اسف علي شيراز (قسط
-2)
سنڌي
گرامر، پهاڪن، اصطلاحن ۽
محاورن جو تاريخي اڀياس
111--
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي گرامر جي اوسر (1948- 1999ع):
ورهاڱي کانپوءِ، سنڌي گرامر تي ايترو گهڻو تحقيقي
ڪم نه ٿيو آهي، پر انجي باوجود سنڌي عالمن گرامر
متعلق چڱا ڪتاب لکيا آهن، جيڪي گهڻو تڻو شاگردن
لاءِ لکيل آهن. انهن جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، محمد صديق مسافر جو لکيل
”تازو گرامر“ حيدرآباد مان ڇپيل آهي. هن گرامر جو
هڪ ٻيو ڇاپو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، ”نئون تازو
گرامر“ جي نالي سان محمد صديق مسافر ۽ مخدوم محمد
صالح ڀٽي گڏجي حيدرآباد سنڌ مان سال 1949ع ۾
ڇپايو. ٻنهي صاحبن جي لکيل ان گرامر جو ڀاڱو ٻيو ۽
ٽيون به ساڳئي شهر مان 1951ع ۾ شايع ٿيو. اهي ٻئي
ڪتاب محمد يوسف اينڊ برادرس وارن شايع ڪيا. محمد
صديق ميمڻ جو مضمون نويسي متعلق ڪتاب پاڪستان کان
اڳ ڇپيل آهي. هن ڪتاب جو ڀاڱو ٻيو، پاڪستان ٺهڻ
کانپوءِ، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن 1952ع ۾
شايع ڪيو. هن جي لکڻ ۾ ميمڻ صاحب جي مدد علي اڪبر
ميمڻ ڪئي. محمد نواز اعواڻ، جو لکيل ”رهبر قواعد“
به آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس سال 1954ع ۾ شايع
ڪيو. (44). علي خان ابڙي (1888- 1954ع، جو ”نئون
سنڌي وياڪرڻ“ پڻ لکيل آهي. هن گرامر متعلق وڌيڪ
ڄاڻ ملي نه سگهي.
محمد عالم عباسيءَ جو ”آسان سنڌي نئون گرامر“، آر-
ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن 1952ع ۾ ڇپايو. آغا تاج
محمد خان ۽ قاضي جان محمد جو لکيل ”نئون سنڌي
گرامر“ ڀاڱو- 2 ۽ 3 ڇاپو-3 حيدرآباد مان آر- ايڇ
احمد اينڊ برادرس 1951ع ۾ شايع ڪيو. ان جو ڇاپو-
12، محمد غثمان ڏيپلائيءَ سنه 1953ع ۾ حيدرآباد
مان ڇپايو. هن گرامر جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا شايع
ٿيا. محمد اسماعيل عرساڻي جو لکيل گرامر 1952ع ۾
شايع ٿيو. محمد موسيٰ صاحب، مرزا صاحب جو ڪتاب،
”علم بديع ۽ علم عروض“ سال 1953ع ۾ اداره قليچ
حيدرآباد سنڌ طرفان ٻيهر ڇپايو. قربان علي
نقشبندي جو لکيل ”سولو سنڌي گرامر ڀاڱو- 1“،
حيدرآباد سنڌ مان سنه 1955ع ۾ شايع ٿيو. هن گرامر
جو ڀاڱو- 2، مصنف لاڙڪاڻي مان 1957ع ۾ ڇپايو (45).
واحد بخش شيخ جو لکيل گرامر، ”سنڌي صرف ونحو“، آر-
ايڇ احمد اينڊ برادرس 53- 1952ع ۾ ساڳئي شهر مان
شايع ڪيو. هن گرامر جو ٻيو ڇاپو ساڳئي پبلشر سنه
56- 1955ع ۾ شايع ڪيو. محمد بچل ڀُٽي، سکر سنڌ مان
”گرامر جو اختصار“ سال 1958ع ۾ شايع ڪيو. پيراڻو
محمد قاسم ڳاهو جو، ”مثالي گرامر“ آر- ايم فتح
اينڊ برادرس حيدرآباد سنڌ مان 1959ع ۾ ڇپائي پڌرو
ڪيو. ساڳئي سال احمد علي انصاري، ”علم البيان
والبديع“، انصاري پبليڪيشن هالا سنڌ مان شايع
ڪيو. هن ئي سال عبيدالله آگرو جو ”آسان سنڌي
گرامر“ آر- ايم فتح اينڊ برادرس حيدرآباد وارن
شايع ڪيو. غلام اصغر ونڊير جو لکيل گرامر بابت
ڪتاب، ”آسان سنڌي صرف نامو“، مستقيم بڪه ڊپو، گمبٽ
لاڙڪاڻي مان سال 1963ع ۾ شايع ڪيو. ايڇ- آر- ميمڻ
جو ”سنڌي گرامر ۽ مضمون نويسي حيدرآباد“ مان آر-
ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن سال 1968ع ۾ ڇاپايو.
محمد رفيق جماليءَ جو لکيل ”سنڌي گرامر“، مصنف
حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي ڇپجڻ جي
سال جي خبر پئجي نه سگهي (46). محمد ابراهيم
انصاريءَ جو، ”همدرد انگريزي- سنڌي گرامر“ سکر مان
سنه 1978ع ۾ شايع ٿيو. محترم محبوب علي جوکيي جو
”مهراڻ سنڌي گرامر“ سنڌي ساهت گهر سنه 1979ع ۾
محراب پور مان شايع ڪيو آهي (47).
علي محمد بلوچ جو لکيل ”سنڌي رهبر“، ڪراچيءَ مان
سنه 1980ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو 1989ع ۾
مڪتبه اسحاقيه، ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾
مصنف، علم عروض، گرامر، پهاڪا، اصطلاح، خط ۽ مضمون
بابت سمجهاڻي ڏني آهي (48). محترم شفيع محمد شيخ
جو تاليف ڪيل ”انمول سنڌي گرامر“، لاڙڪاڻي مان سال
1981ع ۾ شايع ٿيو. (49) واحد بخش شيخ جي گرامر جو
هڪ ٻيو ڇاپو، ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو“ جي نالي
سان سنڌي ادبي بورڊ وارن سال 1986ع ۾ ڀاڱو ٻيو سنه
1989ع ۾ شايع ڪيو آهي (50). عبدالرحيم ارشد ابڙي
جو لکيل ”رفيق گرامر“ هالا مان انٽرنيشنل اڪيڊمي
طرفان سال 1986ع ۾ شايع ٿيو (51). ڊاڪٽر عبدالمجيد
ميمڻ (1931- 1996ع)، ڪاليج جي شاگردن لاءِ آسان
سنڌي گرامر لکيو جيڪو، ”سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن“ جي
نالي سان عجائب اسٽور وارن سکر مان سال 1987ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو (52). محترمه منور سلطانه جو ترتيب
ڏنل ڪتاب ”ادبي سوغات“، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد
سنڌ مان سال 1996ع ۾ ڇپايو. هن ۾ سنڌي ادب ۽ گرامر
تي مقالا شامل ڪيل آهن (53).
iv--
ايڪويهين صدي عيسوي ۾ سنڌي گرامر جي اوسر (2000-
2013ع):
ايڪويهين صدي جي شروعات کان هيل تائين سنڌي گرامر
بابت سنڌ اندر ڪيترائي ڪتاب ڪتاب شايع ٿيا هوندا،
پر انهن سڀني متعلق انگ اکر ملي نه سگهيا. البت جن
متعلق ڄاڻ ملي سگهي انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو، ته
جيئن ايڪويهين صدي عيسويءَ جي شروعاتي دور ۾ سنڌي
گرامر جي ڪتابن متعلق ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
محترم شمس الدين عرساڻيءَ جو لکيل ڪتاب، ”سنڌي
ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري
مان سنه 2001ع ۾ ڇپايو آهي (54). هن ۾ سنڌي گرامر
کانسواءِ ڪمپوزيشن ۽ مضمون نويسيءَ بابت پڻ سٺي
سمجهاڻي ڏنل آهي. نور محمد کوسي جو ”سنڌي گرامر:
سنڌي ٻوليءَ جو سليس ۽ سولو گرامر“، روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن سال 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي.
کوسي صاحب سنڌي گرامر کي سولي انداز ۾ سمجهايو
آهي، ان سان گڏ ايڪسرسائز پڻ شامل آهن (55). مسڪين
راشدي جو ڪتاب ”سوجهرو“ پڻ سنڌي گرامر کي سولي
انداز ۾ سمجهايو آهي، ان سان گڏ ايڪسرسائز پڻ شامل
آهن (55). مسڪين راشدي جو ڪتاب ”سوجهرو“ پڻ سنڌي
گرامر بابت آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
طرفان سال 2008ع ۾ شايع ٿيو آهي (56). سنڌي گرامر
جي ارتقا تي محترمه شازيه پتافيءَ جو ڪتاب، ”سنڌي
ٻوليءَ ۾ گرامر نويسي جي ارتقا“ لکيل آهي. هي ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد سنڌ مان
2009ع ۾ شايع ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر
نويسيءَ متعلق هيءَ پهرين ڪاوش آهي (57). سندس هڪ
مقالو، ”سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر جي ارتقا“ رسالي نئين
زندگي (مارچ- اپريل 2006ع) جي پرچي ۾ به ڇپيل آهي.
ان کانسواءِ، سنڌي گرامر جي آڳاٽن ڪتابن، جهڙوڪ،
ٽرمپ جي گرامر، وڏو سنڌي وياڪرڻ، سنڌيءَ جو صرف
ونحو، ۽ مرزا قليچ بيگ جي گرامر تي لکيل سندس
اڀياس پڻ رسالي نئين زندگيءَ جي مختلف پرچن ۾ شايع
ٿيل آهن (58). ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل ”سنڌي
ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار
اداري حيدرآباد سنڌ مان سال 2010ع ۾ ڇاپايو آهي
(59). سنڌي ٻولي جي مشهور ليکڪ دادا سنڌي جو
”سنڌيڪا سنڌي گرامر“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران
سال 2010ع ۾ ڇپيو آهي (60). محمد عيسيٰ چني جو
لکيل ”آسان سنڌي گرامر ڀاڱو پهريون“ سال 2011ع ۾
ٽنڊي آدم مان شايع ٿيو آهي (61). ڊاڪٽر فهميده
حسين ميمڻ جو نئون ڪتاب، ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني
پهلو“، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد
سنڌ مان سال 2012ع ۾ ڇاپايو آهي. هن ۾ ڊاڪٽر
صاحبه، سنڌي گرامر، صورتخطي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين
لساني پهلوئن تي ڀرپور روشني وڌي آهي (62). سنڌ جي
مهاڪوي، محترم امداد حسيني جو ٽرمپ جي لکيل گرامر
تي مقالو، ”ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي گرامر جو جائزو“
جي عنوان تحت سنڌي ٻولي جي جنرل جي 2012ع واري
پرچي ۾ شايع ٿيل آهي (63). سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود
ڪتابن جو ڪيٽلاگ، سندن ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن
ڪيٽلاگ ۾ چند سنڌي گرامر جي ڪتابن جا نالا ڏنل
آهن، پر انهن جي ڪا به وضاحت ٿيل ڪانهي.
