سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:11

ماڻڪ ملاح

 

 

 

 

سُتيارو: شڪر ڍنڍ وارو محلات ۽ فتح آباد

جي قلعي وارو ماڳ

شڪر ڍنڍ جي ڪناري ستيارو ۾ فتح آباد قلعي جا ڀريل برج

تعلقي سڪرنڊ جي ستيارو علائقي ۾ شڪر ڍنڍ جي ٻيٽاريءَ تي مير فتح خان ٽالپر جي ٺهرايل محلات مان نڪتل ٺڪراٺو ۽ سِرون

سنڌ جي پوري وچ واري زرعي ۽ پاڻياري علائقي ۾، سڪرنڊ جيترو قديمي ۽ آڳاٽو شهر سڏجي ٿو اوترائي هن علائقي جا، تاريخي ماڳ ڍنڍون، ڍورا ۽ درياهي زندگيءَ، جا رستا مانُ لهڻن ٿا.

شڪرڍنڍ ڪولاب:

هن پاڻياري علائقي ۽ ٻيٽارين تي وسندڙ زندگين واري سرزمين ۾ سڪرنڊ هڪ اهڙي آستاني جو نالو هو ۽ آهي جيڪو سڪرنڊ واري قديمي دڙي واري شهر کان وٺي پنهنجي وسيع ايراضيءَ ۾ سڪرنڊ جي نالي سان پڪاريو ويندو هو ۽ وڃي ٿو. اهو نالو انهن لوڪن آڏو به گهڻو پراڻو ۽ آڳاٽو هو جن سڪرنڊ جي وسيع سرزمين جي ارد گرد ۾ ڍنڍون، ڍورا ۽ ٻيٽاريون به ڏٺيون جنهنڪري ڪلهوڙا دور جي مير علي شير قانع کي پنهنجي ڪتاب ”سالڪان طريقت“ فارسي قلمي عڪس برٽش ميوزيم برطانيه صفحي 218 تي مخدوم ساند جو ذڪر هن طرح ڪرڻو پيو ته ”ملان ساند بزرگي معروف وقت، مدفنش، قرب کولاب، سکرند، زميني وسيع بنامش نامي اولادي کثير دارد“

هن عبارت ۾ ڪولاب يعني تلاءَ جي ويجهو سڪرنڊ جي نالي سان وستيءَ جو ذڪر ڪري اهو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان تلاءَ جو ان وقت تائين شڪر گنج ڪولاب نالو ڪونه پيل هو، پر سڪرنڊ آد جڳادي نالو مشهوري ماڻي چڪو هو، مطلب ته اهو ڪولاب (تلاءُ) جيڪو سڪرنڊ جي ويجهو هوندو هو، ان کي ميرن جي دور ۾ ئي شڪر گنج ڪولاب ۽ ڍنڍ جي نالي سان سڏيو ويو، جيڪو نالو سنڌ جي حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر سان گهمندڙ ڦرندڙ شاعر سيد عظيم الدين ٺٽويءَ پنهنجي هڪ شعر ۾ ان ڪولاب (تلاءَ) کي شڪر گنج ڪولاب ڪري سڏيو ۽ لکيو، پر سڪرنڊ جيڪو ان کان اڳ نالو هن علائقي تي مشهوري ماڻي چڪو هو. ان سڪرنڊ بعد ۾ مير حسن علي ٽالپر کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جنهن وري لکيو ته:

سڪرنڊ تعلقي جو ستيارو علائقو ۾ تاريخي ڍنڍ شڪر ڍنڍ جي ڪناري ٺهيل فتح آباد قلعي جا نشان ڪاشيءَ جون ميل سرون ۽ ٿانو.

شڪر گنج ڪولاب جو آهي نام

ٿيو مشهور سڪرنڊ در خاص و عام

يعني اسان کي هيءُ تلاءَ ته شڪر گنج ڪولاب مٺي پاڻيءَ وارو هنڌ ٿو لڳي، پر هنڌين ماڳين ماڻهن وٽ سڪرنڊ مشهور آهي. پيش ڪيل مٿين ٻنهي اقتباسن کان پوءِ اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته جن شخصن پنهنجي شاعراڻي درجي ۾ هتان واري تلاءَ کي شڪر نالو ڏنو. سڪرنڊ انهن جي اڳيان به گهڻا گهڻو پراڻو هو انڪري سڪرنڊ کي شڪر گنج ڪولاب جو بگڙيل نالو يا ان ڍنڍ تان پيل نالو سڏڻ اسان جي ڀُل سڏبي. ان ڀُل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد مون سڪرنڊ کي پنهنجي اصلي ماهيت ۾ تحقيق ڪري ان تي پنهنجو مقالو تيار ڪيو آهي، جيڪو پڙهندڙن لاءِ جلدي پيش ڪيو ويندو. جنهن ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سڪرنڊ نالو شڪر ڍنڍ تان نه پر اهو قديمي آڳاٽي ٻولي گرمکيءَ جو لفظ آهي جيڪو ڪلهوڙن جي دور کان وٺي اسان جي اڄ جي دور تائين متروڪ بڻجي چڪو آهي.

