار ڪبو، هلو ته
هلون.“(10)
اهڙو متاثر ڪندڙ پُراثر پروگرام ڪرڻ لاءِ ميران
محمد شاهه کي ڏينهن جا ڏينهن مسلسل محنت ڪرڻي
پيئي، ان پروگرام جي تيارين جي سلسلي ۾ سيد ميران
محمد شاهه 4- جون 1932ع تي سائين جي.ايم.سيد کي
لکي ٿو:
”تجويز آهي ته ”سنڌ جي ڪلچر ۽ زندگيءَ تي صوفي
مَتي جو اثر“ جي عنوان تي شاهه عبداللطيف جي ميلي
تي ليڪچر ڪرائجن. اوهان کي عرض ڪجي ٿو ته سنڌي
اديبن ۽ روحاني رمزن کي سمجهڻ وارن صاحبن کي ميلي
تي اچڻ لاءِ دعوت ڏيندا. ان موقعي تي صوفي ڪانفرنس
سڏائڻ جي تجويز رٿيل آهي، جتي بهترين اديب ۽ درويش
خيال جا ماڻهو ڪٺا ڪرڻ جي مراد اٿئون.“ (11)
ان حوالي سان جن صوفي منش اديبن جي گهرائڻ جو
ارادو هون، انهن بابت سيد ميران محمد شاهه، سائين
جي.ايم.سيد کي لکي ٿو:
”هيٺين ماڻهن جي مدد گهري اٿئون.
(1) غلام مرتضيٰ شاهه، (2) ڊاڪٽر گربخشاڻي، (3)
ڄيٺمل پرسرام، (4) لعل چند امرڏنومل، (5) منگهارام
ٽهلراماڻي، (6) صوفي عبدالستار صاحب، جهوڪ، (7)
صوفي روشن الدين ڍورو نارو، (8) نواب غلام حيدر
خان صاحب، تاجپور“ (12)
ڀٽ کي متعارف ڪرائڻ ۽ ادبي ميڙا مچائي هڪ رواجي
ميڙي منجهان سنڌ جي ٿقافتي ورثي وارو درجو ڏيارڻ ۽
ان حوالي سان سنڌي ثقافت وارن مڙني جزن کي اجاگر
ڪري دنيا وارن اڳيان پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ سائين جي.
ايم. سيد ۽ سيد ميران محمد شاهه جو بنيادي هٿ ۽ بي
پناهه محنت شامل نظر اچي رهي آهي. اتفاق سان اهڙي
محنت ڪندڙ ٻنهي شخصن جو تعلق ادبي ۽ سماجي سرگرمين
سان گڏ سياسي مسئلن سان پڻ هو. ان جي باوجود هو
ثقافتي سرگرمين کي هڪ خاص مقصد (Vision) جي
مدنظر جاري رکندا پئي آيا اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مرتبي کان دنيا وارن
کي متعارف ڪرائڻ وارين ابتدائي ڪوششن واري احوال ۾
به سائين جي.ايم. سيد ۽ سيد ميران محمد شاهه جو
نمايان ذڪر ملي ٿو. اهي ٻئي سموري ڪاڄ جا ڪانڌي
هئا، جن پوءِ مختلف ڌرين کان وقت بوقت مدد وٺي
ميڙا مچايا. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي وسيع تصور
واري جيڪا اعليٰ عمارت جُڙي اها انهن ئي ابتدائي
ڪوششن جو نتيجو آهي هڪڙن تصور ڏنو، ٻين تعمير ڪئي،
اڄوڪو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز انهن مڙني محبن جي
محنتن جي ميراث آهي.
