شبانه سنڌي
ايترو جلدي
موڪلائبو آهي ڇا…؟
(نامور ليکڪا سنڌيا شاهه جي وڇوڙي تي لکيل تاثر)
حضرت علي جن جو قول آهي:
”جنهن ڏينهن تنهنجو وفادار دوست توکي ڇڏي هليو
ويندو ته سمجهي ڇڏ اُهو ڏينهن تنهنجي لاءِ اڌ
قيامت جي برابر هوندو.“
7- مارچ وارو ڏينهن، مون لاءِ واقعي به قيامت برپا
ڪندڙ ڏينهن هو، جڏهن ٻي کان اڍائي جي وچ ڌاران مون
کي سنڌيا شاهه جي نمبر تان ميسيج مليو هو:
”سنڌيا شاهه گذاري ويئي…“
مون سمجهيو هو ’سنڌيا‘ مون سان مذاق ٿي ڪري، مون
کي ستائڻ جي لاءِ هُن اهڙو ميسيج ڪيو آهي.
صبح جو هن جا ٻه ميسيج مليا هئا.
جن مان هڪ ۾ هُن وصيت ڪئي هئي ته:
”منهنجا ڪتاب سنڌالاجي ۾ رکيا وڃن، هر صورت ۾ عمل
ڪيو وڃي.“
اهڙا ميسيج هوءَ اڪثر ڪندي رهندي هئي.
مون هن سان ڳالهائڻ چاهيو هو، پر هن جا ٻئي نمبر
بند پئي مليا، تڏهن مان گهٻرائجي ويم.
”سنڌيا جا نمبر ڇو بند آهن؟“
اُهو پهريون ڀيرو هو جو مون کي ٻڌائڻ بنا هن
پنهنجا نمبر بند ڪري ڇڏيا هئا.
نه ته جڏهن به هوءَ ائين ڪندي هئي ته مون کي
ٻڌائيندي هئي، جيئن مان پريشان نه ٿيان.
وقفي وقفي سان هن جو نمبر ملائيندي رهيس.
ٻن ٽن ڪلاڪن پڄاڻان نيٺ نمبر لڳو، پر وري به ڪال
رِسيوِ نه پئي ٿئي.
”سنڌيا، ڪال رِسيوِ ڪر پليز…“
مون هن کي ميسيج ڪيو.
هڪڙو نه الاءِ ته ڪيترا ميسيج ڪيم، پر ڪوبه جواب
ڪونه آيو.
ٿوري دير کان پوءِ ميسيج آيو:
”سنڌيا گذاري ويئي…“
سمجهيم سنڌيا مون سان مذاق ڪئي اهي.
ڪال ڪيم ته هن جي ننڍي ڀيڻ فائزه روئندي روئندي
چيو: ”دوستِ وَيوَ ادي…“
اُهي لفظ نه هئا، هڪڙو ڌماڪو ٿيو هو، جنهن منهنجا
حوصلا ختم ڪري ڇڏيا هئا.
جيڪي ٻڌم ان تي اعتبار ڪونه آيو.
اعتبار اچي به هان ته ڪيئن…؟
اڃان ڪالهه ئي ته ڪچهري ڪئي هئيسين، هوءَ بلڪل ٺيڪ
هئي.
فائزه کي چيم: مون سان اهڙي مذاق نه ڪر، سنڌيا کي
ڏي ته مان ڳالهايانس.
روئندي چيائين: ”اهڙي مذاق ٿيندي آهي ڇا؟“
هوءَ روئندي رهي ۽ مان چوندي رهيس:
”نه فائزه، ائين نٿو ٿي سگهي، تون سڏ ڪر سنڌيا کي
ته اچي مون سان ڳالهائي، سڏ ڇو نٿي ڪرينس تون.
ٻڌائينس ڇو ڪانه ٿي، چوينس ته اچي مون سان
ڳالهائي.“
ڪال ڪَٽجي وئي.
اکين جا بند ٽُٽي پيا، من اندر ٻوڏ اچي وئي.
دل ڏک کان ڏرڻ لڳي.
اعتبار پوءِ به نه آيو.
مون هن جي نمبر تي ميسيج ڪرڻ شروع ڪيا.
”سنڌيا مون سان ڳالهاءِ پليز، مون کي ايڏو آزماءِ
نه.
مون کي سچ پچ اَلاءِ ڇا ٿو ٿئي هاڻي، بس، گهڻو
ٿيو.
هاڻي وڌيڪ برداشت نه ٿيندو، ڳالهاءِ مون سان
پليز….“
اَلاءِ ته ڪيترا ميسيج ڪيم.
پر ڪو جواب نه مليو.
منهنجي دوست جيئري هجي ها ته جواب ڏئي هان نه.
گهٻراهٽ مان ادي رضيه طارق کي فون ڪيم.
”ادي… ادي توهان کي خبر آهي؟ سنڌيا توهان کي ڪو
ميسيج ڪيو آهي؟ هن جي نمبر تان ميسيج آيو آهي، ته
سنڌيا گذاري ويئي.“ مون روئي ڏنو.
ادي رضيه مون کي دلجاءِ ڏني ته تون پاڻ کي سنڀال،
مان ڳالهائي ٻڌايان ٿي.
منهنجي حالت ان وقت صفا چرين جهڙي ٿي وئي.
سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان…؟
پنهنجي سهيلي ۽ سؤٽ ساجده جبين کي ڪال ڪيم.
ان به مون کي پاڻ سنڀالڻ لاءِ چيو.
توڙي جو مون اڃان ان حقيقت کي نه مڃيو هو، پر اُها
مذاق به مون کان برداشت نه پئي ٿي.
دعائون گهرندي رهيس.
رب پاڪ ڪري اُها مذاق ئي هجي، اهو سچ نه هجي.
پر حقيقت چاهي ڪيڏي به ڀيانڪ ڇو نه هجي، قبول ڪرڻي
ئي پوندي آهي.
