بخشل باغي
شاعريءَ جو قافلو لُٽجي ويو
حسن درس کي منظوم ڀيٽا
شاعريءَ جي هو اکين ۾
لڙڪ ويو اهڙا ڇڏي
جي سُڪي سگهندا نه ڪڏهين
۽ اُگهي سگهندا نه ڪڏهين
هٿ ڪنهن جا شاعراڻا
جاءِ جيڪا هو ڇڏي پنهنجي ويو
ڪوبه اُن تي ڪين ڪڏهن بيهي سگهندو
۽ هڻي گهري خيالن ۾ ٽٻي
سِپ مان موتي نه لهندو
نظم جا هن نيهن جيان آهن نڪورا
سانوڻيءَ جي مينهن جيان آهن نڪورا
جن کي پنهنجون ڪائناتون بي شمار
خواب جهڙيون ڪيتريون
خانه بدوشيون بيقرار
رنگ جن ۾ هن کڻي احساس جا اهڙا ڀريا
شاعري، انڊلٺ جو منظر ٿي پئي
لفظ، جنهن ۾ باک جهڙا باڪمال
موتين تي ماڪ جي قطرن جيان
ڪيڏا اُجرا ۽ اڇوتا ٿا لڳن
هن ڪيون تخليق جيڪي ڀي سٽون
ساهه ۾ سانڍي رکڻ جهڙيون سڀئي
هن ڏنيون جيڪي به تمثيلون
۽ تشبيهون سڀئي استعارا
ڪنهن مهاڻي ٻار جيئن آهن پيارا
ڪير ٿو ڳولي سگهي؟
ڪير ٿو ڇولي سگهي؟
سمنڊ هُن وانگر ڪويتا جو ايئن
ڪيترو زرخيز هُن جو آ تخيل
ڄڻ ستارن جو تسلسل
جنهن ۾ فطرت کي سمائي
هن ڪري حيران فطرت کي ڇڏيو
منجهس ڪوتا جي قدرت کي گڏيو
شاعريءَ کي هُن ڏنو آواز نئون
گيت نئون، سنگيت نئون، هر ساز نئون
سُونهن سان هو تار سندر سلسلو
جنهن ۾ پئجي ويو فنا جو فاصلو
زندگي هُن کان وئي آڱر ڇڏائي
موت هن کي ڀاڪرن ۾ ويو اڏائي
جو سڄڻ، ساڻيهه ٻئي لرزي ويا
سنڌ جا منظر سڀئي لرزي ويا
جن خيالن ڪين ورتو هو جنم
سرجڻا هُن کان هيا جيڪي نظم
هن جي سيني ۾ دفن رهجي ويا
شاعريءَ جو قافلو لُٽجي ويو
روشنيءَ جو قافلو لُٽجي ويو!!
گوهر سنڌي
ڳايان تنهنجي لات ڀٽائي
(نظم)
ڳايان تنهنجي
لات ڀٽائي،
بيت وايون هر وات ڀٽائي،
ٻُڌ ڪا منهنجي بات ڀٽائي،
کُٽندي قهري رات ڀٽائي،
ڪيڏي آهي سانت ڀٽائي،
ڳايان تُنهنجي لات ڀٽائي.
ڪَڍون نه ڪَنهن جي ڪاڻِ ڀٽائي،
مڃون نه ڪَنهن جي آڻِ ڀٽائي،
سائين آ سرواڻ ڀٽائي،
سنڌين جا اڳواڻ ڀٽائي،
آهي تُنهنجي تاتِ ڀٽائي،
ڳايان تُنهنجي لات ڀٽائي.
آهين تون گهوٽ ڀٽائي،
مارون تنهنجي اوٽ ڀٽائي،
نفرت ٿي آ چوٽ ڀٽائي،
دشمن کي اچي مات ڀٽائي،
سچ جي اُڀري پربات ڀٽائي،
ڳايان تُنهنجي تات ڀٽائي.
هِندُ سنڌُ جو تون شاهه ڀٽائي،
سانگين جون تون ساهه ڀٽائي،
پورو ٿئي نه پساهه ڀٽائي،
توتي آ ويساهه ڀٽائي،
ڏينهن به تُنهنجو رات ڀٽائي،
ڳايان تُنهنجي لات ڀٽائي.
