سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:13

محمد يوسف جويو

 

 

 

سانگهڙ جا ڪتبخانا

سانگهڙ جو تاريخي ۽ جاگرافيائي پسمنظر

سنڌ جي نئين جوڙجڪ مطابق 23 ضلعن مان سانگهڙ ضلعو به هڪ آهي، هيءُ سڀ کان پهرين 1947ع ۾، ٻيو ڀيرو 1950ع ۾ ان کان پوءِ آخري ڀيرو سيپٽمبر 1953ع ۾ انتظامي طور وجود ۾ آيو. سانگهڙ ضلعي جي پکيڙ 4142 چورس ميل آهي، جنهن ۾ 500 چورس ميل اڇڙي ٿر جو وارياسو برپٽ پڻ شامل آهي. جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ سان 240- 68 ۽ 13- 70 ويڪرائي ڦاڪ ۽ جڏهن ته 30- 21 ۽ 28 ۽ 26 ڊگهائي ڦاڪن جي وچ ۾ سنڌ ملڪ جو ڏاکڻو وچولو حصو آهي.

سنڌ ملڪ جي آزاد حيثيت ختم ڪندي انگريزن 1843ع ۾ قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ ۾ پهرين مزاحمت جي شروعات ”حرن“ موجود ضلعي سانگهڙ مان ڪئي. نتيجي ۾ سنڌ اندر پهريون لوڙها جيل.(1))    (Concentration Campus)1895ع ۾ جانب جي ڍوري نالي هنڌ تي قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي انهن بهادر ماڻهن کي ٻارن ٻچن سميت قيد ڪيو ويندو هو جيڪي آزاديءَ لاءِ لڙندا هئا، اهڙيءَ طرح سنڌ اندر انگريزن طرفان پهرين مارشلا پڻ سانگهڙ ضلعي ۾ لڳائي وئي.

حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي گادي سيد محمد بقا شاهه ”پٽ ڌڻي“ کان شروع ٿئي ٿي ۽ موجودهه پيرپاڳاري سيد سڪندر علي شاهه عرف علي مردان شاهه“ ڇٽ ڌڻي“ تائين اچي ٿي. پير پاڳارن جي مريديءَ ۾ تقريبن سنڌ جا سڀ قبيلا، ذاتيون گروهه اچي وڃن ٿا، جن کي ”حر“ جي لقب سان سڏيو ويندو آهي.

سانگهڙ نه رڳو حر تحريڪ جي ڪري مشهور آهي، پر هن جي جاگرافي حدن جي اندر خوبصورت ۽ قدرتي ماحول جڙيل آهي، جنهن ۾ هڪ طرف کان اڇڙي ٿر جو وسيع برپٽ/ بيابان عجب ڏيک ڏئي ٿو ته ٻئي طرف مکي ڍنڍ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون ڍنڍون آهن. اهي مختلف آبي جيوت جا مرڪز آهن ۽ اتي ڀانت ڀانت جا ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي اچي آساس وٺن ٿا، اهو علائقو سانگهڙ جي خوبصورت ترين جاءِ آهي، جتي حڪومت چاهي ته ملڪ جا بهترين تفريح گاهه جوڙي سگهجن ٿا.

سانگهڙ شهر ٽالپر حڪمرانن جي آخري دور (1840ع کان 1843ع) ۾ هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جنهن تي اهو نالو اڀرندي ناري جي هڪ ننڍڙي اٿل واهه ”سنگهرا“ تان پيو. سانگهڙ ضلعي جون جاگرافي حدون، تاريخي، سياسي، ثقافتي ۽ معاشي حولي سان تمام گهڻي اهميت جي حامل رهيون آهن، اهو سڀ ڪجهه ان جي قدرتي طور جاگرافي بيهڪ جي ڪري ئي آهي. جنهن جون ايراضيون يارهن سؤ سالن جي عرصي کان به وڌيڪ سنڌونديءَ جي اوڀارن ۽ اولاهين آبي نظام هيٺ پئي سيراب ٿيون آهن. اڄ تائين به هن ضلعي جو تعلقو شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ ڄام نواز علي روهڙي ڪئنال جي پاڻيءَ سان ۽ سنجهورو، سانگهڙ ۽ کپرو تعلقا نارا ڪئنال جي پاڻي سان آباد ٿين ٿا.

هڪ ٻي روايت(3) موجب موجوده سانگهڙ هڪ مٿاهون پٽ هو، جنهن کي سانگ وارو پٽ يا دڙو ڪري سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته ان مٿاهين پٽ يا دڙي جي آس پاس وارا ڳوٺ مکي ٻيلي، مکي ڍنڍ ٻين ننڍين وڏين ڍنڍن جي ڪنارن سان آباد هئا جتي وڻڪاري گهڻي هئي، ان وڻڪاري ۽ ڍنڍن جي هئڻ ڪري اتي مڇر ۽ سنهي ڪُت تمام گهڻي ٿيندي هئي، جنهن سبب جي ڪري انهن مالوندن ماڻهن جو چوپايو مال رات جي وقت سک سان رهي يا سمهي نه سگهندو هو تنهنڪري اهي مارو ماڻهو مڇرن واري موسم ۾ پنهنجو مال مويشي ڪاهي ان سانگ واري دڙي تي اچي رهائيندا هئا. مطلب ته مال جي عارضي طور رهائڻ يا بيهارڻ جي جاءِ کي سانگو چوندا آهن ۽ ان مان سانگ وارو يا سنگترا مان پوءِ سنگهڙا يا سانگهڙ سڏجڻ لڳو.