7-سنڌي
عالمن جي لکيل فارسي ۽ عربي صرف و نحو جا ڪتاب:
آڳاٽي دور ۾ سنڌ جي ديني مدرسن ۽ مڪتبن ۾ تعليم
عربي ۽ فارسيءَ ذريعي ڏني ويندي هئي. جنهن ۾ مڪتبن
۾ ٻين علمن جي ڪتابن کان علاوه، عربي ۽ فارسي صرف
ونحو جا ڪتاب پڻ شاگردن کي پڙهايا ويندا هئا.
جيڪي گهڻو ڪري عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي عالمن جا
لکيل هوندا هئا. يقيناً سنڌي عالمن به وقت جي
تقاضا موجب عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ صرف و نحو جا
ڪتاب لکيا هوندا، جيڪي زماني جي گردشن ۾ هيٺ مٿي
ٿي ويا. البت ڪجهه ڪتاب انهن طوفانن کان بچندا
اسان تائين پهتا آهن ۽ سنڌ جي ڪن قديم ڪتبخانن ۾
قلمي صورت ۾ موجود آهن. سنڌي عالمن جي لکيل فارسي
۽ عربي صرف ونحو جي ڇپيل ۽ قلمي ڪتابن جو تفصيلي
ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
ارغوني دور جي عالمن ۾، علامه قاضي محمود ٺٽويءَ
جو نالو به وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌ جي فارسي ادب جو
هي بينظير عالم، مصنف هئڻ سان گڏ فلسفي پڻ هو.
علامه محمود ٺٽوي جا لکيل ڪجهه رسالا صرفي نڪتن تي
مشتمل آهن، جن مان فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل ٻه رسالا
”شرح عقود“ ۽ ”شرح و ضمسکح“ علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي جي لائبرري ۾ موجود آهن (64). انهن ٻنهي
رسالن ۾ صرف جي ڪهڙن مسئلن تي بحث ٿيل آهي ان جي
باري ۾ خبر ناهي. مولانا قاسمي جي لکت موجب، شرح
العقود، اصل ۾ قلندر لال شهباز جي ڪتاب ”عقد“ تي
حاشيو لکيل آهي (مقالات قاسمي انٽرنيٽ ايڊيشن، ص-
44). مولانا دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ ۾
علامه محمود ٺٽوي جي ”حاشيه متين“ (نحو) ۽ ”حاشيه
زبده“ (منطق) جي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، ڪلهوڙا دور کي علمي لحاظ
کان ”سونهري دور“ سڏيو آهي، جنهن ۾ سنڌ اندر
مذهبيات، اخلاقيات، علم و ادب، تاريخ، جاگرافي، ۽
تصوف کانسواءِ فارسي گرامر بابت ڪتاب لکيا ويا. جن
۾ سنڌ جي تاريخي شهر درٻيلو جي سنڌي عالم، ميان
نظام الدين، سنه 1122هه ۾ ”انيس انجمن“ نالي ڪتاب
لکيو جنهن جو پوءِ هن اختصار ”شمع انجمن“ جي نالي
سان اندازاً سنه 1142هه ۾ ڪيو. ڊاڪٽر غلام محمد
لاکي جي لکت موجب اهي ٻئي ڪتاب فارسي صرف متعلق
آهن جن ۾ سنڌي لفظ به سمجهاڻي خاطر ڏنا ويا آهن
(65). مٿيان ٻئي ڪتاب ڪنڊياري ۾ ڊاڪٽر محمد ادريس
السنڌيءَ جي لائبرري ۾ موجود آهن. پير حسام الدين
راشدي لکيو آهي ته، مير علي شيرقانع جو ڪتاب،
”ميزان فارسي“ به ڀائنجي ٿو ته صرف نحو جي باري ۾
لکيل آهي. هن ڪتاب جو ڪوبه قلمي نسخو هن وقت موجود
ناهي (66).
ڪلهوڙا دور جي سنڌي عالمن ۾ مخدوم ابوالحسن ڏاهري
نقشبنديءَ جو نالو به اهميت جوڳو آهي. مخدوم
ابوالحسن انهي دور جو مشهور مصنف ۽ عالم ٿي گذريو
آهي. سندن ولادت ضلعي نوابشاهه جي ڳوٺ کارجاڻي ۾
سنه 1116هه/ 1704ع ۾ ٿي. پاڻ وقت جي ڪيترن ئي
مشهور معروف عالمن کان تعليم و تربيت ورتائون. جن
۾ ابوبڪر هالاڻي، مولانا نورالدين احمد آبادي،
مولانا مرزا محمد خليل بدخشانيءَ جا نالا اهم آهن.
مخدوم ڏاهري جي وفات تاريخ 12 ربيع الاول 1181هه
تي ٿي. تاريخ بلوچي جي مصنف عبدالمجيد جوکئي،
مخدوم ڏاهريءَ جي وفات تي مرثيو لکيو جنهن مان اها
تاريخ نڪري ٿي.
يقيناً ايڏي وڏي عالم جي تصنيفات به تمام گهڻي
هوندي، پر ان جي باري ۾ گهڻي معلومات ناهي. محترم
ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهريءَ، مخدوم صاحب جي ڏهن ڪتابن
جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ ٽي ڪتاب فارسي گرامر بابت
آهن. سندن پهريون ڪتاب، ”تبيان ابنيہ فارسيہ“ آهي
جنهن جو ڪوبه قلمي نسخو موجود ناهي، البت ان جو
ذڪر مخدوم صاحب پنهنجي لکيل ڪتاب نبراس تصاريف
فارسيہ ۾ ڪيو آهي. مخدوم ڏاهريءَ جو فارسي گرامر
متعلق ٻيو ڪتاب ”نبراس ميزان فارسي“ لکيل آهي،
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب هن ڪتاب جو قلمي
نسخو درسگاهه چوٽياريون ۾ موجود آهي. فارسي گرامر
بابت لکيل سندن ٽيون ڪتاب ”نبراس تصاريف فارسيہ“
آهي. هي ڪتاب مخدوم ڏاهريءَ ڪڏهن لکيو ان جي باري
۾ خبر ناهي. ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهريءَ جي لکت موجب،
هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورڇيل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ فارسي
گرامر جا قاعدا ۽ قانون ڏنل آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾
فارسيءَ جي صرف صضير جا گردان ڏنل آهن. ڊاڪٽر غلام
محمد ڏاهري صاحب هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سال
1996ع ۾ مخدوم ابوالحسن ڏاهري اڪيڊمي ضلع نوابشاهه
طرفان شايع ڪرايو آهي (67).
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته، ”ڪلهوڙن جي آخري
دور ۾ مخدوم محمد هاشم جي پوٽي مخدوم ابراهيم
”مفتاح الڪلام“ نالي هڪ ڪتاب لکيو. هن جو تعلق پڻ
فارسي زبان جي قائدن سان آهي“ (68). ان کان علاوه،
انهيءَ دور ۾ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي ڀاڻيجي،
ميرنجم الدين بکري (وفات: 1160هه/ 1747ع) جو
اعرابن بابت ڪتاب ”اعراب اربعه“ لکيل آهي (69).
فارسي گرامر متعلق ڪلهوڙا دور يعني سترهين صدي جا
اهي آڳاٽا لکيل گرامر آهن.
مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، سنڌ جو جيد فقيهه ۽ صوفي
عالم ٿي گذريو آهي. سندن ولادت سال (1150هه/
1737ع)، ۾ ۽ وفات (14 رمضان 1224هه/ 24 آڪٽوبر،
1809ع) تي ٿي. سندن مشهور ڪتاب ”بياض واحدي“ آهي،
ان کان سواءِ ڪيترائي ننڍا وڏا رسالا سنڌ جي مختلف
ڪتبخانن ۾ موجود آهن. سندن رسالن ۾ ”ازلتہ
الاشتباه في قطع همزتہ يا الله“ (1179هه/1765ع)
ڇهن صفحن تي لکيل آهي. هن ۾ مخدوم صاحب صرفي بحث
ڪندي اهو ثابت ڪيو آهي ته الله جي لفظ مان همزه کي
تلفظه ۾ ڪيرائڻ نه گهرجي. سندن ٻيو رسالو، ”القول
اجلي في تذڪير البغي“ ٻن صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾
لفظ بغي تي صرفي بحث ڪندي اهو ثابت ڪيو اٿن ته اهو
لفظ جنس مذڪر آهي. جڏهن ته ٻئي رسالي، ”جبرالتسڪين
في ڪسرالتنوين“ تي به صرفي بحث ٿيل آهي. اهي ٽئي
رسالا پير جهنڊو شريف جي ڪتبخاني ۾ موجود هئا،
هينئر خبر ناهي ته اتي موجود آهن يا نه؟ (70).
اڻويهين صدي عيسوي ۾ سنڌ جي آڳاٽي تعليمي سرشتي جو
ذڪر سر رچرڊ برٽن تفصيل سان ڪيو آهي. هو پنهنجي جڳ
مشهور ڪتاب (Sindh
and the races that inhabits the valley of the
indus, 1851) ۾
سنڌ جي انوقت جي مدرسن ۾ هلندڙ درس تدريس جي نظام
جو احوال ڏيندي لکي ٿو، ته سنڌ جي مدرسن جي تعليمي
نظام ۾ شاگردن کي هيٺين علمن بابت پڙهايو ويندو
آهي، 1- صرف ۽ نحو 2- منطق، 3- فقہ، 4- تفسير، 5-
حديث، 6- معنيٰ و بيان وغيره. مدرسن ۾ شاگردن کي
صرف جا ابتدائي سبق پڙهايا ويندا آهن. جنهن کان
پوءِ، شاگردن کي پهريون ڪتاب ”ميزان الصرف“ ۽ ان
کانپوءِ، ”صرف صغير“ پڙهايو ويندو آهي. اهي ٻئي
ڪتاب لال شهباز جا فارسيءَ ۾ لکيل آهن. ان کان
علاوه، لال شهباز جو ٽيون ڪتاب ”عقد“ پڻ پڙهايو
ويندو آهي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي ٻئي زبانون
استعمال ٿيل آهن (71). پروفيسر آفاق صديقي لکي ٿو
ته، ”سنڌ جي عربي مدرسن جي نصاب ۾ رکيل ڪتاب،
ميزان الصرف قلندر جو لکيل آهي، جيڪو اڄ به عربي
مدرسن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. جنهن جي شرح مولانا
عبدالحئي لکنوي جي لکيل آهي“ (72). واصف ان شرح جو
نالو ”تبيان شرح ميزان“ لکيو آهي (73). ڊاڪٽر
ممتاز پٺاڻ لکي ٿو ته، ”قلندر لال شهباز جي ڪتابن
مان ڪن ڪتابن جا نالا رچرڊ برٽن هي ڏنا آهن، عقد،
قسم دوئم، اجناس، ميزان صرف وغيره“ (74).