۽ پوءِ جيئن ئي مون ان حقيقت کي قبوليو، مون کي
آسپاس جو ڪو هوش نه رهيو.
سڏڪا ڀري روئڻ لڳس، منهنجون معصوم ڌيئرون هيسجي
مون کان پري ٿي بيهي رهيون.
ڪيتري دير تائين مان روئندي رهيس، دانهون ڪري
سنڌيا کي سڏيندي رهيس.
پر هن منهنجا سڏ ٻڌا ئي ڪونه، ڪوبه جواب نه
ڏنائين، مون کي اڪيلو ڪري هلي وئي.
ها، هوءَ وئي هلي ان ماڳ، جتان ڪوبه وريو ناهي.
جڏهن ڪجهه هوش آيم ته پنهنجي ڌيئرن کي پنهنجي ڀاڪر
۾ ڪيم.
”سوير ڇو پئي رنو توهان اَمي…؟ منهنجي وڏي ڌيءُ
مون کان پڇڻ لڳي.
اکين مان ڳوڙها وهي آيا، چيم: منهنجي اُها دوست،
جنهن توهان جي لاءِ ڪپڙا موڪليا هئا، گذاري ويئي…
مون کي ايتري سمجهه به نه رهي ته مان ٽن ۽ چئن
سالن جي ٻارڙين سان اُهي ڳالهيون ڪيئن پئي ڪريان.
هنن کي ڪهڙي خبر ته گذاري وڃڻ ڇا ٿيندو آهي؟
هوءَ جا روز مون سان رهاڻ ڪندي هئي.
پنهنجو هر ڏک سک اوريندي هئي، پنهنجا خواب به
ٻڌائيندي هئي ته پنهنجون ڪهاڻيون به.
اُها ڀلا ائين اوچتو بنا ٻڌائڻ جي ڪيئن ٿي وڃي
سگهي؟
ادبي حوالي سان ئي نه پر ذاتي طور تي به اسين
هڪٻئي جو سهارو به هيونسين ته اُتساهه جو ڪارڻ به.
هڪٻئي جي لکڻين جون سٺيون پڙهندڙ به ته، سٺيون
صلاحون ڏيندڙ به.
”ڇا پئي ڪرين؟ ڇا پئي لکين… ڇا پئي پڙهين؟
فلاڻو رسالو ورتو اٿئي؟ ان ۾ فلاڻي لکڻي پڙهي
اٿئي؟
ڇا راءِ آهي تنهنجي ان بابت…؟“
اُهائي شروعات هوندي هئي اسان جي ڪچهري جي.
هاڻي مان ڪنهن سان ڪچهري ڪنديس.
دل ٿي چوي دانهون ڪريان، رڙيون ڪري روئان. ڪيئن
به ڪري هن کي واپس ورايان.
ڏوراپو ڏيانس ته، ويندي ويندي موڪلايون ته وڃين
ها، آخري ڪچهري ته ڪيو وڃين ها، جيڪي دل ۾ هيئي
حال اوريون وڃين ها.
ايترو ته سوچين ها، توکان پوءِ تنهنجي هيءَ دوستِ
ڪيئن جيئندي. ڪيئن برداشت ڪندي تنهنجو وڇوڙو.
سنڌيا، هاڻي ته ڏينهن به وڏا ٿيندا پيا وڃن، هاڻ
ته پنهنجون ڊگهيون ڪچهريون ٿين ها.
اڃان هاڻي ته تو خواب ڏسڻ شروع ڪيا هئا.
تو ٻوليءَ جي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ ٿي چاهيو، تنهنجا
حوصلا ڪيڏا بلند هئا.
اَٽل ارادن واري سنڌيا، تو ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ پئي
چاهيو، تون لاوارث ۽ بيواهه عورتن جي فلاح و بهبود
۽ مالي سهائتا لاءِ ڪهڙا ڪهڙا پروگرام ٺاهيا هئا.
توکي زندگيءَ سان ڪيڏو پيار هو، اها مون کي خبر
آهي، تو ان لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو.
اُهو مون کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي سگهي ٿو ڀلا.
پر زندگي بي وفا آهي، زندگيءَ توسان به وفا نه
ڪئي.
موت کي موقعو ملي ويو.
سنڌيا، دوستيءَ ۾ ائين ٿيندو آهي ڇا؟
توکي خبر هئي ته مان دل جي ڪيڏي ڪمزور آهيان.
پوءِ به تون پنهنجي وڇوڙي جو هيڏو وڏو صدمو ڏئي
وئينءَ.
هاڻي توکي مان ڇا چوان…؟
تون منهنجي ڪنهن ڳالهه جو جواب ئي ڪٿي ٿي ڏين
هاڻي.
ايتري ڊگهي ماٺ… ايڏي ڊگهي موڪلاڻي…
ياخدايا! مون کي حوصلو ڏي ته مان اُهو ڏک، اهو
وڇوڙو برداشت ڪري سگهان.
وفات کان هڪ ڏينهن پهرين سنڌيا هڪڙو ميسيج ڪيو هو.
سنڌيا! اڄ دل ٿي چوي ته مان تنهنجون ڪهاڻيون
پڙهندڙن کي، پسند ڪندڙن کي تنهنجو اُهو ميسيج،
جنهن ۾ هڪڙو پيغام به آهي ته موڪلاڻي به، پڙهي
ٻڌايان:
”موت هڪ ڏينهن اسان کي به نه ڇڏيندو. ان کان پوءِ
ماڻهو ايندا، اسان جي جنازي نماز ٿيندي، ۽ پوءِ
دفن ڪري هليا ويندا، هاڻي قيامت تائين اسان
هونداسين ۽ اسان جي قبر! قبر جي روشني نماز آهي،
تنهنڪري نماز جي پابندي ڪريو، نماز پابندي سان
پڙهو.