سيد ميران محمد شاهه 1925ع ۾ حيدرآباد
ميونسپالٽيءَ جي ميمبر چونڊجڻ ۽ ساڳي سال ڊسٽرڪٽ
لوڪل بورڊ ۽ اسڪول بورڊ حيدرآباد جو چيئرمن مقرر
ٿيڻ سان پنهنجي سماجي ثقافتي ۽ علمي سرگرمين جي
باقاعدگيءَ سان شروعات ڪري چڪو هو. اتي ڪم ڪندي
1929ع ۾ جڏهن حيدرآباد ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ
چونڊيو، تڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي سمجهڻ ۽
سندس پيغام کي عام ڪرڻ جي سلسلي ۾ ان جو شوق وڌيڪ
تيز ٿيو. ان ئي جذبي تحت، لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ
هئڻ واري حيثيت ۾ ميران محمد شاهه پهريون ڀيرو
1932ع ۾ مکيه شاهراهه کان ڀٽ شاهه تائين ڪچي سڙڪ
تعمير ڪرائي ۽ ميلي کي جديد انداز ۾ منظم ڪرڻ جو
بنياد وڌائين. جنهن تحت اڳتي هلي سوسائٽيءَ جو
بنياد وجهي ان کي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ورتائين،
گڏوگڏ ڀٽ تي باقاعدگيءَ سان، ساليانه ڀيرو ڏيڻ جو
رواج وڌائين، ان سلسلي ۾ 15- ڊسمبر 1931ع تي سائين
جي.ايم.سيد کي لکي ٿو:
”آءٌ هن سان گڏ شاهه جي عرس واري ڏينهن تي ٿيندڙ
جلسي جو پروگرام موڪلي رهيو آهيان، ان ڏينهن شاهه
صاحب تي ڳالهائڻ لاءِ اوهان کي چونڊيو ويو آهي،
مهرباني ڪري مون کي ڳالهائڻ واري موضوع کان واقف
ڪندا، بهتر اهو ٿيندو ته اوهان پنهنجي تقرير لکي
اچو، جيڪا پوءِ سوسائٽيءَ جي رڪارڊ ۾ رکي ويندي،
مهرباني ڪري پهچ ڏيندا.“ (13)
ڀٽ شاهه تي ميڙو مچائڻ جي سلسلي ۾ سيد ميران محمد
شاهه مختلف حوالن سان تياري شروع ڪري ڏني، اهڙين
ئي سرگرمين بابت معلومات ڏيندي 31- ڊسمبر 1931ع تي
سائين جي.ايم.سيد کي لکي ٿو:
”رات انجمن ادبيءَ جي زير سهاري مشاعرو ٿي گذريو،
نهايت مزيدار وقت گذريو، اسان جا ڪي نوجوان شاعر
تمام تکا ٿيندا وڃن. اميد ته شاهه عبداللطيف جي
سالگره 2- جنوري تي تشريف فرما ٿيندا. جلسو وڏي
پيماني تي ڪنداسون، اوهان کي تقرير ڪرڻي پوندي
انجمن پاران دعوت ملي چڪي هوندي.
اوهان جي طرف جو فقير به آڻجو، ڄيٺمل کي لکجو ته
اچي، ٻين ڪراچيءَ ۾ رهندڙ علم دوست اصحابن، هندن
خواهه مسلمانن جا نالا موڪليو ته دعوت لکون،
سنتداس مدد جو انجام ڪيو آهي.“ (14)
مٿئين خط ۾ 2- جنوري تي شاهه عبداللطيف جي سالگره
طرف اشارو ڪيو ويو آهي، اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته ان
سال شاهه صاحب جي حوالي سان ٻه پروگرام ٿيا، هڪڙو
سندن سالگره جيڪو جنوري ۾ ٿيو ۽ ٻيو 18- جون کان
22- جون تائين شاهه صاحب جي حوالي سان منعقد ڪيل
ميلي جو پروگرام هو. سائين جي.ايم.سيد جيئن ته
سڀني پروگرامن ۾ ميران محمد شاهه جو صلاحڪار ۽
مددگار هو. انڪري هر مسئلي بابت هو سائين
