ڊاڪٽر ممتاز علي ڏنگراج
حضرت عثمان مروندي
عثمان مرندي (1) بن سيد ڪبيرالدين بن سيد شمس
الدين بن سيد نورشاھ بن سيد محمود شاھ بن سيد احمد
شاھ بن سيد هادي بن سيد مهدي بن سيد منتخب بن سيد
غالب بن سيد منصور بن سيد اسماعيل بن امام محمد بن
امام جعفر صادق (2) سندن مرند جنم ڀومي جو نالو
آهي ۽ شهباز قلندر سندن لقب آهي.
مرند:
مرند جي متعلق محققن جا مختلف رايا آهن. ڪن محققن
جو چوڻ آهي ته لفظ ”مروند“ آهي. هي شهر آزربائيجان
۽ تبريز ڏانهن پنجين اقليم ۾ هو. ڪن جو چوڻ آهي،
ته ”مروند“ تبريز جي ڳوٺن مان هڪ هو. ڪي وري چون
ٿا ته ”مروند“ جي نالي سان سفرنامن ۽ تاريخ جي
ڪتابن ۾ ڪٿي به ڪنهن شهر جي شاهدي نٿي ملي. البت
هرات کان اُتر ۾ روس ۽ افغانستان جي دنگ تي هڪ
”ڪشڪ“ نالي شهر آهي جنهن کان 160 ڪلوميٽر پري اتر
۾ ”مرو“ نالي هڪ شهر جي شاهدي ملي ٿي جيڪو ماضي ۾
خراسان جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي ۽ خوشحال شهر
تور سڃاتو وڃي ٿو. هن شهر جو تفصيلي احوال ابن
حوقل ۽ مقدسي جي قلم مان ملي ٿو. هن شهر ۾ سڪندر
مقدوني جي وقت جا آثار پڻ ملن ٿا. زابلستان ۾
”ميمند“ يا ”ميوند“ جو شهر به ملي ٿو. هاڻي ”مرو“،
”ميوند“، ”ميمند“ مان ڪابه اهڙي نسبت نٿي جڙي جنهن
مان اسان سمجھي وٺون ته ”مروند“ جڙي پيو آهي. ۽
ٻيو ته اهي شهر آزربائيجان ۾ به نه آهن. حالانڪ
اڪثر محققن جي راءِ آهي ته حضرت لال شهباز قلندر
آزربائيجان جو آهي ۽ آزربائيجان ۾ صرف ”مرند“ شهر
ملي ٿو. ۽ ٻي شاهدي هيءُ به آهي ته مشهور سياح ابن
بطوطه حضرت قلندر لال جي وفات کان اڌ صدي پوءِ سنڌ
۾ آيو هو ۽ ان به صاف لفظن ۾ ”مرند“ لکيو آهي. (3)
سوال ٿئي ٿو ته پوءِ ”مروند“ ڪيئن ٿيو؟ سو سولو
جواب آهي ته عام ماڻهن جي استعمال جي ڪري لفظ مرند
مان مروند ٿيو ۽ اهڙا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مثال
موجود آهن.
قلندر شهباز: شهباز
معنيٰ سفيد باز ـ يعني آسماني علومن ۽ رازن کان
واقف. (4) طالب جڏهن ڪنهن مڪان جو مشاهدو ڪندو آهي
ته ان ڪيفيت ۾ سندس تي جلال طاري ٿيندو آهي. هو
جلال ۾ اچي ڪري ان مڪان جي ڳالهه ڪندو آهي جنهن
مان معلوم ٿيندو آهي ته هن ان مڪان جو مشاهدو ڪيو
آهي. جيئن حضرت عثمان مرندي صاف صاف لفظن ۾ چئي
ڇڏيو آهي ته مان قلندر آهيان مان شهباز آهيان،
جنهن مڪان تي مان پهتو آهيان اتي هر ڪنهن جي پهچ
نه ٿي ٿي سگھي. حضرت موسيٰ عليه السلام طور تي نور
جي تجلي ڏٺي ته بيهوش ٿي ويو. اهو سڀ منهنجي جلال
جو ڪم آهي ۽ منهنجو جلال ئي آهي جنهن موسيٰ کي
بيهوش ڪري ڇڏيو.