(سنڌيا شاهه)
6- مارچ 2012ع
"01:16:20
مرزا ڪاظم رضا بيگ
سنڌ جو شاهنامو
سنڌ جي شاهنامي جو مؤلف هزهائينس مير محمد حسن علي
خان ٽالپر آهي. مير حسن علي خان، مير نصير خان
ٽالپر جو وڏو فرزند ۽ ”سرڪار رفعت مدار“ سندس لقب
هو. تاريخ 26 ذوالقعد سن 1204هه تي حيدرآباد جي
قلعي ۾ تولد ٿيو. سندس سجع آهي ته:
آسوده برسرير امارت بخوشدلي
فخر الملوڪ ظلِ الهيٰ حسن علي
مير حسن علي خان سمجهه ڀريو ٿيو، ته سندس اعليٰ
تربيت لاءِ هڪ سنڌي عالم آخوند احمد هالائي رکيو
ويو، جنهن کيس سنڌي، فارسي، عربي ۽ ديني تعليم سان
آراسته ڪيو. ان سان گڏ تير اندازي ۽ بندوق بازي جي
تربيت به چڱي طرح کيس ملي جو جوان ٿيندي ئي هر فن
مولا بنجي ويو.
انگريزن، سنڌ فتح ڪئي ته مير نصير خان کي سندس ٻن
پٽن: مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان مومن
سميت سڄي خاندان کي ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪيو ويو، جتي
1845ع ۾ مير نصير خان وفات ڪري ويو. والد جي وفات
کان پوءِ ڏکايل شهزادا حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳا. مير حسن علي خان پاڻ وندرائڻ لاءِ
ڪئين مصروفيتون شروع ڪري ڏنيون، جن ۾ سندربن ۾
شڪار ڪرڻ به شامل هو. هيءُ اهوئي ٻيلو هو جتي سندس
ڀاءُ مير عباس علي خان شڪار ڪندي پاڻ ئي موت جو
شڪار ٿيو، جنهن کان پوءِ مير حسن علي خان پنهنجي
ٻنهي ڀائٽن: مير عبدالحسين خان سانگي ۽ مير احمد
يار خان جي پرورش ڪئي. مير احمد يار خان ڏهن سالن
جي عمر ۾ ئي وفات ڪئي، باقي عبدالحسين خان سانگي
سندس پرورش ۾ رهيو.
سن 1859ع ۾ ٽالپرن کي انگريزن قيد مان آزادي ڏئي
سنڌ ڏانهن موڪليو، مگر مير حسن علي خان ڪجهه وقت
اُتي ترسي پيو، جو سندس ذاتي جائداد جا ڪجهه مسئلا
درپيش هئا. البته پنهنجن ننڍڙن ڀائٽن ۽ خاندان کي
پنهنجي چاچي مير محمد خان ٽالپر سان گڏ حيدرآباد
روانو ڪيائين. 1863ع ۾ مير صاحب حيدرآباد سنڌ ۾
آيو ۽ اچي پنهنجي چاچي مير نور محمد خان ٽالپر جي
نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. جنهن مان کيس ڪوبه اولاد
نه ٿيو. تنهن بعد گورنمينٽ کان گرانٽ منظور ڪرائي
موجوده ٽنڊي مير نور محمد (موجوده لطيف آباد نمبر
4) وارو بنگلو ٺهرايائين ۽ اتي ئي سڪونت پذير ٿيو.
انگريز سرڪار کان مير صاحب ۽ سندس همشيره ۽ ”بيبي
سونا“ کي ٽي هزار رپيا ماهانه پينشن ملندي هئي.
مير حسن علي خان پيسي جي معاملي ۾ تمام خبردار ۽
ڪفايت شعار هو ۽ هميشه پيسي کپائڻ بدران وڌائڻ جي
ڪوشش ۾ هوندو هو ۽ پنهنجي ڀائٽي مير عبدالحسين خان
جو هر وقت خيال رکندو هو. سندس تربيت ۽ تعليم لاءِ
بهترين استاد مقرر ڪيائين. ان سان ايتري محبت هئس
جو جڏهن سانگي محبت جي ميدان ۾ ٽپي پيو ۽ هڪ مهاڻي
نينگريءَ سان پيچ پائي ويٺو، تڏهن ان جي خوشيءَ جي
خاطر باوجود پنهنجي حاڪمانه طبيعت جي، ڇوڪريءَ جي
مائٽن جون سڀ گهرجون پوريون ڪري، ان ڇوڪريءَ جي
شادي مير عبدالحسين خان سان ڪرايائين. ان بعد
گورنمينٽ کان گرانٽ منظور ڪرائي، ڀائٽي کي بنگلو
جوڙائي ڏنائين. پاڻ جنهن به محفل ۾ وهندو هو، چاهي
ادبي محفل هجي يا گورنر سان ملاقات، سانگي کي
هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو.
مير حسن علي خان، نهايت ئي ملنسار ۽ پيار ڪندڙ
انسان هو، کيس ڪنهن به قسم جو تڪبر نه هوندو هو.
صورت جو موچارو، قداور، رنگ ڳورو، وڏيون ڪاريون
اکيون، پيٽ اندر، جسم درميانو، سينو ڪشادو، وار
گهاٽا ۽ گهرا ڪارا، کليل پيشاني، کڙو نڪ، چپ سنها،
اکين مان هميشه غور ۽ فڪر جو احساس ٽمندو نظر
ايندو هو. سنڌ ۾ موٽي اچڻ بعد به انگريز ڪامورا
وٽس ايندا هئا ته انهن جي تواضع پنهنجي روايتي
انداز سان ڪندو هو. لباس هميشه نفيس، يعني ململ جو
سنهو ڪڙتو ۽ مٿس بخمل جو سون ۽ چانديءَ جي تارن
سان مڙهيل زريءَ جو ڪوٽ پائيندو هو. اهي سمورا
ڪوٽ، ٽوپيون ۽ ٻيا ڪپڙا وغيره اڄ به سندس اولاد وٽ
موجود آهن. انهن ڪوٽن ۾ زمرد ۽ ياقوت جا ٻيڙا لڳل
آهن. مير صاحب دولت جي لحاظ کان سموري خاندان ۾
خوشحال هو، پر دنيا ڇڏڻ کان اڳ پنهنجي ملڪيت جو
وارث ڪنهن کي به نه ڪري ويو، جنهن ڪري سندس ملڪيت
تي خاندان ۾ جهڳڙو شروع ٿيو.