سڪرنڊ وارو هيءُ وسيع ايراضيءَ وارو علائقو تاريخ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته هڪ طرف هيءُ علائقو وڏي وڻڪار سان ڳتيل رهيو آهي. ته ٻئي طرف هن سرزمين جي سيني تي ڍنڍن، ڍورن، واهڙن جي به گهڻائي رهي آهي. سڪرنڊ واري علائقي سان تعلق رکندڙ تاريخي ڍنڍن ۾ ساڀو ڍنڍ، جهالڪي ڍنڍ، سونهري ڍنڍ، ڇڇ ڍنڍ، وينجهرو ڍنڍ، نقر ڍنڍ، گڏهڻ ڍنڍ، تلي ۽ مياڻ واري ڍنڍ، سدا رنگ يا ستارنگ واهه، علي بحر واهه، درياهه خان واهه، ريڻ واهه، گجر واهه ۽ ڪنب ليمان مشهور آهن.

هنن پيش ڪيل سمورين ڍنڍن ۽ واهن جو تاريخ جي ڪتابن ۾ نه رڳو ذڪر ايندو رهيو آهي، پر انهن نالن سان اهي پاڻي وارا ماڳ ۽ هنڌ اڄ به پنهنجي سڃاڻپ نالن سان برقرار رکيو اچن ۽ پڪاريا وڃن ٿا.

اهڙيءَ طرح سڪرنڊ جي وسيع سرزمين سان اسان کي هڪ اهڙو تلاءُ به ملي ٿو جيڪو تلاءُ اڳتي هلي ميرن جي دور ۾ مشهور ڍنڍ شڪر گنج ڪولاب جي نالي سان سڏجڻ لڳو. انهيءَ ڍنڍ کي شڪر ڪولاب ۽ شڪر گنج ڪولاب وارو ڪوڏاڻو ۽ شاعراڻو نالو ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڏنو ويو. شڪار جي شوقين سنڌ جي پهرئين ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر جڏهن هن علائقي کي ڏٺو ته پاڻيءَ سان ڀرپور نظاري دار وڻڪار سان ڳتيل ۽ ماکيدار علائقي واري ان تلاءَ ٽالپر حڪمران جي من کي موهي وڌو ۽ گڏوگڏ ان دور جي شاعراڻين دلين تي پنهنجي پرفريب رونقن جا وڏا اثر ڇڏيا ۽ سنڌ جي حڪمران ٽالپر مير فتح علي خان ٽالپر سان گڏ سير شغل تي نڪرندڙ سيد عظيم الدين ٺٽوي کي شاعراڻي زبان ۾ شڪر گنج ڪولاب يا شڪر ڍنڍ جهڙن نالن سان نوازڻو ۽ لکڻو پيو.

مير عظيم الدين ٺٽوي پهنجي فارسي ڪتاب فتح نامه سنڌ بتصحيح شير محمد نظاماڻي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1967ع، صفحو 128 تي ان شڪر گنج ڪولاب جو منظر هن طرح چٽيو آهي.

”الله تعاليٰ جي ثناءَ ۽ ساراهه آهي جنهن پاڻيءَ تي نقش چٽيا ان ڪائنات پيدا ڪندڙ ڌڻي، حياتيءَ جو دارو مدار پاڻيءَ  تي رکيو آهي. وڏي مرتبي واري مير ”فتح علي ٽالپر“ جي حڪم سان فتح آباد نالي هڪ نئون شهر اهڙي ماڳ تي ٻڌايو ويو آهي. جنهن سرزمين مان، خوشبو ڀريا، چنبيليءَ جا گل ڦل ڦٽن ۽ ٽڙن ٿا. اتي صاف شفاف مٺي پاڻيءَ هئڻ ڪري انهيءَ کي شڪر ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ ڍنڍ قلعي جي ڇانو ۽ پاڇي ۾ آهي ان جون ڇوليون خوشيءَ ۾ ڪڏنديون ٽپنديون نچنديون رهن ٿيون. انهيءَ ڍنڍ جي وچ تي مير جي حڪم سان ٻيٽ تي شاهي محلات اڏيل آهي ان ميراڻي محلات جي پيڙهه پٿر جي ۽ اوساري مضبوط ۽ بلند آهي. قلعي جو ٻيو دروازو ڍنڍ ڏانهن آهي جنهن جي چانئٺ تي پاڻيءَ جو رخ آهي. ڍنڍ جي پاڻيءَ تي چانديءَ ۽ سون جي چوٽين ۽ ڇٽين سان سينگاريل ٻيڙيون آهن. جيڪي محلات جي سير، تفريح لاءِ هميشه هڪيون، تڪيون حاضر رهن ٿيون، جڏهن ته مير فتح علي خان سان گڏ، مير غلام علي خان، انهيءَ دل پسند تفريح گاهه ۾ اچن ٿا ته گويا سج ۽ چنڊ وانگر ٿا لڳن. چوڌاري سهڻيون ويهڻ جون جايون ۽ ٿڌيون هيرون هوائون پيون لڳن. رات جو انهيءَ جهڙي اڇي اجري پاڻيءَ ۾ چمڪندڙ تارا ٽٻيون هڻندي ڏسجن ٿا.  مقصد ته هند، سنڌ ۾ هن جهڙو وڻندڙ ڪو سهڻو تفريحي ماڳ ۽ سير گاهه ڪونهي.“