اوڻويهين صدي عيسوي جي پهرين اڌ ۾ انگريزن سنڌ تي
قبضو ڪيو. ان دور ۾ سنڌ اندر ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو
شروع ٿيو ۽ مختلف مضمونن بابت سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا
ويا، جنهن ۾ گرامر جا ڪتاب به شامل آهن. منشي
اڌارام ٿانورداس پهريون سنڌي عالم هو جنهن سنڌيءَ
۾ گرامر جو ڪتاب لکيو، جنهن جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا
شايع ٿيا. منشي اڌارام ٿانورداس، سنڌي گرامر کان
علاوه، فارسي گرامر جو ڪتاب پڻ لکيو. برٽش لائبرري
جي ڪيٽلاگ موجب هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ”فارسي آموز“
جي نالي سان 1869ع ۾ ڪراچيءَ مان تعليمي کاتي شايع
ڪيو (75). ڪتاب ۾ هن فارسي گرامر جا قاعدا سنڌيءَ
۾ بيان ڪيا آهن، ته جيئن سنڌي شاگرد فارسي صرف و
نحو جا اصول سولائي سان سمجهي سگهن. هن ڪتاب جو
ٽيون ڇاپو، 1871ع، چوٿون ڇاپو 1874ع ۾، ۽ پنجون
ڇاپو 1875ع ۾ شايع ٿيو (76). منشي اڌارام ٿانورداس
کان علاوه، سنڌ جي هڪ ٻئي اوائلي نثر نگار، ڪوڙومل
چندن مل کلناڻيءَ جو پڻ فارسي گرامر لکيل آهي. هي
ڪتاب ”آغاز فارسي“ جي نالي سان ڪراچيءَ مان سنه
1867ع ۾ شايع ٿيو (77). هن جا ٻيا ڇاپا (1869ع،
1870ع، 1873ع، 1876ع، 1881ع) ۾ شايع ٿيا. فارسي
ڪتاب جي لکڻ ۾ ڪوڙيمل جي مدد مولوي محمود ۽ قاضي
حاجي احمد ميان ڪئي.
منشي اڌارام ٿانورداس ۽ ڪوڙومل چندن مل کلناڻيءَ
کان علاوه، الله بخش ابن محمد شاهه، جيڪو ڪراچي
هائي اسڪول ۾ فارسي جو استاد هو، تنهن به فارسي
گرامر، (فيد بخش: (A
persian grammar in persian) لکيو،
جنهن ۾ فارسي گرامر ۽ انجي مختلف اصطلاحن جا
انگريزي هم- معنيٰ لفظ ڏنل آهن. هي ڪتاب ڪراچيءَ
مان سال 4- 1893ع ڌاري شايع ٿيو (78). هن مصنف جو
ٻيو ڪتاب (A
Handbook of the Birouhi language) به
شايد لکيل آهي، جيڪو ڪراچيءَ مان 1877ع ۾ شايع
ٿيو. جنهن ۾ فوربس (Duncan Forbes,
1798- 1868) جي
مينيول مان گرامر، جملا ۽ انهن جو انگريزي ترجمو
ڏنل آهي (79). هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو بروهي اڪيڊمي
ڪوئٽا 1983ع ۾ شايع ڪيو آهي (80). محمد ضياالدين
”مفيد الطالبين- فارسي“ نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو
ڪراچيءَ مان سال 1877ع ۾ شايع ٿيو. ڀائنجي ٿو ته
هي ڪتاب به شايد فارسي ٻوليءَ جي سکيا ۽ گرامر
بابت آهي (81). مولوي ميان عبدالڪريم درس
(ابوالڪلام) جو لکيل ڪتاب، ”مجموعه ثه نثر درسي
فارسي مترجم سنڌي“ محمد يوسف ڪتب فروش ڪراچيءَ مان
سال 1896ع ۾ شايع ڪيو. هي ڪتاب به شايد فارسي
گرامر متعلق لکيل آهي، ان کان علاوه هن ۾ فارسي
فعلن جا گردان ۽ انهن جا سنڌي هم معنيٰ لفظ ڏنل
آهن (82)
ويهين صدي جي شروعات ۾ پوڪرداس ٿانورداس شڪارپور
سنڌ مان ”مجموعه ڪتب: ڪريما، دو وايو، ٽي وايو،
آمد نامه“ سال 1900ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ فارسي
شعر ۽ ان جو سنڌي ترجمو، فارسي گرامر، ۽ ان ۾
استعمال ٿيندڙ اصطلاحن جو سنڌي ترجمو ڏنل آهي.
(83) محمد پنهل ڏهر ”دو وايه، سه وايه، آمد نامه“
جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، ”فارسي گرامر جي مذڪوره
ٽنهي ڪتابن ۾ فارسي لفظن سان گڏ انهن جي سنڌي
معنيٰ ڏني ويئي آهي.“ هي ڪتاب ڪتب خانه مقبول عام
سکر ۽ ڪتب خانه مولوي محمد عظيم شڪارپور وارن شايع
ڪيو (84). هن ڪتاب جو ذڪر محمد قاسم سومري به ڪيو
آهي ۽ ان جو مترجم ميان ڌڻي ڏنو شاهه ڄاڻايو آهي
(85). وسڻ مل ڪشنچند ملڪاڻيءَ، ”حڪايات لطيفه“ جي
25 آکاڻين ۾ آيل لفظن جي مختصر فهرست لکي جيڪا
1901ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿي. مصنف ڪتاب ۾ آيل
ڏکين اکرن جي سمجهاڻي پڻ ڏني آهي ۽ ان سان گڏ
فارسي زبان جي مختصر گرامر پڻ ڏنل آهي(86). ساڳئي
ڪوشش سکر جي عالم، اڌارام ڀوڄراڄ باکرو پڻ ڪئي ۽
”حڪايات لطيفه“ جي 25 آکاڻين ۾ آيل ڏکين اکرن جي
فهرست لکي، جنهن ۾ سنڌيءَ سان گڏ انگريزي معنيٰ پڻ
ڏنل آهي. اهو ڪتاب سکر سنڌ مان 1905ع ۾ شايع ٿيو.
ان کان علاوه، مصنف (Arabic
plurals, infinitives and imperatives) پڻ
ڏنا آهن (87). ساڳئي شهر جي هڪ ٻئي عالم، گل محمد
خان سيد اشرف عليءَ جي ڪتاب ”سعد حڪايات“ جي پهرين
ڏهن آکاڻين ۾ آيل لفظن جي فهرست لکي جنهن ۾ فارسي
ڏکين اکرن جي معنيٰ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏنل آهي.
ان کان سواءِ، عربي واحد جمع پڻ ڏنل آهن. گل محمد
جو لکيل هي ڪتاب سکر سنڌ مان 1903ع ۾ شايع ٿيو
(88). مولوي دين محمد وفائيءَ، تذڪره مشاهير سنڌ ۾
هالا سنڌ جي عالم، مولوي الحاج محمد هالائي
(1276هه/1860ع-1336هه/1918ع) جي ڪتاب ”دووايو
عربي و سنڌي“ جو ذڪر ڪيو آهي (89).
خزينتہ العلوم جي مولف، محمد بخش واصف، علم صرف جي
باب هيٺ سنڌي عالمن جي لکيل عربي صرف جي ڪتابن جو
ذڪر ڪيو آهي. جن ۾ مولوي فضل احمد حيدرآبادي جي
لکيل ”ڪتاب الصرف والنحو“ ۽ علم الصرف“ متعلق ڄاڻ
ڏنل آهي. (90) ان کان علاوه، هو لکي ٿو ته سنڌي
ٻوليءَ ۾ علم صرف تي شايد هڪ رسالو ”ارشاد الصرف“
لکيل آهي، جيڪو قاضي فتح محمد جو ترجمو ڪيل آهي
(91). ان کان علاوه، ڪتاب ”ارشاد الصرف محشي
بامدادالصرف“ جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو لکندڙ
مولوي حافظه خدا بخش (مرحوم) ۽ انتي محشي مولوي
حافظ محمد امين هالائي جو لکيل آهي (92). (نوٽ:
ڪتاب جو ذڪر ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي به ڪيو آهي.
ادريس صاحب لکي ٿو ته، ”ارشاد الصرف“ جي نالي سان
هڪه ڪتاب جو ذڪر ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي به ڪيو
آهي. ادريس صاحب لکي ٿو ته، ”ارشادالصرف جي نالي
سان مولانا خدا بخش صاحب جو فارسي ٻوليءَ ۾، عربي
صرف لاءِ جوڙيل ڪتاب عربي مدرسن ۾ اڄ به داخل آهي“
(93). هن جو هڪ ترجمو ”مال الصرف“ جي نالي سان
مولانا شبير احمد ڀٽي جو ڪيل آهي، جيڪو خيرپور
ميرس مان 1398هه ۾ مترجم پاڻ شايع ڪيو. ٻيو ترجمو
”هدايتہ الصرف: سنڌي ۾ ترجمو ٿيل عربي قوانين“ جي
نالي سان مولوي عبدالقادر جو ڪيل آهي (94).
عبدالرشيد صابر جو ”جديد عربي گرامر“ پڻ لکيل آهي،
جيڪو آر- ايم- فتح اينڊ برادرس وارن سنه 1966ع ۾
حيدرآباد مان شايع ڪيو.
سنڌ جي هاءِ اسڪولن جي مختلف ڪلاسن ۾ فارسي پڙهائڻ
لاءِ ڪتاب، ”آغاز فارسي“ نصاب طور داخل هو، جنهن ۾
فارسي گرامر پڻ شامل هئي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو
”ڪنجي دي بگنرس پرشين ڪتاب-1“ ۽ ”ڪنجي دي بگنرس
پرشين ڪتاب -2“ جي نالي سان محمد بخش واصف ڪيو.
اهي ٻئي ڪتاب آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس طرفان شايع
ٿيا ۽ ان جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا حيدرآباد سنڌ مان
نڪتا (95). آغا فارسي کان سواءِ ”ارمغان فارسي“ پڻ
هاءِ اسڪولن جي ڪلاس نائين ۽ ڏهين ۾ پڙهايو ويندو
هو. هن ڪتاب جو ترجمو ۽ شرح ڊاڪٽر گل حسن لغاري ۽
قاضي غلام محمد قريشيءَ ”شرح ارمغان فارسي“ جي
نالي سان ڪئي. جنهن کي عالمگير پبليشنگ هائوس
حيدرآباد وارن شايع ڪيو (96). آغاز فارسي جي نالي
سان هريسنگ ڊنگومل جو ڪتاب به لکيل آهي. هن ڪتاب ۾
فارسي لفظن جو سنڌي ترجمو پڻ ڏنل آهي (97). ڊاڪٽر
دائودپوٽي جو پڻ ”آغاز فارسي (چار حصا)“ لکيل آهي.
ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌيءَ، امام عبدالقادر جرجاني
جي ڪتاب ”مائتہ عامل“ جو تفصيل ڏنو آهي. ڊاڪٽر
محمد ادريس صاحب لکي ٿو ته، ”امام عبدالقادر
جرجاني (وفات: 471هه) مائتہ عامل نالي مختصر ڪتاب
عربي ٻوليءَ ۾ لکيو، جنهن ۾ عربي نحو جا هڪ سو
عامل بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب کي امير خسرو دهلويءَ
فارسي نظم ۾ آندو، جيڪو 30 بيتن تي مشتمل آهي.
