نورمحمد شاهه
ادب جي ماهيت ۽
ڪارج
’ادب‘
عربي زبان جو لفظ آهي ۽ ڪيترين ئي ايشائي زبانن ۾
مروج آهي. هن لفظ جي اشتقاقي معنيٰ ۽ ادب جي مروج
وصفن کي ڀيٽڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، جيڪو مقصد
اشتقاقي معنيٰ پيدا ڪري ٿي، سو ’ادب‘ جي ڪنهن به
مروج وصف ۾ پوريءَ ريت پڌرو نه آهي. جيتوڻيڪ لفظ
’ادب‘ جون اشتقاقي معنائون به مختلف ورتيون ويون
آهن، پر علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ جيڪا معنيٰ ۽ وصف
ڄاڻائي آهي، سا حقيقت ۽ مقصد جي لحاظ کان مڙني ۾
موچاري ۽ معتبر آهي. علامه صاحب ’ادب‘ لفظ جي
اشتقاقي معنيٰ بيان ڪندي لکن ٿا:
”’دب‘ لفظ جي عربي زبان ۾ معنيٰ آهي چوپايو
جانور. لفظ ’دَآبَّة‘ به انهيءَ اشتقاق منجهان آهي
۽ ’دب‘ (رِڇ) به انهيءَ ساڳئي لفظ سان مناسبت رکي
ٿو. عربي زبان جي قديم محاوري ۾ لفظ ’دب‘ کي آڏو
الف گَڏي ’ادب‘ ڪري ”ريڙهيون ڏيندڙ کي پنڌ سيکارڻ“
جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهو لفظ بلڪل
انهي معنيٰ سان اڄ به عربي زبان ۾ موجود آهي…(1).“
عربي ٻوليءَ جي قديم محاوري/ اصطلاحي معنيٰ موجب
’دب‘ (رڇ/جانور) اُنهيءَ انسان کي چئجي ٿو، جيڪو
زندگيءَ جي حق، حسن ۽ نيڪيءَ جو احساس ۽ تميز نٿو
رکي، جيڪو خواهشن ۽ پيٽ جي غلاميءَ ۾ قابو هجي،
جنهن کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ سهڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد
بڻائي ڇڏيو هجي.
عرب جي ماڻهن اهڙي حيوان مثل ماڻهوءَ کي انسان
بنائڻ جي خيال سان قديم لفظ ’دب‘ (رڇ/جانور) جي
اڳيان ’الف‘ گڏي، لفظ ’دب‘ جي متضاد معنيٰ وارو
لفظ ’ادب‘ تخليق ڪيو، جنهن جي اصطلاحي معنيٰ آهي-
”انسان“. اهو انسان، جيڪو زندگيءَ جي حق، حسن ۽
نيڪيءَ جو احساس ۽ تميز رکي، جيڪو خواهشن ۽ حرص جو
غلام نه هجي، جنهن کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ سهڻ کي ئي
زندگيءَ جو مقصد نه بڻائي ڇڏيو هجي، پر اهڙو انسان
جنهن وٽ زندگيءَ جو وحدت وارو عالمي نصب العين هجي
۽ هو محبت، سچائي، ايثار ۽ ايمان ساڻ مستقل طور
صراط المستقيم جو پيروڪار بڻجي، سدا صالح عمل ڪندو
رهي.
چوپايو جانور جيئن چئن پيرن تي ڪنڌ زمين ڏانهن
نوائي هلندو آهي، ساڳي حالت ۾ ماڻهوءَ جو معصوم
ٻار به هٿن ۽ گوڏن سان بانبڙا پائي هلندو آهي. هن
طرح ڏسجي ٿو ته حيواني حالت ماڻهوءَ جي بي سمجهي ۽
معصومانه حالت ۾ مستعار نظر اچي ٿي پر
ماڻهوءَ جي هيءَ بي سمجهي ۽ معصوميت واري حيواني
حالت عمر جي ابتدائي عرصي واري نه آهي. خود
شناسائيءَ کان سواءِ ماڻهو پاڻ کي ڏاهو پوڙهو
سمجهي، جيڪا به زندگي بسر ڪري ٿو، سا سندس بي
سمجهي ۽ معصوميت جو دستاويز بڻجي ٿي. ماڻهوءَ کي
اهڙي حيواني حالت مان ڪڍڻ لاءِ ۽ کيس خود
شناسائيءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ جيڪو علم مروج ٿيو،
تنهن کي ’ادب‘ سڏيو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو
علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ ’ادب‘ جي لغوي ۽ اصطلاحي
معنيٰ بيان ڪندي لکن ٿا:
ادب لفظ جي معنيٰ آهي- ”ريڙهيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ
سيکارڻ“ ۽ اصطلاحي معنيٰ آهي- ”تربيت ڏيڻ ۽ پرورش
ڪرڻ“. قرآن مجيد
اهو معنيٰ خيز
اکر هن طرح ادا ڪيو آهي:
”ثم سوا8
رجلا“
يعني جانور، جو پيرن تي ٿو هلي، تنهن کي سنئون ڪري
بيهارڻ ته هن جي نظر آسمان تائين پهچي. هن معنيٰ ۾
اهو لفظ ڪم اچي سگهي ٿو ته، ”حيوان مان ماڻهو
ڪرڻ“. سنڌي اصطلاح موجب
مطلب ٿيندس،
”اڻ گهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻي سنئون سڌو ڪرڻ(2).“
يعني اُهو انسان جيڪو حيواني حالت ۾ ڪنڌ زمين
ڏانهن نوائي هلي ٿو پيو، جنهن کي پاڻ ۽ پنهنجي پيٽ
کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نٿو اچي، تنهن کي هٿ مان
وٺي سندس رهنمائي ڪجي ته جيئن ان جي نگاهه آسمانن
تي پوي، هو پنهنجي اردگرد کي ڏسي سگهي، پنهنجو پاڻ
کي سڃاڻي ۽ حياتيءَ جي صراط المستقيم جو سونهون
بنجي پوي. اهڙي طرح ادب حيواني حالت ۾ حياتي بسر
ڪندڙ ماڻهوءَ کي تعليم ۽ تاديب وسيلي زندگيءَ جي
صحتمند عمل جو پنڌ سيکاريندي وجود جي راهه جو واقف
بڻائي ٿو. تنهن ڪري ادب دراصل اهڙي تعليم ۽ تربيت
کي چيو وڃي ٿو جيڪا ماڻهوءَ کي حيوان مان انسان
بنائڻ جو وسيلو آهي.