جي.ايم.سيد کي آگاهه ڪندو رهندو هو، ڀٽ شاهه تي
جون واري رٿيل گهڻ رُخي پروگرام بابت سيد ميران
محمد شاهه کي انديشو هو ته اهڙي ڪوشش سبب ڀٽ شاهه
جا پير صاحب ناراض ٿيندا. ميران محمد شاهه جي اهڙن
انديشن بابت سائين جي.ايم.سيد 19- مئي 1932ع تي
يادگيرين واري بُڪ ۾ هن ريت ذڪر ڪيو آهي:
”سيد ميران محمد شاهه لکي ٿو: شاهه عبداللطيف جي
ورسي ملهائڻ لاءِ ادبي ڪانفرنس واسطي ميدان ڏسي
آيو آهيان، کيس ڊپ هو ته پير ڀٽائي شايد ناراض
ٿيندا، پر کيس اميد هئي ته هو کين سمجهائي باز
آڻيندو.“(15)
ان ميلي جي پروگرامن بابت سيد ميران محمد شاهه،
سائين جي.ايم.سيد کي 8- جون 1932ع واري خط ۾ لکيو:
”بمبئي وڃڻ لاءِ ٻڏان اپڙان پيو، جو ميلو شاهه جو
18 کان شروع آهي، منهنجو غير حاضر رهڻ چڱو نه ٿو
لڳي.... ميلي جو پرچار شروع ڪيو اٿم، پر رڪاوٽون
رستي ۾ گهڻيون آهن، لوڪلبورڊ ميمبرن ۽ عملي مان
ڪوبه سچو مددگار ڪونهي. بهرحال آءٌ پنهنجي ڪوشش
پيو ڪريان، آئينده مالڪ مهربان آهي.“(16)
سائين جي.ايم.سيد کان مدد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾
ميران محمد شاهه کيس وڌيڪ لکي ٿو:
”اوهان جي مدد هيٺين ريت گهرجي:
(1) راڳ لاءِ ڪي ڳائڻان ۽ ساز وارا
(2) صوفي مجلس لاءِ ڪي Intellectuals جي
تصوف تي روشني وجهن.
(3) ته بوبڪن مان ڪي غاليچن جا نمونا، ته نمائش ۾
رکيا وڃن، وڪڻي انهن جا پيسا مالڪ کي موڪليا
ويندا، خاص ماڻهو به موڪلي بوبڪن مان غاليچا
گهرائي ڏيو. اهو ڪم اوهان جي ذمي آهي، نه ته سائين
فقير بخش خان وٽ ٻه نمايي آهن سي نموني طور نمائش
۾ وٺي موڪليندا، جي اصل وڪري لاءِ نه ملن ته.“(17)
اهڙي طرح ميلي جي گهڻ پاسائن ڪمن ڪارين سبب ميران
محمد شاهه پنهنجا ٻيا پروگرام ملتوي ڪندي 11- جون
1932ع تي سائين جي.ايم.سيد کي لکي ٿو:
”بمبئيءَ وڃي ڪونه ٿو سگهان، ڀٽ شاهه جي ميلي جو
ڪم گهڻو آهي..... لوڪل بورڊ -/400 رپيا منظور ڪيا
آهن، اوهين مدد ڪرائيندا.“ (18)
ڪم جي سموري نظرداري ۽ جوابداري سيد ميران محمد
شاهه پاڻ تي کنئي هئي، سائين جي.ايم.سيد جا دوست ۽
لڳ لاڳاپي وارا سندس سهڪاري هئا، انڪري ميران محمد
شاهه سموري چرپر کان سائين جي.ايم.سيد کي وقت بوقت
آگاهه ڪندي نظر اچي ٿو. ميلي جي تياريءَ وارن ڪمن
جي سلسلي ۾ 14- جون 1932ع تي سائين جي.ايم.سيد کي
لکي ٿو:
”ڪالهه ٽيلراماڻي ۽ ڊاڪٽر ڏيارام سان گڏجي، شاهه
ڀٽ تي ويس، انهن سرزمين ڏٺي ۽ بوٿ(Boothes) اڏڻ
شروع ڪيا اٿن، ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي ڊيليگيٽن جي
ڪئمپ ٿيندي.“(19)
ڀٽ جهڙي ويران وستيءَ ۾ اهو انتظام ٿيڻ ڪو سولو ڪم