اڄڪلهه عربي مدرسن جي نصاب ۾ داخل آهي.“ هن جو
منظوم سنڌي ترجمو ”مائتہ عامل منظوم سنڌي“ جي نالي
سان مولانا شبير احمد ڀٽي جو ڪيل آهي (98). (واصف
هن ڪتاب جو نالو مائتہ عوامل ۽ مصنف جو نالو
عبدالقاهر لکيو آهي.)
ڪتاب ”استاد فارسي“ جا تفصيل ڏيندي، محترم اشرف
علي سمون لکي ٿو ته، مولانا الاهي بخش بلوچ (وفات:
1338هه/ 1919ع) جو تعلق ميهڙ جي ڳوٺ ٻانهو لاکير
سان هو. مولانا صاحب استاد هئڻ سان گڏ مذهبي ڪتابن
جو مصنف پڻ هو. سندس ڪجهه ڪتابن جو ذڪر سندس
شاگرد، مولانا دين محمد اديب فيروز شاهي ڪيو آهي.
ٻين ڪتابن کان سواءِ مولانا صاحب فارسي گرامر جو
ڪتاب ”استاد فارسي“ پڻ لکيو جيڪو ڪيڏانهن گم ٿي
ويو. اهو ڪتاب مولوي محمد عمر لاکي صاحب کي هٿ
آيو، جنهن انجو نقل ڪري پاڻ وٽ محفوظ رکيو. ويجهي
دور ۾ هيءُ ڪتاب مولوي غلام رسول لاکي مرتب ڪري
ضلع نوابشاهه مان شايع ڪيو آهي. فارسي گرامر جو هي
ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي (99). محمد سليمان ٻگهيو
جو به ”استاد فارسي“ جي نالي سان ڪتاب لکيل آهي.
هي ڪتاب آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد سنڌ
مان سال 56- 1955ع ۾ شايع ڪيو (100). هن ئي سال
ابوبڪر شبلي جو ”آسان عربي گرامر“ ساڳئي اداري
حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪيو (101). حفيظ گل محمد جو
”پاپولر پرشين گرامر“ لاڙڪاڻي مان سال 1959ع ۾
شايع ٿيو (102). حقاني ڪتب خانو لاڙڪاڻو طرفان
شايع ٿيل ”معلم فارسي“، مولانا علي محمد حقاني جو
فارسي گرامر متعلق لکيل ڪتاب آهي. جنهن ۾ گرامر
کان سواءِ، فارسي لفظن جي معنيٰ سنڌيءَ ۾ ڏنل آهي
(103) مولانا حقاني صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب، ”افهام
الصرف“ به لکيل آهي جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر محمد ادريس
السنڌيءَ مقالي، ”ڪريما فارسيءَ جو مطالعو سنڌ ۾“
ڪيو آهي (104). مولوي خليق مورائي(1893-)، سنڌي
ٻوليءَ جو ناميارو اديب، حڪيم، ناول نگار ۽ صحافي
ٿي گذريو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾
”فاتح سنڌ“ ۽ تاريخي ناول ”سندري“ خاص شهرت رکن
ٿا. انهن ڪتابن کان علاوه سندس ڪيترائي ڪتاب قلمي
صورت ۾ موجود آهن. جن ۾ ”عربي گرامر“ پڻ شامل آهي.
هن ڪتاب متعلق گهڻي ڄاڻ ملي نه سگهي. (105)
ڪتاب ”نحومير“، مشهور عالم مير سيد شريف جرجاني
(وفات: 816هه) جو عربي نحو لاءِ، فارسيءَ ۾ لکيل
تصنيف آهي. ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌيءَ لکيو آهي
ته، هي ڪتاب اڄڪلهه ديني مدرسن جي درس ۾ نحو جي
پهرين ڪتاب طور پڙهايو وڃي ٿو ۽ اڄ به اوتروئي
مقبول آهي جيترو صديون اڳ ۾ هو. ان جي اهميت کي
ڏسندي سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن انتي شرح لکيا آهن.
جنهن ۾ ”مهراڻ منير شرح نحو مير“ به هڪ آهي. هيءَ
شرح آسان سنڌيءَ ۾ سنڌ جي مشهور عالم، مولانا حافظ
عبدالرزاق سڪندري صاحب جي لکيل آهي. (106) نحو مير
جو اصل ترجمو مولانا حافظ صاحب جو ڪيل آهي باقي
شرح اصل ۾ علامه عبدالحڪيم شرف قادريءَ جي اردو ۾
لکيل آهي. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو حافظ صاحب جو
ڪيل آهي. مڪتبه حزب الاحناف، جامع مسجد پوليس
لائين سانگهڙ طرفان شايع ٿيل عربي گرامر جو هي عام
فهم ترجمو، عربي مدرسن ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ نهايت
ڪارآمد ڪتاب آهي. ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌيءَ نحو
مير جي ڏهن شرحن جو تفصيل ڏنو آهي، جن مان ”تيسير
النحو“ مولانا شبير احمد ڀٽي جي ڪيل آهي، جيڪا
پريالوءِ خيرپور مان 1979ع ۾ مڪتبه سعديه الرا
طرفان شايع ٿي (107). ٻي ڇپيل شرح ”التنوير شرح
نحو مير“ مولانا ميان جميل احمد انڍڙ جي ڪيل آهي
(108).
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي لائبرري ۾ عربي ۽ فارسي
صرف ونحو جي ڪتابن جا قلمي نسخا موجود آهن، جيڪي
عربي، سنڌي ۽ فارسي ٻوليءَ جي عالمن جا لکيل آهن.
مثلا، شيخ بهاالدين عاملي جو ”صرف بهائي (عربي
گرامر)“، فقير ابو طالب جو ”ضوءِ شرح مصباالنحو“
(1125هه/ 1813ع)، ابن حاجب جو ”ڪافيہ“، صفي الدين
بن نصيرالدين (وفات: 819هه) جو ”حل ترڪيب ڪافيہ“،
محمد امين بکريءَ جو ”رساله عروض“، معروف متوسطه
جو ”الوافيه شرح الڪافيه“، فقير محمد جو ”ڪتاب
المصباح“ (1184هه/1770ع)، مولانا ضياالدين جو
”رساله نحويه“ (1336هه/ 1917ع)، ڪنهن نامعلوم مصنف
جو ”مقدمه صرف“ ۽ ”هدايت النحو“، وغيره (109).
انهن ڪتابن تي سنڌي عالمن حاشيه به لکيا آهن جن
متعلق گهڻي ڄاڻ ناهي. البت مولوي محمد هاشم ڳڙهي
ياسيني (وفات: 1322هه/ 1904ع) واري جا هدايت
النحو، مائتہ عوامل، صرف بهائي تي حاشيه لکيل آهن.
جيڪي به خدا ڄاڻي هن وقت موجود آهن يا اڏوهي جو
کاڄ ٿي ويا تنهنجي خبر خداوند کي (110). ابن حاجب
جي مشهور ڪتاب ڪافيه تي اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي
عالمن حاشيه ۽ شرح لکيا آهن، جن مان ملا جامي جي
”شرح جامي“ گهڻي مشهور آهي. واصف لکي ٿو ته،
مولانا جامي (817- 898هه) جي شرح، ڪافيه جي ڪيترين
شرحن جو ملحض آهي جنهن ۾ ڪي اضافا به ڪيا اٿس. اها
شرح اسلامي دنيا ۾ مقبول ۽ معتداول آهي (111).
مولانا جاميءَ جي شرح تي سنڌ جي عالم، مخدوم مولوي
عبدالطيف درٻيلائي جو ”حاشيه شرح ملا جامي“
لکيل آهي (112).
ٽنڊي سائينداد، سنڌ جي سرهندي خاندان عربي ۽ فارسي
علم ادب جي گهڻي خدمت ڪئي آهي. جنهن ۾ خواجه حاجي
عبدالرحمان مجددي سرهندي، خواجه حافظ محمد حسن جان
سرهندي، عبدالله جان سرهندي بامعروف (شاهه آغا
جان) وغيره جا نالا نهايت اهميت جي حامل آهن. انهن
صاحبن ديني ادب جي اشاعت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو
آهي، جنهن جو گهڻو تعداد عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾
آهي. خواجه محمد حسن جان سرهنديءَ جو قرآن شريف جي
ڏکين اکرن جو عربيءَ ۾ فرهنگ، ”بلغات القرآن“
نهايت سهڻي خط ۾ لکيل آهي. سندن فرزند، خواجه
عبدالله جان سرهندي بامعروف (شاهه آغا جان) جو
عربي ٻوليءَ ۾ علم نحو جي مشهور ڪتاب ”ڪافيه“ تي
عربيءَ ۾ شرح لکيل آهي. هي ڪتاب ”الصافيه
شرح الڪافيه“ جي نالي سان ٽن جلدن ۾ ڪراچيءَ مان
سنه (1406هه/ 1986ع) ۾ شايع ٿيو. اهي سڀئي جلد
انٽرنيٽ جي هن سائيٽ (www.
sirhindi.info) تي
ڏسي سگهجن ٿا. ان کان علاوه، آغا غلام نبي المعروف
آغا صوفي (1889- 1938ع) جو به هڪ پارسي گرامر لکيل
آهي، جيڪو هن نوڪريءَ دوران ڇپايو (113).
vi.انڊو
آرين ٻولين جا تقابلي گرامر (Comparative
grammars):
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل گرامر جي ڪتابن جو تفصيل مٿي
ڏنون اٿئون. سنه 1843ع کان 1943ع واري عرصي دوران
انگريز عالمن تقابلي گرامر جا ڪتاب پڻ لکيا آهن،
جيڪي گهڻو ڪري انڊو آرين لينگويجز (Indo
Aryan Languages)
يعني (هندي- سنڌي- مرهٽي- بنگالي- اوريا- پنجابي-
گجراتي) ٻولين جي اڀياس تي مشتمل آهن. جن ۾ ڊاڪٽر
ٽرمپ (1872ع) سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي ڀيٽ پراڪرت
۽ سنسڪرت ٻوليءَ سان ڪئي آهي. ڊاڪٽر ڪالڊويل
(1856ع) وري دراوڙي ٻولين جي تقابلي گرامر ۾
سنڌيءَ جي ڪن هنڌن تي دراوڙي ٻولين جي گرامر سان
ڀيٽ ڪئي آهي. جان بيمس مٿي بيان ڪيل ستن ٻولين جي
گرامر جو تقابلي جائزو سال 79-1872ع ۾ پيش ڪيو.
ڊاڪٽر روڊالف وري گاجين ٻولين جي تقابلي گرامر جو
جائزو سنه 1880ع ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ هن هندي ٻوليءَ
جي ڀيٽ ٻين گاجين ٻولين سان ڪئي آهي، جنهن ۾ هن
سنڌيءَ کي به شامل ڪيو آهي. ٽرنر رالف للي نيپالي
ٻولي جي ڊڪشنري جوڙڻ وقت انجي ڀيٽ انڊو آرين ٻولين
سان ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌي به شامل آهي. گريئرسن جي
لنگويسٽئڪ سروي آف انڊيا ۾ سنڌي، لانڌها ۽ وراچڊا
ٻولين جو تقابلي جائزو پيش ڪيل آهي.