قرآن شريف ۾ لفظ ’دَآبَّة‘ آيل آهي. علامه
آءِ.آءِ.قاضيءَ جي چوڻ موجب ’دَآبَّة‘ به ’دب‘ جو
ئي مشتق آهي. قرآن شريف ۾ ٻيءَ جاءِ تي لفظ ’دواب‘
آيو آهي، ساڳيءَ طرح هن لفظ جو اصل به ’دب‘ آهي،
پر اهم ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن هي لفظ صاف طرح
انهن ماڻهن لاءِ مستعار ڪيو آهي، جيڪي
حيواني حالت ۾
زندگي بسر ڪري رهيا آهن. سورة الانفال جي هڪ آيت ۾
آهي ته:
ترجمو: بيشڪ خدا وٽ، حيوانيت ۾ سڀ کان بدتر حيوان
اُهي (انسان) آهن جيڪي گوُنگا
ٻوڙا ٿيو پيا هلن ۽ عقل کان ڪم نٿا وٺن.
حاجي احمد ملاح هن آيت جو خوبصورت منظوم ترجمو هن
طرح ڪيو آهي:
آهن اُهي الله وٽ، بڇڙا وهٽ بحَال،
ٻوڙا، گُنگا، ڪا ڳالهه، جي سُڻن سمجهن ڪينڪي. (4)
سورة الانفال جي هڪ ٻيءَ آيت ۾ آيل آهي ته:
ترجمو: بيشڪ خدا وٽ، حيوانيت ۾ سڀ کان بدتر حيوان
اُهي (انسان) آهن جن حق کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، هي
اُهي ماڻهو آهن جيڪي ڪڏهن به ايمان ڪونه آڻيندا.
سورة الاعراف ۾ ساڳي مضمون کي هن طرح پيش ڪيو ويو
آهي:
انهن کي دليون آهن پر هو انهن سان سوچين نٿا.
اُنهن وٽ اکيون آهن پر هو اُنهن سان ڏسن نٿا.
اُنهن وٽ ڪن آهن پر هو اُنهن سان ٻڌن نٿا. هو
جانورن وانگر آهن، پاڻ اُنهن کان به وڌيڪ ويل آهن،
هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي غفلت ۾ غرق آهن.
خدا جي پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليہ و آلہ وسلم
جن ادب جي وڻ جي جَڙَ ۽ اُن جو ٻاهريون حُسن ايمان
۾ ڄاڻايو آهي. پاڻ فرمائين ٿا:
حسن الادب من الايمان
(7)
ادب جو حُسن ايمان جو مظهر آهي
پاڻ وڌيڪ فرمايائون ته:
ادبني رّبي فاحسن تاديبي.
(8)
منهنجي رب مون کي ادب عطا ڪيو آهي ۽
نهايت خوبصورت تاديب ساڻ سنواريو آهي.
پاڻ سڳورن جي هن حديث ۾، ادب جو تعليم ۽ تربيت
وارو ڪارج چوڏهينءَ جي چنڊ جيان خوبصورتيءَ سان
روشن آهي. زندگيءَ جا سُور ۽ سختيون قدرتي تربيت ۽
امتحان آهن، جن صبر ۽ صالح عمل ساڻ سراط المستقيم
تي هلڻ سِکي ورتو، مالڪ انهن کي پنهنجي معرفت ۽
رضا ساڻ نوازي ٿو.
سيد علي هجويري (داتا گنج بخش رحمت الله عليه)
فرمايو ته تصوف جي علم ۾ ادب جي معنيٰ آهي:
”الادب الوقوف مع المستحسنات و معناه ان تفعل الله
في الادب سراوعلانية واذا کنت کذالک کنت اديبا و
ان کنت اعجميا و ان لم تکن کذا لک تکون
علاضده(9).“
ادب، ايمان ۽ عمل جي سمورين نيڪين جي لافاني حُسن
سان آراسته ٿيڻ جي تعليم ۽ تربيت آهي. ادب جو
مقصد فڪر ۽عمل جي اخلاص ذريعي مالڪ جي رضا حاصل
ڪرڻ آهي. جنهن کي رب جي رضا حاصل ٿي، اهو اديب
آهي، ڀلي کڻي اُن وٽ عالم فاضل هجڻ جي ڪا سند نه
هجي پر جيڪو خدا جي رضا کان محروم رهيو، اهو اديب
نه آهي، ڀلي کڻي ڪيترا به ڪتاب لکي ۽ پاڻ کي عالم،
اڪابر سڏائي.
خدا جو ڪلام شاهدي ٿو ڏئي ته:
(جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيائون، تن کي ٻاجهارو
مالڪ پنهنجي محبت سان نوازي ٿو.)
هن آيت جو حاجي احمد ملاح منظموم ترجمو هن طرح ڪيو
آهي:
آندو جن ايمان ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا
تن لاءِ رب رحمان، پيدا ڪندو پريتڻو(11).
سيد علي هجويري رحمت الله عليه ادب جي حقيقت واضح
ڪندي، وڌيڪ فرمائين ٿا:
لان المودة عندالادب و حسن الادب صفة الاحباب
(12)
(عشق ادب جو روح آهي ۽ محبوب جي صفت ادب جو حُسن
آهي.)
سيد علي هجويري اديب جي شخصيت جو تعين ڪندي
فرمائين ٿا:
”اديب کي اديب ان ڪري چيو وڃي ٿو ته جيڪي ڪجهه
به اُن تي وارد ٿئي ٿو سو سڀ نيڪ هوندو آهي.“
(وڌيڪ فرمائين ٿا:)
”فالذي اجتمع فيه خصال الخير فهواديب“
جنهن پنهنجي ذات ۾ ايمان ۽ عمل جون سموريون بهترين
خصلتون گڏ ڪيون، اُهو اديب آهي. جيتوڻيڪ عام طور
اديب اُهو سڏجي ٿو جيڪو علم لغت، صرف ۽ نحوَ جي
قاعدن جو ماهر هجي. (يا جيڪو ظاهري علم رکي ٿو،
ڪتاب ۽ ڪالم لکي ٿو، پر حقيقت ۾ اديب اُهو آهي
جيڪو ايمان ۽ عمل جي ماهيت ۽ لاڳاپي جي بصيرت رکي
ٿو ۽ پنهنجي قول ۽ فعل ۾ پورو آهي)(13).
اسان جي سنڌي ادب ۾ ادب ۽ اديب جي ڪردار بابت جيڪو
رجحان رائج رهيو آهي ۽ اُن جيڪو هاڃو ڪيو آهي،
تنهن کي اڄ به علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ
جي هيٺ ڏنل
ويچارن ۾ چٽيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو:
”اصولي طور ادب جو مفهوم انهيءَ ڏينهن کان
واضح ٿي چڪو آهي، جڏهن کان ”لاتقربو هٰذه الشجرة “
وارو حڪم پهتو. پر موجوده دور ۾ ادب جون به سڀئي
راهون ايتري قدر ته مٽجي مسخ ٿي چڪيون آهن، جو لفظ
ادب جي معنيٰ ئي پوريءَ طرح پروڙي نٿي سگهجي...
