سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:4

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو

شاهه لطيف جا اُتر سنڌ ۾ موجوده تڪيا (اوتارا)

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ آفاقي شاعر ۽ پنهنجي دؤر جو پيامبر هو، شاعريءَ ۾ جا کيس حيثيت حاصل آهي سا ورلي ڪنهن شاعر کي هوندي. هن پنهنجي فڪر جي کستوريءَ سان سڀئي ولايت واسي ڇڏيا، سندس فڪر ۽ عمل گڏوگڏ هلن ٿا. کيس هر جيءَ جو اونو ۽ فڪر هو تڏهن ئي اهڙي نازڪ ۽ وسيع خياليءَ جو مظاهرو ڪيو اٿس:

پائي ڪانُ ڪمان ۾ ميان مار مَ مون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

هيءَ حقيقت آهي ته اڄ به شاهه سائين بجا طور لکجي رهيو آهي ۽ سندس مڃتا ۾ هميشه واڌارو ٿيندو پيو رهي. لطيف سرڪار تي مقالن لکڻ وارن نوان موضوع چونڊيا ته وري رسالا مرتب ڪندڙن شاهه جي بيتن تي جاکوڙ ڪئي.

شاهه جي شاعريءَ ۾ فطري عمل دخل کان انڪار ڪري نٿو سگهجي اهوئي سبب آهي جو لطيف سرڪار هر دؤر، هر طبقي ۽ هر مڪتب فڪر جي ماڻهن ۾ يڪسان ڳاتو ويو ۽ سندس پذيرائيءَ ۾ سڀن وسان ڪين گهٽايو آهي.

شاهه لطيف جي سير سفر متعلق به ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي، جن ۾ ڀيرومل آڏواڻي، معمور يوسفاڻي، ماستر محمد سومار شيخ ۽ ٻين لکيو آهي ليڪن اتر سنڌ ۾ موجوده لطيف جي تڪين بابت سنجيدگيءَ سان ڪنهن به قلم ڪونه کنيو آهي، سواءِ نصرت حسين ابڙي جي هيڪڙ ٻيڪڙ مضمونن جي.

جيتري قدر لطيف سائينءَ جي تڪين بابت لکڻ جو سوال آهي ته وچولي سنڌ، ٿر، بدين، ٺٽي ۽ حيدرآباد وغيره بابت مٿين ليکڪن ڪتاب لکيا آهن باقي اُتر سنڌ ۾ شاهه جي تڪين بابت ڪنهن به تفصيلي لکيل ڪتاب جي نه هئڻ ڪري (راقم الحروف) اتر سنڌ جي تقريباً سڀني تڪين تي پاڻ وڃي تفصيل ورتا ۽ اتي جي ڏاهن ۽ شاهه لطيف سان انسيت رکندڙ 90-80 سال عمر وارن ڄاڻن سان رهاڻيون ڪيون ۽ وٽانئن انهن علائقن متعلق ڪي نوان بيت ۽ تڪين جي حوالي سان ڪي روايتون هٿ ڪيون (جن متعلق هڪ نئون ڪتاب انشاءَ الله منظر عام تي ايندو) ازانسواءِ تاريخي ڪتابن ۾ انهن تڪين بابت ڪي حوالا پڻ لڌا. اهڙي طرح هن ڪتاب جي بنيادي ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي. شاهه لطيف جا عقيدتمند فقير ۽ انهن تڪين جي باري ۾ لطيف سائين جي اتي گهاريل ڏينهنِ بابت سربستو احوال پڻ ٻڌائن ٿا.

خاص ڪري روهڙيءَ واري تڪيي تي هر جمع رات لطيفي رهاڻ ٿئي ٿي ۽ پيالين ۾ لطيفي ونڊ يعني کير پياريو ويندو آهي.

خوشي اٿم تحقيق جو ڪم ڪندي شاهه لطيف جي تڪين تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو ۽ انهن تڪين تي ويٺل فقيرن کان ۽ اتي موجود تڪين مان ڪافي اهڙيون روايتون ۽ حقيقتون به مليون جيڪي لطيف سائينءَ جي زندگيءَ جا ڍڪيل لِڪيل پهلو به آهن ته سنڌ جي تاريخ به آهي.

