سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:5

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

 

 

 

             ڪَنزاللطيف جي روشنيءَ ۾

سُر ڪيڏاري تي ٿيل تحقيق جو اڀياس

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو (1936ع ــ 2011ع ) سدا حيات شخصيت آهي. جنهن زندگيءَ جي هر پل کي علم ۽ قلم جي روشنيءَ سان زنده رکيو. قلم جي وسيلي سندن علمي جاکوڙ ۽ تحقيق سنڌ واسين لاءِ ادبي تحفو آهي، سندن توجھ ۽ پسنديده موضوع ادب جي تاريخ ۽ لطيفيات هو. ڪلاسيڪل، عروضي توڙي جديد شاعري سندن لکڻين جا اهم موضوع رهيا،  سنڌ جي جن وڏين شخصيتن ”شاهه، سچل ۽ سامي“ سنڌ جي روايت، ادب، سماج ۽ فڪر کي اهم موڙ ڏنو تن کي ڊاڪٽر جوڻيجي ادب جي تاريخ ۽ مقالن ۾ اڀياس ڪندي پنهنجيءَ خاص رٿابنديءَ ۽ ذوق سان قلمبند ڪيو آهي، سندن لکڻين ۽ تحقيق ۾ هڪ مضبوط حوالو تنقيد آهي انڪري کين تنقيدنگار جي حيثيت به حاصل آهي. سندن ابتدائي تحريرون ”سوکڙي“ 1965ع ۾ ۽ ”ٻيو اباڻو گھر“ 1958ع ۾ پڌرا ٿيا. هنن افسانن جا موضوع گھريلو زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي بابت آهن. ڊسمبر 1961ع ۾ سندن پهرين پختي، تحقيقي ۽ تنقيدي تصنيف ”ڪنزاللطيف ڀاڱو پهريون“  منظر عام تي آئي جڏهن پاڻ ”شام“ جي تخلص سان لکندا هئا. تنقيدي حوالي سان سندن هيءُ پهرين اهم تحرير آهي هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو شايع ٿي نه سگھيو، پر ساڳيو مواد ٿوريءَ نواڻ سان 2009ع ۾ انجنيئر عبدالمالڪ جي ترغيب سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور شايع ڪرايو. معلوم ٿئي ٿو ته ”ڪنزاللطيف“ جي پهرين ڀاڱي جي اچڻ کان پوءِ سندن ڌيان ۽ دلچسپي ٻين موضوعن ڏانهن ٿي. جيئن ادبي تاريخ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت پاڻ زندگيءَ جي آخري لمحي  تائين مسلسل لکندا رهيا.

ڪَنزاللطيف (ڀاڱو پهريون) 1961ع :

 ”ڪنز“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ” خزانو“ آهي. ”ڪنزاللطيف“ جي نالي سان شمس العلماء علامه عمر بن محمد دائود پوٽي ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيو هو مگر علامه صاحب جي زندگيءَ وفا نه ڪئي جنهن سبب علام صاحب ڪتاب نه لکي سگهيو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب جو نالو ”ڪنزاللطيف“ رکيو جنهن مان ڊاڪٽر جوڻيجي جو پنهنجن عالمن سان محبت ۽ احترام ظاهر ٿئي ٿو.

 ”ڪنزاللطيف“ جي شروعات ”مقدمو“
جي عنوان سان ڪيل آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شارحن ۽ محققن تي ٿيل بي جا تنقيد تي نه صرف  پنهنجي علمي راءِ قائم ڪئي آهي، پر دليلن جي روشنيءَ ۾ تنقيد ۽ تحقيق جا ڄڻ ته علمي فن ۽ اصول نروار ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد مان سندن سوچ ۽ ذهانت جي خبر پوي ٿي جو پاڻ شاهه جي رسالي جي ڇاپن ۽ مرتب ڪندڙن جو اڀياس نهايت ئي باريڪ بينيءَ ۽ تحقيقي اصولن پٽاندڙ ڪيل آهي.

منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب جي اهميت روشن سج جيان آهي جيئن ته سنڌي ادب ۾ تنقيدي مواد جي تمام گھڻي کوٽ آهي ان صورتحال ۾ اهڙي تنقيدي ۽ تحقيقي ڪتاب کان اڻڄاڻائي هڪ وڏو خال آهي. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي جو ادب جا شاگرد توڙي ادب سان دلچسپي رکندڙ هن ڪتاب جي اهميت کان ناواقف آهن.

”ڪنزاللطيف“ جو ٻيو ڀاڱو ڇائيتاليهه سالن بعد  ڇپيو جنهن ۾ نئين مواد کان علاوه  ڀاڱي پهرين وارو مواد به ڪجھ واڌارن ۽ سڌارن سان شامل ڪيو ويو جنهن ۾ ڇٽيهه موضوع شامل آهن جيڪي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪيل تحقيق جي تاريخ کي بيان ڪن ٿا   جن ۾ شاهه جي پهرين سوانح بابت ذڪر ڪندڙ مير علي شير قانع (تحفة الڪرام ۾) کان وٺي، ٻين سوانح نگارن جو ذڪر ڪيو آهي. 1845ع ۾ نظر علي بلوچ ”مرغوب الاحباب“ ۾ شاهه سائينءَ جو احوال ڏنو. هن ۾ حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان سان شاهه سائينءَ جي ملاقات ۽ لنواري جي بزرگن جو احوال ڏنل آهي. 1851ع رچرڊ برٽن (انگريزي ۾) ”سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون“ جي نالي سان ۾ شاهه جو ذڪر ڪيو آهي. 1856ع ۾ سربارٽل فريئر شاهه جي سوانح تيار ڪرائي هي سوانح انگريزي ۽ سنڌي ۾ آهي، پر اڃا تائين ان جي اشاعت ڪونه ٿيل آهي.

1882ع ۾ ڏيارام گدومل انگريزيءَ ۾  مختصر شاهه جو احوال ڏنو  جيڪو ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ جي عنوان سان شايع ٿيو مرزا قليچ بيگ احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي انگريزي ۾  لکيو ۽ پوءِ ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري منظّرعام تي آندائين.

آرنيسٽ ٽرمپ ۽ ايڇ  ــ ٽي سورلي جي شاهه جي رسالي تي ٿيل تحقيق، 1866ع ۾ ٽرمپ جرمنيءَ مان ۽ ڊاڪٽر سورلي 1940ع ۾ آڪسفورڊ مان شايع ٿيا. ڊاڪٽر سورلي Shah Abdul Latif of Bhit کان پوءِ Musa Peravagans ۾ ٻين ٻولين جي شاعرن سان گڏ شاهه جي ڪلام جو منظوم ترجمو انگريزي ۾ ڏنو. ڊاڪٽر سورلي شاهه جو ڪلام قاضي احمد جي مرتب ڪيل رسالي تان ورتو آهي. ميرعبدالحسين سانگيءَ جو لطائف لطيفي،(فارسي) 1977ع ۾ لکيو“ ديوان ليلارام وطن مل سنگھ لعلواڻيءَ شاهه لطيف جي حياتي مذهب ۽ شعر بابت انگريزي ۾ لکيو. هن عالم شاهه جي ڪلام جي مطالعي جي لاءِ قرآن مجيد جو اڀياس پڻ ڪيو. مقدمه لطيفي، جيڪو گربخشاڻيءَ رسالي جي پهرين جلد ۾ ڏنو هو سو 1936ع ۾ وري ڌار ڪتابي صورت ۾ آيو. ”لنواري جا لال“ ۾ به شاهه جو ذڪر آيل آهي گزيٽيئر ۽ ڪن انگريزي ڪتابن ۾ شاهه جو ذڪر ۽ احوال ملي ٿو. لطيفي يادگار ڪميٽي جا مخزن به اهڙو مواد رکن ٿا. هي سمورو احوال، ادب جي پهرين دور سان واسطو رکي ٿو. پوءِ وارو مواد ۽ نئين تحقيق جيڪا 19 صدي جي ٽئين ڏهاڪي کان شروع ٿي تنهن کي ڊاڪٽر جوڻيجي پنهنجي لکيل ادب جي تاريخن ۾ قلمبند ڪيو آهي ۽ تاريخ جو اهم باب محفوظ ڪيو آهي.

ڪنزاللطيف ۾ سُر ڪيڏارو :

 هن ڪتاب جو هڪ اهم موضوع سُر ڪيڏارو آهي جو انتهائي حساس ۽ اهم موضوع آهي،هن سُر بابت اختلاف ۽ دليل اڄ به زير بجث آهن

”ڪيڏارو“ سنسڪرت جي لفظ ”ڪيدار“
مان نڪتل آهي. ڪلياڻي آڏواڻي موجب ”ڪيداري هڪ راڳڻي آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن اِسترين مان هڪ آهي. هن راڳڻي کي سمپورڻ راڳڻي ڪري سڏيندا آهن.“(1)

ڊاڪٽر جوڻيجو لکي ٿو: ”ڪيڏارو هندستاني راڳ ۾ هڪ راڳڻي جو نالو به آهي ۽ جنگ کي اسين ڪيڏارو چوندا آهيون لطيف انهي اکر کي دو آتشه ڪري ڇڏيو آهي.“(2)

ڊاڪٽر جوڻيجو اهو تسليم ڪن ٿا ته : ”سُر ڪيڏارو رسالي جو اهم سُر به آهي ته تحقيق جي دنيا ۾ هڪ ڀرپور موضوع به آهي.“(3)

 جيئن ته 1960ع کان وٺي پاڻ هن سُر تي سوچيندا رهيا. نتيجي ۾ مٿي ڏنل راءِ ڊاڪٽر جوڻيجي جي علمي ۽ تحقيقي ساک ڏين ٿيون ته هن سُر تي تحقيق ڪرڻ گھرجي جيئن ته هن علمي مسئلي جو محرڪ مخدوم محمد صالح ڀٽي هو. هي بحث ڊي ــ جي سنڌ ڪاليج مان نڪتل ميگزين ۾ شايع ٿيو.