ڪونه هو، سو به اهڙي حالت ۾ جڏهن وسيلا به پورا نه
هجن ۽ سفر توڙي رهائش جا ذريعا به محدود هجن، اهڙي
حالت ۾ سواءِ ذاتي لڳ لاڳاپن استعمال ڪرڻ جي، ٻيو
ڪو چارو نه ڏسي، ميران محمد شاهه ڀٽ شاهه جي پس
گردائيءَ ۾ واسطيدارن کان سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ، در
در ڪهي ويو. اهڙي ڪيل ڪوشش جي خبر ڏيندي، سائين جي.ايم.سيد
کي لکي ٿو:
”اڄ هالن ۾ مخدوم غلام حيدر صاحب وٽ مدد لاءِ آيو
آهيان، هن تنبن ۽ ڪجهه فرينچر جي ڏيڻ جو انجام ڪيو
آهي، 30 مزدور به ڏيندو، جن کي ماني اسين
کارائينداسون..... ڌڻي بخش شاهه ڀاڻوٺيءَ کي چوندا
ته اتان ڪي ڪم ڪار لاءِ ماڻهو آڻي. ڄاموٽ محمد علي
شاهه ڪجهه راڳيندڙ آڻڻ جو واعدو ڪيو آهي.“ (20)
اهڙي ريت سيد ميران محمد شاهه ڪانفرنس جي انتظامن
واري حوالي سان ڪارگذاريءَ جو تفصيل پيش ڪرڻ بعد،
سائين جي.ايم.سيد کي واڌو ڪمن ڪارين بابت سمجهاڻي
ڏيندي لکي ٿو ته:
”آءٌ اڄ حيدرآباد موٽي وڃان ٿو، وري 17 تاريخ ڀٽ
تي ايندس. اوهين ان تاريخ تي اتي ايندا ته ڪم جي
سرانجامي ڪري سگهون. تنهنجو هئڻ نهايت ضروري
آهي.... تون ۽ ڄاموٽ، راڳ جي مجلس جو انتظام ڪندا.
اسان جي ادبي سوسائٽي، صوفي مجلس ۽ تصوف تي تقريرن
جو انتظام ڪندي. پنڊال اڏي رهيا آهيون، ٽهلراماڻي
اليڪٽرڪ سٽي ۽ لائوڊ اسپيڪرن جو انتظام ڪندو، جلد
اچ، سخت ڪوشش وٺ، شاهه لطيف جي ميلي کي ڪامياب
بنائڻ لاءِ اچي شريڪ ٿيءُ.“ (21)
مٿي ذڪر ڪيل هڪ خط ۾ ميلي جي پروگرامن واري حوالي
سان جن گهڻن ڪمن طرف اشارو ڪيو ويو آهي، انهن جي
نشاندهي اُن ليٽر پيڊ واري پني
تي شايع ٿيل پروگرام مان بخوبي ٿئي ٿو، جنهن جو
تفصيل هن ريت آهي:
1- (ميلي
جي موقعي تي) بازار جي، صحت جي نقطه نگاهه کان
جوڙجڪ ڪرائڻ
2- زرعي
نمائش جو انتظام ڪرائڻ
3- سوديشي
نمائش جو انتظام ڪرائڻ
4- مڪاني
هنرن جي نمائش ڪرائڻ
5- ڪوآپريٽو
ڪانفرنس جي نمائش ڪرائڻ
6- زمينداري
ڪانفرنس جي نمائش ڪرائڻ
7- عڪس،
بتيءَ ذريعي صحت کاتي جو پرچار ڪرڻ
8- اسڪولي
شاگردن جو، تعليم لاءِ پرچار ڪرڻ
9- صوفي
مجلس سڏائڻ
10-راڳ
۽ ساز جي مجلس ڪوٺائڻ. (22)
شاهه جي ميڙي کي مچائڻ ۽ ڀٽ جي اهميت کي دنيا وارن
اڳيان متعارف ڪرائڻ جون اهي ابتدائي ڪوششون هيون،
جن ۾ نه رڳو حضرت شاهه عبداللطيف جي شخصيت ۽ ڪلام
جي مختلف پهلوئن کي ظاهر ڪيو پئي ويو، بلڪ سنڌ جي
ڌار ڌار ثقافتي رنگن کي پڻ متعارف ڪرائي، مڃائڻ جي
ڪوشش ڪئي ويئي، ڀٽ جهڙي ويران وستيءَ ۾ اهو پهريون
جديد نوعيت وارو ميڙ هو. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف
مسلمان اديبن ۽ شاعرن کانسواءِ ڪيئي غير مسلم اديب
پڻ شوق سان شريڪ ٿيا، ان سلسلي ۾ سائين جي.ايم.سيد