مير حسن علي خان سنڌ جو برک عالم، اديب ۽ شاعر هو.
مرثيه گوئيءَ ۾ يگانو هو. هڪ ته علم و ادب کيس
ورثي ۾ مليو، ٻيو ته وري قابل استادن جي تربيت، جن
کيس ادب جي آسمان تي هميشه لاءِ چمڪائي ڇڏيو. شعر
۾ تقريباً سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس،
جيئن ته مثنوي، مخمس، مسدس وغيره. سندس ڪلام جو
موضوع مدحيه آهي، جنهن ۾ مناقب، مداحون، مناجاتون،
مرثيا، سلام، نعت وغيره شامل آهن. وٽس هميشه ادبي
محفلون لڳنديون هيون، جن ۾ بلند پايه شاعر موجود
هوندا هئا. پاڻ پنهنجي شعر جي اصلاح به ڪنهن کان
نه ڪرايائين. ان مان محسوس ٿئي ٿو ته خداداد
صلاحيتن جو مالڪ هو. مير صاحب بهترين خوشخط پڻ هو،
جنهن ڪري سندس ڪلام جا اڪثر مسودا سندس ئي هٿ
اکرين آهن ۽ سندس تصنيفون به تمام گهڻيون آهن، جن
مان ”شاهنامو يا فتحنامو يا ڪلهوڙن جي هار“ مثنوي
به هڪ آهي.
آخر اهو ڏينهن به آيو، جڏهن هيءَ علم و ادب جو
آفتاب دنيا جون محفلون ڇڏي 15 ذوالحج سن 1284هه،
اربعا جي ڏينهن ٻنپهرن جو هميشه لاءِ غروب ٿي ويو.
ميرزا قربان علي بيگ سندس وفات تي هيٺئين قطع
تاريخ چئي:
روح الامين جو پهتو هيءُ پيغام خلد ۾،
آيو امير سنڌ خوش انجام خلد ۾.
مداح اهلبيت محمد حسن علي،
مداحي جو وٺي هليو انعام خلد ۾.
حسان اهلبيت جو هيءُ مرتبو ٿيو.
نهرن لبن مان ان کي مليو جام خلد ۾.
ابن امير مير محمد نصير خان،
آيو به لطف رب ذوالڪرام خلد ۾.
فخرالملوڪ ظلِ الهيٰ حسن علي،
مداحِ اهلبيت خوش انجام خلد ۾.
تصنيف حمله حيدري مختار نامو ڪئين،
ٿيندس عطا خدا کان ته انعام خلد ۾.
تصنيف مرثيه جي ڪيا مير لاجواب،
ٿيو ذڪر جو پڻ سحر و شام خلد ۾.
مسند ٿي خالي اڄ وئي شعر و سخن سندي،
سلطان ويو سخن جو نڪو نام خلد ۾.
”قربان“ ندا ڏئي ٿو چوي هاتف اچي ويو،
با احتشام حجت الاسلام خلد ۾.
1324هه
مير حسن علي خان جي وصيت هئي ته کيس ڪربلا معليٰ ۾
دفن ڪيو وڃي، ان ڪري سندس لاش کي امانت طور سندس
ئي بنگلي جي هڪڙي ڪمري ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو.
19 ربيع الثاني 1330هه/ 8 اپريل 1912ع جي مير حاجي
مير نور محمد خان (ثاني) جي حڪم سان، مير حسن علي
خان جو لاش ڪڍائي، توبخاني جي ڇهن گهوڙي واري گاڏي
تي رکي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي آڻائي، اسپيشل
ٽرين ذريعي ڪراچي آندو ويو جتان دوارڪا جهاز ۾ لاش
رکائي ڪربلا معليٰ ڏانهن روانو ٿيو. بصري ۾ پهچڻ
کان پوءِ هيءُ قافلو ڪاظمين پهتو، جتان هيءُ قافلو
وري ڪربلا معليٰ ڏانهن روانو ٿيو. ڪربلا معليٰ ۾
مير صاحب کي حضرت امام حسين عليه السلام جي
پيرانديءَ کان هڪ حجرو خريد ڪري 9 مئي 1912ع خميس
جي ڏينهن دفن ڪيو ويو.
مير حسن علي خان ٽالپر ”سنڌ جو فتحنامو يا شاهنامو
عرف ڪلهوڙن جي هار“ مثنوي جي صنف ۾ چيو آهي. سنڌي
نظم ۾ جوڙيل هيءَ رزميه مثنوي، فارسيءَ جي مشهور
شاعر ”فردوسي“ جي شاهنامي جي طرز تي جوڙيل آهي.
سنڌي ادب ۾ هيءَ مثنوي زبان ۾ رزميه مثنوي جو هڪ
بهترين شاهڪار آهي. سنڌي ادب ۾ هيءَ مثنوي وڏي وٿ
واري آهي. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، هن
مثنوي جو اقتباس سن 1938ع ۾ شايع ڪرايو ۽ ٻيو ڇاپو
سن 1952ع ۾ ڇپيو. مرحوم غلام نبي محمد وريل هن
مثنوي کي ايڊٽ ڪيو. هن ڇپيل اقتباس ۾ انيڪ غلطيون
رهجي ويون آهن.
هن مثنوي جو مڪمل قلمي نسخو، ميرزا قربان علي بيگ
ڪربلائي جو ڪتابت ڪيل هو، سو راقم کي سنڌ جي نامور
تاريخدان ۽ محقق ميرزا عباس علي بيگ وٽان، فوٽو
ڪاپي جي صورت ۾ دستياب ٿيو.