ڪنزاللطيف ۾ سُر ڪيڏاري بابت بنيادي ۽ اهم نڪتا نروار ڪري ڪيڏاري جي اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي تن مان ڪي هي آهن.

مرزا قليچ بيگ پنهنجي شاهه جي رسالي ۾ 70 بيت شامل ڪيا. پروفيسر لطف الله بدوي تذڪره لطفي ۾ ڪيڏاري جا چار بيت ڏنا، پروفيسر دائود پوٽي جو ساٿي ۽ هم خيال هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ڪيڏاري کي رسالي ۾ شامل ڪيو. ڊاڪٽر جوڻيجو لکي ٿو ته مخدوم صالح جو مرزا قليچ بيگ ڏانهن موڪليل مسوده (1920ع ۾) موڪليائين خط ۾ لکيائين ”ته هي بيت احسان فقير جي پڙ تي ڳائيندا آهن.“ ڊاڪٽر جوڻيجو لکي ٿو ”مسوده تصحيح لاءِ موڪليل هو.“(4)

مولانا دين محمد وفائي ” لطف اللطيف“ ۾ سمورو بحث ڏنو آهي. مير سانگي جي ڪتاب لطائف لطيفي جي حوالي سان باب ڇهين کي فتح فقير جي نالي سان منسوب ڪري ٿو. ڊاڪٽر جوڻيجو، نتيجو هي ڪڍيو آهي ته ”هن بحث جي زنجير جي ڪا نه ڪا ڪڙي غلط لڳل آهي.“(5)

پر منهنجي خيال ۾ نه ڄاڻ ڪيتريون ئي ڪڙيون ابتيون معلوم ٿين ٿيون جن کي تحقيق ۽ غيرجانبداريءَ سان لڳائڻ جي ضرورت هئي. جوڻيجو صاحب ڪيڏاري تي بحث ڪندي احسان واري ڪيڏاري کي شاهه جي ڪيڏاري کان زبان ۽ بيان ۾ گھٽ درجي وارو تسليم ڪري ٿو. سندس الف اشباع سان بيان ڪيل بيتن جا مثال (جيڪي يارنهن آهن) ڏيندي، سندس ڪلام ۾ پٽ پاراتي جو ذڪر آهي سندس اختيار ڪيل تخلص احسان چئي، ڪتب آندو آهي. مرحوم محمد سومار شيخ جنهن هڪ قلمي رسالو سيد مٺو شاهه کان هٿ ڪيو هو. هي رسالو ايم پي اي پير عالي شاهه کان ٿيندو ڊاڪٽر علامه دائود پوٽي کي مليو، پر ڊاڪٽر دائود پوٽي ان سال ئي 1958ع ۾ وفات ڪئي. هن قلمي نسخي جي اهميت انڪري آهي جو ڊاڪٽر جوڻيجي اهو قلمي نسخو ڏٺو ۽ هي معلومات  درج ڪيائين. هن قلمي مسوده ۾ شاهه جو ڪيڏارو ڌار ۽ احسان فقير جو ڪيڏارو ڌار آهي سينهن ڪيڏارو به. شاهه جي ڪيڏاري جا 30 بيت آهن ۽ احسان جا 14 چوڏهن آهن. احسان جي پٽن اسماعيل ۽ جيئندل جا به ڪي بيت شامل آهن.

آخر ۾ ڊاڪٽر جوڻيجو جي خيال ۾  :

1.            بيت جي مثالن جي قطع نظر ڪيڏاري جي مالڪيءَ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ مضبوط دليل کپن.

2.           بحث ڪيل بيتن جي مد نظر اهو چئبو ته سڀ حوالا درست ناهن.

3.           پهرين حوالي جي آڌار تي هن سُر جا بيشتر بيت شاهه جا آهن انهن جو سبب زبان ۽ بيان آهي.

رسالي جي ٻولي ۽ ڪيڏارو سُرن سان ملي ٿو. اظهاريت جو جيڪو معيار شاهه سائين وٽ آهي اهو کيس منفرد ڪري بيهاري ٿو. اهو نڪتو سُر ڪيڏاري لاءِ اتساهي ٿو.

ســخــتـــي شـهـادت جــي نـســورو ئــي ناز،

ڪــي رَند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو.

احسان فقير جو بيت:

فـائق هلي فرات تي، جڏهن آيو علي عباس،

پــاڻــي کــان پــيــاســو، تن ۾ ڪري تپاس،

آءٌ ڪـيـئن پيان امام ري مر مون وڃن ساس،

راهه پـٺـيـان راس، احـسان چئي امام کي.

ڪنزاللطيف ۾ شاهه جي رسالي جو شارح ڊاڪٽر هوتچند مولچند  گربخشاڻي (1884 ــ 1947) ۽ شاهه جي رسالي جو ڌاريو ڪلام

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جي رسالي جو پهريون شارح  ۽ محقق آهي جنهن رسالي جي تياريءَ ۾ نه فقط جديد طريقا ڪتب آندا، پر جدت جي نه سمجھاڻي ڏنائين رسالي ۾ شامل ڌارين ڪلام، پڙهڻين، معنيٰ، شرح ، ۽ مقدمي سميت اهم مواد ڏنو. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ لنڊن مان Mysticism in English poetry  جي عنوان تي لکي Ph.d جي ڊگري حاصل ڪيائين. شاهه جي رسالي تي ڪم ڪرڻ کان اڳ نورجھان ناول لکيائين جيڪو 1915ع ۾ شايع ٿيو هن ناول ۾ مغل بادشاهت جي دور جا (بابر کان جھانگير) جي دور جا حالات ۽ واقعات آهن. هن ناول جي ٻولي رنگين ۽ پهاڪن سان سينگاريل آهي. هن تاريخي ناول جو سٽاءُ انگريزي ادب جي اثر هيٺ درج ڪيو ويو آهي. سندس ٻيو ڪتاب لنواريءَ جا لال 1934ع ۾ منظر عام تي آيو هي ڪتاب ۾ لنواريءَ جي بزرگن بابت آهي  جن ۾ سندن احوال ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جو سرچشما، ”لطيفة التحقيق“ (ڇپيل) رفيق علي حسيني (1785ع) ٻيون ”فردوس العارفين“ بلوچ خان ٽالپر 1776ع، ٽيون ”صقال الضمائر“، خواجه محمد سعيد (1890ع چوٿون ”مرغوب الحباب“ مصنف نظرعلي بلوچ 1945ع ،۾ چپيو ۽ هن ڪتاب جو اردو ۾ به ترجمو ٿيل آهي)

ڊڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شارحن ۾ واحد شارح آهي جنهن علم جي اڃايلن جو گھربل توجھ لهڻو. جنهن لغت ۽ شرح تي پڻ ڪم ڪيو جيڪو متاخرين لاءِ هميشهه رهبري ڪندو ۽ محققن جي لاءِ سندس ڪيل ڪم  مشعل راهه آهي.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي تحقيق بالترتيب 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع ۾ رسالي جا ٽي جلد پورا ڪري شايع ڪرايا. ڪُل ارڙهن سُر مڪمل ٿيا سندس طريقيڪار قلمي ۽ ڇاپي نسخن سان رسالي جي ڪلام جي ڀيٽ ڪئي وئي هيءَ تحقيق پايه تڪميل تي نه پهچي سگھي. ان کان پوءِ 1951ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ نئين سُر تحقيقي ڪم دائود پوٽي جي حوالي ڪيو ۽ 1952ع ۾ گنج شريف کي ڀيٽن واري ڪم جي شروعات ٿي ۽ مڪمل ڪيائين. 1958ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات جي ڪري وري به هي تحقيقي ڪم پورو نه ٿي سگھيو.

ڪنزاللطيف ۾ سُر ڪيڏاري بابت تاريخي حقيقتن کي بيان ڪيو ويو آهي (ص  ص 24، 25 ۽ 26 ) تي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي بيان مان اختلافي مواد جو پتو ۽ ثبوت ملي ٿو. شاهه جي رسالي جي چوٿين جلد بابت ڊاڪٽر دائود پوٽي جي راءِ هيٺ ڏجي ٿي :

”مون چوٿون جلد ڪونه ڏٺو هو نه ڪي ان جي تيار ڪرڻ ۾ ڪو منهنجو حصو هو. منهنجي خيال موجب سُر ڪيڏارو شاهه جو ڪلام نه آهي تنهنڪري منهنجو هن سان اختلاف ٿيو هو آئون پوءِ ساڻس شريڪ ڪار نه رهيس.“ (6)

ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مٿين راءِ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پوءِ چوٿون جلد به تيار ڪيو هو ۽ ان ۾ دائود پوٽو ساڻس شامل نه هو  ڊاڪٽر دائود جو مذڪوره موقوف تضاد کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي مختلف ۽ ابتڙ راءِ جو اظهار ڪيو آهي. پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي راءِ سان سهمت آهي ۽ ان جي پٺ ڀرائي ڪري ٿو.  ان کان پوءِ پروفيسر لال سنگھ اجواڻي مٿين ٻن عالمن سان اختلاف ٿو رکي.