(14).“
”هينئر عام طور سان ’ادب‘ جي معنيٰ ادب نٿو
سمجهيو وڃي. جيڪڏهن چئجي ٿو ته فلاڻو ڏاڍو ”اديب“
آهي، ته اُنهيءَ سمجهڻ جي بجاءِ ته هن ۾ ادب، لطف
۽ لطافت طبع، زيب ۽ زينت افعال موجود آهن، ائين ٿو
سمجهڻ ۾ اچي ته هو ڪنهن به قسم جي ڪتاب لکڻ تي
حاوي ٿيو آهي. اهو ادب لفظ جو سراسر غلط استعمال
آهي... (15).“
”هڪ لفظ جو غلط استعمال انسان کي ڪيترا واهڻ
ٿو ولوڙائي. اڄ اسان جو ادب ۽ شعر به انهيءَ طرح
سان غلط استعمال ۾ ڪم اچي ٿو، ۽ انهيءَ جو اثر جو
قوم تي ٿو پوي ۽ پيو آهي، تنهن جو اوهين تصور ئي
ڪري نٿا سگهو. اسان جو خاص عرض آهي ته وري ادب کي
انهيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻيو، جا اُن جي حقيقي معنيٰ
آهي... (16).“
”افسوس جو هن پوئين دؤر ۾ قوميت جي تنگ نظريي
۽ قومي حڪومتن جي قيام جيڪي رجهانات پيدا ڪيا آهن،
تن تاريخي حقيقتن کي محض قوميت جي عارضي ۽ محدود
مطالبن خاطر مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ اُنهن حرڪتن
سببان فنون لطيفه توڙي اعليٰ علم ادب جون بلڪل
جڙون ڪٽجي ويون آهن... (17).“
”اڄڪلهه جي محاوري ۾ ”ادب وڃائڻ“ جي معنيٰ آهي
”بي تهذيب ٿيڻ“ ”تهذيب“ ”هذب“ مان نڪتل آهي، جنهن
جي معنيٰ آهي سنوارڻ. ماڻهوءَ کي مهذب يا ڪلچر
وارو بنجڻ لاءِ مسلسل سوڌسنوار جي ضرورت آهي...
جيئن ٻني صاف ڪرڻ ۽ ٻج ڇٽڻ کان سواءِ فصل جي اميد
اجائي آهي، تيئن تربيت، تاديب ۽ تعليم کان سواءِ
ادب جو پيدا ٿيڻ مشڪل آهي... (18).“
نوجوان، جي ’ادب‘ لفظ جي حقيقي معنيٰ کان بي
بهره آهن ۽ جن کي بشهادت اقبال، ڏسڻ سان:
نوجواني راچو بينم بي ادب
روز من تاريڪ مي گردد چو شب
آبروي گل ز رنگ و بوءِ اوست
بي ادب بي رنگ و بو بي آبرو ست.
”(شال! نوجوان) وري آداب سکن ۽ سندن آبائن ۽
اجدادن تي عيان ٿئي ته استاد اديب ڪو ضروري شخص
هو، ۽ استادن تي عيان ٿئي ته هر تعليم کان اڳ
تاديب لازم آهي ۽ تعليم تاديب کان سواءِ اهڙي آهي،
جهڙي گندي پيالي ۾ صاف پاڻي وجهي، توقع ڪرڻ ته اهو
پيئڻ جي لائق رهندو يا منجهائس ڪو نيڪ مطلب پورو
ٿيندو.(19).“
’لا تقربو هٰذه الشجرت‘ جو اصطلاحي
مفهوم هيءُ
آهي ته:
جانور جي حيثيت ۾ بيهي پنهنجي وجود جي وڻ کي پاڻ چري کائي نه
ڇڏيو، پر انسان جي حيثيت ۾ تقويٰ ساڻ زندگيءَ جي
وڻ جي نشوونما ڪريو ته جيئن اُن مان ڇانو به ملي ۽
ڦل به حاصل ٿئي. اهوئي سبب آهي جو صوفياڻي تعليم
جو سڄو آڌار فڪر ۽ عمل جي تقويٰ تي آهي. فڪر ۽ عمل
جي تقويٰ، لطافت طبع، زيب ۽ زينت وارا افعال پيدا
ڪندي آهي. اِهو هن طرح ته فڪر جي تقويٰ فطري طور
پاڻ منجهان زيب ۽ زينت وارا عمل پيدا ڪري ٿي ۽
پوءِ فڪر ۽ عمل جي هيءَ وحدت پنهنجي عاجزي ۽
سادگيءَ طفيل مالڪ جي رضا ۽ پيار حاصل ڪري ٿي،
جنهن سان ٻانهي کي لطافت طبع حاصل ٿئي ٿي، هيءَ
’لطافت طبع‘، جنهن کي ٻين لفظن ۾ روحاني خوشي پڻ
چيو وڃي ٿو، سا ادب جو اعليٰ ۽ اولين مقصد آهي.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ لکي ٿو:
”ادب
اُنهيءَ علم جو نالو آهي، جنهن مان اسان کي روحاني
آرام ۽ خوشي حاصل ٿئي… ۽ اسان جو دماغ تهذيب ۽
تربيت حاصل ڪري(20).“
”ادب
جو سڀ کان وڏو ۽ بهترين مقصد روحاني خوشي آهي. اها
روحاني خوشي پرائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر ادب
آسانيءَ سان ڏيئي سگهي ٿو(21).“
”ادب
اسان ۾ اهڙي خوشي ۽ سرور جو ڪيف پيدا ڪري ٿو، جو
ڪڏهن به فنا. نٿو ٿئي. ماڻهو ٻڍا ٿي وڃن ٿا، دنيا
جا انقلاب ۽ حادثا خوشي وڃائي ڇڏين ٿا پر ادبي
خوشي ڪڏهن به نٿي وڃي.