”مثنوي“ جي لغوي معنيٰ:
مثنوي، ”تثنيه“ مان نڪتل آهي، يعني ٻن هم قافيه
مصراعن جي هڪ بند وارو ڊگهو يا طويل نظم. هن جو هر
هڪ شعر الڳ الڳ هوندو آهي. پر تسلسل برقرار هوندو
آهي، جنهن ڪري سڄي مثنوي هڪ قافيي تي نه هوندي آهي
۽ هر هڪ شعر جون ٻه مصراعون پاڻ ۾ هم قافيه
ٿينديون آهن. هن ۾ قصا، ڪهاڻيون ۽ رزميه داستان
بيان ڪيا ويندا آهن. مثنوي جا مخصوص بحر ۽ وزن ٿين
ٿا. مثنوي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن تي ڪيترن ئي سنڌ
جي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي.
رزميه، فارسي زبان جي لفظ ”رزم“ (جنگ) مان ورتل
آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي- جنگي داستان.
اصطلاحي زبان ۾ بهادري يا جان نثاريءَ جي ڪارنامن
کي ’رزميه‘ چئبو آهي. ادب ۾ رزميه شاعري، پنهنجو
هڪ الڳ مقام رکي ٿي. انهيءَ لاءِ منجهس بهادريءَ
جا ڪارناما نهايت پر اثر ۽ جذبات سان بيان ڪيل
هوندا آهن.
هونئن ته سنڌ جو شاهنامو هڪ رزميه مثنوي آهي، پر
هن ۾ جنگ وجدل کان سواءِ ايترا ته ڌار ڌار عنوان
موجود آهن، جو هر شخص جي طبيعت جي ذوق جو سامان
مهيا ڪن ٿا. شاهنامي ۾ مير صاحب فتح ڳڙهه عرف نئون
ڪوٽ ۽ اسلام ڪوٽ جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
نئون ڪوٽ هن ڏينهن جنهن کي چون،
اهو فتح ڳڙهه قلعهء ٿيو بي سخن.
ٻيو اسلام ڳڙهه مير جو يادگار،
جڙيا ٿر ۾ هيءُ ڪوٽ ٻئي استوار.
هڪ هنڌ مير فتح نامي ۾ قسمت متعلق فرمائي ٿو:
جڏهن بخت برگشتگيءَ کان ڦِٽو،
ڦِٽل بخت ورندي وري ڪنهن ڏٺو.
فتح نامهء سنڌ، رزميه داستان جي سلسلي
۾، سنڌيءَ ۾ غالباً هيءُ پهريون مجموعو آهي، جيڪو
ڪلهوڙن جي آخري دور کان شروع ٿئي ٿو ۽ ميرن جي
پهرين چؤپاري جي چوٿين حاڪم مير مراد علي خان
ٽالپر تي ختم ٿئي ٿو. هن فتحنامي ۾ مير حسن علي
خان ٽالپر اهڙا ته واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي پهرين
چيل فارسي جي ٻن فتحنامن ۾ بيان ڪيل ناهن، انهن
پهرين ٻن فتحنامن متعلق مير صاحب لکيو آهي ته هيءُ
فتح نامو، سيد عظيم الدين ٺٽوي جي فتح نامي ۽ مير
صوبدار خان ٽالپر جي فتح نامي جو ترجمو ناهي، بلڪه
جيڪي احوال هو ٻئي صاحب ڇڏي ويا آهن، سي آءٌ هتي
ڄاڻايان ٿو. هن مثنوي کي اول الذڪر ٻن مثنوين جو
ٽيون حصو سمجهڻ گهرجي. مير صاحب سببِ تاليف ۾
فرمائي ٿو:
فتحنامو هي جو مون تصنيف ڪيو،
سبب ان جو ڪهڙو هو مون کان ٻڌو.
جهاندار فتح علي از نخست،
ڪيو هن ملڪ کي فتح باروزِ دست.
جو نورالبصر ان جو هو ڪامگار،
رکي پيءُ جو نانءُ پٽ تي ڪيئن صوبدار.
لکئين فتح نامو بوجهه اُتم،
بيان ان ۾ ڪيائين همه رزم و بزم.
اچي اوچتو منهنجي دل ۾ پيو هي خيال،
ته سنڌي زبان ۾ سو ٿي ڪل حال.
نه ڪئي ترجمي تي ڪا مون اڪتفا،
مون کي ترجمي ڪنهن جي سان آهي ڇا.
سي جملا جي ڪي مير ها ترڪ ڪيا،
سي عمدا يا سهون مگر رهجي ويا.
جي جملا اتي قلم انداز ٿيا،
سي مون آئي هن هنڌ ۾ داخل ڪيا.
پوءِ جمله جي مون معتبرن کان ٻڌا،
ڪي تن کان ان معرڪن ۾ رهيا.
مون جوڙي هي سنڌي زبان ۾ تمام،
ته سمجهي سگهي هر ڪوئي خاص و عام.
فتح نامهء سنڌ، تقريباً ڇهن هزار بيتن
تي مشتمل آهي، جيڪو 18 صدي جي آخري دور جي موزون
شاعري جي صنف ۾ سڀني کان شاهڪار ۽ وڌيڪ وسيع ۽ همه
گير آهي.
هن مثنوي جي ابتدا، ان بابرڪت نالي سان
ٿئي ٿي جيڪو رب العالمين آهي ۽ ساري ساراهه ان کي
ئي سونهين جو ٻاجهه ۽ مهر وارو آهي، جيڪو هر شيءِ
جو پيدا ڪندڙ، ڪل موجودات جو مالڪ آهي ۽ جنهن
انسان کي علم جي زيور سان آراسته ڪري ڪائنات جي هر
موجودات ۽ تخليق کان اعليٰ ۽ اشرف المخلوقات جي
لقب سان سرفراز ڪيو، بلڪه جنهن اسان ڏانهن اهڙو
رسول ﷺ موڪليو جيڪو سڀني نبين کان بزرگ ۽ رحمت
العالمين آهي، اهڙي رسول ﷺ تي افضل صلواة ۽ ڪامل
سلام هجن. تنهن جي آل پاڪ اهلبيت اطهار تي به هزار
هزار سلام هجن، جيڪي ولايت ۽ امامت جا آفتاب و
ماهتاب، هدايت جا ستارا ۽ سنڌي راهه ڏيکارڻ وارا
آهن. بعد ۾ هن مثنوي ۾ انساني جذبا، قدرت جا
مناظر، چنڊ ۽ تارن جو ذڪر، واقع نگاري گهڻي قدر
سمايل آهي. مير صاحب مثنوي جي شروعات اجهو هنن
لفظن ۾ ٿو ڪري:
بنامِ خداوندٖ دانائي غيب،
نه هلندو جتي ڪنهن جو مڪر و فريب.