”جيڪڏهن پروفيسر لعل سنگھ اجواڻي جي مضمون تي اچي ته ان ۾ به عقيدت جي بوءِ  آهي “(7)  ڪاڪي ڀيرومل جي تحقيق ۽ تنقيد اصولن موجب ڪئي وئي ان کان پوءِ ادب ۽ تنقيد جي مصنف ابراهيم خليل اڻ پورا حوالا ڏئي صفحا ڄاڻائڻ کان سواءِ نقاد جي وصف بيان ڪري ٿو  ڄڻ ته تنقيد جي فن جي بي عزتي ڪري ٿو اها راءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي آهي.

تصوف ۽ ويدانت واري باب تي ڊاڪٽر جوڻيجي انتهائي تدبر ۽ مدبرانه انداز ۾ سمجھايو آهي. جيڪو ڪجھ به تحرير ڪيو ويو اهو سندن علمي ۽ تحقيقي جواب هو. ڊاڪٽر جوڻيجو سنڌ جي ان مزاج جي ڳالهه ڪري سنڌ واسين جي تاريخي ۽ سماجي سوچ کي اظهاريو جنهن تي اڄ به اسان فخر ڪريون ٿا. فڪر جي آزادي مذهبي مت ڀيد کان پري هئڻ تي سنڌي سماج جي هن عظيم ورثي تي ناز ڪريون ٿا.  هن ننڍڙي ڪتاب ۾ اهو سمجھايو ويو آهي ته  مٿي ڏنل پسمنظر جي روشني ۾ تعليم، تربيت، غيرجانبداريءَ ۽ عدم تشدد  جو فڪر هن دور ۾ به ڪميونيڪيشن ۽ رابطن جي ذريعي اهميت حاصل ڪري رهيو آهي. سنڌي ۽ سنڌ هڪ ڌار سڃاڻپ اختيار ڪري رهيا آهن.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جيڪو رسالي مان ڌاريو ڪلام ڪڍي ڇڏيو، ان لاءِ ڪي سبب ۽ سنَدون ڏنيون ويون. سُرمارئي جي ڏهين ۽ يارهين فصل جا بيت ڌار ڪري ڇڏيا. جن عالمن ان تي بحث ڪيو ۽ اعتراض ڪيا تن ۾ دين محمد وفائي ۽ هارون شاهه هڱورو جا نالا شامل آهن.

ڊاڪٽر گربخشاڻي هيٺيون ڪلام خارج ڪيو. سُرسسئي آبري جي ٽيهه اکري بيراڳ هندي، هيررانجھو، بروو ڇوٽڪو،  ڪاپائتي جي مت، مارئي جو ڏهون داستان ڍول مارئي، ڌناسري، بسنت بهار ۽ رامڪلي جا گھڻا بيت، آخري ٽيهه اکري ۽ ٻئي داستان ۾ جوڳين جي ڪريا ڪرمِ جي بيان ۾ آخري 18 ڏينهن وارا بيت.

مرزا قليچ بيگ ڌاريو ڪلام هن ريت ڏسي ٿو. سُر هير رانجھو، برووڇوٽڪو ڍول مارو ۽ بيراڳ هندي.

مولانا وفائي فارسي غزلن، مناجات، مثنوي، شاهه ڪريم، قاضي قاضن ۽ ٻين شاعرن جي بيتن توڙي ڪيڏاري جي سڄي سُر جي ترميم ڪري ٿو. ڊاڪٽر جوڻيجو موجب ”ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ڌارئين ڪلام لاءِ سَنَدون ڏيندو ويو آهي خصوصًا سنڌي کانسواءِ ٻين ٻولين جي بيتن ۽ ڪافين لاءِ.“(8) جيڪو به ڌاريو ڪلام ڪڍيو ويو تنهن لاءِ ڊاڪٽر جوڻيجي جي راءِ اها آهي ته ڪٿي سبب وزندار ناهن.

پروفيسر جھمٽ مل ڀاوناڻي، بسنت بهار، ڍول مارو، هيررانجھو بيراڳ هندي کي رسالي جو ڪلام ڄاڻي ٿو. ڊاڪٽر جوڻيجو جي راءِ ۾ جيڪڏهن ڪي بيت خارج ٿيا ته اهي قلمي نسخن جي غلط رهبري هئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي کي نه قرآن حديث سان ۽ نه ئي اسلامي فلسفي سان ڪا دشمني هئي. ائين هجي ها ته هو هڪ مسلمان شاعر جو ڪلام، سهيڙي نه ها، ۽ نه ان تي شرح لکي ها. منهنجي خيال ۾ جڏهن اسان، محبت ۽ رواداري ۾ يقين رکون ٿا ۽ ۽ نه متڀيد تي، ته پوءِ اسان کي انهن سڀني عالمن، محققن کي مان ڏيڻو پوندو جن قلمي ۽ ذهني پورهيو ڪري، اسان کي ۽ سنڌ واسين کي شعور ڏنو ۽ فڪري طرح سان، به نوازيو رسالي جي پڙهڻين کي به واضح ڪيو. رشيد لاشاري ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى قاسمي به گربخشاڻي جي معنى سان پنهنجي رسالن کي سنواريو، هن  مواد کي جانچيندي، پڙهندي، اهو تاثر قائم ٿيو ته بنيادي سرمايي، ورثي، علمي مواد تي اسان غير ضروري تنقيد ته ڪئي، پر ساڙ ۽ تعصب جو اظهار پڻ معلوم ٿئي ٿو. شاهه جي ڪلام کي پرجھڻ پرکڻ به ڪشاده دلي ۽ صوفياڻي دل ۽ دماغ  جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر گربخشاڻي به ان تنگ دلي جو شڪار ٿيو. ڊاڪٽر جوڻيجي موجب ”ڀُل چُڪ جو امڪان سندس ڪم ۾ ٿي سگھي ٿو، پر رسالي مان اسان جا بزرگ هڪڙو لفظ گند، ڳوليو اچيو کيس لوئين“(9) ڊاڪٽر عبدالجبار جس ۽ آفرين لهي جو هن مواد کي قلم کڻي، ان دور ۾ اصولن ۽ خاص طرح علمي ۽ تنقيدي، اصولن  کي اهميت ڏني ۽ سنڌي ادب ۽ شاعري جي ان پهرين اهم دور کي قلمبند ڪيو. جامع نموني انهن ابتدائي ليکڪن جي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم تي پنهنجي راءِ قائم ڪيائون. سمورو مواد نظر مان ڪڍڻ کان پوءِ سُر ڪيڏاري جي حوالي سان هڪ نڪتو ذهن ۾ خودبخود نروار ٿي هن ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو ته تاريخي طرح ڪنهن به اهڙي واقعي جنهن مان، حق ۽ سچ جي فرق ۽ باطل قوتن جو انجام معلوم ٿئي ان مان سبق وٺڻ گھرجي ۽ سبق ورتو ويو.

شاهه جي مذهب بابت هڪ روايت آهي ته شاهه پنهنجي وڏن ابن ڏاڏن وانگر سُني هو. هن تي به ”ادب ۽ تنقيد“ جي مصنف کي ڊاڪٽر جوڻيجي نهايت عالمانه مثال ڏئي جواب ڏنو هو. شاهه سائين جي هن جڳ مشهور بيتن کي بنياد بنائي ادب ۽ تنقيد جي مصنف، ڊاڪٽر گُربخشاڻي تي تنقيد ڪئي.

 

روزا ۽ نـــــمـــــــازون، ايءُ پــــــــڻ چـــڱـــو ڪـم،

او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کـي.

هتي جيڪو بحث مباحثو ۽ تنقيد ٿي اُهو کاٻي ۽ ساڄي ڌر جو نتيجو هو. ترقي پسند جنهن جو مول ۽ مقصد، فرسوده خيالن کي ترڪ ڪجي. انسان ذات جي اتحاد ۽ انسانيت ۾ يقين رکڻ گھرجي. ادب براءِ زندگي هجي ان کي اهميت ڏني اها زندگي شاهه جي رسالي ۾ نظر اچي ٿي ۽ جن ان تي ڪم ڪيو (پهرين دور ۾) انهن علم جي زندگي جي لڪل ڳجھ کي سمجھايو ۽ ان جي تشريح ڪئي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پهرئين دور جي اهم مسئلن  تي علمي بحث ڪري، سنڌي ادب کي نواڻ ۽ جدت ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڄڻ ته اسان سڀني لاءِ ادب براءِ زندگي جي ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي 1933ع ڌاري روح رهاڻ ۾ سڀني تاريخي ڳالهين کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ پرکيو. ان تي تنقيد ٿي، پر سنڌي شعبي جي عالم ۽ محترم استاد علي نواز جتوئي جا ويچار وزن وارا هئا ۽ اهم هئا. تحفة اللطيف ۾ 1958ع ۾ اهو مواد ڇپيو.

هن ڪتاب ڪنزاللطيف جو تت  هن ريت ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شاهه بابت ڪيل ڪم معياري آهي ۽ تحقيقي اصولن موجب آهي.