جن ماڻهن کي ادب جو چسڪو (ڪامل عرفان جي لذت حاصل)
آهي، اُهي ئي ادب جو ’لطف‘ ڄاڻن ٿا(22).“
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو:
فن جو مقصد آهي زندگيءَ کي پيش ڪرڻ ۽ سڌارڻ… ادب جو ٻٽو مقصد آهي خوشي ۽
سکيا ڏيڻ، جيوت کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ.(23)
ادب جو سائنس ۽ ٻين علمن کان علمي طور اُتم درجو
انهيءَ ڪري آهي ته ادب زندگيءَ جي اعليٰ مقصد جي
خوشي ميسر ڪري ٿو ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ
تربيت پڻ ڪري ٿو. سائنس ۽ ٻين علمن جي ثانوي حيثيت
انڪري آهي جو اُنهن جو مقصد جيئڻ لاءِ جسماني سک
ميسر ڪرڻ ۽ رهڻ سهڻ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ مقصد جي لحاظ کان
اهڙي علمي فرق جي حقيقت واضح ڪندي لکن ٿا:
”لطيف
۽ اعليٰ درجي جا فن انسان ذات لاءِ فرحت ۽ خوشي
پيدا ڪندڙ آهن، ۽ غير لطيف يا گهٽ درجي وارا فن
ضرورتن پورين ڪرڻ جو وسيلو آهن(24).“
جيڪو مقصد لطيف ۽ اعليٰ درجي جا فن حاصل ڪرڻ گهرن
ٿا، اُهوئي مقصد آهي جنهن لاءِ هدايت
۽ خوشخبري پيغمبرن پهچائي آهي. افسوس انهن
جي فڪر تي
جيڪي چون ٿا ته هي هڪ لاحاصل مقصد آهي. روحل فقير
چوي ٿو:
پنهنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن،
سي سو ڀيرا ساعت ۾، پل پل پرين پسن،
’روحل‘ مٿا تن، لٿا حرف حساب جا.
افسوس اُنهيءَ انتها پسند فڪر تي به آهي، جنهن
موجب هر مذهب ۽ فرقي جي دعويٰ آهي ته زندگيءَ جي
روحاني خوشيءَ جي سچائي فقط سندن مذهب ۽ فرقي کي
قديم دور ۾ هٿ آئي ۽ اُتي ئي دنگ رهجي ويئي، ٻيو
ڪو بني بشر اِن لائق نه هو، نه آهي ۽ نه ٿيندو.
اسان جو مقصد بس رسمي عبادت آهي، ماني کائڻي آهي،
ٻار ڄڻڻا آهن. بيشڪ پيغمبرن جو معرفت ۾ شان اعليٰ
هو ۽ آخري پيغمبر حضرت محمد ڪريم صلي الله عليه
وسلم جي معرفت ڪامل ۽ دين مڪمل آهي. هي فطري ۽
عالمگير دين آهي، جيڪو سڀني مذهبن ۾ موجود سچائيءَ
جي وحدت جو معترف آهي. ائين محدود ۽ منجمد نه آهي،
جيئن مُلن ان کي پنهنجي محدود عقل جا ڪک رکي پيش
ڪيوآهي. هي الاهي پيار جو سدا روان فطري جهرڻو
آهي، جيڪو تاريخ جي هر دؤر ۾ سچائي، سڪ ۽ نصيب
وارن کي آب حيات ميسر ڪندو رهي ٿو.
سورة الاعراف ۾ نهايت واضح طور چيو ويو آهي ته:
هنن آيتن جو مفهوم هي آهي ته:
”پرودرگار
بني آدم جي نسل در نسل تخليق ۾ پنهنجي ذات کي ظهور
۾ رکيو آهي ۽ ماڻهن کي سندن اندر جو پاڻ تي شاهد
بڻائي کانئن پئي پڇيو آهي ته ڇا مان توهان جو رب
نه آهيان؟ سڀئي چوندا آيا آهن (پوري انساني تاريخ
چوندي آئي آهي) ته
’بلڪل
اسين شاهد آهيون ته تون ئي اسان جو رب آهين.‘
”پروردگار
فرمائي ٿو ته مون ائين ان لاءِ ڪيو ته جيئن توهان
قيامت جي ڏينهن ائين نه چئي سگهو ته
’اسان
ته هن حقيقت کان بي خبر هئاسين‘،
يا متان ائين چئو ته ”شرڪ جي شروعات ته اسان جي
ابن ڏاڏن اسان کان پهريان ڪئي هئي ۽ اسان ته پوءِ
انهن جي نسل مان پيدا ٿياسين، ته پوءِ ڇا (مالڪ)
تون اسان کي اُن قصور جو ذميوار ٿو بڻائين، جيڪو
غلط ڪم اسان جي وڏن ڪيو هو.“
مولوي احمد ملاح مٿين آيتن جو خوبصورت منظوم ترجمو
هن طرح ڪيو آهي:
”۽
جڏهن آدم جي اولاد مان، تنهنجي رب رهبر
ورتا ويا پٺين مان، پيدا ٿين جنهن پر
۽ شاهد پنهنجا پاڻ تي بيهاريائين برسر
چي، ڇا، آئون، نه اوهان جو آهيان، سائين سربسر؟
مڙني چيو مقرر، اسين شاهد آهيون.
واعدو ورتوسون
اِن ڪري، ته ڪَهو ڏينهن قيام
ته هِن کان، هئاسون ويسلا، يا عذر ڏيو اظلام!
ته ابن اسان جي اڳ ۾، جاٽون جوڙيون جام
اسين، پُٺيان پُريون اُنهن جون، تابعدار تمام،
پوءِ، موڙهل مائٽن، گڏيا غير غلام،
منجهه انهيءَ الزام، ڇا مارئين اسان کي مورهين؟“
زندگيءَ جو خالق سان تعلق بي روح ۽ ٺلهو تقليدي نه آهي، پر
جاندار ۽ بصيرت وارو آهي، تنهنڪري ئي سچي خوشي ۽
لطافت وارو آهي. هيءُ هڪ فطري تعلق آهي، جنهن جي وحدت جي سچائي
عالمگير آهي. هي اُهو آب حيات آهي، جيڪو انساني
تاريخ جي سيني منجهه سدا روان دوان رهي ٿو. دنيا
جي هر قوم جي ادب ۽ مذهب جي تاريخ اهڙي ڪلاسيڪل
وحدت جي سچائيءَ تي شاهد آهي. هي سمورا ادبي توڙي
مذهبي فرق، ويڇا ۽ گروهه بنديون بي نور تقليدي
شعور جا برپا ڪيل آهن. سڄي دنيا جو ادب ۽ هر مذهب
پنهنجي حقيقي جوهر ۾ انتها پسنديءَ کي رد ڪري ٿو.
قرآن مجيد مذهبي انتهاپسنديءَ کي هن طرح واضح طور
رد ڪيو آهي.