انهن عالمن جي لساني تحقيق مان خبر پوي ٿي ته انڊو
آريا ٻوليون هڪ ٻئي سان گهڻي حد تائين مشابهت رکن
ٿيون ۽ انهن جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي. سنڌي
لسانيات جو ماهر، ڊاڪٽر خوبچنداڻي لکي ٿو ته،
”هندوستان جي لسانيات جي ماهرن، ڀنڊارڪر (1914ع)،
گني (1918ع)، چيٽرجي (1942ع)، ويل (1948ع)، ۽ ڪتري
(1961ع) جي لکيل تقابلي جائزن ۾ سنڌي پڻ شامل ڪيل
آهي. گهاٽيگ، تاريخي لسانيات ۽ انڊو آرين ٻولين جي
جائزي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اوسر بابت واضع تصوير چٽي
آهي، جنهن ۾ هن سنڌي لاءِ مواد خوبچنداڻيءَ جي
ٿيسز تان کنيو آهي. سمتانيءَ (1957ع) ۾ سنڌيءَ جو
تقابلي جائزو پالي ۽ سنسڪرت ٻولين سان ڪيو آهي“
(114). ان کان علاوه، پنجاب يونيورسٽي هوشيارپور
جي سنسڪرت ۽ انڊولاجيڪل اسٽيڊيز جي شعبي
”سنڌي- لانڌها- پنجابي“ ٻولين جي لساني جائزي هيٺ
سڌيشور ورما جي اسٽڊي 1978ع ۾ شايع ڪئي آهي. جنهن
۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ پنجابي ۽ لانڌها ٻولين
سان ڪئي آهي (115). ڊاڪٽر پرسو گدواڻي (1937-
2004ع) جو ”سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ مشابهت“ (1996ع)
۽ داد محمد بروهيءَ جو ”سنڌي- بروهي ٻولين جو
تقابلي جائزو“ (1994ع)، سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي
تقابلي گرامر جي اڀياس ۾ نئون اضافو آهن. خالد خان
خٽڪ جو لکيل، ”سنڌي پشتو اردو ڪي لساني روابط،
(2007ع)“ پاڪستاني ٻولين جي تقابلي اڀياس لاءِ اهم
ڪتاب آهي. انهن مان چند تقابلي گرامر (Comparative
grammars) جو مختصر
احوال هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو اميد ته سنڌي ٻوليءَ جي
محققن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
1.وليم
ڪيري William
Carey,
1761- 1834 جو
لنگويسٽڪ سروي آف انڊيا:
برٽش مشينري، وليم ڪيري (1761- 1834ع)، سال 1793ع
۾ هندوستان آيو. هن 1801ع ۾ بائبل جو بنگالي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو جيڪو ساڳئي سال شايع ٿيو. جنهن
جا پوءِ، هندوستان جي ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجما شايع
ٿيا. سال 1816ع ۾ هن جي هندوستان جي ٻولين بابت هڪ
رپورٽ شايع ٿي. جنهن ۾ هن 33 هندوستاني ٻولين جا
نمونا ڏنا آهن، جنهن ۾ هر ٻولي جي ضمير جا ڪجهه
مثال ۽ ان سان گڏ خدا جي ثنا ۾ دعائن جا ڪجهه
نمونا شامل آهن. هن ۾ ٻين سان گڏ، سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ
جي ٻولين جا نمونا پڻ شامل آهن. هن رپورٽ جي آخر ۾
وليم ڪيري، جي- مارش- مين ۽ ڊبليو وارڊ جون صحيون
ٿيل آهن.
2.ڊاڪٽر
رابرٽ ڪالڊويل (Robert
Caldwell,
1814- 1891)) جو
دراوڙي ٻولين بابت لکيل تقابلي گرامر:
هن مطالعي ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل اهو ثابت ڪيو ته اهي
ٻوليون جيڪي هندوستان جي سائوٿ ۾ ڳالهائجن ٿيون،
جن ۾ تامل، تيلگو، ڪانڊا، يا ملايلم وغيره شامل
آهن سي سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل ناهن. اهو ساڳيو ئي
نظريو (F.W.Ellis)
1816ع ۾ پيش ڪيو هو، جيڪو پوءِ 1889ع ۾ شايع ٿيو.
هن ڪتاب ۾ هن سنڌي ٻوليءَ متعلق پڻ اهو خيال
ڏيکاريو آهي ته سنڌي ٻولي تي به ڪنهن حد تائين
دراوڙي ٻولين جو عنصر شامل آهي. ان جي پٺڀرائي
ڪندي هن ارنيسٽ ٽرمپ جي گرامر مان ڪجهه مثال ڏنا
آهن. ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته، بروهي ٻولي لڳي ٿو
ته ساڳئي شاخ مان نڪتي آهي جنهن مان سنڌي ۽ پنجابي
ٻوليون نڪتيون آهن، پر ان ۾ دراوڙي عنصر شامل آهي.
ان جي وضاحت ڪندي هن لکيو ته انهي جو مطلب اهو ٿيو
ته دراوڙي لوڪ نارٿ- ويسٽ رستي کان انڊس ۾ داخل
ٿيا. ڊاڪٽر ٽرمپ جو حوالو ڏيندي هُو وڌيڪ لکي ٿو
ته، ڊاڪٽر ٽرمپ جو خيال آهي ته جيڪي آواز سيريبرل
آهن سي آرين ٻولين جا ناهن، اهي ڪن ٻين آڳاٽين
ٻولن جا اهڙا عناصر آهن جن کي سنڌي ٻوليءَ سنڀالي
رکيو آهي. ان نظريي جي پٺ ڀرائي مشنري جارج شرٽ جي
لکيل هڪ مقالي مان پڻ ملي ٿي. ڊاڪٽر ڪالڊويل جي
هيءَ گرامر پهريون دفعو سنه 1856ع ۾ لنڊن مان شايع
ٿي، هن جو ٻيو وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو 1875ع ۾ شايع
ٿيو. جوزف لائيٽ ۽ راما ڪرشنا هن کي وڌائي ۽ سڌاري
سنه 1913ع ۾ لنڊن مان شايع ڪيو. هڪ ٻيو سڌاريل
ڇاپو 1961ع ۾ مدراس مان ۽ نئون ڇاپو ايشئن
ايڊيوڪيشن سروس طرفان 1998ع ۾ شايع ٿيو آهي.
Caldwell, R., A comparative grammar of the
Dravidian, or, South- Indian Family of
languages, London: Harrison, 1856; Reprinted
London, K. Paul, Trench, Trubner & co., Ltd;
1913; rev. ed. by j.l. wyatt and T. Ramakrishna
Pillai, Madras, University of Madras, 1961,
reprint Asian Educational Services, 1998.
3.اڪٽر
ارنسٽ ٽرمپ (Ernst,
Trumpp.,
1828-1885)) جو لکيل
تقابلي گرامر:
جرمن مشنري اسڪالر، ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ، جيڪي خدمتون
سنڌي ٻولي لاءِ انجام ڏنيون آهن تن کي سنڌي ٻوليءَ
جا محقق ڪڏهن به وساري نٿا سگهن. ڊاڪٽر ٽرمپ 12
سيپٽمبر، 1854ع تي ڪراچي پهتو (116). ڪراچي پهچڻ
شرط هو مشنري ڪم ۾ لڳي ويو ۽ ان سان گڏوگڏ هن سنڌي
ٻوليءَ جو اڀياس پڻ جاري رکيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
مختلف لهجن ۽ گرامر جي اصولن ڏانهن پڻ ڌيان ڏيندو
رهيو. هن ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ
ادب جو چڱو خاصو مواد پڻ جمع ڪيو، جيڪو پوءِ هن
سنڌي گرامر کي جوڙڻ وقت ڪم آندو. جنهن ۾ ڪوي ناٿ
جو سر سورٺ، مينگهي ڀڳت جا اشلوڪ، سر سسئي، شاهه
جو رسالو ۽ ٻيو مواد شامل آهي. ان مان هن مينگهي
ڀڳت ۽ ڪوي ناٿ جي سر سورٺ جا بيت سنڌي ريڊنگ بڪ ۾
ڏنا آهن. باقي ٻيو مواد هو شايد ڇپائي نه سگهيو.
ڪراچيءَ مان واپسي کانپوءِ به هو سنڌي گرامر تي ڪم
ڪندو رهيو ۽ ان عرصي دوران هن سنڌي ٻوليءَ بابت ٻه
مقالا جرمن رسالي ۾ شايع ڪرايا (117). انهن مقالن
۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ پراڪرت ۽ سنسڪرت سان ڪئي
آهي. ان کان علاوه، هن جو هڪ مقالو جنرل آف دي
رائل اشئٽڪ سوسائٽي آف گريٽ برٽن اينڊ آئرلينڊ جي
رسالي ۾ (on
the Declensional Features of the North Indian
Verniculars Compared with the Sanskirt, Pali and
Prakirt)شايع ٿيو،
جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ مان پڻ گهڻا مثال ڏنا آهن
(118). هن مقالي ۾ هن انڊو آرين ٻولين جي ڀيٽ
سنسڪرت، پراڪرت ۽ پالي سان ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌي
پڻ شامل آهي. جيتوڻيڪ هن سنڌي گرامر متعلق ڪتاب
گهڻي حد تائين 1858ع تائين مڪمل ڪري ڇڏيو هو، پر
ڪن سببن ڪري اهو ڪتاب جلدي ڇپجي نه سگهيو. آخرڪار
هند حڪومت جي مالي تعاون سان اهو ڪتاب سنه 1872ع ۾
لنڊن مان شايع ٿيو. ان جو هڪ ڇاپو 1970ع ۾ (Osnabr:
Biblio Verlag) مان
شايع ٿيو آهي ۽ هڪ ڇاپو، ايشئن ايڊيوڪيشنل سروسز
وارن نئي دهلي مان 1986ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن گرامر
جو سنڌي ترجمو سنڌي زبان جي ليکڪ سراج صاحب جي
فرزند ڊاڪٽر امجد سراج ڪيو آهي، جنهن کي سنڌي
لينگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ سال 2011ع ۾ شايع ڪيو
آهي. هن جي ايڊيٽنگ محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي
آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي تحقيق ڪرڻ
وارن لاءِ نهايت ئي ڪارآمد آهي، جنهن مان سنڌي
شاگرد ۽ استاد پڻ گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڊاڪٽر خوبچنداڻي صاحب هن گرامر متعلق لکيو آهي ته،
”ڊاڪٽر ٽرمپ جو هيءُ گرامر مڪمل ۽ مستند سمجهيو
وڃي ٿو، جنهن ۾ ٽرمپ صاحب هر ڳالهه کي سمجهائڻ
لاءِ مثال ڏنا آهن جن ۾ شاهه جو رسالو اهم ماخذ
آهي. هن جي گرامر جو انداز سنسڪرت جي لکيل گرامر
سان گهڻو ملي جلي ٿو“ (119). ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي
گرامر جي مهاڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ متعلق لکيو آهي ته:
”سنڌي ٻولي خالص سنسڪرتي ٻولي آهي جيڪا نارٿ انڊين
ورنيڪيولر ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهڻن ڌارين لفظن کان آجي
آهي. پراڪرت جي وياڪرڻي ماهرن اپڀرنش کي صحي طرح
عام ٻولي چيو آهي جنهن مان سنڌي به نڪتل آهي، پر
جڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ ٻين انڊو آرين ٻولين
سان ڪريون ٿا ته وياڪرڻي جي لحاظ کان اهو چوڻو پوي
ٿو ته سنڌي ٻولي سڀني کان مٿائين آهي. اها وڌيڪ
پراڪرت جي ويجهو آهي بنسبت هندي- پنجابي- مرهٽي ۽
بنگالي ٻولين جي. هن پنهنجي گرامر جا اصول سنڀالي
رکيا آهن، جيڪي گهڻو تڻو ٻين انڊو آرين ٻولين مان
نڪري چڪا آهن. هندوستان جون ٻيون ورنيڪيولر ٻوليون
گرامر جي پراڻن اصولن کي ڇڏي رهيون آهن، جڏهن ته
سنڌيءَ ۾ اهي اصول اڄ به قائم آهن ۽ اهائي سنڌي
ٻوليءَ جي خوبصورتي آهي. هو اڳتي لکي ٿو ته،
پراڪرت جي وياڪرڻي ماهرن جيڪي اصول اپڀرنش لاءِ
مقرر ڪيا آهن سي هاڻ به سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن.