موجوده دور ۾ شاهه جي رسالي تي ڪيل تحقيق ۽ تنقيد

 اوڻهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي کان وٺي شاهه لطيف تي نئين انداز ۾ تحقيق شروع ٿي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻين کان وڌيڪ اهم ۽ نالي وارا آهن. شروعاتي دور ۾ اٽڪل ٽيهن (30) کان مٿي قلمي نسخا ابتدائي تحقيق ۾ ڪم آندا ويا.  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنجاهه، قلمي نسخن کي ڀيٽي رسالو تيار ڪيو. 1989 کان 1999ع جي طويل عرصي ۾ هي تحقيقي ڪم پورو ٿيو. جيڪو هنن عنوانن سان آهي رسالي کي ڏهن جلدن ۾ مڪمل ڪيو ويو.

پهريان جلد، بعنوان شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام جنهن ڪلام کي ڌاريو سڏيو ويو اهو بعنوان شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ڏهون رسالي جو ڪلام شايع ڪيو ويو. ائين ڌاريو ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام به محفوظ ٿيو. شاهه جي ڪلام کي سُر وار هڪ کان ستن جلدن ۾ مڪمل ڪيو ويو. سُر وار ڪلام کي جلد (8،9) ۾ به مڪمل ڪري، منظرعام تي آندو ويو.

هن دور ۾ نون بيتن جي تلاش ۽ داخلا جو موضوع  زير بحث رهيو آهي جيئن ته بيتن جي داخلا ۽ ڪي وري رد ڪري بيتن کي ڪڍي ڇڏڻ وارو سلسلو جاري ٿيو. هي ڪم نهايت ئي طويل آهي ۽ تاريخ رکي ٿو ان کي سهيڙڻ نهايت ئي مهارت ۽ فهم فراست درڪار آهي. بيتن جي تلاش ۾ ڪي فقير ۽ مريدن کان علاوه اهل ذوق ۽ اهل سخن به ڪلام کي محفوظ ڪيو.

تلاش ۽ اندراج سان رسالي جي بنيادي  تحقيقي ڪم جي ابتدا ٿي، هڪڙا قلمي نسخا شاهه جي حياتيءَ ۾ ئي تيار ٿيا. جئين گنج 1207 هه ۾ مڪمل ٿيو. پير مٺو شاهه سيراڻي وارو نسخو 1164هه ۾ مڪمل ٿيو.

رسالي جي تحقيق جا سرچشما، شاهه جي احوال بابت زباني روايتون قلمي نسخا ۽ گنج اهم آهي. هي ڪم نهايت ئي طويل ۽ تاريخ رکي ٿو. ان کي سهيڙڻ نهايت ئي مهارت، فهم فراست درڪار آهي. جنهن جو ثبوت ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي رسالن ۾ نظر اچي ٿو. هنن ٻنهي عالمن تي سخت تنقيد به ٿي. هن تمهيد ٻَڌَڻَ جو مقصد هي آهي ته بيتن جي تلاش ۾ ڪي فقير ۽ مريدن کان علاوه اُهي اهل ذوق ۽ اهل سخن جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويو. هنن ڪاوشن جي سلسلي ۾ محمد سومار شيخ هو. جنهن ڪڇ وڃي، شاهه جا ڪي بيت سُرمارئي جي حوالي سان شاهه جا گم ٿيل بيت 1956ع ۾ يارهن سُر يڪمشتّ ڏِيپلائي پريس مان پڌرا ڪيا. ٻيو نالو فقير امداد علي سرائي جو آهي جنهن بمبئي ۽ ڀڄ وڃي بيت هٿ ڪيا. 1985ع ۾ ”اَملهه اڻ توريا“  جي نالي سان ڪتاب شايع ڪرايو. سندس ٻيو ڪتاب ”قدم ڪاپڙين جا“ ۾ شاهه تي ڪم ڪندڙن تي تنقيد ڪئي.

سنڌيونيورسٽيءَ جي شعبي ۾ قائم ”شاهه لطيف سيل“ جي قائم ٿيڻ تي محترم وائيس چانسلر ڏي هڪ خط پڻ لکيو، هي خط به تنقيدي هو. جنهن جو جواب ڊاڪٽر جوڻيجي چٽي نموني ۾ جواب ڏنو آهي. فقير سرائي جي علمي ۽ تحقيقي اڻ ڄاڻائي ۽ لاعلمي جو جائزو ورتو ويو آهي. بيتن جي تعداد جو دلچسپ نموني ۽ دليلن سان جواب ڏنو ويو آهي. هيءُ مقالو ”شاهه جي بيتن جي تلاش“ تنقيدي اسلوب  ۽ علميت سان ڀرپور آهي.

نه ســي تـــڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون،

سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،

مــاريـنـهــــون فــــراق، پـــاڙيـچـيــون پـــرين جا.

امداد سرائي هوڙاڪ کي نه بلڪه کوڙاڪ کي  درست سمجھي ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر گربخشاڻي هوڙاڪ لفظ کي مڃيندي ان جي معنى هوڙو يا هوڙاڪ (ٻيڙي) درج ڪئي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، هوڙاڪ بابت ٻئي پڙهڻيون حاشين ۾ ڏنيون. ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل ڪم لاءِ ڊاڪٽر جوڻيجو اڳتي لاءِ اهم مواد جي طور ان کي اهميت ڏي ٿو. تحقيق ۽ کوجنا لاءِ رسالي تي ڪيل ڪم کي نشانبر ڄاڻي ٿو.

هي اُهو دور هو جڏهن 1977ع ۾ شاهه جو رسالو قلمي نسخن تان ڊاڪٽر بلوچ تيار ڪيو. اُهو ڇاپو ڏهن قلمي جلدن ۽ نسخن موجب تيار ڪيو ويو. هن (ثقافت کاتي جي سهڪار سان) ان رسالي جون پڙهڻيون انهن نسخن موجب ئي رکيون ويون. اهڙي علمي اڻڄاڻائيءَ ڪري رسالي تي به ”قدم ڪاپڙين جا“ ۾ تنقيد ڪئي وئي جڏهن اهڙو ڪم آئينده جي تحقيق لاءِ تيار ڪرڻ مقصد هو ۽ مواد جئن آهي تنهن کي محفوظ ڪرڻ هو. اهم مسئلو ۽ نڪتو هي آهي ته ڪهڙيءَ سنَدَ تي ٻاهر جو گڏ ڪيل ڪلام رسالي ۾ داخل ڪجي. اهو مسئلو اڄ به اِئين ئي قائم آهي. رسالي جي ٻوليءَ ۽ لفظن کي ڪيئن اچارجي ۽ درست پڙهڻيون قائم ڪجن.

20 صديءَ ۾ شاهه جي رسالي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن اوکي ڪم جي 1967ع ۾ ابتدا ڪئي ان کي مڪمل ڪيو پر سندس ڪيل ڪم تي تنقيد پڻ ٿي. ڊاڪٽر بلوچ جو تحقيقي ڪم، قلمي نسخن، ڇاپي رسالن حاصل ٿيل مواد کي سامهون رکي ڪيو ويو. مٿي جئن ذڪر ٿيل آهي ته 1977ع ۾ ڏهن قلمي نسخن تان شاهه جو رسالو تيار ڪيو ويو ۽ 1989ع ۾ معياري متن جو پهريون جلد پڌرو ٿيو.

ڊاڪٽر بلوچ 46 قلمي نسخا ۽ ڏهه ڇاپي نسخا ڪتب آڻي رسالي کي جامع نموني ۾ پيش ڪيو. هڪ صديءَ تي ڦهليل تحقيق، جنهن کي ڊاڪٽر گربخشاڻي شروع ڪيو. اها تحقيق، ڊاڪٽر بلوچ هٿان پوري ٿي، هي تحقيقي ڪم، اَٺهٺ رسالن جي مواد ۽ ڀيٽ سان پورو ٿيو. رسالي جي معياري متن جي اشاعت بعد، تنقيد ۽ تقابلي صورت ۾ ڪي مواد شايع ٿيو.

1.      پهريون ٻانهي خان شيخ جو تيار ڪيل رسالو (ٽن جلدن ۾)

2.     محمد حسين ڪاشف جو ڪيل تجزيو

3.     ناسف علي شيراز جو معياري متن جلد اول بابت لکيل تنقيدي  مقالو جيڪو ٽه ماهي مهراڻ ۾ 2004ع ۾ نمبر چار ۾ ۽ 2005 ۾ آيل آهي.

رسالي ۾ آيل تنقيد خاص طرح ناسف علي شيراز جي لکيل تنقيدي مقالي تي مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تفصيلي، علمي منطقي جواب ڏنو ۽ عبدالغفار سومري پڻ ان جو تنقيدي جواب ڏنو.

ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا. ”سُر ڪلياڻ ۽ سُر يمن جي ڪن بيتن جي حوالي سان جيڪا تنقيد ڪئي آهي. سا مٺن لفظن ۾ نهايت ڪوڙي تنقيد آهي: ”نهايت ڪڙي“ انهي ڪري جو ان ۾ هڪ ته بحث مباحثي واري بي نتيجي ڇڪتاڻ آهي، جو ڄڻ تنقيد خاطر تنقيد آهي. ٻيو ته دليلن جو بنياد سندس پنهنجي ڪيل تحقيق بدران گھڻيءَ حد تائين معياري متن ۾ ڏنل تفصيل ۽ سمجھاڻين جي اٿل پٿل تي آهي. ٽيون مقاله نگار گھڻي حد تائين پنهنجي ذاتي راءِ کي اهميت ڏني آهي.“(10)

ناسف شيراز  ڌارين بيتن ۽ وائين جو ذڪر ڪندي، پنهنجي لکيل مقالي کي هروڀرو جي اهميت ڏيندي لکي ٿو ” ايندڙ محقق جڏهن شاهه تي رسالي جو متن نئين سُر ترتيب ڏئي شايع ڪندا ته هن مقالي مان گھڻو فائدو حاصل ڪندا.“(11)

سندس مطالبو هي به آهي ته پهريون حڪايات الصالحين ٻيون هرگنيو ۽ ٽيون ليلي رچنداڻي جو ڪتاب سنڌي نظم جي تاريخ کي ماخذ سمجھجي ٿو جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اهي ماخذ جنهن جو تعداد ڇائيتاليهه قلمي ۽ ٻاويهه ڇاپي رسالا آهن. نظرانداز ڪري، اجائي ۽ تنقيد براءِ تنقيد ڪئي آهي. ان متعلق راءِ تڏهن قائم ڪري سگھجي ٿي جڏهن ان ماخذ جي مواد کي غور ۽ گھنمڀيرتا سان مطالعو ڪجي.

”ان ڪڙي“ تنقيد جو جواب، مرحوم ڊاڪٽر بلوچ جي لفظن ۾ ”معياري متن ۾ رکيل هر بيت ۽ وائي جي پڙهڻي بابت جدا جدا رسالن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان سمجھاڻي ڏني. ان سمجھاڻيءَ ۾ ڪنهن نئين کوجنا سان اضافو ڪري سگھجي ٿو، پر ساڳئي مواد ۾ ردوبدل ڪرڻ سان نه علمي ڄاڻ وڌندي ۽ نه معيار قائم ٿيندو ..... سندس گھڻا اعتراض سڀ بي نتيجي ۽ اجايا آهن. جن کي دليلن سان رد ڪري سگھجي ٿو ...... سندس مقالي ۾ علمي تحقيق جا معيار قائم نه رهيا آهن. سندس تحقيق ”هئين ڇو ٿيو“ تائين محدود ناهين، پر هيئن ڇو ٿيو کان وٺي ”هيئن ٿيڻ گھرجي“ تائين پهچي ٿي.“(12)

2. معياري متن:

لاءِ اهم اصول اختيار ڪري بيتن ۽ واين ۾ سمايل فڪر کي اهميت ڏني وئي آهي ۽ ان جي مختلف پهلوئن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ هن ريت وضاحت ڪن ٿا. ”ساڳئي موضوع معنى ۽ مفهوم وارن بيتن کي يڪجاءِ ڪيو ويو آهي. ساڳئي مفهوم ۽ فڪر وارا بيت خاص ڪري ڪلياڻ، يمن، آسا، سري راڳ، سامونڊري ۽ سسئي وارن سُرن ۾ اهڙن بيتن جي نشاندهي ٿي. ” معياري متن مرتب ڪرڻ وقت وڏي احتياط سان وڏي غور بعد، ڪن ساڳي معنى ۽ مفهوم وارن بيتن کي يا ڪنهن داستان کي هڪ سُر مان کڻي ٻئي ۾ آندو ويو. نه معلوم مقاله نگار معياري متن ۾ اختيار ڪيل ان اصولن جي اهميت ڪيتري قدر سمجھي آهي“.(13)

ٻن يا ٽن ٻاهرين بيتن جي شموليت (سُر ڪلياڻ، يمن ۾) تي هن تحقيقي ڪارنامي تي شڪ پيدا ڪرڻ، مقاله نگار جي بدنيتي ۽ علمي اڻڄاڻائي آهي جو هن 52 بيتن کي تبصري هيٺ آندو. سُرڪلياڻ يمن ۾ 319 بيتن ۽ واين جي ذخيري ۾ ڪن ٻن يا ٽن بيتن جي آڌار تي (ٻين سالڪن جا بيت) هن تحقيقي اڀياس کي شڪي نٿو بنائي سگھجي. جڏهن ته اُهي گھڻا جلد 8/9 ۾ درست ڪيل آهن. ڌاريا بيت جن کي هن رٿا موجب قيمتي سرمايو قرار ڏنو ويو ۽ ان سموري ڪلام کي سهيڙي جلد 10 ۾ شامل ڪيو ويو. ۽ رسالن ۾ آيل بيتن کي ڌاريو ڪري خارج نه ڪيو آهي. بلڪ ”رسالي جو ڪلام“ جي عنوان سان رسالي جي زينت ۽ سونهن آهي.

تنقيد ڪندڙ موجب سُريمن جي آخري داستان کي بنا سبب جي ڪڍيو ويو آهي، ان جو جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب هن ريت سمجھايو آهي.

” سُر يمن جي آخري داستان جو موضوع سچن عاشقن ۽ پتنگن واري تمثيل آهي. بمبئي واري ڇاپي ۾ اهو داستان نمبر 8، نمبر نائون آهي. آخر ۾ ديوان حافظ جي فارسي غزل وائي طور ڏنل آهي، بمبئي واري ڇاپي ۾ پتنگن وارا بيتن جو تعداد ڏهه آهي.“(14) پهريان وارن يا اڳين رسالن ۾ انهن کان به گھٽ آهن. سچن عاشقن واري موضوع سان مطابقت موجب، تقابلي ڀيٽ ڪري ٻارهن بيتن کي سُرڪلياڻ جي داستان نائين ۾ رکيا ويا. اهي بيت متن جي جلد 01 توڙي 8/9 ۾ موجود آهن. جيڪي مقاله نگار کي نظر نه آيا يا نظر انداز ڪيا ويا. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو” اها سندس ڀُل آهي ۽ پنهنجي ان ڀُل مان کيس ٻئي جي ڀُل چُڪ کي به سهپ ۽ صبر سان ڏسڻ گھرجي جنهن کان سندس هيءُ مقالو گھڻي ڀاڱي خالي آهي.“(15)  هڪ عالم جي، محقق جي تدبر ۽ فهم فراست جا گڻ سندس ڏنل تنقيدي مقالي ۾ نظر اچن ٿا. هي تحقيقي اڀياس  توجھ ۽  ڌيان طلب هو. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي رسالي جي جلد نمبر (07) ۾ بيتن جي اشاعت جي ضميمي ۾ ڏنو ته جيئن پڙهندڙ کي خبر هجي ته زيرِ زبرَ ۽ پڙهڻين وارو مسئلو جيڪو اتفاقي هو جنهن کي بعد ۾ 8/9 جلدن ۾ درست ڪري کين شامل ڪيو ويو ۽ اهو معاملو سندن آڏو اهميت جو حامل هو.

مقاله نگار، معياري متن تي ڳوڙهي اڀياس کي پاسيرو ڪري اعتراض ڪندي لکي ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ اصل لفظ ڪاٽي پنهنجي طرفان ٻيو لفظ وڌو آهي. اها هڪ وڏي چارج آهي. جنهن سان محقق توڙي معياري متن تي اعتماد مجروح ٿئي ٿو.“ (16)  بيت هي آهي.

 

عــاشــق مـعـشوقن جو، وٺي ويهج گھٽُ،

جم ورچــي ڇــڏئـيـن، مـحـبت سندو مٽ

ڪري سر جو سَٽُ، پيج ڪـي پــياليون.

 

هن بيت جو موضوع عاشق ۽ معشوق آهي ۽ نه موکي متارا جيئن ته مختلف رسالن مان ’تنيجي تو ِآيل‘ سٽ جون پڙهڻيون هن ريت آهن ۽ انهن رسالن جي پڙهڻي جو جنهن ۾ ’مٽ‘ آهي تن جا پڻ ڏنا ويا آهن (متن جلد 1، 305 ۽ 306 تي ڏسو) (ٽي پڙهڻيون) پهرين : ’موکي سندوَ مٽ‘ ميخاني جو مٽ ۽ ’محنت سندو مٽ‘ جيئن ته بيت جي ڪيفيت عاشق ۽ معشوق جي آهي انڪري محبت سندو مٽ وڌيڪ موزون ۽ موضوع مطابق آهي ۽ اڳئين رسالي جي پڙهڻي مان محبت سندو مٽ واري سٽ کي داخل ڪيو ويو ڊاڪٽر بلوچ موکي ڪٽي پنهنجي منماني ڪونه ڪئي آهي اهڙي نموني اها چارج ڊاڪٽر بلوچ تي هرگز به لاڳو نه ٿي ٿئي.