سندس قدرتن جو ڪو ناهي پرو،
سندس ذات سڀ ڪنهن جي ٿي آسرو.
ڪيئن پنهنجي قدرت سان روشن جهان،
جيئن سج سان تيئن چنڊ سان ۽ سيارگان.
محمد خدا جو رسول جليل،
نڪو ان جو ثاني نه مثل عديل.
اڳيان جيڪي ٿيا انبيائي الله،
هئا جي رسالت جا صادق گواهه.
پس از مدح نعت رسولِ خدا،
سندم فخر مدائي مرتضا.
ته آهن اهي اهلبيت نبي،
جيئن حسنين خيرالنسا و علي
اهي اهلبيت رسولِ خدا،
ڪري ڪونه ٿو تنهن ۾ چن و چرا.
سندن شان اعليٰ ڪيو رب حرم،
نڪو آهي تن جهڙو حق جو قسم.
ان زماني ۾ (19-18 صدي) سنڌي شاعريءَ تي
فارسي شاعريءَ جو اثر تمام گهڻو ڇانيل هو، ان ڪري
هن مثنوي ۾، سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ قائم ٿيل روايتن
جو لحاظ رکيو ويو آهي ۽ مثنوي تي به فارسي ٻوليءَ
جو رنگ به تمام گهڻو چڙهيل ٿو ڏسجي. هيءَ مثنوي
آهي ته سنڌي زبان ۾ لکيل، پر هن ۾ شاعر تمام گهڻي
انداز ۾ فارسي ٻولي استعمال ڪئي آهي. مثنوي ۾ شاعر
مشڪل فارسي لفظن ۾ فارسي ترڪيبون، استعارا،
تشبيهون تمام سهڻي انداز ۾ بيان ڪيون آهن.
زيرِاضافت جي گهڻي استعمال ۽ فارسي شاعري جي
مناسبتن جو گهڻو استعمال ڪيو اٿس، جيئن مثنوي ۾
جابجا فرمائي ٿو:
ٿيو هر چند بارانٖ رحمت لطيف،
پر ڇا نڪرندو از ازمينِ ڪثيف.
زمين رو سان ڏيندي جنهن دم فشار،
تڏهن وائي برحال اين خاڪسار.
هي جيڪي ٿو ٿي شامتٖ اعمال ماست،
سندءِ لطف هر ڪنهن تي بي انتهاست.
اسان کان ٿي ڇا سگهندو غير از ستم،
تون آهين خداوندٖ جو دور ڪرم
وري آيو حاصل ڪري دل جي ڪام،
عليه الصلواة و عليه السلام.
ملائڪ بفرمان رب الوهاب،
کڻي رحمت حق جي درؤن بيحساب.
سنڌ جي شاهنامي يا فتحنامي متعلق چيو
وڃي ٿو ته هي خونريزي ۽ آشوب جو داستان آهي. مير
صاحب رزمگاهه جي ڪيفيت ضرور بيان ڪري ٿو پر
شاهنامي جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته هي خونريز ۽
دولدوز واقعات، مير صاحب جي نازڪ دل تي رقت به
طاري ڪري ٿا ڇڏين ۽ هو دنيا جي بي ثباتي، نيڪي ۽
وفا جي قدرن جا سبق به ڏيندو رهي ٿو. ملاحظه ڪريو:
رهڻ ڪاڻ هن هنڌ آيو نه ڪو،
وڃڻ تي تڏهن ڪهڙو شڪو و ڪبو.
بقا ٿي فقط ذات ربِ العلا،
جتي ناهي امڪان نقص و فنا.
غرض موت انسان سان ٿيو لڳل،
معين ٿيا ايام عمر از ازل.
مير حسن علي خان کي فارسي زبان سان
ايتري ته قربت ۽ ويجهڙائي ٿي ڏسجي جو هن نه رڳو
فارسي لفظ مثنوي ۾ عام جام استعمال ڪيا آهن پر
فارسي اصطلاح، محاورا، چوڻيون ۽ زبان زد مصراعون
به هن فتحنامي ۾ اهڙي رواني سان جابجا بيان ڪيون
اٿس جو اهي شعر ڄڻ ته سندس پنهنجا پيا لڳن، جيئن
مير صاحب فرمائي ٿو:
چئي شيخ سعدي ويو دربوستان
ڪريو ياد سو قول اي دوستان
نه هرجائي مرڪب توان تاختن
ڪه جاها سپر بايد انداختن.
سنڌي زبان ۾ جيستائين عروضي شاعريءَ پير
نه پاتو هو، تيستائين سنڌي زبان زيرِاضافت کان
واقف نه هئي. شاعر دل جي جذبن کي جذباتِ دل ڪري
پيش ته ڪندا هئا، نه دل جي درد کي، دردِ دل چوندا
هئا. اهو فارسي شاعريءَ جو اثر هو جو سنڌي شاعرن،
ايراني شاعرن جي تقليد ۾ زيرِ اضافت جو استعمال
شروع ڪيو. خاص طور هن مثنوي ۾ مير صاحب زيرِ اضافت
کي ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ ان جا
ٻه ڪارڻ آهن، هڪ ته فارسي شاعري جي مطالعي سبب
فارسي تشبيهن، استعارن، ترڪيبن، لفظن ۽ محاورن جو
مير صاحب جي دماغ تي حاوي هجڻ ۽ ٻيو عروضي وزنن تي
خيالن کي بيان ڪرڻ ۾ آساني ڪرڻ. هن مثنوي ۾
زيرِاضافت جا چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:
فقط ربعِ مسڪون ٿا جنهن کي چون،
سو آباد جنهن ۾ ٿا ماڻهو رهن.
