سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :2

يوسف شاهين

سُر سنڌو

اڄ درياءَ بادشاهه، آيو پاڻ ڪاهي،

ڄڻ فوجَ منگولن جي، آهي ويئي وَرائي.

هاڻ پناهه ڪاڻ، هرڪو واجهائي،

ڇڏي پَٽَ اباڻا، سڀ ڀَڄن سِرَ لڪائي،

پويان اٿن پاڻي، اڳيان بُک تَپائي.

آنهون دانهون ديس ۾، آهي ڪو آهي؟

ڏُکئي هن ڏيهَه جي، ڪو واڳَ ورائي،

ربُ رُسي مَتِ کسي، ڪو سنڌين کي سمجهائي.

جي جيئڻ جو به حُق، ويٺا هاڻ وڃائي،

يوسفُ اهڙي حال تي، ٻَڌِي ٻانهون ٻاڏائي.

ڏي اُها سَگَهه، اُها ڏات، مِٺل موٽائي،

جا عالمَ وَرسائي، جا سَگهو ڪري سنڌ کي.

او درياءَ دادلا، سُڻ هي صدائون،

جن تولئه ٻاڏايو، ٻيئي کڻي ٻانهون.

ٿي اُنهن کي آڳاهون، ٻيلي! ڪوه ٻوڙين ٿو.

مون چيو مينهن وساءِ، تو ڪئي ٻوڙان ٻوڙ،

آهي صاحبَ توسين، هَٿين جوڙان جوڙ،

لاهه گُڙ گُڙ، هي گوڙ، ٻيلي، مون بس ڪئي.

مون چيو مينهن وساءِ، تو ڪئي ٻوڙ ٻوڙان،

ڪر صاحب، ڪَنَ مروڙان، تان بادل بس ڪن.

سُڻڻ، نه سمجهڻ، اي ريت آهي پُراڻي،

وتائي فقير واتان، ٻُڌو عجب ڪهاڻي،

جن ڪالهه گُهريو پاڻي، اُنهن اڄ ٻوڙي ٿو.

سُڻڻ، نه سمجهڻ، ايءَ ريت پراڻي آهي،

بيخود، بي نياز، سو ڪري جو چاهي،

ڇو يوسفُ يار سَڄڻ جا، وصفَ ورجائي،

ڇو پاڻا پاڻ وڃائي، بي انت بحر ۾.

وڙهي ٿو واڙن تي، متو آ مهراڻ،

ايڏو ڪوهه اوٿرا، پَڏائين پاڻ،

سُرت کڻي ساڻ، سَٽَ جهل جوڀن جي.

سَٽَ جهل جوڀن جي، پهرين سَٽَ ساڻ،

اڄ سيلاني سڏجي، موج ڀريو مهراڻ،

وڙڪي، وڦلي، پيرا وڃائي پاڻ،

ڪو هن کي هلائي هاڻ، قابو جهلي ڪَنَن کان.

سَٽَ جهل جوڀن جي، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا،

ورندا جڏهِه واهرو، کڻي ڪُلفَ ڪڙا،

وڄائي چنگ چڙا، هلائيندءِ جهلي ڪَنَن کان.

سَٽ جهل جوڀن جي، ڇڏ مهراڻ مستي،

جت لک ولين جو، جا بهشت آهِه بستي،

اُت ڏيکاري هستي، ڪنهن کي هيسائين ٿو؟

مهراڻ جي مٿي ۾، ڪا وڏي آهه ڦيري،

ڪالهه جو جانبُ هو، سو اڄ ٿيو آ ويري،

کڻي پيرَ، گهر گهر گهاتَ هڻي ٿو.

مهراڻ جي مٿي ۾، ڪا وڏي آه وِلولَ،

ڇو ڌڻي هِن ڌرتيءَ جا، قابو منجهه ڪڙولَ،

جن پيتو پاڻي منهنجو، سي ڍاٽي منهنجا ڍولَ،

نه لُڇن، نه ڪُڇن، نه حَقَ لئه اُٿن اَڏولَ،

اهڙا ساريندي انمول، وَڙڪي وِڦلي واٽن تي.

جڏههِ آيا هِت اوپرا، وڃائي سڀ واهون،

گهرَ ڌڻين سين ويهي، سورَ ونڊيائون،

پوءِ ڳالهه ڳُجهاندري، ڪا اهڙي ڪيائون،

جو ميڙي کين ڏنائون، سڀ وسيلا سنڌ جا.

دڙڪا ۽ دهمانَ، ڪوهه ڏيو ٿا ڏوٿئين،

هِنين هَٿَ وڍئي جي، ڪا خبر آهِه ڪانَه،

ان مان ورندو ڪينڪي، اهڙا ڪري اعلان،

ته موجَ ۾ هِت مهمانَ، ڏيهي سوگها ساهه ۾.

غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي

غزل

محب تنهنجون مهربانيون، بي حساب،

ٿيون ڳڻڻ کان ڳڻ ۽، ڳالهيون بي حساب.

 

تو گهري هئي مون کان، هڪڙي جان پر،

منهنجا جانب تولئي، جانيون بي حساب.