”مسلمان
هجي يا يهودي، صابي هجي يا عيسائي جيڪو به الله ۽
آخرت تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو، تنهن لاءِ ڪو
به خوف ۽ غم نه آهي.“
قرآن مجيد ۾ مذهبي روادريءَ بابت هيءَ
هدايت ملي ٿي:
جيڪو توهان ڏانهن اماڻيو ويو هو، اسان جو خدا ۽
اوهان جو خدا هڪڙو ئي آهي، اسان اِن (وحدت) جا
مسلم آهيون.“
قرآن مجيد مذهبي انتها پسندي ۽ رواداريءَ جي حقيقت
کي وڌيڪ هن طرح پيش ڪيو آهي:
”توکي
ايمان وارن جي دشمنيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ سخت (تقليدي
ذهن رکندڙ) يهودي ۽ ۽ مشرڪ نظر ايندا، ۽ ايمان
وارن سان دوستيءَ جي ڳانڍاپي ۾ انهن ماڻهن کي
ڏسندا جن چيو هو ته اسان انصار آهيون. انڪري جو
هنن ۾ عبادت گذار عالم ۽ تارڪ دنيا فقير موجود
آهن، جن ۾ تڪبر/ ٻيائي نه آهي. جڏهن اُهي هن ڪلام
(قرآن مجيد) کي ٻڌن ٿا، جيڪو رسول تي نازل ٿيو آهي
ته توهان ڏسندا ته حق شناسائيءَ جي اثر سان اُنهن
جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي وڃن ٿيون، وجد سان پڪاري
چون ٿا ته اي مالڪ! اسان ايمان آندو، اسان جو نالو
شاهدن جي لسٽ ۾ لکي ڇڏ.“
اِها شاهدي عالمگير آهي، هر قسم جي انتها پسنديءَ
توڙي زمان مڪان جي قيد کان آزاد آهي. هيءُ
اُهو فطري اقرار آهي، جيڪو دنيا جي هر قوم جي
اعليٰ ادب ۽ شاعريءَ ۾ ۽ دنيا جي هر مذهب منجهه
واحد صورت ۾ نظر اچي ٿو. قرآن مجيد حق جي تلقين
ڪندي، انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ هن طرح واضح ڪيو آهي:
آيت جو مفهوم هي آهي ته:
”اي
ايمان وارو! الله ۽ اُن جي رسول جي عطاعت ڪريو،
جڏهن توهان کي زنده بصيرت واري زندگيءَ جي طرف
سڏيو وڃي ته اُهو سڏ ورنايو، يقين ڪريو ته الله
تخليق جي ورجاءَ سان دلين اندر ظهور رکي ٿو. سڀئي
بلآخر پنهنجي دل جي
شاهديءَ ساڻ
واحد جي موجودگيءَ تي ايمان آڻين ٿا.
مولوي احمد ملاح مٿين آيت جو منظوم ترجمو هن طرح
ڪيو آهي:
”اي
اُهي جن مڃو! ٿيو تهدل تابعدار
رب ۽ سندس رسول جا، جڏهن پڪاريائين تنهن پار،
جو جيارينيان جهان ۾، ۽ سمجهو ته رب ستار،
ماڻهو ۽ سندس من وچان، واحد ڦري هر وار،
۽ اُن ڏينهن آخرڪار، اوهين مڙئي ميڙبا.“
شيخ اياز جو چوڻ هو ته دنيا جا سڀئي وڏا اديب ۽
شاعر آخر ۾ پنهنجي پنهنجي مذهب ڏانهن موٽي ويا.
اياز پنهنجي هڪ دعا ۾ جديد سنڌ جي وڏي شاعر جي
حيثيت ۾ زندگيءَ جي روحاني خوشيءَ واري مقصد ڏانهن
مدعو ڪندي، زندگيءَ جي مالڪ جي وحدت واري عالمگير
شاهدي، پوري
ڪائنات جي شاهديءَ جي مثالن ساڻ هن طرح ڏئي ٿو:
يا رب!
مان چوان ٿو
”اچو ته خوشي ڪيون
اچو ته خوشي ڪيون
اچو ته خوشي ڪيون!
مان هن کي ڏٺو آهي جو منهنجو رب آهي
مان هن کي ڏٺو آهي جو منهنجو رب آهي،
جو ازلي آهي ۽ ابدي آهي
جو گل لاله ۾ ٽڙي پوي ٿو
۽ جنهن ۾ هن جا ناقوس وڄن ٿا،
يا رب!
مان چوان ٿو ته مون هن کي ڏٺو آهي
جنهن جي نه انتها آهي
نه ابتدا آهي،
هر گل جا ورق جنهن جي ڪتاب جي ورق آهن،
۽ جو هر بادل تي پنهنجي سونهري تحرير ڇڏي وڃي ٿو،
۽ جڏهن رات جا قنديل ٻرن ٿا ته روغن به هو آهي،
روشني به هو آهي،
يا رب!
مان تنهنجو اهو قنديل بردار آهيان
جو هر گليءَ ۾ وڃي،
هر محو خواب انسان کي جاڳائي چوان ٿو
”اٿي ڏس! ماهتاب آسمان مان وڃي رهيو آهي ۽ ڪيترو
نه خوبصورت لڳي رهيو آهي!
هن جي نيراڻ انهيءَ سمندر جي نيراڻ آهي جو اکٽ
آهي.“
يا رب!
مان تنهنجي خلق کي چوان ٿو ته
”ڪثرت نظر جو فريب آهي
هن جي وحدت ناقابل انڪار آهي.
هو ئي آفتاب ۾ سورج مکيءَ وانگر ٽڙي پوي ٿو
هو ئي ڪڪر ڪارونڀار ٿي اچي ٿو
۽ گلاب ۽ رابيل جا منهن ڌوئي ٿو
۽ انهن ۾ مهڪي ٿو،
۽ پرندن ۾ چهڪي ٿو
جن جا گيت ٻڌي
ٽاري ٽاري جهومي ٿي،
۽ پن پن انهن جي مجسم سماعت ٿي وڃي ٿو.
يا رب!
هيءَ ڪائنات تنهنجي ڪليت به آهي، اڪائي به آهي.
منهنجو ”مون“ به آهي ۽ تنهنجو ”تون“ به آهي.
۽ هي انسان جو منهنجي ڀرسان بيٺو آهي.
اهو به تنهنجي تجليءَ ۾ وهنجي رهيو آهي.
يا رب!
رڳو تون آهين
ٻيو سڀ خواب و خيال آهي
وهم و گمان آهي
مون کي غالب وانگر بازيچئه اطفال کان دور رک،
جيئن مان تماشي ۾ محو ٿي نه وڃان،
۽ جڏهن نظر پوي ته توتي پوي،
فقط توتي پوي!