رسيو ظلم تن جو بحدِ ڪمال،
وڏو صاحبِ هوش عقل و تميز.
جو هو وقت پنهنجي ۾ هر دلعزيز،
غلام محمد لغاري ٽيون،
لکيو شادمان چوٿين جو نان ٿيو.
مير حسن علي خان جو دور ايترو ته فارسي
زده ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو هن جي سموري مثنوي ۾ نه صرف
فارسي لفظن جي ڀرمار آهي، بلڪه انهيءَ چوڻ ۾ ڪو
وڌاءُ نه ٿيندو ته هن مثنوي جا انيڪ بيت اهڙا آهن،
جن ۾ فارسي ٻولي وڌيڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ تمام
گهٽ نظر اچن ٿا ۽ هيئن چوڻ بيجا نه ٿيندو ته ان
دور ۾ فارسي آميز زبان وڌيڪ شاعرانه ليکي ويندي
هئي ۽ ميرن بلڪه ٻين شاعرن جي ميڙاڪن، ڪچهرين ۽
مشاعرن ۾ تمام گهڻي پسند ڪئي ويندي هئي. هن مثنوي
۾ به مير صاحب اهڙي زبان استعمال ڪئي آهي، جن جا
فعل يا ڪي لفظ سنڌي آهن، جيڪي ٻڌائن ٿا ته هي شعر
سنڌي آهي. ورنه انهن کي فارسي چوڻ وڌيڪ موزون
ٿيندو. جيئن هن مثنوي جي هيٺين بيتن مان اندازو
لڳائي سگهجي ٿو:
الهيٰ باسمائي حسنائي تو،
خدايا بنعمائي والائي تو.
يه عرش و به ڪرسي به لوح و قلم،
به بخشائي برمن ڪه بس عاجزم.
به مروه به ڪوهٖ صفا اي ڪريم،
به زمزم به رڪن و مقام و حطيم.
به شان و شڪوه انبيائي عظام،
به آدم نبي تا به خير الانام.
هونئن ته سنڌ جو شاهنامو، هڪ رزميه
مثنوي آهي، پر هن ۾ جنگ و جدل کان سواءِ ايترا ته
ڌار ڌار عنوان موجود آهن، جو هر شخص جي طبيعت جي
ذوق جو سامان مهيا ڪن ٿا. شاهنامي جا چند اهم
مطالب هن طرح بيان ڪجن ٿا. مير صاحب، انسانن جي
خلقت بعد، انهن جي گذر بسر بابت فرمائي ٿو ته:
تڏهن ويهي ڪيئون پاڻ مشورت،
ته گذران جي ڪا ڪجي تمشيت.
ميسر تڏهن ٿي غذ او طعام،
زراعت جو جڏ پهرين ٿي اهتمام.
زراعت جو بالفرض ڪم ٿيو تمام،
پوءِ ڏس تون ڪندين ڪئين مرتب طعام.
جڏهن بوالبشر کي به امرٖ خدا،
سيکاريئون ٿي ڪيئن ٿيندي پخته غذا.
ڪيا بروقت روح الامين ڪم هزار،
پچي هڪڙي ماني تڏهن ٿي تيار.
جتي به قدرتي مناظر پيش آيا آهن ته
اهڙيءَ موقلم سان تصوير يا نظر ڪشي ڪئي اٿس جو
گويا سارو منظر هوبهو اکين جي سامهون اچي بيهي ٿو.
سج، چنڊ ۽ تارن جو مير صاحب ذڪر هن طرح ٿو ڪري:
ڪَئين پنهنجي قدرت سان روشن جهان،
جيئن سج سان تيئن چنڊ سان ۽ سيارگان.
سڄو ڏينهن سج ٿو رهي بر فلڪ،
ته روشن رهي از سماتا سمڪ.
مدامي رکي سج کي جي بر فلڪ،
ڪيئن صاف ساڙي زمين تا سمڪ.
نه وڻ ڪو رهي ها نه برگ و گياهه،
نباتات ساڙي ڪري ها تباهه.
جي ڪي ڏينهن سج کي ڪري ها نهان،
ته ظاهر نه ٿي برسر آسمان.
زمانو ٿي جيئن رات تاريڪ و تار،
ٿي ابتر ها دنيا سندي ڪاروبار.
هڪ قادر الڪلام شاعر وانگر مير صاحب
صنايع ۽ بدايع مان خصوصاً تشبيهه ۽ استعاري جي
استعمال ڪرڻ جو بادشاهه آهي. مزو وري اهو جو خالص
ايراني ماحول سان متعلق تشبيهون ۽ استعارا ڪم آڻي
ٿو. اگر سنڌي ماحول سان متعلق ڪا تشبيهه نٿي مليس
ته پوءِ قدرتي ماحول طرف رجوع ٿئي ٿو، ۽ سڄو
شاهنامو اهڙين تشبيهن ۽ استعارن جي رنگن سان ڀريو
پيو آهي.