هڪ چوڻي آهي ته حضرت قلندر شهباز پنهنجي مرشد شيخ
ابراهيم بابا کان فيض وٺي، حضرت جمال مجرد درگاھ
ڪولاپور وٽ وڌيڪ فيض پرائڻ لاءِ آيو. حضرت جمال
مجرد اعلان ڪيو هو ته مان فيض ان ماڻهو کي ڏيندس
جيڪو تيل جي گرم ڪڻاهيءَ ۾ ٽپو ڏيندو ۽ وري صحيح
سلامت ٻاهر نڪرندو. سوين عاشق آيا ڪي ڪڻاهيءَ وٽ
بيهي واپس ٿيا ته ڪي وري گھُوري گھڙندا هئا ۽ وري
سڙي جان ڇڏائيندا هئا. ڪوبه جيئرو ان ڪڻاهي مان
واپس نه آيو. جڏهن قلندر شهباز کي ان ڪڻاهي ۾ گھڙڻ
جو حڪم ٿيو ته هو ڪڻاهي ۾ گھڙي ٽپا ڏيڻ لڳو ۽ سندس
جان کي ڪجھ به نه ٿيو. هيءَ حالت ڏسي شيخ جمال
مجرد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس ”لال جو لقب ڏنائين (5).
لب تاريخ سنڌ ۾ روايت آهي ته سيد ڪبيرالدين کي
مرند جي بادشاھ سيد سلطان شاھ پنهنجي دختر نيڪ جو
سڱ ڏنو جنهن مان لال قلندر پيدا ٿيو. سندن (6)
ولادت جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. ”حيات نامه قلندر“
جي مصنف جي خيال مطابق قلندر شهباز جي ولادت جي
تاريخ 538ھ آهي جڏهن ”لب تاريخ سنڌ“ جي مصنف جي
راءِ آهي ته قلندر شهباز جي ولادت جي تاريخ 583ھ
هجري آهي (7) ۽ سندن وفات جي تاريخ 650ھ مطابق
1262ع آهي. هن قلندر شخص سڀ کان اڳ قرآن شريف ياد
ڪيو ۽ ان جو مڪمل حافظ ٿيو ۽ ان کان پوءِ وقت جي
مروج علمن کي حاصل ڪري فارغ ٿيو ۽ ان کان پوءِ
تصوف ۽ طريقت کي حاصل ڪري قلندر بڻيو.(8) پاڻ
جڏهن جوانيءَ کي پهتا ته پنهجي مرشد بابا ابراھيم
کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ
هندستان جو رُخ رکيائين، اتان شيخ فريد گنج شڪر ۽
پوءِ شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي صحبت مان
فيضياب ٿيا ۽ شيخ صدرالدين عارف بن بهاءُ الدين
ذڪريا سان پڻ اڪثر ملاقات رهندي هئن. پاڻ ملتان ۾
1264ع ۾ آيا هئا. هندستان کان سندن مرشد جو حڪم هو
ته توهان سيوهڻ وڃو ۽ پاڻ ان حڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ
سيوهڻ پهتا. (9) مؤرخن جو چوڻ آهي ته پاڻ سڄي سنڌ
جو سير ڪري 644ھ يا 649ھ تي سيوهڻ کي پنهنجو مسڪن
مقرر ڪيائون. هن شهر ۾ پاڻ کي رهڻ جو وقت تمام گھٽ
مليو جنهن جو مقدار هڪ سال يا ٻه سال آهي. پاڻ ان
ٿوري عرصي ۾ ئي هن علائقي کي پنهنجي بزرگيءَ سان
رڱي ڇڏيائون. اتان جي بزرگن ۽ اوليائن کين کلي دل
سان قبول ڪيو ۽ ان وقت کان اڄ تائين کين سنڌ جو
بادشاھ قبول ڪيو وڃي ٿو. اسلامي تصوف جا ٻه گروپ
آهن هڪڙا وحدة الوجود جا قائل آهن ۽ ٻيا وحدة
الشهود جا قائل آهن. يا هينئن چئجي ته هڪ همئه
اواست وارا ته ٻيا وري همئه از اواست وارا. وحدة
الوجود جي گروپ جا اڳواڻ بايزيد بسطامي، ذوالنون
مصري، حسين بن منصور حلاج، شمس تبريز، ۽ سنڌ جو
قلندر لال شهباز آهن.(10) حضرت قلندر لال شهباز
باطني علمن سام گڏو گڏ ظاهري علمن جا به ڄاڻو هئا.