سيد عظيم الدين ٺٽويءَ جي ڪتاب فتح نامه سنڌ جي مٿي ڏنل اقتباس ۽ سڄي ڪتاب جو مطالعو ڪندي ان جي نموني تي مير حسن علي خان ٽالپر سنڌ جو شاهه نامون عرف ڪلهوڙن جي هار جي نالي سان فارسيءَ ۾ منظوم ڪتاب تيار ڪيو جنهن ڪتاب کي غلام نبي محمد وريل ايڊووڪيٽ سنڌي ويس ۾ آڻي سال 1938ع ۾ پهريون ڇاپو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ترتيب ڏيندڙ صاحب موصوف پاران ظاهر ڪيو ۽ انومان ڏيکاريو ويو ته سڪرنڊ شهر جو نالو ”شڪرڍنڍ“ جو بگڙيل نالو آهي. اهڙيءَ  طرح عظيم الدين ٺٽويءَ جي لکيل ڪتاب ”فتح نامه سنڌ“ ۽ مير حسن علي خان ٽالپر جي ڪتاب شاهه نامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار، ڪتابن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندي سال 1976ع ۾ سڪرنڊ جي ناليواري ڏاهي اديب ۽ محقق سائين عبدالرحمان منگيو صاحب پهريون ماڻهو هو جنهن روايتن کان هٽي ڪري مٿئين تاريخي حوالي جي آڌار تي سڪرنڊ بابت پنهنجو تحقيقي مقالو تيار ڪندي هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هن علائقي ۾ جيڪا آڳاٽي شڪر گنج ڪولاب واري ڍنڍ هوندي هئي سڪرنڊ شهر جو نالو انهيءَ ڍنڍ جو بگڙيل نالو آهي.

جيتوڻيڪ ذڪر ٿيل تاريخي حوالي ۾ شڪر گنج ڍنڍ، ان جي ڪناري تي مير فتح علي خان ٽالپر پاران ٺهرايل فتح آباد جو قلعو ۽ ان ڍنڍ جي وچ ۾ ٻيٽاريءَ تي ٺهيل ٽالپر حڪمران جو محلات. اهي سڀ شيون تحقيق طلب هيون جن جي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهربي هئي ته اهي سڀ تاريخي اهڃاڻ هن علائقي جي ڪهڙي پاسي يا طرف سان واسطو رکن ٿا ۽ هن علائقي ۾ آهن به يا نه؟

بهرحال سائين عبدالرحمان منگيو صاحب بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ زوردار پٿر اڇلايو هو جنهن تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪيتريون ئي لهرون پيدا ڪري ڇڏيون هيون، پر تحقيق سان دلچسپي رکندڙ اسان جي ليکڪ دوستن ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بجاءِ سائين عبدالرحمان منگيو جي تحقيق جي نقالي ڪندي بار بار ساڳي ڳالهه کي پئي ورجايو آهي.

سڪرنڊ تعلقي جي ستيارو علائقي ۾ شڪر ڍنڍ جي ڪناري جي مير فتح خان ٽالپر جو ٺهرايل فتح آباد واري قلعي جا ڀريل بُرج

تاريخي ماڳن تي تحقيقي نظر رکندڙ محمد صديق منگيو، سڪرنڊ جو تاريخي قلعو فتح آباد جي نالي سان مقالو تيار ڪندي لکيو آهي ته هن قديم قلعي جا اهڃاڻ اڄ به سڪرنڊ شهر ۾ هڪ مٿانهين دڙي جي صورت ۾ موجود آهن. هن قلعي جو فتح آباد شهر  ۽ قديم شڪر گنج ڍنڍ سان گهرو لاڳاپو آهي. (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾ صفحو 214)

هتي هڪ قلعو هوندو هو جنهن جو نالو فتح آباد هو جيڪو ٽالپرن جي پهرئين  حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر 1198 هجري 1783 عيسوي کان 1217 هجري 1802 عيسويءَ جو ٺهرايل آهي. (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 214)

هن وقت هن قلعي جا ڪي به آثار ۽ اهڃاڻ ڪو نه ٿا ملن ائين ٿو لڳي ته هن قلعي جي تباهي ميرن جي دور ۾ ٿي هئي ۽ انگريزن جي دور 1843 تائين هيءُ قلعو بلڪل تباهه ٿي ويل ٿو ڏسجي.)

قلعي جي تباهيءَ جو هڪ ڪارڻ ٻوڏون به ٿي سگهن ٿيون. فتح آباد شهر جا اهڃاڻ اڄ به سڪرنڊ شهر ۾ هڪ مٿانهين دڙي تي اڏيل شهر ۾ موجود آهن. جيڪو اڄ به پراڻو سڪرنڊ جي نالي سان سڏجي ٿو. (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 216)

هڪ اندازي موجب هي قلعو 50 کان 60 ايڪڙن جي پکيڙ ۾ رهيو هوندو. (صفحو 217)

اڄ به هن مٿانهين شهر ۾ بيهي ڏسبو ته ڏکڻ ۾ شڪر ڍنڍ جا آثار اڀرندي پاسي انگريزن جي دور ۾ اڏيل نئون شهر نظر ايندو (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 217- 218)

سنڌ جي معروف عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالرسول قادري پنهنجي مقالي شڪر ڍنڍ کان سڪرنڊ تائين ۾ لکي ٿو ته:

”سڪرنڊ شهر جو اصل ماڳ ميرن واري قلعي فتح آباد وارو ڀائنجي ٿو ڇاڪاڻ ته قلعي برباد ٿيڻ کان پوءِ شڪر ڍنڍ لڳ اتر پاسي ڦٽل قلعي جي مٿانهين دڙي تي ماڻهن جي رهائش هئي انهيءَ مٿانهين دڙي کي اڄ به عام ماڻهو پراڻو سڪرنڊ سڏين ٿا (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 106)

نوجوان ليکڪ خادم حسين چانڊيو پڻ پنهنجي ڪتاب ”نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين“ ۾ ساڳيون ڳالهيون ورجائيندي لکيو آهي ته موجوده شهر سڪرنڊ جي ڀر ۾ قديم زماني کان هڪ ڍنڍ هوندي هئي. ميرن فتح خان ٽالپر هن ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ قلعو جوڙيو هو ۽ ڍنڍ جي وچ ٻيٽ ۾ هڪ شاندار ماڙي ٺهرائي هئي. (صفحو 377)