سانگهڙ جا ڪتبخانا:

1.      ميان مير محمد راڄڙ وٽ قلمي مخطوطو (نسخو) جو ذخيرو

چوندا آهن ته علم ڪنهن جي ميراث نه آهي. اهو سچ آهي ته علم پنهنجي چاهيندڙن وٽ سرحدون پار ڪري پهچي وڃي ٿو. سنڌ جي ٿر وارو علائقو جنهن ۾ خصوصن اڇڙو ٿر اچي ٿو، جتي بک ۽ بدحالي هميشه پنهنجو دائمي گهر ڪيو پئي آهي تڏهن به اتي جا ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن آدم جي آڏو پنهنجو جهول نه جهليو آهي، بلڪ پنهنجي محنت ۾ ئي مان ۽ شان سمجهيو اٿن ۽ پنهنجي حياتيءَ کي سڦل ڪرڻ لاءِ سدائين جاکوڙ ڪندا رهيا آهن، اهڙيءَ طرح هنن علم جي واٽ تي پڻ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي.

سانگهڙ جي تعلقي کپري جي ديهه ساونهر جنهن کي ڪس(4)  جو علائقو پڻ چيو وڃي ٿو، جتان جو رهواسي ميان مير محمد راڄڙ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول عالم آباد ۾ عربيءَ جو استاد آهي، پاڻ پڙهيو لکيو سگهڙ ماڻهو آهي، سندس خاندان ۾ وڏا عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن. جن ۾ ميان خالد راڄڙ(5)  وڏو نالي وارو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن اڇڙي ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”تڙ پساريو“ ۾ پنهنجي ذاتي لائبرريءَ جو بنياد وڌو. ميان خالد 1165هه ۾ ڄائو پاڻ حديث، فقه ۽ ٻين اسلامي علمن جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو. ميان خالد ۽ سندس خاندان وارا سيد محمد راشد روضي ڌڻي (پهريون پير پاڳارو) جا مريد هئا. ميان خالد راڄڙ جي وفات کان پوءِ خاندان ۾ ملڪيت جي ورهاست سان گڏ سندس ذاتي ڪتبخاني جي ڪتابن جي به ورهاست ٿي، جنهن جو ڳچ حصو ميان مير محمد راڄڙ جي وڏڙن کي پڻ مليو جنهن جي هو سنڀال اڄ تائين ڪندو ٿو اچي. هن ئي خاندان جو هڪ ٻيو فرد ميان حاجي عبدالله راڄڙ جنهن وڏڙن کي پڻ پنهنجي حصي ۾ ڪجهه ڪتاب مليا هئا، جيڪو ضعيف العمريءَ جي حالت ۾ هوندي به انهن قلمي مخطوطن (هٿ جي لکيل ڪتابن) کي سنڀاليندو ٿو اچي.

حُر تحريڪ دوران اڇڙي ٿر تي انگريز سرڪار طرفان بمباري ۾ هن ڪتابي ملڪيت جو ڪافي ذخيرو سڙي رک بنجي ويو، باقي جيڪو ڪجهه حصو بچيو انهن قلمي نسخن کي هيءُ مجاهد اڄ به ساهه سان سانڍيو پيا ٿا اچن.

ميان مير محمد راڄڙ استاد هجڻ جي ناتي هن ڪتابي ذخيري کي لائبرريءَ ۾ تبديل ڪرڻ ٿو چاهي ۽ جڏهن هيءَ لائبرري ترتيب ۾ اچي وئي ته  ٻين لائبررين کان مختلف ٿيندي ڇاڪاڻ ته هن جو ذخيرو زيادهه تر قلمي مخطوطن تي مشتمعل آهي، هيءُ سڀ قلمي ڪتاب ڪپڙي جا رلين وانگر ٽُڪ تي ٺهيل ٿيلها (بجڪيون) ٺاهي انهن ۾ رکيا ويا آهن، ائين جيئن مسلمان قرآن شريف سنڀالي رکندا آهن. ميان مير محمد وٽ قلمي نسخن جو ڪل تعداد 100 کن ٿيندو جن ۾ چنڊ قديم ترين هيءُ آهن؛ جيئن

نمبر

ڪتاب جو نالو

ڪاتب جو نالو

تاريخ

ٻولي

1

حديث

ميان حاجي يونس

841هه

عربي

2

شمائل محمديه

محمد حسن

1192هه

عربي

3

جلال شريف

عبدالملڪ بن دين محمد

1191هه

عربي

4

فتوحة التورات

فتح محمد

1057هه

عربي

انهن ڪتابن کان علاوه ڪجهه دستاويز جن ۾ لوڙها جيل ۾ ماڻهن جي اچڻ وڃڻ لاءِ راهداري ۽ اهي خط جن ۾، محمد راشد روضي ڌڻي، پير حزب الله شاهه مسند ڌڻي، سيد شاهه مردان ڪوٽ ڌڻي ۽ سورهيه بادشاهه جا هٿ اکر لکيل خط موجود آهن، جن جو تعداد لڳ ڀڳ 50 ٿيندو اهو سڀ هن علم دوست استاد وٽ محفوظ پيل آهي. هن قلمي ڪتبخاني مان هڪ محقق استاد، تحقيق ڪري پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪري چڪو آهي، پر ان جي باوجود اڃا به هي ڪتاب تحقيق لاءِ محققن کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيا آهن.