آمين ثم آمين(30)
قرآن مجيد جي سورت ’يآسين‘ ۾ هڪ قصو بيان ڪيو ويو
آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته هڪ قوم (پنهنجي انتها
پسند فڪر ۽ تقليدي انڌ سبب) خدا جي ٽن رسولن جي
گڏيل شاهديءَ کي نه پئي مڃيو، نيٺ شهر مان پري کان
هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ پنهنجي قوم جي اڳيان بيهي
جيڪي چيائين، سو مولوي احمد ملاح جي منظوم ترجمي ۾
هن طرح آهي:
”۽
پرئين مٿي کان شهر جي، هڪ مرد مؤمن مور،
ڊڪندو، ڊوڙندو آئيو، اُتو تنهن اَتور،
ته هَلو پٺيان پيغمبرين، اِي ذات! ڇَڏيو ٻئو ذور،
جي پاڙو نه گهرن ڀور، پڻ صحيح سنواٽا واٽ تي.
۽ مون کي منع ڪهڙي، ته نه پوڄيان پرور پاڪ،
جنهن خلقيس منجهان خاڪ، ۽ مڙئي ڏانهس موٽائيا.
وٺان وسيلا ڪهڙا، پاڪ ڌڻيءَ کان ڌار؟
ته ڏيڻ گهري ڏاتار مون، لڱين لهس لغار،
ته نه ڏيمِ و قابو وار جو، سندن سار سنڀار،
۽ ڪين مرض مهٽ مان، ڪڻم ڪڍن ٻهار،
بيشڪ پڌري ڀل ۾، آئون آهيان انهيءَ وار،
پوءِ سڻو سماچار، مون مڃيو مالڪ اَهنجو.
چئي گهڙ تون باغ بهشت ۾، تڏهن چيائين اهڙي حال،
ته جيڪر ڄاڻي قوم سندم، هي حقيقت حال،
سانيم ساڻم جي ڪيا، بخششون ۽ ڀال،
پڻ ڪرم ساڻ ڪمال، ڪيائينم سڳوري ساٿ مان(31).“
هن شخص، سڄي ڳالهه جي آخر ۾ پنهنجي ايمان جي حقيقت جو جيڪو
مشاهدو بيان ڪيو آهي، سو دلربا به آهي ۽ دل
جياريندڙ به آهي. چوي ٿو:
هنن
آيتن جو مفهوم
هي آهي ته :
”بيشڪ
مون توهان جي رب تي ايمان آندو آهي، پر منهنجي
ايمان جي حقيقت ٻڌو. مالڪ مون کي سڏي پنهنجي حسن
جي درگاهه ۾ داخل ٿيڻ جو شرف عطا ڪيو آهي. اي ڪاش!
منهنجي قوم ايمان جي اِن حقيقت کي ڄاڻي سگهي! (ڪاش
هو ڄاڻن ته) ڪهڙي طرح رب منهنجي زندگيءَ کي پنهنجي
بقا جي پناهه ۾ رکيو آهي ۽ مون کي پنهنجي نوازيل
ٻانهن ۾ شامل ڪيو آهي.“
بنگلاديش جو عظيم ڪوي رابيندر ناٿ ٽئگور ادب جي
عالمگير فطري سچائيءَ جي حقيقت بيان ڪندي لکي ٿو:
”ادب
ڪنهن جي ملڪيت نه آهي، خود مصنف ان جو خاوند نه
آهي. اُهو الاهي اُڀر جو اظهار آهي. الاهي اُن کي
انهيءَ ڪري ٿو ڪوٺجي جو شاعر خود پنهنجي لکت تي
تعجب ۽ تپرس ۾ ٿو پئجي وڃي. جيئن ٻاهرين دنيا
پنهنجي چڱائي مٺائي جو اظهار لڳاتار ڪندي ٿي رهي ۽
پنهنجين حاصلاتن ۽ اڻ پورائين کي روپ دواران پڌرو
ڪندي ٿي رهي. ساڳيءَ طرح هيءَ الاهي اڀر به هر
ڪنهن ديس ۾، هر ڪنهن قوم ۾، هر ڪنهن ٻوليءَ
دواران، پنهنجو رستو اسان جي دلين مان لهي، ٻاهرين
شڪلين ۾ ظاهر ڪري، هميشه لاءِ خوشيءَ جو ذريعو
ٿيندي ٿي رهي(33).“
ٽئگور نهايت خوبصورتيءَ سان واضح ڪيو آهي ته ادب جي تخليق
اديب جو ڪارنامو نه آهي، ڪنهن خاص قوم يا نسل جو
ڪارنامو نه آهي، ادب جي تخليق هڪ عالمگير الاهي
اُڀر جو ڪمال آهي، جنهن جو مقصد بني آدم کي روحاني
خوشي عطا ڪرڻ آهي.
اي.ڪي. بروهيءَ ادب بابت انگريزيءَ ۾ هڪ مضمون
لکيو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سراج الحق ميمڻ ڪيو
آهي. مصنف پنهنجي هن مضمون ۾ ادب جي عالمگير اهميت
۽ ڪارج بيان ڪندي لکي ٿو:
”ادب
پنهنجن پوڄارين کي شين کي اونهي جاچڻ لاءِ هڪ ڇهين
حس عطا ڪري ٿو. اهو ’هِتان‘ ۽ ’هِتان کان اڳتي‘ جي
وچ ۾ هڪ پُل مثال آهي. اها هڪ اهڙي ڏاڪڻ آهي، جنهن
جي ذريعي اسين شين جي ڏٺل وائٺل دنيا مان روح جي
غير رواجي ۽ اڻ ڏٺل دنيا ۾ وڃي ٿا پهچون. انهيءَ
مفهوم مطابق ئي ادب جي مطالعي ڪرڻ ۽ ان مان لطف
اندوز ٿيڻ سان انسان ذات کي پنهنجي وحدت جو احساس
ٿيڻ لڳندو. جڏهن آءٌ چيني، جپاني ۽ هندي ادب مان
اوتروئي لطف اندوز ٿيان ٿو، جيترو پنهنجي ادب مان،
ته اُها حقيقت ثابت ڪري ٿي ته سموري انسان ذات هڪ
آهي، ۽ فرق جيڪي انسان ذات جي هڪ گروهه کي ٻئي
گروهه کان مختلف ڪن ٿا، سي فرق حقيقي نه آهن.