پاڻ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم پڻ ڪيائون. قرآن پاڪ کي
سمجھڻ لاءِ علم صرف ۽ نحو جي ضرورت پوندي آهي.
حضرت قلندر لال شهباز ان ضرورت کي محسوس ڪندي علم
صرف ۾ ٻه ننڍا ڪتاب تاليف ڪيا هڪ ”ميزان الصرف“ ۽
بيو ”عقد“ اهي ٻئي رسالا رچرڊ برٽن جي تحقيق مطابق
حضرت لال شهباز قلندر جا تصنيف ٿيل آهن. ۽ سنڌ ۽
برصغير جي عربي مدارس جي نصاب ۾ شامل هئا. ميزان
الصرف جو علامه عبدالحي لکهنوي تبيان نالي شرح پڻ
لکيو آهي. لال سائين جو تصنيف ٿيل ڪتاب ”عقد“ جي
ڪاپي استاد غلام مصطفي قاسمي جي لائبرري ۾ موجود
آهي. هن ڪتاب جو شرح علامه محمود ٺٽوي (وفات:
1000ھ) پڻ لکيو آهي جنهن جي ڪاپي به استاد غلام
مصطفيٰ قاسمي جي لائبرري ۾ موجود آهي. استاد سائين
پاڻ لکن ٿا ته هن ڪتاب جو ٻيو نسخو برٽش ميوزيم
لائبرري ۾ ۽ ٽيون نسخو برلن ۾ موجود آهي. ۽ ڪتاب
جو چوٿون نسخو هالن پراڻن جي قاضي غلام محمد صاحب
جن جي ذاتي لائبرري ۾ موجود آهي (11).
روضو: تاريخ
جي ورقن، ۽ مزار تي لڳل ڪتبن مان اندازو ٿئي ٿو ته
قلندر شهباز جو روضو پهريان سلطان فيروز تغلق جي
ڏينهن ۾ تيار ٿيو، ۽ ان کان پوءِ سلطان محمد اڪبر
اعظم جي زماني ۾ مرزا جاني بيگ توسيع ڪئي ۽ پوءِ
مرزا جاني بيگ جي پٽ مرزا غازي بيگ ان جي مرمت
ڪرائي، جيڪا اڻپوري رهجي وئي. شاھ جهان جي دور ۾
فرش ۽ ٻه مسجدون جُڙي تيار ٿيون. ميان غلام شاھ
ڪلهوڙي (1173ع ۾) خان ڪاھ لاءِ هڪ جهنڊو موڪليو،
ٻاهريون وڏو دروازو ٺهرايو، ۽ صحن جي به مرمت
ڪرائي.(12) 1319ھ
۾ لونگ فقير جي جماعت هڪ مسجد ٺهرائي جنهن جي
تاريخ مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي
”قصرالفيض باد“ ڪڍي آهي. ان کان پوءِ وقتاً فوقتاً
مرمت ٿيندي رهي آهي. جيڪا درگاھ جا متولي سيريءَ
جي پيدائش يا عام چندي مان ڪرائيندا آهن، پر اوقاف
۾ اچڻ کان پوءِ سرڪار درگاھ جي سار سنڀال ڪندي
آهي.(13) ذوالفقار علي ڀٽو، پنهنجي دور ۾ هن درگاھ
کي سونو دروازو لڳرايو ان کان پوءِ ۽ ڪجھ سال اڳ
درگاھ شهيد ٿي پئي، جنهن جو ڪم اڄ تائين هلي رهيو
آهي. هن درگاھ جي صحن تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽
ميلي ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي آهي. راڳ رنگ جو
پڻ اهتمام هوندو آهي
لال سائين جي مشهور شعرن مان چند شعر ترجمي سان
پيش ڪجن ٿا جن مان عمل عقيدي ۽ سندن ڪردار جي خبر
پوي ٿي.