2.     محمد احمد کرل جو ذاتي ڪتبخانو

محمد احمد کرل جا وڏا اصل ته پنجاب صوبي جا ويٺل آهن، پوءِ هيءَ روزگار سانگي سنڌ پرڳڻي جي ضلع سانگهڙ جي شهر سنجهوري ۾ اچي سڪون پذير ٿيا آهن. ويڪرين گهٽين ۽ رستن تي ٻڌل هيءُ شهر هڪ زرخيز تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي، شهر جي ٻاهران چوڌاري سرسبز کيت ۽ باغ موجود آهن، شهر توڙي آس پاس جي رهندڙ ماڻهو اسلامي تصوف مزاج رکندڙ آهن. ايم.اي سياست ۾ ڪيل هيءُ نوجوان پيشي جي لحاظ کان پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ آهي، پڙهڻ جو ننڍي هوندي کان ئي شوقين آهي، انهيءَ شوق جي نتيجي ۾ پاڻ 1980ع کان وٺي ڪتاب پڙهندو ۽ گڏ ڪندو رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هن وقت سندس گهر ۾ اسلام جي چونڊ موضوعن تي 400 ڪتابن جو ذخيرو وٽس موجود آهي، ان کان علاوه  غير ڪتابي مواد ۾ قرآن پاڪ جي تفسير جون 25 آڊيو ڪيسٽ ۽ 40 وڊيو ڪيسٽ هن وٽ موجود آهن، جيڪي مختلف عالمن جي ليڪچرس ۽ تقريرن جي رڪارڊ تي آهن. هي پنهنجي لائبرريءَ جي ڪتابن تي سالانه 5000 رپيا خرچ ڪري ٿو.

3. حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندريءَ جو ذاتي ڪتبخانو (مڪتبه حزب الاحناف)

حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندريءَ سانگهڙ شهر جي پوليس لائين (پوليس ڊپارٽمينٽ جي ملازمن جي رهائش جي ڪالوني) جي جامعه مسجد ۾ پيش امام طور ملازم آهي. هيءُ بزرگ ٿر جي ڳوٺ واوڙي ۾ پيدا ٿيو ۽ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جيئن ته هن کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ 7 پڙهڻ جو شوق هوندو هو تنهنڪري هيءَ علم جي ڳولا ۾ مختلف ڳوٺن ۽ شهرن مان پڙهندو پنجاب صوبي جي شهر لاهور مان ”اديب فاضل ۽ عالم فاضل“ جو سندون وٺي پنهنجي اباڻي ڳوٺ واوڙي ٿر ڏانهن واپس وريو.

حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري جا مختلف موضوعن لکيل ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن، ان کان علاوه سندس مختلف رسالن ۾ بيشمار مضمون ڇپجي چڪا آهن.

هن بزرگ سال 1983ع ۾ پنهنجي گڏ ڪيل ڪتابن کي هڪ لائبرريءَ جي شڪل صورت ڏئي ڪري سانڍڻ لڳو، ان لاءِ هن ڪتاب، مخطوطه يا اهڙي قسم جا ٻيا ناياب نسخا گڏ ڪيا ۽ اهو شوق اڃا جاري ساري آهي. سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ 3000 کان به مٿي ڪتاب موجود آهن ۽ ان کان علاوه ڪجهه قلمي نسخا به آهن جيڪي فوٽواسٽيٽ ٿيل آهن. ڪتاب سٺي شڪل ۾ المارين ۽ ڪٻٽن ۾ بند رکيل آهن، ان کان علاوه گهر ۾ ٻين هنڌن تي پڻ ڪتاب رکي ڇڏيا اٿس ۽ سندس چوڻ مطابق ”ڪتابن جي رکڻ جي جاءِ ڪانهي، ڪٿي رکون! معاشي وسيلا گهٽ هجڻ جي ڪري، ايڏو خرچ ڪري ڪو ڌار ڪمرو نه ٿو جوڙائي سگهان ۽ ان ڪري کوڙ سارا ڪتاب ضايع پڻ ٿيندا رهيا آهن.“

4. شهيد محمد علي کوسو لائبرري، ٽنڊوآدم

شهيد محمد علي کوسو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اي ايس آءِ جي عهدي تي فائز هو، ڊيوٽيءَ دوران پنهنجو فرض نڀائيندي جهول شهر جي ڀرسان ڌاڙيلن جي مقابلي ۾ شهيد ٿيو. سندس والد محترم عبدالحڪيم کوسو وڪيل آهي سو پنهنجي پياري پٽ جي ياد ۾ هيءَ لائبرري 3-8-2002ع ۾ سندس نالي سان يادگار طور قائم ڪئي، جيڪا هڪ عاليشان عمارت جي هڪ وڏي هال ۾ قائم ڪئي وئي آهي. سندس مستقبل جو منصوبو آهي (Plan) آهي ته هن لائبرري سان گڏ هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪبو ۽ لوڪَ جي علمي ۽ ادبي خدمت ڪبي.

لائبرري ۾ ادب، عام معلومات، قانون ۽ تاريخ جي موضوع تي ڪل 1000 جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن ان کان علاوه سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارو پڻ روزانو اچن ٿيون. لائبرريءَ جو پرسڪون ماحول آهي. اهڙي سٺي ماحول ۾ ويهي ڪنهن وڏي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي تياري ڪري سگهجي ٿي.

5. شهيد عبدالرحيم گرهوڙي پبلڪ لائبرري، سانگهڙ

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي(6) ڪلهوڙن جي دور جو وڏو عالم فاضل، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي، پاڻ 1739ع ۾ جنم ورتائون، چوٽياري جي مدرسي ۾ ميان مبين وٽ تعليم حاصل ڪيائون. لنواري جي بزرگ خواجه محمد زمان جا مريد ٿيا. پاڻ سنڌي ڪلام کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ ۾ پڻ ڪتاب لکيا اٿن، سندن والد بزرگ جو نالو سعيد الله ۽ ذات جو مڱريو هو.  پاڻ ٿر۾ پوڄارين سان جهاد ڪندي 1192هه بمطابق 1978ع ۾ شهادت جو جام پيتو.