ساڳيءَ طرح، اها حقيقت ته رومن ۽ يوناني ادب
منجهان به مون کي اهڙو ئي لطف ملي ٿو، جهڙو جديد
ادب منجهان- ڏيکاري ٿي ته منهنجي ۽ انسان ذات جي
انهن قديم ابن ڏاڏن جي وچ ۾ هڪ روحاني رشتو آهي، ۽
اسين جيڪي هنن جو ئي اولاد آهيون، هنن سان احساس
جي وحدت ۾ ڳنڍيا پيا آهيون. انهيءَ ڪري، عالمگير
ادب پڙهڻ سان دنيا جي مختلف قوميتن ۽ تهذيبن جا
نمائندا اهو محسوس ڪري سگهن ٿا ته سموري انسان ذات
هڪ آهي، ۽ هي جي مفاصلي ۽ وقت جون سرحدون ۽ رنڊڪون
آهن، سي ڪي اَمٽ ڪينهن، بلڪ انهن حدن ۽ رنڊڪن کي
سندن ”ڪامل انسانن“ جي شاهڪارن جي همدردانه (بصيرت
ڀريي) مطالعي ۽ اڀياس سان سولائيءَ سان هٽائي
سگهجي ٿو(34).“
رابيندر ناٿ ٽئگور کان ڪنهن پڇيو ته تنهنجو مذهب
ڪهڙو آهي؟ ٽئگور وراڻيو:
”منهنجو
مذهب اهو آهي جو هر آرٽسٽ (Artist)
جو مذهب هئڻ گهرجي. مان ڪنهن هڪڙي ملڪ يا قوم جو
ترجمان نه آهيان. منهنجي زندگي بني نوع انسان ۽
جمله قومن جي لاءِ ۽ منهنجو پيغام هنن جي ترقيءَ
جي لاءِ آهي. منهنجي آتما زندگي ۽ انسانيت جي وحدت
۾ گم ٿي ويئي آهي ۽ مان مذهبي، قومي ۽ طبقاتي
پابندين (انتهاپسنديءَ) کان آزاد ٿي چڪو آهيان(35).“
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ادبي ڪتابن بابت عالمگير
ادب جو معيار متعين ڪندي لکي ٿو:
”ادب
جي پهرين خاصيت آهي ته اُن ۾ عالمگير دلچسپي سمايل
هجي، يعني ته اُهي ڪتاب ادب جو درجو رکن ٿا، جن ۾
نه فقط ڪنهن خاص ملڪ يا فرقي جي ماڻهن لاءِ دلچسپي
پيدا ٿئي، پر اُهي، جي ساري جهان جي پڙهيل ماڻهن
کي پسند پون. جي ڪو ڪتاب صرف انگريزن کي وڻيو ۽
هندستانين ۽ پاڪستانين کي نه وڻيو يا هندن کي وڻيو
۽ مسلمانن کي نه وڻيو ته اُهو ادبي ڪتاب نه چئبو،
تنهنڪري ئي ساهت سرو ديسي يا عالمگير آهي. نه فقط
ايترو پر جي ڪو ڪتاب آڳاٽي زمان ۾ پسند پيو ۽ چالو
وقت ۾ نه آئڙيو، يا صرف هاڻوڪن پڙهندڙن کي وڻيو ۽
آئندي جي لوڪن ۾ دلچسپي پيدا نه ڪيائين، ته اُهو
به ادبي ڪتاب نه ليکبو. يعني ته سچو ساهت هر ملڪ ۽
هر وقت جي پڙهندڙن لاءِ وڻندڙ آهي. ساهت مڪان ۽
زمان جي ٻنڌڻن کان ٻاهر آهي(36).“
رابيندر ناٿ ٽئگور، فڪر ۽ عمل جي وحدت وارو ادب جو
تخليقي ڪارج بيان ڪندي لکي ٿو:
”ساهت
جو سُٻنڌ انسان جي امنگ ۽ اخلاق سان آهي. اخلاق جو
اضافي طور ذڪرڻ اجايو آهي. اسان کي ته پاڻ ائين
چوڻ گهرجي ته انساني فطرت ۽ ٻاهرين قدرت جي روين ۽
ويس جو جيڪي انسان جي دل کي پهريندا ۽ اختيار ڪندا
ٿا رهن، راڳ جي اوت لائيندا ٿا رهن، اکرن ۾ اظهار
ڪرڻ، ادب جو ڪم آهي. اُهي مڌر مٺا گيت جي وس
ڳائيندي ٿي رهي، ادب وري دوري انهن کي دهرائي ٿو.
زندگيءَ جي بانسريءَ ۾ سوز ڀريا راڳ ۽ راڳڻيون،
لهرا ڏينديون، تڪينديون ٿيون اچن ۽ اسان جي اڳيان
پيئون نچن، ساهت اُنهن کي جهٽي ۽ جهپي، ٻوليءَ ۾
هميشه لاءِ قابو ڪندو ٿو رهي(37).“
اي.ڪي. بروهي، ادب جو تعليم ۽ تربيت وارو ڪارج
بيان ڪندي لکي ٿو:
”ادب
هڪ عالمگير زندگي گذارڻ جي عظيم مقصد جي تڪميل ڪري
ٿو. ادب پاڪيزه فطرتن جو نپائيندڙ آهي. انسانيت جي
موضوع جي تعليم ۽ شاگردن کي عالمگير زندگيءَ جي
دولت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو بهترين موقعو ڏئي ٿي.
ادب جو اڀياس اسان کي تنگدليءَ ۽ تنگ نظريءَ جي
چنبي مان پاڻ آزاد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ادب اسان کي
اُنهن شخصن جي ذهني حالتن ۽ نظرين ۾ جهاتي پائڻ ۾
مدد ڪندو، جيڪي شعوري طرح اسان کان گهڻو اڳتي نڪري
آيل آهن ۽ جيڪي زندگيءَ جي تخليقي ارتقا ۾ حصيدار
ٿيڻ جا اهل آهن. هر عظيم ادب اسان کي سچ جي دنيا
سان متعارف ڪرائي ٿو، ۽ اسان کي پينهنجي روحاني
مشاهدي جي قوتن کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. جهڙيءَ
طرح دنيا جي عظيم مصورن جي شاهڪارن کي ڏسڻ ۽ اڀياس
ڪرڻ سان اسان جي شڪلين ۽ رنگن جي مشاهدي جي حس
وڌيڪ تيز ٿئي ٿي، تهڙيءَ طرح اهل شعور هستين سان
جيڪڏهن مسلسل تعلق رکندا اينداسون، ته اسان ۾
زندگيءَ جي لڪل پهلوءَ کي ڏسي سگهڻ جي صلاحيت پيدا
ٿيڻ لڳي ٿي(38).“
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل اديب جي ذميواريءَ جو
تعين ڪندي لکي ٿو:
”حسن،
خير ۽ حقيقت کي هڪ آواز بڻائي پيش ڪرڻ جو نالو ادب
آهي. سڀ کان وڏو اديب اهو چئبو، جيڪو ساڳئي وقت
اسان جي ذوق حسن، ذوق فڪر ۽ ذوق عمل کي نه رڳو
آسودو ڪري، بلڪ انهن ۾ وڌيڪ حرڪت پيدا ڪري. خيال
جي حسن ۽ عمل جي حسن جو پاڻ ۾ چولي ۽ دامن جو
لاڳاپو آهي. ادبيات کي بنا ڪنهن غرض ۽ غايت هوندي
به ميلا ناتي ٿيڻو آهي. يعني اُن ۾ هڪ دٻيل غايتي
ميلان جو هجڻ ضروري آهي.