هن شهر تي نالو ان ڍنڍ جي نسبت سان پهريائين شڪر ڍنڍ ۽ پوءِ بگڙجي سڪرنڊ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. صفحو 378)

ٽالپرن جي دور ۾ آباد ٿيل شهر ۽ قلعي واري جاءِ کي هاڻي پراڻو سڪرنڊ چون ٿا جيڪو محرابپور روڊ جي نزديڪ هڪ مٿانهين دڙي تي موجود آهي (ڪتاب: نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين، صفحو 379)

ليکڪ ڊاڪٽر غلام سرور خاصخيلي درياهي وهڪرن تي ”ضلع شهيد بينظير آباد جا برباد ٿيل شهر ۽ ڳوٺ“ جي عنوان سان مقالو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ پڻ هيءُ صاحب غلط فهميءَ جو شڪار ٿيندي لکي ٿو ته ”فتح آباد جو قلعو جيڪو مير فتح علي خان ٽالپر جوڙايو هو درياهي ٻوڏ جي ڪري برباد ٿي ويو. جيڪو هاڻي پراڻي سڪرنڊ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جيڪو ٻئي شهر کان 15 فوٽ مٿي آهي.“ (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 221)

سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر مظهرالدين سومرو ”سڪرنڊ شهر تاريخ جي روشنيءَ ۾“ مقالو تيار ڪندي لکي ٿو ته ٽالپرن جي دور ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي طرفان فتح آباد واري قلعي ۽ فتح آباد شهر تعمير ڪرائڻ ڪري ڪجهه وقت لاءِ هن شهر کي فتح آباد سڏيو ويو، پر جيئن ته مير عظيم الدين ٺٽويءَ جي قول مطابق هيءَ ڍنڍ شڪر ڍنڍ يعني مٺي پاڻيءَ واري ڍنڍ سڏجڻ آئي ۽ اڳتي هلي عام ماڻهو ان شهر کي شڪر ڍنڍ وارو شهر يا بستي سڏيو ائين ”ش“ جي بجاءِ ”س“ ۽ پهرين ”ڍ“ کي حذب ڪري آخري ”ڍ“ جي جاءِ تي ”ڊ“ کي قائم رکندي شهر کي سڪرنڊ سڏڻ شروع ڪيو. جيڪو اصل ۾ غلط العوام لفظ آهي. اهڙيءَ طرح فتح آباد وارو نالو پڻ آهستي آهستي ٿي هميشه لاءِ مٽجي ويو. (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 89)

سنڌ جي ناليواري ليکڪ محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ”سکر سيئي ڏينهن“ جي صفحي 333 تي لکيو آهي ته سڪرنڊ جي ڀرسان جا شڪر ڍنڍ آهي جنهن تان غالبن شهر کي سڪرنڊ جو نالو مليو آهي، ان جو بغور مطالعو ڪيم هن ڍنڍ جي ڪناري تي سنڌ جي مير حڪمران جي وقت ۾ هڪ عاليشان بنگلو ٺهيل هوندو هو. جتي سنڌ جا حاڪم تفريح طبع لاءِ هر سال هڪ دفعو ايندا هئا ۽ ڪجهه وقت اچي قيام ڪندا هئا. ڍنڍ جي ارد گرد ميربحرن جا گهر هوندا هئا ۽ اڃا به آهن. هتي تمام گهڻي انداز ۾ پٻڻ، بيهه، لوڙهه ۽ پست جون ڏوڏيون ٿينديون هيون جن تي ميربحرن جو گذران هو. ان کانسواءِ مڇي به تمام اعليٰ قسم جي ٿيندي هئي. مگر بئراج کان پوءِ هن ڍنڍ کي پاڻي ڏيڻ بند ڪيو ويو ۽ هاڻي ڍنڍ جي پيٽ ۾ ۽ ڪنارن سان فقط ربيع جو فصل ٿئي ٿو. (ڪتاب: محمداسماعيل عرساڻي، سکر سي ئي ڏينهن، صفحو 333، ڇاپو پهريون 1975، ڪتابي دنيا حيدرآباد، سنڌ)

عرساڻي صاحب به تليءَ واري ڍنڍ جو نظارو بيان ڪندي ان کي ”شڪر ڍنڍ“ سڏيو آهي. عرساڻي صاحب جي چواڻي ته ”بئراج کانپوءِ هن ڍنڍ کي پاڻي ڏيڻ بند ڪيو ويو واري ڳالهه مان واضح آهي ته هن ڍنڍ کي موجوده درياهه مان پاڻي ملندو هو.“

ائين ساڳين ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ سواءِ تحقيق ۽ مشاهدي جي اسان ڄڻ ته تحقيق جي دروازي کي ڪُنڍي ڏئي ٿا ڇڏيون. هتي مختلف محققن جا شڪر ڍنڍ ۽ فتح آباد قلعي بابت پيش ڪيل خيالن کي جيئن جو تيئن ڏيڻ جو مقصد آهي ته هنن سڀني قديم شهر سڪرنڊ واري دڙائين يعني مٿانهينءَ واري حصي کي فتح آباد جو قلعو ۽ سڪرنڊ شهر جي بلڪل ڏکڻ اولهه کان لاڳيتو ڍوري ۽ هيٺانهينءَ کي شڪر ڍنڍ ڪري سڏيو ويو آهي. جڏهن ته اها ڍنڍ موجوده وقت ۾ وهندڙ درياهه سان تعلق رکندي هئي. جڏهن ته شڪر ڍنڍ درياهه جي اتر اوڀر واري قديم وهڪري هاڪڙي سان تعلق رکندڙ هئي.