”شهيد عبدالرحيم گرهوڙي اصول ۽ فقه جو عالم هو ۽ پنهنجي وقت ۾ بينظير هو. سندس تصنيفون فقه توڙي سلوڪ ۾ حد ۽ حصر کان ٻاهر آهن. سندن ڪيترائي ڪتاب مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه ۽ حملي وقت جا ڀاڄ/ لڏ پلاڻ ٿي هئي تنهن ۾ ضايعه ٿي ويا، پر! انهن مان ڪجهه اڃا به موجود، مليا آهن.“(7)

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي نالي هيءَ پبلڪ لائبرري گورنمينٽ ٽائون ڪاميٽيءَ جي معرفت سانگهڙ شهر جي عوام لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي بنياد جو افتتاح سڀ کان پهرين سي ايس پي آفيسر ايس ايم اي اشرف 6 مئي 1961ع ۾ ڪيو، ان کان پوءِ جيئن بلڊنگ تيار ٿي ته ٻيو ڀيرو افتتاح سي ايس پي آفيسر مسٽر ولايت احمد خان 20 آڪٽوبر 1962ع تي ڪيو، وري ٽيون ۽ آخري ڀيرو افتتاح پي سي ايس آفيسر مسٽر امداد الله انڙ 16 مئي 1972ع تي ڪيو. ان ما اهو ثابت ٿيو ته هن عوامي ڪتبخاني جو قيام 6 مئي 1961ع تي عمل ۾ آيو.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي لائبرري هيڏي وڏي عرصي گذرڻ کان پوءِ به ڪا ترقي نه ڪري سگهي آهي!!!! سبب انتظاميه جي عدم دلچسپي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي هن لائبرريءَ کان لاتعلقي وارا رويه آهن. جڏهن ته ٻڌايو وڃي ٿو ته اڳ هن لائبرريءَ ۾ ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود هوندو هو، اهي ڪتاب ڪيڏانهن ويا؟ ڪيئن ختم ٿيا؟ تنهن جو نه ڪو اتو نه پتو آهي! هن وقت لائبرري ۾ ڪل 500 ڪتاب موجود آهن تنهن ۾ ادب، تاريخ ۽ قانون تي ڪجهه چڱو مواد آهي. لائبرريءَ کي ساليانا 10000 هزار رپيا گرانٽ ملندي آهي، اردو، سنڌي ۽ انگريزي ڪل اٺ اخبارون روزانو اينديون آهن.

6. شاهه عبداللطيف پبلڪ لائبرري، ٽنڊو آدم

ٽنڊو آدم، تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۽ ضلع سانگهڙ جو وڏي ۾ وڏو صنعتي شهر آهي، هن شهر کي ضلع جو واپاري مرڪز پڻ چئجي ٿو. هيءُ شهر ”آدم مري“ نالي شخص آباد ڪيو هو، جنهن جو مقبرو کپري شهر کان اٽڪل پنج ميل ڏکڻ طرف ڳوٺ ”کاڻي راڄڙ“ ڏانهن ويندڙ رستي جي ڀر ۾ آهي.

تعلقو ٽنڊو آدم ميڳنسول ڪاميٽيءَ جي طرفان هيءُ لائبرري شاهه عبداللطيف پبلڪ لائبرري جي نالي سان سال 1959ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪل ڪتاب 7267 موجود پيل آهن، جنهن ۾ انگريزي 1100، سنڌي 800، اردو 5267 ۽ عربي ٻولي ۾ 100 ڪتاب گڏ ڪيل آهن. انهيءَ کانسواءِ مختلف رسالن جو چڱو خاصو تعداد پڻ لائبرري ۾ موجود پيل آهي، هت روزانو سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون اينديون آهن، پر انهن جو ڪوبه رڪارڊ نه ٿو رکيو وڃي. لائبرريءَکي هر سال 10000 هزار گرانٽ سرڪار طوفان ملي ٿي ۽ ان سان گڏو گڏ ”انجمن فلاح و بهبود، ٽنڊي آدم“ جي هڪ سماجي تنظيم پڻ سهڪار ڪري ٿي.

1. شاهه عبداللطيف پبلڪ لائبرري، شهدادپور

هيءَ لائبرري 1936ع ۾ قائم ٿي ۽ شهر جي قديم ترين لائبرري آهي، هن وقت ميونسپل ڪاميٽي جي انتظام هيٺ هلي رهي آهي. سندس پهريون نالو ميونسيپل لائبرري شهدادپور هو، ان کان پوءِ 1973ع ۾ هن جو نالو بدلائي ڪري شاهه عبداللطيف لائبرري، شهدادپور رکيو ويو. سندس موجودهه بلڊنگ مير محمد وساڻ پائيس چيئرمين بلديه شهدادپور جي طرفان عطيي طور پنهنجي ڀاءُ مرحوم محمد عيسيٰ وساڻ جي نالي لائبرري، ان جي ياد کي قائم رکڻ لاءِ بلديه شهدادپور کي ڏني وئي.

شهدادپور تعلقو، ضلع سانگهڙ جو ٻيو نمبر وڏو تعلقو آهي، بلڪل وچ شهر ۾ قائم ٿيل هي لائبرريءَ جي ڪتابي ذخيري ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪل 6500 ڪتاب موجود پيل آهن. ان کان علاوه انگريزي، سنڌي ۽ اردو اخبارون پڻ روزانو اچڻ ٿيون، ڪتابن ۽ اخبارن جي ڪا خاص ترتيب ڪانه آهي. سراسريءَ جي بنياد تي هن لائبرريءَ مان روزانو 50 پڙهندڙ فائدو وٺي رهيا آهن. لائبرريءَ کي مختلف ادارن کان ڪل 70000 رپيا ساليانه رقم گڏ ٿئي ٿي، هن جيمددگارن ۾ ايشيا فائونڊيشن، تعليم کاتو ۽ شيخ سلطان ٽرسٽ آهن.