لکي ٿو:
”ڪراچي مان 40 کن مرد ۽ عورتون ان ۾ شريڪ ٿيا هئا،
جن ۾ ڄيٺمل پرسرام، لعل چند امرڏنومل، منگهارام
ٽهلراماڻي، پرنسپال گوڪلي وغيره، ڄاموٽ محمد علي
شاهه، مخدوم ميان غلام حيدر ۽ مون مڪاني طرح ڪم ۾
مدد ڪئي.“(23)
آخرڪار اهو پروگرام ٿيو، ان ڏينهن واري نظاري جي
منظرڪشي ڪندي سائين جي.ايم.سيد هن ريت لکي ٿو:
”ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي تنبو لڳي ويا هئا، اديبن
شاعرن ۽ صوفين جو چڱو تعداد ڪٺو ٿيل هو، ٻه ٽي
ڏينهن چڱي موج لڳي.“ (24)
سيد ميران محمد شاهه جي دلي لڳاءَ ۽ ابتدائي ڪوششن
جا اهي اوائلي آثار آهن، ان نوعيت واري لڳايل چڻنگ
جي دونهي دکندي پئي رهي، جو 1940ع ۾ سنڌ سرڪار جي
تعليم واري وزارت سائين جي.ايم.سيد جي حصي ۾ آئي،
ان مان قومي فائدو وٺندي ٻين ڪيترن ئي ڪمن مان
هڪڙو، سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ بورڊ
جوڙائڻ وارو ڪم پڻ سرانجام ڏنائين، جنهن جي چيئرمن
ٿيڻ جو پکو به سيد ميران محمد شاهه جي نانءُ نڪتو.
اهڙي ريت سائين جي. ايم. سيد کي سيد ميران محمد
شاهه جهڙو مخلص دوست، سنڌي ادب ۽ ثقافت جي واڌاري
۽ سڌاري واسطي ڪم ڪرڻ لاءِ ملي ويو ته سائين جي.
ايم. سيد جا سياسي توڙي سماجي لڳ لاڳاپا سيد ميران
محمد شاهه جي سهڪار سان سنڌي ادب ۽ ثقافت جي
بهتريءَ لاءِ ڪم اچڻ لڳا. هاڻ سيد ميران محمد شاهه
هڪ ئي وقت سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ جو چيئرمين ۽
شاهه عبداللطيف جي ساليانه ميلي ۽ بين ثقافتي
سرگرمين جي سربراهه طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان ٻٽي
فرض منسبيءَ جو فائدو وٺندي. هن سنڌي ادب جي
واڌاري ۽ سڌاري لاءِ وجود ۾ آيل ان نئين بورڊ جي
21- آڪٽوبر 1940ع واري اجلاس ۾ هڪ سب ڪاميٽي مقرر
ڪرائي، جنهن کي صلاح مصلحت سان اها رٿ تيار ڪرڻ
لاءِ چيو ويو، ته سنڌ جي ناميارن شاعرن، بزرگن ۽
عالمن جا ٻارهن ماهي (ساليانا) جلسا ڪرايا وڃن،
انهيءَ سبب ڪاميٽيءَ جي پيش ڪيل رپورٽ، بورڊ
پنهنجي 19 فيبروري 1941ع واري اجلاس ۾ بحال ڪئي.
ان خير جي ڪم جي شروعات غالباً شاهه عبداللطيف جي
ڀلاري ڏينهن ملهائڻ سان ڪئي ويئي، ان لاءِ فيصلو
ڪيو ويو ته مارچ 1941ع جي 12 ۽ 13 تاريخ تي
ڪراچيءَ جي سر ليسلي ولسن هاسٽل ۾ اهڙي ڪانفرنس
ڪوٺائي وڃي، اها ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ڪن اڻٽر
سببن ڪري، سر ليسلي ولسن هاسٽل بجاءِ، خالقڏنو هال
ڪراچي ۾ وڏي اهتمام سان ٿي، جنهن ۾ پڙهيل مواد کي
پوءِ ”ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف جي ورسي“ عنوان
هيٺ ڪتابڙي جي شڪل ۾ شايع ڪيو ويو.