اهڙيءَ طرح سڪرنڊ جي مقامي اديبن جا مقالا ۽ مضمون پڙهڻ کان پوءِ مون سڪرنڊ جي اولهه پاسي لاڳيتي تلي ڍنڍ واري ڍوري ۾ نه رڳو ميرن جي ٺهرايل محلات جي ڳولا ڪئي، پر جن ملاحن هن ڍنڍ جو عروج ۽ زوال اکين سان ڏٺو انهن جهونڙن کان به معلومات ورتي جن جو چوڻ ته سڪرنڊ هڪ قديم نالو آهي ۽ هيءَ ڍنڍ تليءَ ۽ مياڻيءَ واري ڍنڍ سڏبي هئي. هن ڍنڍ ۾ اسان ٻيڙيون هلايون، پر هتي اهڙو محل ۽ ڪنهن جاءِ جا ڦٽل نشان ڪو نه ڏٺا.

11 مارچ 2013ع تي ڳوٺ مياڻ ۾ انور ملاح ۽ غلام علي ملاح سان جڏهن ڪچهري ٿي ته شڪر ڍنڍ بابت ڳولا ڪرڻ جي وڙول ڏنم ان ڪچهريءَ ۾ غلام علي ملاح ٻڌايو ته هيءَ جيڪا تليءَ ۽ مياڻ واري ڍنڍ آهي اها اسان جي وڏن ڏٺي ۽ منهنجو بابا محمد پناهه ملاح ٻڌائيندو هو ته انور جي پيءُ علي بخش ملاح جي شادي ڪرائڻ لاءِ مياڻ مان ٻيڙين تي ڄڃ کڻي هن ڍنڍ مان اسين سن ويا هئاسين. هن جي چوڻ جو مطلب هو ته ميرن جي دور جو ٺهيل اهڙو ڪو محل هن ڍنڍ سان تعلق نٿو رکي ۽ نه ئي هن ڍنڍ کي شڪر جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اها ڪا اڃا ٻي ڍنڍ ٿي سگهي ٿي.

ان کانپوءِ 4 ڏينهن ترسي انور ملاح مونکي موبائيل فون تي ٻڌايو ته يار ولي محمد ڪيريو ڳوٺ جيڪا ڍنڍ هن وقت سم جي پاڻيءَ سان به ڀريل آهي ان ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ جاءِ جا نشان سالن کان اسين ڏسندا اچون ٿا ۽ ان ڍنڍ جي ڪناري سان هڪ ڪچو قلعو به ٺهيل آهي. ڍنڍ جي وچ ۾ ٺهيل جاءِ جا اهڃاڻ ۽ نشان آئون اڄ به ڏيکاري سگهان ٿو. تون جنهن ڍنڍ جي ڳولا ۾ آهين هيءَ اها ڍنڍ ته نه آهي.......!!؟

سڪرنڊ تعلقي جي ستيارو علائقو ۾ هن وقت به تاريخي ڍنڍ جو منظر ۽ ڪناري سان سپين ستين ۽ ڪوڏن جو منظر

انور پاران اهڙي اطلاع ٻڌڻ شرط مون کي پنهنجو پيارو دوست ۽ نوجوان اديب مرحوم سرور ڪيريو ياد اچي ويو. ولي محمد ڪيريو ان جو ڳوٺ آهي جيڪو علائقو ستيارو نالي سان به مشهور آهي. مرحوم سرور ڪيريو ڏهه سال اڳ اهڙو روڳ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻين ۾ روئندو هيو ته منهنجي ڳوٺ منجهه جيڪا سُتيارو ڍنڍ سڏجي ٿي ان جي ڪناري سان قديمي ڪوٽ آهي ۽ ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ جڳهه به ٺهيل نظر اچي ٿي ان کي ڏسي ان جي تاريخ اٿلايو ته اهو ڇا آهي؟ سرور جي اهڙي ڳالهه اسان ان وقت ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي هئي جو تحقيق طرف ڪو ڌيان ڪونه هوندو هو، پر جن دوستن کي تحقيق جو پُر پيالو پيتل هو. انهن به هن پاسي ڪا دلچسپي نه ورتي، ائين ان مرحوم جو روح هنن تاريخي اهڃاڻن کي بچائڻ لاءِ تڙپندو رهندو. هو چوندو هو ته يار هاڻي ته اسان جا زميندار ۽ وڏيرا هن تاريخي ڪوٽ کي ڊاهڻ جي ڪڍ پئجي ويا آهن. هنن کي پنهنجون زمينون ويڪريون ڪرڻيون آهن، آئون اڪيلو ماستر ماڻهو اوهان محققن کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪري به ڇا ٿو سگهان. مون ان قلعي جون تصويرون ڪڍي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيون آهن.

انور جي فون کان پوءِ مرحوم سرور جون ڳالهيون جڏهن ذهن تي ترڻ لڳيون ته هن ماڳ کي ڏسڻ لاءِ منهنجي دلچسپي هيڪاري وڌي وڻ ٿي. مون استاد مير محمد ڪيريو کي فون ڪئي ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته ان استاد پڻ ڍنڍ ۾ محلات هجڻ وارن اهڃاڻن هجڻ ۽ ڪناري تي ڪچي قلعي جا نشان ڏسڻ جي خوشيءَ وچان دعوت ڏني. جنهن بعد مون ستيارو يعني ڳوٺ ولي محمد ڪيريو وڃي ڍنڍ جو مشاهدو ڪيو. ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ پڪي جاءِ جا نشان ۽ ڪناري سان ڪچي قلعي جا نشان ۽ اهڃاڻ اکين سان ڏٺا.