سنڌي الڳ سان زبان آهي جيڪا ڪن ڳالهين ۾ ٻين انڊو
آرين ٻولين سان مشابهت رکي ٿي، پر انجو پنهنجو الڳ
ويا ڪرڻ آهي جيڪو ان کي ٻين ٻولين کان منفرد ڪري
ٿو.“
Trumpp, Ernst, 1828- 1885. Grammar of the Sindhi
Language: Compared with the Sanskrit- Prakrit
and the Cognate Indian Vernaculars. New Delhi:
Asian Educational Services, 1986. I, 540 P.
4.جان
بيمس John
Beams: 1837-1902)
جو انڊو آرين ٻولين بابت لکيل تقابلي گرامر:
مشهور انگريز مستشرقين ۽ انڊو آرين ٻولين جو ڄاڻو،
جان بيمس، پادري ٿامس بيمس جي گهر 21 جون 1837ع تي
گرينوچ اسپتال ۾ ڄائو. مرچنٽ ٽيلر اسڪول (Merchant
Taylor`s) مان تعليم
حاصل ڪري هو انڊين سول سروس ۾ وڃڻ لاءِ هيليبري
ڪاليج (Haileybury College)
۾ داخل ٿيو. ڪاليج ۾ رهڻ دوران هن سال 7- 1856ع ۾
سنسڪرت ۽ پرشن ٻولين ۾ انعام حاصل ڪيو. سال 1858ع
۾ هو هندوستان آيو ۽ 1859ع کان 1861ع تائين پنجاب
سول سروس ۾ رهيو. ڊسمبر 1861ع کان هن بنگال
پريزيڊينسي ۾ مستقل ڪليڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو. سنه 1881ع ۾ هن کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. مارچ
1893ع ۾ هُو انڊين سول سروس مان رٽائر ٿيو.
هيليبري ڪاليج (Haileybury
College) ۾ پڙهڻ
واري عرصي دوران ئي هن هندوستان جي مختلف ٻولين ۾
مهارت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. هن جو پهريون مقالو،
جنرل آف بنگال ايشيئٽڪ سوسائٽي جي 1866ع واري پرچي
۾ شايع ٿيو جنهن ۾ هن هندوستاني ٻوليءَ ۾ داخل ٿيل
عربي اکرن تي روشني وڌي آهي. 1866ع ۾ پادري
ڪالڊويل جي گرامر کي ڏسي هن انڊو آرين ٻولين جي
تقابلي گرامر بابت لکڻ جو سوچيو. جنهن جي نتيجي ۾
هن ستن انڊو آرين ٻولين جي تقابلي گرامر جو پهريون
جلد 1872ع ۾ شايع ڪرايو. هن جي ٻين ڪتابن ۾ (Outlines
of Indian Philology) آهي
جنهن ۾ هن هندوستان جي ٻولين جي ڪلاسيفيڪيشن يا
ورهاست ڏني آهي. هن جا نيپالي ۽ ڀوجاپوري ٻولين تي
لکيل ٻه مقالا سال 1868ع ۾ شايع ٿيا. ان کان پوءِ
هن جا مختلف موضوعن تي لکيل مقالا رسالا ۾ شايع
ٿيندا رهيا. سال 1869ع ۾ هن جو Sir
Henry Elliot`s Suppliment Glossary of Indian
Terms) شايع
ٿيو. جنهن کانپوءِ، بنگالي ٻوليءَ جو گرامر سال
1891ع ۾ شايع ٿيو.
رٽائرمينٽ کانپوءِ هن گهڻو ڪري ايمپيئريل ۽
ايشيئٽڪ رِويو لاءِ لکيو. هن جو ارادو پراڪرت جي
ڊڪشنري لکڻ جو پڻ هو، پر مالي امداد نه ملڻ ڪري هن
اهو منصوبو ترڪ ڪري ڇڏيو. آخري ڏينهن ۾ هو ترڪي ۾
لکيل بابرنامه جو ترجمو ڪري رهيو هو جيڪو شايد
مڪمل ٿي نه سگهيو. هن جي مشهوري انڊو آرين ٻولين
تي لکيل تقابلي گرامر جي ڪري آهي، جنهن جو پهريون
جلد 1872ع ۾ ٻيو جلد 1875ع ۾ ۽ ٽيون جلد 1879ع ۾
شايع ٿيو. هن کي ان گرامر لکڻ جو خيال ڊاڪٽر
ڪالڊويل جي دراوڙي ٻولين جي تقابلي گرامر کي ڏسڻ
کان پوءِ آيو. هن جي لکت موجب موجوده وقت ۾ لکيل
گرامر ۽ ڊڪشنريون گهڻو ڪري اڻپوريون، ۽ غلطين سان
ڀريل آهن جن ۾ اکرن جي ويتپتي بابت پڻ غلط ڄاڻ ڏنل
آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اهي ٻوليون پاڻ
ڳالهائجن ۽ انهن جي سکيا حاصل ڪجي.
هن پهرين جلد جي مهاڳ ۾ لکيو ته، 12 سال هندوستان
۾ رهڻ دوران ۽ پنجاب، بهار، اوريسيا ۽ بنگال ۾ ڪم
ڪندي آئون پنجابي، هندي، بنگالي ۽ اوريا لکي، پڙهي
۽ ڳالهائي سگهان ٿو. مرهٽي، سنڌي ۽ گجراتي مون
ڪتابن مان سکي آهي. جنهن لاءِ آئون مسٽر فلن (Mr.
Flynn) جو نهايت شڪر
گذار آهيان جنهن جي هندوستان جي ٻولين بابت
معلومات نهايت مستند ۽ قابل قدر آهي. منهنجا ڪتاب
جيڪي ٿورا گهڻا منهنجي لائبرري ۾ موجود آهن، تن
مان مون ڪجهه معلومات حاصل ڪئي آهي، پر اصلي ڪتاب
اهي آهن جيڪي مون ڳالهائيندي ٻڌا آهن جيڪي وڌيڪ
ڪارائتا ۽ ڪارآمد آهن. ان لاءِ مون ضروري سمجهيو
ته انهن ٻولين جي ڳالهائيندڙن سان گڏ رهجي ۽ انهن
جي ٻولين جو اڀياس انهن جي ڳالهائڻ مان حاصل ڪجي.
اهي اهڙا ڪتاب آهن جيڪي صحي ۽ سچي ڄاڻ مهيا ڪن ٿا
۽ هن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گهٽ وڌائي ڪانهي. اهي
ڪتاب جيڪي مون ڳالهائيندي ٻڌا سي وڌيڪ ڪارآمد آهن.
جيڪي نڪو گرامر ۾ ۽ نڪو ڊڪشنرين ۾ ملن ٿا.
هن جي تقابلي گرامر جو پهريون جلد 1872ع ۾ شايع
ٿيو، اهو سال انڪري به گهڻي اهميت رکي ٿو جو ان
سال ڊاڪٽر ٽرمپ جو تقابلي گرامر، ۽ روڊالف جو لکيل
گاجين ٻولين جي تقابلي گرامر تي مضمون Essays
in aid of a Comparative
Grammar of the Gaudian Languagesجنرل
آف ايشيئٽڪ سوسائٽي آف بنگال ۾ شايع ٿيو. اهي
تقابلي گرامر هندوستان جي ٻولين جي لسانياتي جائزن
۾ وڏي اهميت ۽ بنيادي حيثيت رکن ٿا. انهن ٽنهي ۾
ان ڳالهه تي زور ڏنل آهي ته انڊو آرين ٻولين جي
اوسر جو مدار پراڪرت ٻولين جي اوسر تي آهي. انڊو
آريا ٻولين جي ماهر، جان بيمس جي وفات گهڻي عرصي
کان بيماريءَ سبب (ڇنڇر جي ڏينهن، 24 مئي، 1902ع)
تي سومرسيٽ لنڊن ۾ ٿي. (جان بيمس جي حياتي متعلق
هي مختصر احوال گريئرسن جي لکيل وفاتنامي تان
ترجمو ڪيل آهي جيڪو رائل ايشئٽڪ سوسائٽي جي 1902ع
واري پرچي ۾ شايع ٿيو. (120)
جان بيمس جي لکيل تقابلي گرامر ۾ هندي- پنجابي-
سنڌي- گجراتي- مرهٽي- اوريا ۽ بنگالي ٻوليون شامل
آهن. هن گرامر جو پهريون جلد لنڊن مان 1872ع ۾
شايع ٿيو، جنهن ۾ هن هندوستان جي ٻولين جي اوسر
بابت ڄاڻ ڏني آهي ۽ ان کانپوءِ، انڊو آرين ٻولين
جي (Phonetics)
تي بحث ڪيو اٿس. هن گرامر جو جلد- 2، لنڊن مان
1875ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ (Noun
and Pronoun) تي
ڄاڻ ڏنل آهي. آخري جلد پڻ لنڊن مان 1879ع ۾ نڪتو،
جنهن ۾ (Verb)
تي بحث ٿيل آهي. هن جو هڪ ڇاپو دهلي مان منشيرام
منوهرلال 1966ع ۾ ۽ 1970ع ۾ ٽن جلدن جي گڏيل صورت
۾ ڇپايو آهي. هن ڪتاب جو نئون ڇاپو ڪيمبرج يو- ڪي
۽ نيويارڪ مان 3- جلدن جي گڏيل صورت ۾ سال 2012ع ۾
شايع ٿيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ بابت گهڻو مواد، هن ٽرمپ جي لکيل
مضمونن مان ورتو آهي جيڪي جرمني مان شايع ٿيا. ان
کان علاوه شايع ٿيل گرامر مان پڻ گهڻا مثال ڏنا
آهن، جڏهن ته سنڌي اکر، ديوناگري خط ۾ لکيل آهن.
انڊو آرين ٻولين جي تقابلي گرامر لاءِ هي ڪتاب
نهايت ڪارائتو آهي.
Beams, John. 1837- 1902. A comparative grammer
of the modern Aryan languages of India: to wit,
Hindi, Panjabi, Sindhi, Gujarati, Marathi,
Oriya, and Bangali. London, Trubner, 1872 1879.