ڊاڪٽر بلوچ ٻانهي شيخ واري ٽن جلدن جنهن جو عنوان ”شاهه جو رسالوــ شاهه جو گھڻي ۾ گھڻو نج ڪلام“ آهي، جو جائزو ورتو آهي. محمّد حسين ڪاشف جو ڪيل تجزيو بابت پنهنجي راءِ ڏنل تجويزن جو ۽ معياري علمي تنقيد کي ساراهيو آهي محمّد حسين ڪاشف جا لکيل ٻه مقالا  تنقيد ۽ اعلى فهم ۽ ادراڪ سان گڏ توازن رکن ٿا. سندس پهريون مقالو سال 1996ع ۾ شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپيو. ٻيو شاهه جو رسالو شاهه جي ڪلام جي اڀياس جلد ڏهين جي شايع ٿيڻ کان پوءِ لکيو. ٻانهون شيخ جي رسالي (3 جلد) جو جائزو لکيائين. پنهنجي راءِ قائم ڪيائين اها راءِ رسالي جي اڀياس ۽ فهميده حسين جي جُلد ٻئي  ۽ ٽئين جي مهاڳ جي روشنيءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هي ايڊيشن نه فقط مسند ۽ معياري ڪلام لاءِ مرتب ڪيو ويو ۽ ان کي پرکڻ پروڙڻ لاءِ تحقيق جا ڪي اصول اختيار ڪيا ويا. شاهه جي نج ڪلام هئڻ لاءِ ڪي به ثبوت ڏنل ناهن. گنج ۽ ميين محمد، ميين حسين وارا رسالا ڀٽ تي رکيل هئا. سي شيخ صاحب ڏٺا جو پاڻ اتي جو باشندو هو. مگر انهن ٻن رسالن کان وڌيڪ قديم ٻيا رسالا جن لاءِ چيل آهي ته انهن جو قديم پڙهڻيون اختيار ڪيائين. انهن جا نالا ڏنل ناهين. شيخ صاحب پنهنجي ڄاڻ ۽ پسند موجب گنج ميين محمد ۽ ميين حسين جي رسالن جا بيت معتبر تسليم ڪيا. راڳائين فقيرن کان ٻڌل روايتي بيتن کي مستند سمجھيائين. شيخ صاحب وانگر ٻيو ڪو صاحب به پنهنجي ڄاڻ موجب ڪن به قلمي يا ڇاپي رسالن کي بنياد بنائي، ٻيو مواد شامل ڪري رسالي جو نئون ايڊيشن تيار ڪري سگھجي ٿو. پر اهو مستند ۽ معياري متن ٿي نه سگھندو.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومري شاهه جي رسالي جي تاريخ جي پسمنظر ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي جديد  تحقيق جي حوالي سان اصولن ۽ معيارن جي روشنيءَ ۾ تنقيد نگار جو جواب ڏنو آهي. تحقيق جي نتيجن مان مثال ڏيئي، بيتن جي پڙهڻي ۽ ڌاري ڪلام تي قلم کنيو اٿس.

رسالي جي ٻوليءَ جي ڪن اکرن ۽ اچار تي ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر فهميده جي نڪتي نظر سان سهمت ٿيا.

21 صديءَ ۾ سُر ڪيڏاري جو مطالعو:

جيئن ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سُرڪيڏاري بابت ۽ رسالي بابت ڪنزاللطيف تحرير ڪري، علمي، جاکوڙ ۽ تنقيدي تحقيق کي يڪجا ڪري، هن موضوع جي اهميت کي اجاگر ۽ قائم رکيو.

2004ع ۾ ڇپيل سنڌي ادب جي تاريخ جلد (پهرين) ۾ به ص ص 144 ــ 145 تي هن موضوع تي قلم کنيو آهي.

سُرڪيڏاري بابت تاريخ هن ڳالهه سان شروع ڪجي ٿي. 1964ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي پاران، مرتب ٿيل رسالو سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ، شاهه جي رسالي جي تحقيق ڪندي ڪي دليل ۽ مثال ڏيئي سُر ڪيڏاري کي رسالي ۾ شامل نه ڪيو.

سُرڪيڏاري بابت، بحث جو پڙاڏو هميشہ علمي حلقن ۽ شاهه جي ڪلام جي عاشقن پاران ٿيندو رهيو. 20 صدي کان شروع ٿيل هن رسالي تي تحقيق، سُرڪيڏاري واري موضوع تي ايڪيهين صديءَ ۾ به زور شور سان جاري آهي.

اوڻويهين صديءَ ۾ رسالي تي تحقيق ڪندڙن  جن ۾ ڊاڪٽر سورلي سُر ڪيڏاري کي شاهه جو ڪلام تسليم ڪري ٿو. لطف الله بدوي ۽ پروفيسر محبوب علي چنه پڻ سُر ڪيڏاري کي شاهه جو ڪلام ڪري ڄاڻن ٿا. بدوي صاحب چار بيت ڪيڏاري جا درج ڪري ٿو ۽ پروفيسر محبوب علي چنه سُر ڪيڏاري ۾ احسان فقير جا ٻه بيت ڄاڻائي ٿو سندس منبع لطف اللطيف آهي مولانا دين محمد وفائي مير عبدالحسين سانگيءَ جو حوالو ڏيندي ڪيڏارو شاهه جي تصنيف آهي پر فصل ڇهون فتح فقير جو چيل آهي مولانا دين محمد وفائيءَ جو ٻيو حوالو احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ مان ورتل آهي جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ شاهه جو ڪلام ڪري لکيو آهي پر پوءِ اڳتي هلي مرزا قليچ بيگ پاڻ مونجهاري جو شڪار ٿيو ته اهو سُر شاهه صاحب جو چيل آهي يا احسان فقير هالائيءَ جو. سُر ڪيڏاري جي بابت تحقيق جو محرڪ مخدوم محمد صالح ڀٽي آهي جنهن احسان فقير جو ڪلام مرزا قليچ بيگ کي تصيح جي لاءِ موڪليو هو.

ڊاڪٽر جوڻيجي سُر ڪيڏاري بابت پنهنجي خدشن جو اظهار تحقيق ڪندڙن تي نهايت ئي سوچ ويچار ۽ عالماڻه نموني ڪيو آهي. ان ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي تحقيق جي بنياد تي سُر ڪيڏارو کي شاهه جو تسليم ڪيو. ان ڳالهه تي ڊاڪٽر جوڻيجي، سنڌ جي نامور اديبن جي تنقيد جي روشني ۾ بيان ڪندي لطف الله بدويءَ شاهه جي بيتن ۾ انتخاب ڪندي (چار بيت درج ڪندي) سُر ڪيڏاري کي تسليم ڪري ٿو. ان کان پوءِ پروفيسر محبوب علي چنه ڌارئين ڪلام جي نشاندهي ڪندي فقط ٻن بيتن کي احسان فقير سان منسوب ڪري ٿو. محبوب علي چنه جي تحرير جو منبع لطف اللطيف هو. مير عبدالحسين سانگيءَ موجب ڪيڏاري جي سُر ۾ ستر (70) بيت آهن قليچ بيگ جي رسالي ۾ ٻاهتر (72) بيت شامل آهن. لطف اللطيف جي مصنف موجب ٽيتاليهه (43) بيت احسان فقير جا آهن.

مولانا دين محمد وفائي سانگيءَ جو حوالو ڏيندي فصل ڇهين کي فتح فقير جو چيل مڃي ٿو، جو ان جي التجا تي 1250هه ۾ رسالي ۾ درج ڪيو هو. ان وقت  ميرن جي حڪومت هئي.

 جيئن ته سُر ڪيڏاري بابت بحث جو محرڪ مخدوم محمد صالح ڀٽي آهي. جنهن، مرزا قليچ بيگ صاحب کي خط لکيا جنهن ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو ته ”اهي بيت احسان فقير کانسواءِ ڪن ٻين شاعرن جا به هجن. انهن ۾ شاهه جو ميٺاج وارو ڪلام به هجي.“ سُر ڪيڏاري کي رسالي ۾ شامل ڪندي به 1920ع ۾ مرزا قليچ بيگ مونجھاري جو شڪار ٿيو ته سُر ڪيڏارو شاهه جو چيل آهي يا سندس هم عصر احسان فقير جو؟  هتي نصير مرزا جي دعويٰ آهي ته قليچ جي تحريرن ۽ ڇڏيل فائلن ۾ ڪوبه خط ڪونه مليو جنهن مان ان جي ثابتي ملي ته ڪو اها خط ڪتابت ٿي هئي ۽ تصحيح لاءِ مواد موڪليو ويو.

مولانا وفائي 70 بيتن مان 43 بيت ڪڍي رهيل 27  بيتن مان فتح فقير جا ڇهين فصل وارن 19 بيتن مان 08 بيت بچائي ٿو ۽ تن کي به رسالي جو ڪلام تسليم نٿو ڪري. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، تحقيق ڪندي نتيجو ڪڍيو ته جيڪڏهن لطف اللطيف  ۾ آيل بحث تي غور ڪبو ته ڪيڏارو شاهه عبداللطيف جو ڪلام چيل ڪونهي.

مولانا دين محمد وفائي سانگي جو هم خيال آهي. هم خيالي هوندي به مولانا بحث کي سهيڙيندي اَٺ 8 بيت جيڪي ننڌڻڪا آهن. اَٺن بيت بابت هن بحث جي اهم نڪتي کي واضح ڪندي ڊاڪٽر جوڻيجو، مخدوم محمد صالح ڀٽي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته : ”سُر ڪيڏاري جا ٻارهن بيت صادق فقير صوفيءَ جي رسالي ۾ موجود آهن.“ نتيجا ڪڍندي، هي اهم بحث هن نموني ۾ سامهون آيو آهي.

1.      مخدوم صالح ڀٽي موجب ته وفائي صاحب جي تحقيق مشڪوڪ آهي.

2.     اٺن بيتن مان ٻارنهن ڪاٽي ڪين سگھبا. مير سانگي اٺن بيتن متعلق ڪا به وضاحت نه لکي آهي.