شاهه لطيف تي تحقيق کان علاوه عملي ڪم به ٿيا، مثلاً: لطيفي راڳ جي تربيت لطيفي ڏهاڙن ملهائڻ وقت لطيفيات جي پرچار ريڊيو، ٽي وي، اخبار مئگزينن ۽ ڪتابچن ذريعي لطيفيات کي لاڀ حاصل ٿيو.

”محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.“

مرشد گهوٽ لطيف جنهن جو شان نرالو آهي، سندس شجرو حضرت علي عليہ السلام سان ملي ٿو گويه هُو پنهنجي دؤر جو پيامبر ٿي آيو، (آخري نبي حضرت محمدﷺ) بعد سندس پيغام کي عام ڪرڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ رهندو). لک شڪرانه الله جا جنهن جي امر ۽ منشا بعد هيءُ سونهارو ڪم منهنجي حصي ۾ آيو، مرشد لطيف رح يقيناً رهنمائي ڪندو ۽ نيڪ مقصد وارو ڪم پنهنجي انجام تي پهچندو.

مرشد لطيف هڪ سيلاني ۽ پروڙڻ وارو بندو هئو اللهج سندس شان نرالو ڪيو آهي جو اڄ تائين بلڪِ قيامت تائين سندس پيغام جي گونج زنده رهندي ۽ اسان جي رهنمائي ڪندي رهندي.

لطيف سرڪار جو ڪيل سير سفر هڪ تاريخ آهي جنهن متعلق هن کان اڳ، ڀيرومل آڏواڻي لطيفي سير، محمد سومار شيخ لاڙ تان لطيف جا ڀيرا ۽ معمور يوسفاڻي پنهنجي مقالن ۾ وچولي سنڌ ۾ شاهه جي ڪيل سير سفر جو وستار ڏنو آهي. ليڪن اڄ تائين لطيف سرڪار جو اتر سنڌ ۾ ڪيل سير سفر مڪمل طرح قلم بند ڪونه ٿي سگهيو آهي. ان متعلق نصرت حسين ابڙي ۽ ٻين جون ڪجهه لکتون اسان جي آڏو آهن، پر اهي اتر سنڌ ۾ مڙني اوتارن بابت ڪونه لکيل آهن. انهيءَ ڪري ان رهيل ڪم ۾ هٿ وجهندي، ارادو اهو اٿم ته هن سموري ڪم کي يڪجاءِ ڪجي ته جيئن لطيف سرڪار جي سير سفر بابت هڪ ڪتاب تيار ٿي سگهي.

هن ڪم ۾ منهنجي رهنمائي سائين محمد اسماعيل شيخ، ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ، ٻانهون خان شيخ، عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻين ڪئي.

شاهه جي سير سفر تي لکڻ سان جيڪا شڪتي ۽ مڪتي ملي ٿي تنهن جو ڪو جواب ئي ڪونهي. هنن ئي سفرن مان معلوم ٿئي ٿو ته علم جي انتها کان پوءِ ئي عشق جي ابتدا ٿئي ٿي.

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڪنهن به فقيراڻي ۽ الله لوڪ وارو ماڻهو کي ڪم ڪرڻ ۾ گهڻيون ئي مشڪلاتون ٿيون سامهون اچن، انهيءَ ڪري مرشد ڪامل ڪرڻ نهايت ضرور آهي، جنهن جي رهنمائي سان چڙهي پار پئجي ٿو. مون جڏهن لطيف سائين تي پي.ايڇ.ڊي جو ڪم ٿي ڪيو تڏهن به هڪ اهڙو موقعو آيو جو هي ڪم اڳتي وڌائڻ سولو ڪونه هئو، ان وقت منهنجي روحاني مدد ڪيترن ئي ڪئي. ۽ اڄ جڏهن مان لطيف سائينءَ جي سير سفرن تي لکڻ لاءِ قلم کنيو آهي ته ان لاءِ به روحاني مدد ۽ رهنمائي پڻ ڪيترن ڪئي آهي.

لطيف سرڪار پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي به سير سفر ڪيا اهي ملهائتا هئا، انهن ۾ اسان کي ڪئين اهڙا نڪتا ملن ٿا جيڪي گهڻي اهميت جا حامل آهن. لطيف سرڪار جو هر سير سفر وڏي معنيٰ وارو آهي.

پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،

ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.

1. بکر (پراڻي سکر وارو اوتارو)(1)

بکر (پراڻي سکر) واري اوتاري جي معلومات مان به ڄاڻ ملي ٿي ته لطيف سائين هتي پنهنجي والد سائين حبيب شاههؒ جي چوڻ مطابق هتڙي مقيم خيرُالدين شاهه عرف جيئي شاهه بادشاهه (جيڪا دستگير جي گادي آهي) وٽان ڪا امانت ملندي. پوءِ لطيف سائين بکر ۾ اچي عبادت ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ کي لطيف سڏائڻ لڳا. رات جو خواب ۾ خيرُالدين شاهه بادشاهه کيس چيو ته جڏهن توهان خود لطيف آهيو ته پوءِ اسان وٽ ڇا لاءِ آيا آهيو...!؟ لطيف سائين پنهنجي والد ڏانهن واپس ويا ۽ خواب واري ساري حقيقت کين ٻڌايائون تنهن تي سندن والد کين چيو ته تون وري اوڏانهن وڃ ۽ اتي لطيف نه سڏاءِ، پر ڀٽائي سڏاءِ. پوءِ پاڻ وري آيا آهن ۽ عبادت شروع ڪئي اٿائون. صحيح معنيٰ ۾ خبر ڪانه ٿي پوي ته پاڻ اتي ڪيترو وقت رهيا آهن. عبادت ڪندي کين خواب ۾ آيو ته خيرُ الدين شاهه عرف جيئي شاهه بادشاهه جن چون ٿا ته توهان جي عبادت بارگاهه تي سلام ڪرڻ جي لاءِ آيا آهن. ۽ پاڻ دروازي تي پهتا ته کين اشارو ٿيو ته اندر نه اچجو متان مماتيءَ جي حد ٽوڙي هٿ ڏيڻو پوي. پوءِ لطيف سائينءَ جن اتان ئي دعا گهري واپس ٿيا آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته پاڻ موسن شاهه جي لوءِ (موجوده گهوٽڪي جامع مسجد ويا آهن).

اوتاري بکر (پراڻو سکر) جي بناوٽ:

لطيف سائين جو هيءُ اوتارو اڄ به موجود آهي، جنهن جي مرمت ٿيندي رهي ٿي، جيڪو ٿرمل پاور هائوس پراڻو سکر ۾ ڀٽائي مسجد جي ڀر ۾ آهي. جنهن ۾ ٻه دريون آهن ۽ هڪ جارو آهي، جنهن جو رخ خيرالدين شاهه عرف جيئي شاهه جي طرف آهي. چيو وڃي ٿو ته ڀٽائي صاحب، خيرالدين شاهه بادشاهه جو نظارو ان جاري مان ڪرڻ فرمائيندا هئا. اوتاري جي ڀر ۾ الاهي بخش ڀٽي جي والده ماجده ۽ سندس گهرواريءَ جون ٻه قبرون به موجود آهن.

هن اوتاري جي سنڀال جو ڪم پهريون محمد ابراهيم ڀٽي پوءِ سندس پٽ الاهي بخش ڀٽيءَ جي هٿ ۾ هو، انهن جي وصال ڪرڻ بعد هيءُ ڪم اڄ تائين محمد عرس دَلُ ولد واحد بخش دَلُ سنڀاليندو ٿو اچي، ان سان گڏوگڏ هُو مسجد جو معذن پڻ آهي.

2. لطيف سائين جو جامع مسجد لوءِ صاحبان عرف گهوٽڪي وارو اوتارو(1)