8. مدرسته الفيض جي لائبرري، ڳوٺ سومر فقير هنڱورو- شهدادپور

هيءُ مدرسو ۽ لائبرري مولانا محمد صالح صاحب 1962ع ۾ قائم ڪيا، هن مدرسي جي لائبرري ٿوري عرصي ۾ چڱي ڀلي ترقي ڪئي، پر هاڻ هي لائبرري هڪ هنڌ بيهجي وئي آهي، مطلب ته نوان ڪتاب اچڻ بند ٿي ويا آهن. لائبرريءَ ۾ مختلف علمن ۽ فنن تي 2400 ڪتاب موجود آهن. هن لائبرريءَ جي قلمي نسخن ۾ مشهور خطاط حافظ عثمان جي هٿ جو لکيل ناياب قرآن مجيد جو نسخو، جيڪو 1292هه ۾ لکيو ويو هو سو هت موجود آهي(8) ان کان علاوه حديث، فقه، تصوف، صرف و نحو، ادب ۽ تاريخ تي ڪتاب موجود آهن، جن ۾ تيرهن صديءَ جا ڇپيل ناياب ڪتاب پڻ موجود آهن، ان کان علاوه ٻه سنڌي اخبارون روزانو لائبرريءَ ۾ اچن ٿيون.

مدرسة الفيض ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي پنهنجي بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ ”سڪندريه اورينٽل ڪاليج“ جو بنياد پڻ رکيو آهي، جنهن ۾ ديني تعليم سان گڏ سائنسي تعليم ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي ٿي.

9. چوٽيارين جي مدرسي جي لائبرري

هيءُ مدرسو ۽ لائبرري سنڌ جي قديم ترين تعليمي ادارن مان آهن. هن مدرسي جي باري ۾ اورنگزيب بادشاهه جي دور جي ۾ شهور سياح اليگزينڊر هئملٽن لکيو آهي ته”هيءُ مدرسو علم ۽ فضل جو وڏو مرڪز هو. هن مدرسي ۾ ديني تعليم جو نهايت عاليشان بندوبست ٿيل هو ۽ ان مان سوين چوٽيءَ جا عالم ۽ اڪابر تعليم حاصل ڪري چڪا آهن“ هاڻ هن وقت مدرسي جو اهو عروج نه رهيو آهي.! هن درسگاهه جو بنياد ميان مبين ڪيرئي 1140هه ڌاري چوٽياري ۾ رکيو، ان ۾ ابتدائي تعليم کان سواءِ فقه، حدث، تفسير ۽ قرآن شريف جي اعليٰ تعليم تائين انتظام هو، اهي شاگرد عربي ۽ فارسي زبان ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا، ميان مبين ڪيريو 1194هه ۾ وفات ڪئي(9).

مدرسي جي قائم ٿيڻ سان گڏ هڪ عاليشان ڪتبخانو پڻ وجود ۾ آيو. مدرسي جي هن ڪتبخاني ۾ هزارين نصابي ۽ غير نصابي ڪتاب موجود هئا، هن لائبرريءَ جا پراڻا ڪتاب گهڻي قدر ضايع ٿي چڪا آهن، تڏهن به پراڻن ۽ اڻلڀ ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود آهي، جڏهن ته ڪتاب ڪجهه ڪتاب مديني منور ۾ موجود آهن، جيڪي هن درسگاهه جي واسطيدار ميان حاجي محمد پاڻ سان گڏ کڻي وڃي اتي محفوظ ڪيا آهن.(10)

10. قلندر شهباز پبلڪ لائبرري، شهدادپور1

هيءَ لائبرري شهيد ملت روڊ تي قائم آهي. هن لائبرريءَ ۾ اٽڪل هڪ هزار کن ڪتاب موجود آهن، هيءَ لائبرري شهر جي نوجوانن جي توجهه جو مرڪز بڻيل هئي، مگر ان ۾ ڪتابن، فرنيچر ۽ عملي جي سخت کوٽ هجڻ ۽ اخبارون وغيره به نه اچڻ جي ڪري هيءَ لائبرري، بند ٿي وئي آهي.

11. مير محمد هاشم پبلڪ لائبرري، شهدادپور 2

هن لائبرريءَ(11) ۾ ڏيڍ هزار کن ڪتاب موجود آهن، ان کان علاوه سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ روزانون اخبارون به اچن رهيون آهن. هن لائبرري ۾ ڪتابن، فرنيچر ۽ عملي جي کوٽ آهي. ميونسپالٽي وارن کي هنن عوامي ادارن کي سڌارڻ لاءِ ترت توجهه ڏيڻ گهرجي اهه ميونسپالٽي جي قومي ذميواري آهي ته عوامي ماليت مان عوام کي ضروري سهولتون مهيا ڪري.

هيءَ لائبرري شهر جي نوجوانن گڏجي اتان جي هڪ مشهور شخصيت ۽ ميونسپالٽي جي اڳوڻي پريزيڊينٽ مرحوم مير محمد هاشم جي ياد ۾ قائم ڪئي هئي. لائبرري ڪجهه وقت کان پوءِ ميونسپالٽي جي اختياري ۾ اچي وئي، پرالائي ڇو هي لائبرري هلي نه سگهي.

12. مدرسه دارالعلوم الحسينيه جي لائبرري، شهدادپور 1

هيءُ مدرسو 1951ع ۾ قائم ٿيو ۽ هن سان گڏوگڏ هڪ ننڍڙو ڪتبخانو پڻ قائم ٿيو. پوءِ هن لائبرريءَ کي باضبط طور 1986ع ۾ شروع ڪيو ويو. هن ۾ تفسير، اصول حڪمت، اصول حديث، اصول فقه، منطق، فلسفو، صرف ونحو، عربي ادب، فارسي ادب ۽ فارسي گرامر تي اندازن 3000 کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن، جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبان جو ادب ۽ ڪجهه ڪتاب روسي زبان ۾ پڻ شامل آهي، لائبرريءَ جو موجوده انچارج مولانا محمد اسلم آهي.

13. سلطانه المعروف دارالمطالعه مهدويه جي لائبرري، شهدادپور2

هيءَ لائبرري هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي وقت هڪ بزرگ نالي سلطان شهدادپور ۾ قائم ڪئي، جيڪا اڄ به دائري وارن سيدن جي نالي سان مشهور آهي. هن وقت لائبرريءَ ۾ 500 کن ڪتاب موجود آهن، ڪتبخاني ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ 300 کن قديمي ڪتاب ۽ قلمي نسخه موجود آهن.