 

ساهه سر تُنهنجي مٿان، صدقي ڪيم،

مان ۾ ٿيون ميزبانيون، بي حساب.

 

مان ته ڇا، قربان تُنهنجي نانءَ تان،

جائدادون مال مڏيون، بي حساب.

 

خير ڪرهِن، آشيان جو ياخدا،

آفتون اڄ ناگهانيون، بي حساب.

 

هر گهڙي ڦيرا ڏيو، ڦرنديون اچن،

مُنهنجي در ڏي نامراديون، بي حساب.

 

ڪير سمجهائي، چري دل کي ڀلا،

ٿي رکي هردم اميدون، بي حساب.

 

اچ ته هڪ ڀيرو ملي، موجون ڪريون،

ٿي ويون جانب جدايون، بي حساب.

 

تُنهنجي پاران، نهڪرون ئي نهڪرون،

پر پيا ناتو نڀايون، بي حساب.

 

دل نه ڪر ”مشتاق“ جي، ماندي ملول،

ڀورڙي تي ڪر ڀلايون، بي حساب.

 

غزل

شاعري ساري، ثنائـﻶ يار ۾،

آهي خوشبو، ان ڪري اظهار ۾.

 

ٿي پيا شمس و قمر، شيدا مٿس،

نور جا جلوا ڏسي، رخسار ۾.

 

ڪهڙي ڪهڙي، وصف جي واکاڻ ٿئي،

سونهن جي ٿي سڀ، سٽا سرڪار ۾.

 

ڀل ڏسو ڀيٽي ڀلا، انسان سڀ،

ڪونه مٽ گفتار ۾، ڪردار ۾.

 

حشر ۾ خطرو، تپش جو ناهه ڪو،

ٿي سڪونت، سايہء ديوار ۾.

 

هو عيادت لاءِ، آيو هو هلي،

تنهنڪري ٿي، تازگي بيمار ۾.

 

دشمنن کي ڀي، دعائون ٿو ڏئي،

ناهي ڪو ثاني، سڄي سنسار ۾.

 

محب جو ”مشتاق“ آهي، ذڪرِ خير،

ساري محفل ٿي هجي، هٻڪار ۾.

عبدالقيوم صائب

غزل

سجاڳيءَ جو سڏڙو، هو يارن ڏنو،

سجاڳن سڄڻ ڏيهه، وارن ڏنو.

ڇڏيو نيستي ۽ اُلر ٿي اُٿو،

جڏهن وجهه اچي آهه، مارَن ڏنو.

اُلٽ رنگ، بازيگرن جو ٿيو،

سچائيءَ جو سونهون، هچارن ڏنو.

چرين کي چکائي، چُڪي سرس ويا،

مزو مڌ سندو، ماهه پارن ڏنو.

جتي سيج گلرو، وڇايو وهن،

 چڀي، هوش، اُت آهه خارن ڏنو.

رڻن ۾ رلائي، حَسينن ڇڏيو،

وراڪن ۾ ور گلعزارن ڏنو.

هئي ٻاٽ اوندهه، مگر دوستو!

سڌو رستو چمڪي، هو تارن ڏنو.

سڪندر جنهن کي، ڌٻڻ ۾ وجهي،

تريءَ تي رکي سر، سچارن ڏنو.

اهو لوڀ جو ٿو نتيجو ملي،

جو ٺوڳين ٺڳن بدشعارن ڏنو.

تڏهن ياد ’صائب‘ جا ايندا سخن،

جڏهن موقعو ذوالفقارن ڏنو.

 

غزل

منافقن جي ٻوڏ ۾، ماڻهو ٻڏي مري ويا،

سلا ڪئي، کاڙو کٻڙ جي کيت ۾ ڳري ويا.

عجيب هو رنگ حنا، خوشبو هيس نئي نئي،

نوان نوان ها نظريا، جن تي نوان کري ويا.

پراڻ جو طعنو ڏئي، اڳتي وڌڻ جوان لڳا،

نواڻ جي نشي چڙهئي، ڪا تار پڻ تري ويا.

وڏا ڪيا ها ڏوهه جن، تن تي نه حرف اچڻو هو،

شهادتن جي ڦير تي، اهڙا ئي ٿي بري ويا.

ڪلور جي ٿيندا رهيا، تن مان سبق سکيو به ڪنهن!

مصنفن جي موڙ ۾، ڪي ئي ورق وري ويا.

وڏي ڪئي ٿي دعويٰ جن، ٻوڙيو تني اسان کي هو،

جي ظاهراً سرگرم ها، سي وقت تي ٺري ويا.

حيات نؤ جي ڀيڙ ۾، بيهي سگهيا نه دادلا،

نصيب جن جي ۾ هئي، سي ئي کڻي ڀري ويا.

ڏسو ڏسو هي ڪوڙ ڪچ، الزام جو متل هو مچ،

لڪل اٿو ان ۾ ئي سچ، جنهن ۾ سڄڻ ٻري ويا.