موجوده گهوٽڪي واري جامع مسجد جو تمام وڏو شان ۽ مانُ آهي، گهوٽڪيءَ جي آسي پاسي وارا اهو ڄاڻن ٿا ته هن مسجد ۾ جمع جي نماز ادا ڪرڻ سان حج جيترو ثواب ملي ٿو. اهوئي سبب آهي جو مسجد ۾ هزارين ماڻهن جي گنجائش هجڻ باوجود ڪن موقعن تي مسجد جي گهٽين ۾ به نماز ادا ڪئي وڃي ٿي. هن مسجد جي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ تعمير ٿي ۽ لطيف سائين جن جڏهن اتي ويا هئا ته ان جي تعمير ٿي چڪي هئي، پر اڃا تائين مرمت جاري هئي. هن مسجد جي تعمير ۾ تقريباً پنجٽيهه سال لڳي ويا. هيءَ جامع مسجد ڇهاسي ٿنڀن واري مسجد آهي. جنهن ۾ هڪ حضوري ٿنڀو پڻ آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ ٿنڀو کُٽي پوڻ ڪري حضرت غوث موسيٰ شاهه صاحب تڏهوڪي لوءِ صاحبان (گهوٽڪي) جو سجاده نشين سان اها ڳالهه ڪيائون تنهن چيو ته چڱو ڪم ٿي ويندو. صبح جو ڏسن ته قدرت طرفان هڪ  ٿنڀو پيو هو، جيڪو اڄ به موجود آهي. هن مسجد جي ڇت ڪاٺ جي ٺهيل آهي. هن مسجد جي تعمير وقت هر هڪ سر تي قرآن شريف جو مڪمل ختمو ٿيل آهي ۽ ڪم وارا ڪبيره گناهه کان بچيل چيا وڃن ٿا.

چيو وڃي ٿو ته هن مسجد ۾ ڪيترن ئي ولين به اچي تغاري کنئي آهي. حضرت خواجه خضر لاءِ به چيو وڃي ٿو ته هن مسجد جي تعمير لاءِ پاڻ تغاري کنئي اٿن ۽ اهڙي سعادت ماڻڻ جو لطيف سائين لاءِ به چيو وڃي ٿو.

هن مسجد کي اها فضيلت به حاصل آهي ته ستن ميلن ۾ حافِظَ سرون کڻيو بيٺل هئا جن هر سر تي ختم قرآن ٿي ڪيو ۽ اهي سرون ماٿيلي مان ٿي آيون.

جامع مسجد جي اوتاري بابت احوال:

حضرت غوث موسيٰ شاهه عليہؒ ان وقت گاديءَ تي ويٺل هئا جو سندن ملاقات لطيف سائينءَ جن سان روهڙي شريف ۾ وار مبارڪ تي ٿي هئي، پاڻ لطيف سائينءَ کان وڏا هئا.

لطيف سائين جو هاڻوڪي گهوٽڪي واري جامع مسجد ۾ اچڻ بابت احوال ملي ٿو ته ڀٽائي صاحب ڪُتي ۽ ڏنڊي ڪوندي سميت هن مسجد اندر داخل ٿيا هئا. عام ماڻهن جڏهن ڏٺو ته اعتراض واريو، ليڪن پوءِ حضرت غوث موسيٰ شاهه جن کين چيو ته توهان خاموش رهو، اهو ڀٽائي آهي. سندس رمز ۽ راز پوءِ توهان کي ٻڌائبا. پاڻ حضرت غوث موسيٰ شاهه ۽ سندن فرزند سيد صالح شاهه جن آيا ۽ اچي لطيف سائين جن سان گڏ ڏنڊي ڪونڊي ۾ ڪا شئي گهوٽي نوش ڪيائون. ان بعد حضرت غوث موسيٰ شاهه جن چيو ته اهو ڪتو نفس هئو، ۽ ڏنڊي ڪونڊي ۾ جنت جي وڻ طوبيٰ جا پن هئا. اعتراض ڪرڻ وارن مان ڪنهن هڪ جڏهن ان کي چکيو ته اهو به ولي ٿي ويو. 

لطيف سائين جن حضرت غوث موسيٰ شاهه صاحب کان وظيفو پڇيو جيڪو پاڻ جامع مسجد ۾ اڄ به موجود ممبر تي ويهي چاليهه ڏينهن تائين پڙهيو ۽ اتي ڪتو به ساڻن گڏ رهيو، ايڪيتاليهين ڏينهن پاڻ ممبر تان لٿا. هونئن ته سدائين حضرت غوث موسيٰ شاهه جي پٺيان نماز پڙهندا هئا، پر ان ڏينهن حضرت غوث موسيٰ شاهه ڀٽائي صاحب کي چيو ته اڄ توهان نماز پڙهايو ۽ پوءِ لطيف سائين نماز پڙهائي. نماز ۾ آيتن جي جاءِ تي بيت چيائون. چئني طرفن ڏانهن سجدا ڪيائون جنهن تي گهڻي جماعت ٽٽي وئي باقي اهل نظر رهيا، جن اهو چيو ته لطيف سائين جنهن به طرف سجدو ڪري رهيا هئا هر طرف ڪعبة الله شريف نظر اچي رهيو هو.