3v. [v. 1. on Sounds-- v.2. The noun and
Pronoun-- v. 3. The Verb] Another Edition: Delhi
Munshiram Manoharlal, 1966 and 1970. 3v. in 1.
5. روڊ
الف (Hoernle,
August Friedrich Rudolf,
1841-1918) جوگاجين
ٻولين بابت لکيل تقابلي گرامر:
ڊاڪٽر روڊالف جي هيءَ تصنيف هندي ٻولي بابت آهي،
جنهن ۾ هن هندي ٻوليءَ جي گرامر جو تقابلي جائزو
ٻين انڊو آرين ٻولين سان ڪيو آهي. جنهن ۾ پنجابي،
پراڪرت، سنسڪرت، پالي، مرهٽي، نيپالي ۽ سنڌي
ٻوليون شامل آهن. سنڌي ٻوليءَ جو گهڻو ذڪر نه ڪيو
اٿس، البت ڪن هندن تي هنڌيءَ جي ڀيٽ ڪندي هن
سنڌيءَ کي به شامل ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ٻولين بابت
چارٽ ڏنل آهي جنهن مان خبر پوي ٿي ته سنڌي ٻولي
آڳاٽي اپڀرنش مان نڪتل آهي.
نارٿ انڊيا جون سڀئي ٻوليون جيڪي آڳاٽي سنسڪرت مان
نڪتل آهن تن کي مصنف گاڊين يا گاجين جو نالو ڏنو
آهي، جڏهن ته جان بيمس انهن کي ماڊرن انڊو آريا
ٻوليون سڏيو آهي. هندوستان ۾ هندي ٻولي ٻن مختلف
حصن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، هڪ ويسٽرن ۽ ٻيو ايسٽرن ۽
ٻنهي حصن ۾ ڳالهائيندڙ رهندي هڪ ٻئي کان مختلف آهي
۽ اهي هنديءَ جا ٻه مختلف محاورا آهن. هڪ کي هن
ويسٽرن- هندي سڏيو آهي ۽ ٻي کي ايسٽرن- هندي.
ويسٽرن- هندي، پنجابي ۽ سنڌي کي هن ويسٽرن گاجين
گروپ ۾ رکيو آهي جڏهن ته ايسٽرن- هندي، بنگالي ۽
اوريا کي هن ايسٽرن گاجين گروپ ۾ رکيو آهي. هن جي
خيال موجب نيپالي گهڻو ڪري ويسٽرن گاجين جي ويجهو
آهي جڏهن ته مرهٽي ايسٽرن گاجين جي قريب آهي.
هو لکي ٿو ته، سنسڪرت ۽ گاجين ٻولين جي وچ ۾
پراڪرت ٻوليون آهن، جيڪي سنسڪرت کان گهڻو مختلف
آهن. پراڪرت جي وياڪرڻي ماهرن پراڪرت کي ٻن حصن ۾
تقسيم ڪيو آهي هڪ سوراسيني پراڪرت ۽ ٻيو مگڌهي
پراڪرت. انهن جي ڀيٽ ڪندي، ڊاڪٽر روڊالف لکي ٿو ته
ويسٽرن گاجين ٻولين سوراسيني پراڪرت سان تعلق رکن
ٿيون ۽ ايسٽرن گاجين ٻوليون مگڌهي پراڪرت جي ويجهو
آهن. انهن جي وچ ۾ اپڀرنش يا عام ڳالهائيندڙ
پراڪرت به آهي جنهن مان موجوده انڊو آريا ٻوليون
نڪتيون آهن. ڊاڪٽر روڊالف جو هي مطالعو سنه 1880ع
۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن جو هڪ ڇاپو ايمسٽرڊم مان
1975ع ۾ شايع ٿيو ۽ هڪ ڇاپو ايشيئن ايڊيوڪيشنل
سروس نئي دهلي مان 1990ع ۾ شايع ٿيو آهي. سنڌي اکر
ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل آهن. (هن گرامر متعلق احوال
ڪتاب جي انٽروڊڪشن تان ورتل آهي)
Hoernle, A.F.Rudolf 1841- 1918. A grammar of the
Eastern Hindi Compared with the other Gaudian
languages: accompanied by a language- map and
table of alphabets. London: Trubner, 1880.
[Another ed. Amsterdam: Philo Press, 1975, and
New Delhi: Asian Educational Services, 1991,]
6.جارج
ايبراهم گريئرسن (George
Abraham Grierson;
1851-1941) جو
لنگيئسٽڪه سروي آف انڊيا.
آئرلينڊ جو مشهور مستشرقين، جارج ايبراهم گريئرسن
ڊوبلن ڪائونٽي ۾ سال 1851ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم
حاصل ڪري هو ٽرينيٽي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي هو
ڪاليج جي پروفيسر رابرٽ ايٽڪن کان گهڻو متاثر ٿيو
۽ ان سان گڏ هندوستان جي مختلف ٻولين سنسڪرت وغيره
جي سکيا ۾ شامل ٿيو. هو 1872ع ۾ انڊين سول سروس ۾
داخل ٿيو ۽ بنگال ۾ سول سرونٽ آفيسر طور 1898ع
تائين ڪم ڪندو رهيو. انهي دوران هن هندوستان جي
ٻولين ۽ لوڪ ادب ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. سال 1877ع
کان 1933ع تائين هن جا ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيندا
رهيا، ان کان سواءِ ستر کن رِويو پڻ شايع ٿيا.
هن جو مشهور ۽ معروف ڪم لنگيسئٽڪ سروي آف انڊيا
آهي. سال 1886ع ۾ يورپين انڊولاجسٽ جي ويانا ۾ ٿيل
ڪانگريس ۾ اها رٿ رکي ويئي ته هندوستان جي ٻولين
جو ترتيب وار جائزو شايع ڪجي. اٺن سالن کانپوءِ،
حڪومت ان رٿا جي منظوري ڏني ۽ ان ڪم لاءِ گريئرسن
کي رکيو ويو. هن سروي هيٺ هندوستان جي 723 ٻولين
جو جائزو ڏنل آهي، جنهن ۾ 179 ٻوليون ۽ 544 محاورا
شامل آهن. يارهن جلدن تي مشتمل هن ڪتاب جا اٽڪل
800 صفحا آهن. هن سروي هيٺ هر ٻوليءَ مان ٽي نمونا
ڏنل آهن، جن ۾ نثر مان ٽڪرو، لوڪ ادب مان ڪجهه
حصو، زباني روايتن مان شامل ڪيل ڳالهه يا نظم
وغيره، گرامر جو نمونو، لفظن جو مختصر ذخيرو، ۽
جملا وغيره. ان کان علاوه، هندوستان ۾ ڳالهائيندڙ
ٻولين جي باشندن جي تاريخ، ان ٻولي جو گرامر، انهن
جي تمدني حالت ۽ رهڻي ڪهڻي، سوشل لائيف ۽ ڳالهائڻ
جا لهجا وغيره شامل آهن.
گريئرسن جي لکت موجب هن سروي ۾ هندوستان جي ٻولين
متعلق حقيقتن کي پيش ڪيو ويو آهي. هي پهريون موقعو
آهي جو ڪنهن حڪومت اهڙي ڪوشش ورتي آهي ۽ هندوستان
جي ٻولين بات ترتيبوار تحقيقي جاچ جي ڪوشش ڪئي
آهي. گريئرسن جو هي سروي اڄ ڏينهن تائين مستند
سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو 1902ع کان 1928ع تائين 11
جلدن جي صورت ۾ ٽيهن سالن جي عرصي ۾ ڇپجي ظاهر
ٿيو. هن جي جلد اٺين ۾ وچولي سنڌي متعلق ڄاڻ شامل
ڪيل آهي جنهن ۾ لفظن جو مختصر ذخيرو، گرامر بابت
ڄاڻ، ۽ مختلف محاورن جا جملا ڏنل آهن. جيتوڻيڪ هن
جي گرامر جو گهڻو مدار ٽرمپ جي گرامر تي ٻڌل آهي،
پر ان جي باوجود هن زباني روايتن ۽ ڳالهائيندڙ
ٻولي مان گهڻا مثال ڏنا آهن. (مختلف ڪتابن تان
ورتل)
Linguistic Survey of india/ comp. and ed. by
George Abraham Grierson; 1851-1941. Calcutta:
Office of the Superintendent of government
Printing, india, 1903- 1922. 1905-- VIII. indo-
Aryan Family. North- Western group: Pt. I.
Specimens of Sindhi and Lahnda. Comp. and ed. by
G.A. Grierson.
حوالا
44.دي
پاڪستان نيشنل ببليوگرافي. ڪراچي: گورنمينٽ آف
پاڪستان، نيشنل ببليوگرافيڪل يونٽ، (1962ع)، ص-
151 (هن پيراگراف جا ٽيئي ڪتاب پاڪستان نيشنل
ببليوگرافي تان ورتل آهن).
45.ڊاڪٽر
غلام علي الانا/ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي:
1947ع- 1973ع. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ
يونيورسٽي. (1976ع). لسانيات: (ڪتاب نمبر: 31، ص-
439)، (ڪتاب نمبر: 690- 691- 692، ص- 101)، (ڪتاب
نمبر: 725، ص- 107)، (ڪتاب نمبر: 29، ص- 439)،
(ڪتاب نمبر: 28، ص- 439).
46.ڊاڪٽر
غلام علي الانا/ ڇپيل سنڌين ڪتابن جي ببليوگرافي:
1947ع- 1973ع. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ
يونيورسٽي. (1976ع). لسانيات: (ڪتاب نمبر: 736، ص-
109)، (ڪتاب نمبر: 30، ص- 439)، (ڪتاب 695، ص-
102)، (ڪتاب نمبر: 688، ص- 101)، (ڪتاب نمبر: 713،
ص- 106 (ڪتاب نمبر: 765، ص- 114)، (ڪتاب نمبر:
727، ص- 108).
47.الطاف
حسين جوکيو/ فعل لازمي ۽ متعدي جو مختصر اڀياس،
(مقالو). ڪتاب: سنڌي ٻولي، جلد- 5، شمارو- 3،
جولاءِ- سيپٽمبر/ 2012ع، ص- 76
48.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OCLC: 63048147)
49.عبدالوهاب
سهتو/ سنڌي لغت نويسي جي تاريخ (ضميمو- 1). ڪينجهر
مارچ/ 2001ع، ص- 5
50.برٽش
لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: SAC.
1996. a. 1244: ۽
شيلف مارڪ:(SAC. 1996.a. 1149.
الطاف حسين جوکيو/ فعل لازمي ۽ متعدي جو مختصر
اڀياس، (مقالو). ڪتاب: سنڌي ٻولي، جلد- 5، شمارو-
3، جولاءِ- سيپٽمبر/ 2012ع، ص- 76
51.الطاف
حسين جوکيو/ فعل لازمي ۽ متعدي جو مختصر اڀياس،
(مقالو). ڪتاب: سنڌي ٻولي، جلد- 5، شمارو- 3،
جولاءِ- سيپٽمبر/ 2012ع، ص- 76
52.ساڳيو.