هردم تُنهنجي تاتِ ڀٽائي،
اعليٰ تنهنجي ذاتِ ڀٽائي،
قائم تنهنجي ڏاتِ ڀٽائي،
سهڻي آ سوغات ڀٽائي،
حق جي سا واٽ ڀٽائي،
ڳايان تُنهنجي لات ڀٽائي.
سنڌ هُجي آباد ڀٽائي،
شل هجي هيءَ شاد ڀٽائي،
آ ٻولي زندهه باد ڀٽائي،
تو دَرِ آ فرياد ڀٽائي،
اُڀري ڪا پرڀات ڀٽائي،
ڳايان تُنهنجي لات ڀٽائي،
ڳايان تُنهنجي
لات ڀٽائي.
ميرزا دبير
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
(هائيڪا)
بحر آهي علم جو،
شاهه عبداللطيف،
ناهي ثاني جنهن جو ڪو.
•
شاهه جو رسالو،
سوچ جي ساگر جو،
انمول ٿيو خزانو.
•
ڀٽ جي ڀٽائي،
لکي بيت نما آيتون،
سنڌي ٻولي بچائي.
•
او! ڀٽ جا ڀٽائي،
ڪڏهن ورندو واءُ،
جڏهن سنڌ ٿيندي سائي.
(هائيڪا)
سنڌ منهنجي ماءُ،
جنهن جي قدمن هيٺ،
آهي جنت جي واءُ.
•
لڱ اُگھاڙا- اڻڀا وار،
نم جي هيٺان ڪيهن پيا،
پيٽ بکايل ٻار!_
آگم ڪيا الله!
پلر جي پالوٽ سين،
پٽن جَھليا پاھه.
•
وڏ ڦڙو مينھن،
ڪارونڀار ڪڪر ۽،
پاسي پرين.
•
آءٌ ۽ منهنجي تنهائي،
بڙ جي وڻ هيٺ،
هوءَ تڏهن به نه آئي!
•
پرينءَ جو ديدار،
مون لئي آهي ٿيو،
ڄڻ آمد بهار!
•
پرينءَ جو هار سينگار،
مون لئي آهي ائين،
جيئن موسم بهار!
•
چپ چوري چوڻ،
مون کي ڏاڍو وڻيو،
آءُ اوري سڄڻ.
احساس ابڙو
غزل
وٺي تون چيچ اسان جي، مٺا گُهمائين ها،
اسان کي پنهنجي هٿن سان، وري سجائين ها.
هُجين ها تون ئي تون، مرڪز اسان جي دنيا جو،
اسان کي روپ نئون ڏئي، پرين بڻائين ها.
اسان کي يار اڪيلو، ڇڏي هَليو ويو آن،
ڪَٺي هُجين ها اسان سان، اسان کي چاهين ها.
وري ڪرين ها نئون ڀوڳ، نئين راند مٺا!
اسان کان ڪونه لڀين ها، پيو ستائين ها.
الائي ڪهڙي وري، روپ ۾ وَرين واپس،
وڃڻ کان پهريان اسان کي، ته ڪجهه ٻُڌائين ها.
غزل
پاڻ کي پاڻ ڄڻ، عجب ٿو لڳان،
تون جي ناهين ته، بي سبب ٿو لڳان.
آءٌ وڄندو رهان، ٿو ورهين کان،
ڄڻ نغاري مٿان، ضرب ٿو لڳان،
تون جي ناهين ته، ڪجهه به ناهيان مان،
تون جي آهين ته، پوءِ غضب ٿو لڳان،
آءٌ خاموش ٿي، وَيو آهيان،
ڪربلا جي اُداس، شب ٿو لڳان.
غزل
اوهان جي سُونهن پوڄي سين، اوهان جو پيار
ماڻيوسين،
عطا ڪئي عشق الهامي، سڄو سنسار ماڻيوسين.
وڃائي پاڻ کي خود ۾، لڌوسين پاڻ کي ڳولي،
هنئين سين سئن سيلاني، پرينءَ جو پيار ماڻيوسين.
ڏني سين ٽيڪ جيون کي، سُتاسين ڪي ٻه ٽي گهڙيون،
اندر جا ٿڪ لاهي، نينهن کي نِروار ماڻيوسين.
رکيوسين سُونهن کي اوچو، ڪيوسين عشق کي اعليٰ،
رُلائي روح کي رِڻ ۾، اندر اظهار ماڻيوسين.