ان بعد ڀٽائي صاحب جن موڪلايو ۽ حضرت غوث موسيٰ شاهه جن کي عرض ڪيائون ته هيءُ ڪتو ماڻهن تي ڀونڪي ٿو هن کي دعا ڪريو، پاڻ ڪتي تي هٿ ڦيرايائون ته اهو گهوڙو ٿي پيو ۽ چيائون ته هاڻ هي هميشه مطيع رهندو. سندس واڳ لطيف سائين جي هٿ ۾ ڏنائون ۽ لطيف سائين جن روايت مطابق پوءِ پنهنجي ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي مقبري لاءِ سِرون ۽ ڪاشي وٺڻ ملتان روانا ٿيا.

الله ائين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾،

جسو زنجيرن ۾ راتيان ڏينهان روءِ،

هيڪر ڏسان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا،

پنبڙيون پير ڪري، پر پيراڻي لوءِ،

معرفت مڪان ۾ وڻ ٽڻ واهي چوءِ،

مان نه پسي حال سندوءِ، مرشد هٿ کڻي.

 

3. لطيف سائين جو  ترائيءَ (مدئجي) وارو اوتارو: (1)

لطيف سرڪار هر جاءِ رياضت ۽ عبادت ڪئي آهي ۽ رازِ الاهي جي نڪتن کي پروڙڻ جي لاءِ پتوڙيو آهي، پاڻ کي ڀاڻ ڪري اندر مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو. لطيف سرڪار به گهڻو ڪجهه اندران اندران پروڙيو آهي، سندس من موج ۾ رهندو هئو ۽ اندر جي آلاپ اهڙي ته ٿيندي هين جو دفتر ڀري ڇڏيائون.

سندن هر سير سفر سود مند رهيو آهي هن ترائيءَ (مدئجي) واري اوتاري ۾ به پاڻ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو اٿن.

اوتاري جو ڏيک:

موجود مدئجيءَ (تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور) کان ٻه يا ٽن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ ترائي آهي. جتي ابڙن جي سرداري آهي. موجوده ڳوٺ ترائي کان ٿورو پرڀرو لطيف سائين جو اوتارو آهي، جتي ئي اڳ اصل ترائي هئي جيڪا درياءِ جي ڇوڙ ڪري ڦٽي وئي ۽ هاڻي اتي هڪ مسجد، لطيف سائين جو اوتارو ۽ هڪ کوهه اڄ به موجود آهن، جن جي مرمت ٿيندي رهي ٿي، مسجد ڀرسان هڪ سائي قبر به آهي، جيڪا خوشحال فقير جي چئي وڃي ٿي. جنهن کي لؤنگ فقير جو لوڙهو ضلعو خيرپور ميرس کي اشارو ٿيو هو ته وڃي ترائي واري لطيف سائين جي اوتاري تي وسئن ڪر. کيس بگهڙن جو خوف هئو ته متان سندس ٻڪريون کائي وڃن، پر لطيف سائين جي دعا سان چون ٿا ته بگهڙ ٻڪريون گڏوگڏ رهندا هئا.

اوتاري بابت احوال:

يارهين صدي هجري ۾ ڳوٺ ترائي ٻڌل هو ۽ لطيف سائينءَ جي اوتاري هيٺان پراڻو ڦٽل درياءَ جو ڇوڙ هئو، جنهن تي اڳئين زماني ۾ پاڻي نارن جي وسيلي حاصل ڪري آباد ڪرائيندا هئا، هتي ڪماريا ابڙن جي ان ڳوٺ ترائيءَ جي اڀرندي پاسي کان لطيف سائينءَ اچي رهائش ڪري عبادت لاءِ حجرو ٺاهيو ۽ پاڻ کوهه ۽ مسجد جو ڪم مڪمل ڪرايو جيڪي اڄ به ياگار آهن. ان وقت هتي جا ماڻهو شيعا هئا.