53.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OCLC: 45951411)
54.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OCLC: 51593515
55.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OCLC: 733457941
56.الطاف
حسين جوکيو/ فعل لازمي ۽ متعدي جو مختصر اڀياس،
(مقالو). ڪتاب: سنڌي ٻولي، جلد- 5، شمارو- 3،
جولاءِ- سيپٽمبر/ 2012ع، ص- 76
57.سنڌي
لينگويج اٿارٽي جي ويب سائيٽ جي آن لائين ڪيٽلاگ
تان ورتل
58.ڊيپارٽمينٽ
آف سنڌي: يونيورسٽي آف سنڌ ويب سائيٽ. (http://www.
usindh. edu. pk/ Shazia. pitafi
59.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OCLC: 742234942
60.الطاف
حسين جوکيو/ فعل لازمي ۽ متعدي جو مختصر اڀياس،
(مقالو). ڪتاب: سنڌي ٻولي، جلد- 5، شمارو- 3،
جولاءِ- سيپٽمبر/ 2012ع، ص- 76
61.ساڳيو
62.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OCLC: 794553610
63.امداد
حسيني/ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي گرامر جو جائزو،
(مقالو). ڪتاب: سنڌي ٻولي، جلد- 5، شمارو- 3،
جولاءِ- سيپٽمبر/ 2012ع، ص: 13- 19
64.امداد
حسيني/ سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جي
تصنيفات جو قلمي ذخيرو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄامشورو، 1971ع، ص- 11
65.ڊاڪٽر
غلام محمد لاکو/ ڪلهوڙا دور جو گمنام فارسي ادبي
ذخيرو. مهراڻ، بهار/ 2006ع، صفحا/ 67- 71
66.سيد
حسام الدين راشدي/ مير علي شير قانع. مهراڻ: سيد
حسام الدين راشدي نمبر، 2/ 1997ع، ص- 193
67.ڊاڪٽر
غلام محمد ڏاهري/ مخدوم ابوالحسن ڏاهري. مهراڻ 3-
4/ 1997ع صفحا 90- 103
68.ڊاڪٽر
غلام محمد لاکو/ ڪلهوڙا دور جو گمنام فارسي ادبي
ذخيرو. مهراڻ، بهار/ 2006ع، صفحا/ 67- 71
69.محمد
بخش واصف/خزينتہ العلوم، جلد- 1، (قلمي)، صفحو 314
70.امداد
حسيني/ سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جي
تصنيفات جو قلمي ذخيرو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄام شورو، 1971ع، نمبر- 37، ص- 11
71.رچرڊ
ايف برٽن/ سنڌ اينڊ دي ريسس ديٽ انهيبٽ دي ويلي آف
دي انڊس وٿ نوٽيس آف دي ٽوپو گرافي اينڊ هسٽري آف
دي پرووينس. لنڊن: انگلينڊ، ڊبليو. ايڇ- ايلن،
(1851ع)، ص- 139
72.پروفيسر
آفاق صديقي/ حضرت لعل قلندر تاريخ کي آئيني مين.
ڪتاب: قلندر شهباز هڪ مطالعو. مرتب: نفيس احمد
شيخ. ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄامشورو، (2007ع)، ص - 162
73.محمد
بخش واصف/ خزينتہ العلوم، جلد- 1، (قلمي)، ص- 205
74.ڊاڪٽر
ممتاز حسين پٺاڻ/ شيخ عثمان مروندي. ڪتاب: قلندر
شهباز هڪ مطالعو. مرتب: نفيس احمد شيخ. ڊسٽرڪٽ
گورنمينٽ ڄامشورو، (2007ع)، ص- 74
75.برٽش
لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ:
(9) 1670. (VT
76.برٽش
لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (ٽيون ڇاپو،
شيلف مارڪ: (5) 1671. (VT ،(چوٿون
ڇاپو، شيلف مارڪ: (2) 1672. (VT ،
(پنجون ڇاپو، شيلف مارڪ: (1) 1694 (VT
77.جي-
ايف بلمهارڊٽ/ ڪيٽلاگس آف دي هندي، پنجابي، سنڌي،
اينڊ پشتو پرنٽيڊ بڪس ان دي لائبرري آف دي برٽش
ميوزم. لنڊن: لانگمين گرين اينڊ ڪمپني، (1893ع)،
ڪالم- 1 (شيلف مارڪ: (1) .(3). c.
14164)
78.سي.
اي. اسٽوري/ پرشن لٽريچر: اي بائيو ببليوگرافڪ
سروي. واليوم- 3، پارٽ- 1، ليڊن، (1984ع)، ص- 141
79.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OClC: 557459589)
80.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: 499313313 OCLC:
81.اي.
جي. آربري/ ڪيٽلاگ آف دي لائبرري آف دي انڊيا
آفيس، واليوم- 2، پارٽ- 6. لنڊن: 1937ع، ص - 325،
ڪتاب نمبر- (13/ 1014)
82.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OClC: 499746093)
83.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (Accession
No: OClC: 499751409
84.محمد
پنهل ڏهر/ فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما. مهراڻ، 3-
4/ 1997ع، ص- 79 ۽ 80
85.محمد
قاسم سومرو/ سنڌ: اين اينوٽيڊ ببليوگرافي.
پاڪستان: اسلام آباد، (1981ع)، ڪتاب نمبر- 229، ص-
80
86.برٽش
لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ:
(3). 39. cc.
757 (Asia,
Pacific & Afrixa
87.اي.
جي. آربري/ ڪيٽلاگ آف دي لائبرري آف دي انڊيا
آفيس، واليوم- 2، پارٽ- 06 لنڊن: 1937ع، ص- 194،
ڪتاب نمبر- (7/ 319. (Per.
D.
88.برٽش
لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، شيلف مارڪ: (Asia,
Pacific & Africa 757. CC. 38..
89.مولانا
دين محمد وفائي/ تذڪره مشاهير سنڌ، جلد- 1. مولوي
الحاج محمد هالائي. ص- 271
90.محمد
بخش واصف/ خزينتہ العلوم، جلد- 1، (قلمي)، ص- 208
۽ 212
91.ساڳيو،
ص- 326
92.ساڳيو،
ص- 212
93.ڊاڪٽر
محمد ادريس السنڌي/ فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما.
مهراڻ، 2/ 1996ع، صفحا/ 54- 55
94.ساڳيو،
ص- 55
95.ساڳيو،
ص- 53
96.ساڳيو،
ص- 55
97.محمد
پنهل ڏهر/ فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما. مهراڻ، 3-
4/ 1997ع، ص- 82
98.ڊاڪٽر
محمد ادريس السنڌي/ فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما.
مهراڻ، 2/ 1996ع، ص - 64.
99.اشرف
علي سمون/ تبصرا: ڪتاب استاد فارسي. مهراڻ، 1/
2001ع، صفحا/ 186- 187
100.ڊاڪٽر
غلام علي الانا/ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي:
1947ع- 1973ع. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ
يونيورسٽي. 1976ع). لسانيات: (ڪتاب نمبر: 53، ص-
443)
101.ساڳيو،
لسانيات: (ڪتاب نمبر: 44، ص- 442
102.ساڳيو،
لسانيات: (ڪتاب نمبر: 45 ص- 442)
103.محمد
پنهل ڏهر/ فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما. مهراڻ، 3-
4/ 1997ع، ص- 79
104.ڊاڪٽر
محمد ادريس السنڌي/ تبصرا: ڪريما فارسي جو مطالعو
سنڌ ۾. مهراڻ، 3- 4/ 2001ع، ص- 94
105.ڊاڪٽر
نور افروز خواجه/ خليق مورائي ۽ سندس تصنيفون. ڇهه
ماهي سنڌي ادب، جلد- 14، نمبر 1- 2 / 1996ع ص- 38
106.ڊاڪٽر
محمد ادريس السنڌي/ تبصرا: مهراڻ منير شرح نحو
مير. مهراڻ، 1/2001ع، صفحا/ 188- 189
107.ڊاڪٽر
محمد ادريس النڌي/ فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما.
مهراڻ، 2/ 1996ع، ص- 69
108.ڊاڪٽر
محمد ادريس النڌي/ تبصرا: مهراڻ منير شرح نحو مير.
مهراڻ، 1/ 2001ع، ص- 188 .ڊاڪٽر
محمد ادريس النڌي/ تبصرا: مهراڻ منير شرح نحو مير.
مهراڻ، 1/ 2001ع، ص-
109.انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي جي لائبرري ۾ رکيل ڪتابن جي ڄاڻ ڇهه
ماهي سنڌي ادب، 1982ع ۽ 1983ع تان ورتل آهي.
110.مولانا
دين محمد وفائي/ تذڪره مشاهير سنڌ، جلد- 1. مولوي
محمد هاشم ڳڙهي ياسيني. حاشيه ص- 276
111.محمد
بخش واصف/ خزينتہ العلوم- 1 قلمي، حاشيه ص- 281
112.محمد
بخش واصف/ خزينتہ العلوم- ا قلمي، ص- 314
113.حبيب
الله مولا بخش ڀٽو/ آغا صوفي مرحوم، (مقالو).
مهراڻ: سوانح نمبر/ 1990ع، انٽرنيٽ ايڊيشن ص- 32
114.خوبچنداڻي،
لڇمڻ مولچند/ سنڌي: ڪمپيريٽو اينڊ هسٽاريڪل
اسٽڊيز. ڪتاب: ڪرنٽ ٽرينڊس ان لنگئسٽڪ: لنگئسٽڪ ان
سائوٿ ايشيا، واليوم- 05 مصنف. ٿامس ايلبرٽ سيبڪ.
مولٽن، 1976ع، ص- 215
115.ورلڊڪيٽ
آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC:
25852409
116.ٻٽ،
ڊاڪٽر الهرکيو/ ٽرمپ- ايلس اختلاف راءِ ۽ سنڌي
الف- بي وارو مامرو. ٽه ماهي مهراڻ: (بهار،
2004ع)، سنڌي ادبي بورڊ. ص- 47
117.خوبچنداڻي،
لڇمڻ مولچند/ سنڌي: ڪمپيريٽو اينڊ هسٽاريڪل
اسٽڊيز. ڪتاب: ڪرنٽ ٽرينڊس ان لنگئسٽڪ: لنگئسٽڪ ان
سائوٿ ايشيا، واليو- 05 مصنف. ٿامس ايلبرٽ سيبڪ.
مولٽن، 1976ع، ص- 214
118.ٽرمپ،
ارنسٽ/ On
the Declensioal features of the North indian
Verniculars Compared with the Sanskirt, Pali and
Prakirt) جنرل
آف دي رائل ايشيئٽڪ سوسائٽي آف گريٽ برٽن اينڊ
آئرلينڊ، واليوم- 19، لنڊن، 1862ع، ص: 361- 406
119.خوبچنداڻي،
لڇمڻ مولچند/ سنڌي: گرامر. ڪتاب: ڪرنٽ ٽرينڊس ان
لنگئسٽڪ: لنگئسٽڪ ان سائوٿ ايشيا، واليوم- 05
مصنف. ٿامس ايلبرٽ سيبڪ. مولٽن، 1976ع، ص- 207
120.گريئرسن،
ايبراهم جارج/ جان بيمس: وفاتنامو. جنرل آف دي
رائل ايشيئٽڪ سوسائٽي آف گريٽ برٽن اينڊ آئرلينڊ،
واليوم-؟، لنڊن، 1902ع، ص: 722- 725 |