سنڌي ادب جي سڌاري ۽ واڌاري واري صلاحڪار بورڊ جي
رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته، ان وقت کان وٺي سنڌي
ادبي بورڊ، ڀٽائيءَ جو ساليانو پروگرام باقاعدگيءَ
سان ڪرائيندو پئي رهيو. پر انهن مان ڪي چند وڏا
پروگرام ذڪر هيٺ اچي سگهيا آهن، باقي ٻين جا نشان
زماني جي گردش سبب سلامت ڪونه رهي سگهيا. اهڙن
مکيه پروگرامن مان هڪڙو پروگرام 28- جنوري 1947ع
تي ڪراچيءَ جي ٿياسافيڪل لاج ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڄيٺمل
پرسرام ۽ مولوي عبدالڪريم چشتي خيالن جو اظهار
ڪيو، جڏهن ته جلسي جي ڪارروائي بورڊ جي چيئرمن سيد
ميران محمد شاهه هلائي هئي.
شاهه لطيف يادگار ڪميٽي
1947ع ۾ ملڪي حالتون افراتفريءَ واريون هيون، ان
جا علمي ادبي ماحول تي پڻ خراب اثر پيا، ان جي
باوجود شاهه عبداللطيف جي پانڌيئڙن پير پوئتي ڪونه
ڪيو.
شاهه عبداللطيف بابت مربوط نوعيت وارين ابتدائي
ڪوششن تحت جيڪي ساليانه ننڍا وڏا پروگرام ٿيندا
پئي رهيا، اهڙن ابتدائي پروگرامن جي نتيجي م ان
خيال جنم ورتو هو ته شاهه عبداللطيف جي فڪر کي گهڻ
رخي انداز م عام ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو ادارو وجود ۾
آندو وڃي، دراصل ’شاه عبداللطيف ميموريل ڪميٽي‘
انهن ابتدائي ڪوششن ۽ تصورن جو نتيجو هئي.
شاهه عبداللطيف جو عاشق پيرزادو عبدالستار سيپٽمبر
1947ع کان ڊسمبر 1947ع تائين اقوامِ متحده ۾
پاڪستان طرفان موڪليل نمائنده ۾ شامل رهيو، اتان
واپس ٿيڻ کان پوءِ جڏهن کيس مرڪزي حڪومت پاڪستان
۾، خوراڪ، زراعت ۽ صحت جا کاتا ڏيئي وزير بنايو
ويو ته ان وقت 1948ع ۾ ”ڊوميڊيڪل ڪاليج“ ۾ سيد
ميران محمد شاهه جي صدارت هيٺ ”شاهه لطيف جو ڏينهن
ملهائڻ لاءِ هڪ ادبي گڏجاڻي سڏائي ويئي، جنهن ۾
”شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ“ جو بنياد وڌو ويو. ان
جو چيئرمين سيد ميران محمد شاهه ۽ آغا تاج محمد
(جيڪو پيرزادي عبدالستار جو ٻنڌڻن جو يارهو) کي
جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ شامل شاهه
عبداللطيف جي عاشقن پيش ڪيل رٿ جي روشنيءَ ۾ مربوط
قسم جو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. باضابطه اداري قائم
ڪرڻ لاءِ سرڪار سان ڪاغذي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.