لطيف سرڪار عبادت ۽ رياضت لاءِ هتي آيا هئا ۽ پاڻ هتي ڪيترو وقت رهيا ان جو پتو ڪونه ٿو ملي. باقي هتي 40 ڏينهن چلو ڪڍيو اٿائون.

هتي ابڙا قوم جي سردار جي نياڻي هئي جيڪا تمام گهڻي عبادت ۽ رياضت گذار هئي ۽ آخر تائين شادي ڪونه ڪيائون. سندس لطيف سرڪار سان عزاداري ۾ ملاقات ٿيڻ بعد بيهوش ٿي وئي ۽ گذاري وئي، ان بعد ابڙا ان جو ميت کڻي قبرستان طرف هليا ۽ لطيف سرڪار جن رستي تي ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ اچي بيٺا جنهن تي سردار جي ماڻهن ۽ لطيف سائينءَ جي درميان ڪشمڪش ٿي، ان بعد قبرستان ۾ ميت لاهڻ مهل هڪ معجزو ٿيو ته ميت لطيف سرڪار پاڻ سان کڻي ويا صرف ڪپڙن کي دفن ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته لطيف سائين جي درگاهه ڀرسان تمر سائين جي مزار ويجهو فاطمه ڪماري جي نالي سان ساڳي عورت جي مزار آهي.

ان بعد لطيف سرڪار چيو ته ابڙا بادشاهي ڪونه ماڻيندا باقي جيئرا هوندا جهان ۾. مطلب ته اوج ڪونه ڪندا، اهو به چيو وڃي ٿو ته لطيف سائينءَ جي دعا سان ئي ابڙن جي سردار کي اولاد ٿيو.

ابڙن جي سرداري ڪنهن حد تائين اڄ به موجود آهي، سردار ڪمارئي جي اولاد مان سردار علي حيدر ڪماريو آهي، جنهن جي اولاد سردار همت علي خان تي پڳ آهي، جو سندس والد ڳالهائڻ کان عاري آهي. لطيف سائين جون ڪجهه نشانيون اڄ به سردار همت علي خان وٽ موجود آهن. جيڪي احترام طور زيارتين کي ڏيکاريون وڃن ٿيون.

هن اوتاري ۾ تمام گهڻي روحاني راحت ملي ٿي. هن اوتاري تي ميلو ملاکڙو به ڪماريا سردار ئي ڪرائيندا رهيا آهن. اهو سندن لطيف سرڪار سان محبت جو ثبوت آهي. ڳوٺ ترائي کان اوتاري رستي کي جوڙائڻ جو سَهرو به ڪمارين سردارن تي آهي.

هن اوتاري ۾ چيو وڃي ٿو ته سُر ڪيڏاري جي حوالي سان لطيف سائين بيت چيا! ڇو جو هن تر ۾ سڀ اهلِ تشيعت سان تعلق رکندڙ رهندا هئا. هن اوتاري ۾ لطيف سرڪار جي هن اوتاري جي اصل دري ۽ ان وقت جو ڪاٺ جو ورو به موجود آهي.

هن اوتاري تي سر سبزي ڪري وڏي رونق نظر اچي ٿي ۽ اوتاري ڏانهن ويندي پراڻن ماڻهن کان لطيف سرڪار جو ڪلام ٻڌجي ٿو. ترائي ۾ هڪ بيت ٻڌم:

جي کڻيوَ هور ته وٺ داون دستگير جي،

ڪيچي ڪچا ڪامڻ پاڻ ڪچي،

جن کي سڪ سچي، سا هاڻ ملندي هوت کي.


(1)  هن اوتاري بکر (پراڻي سکر) جي رکوالي ۽ مجاور محمد عرس دل ولد واحد بخش دل معذن مسجد ۽ اوتارو شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ ٿرمل پاور هائوس لڳ جند پير، پراڻو سکر واري احوال ڏنو.

(1)  سائين سيد مبارڪ علي شاهه جيلاني ولد پير سيد محبوب علي شاهه جيلاني، سجاده نشين، درگاهه لوءِ صاحبان، گهوٽڪي جن هي سمورو احوال پنهنجي وڏڙن کان ٻڌندا آيا آهن ۽ مون کي پڻ ٻڌايائون.

(1)  هن اوتاري جو موجود رکوالي ڪندڙ غلام ڪاظم ولد حاجي علي نواز ابڙو ڳوٺ ترائي، تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org