اکيون کولي، اکيون ٻُوٽي، ڏٺوسين جا بجاءِ جاني،
اسان هر جاءِ تي، پنهنجين اکين جو يار ماڻيوسين.
غزل
نچيا هي نيڻ مي رقصم، اسان اڳتي پَيا ڪاهيون،
هٿن ۾ عشق جو پرچم، اسان اڳتي پيا ڪاهيون.
اسان جو هوش مي رقصان، اسان ۾ يار آ موجود،
اکيون وجدان ۾ هردم، اسان اڳتي پَيا ڪاهيون.
سڄي سنسار کان ڪٽجي، رهياسين يار ۾ شامل،
سڄو مدهوش آ عالم، اسان اڳتي پَيا ڪاهيون.
خوديءَ جي خول کي ٽوڙي، وتي سين پاڻ مجذوبي،
اندر ۾ پيار جي موسم، اسان اڳتي پيا ڪاهيون.
اختر پِيا
غزل
اسان زندگيءَ جا، ڪشالا سَٺاسي،
گهڙي کن کِلي پو، گهڻو ئي رُناسي.
زماني ستم جون، هزارين سنڀارون،
سنڀالي سنڀالي، ته آخر سُتاسي.
ڪئي سين ته ڪوشش، ته الفت رهي من،
نه ٿي ساڀيان جي، جفا ٿي پياسي.
ٽُٽو آسمان هر گهڙي، مهل ڪائي،
هُيا طعنا تُنڪا، تِکا ٿي لڳاسي.
چيوسين اسان جي، گناهن غمن جي،
نه ٻولي ٻرايو، چڱو جي ٻُڏاسي.
خبر هاڻ پيئي، ڏنگائي ڏکن جي،
ڏنگيندي به آهي، ائين جو ٿياسي.
زماني جي رنجش، ذرو نا گهٽايو،
ڪري نيڻ آلا، ته ”اختر“ وُٺاسي.
غزل
ڳالهه ڪئي مون، هڪڙي آهي،
لوڪَ سڄي ۾، ڦڦڙي آهي.
سڀ ڪجهه ٿيندو، رهندو آ پر،
جُٺ ڪئي هُن، تڪڙي آهي.
کوهن ماڻهن، وات هزارين،
ڪمزوري جا، پڪڙي آهي.
ڏوهه ته کڻبو، ورهائي آ،
پر هت هر اک، ڪڪڙي آهي.
ڏاڍي ٿي، هر وات اِهائي،
وائي جا هي، پکڙي آهي.
راز ڏيڻ مان، ورندو ڇا هي؟
هوءَ الائي ڇو، اُڊڙي آهي؟
ڪير سڏائي، ڪنهن جو ”اختر“،
جان جنهين جي، جڪڙي آهي.
غزل
ٻهه ٻهه تنهنجي، ٻولي جاني،
وسري ناهي، لولي جاني.
گذري گهڙين، لهرن سان ئي،
ڪانه ڏٺي ڪا، ڇولي جاني.
سنهڙن سنهڙن، ٽهڪن سان ئي،
ياد اٿم سا، ٽولي جاني.
سمجهه سگهاري، ٿي نه سگهي،
ڏات ڏني تو، اولي جاني.
هِن هُن کي ئي، راز ڏئي تو،
ڳالهه اجائي، کولي جاني.
ڀرت حياتي، ڀريل آهي،
چاهت واري، چولي جاني.
جيسين دُنيا، قائم دائم،
رچندي مچندي، هولي جاني.
عشق اُڊيڙي، هانءُ ته ”اختر“!
سَڌ ڪاٿي سا، سولي جاني.
غزل
درد جو ماپو، سوئي ڄاڻي،
جيڪو نيڻن- نير ٿو ڇاڻي.
محبت ٻولي، هر دل ۾ آ،
چاهت راحت، شل ڪوماڻي.
اولي سولي، عاشق ڄاڻن،
ڪيئي بيوس، پون ٿا گهاڻي.
ڏکڙن ۾ ئي، ساٿ جنين سان،
مارن ٿا سي ڄاڻي واڻي.
پيسن هوندي، پرين ڇوي ٿو،
هاڻ ملي وڃ، ڇا جي سڀاڻي.
اهڙو ڪوئي، آهي زمانا،
مون وٽ سچ، سچائي آڻي. |