14. دارالعلوم نعمانيه رضويه جي لائبرري، شهدادپور3

دارالعلوم نعمانيه رضويه مرجز جامع مسجد لوهار گهٽي، شهدادپور ۾ 1983ع ۾ قائم ڪئي وئي، مطلب ته مدرسي جي شروع ٿيڻ سان ئي هيءُ ڪتابن جو ذخيرو جمع ٿيڻ لڳو، لائبرري ۾ قرآن مجيد جا ترجما، تفسير، فقه، حديث، فتوا، تاريخ ۽ تصوف کان علاوه ٻين به ڪيترنموضوعن تي تقريبن 3000 کن ڪتاب موجود پيل آهن.

15.مدرسو صبغة الاسلام، سانگهڙ

سنڌ دور ماضي کان اڄ تائين علم و ادب جو مرڪز رهي آهي. هت وڏا وڏا عالم، اديب، شاعر، سياستدان، فلاسفر، درويش ۽ اولياءَ ٿي گذريا آهن، يقينن اهي سڀ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن درسگاهه ۾ پڙهيا هوندا يا وري ڪنهن اهل علم يا اهل دل جي صحبت ۾ ضرور رهيا هوندا، سو اهو سلسلو جڳن کان اڄ تائين هلندو ٿو اچي، شايد جيسين دنيا آهي ايستائين هلندو رهندو. اهڙين عظيم شخصيتن يا انهن درسگاهن جي ڪري ئي دنيا جي ملڪن ۾ انقلاب ۽ ٻيون تبديليون اينديون رهيون آهن.

ننڍي کنڊ (South Asia) ۾ سنڌ ملڪ جي هڪ الڳ ٿلڳ تاريخي حيثيت رهي آهي، اهڙيءَ طرح سنڌ جي هر شهر جي هڪ الڳ نرالي ۽ منفرد تاريخ آهي. انهن شهرن مان هڪ شهر سانگهڙ به آهي سانگهڙ شهر جو تصور ڪرڻ سان ذهن جي دنيا ۾ هڪ جنگ جو منظر نامو اچي ٿو، جنهن جي اڳواڻي هڪ طرف خليفي نبي بخش جي آهي ته ٻئي طرف سادڙا، ڏٻرا هاري، پورهيت ۽ نوجوان پنهنجي روحاني ۽ انقلابي اڳواڻ سيد صبغت الله شاهه راشدي ”سورهيه بادشاهه“ جي اڳواڻيءَ ۾ حق سچ جا نعرا هڻي رهيا آهن، انهن وٽ عقيدو به آهي ته انقلابي واٽ تي پڻ نظر اچن ٿا.

سانگهڙ شهر ۾ هڪ علمي درسگاهه مدرسو صبغة الاسلام جي نالي سان به آهي، ها جت ننڍا توڙي وڏا، سرڪاري توڙي غير سرڪاري درسگاهه پنهنجو علمي فيض پهچائي رهيا آهن، اتي هيءَ به پنهنجي نرالي حيثيت سان علم و ادب ڦهلائي رهيو آهي. هيءُ مدرسو ”جامعه راشديه“ جي هڪ شاخ آهي، هن جو انچارج حافظ رسول بخش وساڻ صاحب جن کان علاوه پنج استاد پڙهائي رهيا آهن. مدرسي ۾ خاص ترتيب ڏنل ڪورس مطابق تعليم ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ ادب، فلسفه، نطق، صرف ونحو، اصول فقه، حديث، تفسير، عربي، فارسي ۽ فن ڪتابت وغيره اچي وڃن ٿا. انهن سڀني علمن جو امتحان ساليانو ورتو ويندو آهي، جيڪي استاد امتحان وٺڻ لاءِايندا آهن، اهي سڀ جامعه راشديه جي بورڊ جا ميمبر هوندا آهن. هن وقت مدرسي ۾ لڳ ڀڳ هڪ سو ساگرد پڙهي رهيا آهن ۽ گذريل سال يعني 2003ع ۾ هتان 46 کٿابي (شاگرد) پنهنجي علم جو سندون وٺي فارغ تحصيل ٿيا آهن. اهي هينئر مختلف درسگاهن ۽ مدرسن ۾ پنهنجون علمي سرگرميون جاري ڪيو پيا اچن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي مدرسو ڪيترو نه تيزيءَ سان پنهنجي افاديت ظاهر ڪري رهيو آهي.

مدرسه صبغة الاسلام جي هڪ بهترين لائبرري آهي جيڪا مدرسي جي ٺهڻ کان ٽي سال پوءِ قائم ڪئي وئي، هن وقت تائين ان ۾ 3500 ڪتاب موجود آهن، جن ۾ ادب، فلسفو، حديث، قرآن جا تفسير ۽ ان کان علاوه ڪجهه قلمي نسخا پڻ محفوظ آهن. انتظامي لحاظ کان لائبرريءَ جو ڪوبه لائبررين ڪونه آهي ۽ ان مدرسي جي استادن مان ئي ڪو هڪ ان جو انتظام هلائيندو آهي. لائبرري جي ڪا به مخصوص بجيٽ ڪانهي، جيڪڏهن ڪي نوان ڪتاب گهرائڻا هوندا آهن ته مدرسي جي فنڊ مان ئي ڪتاب ورتا ويندا آهن.

هيءُ ڪتبخانو مدرسي جي جان آهي، جنهن مان استاد ۽ شاگرد علمي فائدو وٺن ٿا. هن مدرسي مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته هتان جيڪي عالم پڙهي نڪرن ٿا سي ڪنهن نه ڪنهن وقت جي تبديليءَ جو باعث بنجندا.