1. زعشق
دوست ہر ساعت درون نارمی رقصم۔
گہے بر
خارمی گہے بر
خارمی رقصم
2. شد
بدنان، در عشقش، بیا
اے پارسا!
ہم بین۔
نمی ترسم
زر سوائی،
سر باز امی رقصم
3. مرامخلوق
می گوید،
گدا چندان! چہ می رقصم۔
بدل داریم
اسراری،
ازاںاسرار
می رقصم
4. خلائق
گرکند برمن ملامت زیں سبب
ہردم۔ مگر نازم برین
ذوقی کہ
پیشیارمی رقصم
5. من
آں "عثمان
مروندی"
کہ یار
خواجہ منصورم۔ نہ لرزم از ملامت آں،
کہ من بردارمی رقصم
1. دوست
جي عشق ۽ الفت سبب هر گھڙي باھ ۾ نچان ٿوـ ڪڏهن
مٽيءَ تي ليٽان ٿو، ڪڏهن ڪنڊن تي نچان ٿو.
2. ان
جي عشق ۾ بدنام ٿيو آهيان ـ اي پارسا اچي ڏس
خواريءَ کان نٿو ڊڄان ۽ سر بازار نچان ٿو.
3. ماڻهو
مون کي چون ٿا اي فقير ايترو ڇو ٿو نچين؟ پر دل ۾
هڪ راز اٿم جنهن سبب نچان ٿو.
4. ماڻهو
جيڪڏهن ان ڳالهه جي ڪري مون تي ملامت ڪن ته ڀلي ڪن
ـ مگر مون کي ان ذوق تي ناز آهي، جو يار اڳيان
نچان ٿو.
5. مان
اهو ”عثمان مروندي“ آهيان جنهن جو يار خواجه منصور
آهي، مان ان ملامت کان نٿو ڏڪان ۽ مان سوريءَ تي
نچان ٿو.
رقص عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ناچ ڪرڻ. انساني
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته رقص انساني
جذبات ۽ احساسات جي اظهار جو هڪ ذريعو رهيو آهي.
شايد ڪنهن زماني ۾ انسان زبان سان جذبات جو ايترو
اظهار نه ڪري سگھندو هو جنهنڪري هو پنهنجي جذبات
جو اظهار رقص سان ڪندو هو.(14).
حوالات
(1) مرتب تاج صحرائي: لاکيڻو لعل شهبازـ ص: 58،
طبع: شهباز ميلاڪميٽي دادو 1408ھ ـ 1988ع.
(2) محبوب علي چنه: مخدوم قلندر شهبازص: 10، ـ
طبع: قلندر شهباز ميموريل ڪميٽي سيوھڻ 1968ع.
(3) مرتب تاج صحرائي: لاکيڻو لعل شهبازـ ص:28_29.
(4) مرتب ضياءُ الدين ايس بلبل: قرب قلندر ـ ص:29
(5) مرتب ضياءُ الدين ايس بلبل: قرب قلندر ـ ص:26
طبع: قلندر شهباز ميموريل ڪميٽي سيوهڻ
1964ع.
(6) محبوب علي چنه: مخدوم قلندر لعل شهبازص:15
(7) مرتب علي احمد بروهي: مظهر قلندر ـ ص:16 ـ
طبع: قلندر شهباز ميموريل ڪميٽي سيوهڻ 1966ع.
(8) مرتب ضياءُ الدين ايس بلبل: قرب قلندر ـ ص:31
(9) محبوب علي چنه: مخدوم قلندر لعل شهبازص:16_20.
(10) مرتب محبوب علي چنا: ضياءُ القلندر ص:16_19،
38_39 ـ طبع: قلندر شهباز ميموريل ڪميٽي 1965ع.
(11) مرتب محبوب علي چنه: سيوهاڻي بادشاھ ـ ص:3_4
(12) مرتب علي احمد بروهي: مظهر قلندر، ص: 17.
(13) محبوب علي چنه: مخدوم قلندر لعل شهبازص:24
(14) مرتب محبوب علي چنا: ضياءُ القلندر ص: 44_45 |