3.     مٿين بحث موجب اٽلندو شاهه تي چار بيت ڇڻن ٿا. (بقول جوڻيجو)

4.     آخري اهم نڪتو ته مٿين ” تحقيق ۾ ڪا نه ڪا ڪڙي اُبتي لڳائي وئي آهي.“

اڳتي ڊاڪٽر جوڻيجي جي ڪيل تحقيق موجب (1957) شاهه جي بيتن کي يڪجا ڪرڻ جي سلسلي ۾ سيراڻي جي سيد مٺو شاهه وٽان مليل شاهه جي رسالي جي نسخي جو اڀياس ڪيو جنهن موجب هن رسالي ۾ احسان فقير جو ڪيڏارو ڌار ڏنل آهي.

شاهه جي ڪلام جو ان سان ڪوبه واسطو ڪونهي سينهن ڪيڏارو به موجود آهي. احسان واري ڪيڏاري جا چوڏهن (14) بيت اتاري رکيا ويا . هن نسخي ۾ شاهه جي ڪيڏاري جا 30 بيت آهن. لکڻ واري جو هٿ روڪجي نه وڃي ها ته ستر 70 بيتن کان به وڌيڪ بيت درج ڪري سگھي ها. وڌيڪ اهم نڪتا هيٺ ڏجن ٿا.

1.            جنهن نسخي کي ڊاڪٽر جوڻيجي ڏٺو اهو ڪڇ ۾ لکيو ويو، هي نسخو ويهارو سال گذرڻ کان پوءِ لکيو ويو. فتح فقير جو حيدرآباد ۾ رهندو هو. جڏهن مير حاڪم هئا.

2.           وفائي ۽ سانگي موجب ڇهون فصل فتح فقير جو آهي، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اڳم لکيل رسالي ۾ اهو ڪلام درج ٿيو. ڇهون فصل شاهه جو نه آهي. ”ڪنور ڪليءَ جا ڪوڏيا“ هن جي طرز کي سانگي به فتح فقير جي مڃي ٿو.

3.           غلام محمد شاهواڻي موجب احسان چوي ۽ احسان سين وارو نقطو معتبر ناهن.

احسان فقير جي ڪيڏاري جون خاصيتون:

1.      گھڻو ڪري سڀني بيتن ۾ فقير ”احسان چوي“ استعمال ڪيو اٿس. احسان سين ڪونهي.

2.     ڪثرت سان فارسي ۽ هندي ترڪيبن جو استعمال ڪيو اٿس. اُهي ترڪيبون ساڳئي صورت ۾ رکيون ويون آهن جيڪي ان وقت جي رائج ٻولي ۽ اسلوب کان ڌار آهن.

بيتن ۾ ” اَ “ وجھي بيتن جي سٽن ۾ اضافو ۽ طويل ڪيو ويو آهي.  ان سلسلي ۾  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي بيت نمبر  2 ۽ چار جا مثال ڏنا آهن.

عــلـــي جـــي اولاد سـيـــن، سـرڪش ٿي مَ شديد

ڇــــڏ ارڏائـــــي احـــســــان چـــئـــــي، نـــابينا ناديد،

اي پـڻ ڳالهه بعيد، جئن اطاعت مڃين تنهنجي

ٻيو بيت

اچـــي بـــيـــٺـــا حــضــــور ۾، ســڀــئـــي شــهــــزادا

(وارو بيت يارهن سٽن جو آهي)

شاهه وٽ حسن ۽ خوبي آهي. هو شهادت جي اسرار کي آسان ٻولي ۾ سمجھائي ٿو.

سـخـــتـــي شـهــادت جـــــي، نـــســورو ئــي نـاز،

ڪـــي رنــــد پـروڙين راز، قضئي ڪربلا جو.

جـھمنـديـون اچن، جھوليون جھونجھارن جون

پــايـو ٻُڪَ بُهار جا، اُن جون وهون واڪا ڪن

پِــٽــــن پــــار ڪــــڍن، رڻ گــجــيـــو راڙو ٿــيـو.

ڏٺـــو ڪـالهه ڪنهين، جھونجھارڪو جھڳڙو،

هـــائــيـــن هــــڏ مُـڇـــائـيــا، ريـــلــــو رت نـئـيـن،

ڀـــانـــئــن ســـا سَـنـئـيـن جِـنان جيءُ جوکو ٿئي.

هــــوڏانـــهن هُن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،

سُـــرنــــايــــون ۽ سُــنـــڌڙا، ٻــنــهــي پــــار ٻُـــرن،

گـھـــوٽــــن ۽ گھــوڙن، رڻ ۾ لانــئـــون لڌيون.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرقيواريت جو ته تصور به نه ٿو ڪري سگھي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪيڏاري جا بيشتر بيت شاهه جا آهن. اهو ان لاءِ ته هڪ سبب زبان، ٻولي ۽ بيان جو آهي. ڊاڪٽر جوڻيجي موجب ته جيڪڏهن معترض سُر ڪيڏاري کي شاهه جو ڪلام ڪري نه مڃين ته انهن کي رسالي ۾ آيل سُر ڪيڏاري جو چوندڙ ڪو ٻيو شاعر ڳڻڻو پوندو. اهو ڪلام احسان فقير جو ٿي نٿو سگھي.

احسان جي ڪيڏاري تي تنقيد ڪندي سندس چيل بيتن ۾ تجنيس جو استعمال چڱي نموني ڪيل نه آهي. شاهه جي الهامي ڪلام کي احسان جي ڪلام سان ڀيٽڻ زورآوري چئبي. اسان جي بزرگن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪيڏارو شاهه جو چيل آهي يا احسان فقير جو؟ سيد مٺو شاهه جي رسالي ۾ آيل ڪيڏارو، جيڪو احسان جي نالي سان آهي. سا جدا حيثيت رکي ٿو. مرزا قليچ بيگ ۽ مخدوم صالح ڀٽي جو سڌاريل ڪيڏارو احسان فقير جو آهي. ڊاڪٽر سورلي، مرحوم محمد بخش واصف، ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪيڏاري کي شاهه جو چيل تسليم ڪن ٿا ۽ سنڌ جا گھڻا، عالم ۽ شاعر ۽ محقق به مٿين راءِ کي مڃين ٿا.

ڪنزاللطيف ۾ ڪيل بحث، جيڪو  ڊاڪٽر جوڻيجي جو پهريون، تحقيقي ڪتاب آهي. ڊاڪٽر جوڻيجي جي، قابليت ۽ سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. تنقيد ۽ ڪڙيءَ سان ڪڙي ملائڻ جو سلسلو، معياري ۽ تحقيقي آهي.

ادب جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سُر ڪيڏاري متعلق غيرجانبدار تنقيد نه ڪئي وئي. ان جو ثبوت روزانه ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل هڪ ڪالم مارچ 2004ع ۾ نصير مرزا پاران ڇپيو. جنهن ۾ سُر ڪيڏاري بابت ڪي سوال اٿاريا ويا ۽ ڪي غير ضروري بحث به ڪيا ويا.

نصير مرزا جي لفظن ۾ ” فقير امداد علي سرائي رسالي مان سُر ڪڍي ڪيڏاري خارج ڪرڻ ۽ ڪڍڻ تي 1985ع ڌاري لطيف ڪانفرنس ۾ ڀريي هجوم ۾ چيو پئي ته ”اسان جي هن ويچاري علامه صاحب کي لڳي ٿو ته لطيف جي پِٽَ کائي وئي ۽ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيائين.“

نصير مرزا جو ٻيو خدشو ۽ ڊپ ته ڊاڪٽر بلوچ جي موجودگي ۾ ڪو مرتب سندن ڪنهن به تحرير مان ڪجھ به ايڊٽ ڪري ۽ پو موقف اختيار ڪري ته اُهي سندن لکيل نه پر ڪنهن ٻئي صاحب جي تحرير آهي ۽ اهو چئي ان کي رد جي همت ڪن ته ڇا اُهو مُرتب، اهو ايڊيٽر باقي حيات سک جو ساهه کڻي سگھي ٿو؟

”سُر ڪيڏاري جي ڪيس جي پيروي“ جي عنوان سان آهي. ٻيو مواد ”ڪربلا، ڪربلا“ جي سِري هيٺ لکيل ڪالمن جي مجموعي ۾ ڇپيل آهي جو ڪن نوٽس ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيل تقريب جو اختصار آهي.