16. مدرسه صبغة الهديٰ جي لائبرري، شاهپور چاڪر

هيءُ عاليشان مدرسو موجوده پير پڳاري جن 1967ع ۾ قائم ڪيو، هي جامعه راشديه پير ڳوٺ خيرپور جي شاخ آهي. هن مدرسي جو مدرس مفتي عبدالرحيم شر صاحب جن آهن، جيڪو سنڌ ۾ هڪ وڏي پايي جو عالم آهي. مدرسي جي لائبرري ۾ 3000 کن ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪيل آهي جنهن جو گهڻي ۾ گهڻو حصو عربي ٻوليءَ ۾ آهي. لائبرريءَ ۾ ڪجهه قلمي نسخا پڻ موجود آهن، ان کان علاوه غير ڪتابي مواد (آڊيو ڪيسٽ) جو به هڪ الڳ ڪٻٽ ترتيب ڏنو ويو آهي، اخبارن ۽ رسالن جي لاءِ الڳ جاءِ ٺهيل آهي، لائبرريءَ جي ڪا الڳ بجيٽ نه آهي، پر مدرسي جي خرچن مان هن لائبرريءَ کي ڪجهه فنڊ ملي  ٿو.

17. سيد صبغة الله شاهه ثاني گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، سانگهڙ

هي گورنمينٽ ڪاليج سنڌ جي بهادر، ارڏي ۽ سدا حيات ڪردار شهيد سيد صبغة الله شاهه ثاني ”پيرپاڳارو“ جي نالي تي 1962ع ۾ قائم ٿيو، نهايت وڏي ۽ وسيع ايراضيءَ تي ڌار ڌار بلڊنگ تي مشتمل آهي. يعني سائنس جي لئبارٽريءَ ۽ ائڊمنسٽريشن جي لاءِ ڌار، ته پڙهندڙن ٻارن جي لاءِ الڳ بلڊنگ وري لائبرري جي لاءِ بلڪل الڳ بلڊنگ ٺاهيون ويون آهن. ڪاليج جي لائبرريءَ ۾ هن وقت تائين 6200 ڪتاب ۾ ڪجهه تعداد ۾ رسالا ترتيب سان رکيل آهن، لائبرريءَ ۾ هڪ سنڌي ۽ هڪ هڪ اردو اخبار روزانو اچي ٿي، هن ڪاليج جو لائبررين محمد ايوب کيبر پنهنجي پروفيشن ۾ ايم ايل آءِ  ايس پاس، گزيٽيڊ آفيسر آهي. لائبرريءَ مان استاد ۽ شاگرد فائدو وٺي رهيا آهن.

18. گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، سانگهڙ

سانگهر شهر ۾ هيءُ هڪ ئي ڇوڪرين جو ڪاليج آهي، شهر توڙي آس پاس جي ٻهراڙيءَ جون ڇوڪريون هن ڪاليج ۾ پڙهڻ اچن ٿيون، هتي اچڻ وڃڻ جي تمام گهڻي تڪليف آهي. ڪاليج جي عمارت وسيع ترميدان تي مشتمل آهي، جنهن جي اندر سائنس لئبارٽيرز، ڪمپيوٽر لئب، ۽ ان سان گڏ هڪ شاندار لائبرري پڻ قائم ٿيل آهي ان سان گڏوگڏ پري کان آيل پڙهندڙ ڇوڪرين جي سهولت لاءِ هڪ هاسٽل پڻ جوڙيل آهي جنهن ۾ استاد ياڻيون ۽ شاگردياڻين جي رهڻ لاءِ چڱو بندوبست ٿيل آهي. لائبرريءَ ۾ 6000 ڪتاب، هڪ عدد هٿ جو لکيل مخطوطو موجود آهن، هڪ اردو اخبار روزانو ايندي آهي. لائبررين محترمه تسنيم اختر، ايم اي (اردو) ۽ ايم ايل آءِ ايس پاس، گزيٽيڊ آفيسر آهي. لائبرريءَ مان استاد ۽ شاگرد فائدو وٺي رهيا آهن.

19. گورنمينٽ اليمينٽري ڪالج آف ايجيوڪيشن (مين)، سانگهڙ

هيءُ ادارو 1964ع ۾ قائم ٿيو پهرين هن کي ٽيچرس ٽريننگ آف اسڪول جي نالي سان سڏيو ويندو هو، هن جي قائم ٿيڻ سان ئي لائبرري پڻ وجود ۾ آئي، پر جيئن ته ان وقت ۾ لائبرري جي اهميت کي محسوس نه ڪيو ويندو هو، پر جيئن جيئن سائنس ترقي ڪندي وئي ۽ علم و تحقيق جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي تيئن لائبرريءَ جي به اهميت وڌي وئي. 1984ع ۾ هنن ٽريننگ اسڪولن کي ترقي ڏئي ڪري ڪاليجن جو درجو ڏنو ويو، تڏهن هن ڪاليج جو نالو گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن رکيو ويو. تڏهن لائبرريءَ کي اهميت ملي ۽ هن جي الڳ بلڊنگ ٺهي ملي. هن ڪاليج ۾ ضلع جي مڊل ۽ پرائمري اسڪولن جي استادن کي پي ٽي سي، سي ٽي جي تعليم ڏني ويندي آهي، شهر جي وڏن درسگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن کي اسپيشل لائبرري چئبو آهي، هينئر هن لائبرريءَ ۾ 4000 کن ڪتاب موجود آهن، هن ۾ ايجوڪيشن جي موضوع تي گهڻا ڪتاب پيل آهن.

20. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي لائبرري، کپرو

کپري تعلقي جو هيءَ ڪاليج 1973ع ۾ قائم ٿيو ۽ ڪاليج سان گڏ هيءَ لائبرري پڻ وجود ۾ آئي، هن لائبرريءَ ۾ اسلام، ادب ۽ ڪاليج جي نصاب جا ڪتاب گهڻي کان گهڻا موجود آهن جن جو تعداد 4000 کن آهي، ڪاليج جا ستاد ۽ شاگرد هن مان فائدو وٺي رهيا آهن.