فتح نامي کي اگر ”انساني جذبات جو
آئينو“ سڏجي ته بلڪل بجا ٿيندو. گهڻن ئي هنڌن تي،
مير صاحب پنهنجي قلم فردوس رقم کي ٽوڙي انساني
جذبات جو عڪس ڪمال نموني ۾ پيش ڪيو آهي:
اڳيان مير فتح علي نامور
هليا پُٺ ۾ پيا مير باڪرّو فر
انهن ۾ هو هڪ مير سهراب خان
ٻيو ٺارو ۽ باگو الهيار خان
ٿيو لشڪر ۾ پيدا وڏو شورو شر
ڪندا داد پوٽن کي زيرو زبر
وڙهڻ کان سواءِ ٻي ڪا وائي نه هئي
ها صادق سچا خود نمائي نه هئي
چيؤن ٿي ته سچ ٿا چئون ناهي خلاف
نه مڙنداسون دشمن جي هئي ڪوه قاف
سڀئي شير دل آهيون سڀ پيل زور
اسان جي ڏٺي چشم اعدا ٿي ڪور
مقابل جڏهن ٿيون بدشتِ قتال
بچي ڪون ويندو ز اهل ظلال
اسين جنگ جا آهيون سڀ شير مرد
ٿا دشمن کي ڄاڻون بزو گو سفند
مقابل جي ٿينداسون باهم دِگر
تڏهن پوندي مردانگيءَ جي خبر
مير صاحب، فتح نامي ۾ جيڪڏهن ڪو قصو
بيان ڪري ٿو ته نهايت قابليت ۽ حاضر دماغي سان
مواد جو جائزو وٺي، ان کي ترتيب ڏي ٿو. اهڙي مرتب
ڪيل مواد کي نه رڳو صحيح طور استعمال ڪري ٿو، پر
ان کي مناسب ترتيب ۾ رکي ٿو. مواد ۾ آندل ننڍا
قصا، نقل، حاصل مطلب ۽ حڪايتون موزون هنڌن تي رکي
ٿو. پڙهندڙن جي جذبات تي جابجا اثر انداز ٿيندو
وڃي مثنوي جي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو:
هر هجري جو ٻارهن سوءِ چهل چار
ڇڏي ڪرم علي دارٖ ناپائدار،
ڪيئن حڪمراني اٺاويهه سال،
رهيو ڀاءُ سان متفق ڪلِ حال،
هتي فتح نامي کي مون ڪيو تمام،
بس اڳتي حسن خير گهر والسلام.
سنڌ جي ڪيترن ئي نقادن، ادب شناسن ۽ پارکن هن
مثنوي جي ڪن ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي، ته اتي
هن جي مختلف پهلوئن تي به ڀرپور تنقيد ڪئي آهي.
هنن ۾ پهريون اعتراض هن مثنوي ۾ استعمال ٿيندڙ
ٻولي تي آهي. انهن گوهر شناسن جو اهو رايو آهي ته،
هن مثنوي ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آندي وئي آهي، اها سنڌي
گهٽ ۽ فارسي وڌيڪ آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي
جو عام رواجي ماڻهو ڇا پر چڱو پڙهيل به لغت جي
ورقن ورائڻ کان سواءِ هن مثنوي کي سمجهي نه ٿو
سگهي. اهوئي سبب آهي جو هي مثنوي عوام جي دلين ۾
ديرو ڄمائي نه سگهي ۽ ڪم خاص تاريخدانن تائين
محدود رهجي وئي، جيڪي سنڌي سان گڏ فارسي ٻولي جا
به ڄاڻو آهن. هن مثنوي تي ٻيو اعتراض اهو آهي ته
هن ۾ جيڪي تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا ويا آهن،
اهي ڏيهي نه پرڏيهي آهن.
مثنوي جي صنف ايران کان آيل هئي ۽ هتي انهن ماڻهن
ان کي پنهنجو بڻايو، جيڪي فارسي دان هئا، جن فارسي
شاعريءَ جو گهرو مطالعو ڪيو هو ۽ جن کي مولانا روم
جي مثنوي، مرزا رفيع باذل جي مثنوي، حملهء حسيني،
حافظ، سعدي، جامي ۽ نظامي جا غزل، قصيدا ۽ مرثيه
ياد هئا. نه فقط ايترو بلڪه ان زماني ۾ سنڌ جا
شاعر سون سالن کان وٺي فارسي زبان ۾ شاعري ڪندا
رهندا هئا، تنهنڪري سنڌي شاعري فارسي شاعري جو اثر
لازماً نمودار ٿيڻو هو. هن مثنوي جي نقادن، جيڪي
اعتراض فتح نامي متعلق ڪيا آهن، انهن جي صداقت تي
حرف آڻڻ مشڪل سهي، مگر اهي اعتراض هروڀرو سؤ سيڪڙو
درست به نه آهن. جتي هن مثنوي ۾ فارسي ٻوليءَ جا
لفظ ملن ٿا، اتي هن ۾ صاف سولي، عام مروج زبان،
اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ استعارا ۽ پنهنجي
مقامي ماحول جي عڪاسي به ملي ٿي.
فتح نامي جي مطالعي کان پوءِ مير صاحب جي علمي
استعداد جو پتو پوي ٿو ته هو عربي ۽ فارسي ۾ تمام
گهڻي مهارت، ۽ جيڪي به علم ان زماني ۾ رائج هئا،
انهن مان ڪافي واقفيت رکندڙ هو. فتح نامي جو غور
سان مطالعو ڪرڻ سان، مير صاحب جي علمي قابليت جي
باري ۾ هي نتيجا نڪرن ٿا، ته پاڻ عربي ۽ فارسي
زبان ۾ خاص مهارت رکندو هو، جنهنجو مثال فتح نامي
۾ آيل عربي ۽ فارسي لفظ، فقرا، محاورا ۽ ترڪيبون
آهن. عربي قول ۽ مثال وغيره جو ترجمو به فتح نامي
۾ ملي ٿو. مير صاحب قرآن ۽ حديث جو ڪافي علم رکندو
هو. آيتن ۽ حديثن جا ترجما، انهن ڏي اشارا، تفسير
۽ حديثن جي ڪتابن جا نالا، راوين جا حواله، اهي
سڀئي شيون فتح نامي ۾ موجود آهن. تنهن کان سواءِ
پاڻ پنهنجي ٻين رسمي علمن کان به واقف هو. فتح
نامي ۾ عروض، منطق، فلسفو وغيره جا اصطلاح،
تشبيهون ۽ استعارا ڪثرت سان موجود آهن. کيس فارسي
زبان و ادب تي به وڏو عبور هو. فتح نامي جي هڪ هڪ
مصرع سندس فارسي دانيءَ
جي گواهه آهي. |