جڏهن ته ڇهه سال اڳ نوجوان ليکڪ استاد جيئڻ خان ڪيريو پنهنجو اڻ ڇپيل ڪتاب ”ڳوٺ منهنجي ديس جا لکندي“ ستيارو/ ڳوٺ ولي محمد ڪيريو جو پڻ روبرو وڃي مشاهدو ڪيو هو ۽ مشاهدي بعد پنهنجي اڻ ڇپيل ڪتاب ۾ هن لکيو آهي ته ستيارو سان لاڳيتو هڪ قديم ڪوٽ آهي جيڪو هاڻي آخري سڏڪين ۾ آهي. هيءُ ڪوٽ 12 برجن تي مشتمل آهي. جن مان باقي چند وڃي بچيا آهن. ڪوٽ قديمي ڍنڍ جي ڪناري سان جوڙايل آهي ۽ ڪوٽ جي اڳيان يعني ڍنڍ ۽ ڪوٽ جي وچ واري زميني ٽڪري تي هڪ وڏو دڙو/ ٿلهو نظر اچي ٿو. ڍنڍ جي وچ ۾ ٻيٽاريءَ تي هڪ ڦٽل جاءِ جا نشان آهن. جنهن کي مقامي ماڻهو ڪُبي ۽ ماڙيءَ جي نالي سان سڏين ٿا. جڏهن ته علائقي ۾ عوامي ڳالهيون عام جام آهن ته هن ڍنڍ ۾ ميرن هڪ شڪار گاهه ٺهرايو هو، ڍنڍ جي ٻئي ڪناري پريئن ڀر واريءَ جا دڙا آهن، جتي ڳوٺاڻن کي بندوقن جا ڇُرا لڌا آهن. هيءَ ڍنڍ اڄ به پنهنجي فطري حسن سان شاهڪار آهي. جتي اڄ به مڇيءَ ۽ پکين جو شڪار ڪيو ويندو آهي. (ڪتاب: ڳوٺ منهنجي ديس جا، صفحو 40- 41)

ستيارو:

ستيارو نالي سان مشهور قديمي ماڳ ۽ ولي محمد ڪيريو ڳوٺ جي پيرانديءَ کان قديم ڍنڍ هوندي هئي جيڪا فطرتي ۽ قدرتي طور شاداب ۽ آباد ۽ چوڌاري گهاٽن وڻن ۽ ساوڪ سان ٿميل هن ڍنڍ کي پنهنجي حسناڪي هوندي هئي. هڪ طرف انهيءَ جهنگ ۽ وڻڪار هن ماڳ ۽ ڍنڍ کي ڦاڙهن، هرڻن ۽ ٻين جانورن جو آستانو بڻائي ڇڏيو هو ته ٻي طرف آڙين، نيرڳين، تترن، مورن جهڙن سهڻن پکين جي به ڍنڍ ۽ وڻڪار سان ڄڻ ته دل هوندي هئي.

هيءُ علائقو هن وقت ستيارو نالي سان مشهور آهي. هتي هن وقت هڪ صدي پراڻو ڳوٺ ولي محمد ڪيريو پڻ آباد آهي. هن علائقي ۾ آڳاٽي دور جي هڪ قديم ڍنڍ هوندي هئي. ٽالپرن وارو دور هن ڍنڍ جو شاندار دور رهيو ۽ آڳاٽي درياهي وهڪري جو لنگهه به هيءُ علائقو رهيو آهي. جڏهن درياهه پنهنجو پيٽ بدلايو ۽ ڍنڍ جو عروج به نه رهيو ته ساڳين پڊن تي ستيون ۽ سيپيون عام جام ڏسڻ ۾ آيون جنهنڪري عام ماڻهون ستين جي جهجهائيءَ ڪري هن علائقي کي ستيارو سڏڻ لڳا، يعني ستين وارو هنڌ ۽ ماڳ.

جڏهن ته ٽالپرن واري دور ۾ هن ماڳ ۾ موجود تلاءَ ۽ ڍنڍ کي شڪر گنج ڍنڍ جي لقب سان نوازيو ويو. هن ڍنڍ جي پيٽ ۽ وشالتا جي پکيڙ وقت جي بزرگ اولياءَ مخدوم ساند جي آخري آرامگاهه کان جمال ڪيريو ڳوٺ جي آخري حصي کان ستپڙي، دليل ديرو وارو ڍورو ۽ اوڀر ڏکڻ ۾ ٻاٺو، صابو راهو، عثمان جمالي، فضل ڪيريو، نقر شاخ ۽ بکر جمالي تائين هوندي هئي. هيءَ ڍنڍ درياهه بادشاهه جي قديمي ۽ ڀري تري سکي ستابي ڍنڍ ليکي ويندي هئي. ان زماني ۾ سنڌو درياهه سڪرنڊ جي اتر اوڀر پاسي وهندو هو ۽ درياهه بادشاهه کي ان زماني جي لوڪن پاران سهڻيءَ جو درياهه ۽ هاڪڙو درياهه ڪري به سڏيو ويندو هو. ڪتاب سنڌ ڪهاڻيءَ جو ليکڪ ناليوارو اديب ڪيول ملڪاڻي صفحي 7 ۽ 8 تي لکيو آهي ته سنڌو پنهنجو وهڪرو گهٽ ۾ گهٽ 1250ع کان تبديل ڪندو رهيو آهي. اهو اولهه ڏانهن الور، برهمڻ آباد، امرڪوٽ، وڳهه ڪوٽ، سومرن جي روپا ماڙي کان پري ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽي جي شهرن ڏانهن منتقل ٿيندو رهيو. صدين کان روهڙيءَ جي ٽڪريءَ مان پٿر کوٽي درياهه رستي سومرن جي شهر امرڪوٽ ڏانهن اڏاوت جي ڪم لاءِ نيا ويندا هئا. هاڻي اهو سلسلو ختم ٿي ويو هو. تمام جلدي اوڀر وهندي اصلوڪو واهه جيڪو مقامي طور تي هاڪڙو (گهگهر) ۽ (مهراڻ) جي مختلف نالن سان ڄاتو ويندو هو ننڍي کان ننڍو ٿيندو ويو. ايستائين جو اڄ اهو گهٽجي اڀرندي ناري جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