ڦري گري اڄ ساڳيا، سامهون اچن ٿا واڳيا،

انهن منجهان ورندو نه ڪجهه، پيئندا سڀئي ڪري ويا.

ٽڙيا چمن ۾ گل مگر، آهي نه ڪو منجهن سکر،

ڏٺئون جتي ڪو نؤبنو، ان کي پٽي، ٽري ويا.

ڪريم جو گهرجي ڪرم، ’صائب‘ مٿان اي محترم!

گناهه جا پردا ڪئي، جنهن جي مٿان وري ويا.

سرمد چانڊيو

دوها

سنڌو تنهنجي پَوَتر جل سان، پنهنجا ساهَه پساهَه،

هيئن تون ٻوڙي مار نه ٻيلي، وانگين جا ويساهه.

سنڌو تنهنجي پوتر جل سان، ثابت آهي ساک،

ڪاري رات ڪٺوري پويان، جيئن برهه جي باک.

سنڌو تنهنجي پوتر جل ۾، پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ،

تون ئي جيون، تون ئي جاني، توسان نينهن نياڻ.

سنڌو تنهنجي پوتر جل ۾، جيڪا مشعل مرڪ،

اسان اتان ئي پيتي آهي، سدا بهار سرڪ.

پاڻي ريءَ پساههَ به ڪهڙا، پاڻي آهي پريت،

سنڌو تون ئي جيون جوتي، تون ئي هار ۽ جيت.

سنڌو تنهنجي پوتر جل جي، شڪتي آهه مهان،

پاڻي ريءَ اڌورو آهي، جيون گيان وِگيان.

پاڻيءَ ريءَ پساهَه به ڪهڙا، پاڻي جيون جوت،

پاڻي دنيا، پاڻي عقبيٰ، پاڻي آ ڳڻ ڳوت.

جرجي ڄرمان جيڪو جرڪيو، مور نه ٿيندو مات،

من جو آهي اجرو ماڻڪ، ڏينهن هجي يا رات.

سنڌو تنهنجو جر آ جيون، جيون سان آ جاڳ،

جاڳي جاڳي جرڪاياسين، ڀورا ڀورا ڀاڳ.

 

دوها

پاڻي حرفت، پاڻي هِردو، پاڻي ساز سنگيت،

رُڃَ ته آهي روڳ سدائين، ڪير نه ڪنهنجو ميت.

پاڻي ساجن، پاڻي سجني، پاڻي پوتر پريم،

پريم بنا جڳ پاپي آهي، نينهن نه ڄاڻي نيم.

پاڻي امرت، پاڻي زم زم، پاڻي ڪوثر- جام،

نير به پاڻي، کير به پاڻي، پاڻيءَ کي پرنام.

سنڌو تنهنجا ٽُٻَ اسان کي، تارِن يا ٻوڙين،

  

موت پڄاڻا ڀي هڪ رشتو، جهانگي ٿا جوڙين.

جيئري پاڻي، مُئي به پاڻي، پاڻيءَ ساڻ پر ان،

پاڻيءَ ساڻ سمورا رشتا، جوڙيا هِنَ انسان.

هونئن ته هرڪا ڌرتي گُونگي، پاڻي آهه پُڪار،

بادل، برکا، بجلي، ساوڻ، آگم جا اسرار.

هونئن ته سَنڍ سموري ڌرتي، پاڻي آ اولاد،

جيون ڪُلِ ڪَٿا جو پيارا، پاڻي بيخ بنياد.

دوها

سنڌ سري کان ساگر تائين، ٻوڙيئي دريا شاهه،

توکي ڪوئي ترس نه آيو، بانڪا بيپرواهه.

سنڌ سري کان ساگر تائين، ٿي وئي ويروتار!

شهر سمورا دنب ڪيا تو، سِرَ سِرَ کان ٿي ڌار.

سنڌ سري کان ساگر تائين، پَٽِ پئجي وئي يار!

مارو ٿي ويا ڪئمپن ڀيڙا، ڌرتيءَ کان ٿي ڌار.

سنڌ سري کان ساگر تائين، بنجي ويئي ڀَنُ،

سر سنڀاري سانگي نڪتا، ڌُٻڻ ٿي ويو ڌن.

سنڌ سري کان ساگر تائين، ٻڙڪائي وئي ٻوڏ،

حاويلين مان حورون نڪتيون، ڪنهن به نه واري ڌوڏ.

سنڌ سري کان ساگر تائين، لوڙهي ويئي ليٽ،

جل ٿل جل ٿل، سائر، ساگر، ٻڏي ويا سڀ ٻيٽ.

سنڌ سري کان ساگر تائين، جل ٿل جل ٿل جهاڳ،

مارو نڪتا ٻڏي ويا سڀ، ڀورا ڀورا ڀاڳ.

سنڌ سري کان ساگر تائين، ترپت ٿي طوفان،

تاڪ نه ترهو، ونجهه نه وانجهي ڪيئن ڪري انسان.

سنڌ سري کان ساگر تائين، بنجي وئي ڀونچال،

واهر واهر واڪا واڪيون، تن جو ڪهڙو حال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com