ان ڪاميٽيءَ ۾ پيرزادي عبدالستار کي معزز ممبر طور
کنيو ويو. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي، 9- مارچ 1948ع
تي سائين ميران محمد شاهه پيرزادي عبدالستار کي
”شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽيءَ“ جي مسئلن بابت خط لکيو
۽ ان جي ڪاپي سائين جي.ايم.سيد صاحب ڏانهن
موڪليندي، کيس 9- مارچ 1948ع واري خط ۾ تاڪيد ڪيو
ته ”سيد صاحب، پيرزادي عبدالستار کي شاهه لطيف
ڪلچرل ڪاميٽي جي جلد ميٽنگ سڏائڻ لاءِ تاڪيد ڪري.“
(25)
ميران محمد شاهه جي انهن ڪوششن رنگ لاتو، پيرزادي
صاحب آخرڪار ميٽنگ سڏائي، ان جو مکيه محرڪ جيئن ته
ميران محمد شاهه هو، انڪري خط رستي ان ميٽنگ جو
اطلاع ڏيندي، سائين جي.ايم.سيد کي لکي ٿو:
”لطيف ڪلچرل سينٽر“ جي ميٽنگ 14- اپريل تي ساڍي
پنجين بجي، ڪراچيءَ ۾ رکي آهي، اوهين ميٽنگ ۾ ضرور
شريڪ ٿيندا، اها ميٽنگ ملتوي ٿي ته ڪم رهجي
ويندو.“(26)
شاهه عبداللطيف جي فڪر کي فروغ ڏيڻ لاءِ، ادارو
قائم ڪرڻ واري حوالي سان شاهه لطيف يادگار ڪميٽي
جي بنياد تان ٻن سالن تائين سرڪار سان لکپڙهه ڪئي
ويئي. آخرڪار 1949ع ۾ شاهه عبداللطيف ميموريل
ڪميٽي نالي ادارو وجود ۾ آڻائي لطيفي لات جي تات
واري تنوار کي اداري تحت هلائڻ ۽ ترقي وٺائي، اڳتي
وڌائڻ واري ڪوشش جي شروعات ٿي. اهڙي طرح سيد ميران
محمد شاهه جي بقول:
”1949ع ۾ اسان پنهنجي ڪارگذارين کي ڀٽ شاهه طرف
منتقل ڪيو.“(27)
ان ئي دور ۾ سيد ميران محمد شاهه کي PWD جي
وزارت ملي هئي، ان عهدي جو فائدو وٺندي ڀٽ شاهه
لاءِ اڳ ڊهرايل ڪچي سڙڪ کي پڪي روڊ ۾ تبديل ڪرائي
ڇڏيائين.
شاهه لطيف يادگار ڪاميٽيءَ جي حوالي سان شاهه لطيف
جا ڏهاڙا ملهائڻ ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي وجود ۾
آڻڻ لاءِ اهي اوائلي ڪوششون هيون، جن کي 1950ع
ڌاري باقاعده هڪ شڪل ڏني ويئي، اهو انڪري ٿي سگهيو
جو ان وقت ”شاهه لطيف يادگار ڪاميٽيءَ جي چيئرمن
سيد ميران محمد شاهه، سنڌي ادبي بورڊ جو پڻ چيئرمن
هيو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار آغا تاج
محمد ”لطيف سالگرهه ڪميٽي“ جي سيڪريٽري جا فرائض
سرانجام پئي ڏنا ۽ سائين جي.ايم.سيد جهڙي سنڌي علم
و ادب سان چاهه رکندڙ قدآور سياسي شخصيت، دامني
سخني سيد ميران محمد شاهه سان مڪمل سهڪار۾ هئي،
جنهن جا ٻين سياستدانن سان گڏ پيرزادي عبدالستار
سان سنڌ اسيمبليءَ جي وجود ۾ اچڻ واري وقت کان وٺي
سٺا تعلقات هئا. سائين جي.ايم.سيد انهن تعلقاتن کي
سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني استعمال
ڪيو. اهڙي ريت پير حسام الدين راشديءَ جي لفظن ۾:
”سڀ کان پهريون جي.ايم.سيد سائين پاڻ ميلي ۾، منزل
انداز ٿيو، پوءِ پيرزادي عبدالستار کي بمعه بيگم
صاحبه جي آندائين. ڇاڪاڻ ته هو چيف منسٽر هو، چيف
منسٽر جو نزول ٿيو، ته ان جي اعزاز ۾ ڪامورن اچي
ڪيمپان هنيون ۽ پوليس عملدارن به اچي خيما
کوڙيا.“(28)
شاهه لطيف جا ڏهاڙا ملهائڻ لاءِ سائين جي.ايم.سيد