هن ڍنڍ جي اولهه ڏکڻ ۾ لاڳيتو علائقو پاڻيءَ ۽ وڻڪار سان ڳتيل جهنگلي جانورن جو ڄڻ ته آستان هو. جيڪو درياهه جي پيٽ مٽائڻ ۽ ڍنڍ جي زوال بعد سڪي ٺوٺ ٿي ويو. نه وڻ رهيو نه وڻڪار، نه پاڻي رهيو، نه پکي رهيو هڪ وسندڙ علائقي ۾ جڏهن اهڙيءَ ويرانيءَ منهن ڪڍيو ته ان علائقي کي سڏيو ئي ٻاٺو ويو.

هيءُ ماڳ جيڪو هاڻي ستارو جي نالي سان مشهور آهي. شڪر ڍنڍ واري زماني ۾ ڄڻ ته هڪ چڱو موچارو بندرگاهه هيو. تنهن زماني ۾ ڪنب ليمان ۽ هيءُ ماڳ شهري زندگيءَ ۽ وڻج واپار واري حيثيت رکندڙ هئا.

انڪري سنڌ جي ٽالپري حڪمران مير فتح خاب ٽالپر جي زماني ۾ سيد عظيم الدين ٺٽويءَ جي لکيل ڪتاب ”فتح نامه سنڌ“ ۽ مير حسن علي ٽالپر جي لکيل ڪتاب ”شاهه نامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار“ جهڙن ڪتابن ۾ هند سنڌ جي من موهيندڙ جنهن سير گاهه، شڪار گاهه، تفريح گاهه کي شڪر گنج ڪولاب ۽ شڪر ڍنڍ جهڙن نالن سان واکاڻيو ۽ محفوظ ڪيو ويو آهي. ان تاريخي ڍنڍ، ڍنڍ ۾ موجود محلات، ڪناري سان جوڙايل قلعي جا آثار ۽ اهڃاڻ اسين سڪرنڊ شهر کان 14 ڪلوميٽر پري سرهاڙي روڊ جي اولهه ڏکڻ ۾ ستيارو/ ڳوٺ ولي محمد ڪيريو ۾ ڏسڻ ۾ آيا آهن. جيڪي اڄ به ڏسي سگهجن ٿا.

قنڌاري سڙڪ:

انهيءَ زماني ۾ درياهي پٽيءَ ۽ پاڻيارن رستن جي نسبت سان سنڌ مان ٻه مکيه سڙڪون (زميني رستا) گذرندا هئا جن سڙڪن ۽ رستن جو گذر به هن ئي علائقي کان ٿيندو هو. ڪتاب نوابشاهه کان بينظيرآباد تائين جو ليکڪ خادم حُسين چانڊيو. صفحي 204 تي لکي ٿو ته ”قديم زماني ۾ سنڌ ۾ ٻه مکيه سڙڪون هيون. جن مان هڪ کي قنڌاري سڙڪ چوندا هئا، جيڪا بولان لڪ کان نڪري، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر ضلعن واري علائقي مان گذري اروڙ تائين ايندي هئي. ان سڙڪ مان شڪارپور وٽان هڪ ٻي سڙڪ نڪرندي هئي جيڪا موهن جي دڙي، سيوهڻ ۽ آمريءَ کان ٿيندي ڀنڀور يا ديبل تائين ويندي هئي.“

راور وارو رستو:

ٻي شاهي سڙڪ پنجاب کان سنڌ ۾ اروڙ (بکر) تائين اچي ان کان پوءِ هيٺ ديبل، ٺٽي ۽ لاهريءَ تائين ويندي هئي. ان سڙڪ کي راور وارو رستو سڏيو ويندو هو. هن علائقي ۾ ان شاهي رستي کي اگهم وارو رستو به چيو ويندو هو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ هن کي ٽپالي رستو چوندا هئا. انگريزن جي دور ۾ اهو رستو وري ”تار وارو رستو“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

محلات ۽ قلعي جو محل وقع:

سرهاڙي روڊ کان گذرندڙ وڏي واهه جي اوريئن ڪنڌيءَ يعني ڏکڻ اولهه پاسي کان ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڳوٺ ولي محمد ڪيريو جيڪو ستيارو جي نالي سان مشهور آهي جي بلڪل ڏکڻ ۽ اولهه ۾ شڪر ڍنڍ جي پيٽ جا اهڃاڻ اڄ به موجود آهن. هيءَ ڍنڍ جيتوڻيڪ هن وقت درياهي پاڻي کان سڪايل آهي، پر علائقي ۾ سم وڌي وڃڻ ڪري ڍنڍ جو پيٽ ۽ جهولي اڄ به سم واري پاڻيءَ سان ڪڏهن تارو تار ته ڪڏهن هيٺ خالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