حوالا

(1) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش: سانگهڙ ضلع جو تاريخي پسمنظر؛ سانگهڙ صدين کان: مرتب؛ عبدالله ورياهه، 1992ع، ص 1.

(2) حرتحريڪ دوران آزادي لاءِ وڙهندڙ ماڻهن کي باندي بنائڻ لاءِ هڪ وڏي علائقي کي خاردار تارن يا ٻٻرن ۽ ڪنڊين، ڪانڊيرن کي وڍي انهن جي ٽارين ۽ ڪنڊن جا لوڙها ڏئي/ ٺاهي جيل ٺاهيا ويا ۽ انهن ۾ ماڻهن کي قيد ڪيو ويندو هو.

(3) حُر هسٽاريڪل سوسائٽي جي صدر ۽ تاريخ جي ڄاڻو مير محمد نظاماڻيءَ کان ٻڌل روايت

(4) اها حد بندي (ڪنڌي يا ڪنارو) جنهن جي هڪ پاسي کان آبادي يا سرسبزي هجي ۽ ٻئي ڪناري کان ٿر يا بيابان شروع ٿئي، تنهن کي ڪس جو علائقو چئبو آهي.

(5) سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو خليفو ٿي گذريو آهي

(6) بهڻ، الهورايو؛ ايڊيٽر: سانگهڙ جي سرهاڻ: سانگهڙ ثقافتي ميلو آرگنائيزنگ ڪاميٽي، 1992ع

(7) ورياهه، عبدالله: سانگهڙ صدين کان: سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي، 1992ع؛ 116- 117 ص

(8) ٻٽ، الهرکيو، سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ: حيدرآباد. سنڌ پبلشرس، 1980ع

(9) ورياهه، عبدالله (مرتب): سانگهڙ صدين کان: سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي. 1992ع. 115- 116 ۽ 174 ص

(10) ٻٽ، الهرکيو، سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ: حيدرآباد. سنڌ پبلشرس، 1980ع، 75 ص

(11) ٻٽ، الهرکيو، سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ: حيدرآباد. سنڌ پبلشرس، 1980ع، 155- 156 ص

ڪافي

 

دنيا ۾ دائما ڪو انسان ڪين رهندو

ڏينهن چار گهاري آخر مهمان ڪين رهندو

 

حاڪم هجي گداگر تاجر هجي تؤنگر

ثاني هجي سڪندر سلطان ڪين رهندو

 

بانڪو هجي بهادر حيدر هجي يا نادر

عاقل هجي اڪابر نادان ڪين رهندو

 

خرچي گهڻو خزانو جوڙين ٿو آستانو

ٿيندو گذر زمانو نيشان ڪين رهندو.

 

تيرِ چشم سان تو جهٽ ماريا لکين ذري گهٽ

قاتل ڪُهڻ جو تو وٽ سامان ڪين رهندو

 

گل جي نه شاخ هوندي بلبل به ڪين رهندي

ٿي گل شمع ۾ ويندي پروان ڪين رهندو

 

دنيا ’غلام‘ فاني ڏينهن چار زندگاني

شاعر نه شعر خواني انسان ڪين رهندو.

 

- غلام هالائي

سنڌ جي ثقافتي، علمي، روحاني روايتن ۾ برابري، سهپ، احترام، سڪ  ۽ سڪون جا لاڙا موجود آهن ان پس منظر ۾ سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ ساهه کڻي پئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي مذهبن جو جنم ۽ اثر آهي. اسلام کان اڳ هتان جي سرزمين جي ائي مسٽ، ان ائي مسٽ، ويدڪ ڌرم (هندومت)، ٻڌڌرم، جين مت، زراشٽرم، يهوديت کي پاڻ ۾ سانڍيو. توڙي جو ان مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي اڪثريت سواءِ هندو مذهب جي اسان وٽ گھڻي نه رهي آهي، پر سنڌ جي خمير ۾ انهن جا مثبت اثر موجود آهن. تنهنڪري اسان کي سنڌ جي صوفين وٽ جيڪو تصوف نظر اچي ٿو اهو خالص انسان دوست ۽ وطن دوست آهي. هتان جي صوفين ڪڏهن به پنهنجي انسان دوست عمل ۾ مذهبن ۽ فرقن واري سوچ نه رکي بلڪ هنن جي آڏو سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ جو پس منظر جاڳندي نظر اچي ٿو. هنن درويشن هميشه مذهبن، فرقن، رنگ نسل، ذات پات کان هٽي ڪري برابري احترام، سهپ، رواداري، مَيٺ، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو.

سچل سرمست به سنڌ جي ان روحاني تسلسل جو هڪ سگهارو ۽ اثر ڇڏيندڙ حصو آهي. هن نه فقط ان انسان دوست ۽ وطن دوست اعلى سوچ کي قبول ڪيو، پر ان کي ڏاڍي بيباڪ انداز سان عام به ڪيو. هن فلسفه وحدت الوجود جي ان نڪتي کي گهڻو عام ڪيو ته ”بحيثيت فرد خود ۾ خالق ڪائنات جي طرفان لاتعداد صلاحيتن ۽ لياقتن جو مجموعو آهي. انڪري فرد کي اول پنهنجي بنيادي حيثيت سڃاڻڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سموري ڪائنات ۾ انسان جي سمجهه لاءِ نشانيون ۽ اُهڃاڻ موجود آهن، انسان پنهنجي ادراڪ جي سگهه ۽ گهري سوچ سان انهن رازن کي سمجهي سگهي ٿو“.

ڊاڪٽر مخمور بخاري

ڪتاب ”سچل سرمست جي شاعري

جو همعصر شاعرن تي اثر“ جي مهاڳ تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org