۽ سيد ميران محمد شاهه جي ڪيل گڏيل جدوجهد جو
اندازو 20- نومبر 1950ع تي سائين جي.ايم.سيد کي
ميران محمد شاهه طرفان لکيل خط مان ٿئي ٿو سائين
جي.ايم.سيد کي لکي ٿو:
”جڏهن تون حيدرآباد آيو هئين، مون توسان شاهه لطيف
جي ورسيءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ گفتگو ڪئي هئي،
وري به عرض ڪندس ته 25-26- نومبر تي ڀٽ شاهه تي
ضرور اچج، جيترا به شاهه لطيف جا راڳ ڄاڻندڙ ڳائڻا
ملي سگهن، سي پاڻ سان وٺيو اچج. خاص ڪري حافظ
اسحاق ۽ سندس پارٽيءَ کي ضرور آڻج. جيڪڏهن ڪو اهڙو
ماڻهو سُجهئي جو شاهه جي ڪلام ۽ فلاسافيءَ تي
ڳالهائي سگهي ته ان کي وٺيو اچج. سڀني مهمانن لاءِ
ڀٽ شاهه تائين سواري، رهڻ ۽ کاڌي جو انتظام رکيو
ويو آهي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل کي ان جي چارج ڏنل
آهي.... مهرباني ڪري احوال موڪلج ته ڪڏهن ايندين ۽
ڪير پاڻ سان آڻي رهيو آهين، پنهنجي تقرير لکيو
اچج.“(29)
حوالا
(1) ڄيٺمل
پرسرام، ڀٽ شاهه، ماهوار سنڌو، شام سندر پريس، لکي
گيٽ، شڪارپور، ص 173
(2) راشدي،
حسام الدين، هوڏوٿي هوڏينهن 1977ع سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد، ص 29
(3) سيد،
جي.ايم رهاڻ، 1978ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ص
60
(4) ساڳيو،
حوالو، ص 4
(5) سيد،
جي.ايم، شاهه جون وايون ۽ ڪافيون، 1968ع، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص 23
(6) سيد،
جي.ايم، رهاڻ، 1978ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ص
15
(7) سيد،
جي.ايم، ديارِ دل ۽ داستان محبت، ورلي، ص 151
(8) سيد،
جي.ايم، محال مانجهندن جو تعلقي، تنظيمي پروگرام،
ص 37.
(9) سيد،
جي.ايم، ديارِ دل ۽ داستان محبت، ساڳيو حوالو، ص
38
(10) گلراجاڻي،
ڄيٺمل پرسرام، ڀٽ شاهه، ماهوار سنڌو ساڳيو حوالو،
ص 173
(11)سيد،
جي.ايم، رهاڻ، 1978ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص
62
(12) ساڳيو
حوالو، ص 62
(13) ميران
محمد شاهه جي خطن جو فائيل، جي.ايم.سيد لائبريري
سن
(14) ميران
محمد شاهه جي خطن جو فائيل، جي.ايم.سيد لائبريري
سن
(15) سيد،
جي.ايم، ياداشت نوٽ بُڪ.
(16) سيد،
جي.ايم، رهاڻ، 1978ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص
63
(17) ميران
محمد شاهه جي خطن جو فائيل جي.ايم.سيد لائبريري سن
(18) سيد،
جي.ايم، رهاڻ، ساڳيو حوالو، ص 63
(19) ساڳيو
حوالو، ص 63
(20) ساڳيو
حوالو، ص 64
(21) ساڳيو
حوالو، ص 64
(22) ساڳيو
حوالو، ص 63
(23) سيد،
جي.ايم، ياداشت نوٽ بُڪ، ص 321
(24) سيد،
جي.ايم، شاهه جون وايون ۽ ڪافيون 1968ع، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد ص 24
(25) سيد،
جي.ايم، رهاڻ ساڳيو حوالو، ص 253
(26) ساڳيو
حوالو، ص 255
(27)چنه،
زينت عبدالله، يادگار لطيف 1959ع، ص 19
(28)راشدي
حسام الدين، هوڏوٿي هوڏينهن، 1977ع سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد، ص 29
(29) سيد،
جي.ايم، رهاڻ، ساڳيو حوالو، ص 218 |