فتح آباد جو قلعو:

ولي محمد ڪيريو ڳوٺ جي اتر اولهه ڪنڊ سان ڍنڍ جي اتر ۾ بلڪل ڍنڍ سان لاڳيتو ٽالپرن جي دور جو قلعو اڏيل هو جنهن جي ڀتين ۽ برجن جا نشان اڄ به موجود آهن. قلعي واري ايراضيءَ ۾ ٻني کيڙيندڙ ۽ اکين ڏٺي شاهد محمد يعقوب ڪيريو ٻڌايو ته هن قلعي کي ٻارنهن برج هئا ۽ هي قلعو پنهنجي ايراضيءَ ۾ اٽڪل چوڏهن ايڪڙن تي مشتمل گول ٺهيل هو. جيڪا ايراضي سرڪاري رڪارڊ ۾ به قلعي جي نالي سان موجود آهي. هن قلعي جو هڪڙو دروازو بلڪل ڍنڍ طرف هو.

”قلعي جو ٻيو دروازو ڍنڍ ڏانهن آهي جنهن جي چانوٺ تي پاڻيءَ جو رخ آهي.“ (ڪتاب فتح نامه سنڌ“ صفحو 128/ 129)

هيءُ قلعو ڍنڍ جي بلڪل ڪناري سان اڏيل آهي.

”ڍنڍ قلعي جي ڇانوَ ۽ پاڇي ۾ آهي، ان جون ڇوليون خوشيءَ ۾ ڪڏنديون ٽپنديون، نچنديون رهن ٿيون.“ (ڪتاب فتح نامه سنڌ صفحو 128/ 129

جڏهن ته قلعي جي وچ تي هڪ جاءِ جا نشان مليا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ ته اها مسجد هوندي ليڪن اسان جو خيال آهي ته اها جاءِ مير صاحب جي خاص بيٺڪ هوندي. جڏهن ته قلعي اندر ڪوٽ سان لاڳيتو پڻ ڪوٺين جا نشان مليا آهن. جڏهن ته قلعي ۽ ڍنڍ جي وڍ واري هڪ ٻاري جي مفاصلي وارو ٽڪرو هڪ ٿلهو ٺهيل نظر اچي ٿو جيڪو پڻ قلعي کان ٻاهر ڍنڍ جي ڪناري اچي ٻيڙين ۾ چڙهڻ لاءِ هڪ بيٺڪ طور ڪم ايندو هوندو.

”انهيءَ دلپسند تفريح گاهه ۾ چوڌاري سهڻيون ويهڻ جون جايون ۽ ٿڌيون هيرون هوائون پيون لڳن.“ (ڪتاب فتحه نامه سنڌ صفحو 128/ 129)

ڍنڍ اندر محلات:

قلعي جي بلڪل سامهون واري حصي ۾ ڍنڍ جي اندر هڪ محلات ٺهيل هو. جيڪو پڻ مير صاحب تفريح ۽ شڪار وقت ڪتب آڻيندو هو. ڳوٺاڻا هن علائقي کي ميرن جو شڪارگاهه وارو هنڌ ڪري پڪارين ٿا ۽ ڍنڍ جي ٻيٽاريءَ تي ٺهيل جاءِ کي قبي ۽ ماڙي ڪري سڏين ٿا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اها ميرن جي عياشيءَ جي محلات هئي.

”انهيءَ ڍنڍ جي وچ تي مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪم سان ٻيٽ تي شاهي محلات اڏيل آهي انهيءَ ميراڻي محلات جي پيڙهه پٿر جي ۽ اوساري مضبوط ۽ بلند آهي.“ (ڪتاب فتح نامه سنڌ صفحو 128/ 129)

هن وقت ڍنڍ جي وچ ۾ ٺهيل اها محل نما جاءِ سم جي پاڻيءَ هيٺ اندر اچي وئي آهي. اسان ان تائين پهچڻ لاءِ بتيلي جو سهارو ورتو ۽ ٻه ٽوٻا ساڻ ڪري ان جاءِ ۾ ٽٻيون هڻائي ٺڪراٺو ۽ سرون هٿ ڪيون آهن. جن تي ڪاشيءَ جي خوبصورت اُڪر وارا ٿانوَ ۽ سرون، سالياني شڪار سانگي ايندڙ ميرن جي آسائش جون شاهديون ڏئي رهيون آهن.

مددي ڪتاب:

(1)                   فتح نامه سنڌ فارسي عظيم الدين ٺٽوي بتصيح شيرمحمد نظاماڻي پهريون ڇاپو 1967. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

(2)                 شاهنامو سنڌ، عرف ڪلهوڙن جي هار. ميرحسن علي ٽالپر، مرتب ايڊوڪيٽ غلام نبي محمد وريل سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد 1938ع

(3)       شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾ مرتب ميرمحمد پيرزادو.

(4)       سکر سيئي ڏينهن: محمد اسماعيل عرساڻي

(5)        ”نوابشاهه کان بينظير آباد تائين“ خادم حسين چانڊيو.

(6)       ستيارو- شڪرڍنڍ واري ماڳ جو روبرو مشاهدو، انورملاح، محمد حنيف سومرو، نذير حسينرند، قلندربخش ملاح، ستار ملاح، ڀليڏنو ملاح، نورڪيريو، ماڻڪ ملاح، استاد جيئڻ ڪيريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org