نصير مرزا پنهجي مضمون ”سُر ڪيڏاري جي ڪيس جي پيروي“ ۾ لکي ٿو ته: ”عقل جي صاحبن لاءِ غور ڪرڻ جو مقام آهي ته لطيف، لاکي فلاڻي ڌاڙيل کي ته هن رسالي ۾ ”هيرو“ ڪري پيش ڪري سگھي ٿو. غير مسلم حاڪم جکري کي جس ڏيندي کيس ”جسکرو“ سڏي سگھي ٿو ، نوريءَ واري ڄام تماچيءَ لاءِ هيئن چئي سگھي ٿو ته :

نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نه ڪي ڄام وياءِ

۽ اهو ئي لطيف، پاڻ جن جو اولاد آهي، انهن جي غم تي گريو ڪندي سُر ڪيڏارو نٿو چئي سگھي؟ “

جيئن ته ڄام تماچي، لاکي ڦلاڻي بابت ۽ حاڪم جکرو، جن جي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ اهميت حاصل آهي. تنهن کي غير مسلم ۽ ڌاڙيل قرار ڏيئي ۽ تماچي کي نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نه ڪي ڄام وياءِ، تي اعتراض ڪندي، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ وحدانيت تي ظالمانه تنقيد ڪئي آهي. شاهه ڀٽائي ۽ سندس رسالو، سنڌي عوام جو آجپو آهن. تن کي متنازعه ڪري، سنڌ جي خدمت نه پئي ڪئي وڃي ۽ نه ئي سنڌي ادب کي ڪو نئون نياپو ملي رهيو آهي. جيڪو سنڌ کي هڪ لڙي ۾ پوئي ڇڏي. نصير مرزا  علامه آءِ. آءِ. قاضي جو پنهنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ سُر ڪيڏاري کي نه شامل ڪرڻ بابت اعتراض واريو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ، مرزا صاحب جي ان اعتراض جو جواب ڏيندي  ”سُر ڪيڏارو : عقيدت ۽ حقيقت“ جي عنوان سان 05 مارچ 2005ع جي روزانه ڪاوش ۾ لکن ٿا ته : ڪيڏاري جي سلسلي ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي تي تنقيد بلڪل بيجا آهي، ڇاڪاڻ جو سُر ڪيڏاري بابت هن ڪجھ به نه لکيو آهي. سُرڪيڏارو شاهه صاحب جو آهي يا نه ان بابت علامه صاحب بحث قلمبند ڪونه ڪيو ان جي ضرورت به ڪانه هئي ڇاڪاڻ جو اهو بحث علامه صاحب کان اڳ ڪيڏاري جي اهميت کي ڪونه گھٽايو هو، پر تحقيق جي لحاظ کان سڀني جي ساڳي راءِ هئي ته سُرڪيڏارو جيتوڻيڪ موضوع ۽ معنيٰ جي لحاظ کان اهم آهي، پر شاهه عبداللطيف جو چيل نه آهي. مولانا دين محمد وفائي، مخدوم محمد صالح ڀٽي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو جيڪي ان دور جا وڏا عالم هئا تن سڀني جي اها راءِ هئي. انهن کان سواءِ مير عبدالحسين خان سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ به ڪيڏاري ۾ شامل بيتن بابت شڪ ڏيکاريا. سڀ کان اول مير صاحب  وضاحت ڪئي ته سُر ڪيڏاري ۾ شامل هڪ سڄو داستان شاهه صاحب جو چيل نه آهي، پر اهو فتح فقير جو چيل آهي. ٻئي طرف مرزا قليچ بيگ تصديق ڪندي لکيو ته سُر ڪيڏاري ۾ احسان فقير ۽ ٻين جا چيل بيت گڏ ڪيل آهن. سڀ رايا علامه قاضي صاحب کان اڳ قائم ٿي چڪا هئا. شاهه جي رسالي کي مرتب ڪرڻ وقت علامه صاحب جي آڏو ته اهو مسئلو ئي ڪونه هو ته سُر ڪيڏاري يا ٻين سُرن بابت بحث ڪري.“

ٻارهين اپريل 1995ع ۾ سُر ڪيڏاري بابت ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ روزانه عبرت ۾هن ريت سامهون آئي ته ” سُر ڪيڏارو سيد عبداللطيف حضرت پيران پير دستگير جو چيل آهي. سندس عارفاڻو ڪلام سندس درگاهه تي وڏي سوز ۽ گداز سان چيو ويندو آهي. سيد عبداللطيف پيران پير دستگير عبدالقادر جيلاني جي خاندان مان هو.“

مٿينءَ راءِ تي نصير مرزا سوز هالائيءَ جي ڪتاب ”ڪويءِ جي ڪٿا“ جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته : ”سيد عبدالحسين حسني ۽ ان جو خليفو احسان فقير سني ۽ جيلاني مسلڪ جا پير هئا ۽ اُهي شيعا مسلڪ جا ته هئا ئي ڪونه جو پڪن شيعن وانگر پڙ ۾ اچي ڪيڏارو پڙهڻ شروع ڪري ڏين.“ مٿين سٽن کي ڊاڪٽر بلوچ جي هيٺ ڏنل لفظن ۾ سمجھڻ جي ضرورت آهي.

”رسالي جي سڀني ڇاپن ۾ سُرڪيڏاري جا جملي ڇهه داستان آهن. هن تحقيق ذريعي پهريون ڀيرو سُرڪيڏاري جا چوڏهن وڌيڪ بيت ۽ ٽي وايون دستياب ٿيون آهن جن کي داستان نمبر ست طور رکيو ويو آهي. اهو خالي علمي خدمت ۽ امام عالي مقام سان محبت جو نتيجو آهي. تحفظات وارو ائين ڪونه ڪندو آهي. هن تحقيق ذريعي پهريون ڀيرو اهو به معلوم ٿيو ته سُر ڪيڏاري جا بيت گھڻي ڀاڱي حضرت غوث اعظم پيران پير جي اولاد هالن پراڻن جي بزرگ سيد عبداللطيف ۽ سندس فقيرن چيا. هن بزرگ پنهنجي تبليغ سان سڀني جي دلين ۾ امامن سڳورن لاءِ محبت ۽ عقيدت جو بنياد وڌو جيڪو (پاڪستان بعد ملڪ ۾ وڌندڙ فرقابنديءَ جي باوجود) سنڌ ۾ اڄ تائين قائم آهي، ان مهيني ۾ شهيدن سان عقيدت ۽ محبت جون ڳالهيون ڪجن سچي عاشق لاءِ محبوب جي ساراهه ئي سڀ ڪجھ آهي ڪير ٿو اها ساراهه ڪري ان سان غرض ناهي، سُر ڪيڏاري ۾ جي شاهه عبداللطيف ساراهه ڪئي ته ڀلي ۽ جي ڪنهن ٻئي ڪئي ته به اوتري ئي ڀلي.“

سُرڪيڏاري بابت بحث ۽ مباحثو هن دور ۾ به علمي حلقن ۾ زير بحث رهيو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي پهرين ڪتاب ڪنزاللطيف جي اهميت ۽ ان ۾ اٿاريل تنقيدي مواد کي نظر ۾ رکي موجوده دور ۾ سُر ڪيڏاري بابت بحث ۽ مباحثي کي به شامل ڪيو ويو آهي.  ڪنزاللطيف جو اڀياس ڪندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ڪيل تحقيق ۽ تنقيدي انداز عليمت سان ڀرپور آهي هڪ نوجوان ليکڪ جي حيثيت ۾ سندس ذهني سوچ علميت ۽ مواد کي سهيڙڻ وارو فن نظر اچي ٿو. هو هڪ غير جانبدار شخصيت جي طور تي اُڀري سامهون اچن ٿا. هو فرقيواريت ۽ مذهبي ڀيدڀاو کان تمام گھڻو پري آهن  ۽ هڪ صوفي جي حيثيت ۾ سندن خيالن جي اورچائي واضع ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿي. هن ننڍڙي ڪتاب ڪنزاللطيف ۾ شاهه بابت ۽ ٻين شارحن، عالمن جي ڪيل ڪم تي تفصيل سان قلم کنيو ويو آهي. هي ڪتاب تنقيدي مواد ۽ تاريخ جي ابتدائي دور تي روشني وجھي ٿو جيڪو شاهه جي رسالي تي ڪيل ابتدائي تحقيقي ۽ تنقيدي مواد آهي.

شاهه جي رسالي جي تخليق، اظهاريت جو اسلوب الميي تي ئي آڌاريل آهي. سندس ڪلام جي اها آراڌائي فڪري طرح سُر ڪيڏاري جي فائدي ۾ آهي.

 

حوالا

1.      شاهه جو رسالو، مرتب: ڪلياڻ آڏواڻي، ص 314.

2.     جوڻيجو، عبدالجبار ”شام“، ڪنزاللطيف، ڀاڱون پهريون، 1961ع، ص 41.

3.     جوڻيجو، عبدالجبار (ڊاڪٽر)، زنبيل، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2010ع، 30

4.     ايضاً

5.     ايضاً، ص 31.

6.     ڏسو حوالو نمبر 02، ص ص 25،24 ۽ 26.

7.     ايضاً، ص 27.

8.     ايضاً، ص 39.

9.     ايضاً، 57

10. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ٽماهي مهراڻ، سُرءُ 2005ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 17.

11.  ايضاً.

12. ايضاً، ص 18.

13. ايضاً.

14. ايضاً، ص 20

15. ايضاً.

16. ايضاً، ص 19.

مددي ذريعا:

1.      جوڻيجو،عبدالجبار شام (ڊاڪٽر)”ڪنزاللطيف“،
ڀاڱو پهريون، 1961ع

2.     جوڻيجو، عبدالجبار (ڊاڪٽر)، ”ڪنزاللطيف“،
مهراڻ اڪيڊمي، 2009ع

3.     جوڻيجو، عبدالجبار (ڊاڪٽر)، ”زنبيل“، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2010ع

4.     جوڻيجو، عبدالجبار (ڊاڪٽر)، ”سنڌي ادبي جي تاريخ“، جلد پهريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2004ع.

5.     آڏواڻي، ڪلياڻ،  ”شاهه جو رسالو“.

6.     نصير مرزا، ”ڪربلا ڪربلا“ دوستي پبليڪيشن حيدرآباد، 2011ع

7.     بلوچ، نبي بخش خان، (ڊاڪٽر) ”شاهه جو رسالو“ ڇاپو ٻيو، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012ع.

8.     ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سرءُ سال 2005ع

9.     روزانه ”ڪاوش“ حيدرآباد، 25 فيبروري، 2004ع

10. روززانه ”ڪاوش“ حيدرآباد، 05 مارچ، 2004ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org