قابل اديب کي قومي عمارت اڏڻ لاءِ هڪ استاد، معمار
يا قابل انجنيئر جو ڪم ڏئي ٿو. هو قوم ۾ خلق،
سچائي ۽ قوت عمل جو روح وجهي ٿو. انساني جذبن تي
وسعت قلب، سهڻي ۽ سنجيدي دماغ، ۽ بيان جي وڻندڙ ۽
موهيندڙ طرز سان بحث ڪري انهن کي اڀاري ٿو(39).“
لفظ ’ادب‘ جي اصطلاحي معنيٰ جي لحاظ کان حيوانيت ۽
انسانيت کي سمجهڻ ۽ ادب جي عالمگير مقصد ۽ ڪارج جي
اڀياس کان پوءِ انسان ۽ حيوان ۾ فطري فرق کي سمجهڻ
پڻ ضروري آهي، ته جيئن ماڻهوءَ جي مخصوص فڪري ۽
عملي فطرت کي سمجهي، ادب ۽ زندگيءَ جو مقصد ۽ ڪارج
به فطري، حقيقت جي لحاظ کان صحيح طورسمجهي سگهجي.
جانور ۽ انسان ۾ هڪڙو بنيادي فرق هي آهي ته جانور
مڪمل طور پنهنجي جبلتن ۾ مجبور ٿئِي ٿو، هن جو هر
تحرڪ ۽ عمل جبلتن تحت ٿئي ٿو، انهيءَ ۾ هن جي
پنهنجي مشاهدي يا ارادي ۽ اختيار جو عمل دخل نه
هوندو آهي. مثال طور ڪنهن ڪڪڙ جي هيٺان ان جي آنن
سان گڏ بدڪ جا بيدا به رکبا ته ڦٽڻ کان پوءِ بدڪ
جا ٻچا پاڻ مُرادو پاڻيءَ ڏانهن هليا ويندا ۽ ڪڪڙ
جا ٻچا انهن سان گڏجي پاڻيءَ ڏانهن نه ويندا پر هو
مٿي خشڪيءَ تي بيهي چڳندا. هاڻي اها ساڃاهه فطري
طور هنن جي جبلتن ۾ پيوست ڪيل آهي ۽ هو اوس ائين
ئي هلن چلن ٿا. يعني ائين نه ٿيندو ته ڪڪڙ جو ٻچو
بدڪ جي ٻچن کي ڏسي پنهنجي مرضي استعمال ڪري اڏري
انهن سان پاڻيءَ ۾ وڃي پوي ۽ پوءِ ٻڏي پوي. پر اها
ساڃاهه تجربي کان سواءِ هن جي فطرت ۾ ئي موجود ٿئي
ٿي ته ترڻ تنهنجو ڪم نه آهي. تنهنڪري هو ڄمڻ کان
ئي پاڻيءَ کان پري رهندو. ڇاڪاڻ ته ٻڏڻ وارو خطرو
هن جي جبلتي ساڃاهه ۾ موجود ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح
بدڪ وارو ٻچو به ڪو پنهنجي صلاحيتن سان آهستي ڏاڍي
ڪري ترڻ ڪونه سکي وٺندو آهي، پر ترڻ واري صلاحيت
هن کي به جبلتي طور عطا ٿيل آهي. هن جو پاڻيءَ
ڏانهن ڇڪجي وڃڻ به جبلتي عمل هوندو آهي. اهو هن جي
تجربي، آزاد مرضي يا اختيار جوعمل نه هوندو آهي.
مطلب ته حيوان اهو ئي ڪن ٿا جنهن جي ساڃاهه ۽ تحرڪ
منجهن فطرتي طور سمايل آهي.
انسان پنهنجي تجربي مان سکي ٿو، نفعي ۽ نقصان کي
آزماش ذريعي ڄاڻي ٿو. ماڻهوءَ جو ٻار پيدائشي طور
آزاد فطرت رکي ٿو ۽ پنهنجي هر چرپر ۽ عمل ۾
خودمختيار هوندو آهي. هو جانور وانگر پيدائشي
مجبور ۽ بي اختيار نه هوندو آهي ته فقط طئي ٿيل
فطري رستا ۽ رخ استعمال ڪري سگهي، پر هي پنهنجي
ارادي ۽ اختيار جو مالڪ هوندو آهي. جيڪو گهري سو
ڪري ۽ جيڏانهن وڻيس تيڏانهن وڃي ۽ پنهنجو نفعو
نقصان خود ڄاڻي، ڪنهن جو به هن جي عمل ۾ ڪوبه دخل
نه هوندو آهي. قدرت فقط ڪائناتي دستور اٽل بڻائي
ڇڏيا آهن.
ڏک ۽ سک جو هر وکر ڪائنات ۾ موجود آهي، ماڻهوءَ کي
جيڪو وڻي سو پنهنجي لاءِ وڃي وکر وهائي.
ماڻهوءَ جي ٻار کي نفعي ۽ نقصان جي ڪابه فطري روڪ
۽ نه هئڻ ڪري هو رڙهي وڃي باهه ۾ به پئجي سگهي ٿو
ته ڪنهن پاڻيءَ ۾ به پئجي سگهي ٿو ته جا شيءِ آيس
مٽي پٿر هٿ ۾ کڻي وات ۾ به وجهي سگهي ٿو. ائين
فقط، انسان جو اولاد ئي ڪري سگهي ٿو، ڇو ته هو
ارادي ۽ اختيار جو مالڪ آهي. حيواني اولاد ائين
نٿو ڪري، ڇوته ان وٽ پنهنجي آزاد مرضي ۽ اختيار نه
آهي. اهوئي سبب آهي جو جانور تي نفعي ۽ نقصان، غلط
۽ صحيح جي آزمائش به نه آهي. ملائڪن کي به پنهنجي
آزاد مرضي ۽ اختيار نه هو، تنهنڪري انهن تي به
ڪنهن آزمائش يا ذميداريءَ جو بار نه آهي، پر
ڪائنات جي اندر فقط آدم جو اولاد ئي آهي جيڪو
باشعور هستي آهي، ۽ اُن کي پنهنجي شعور سبب
ذميداريءَ جو بار سر تي آهي.
ملائڪن جي باري ۾ قرآن ۾ ذڪر آهي ته انهن انسان جي
تخليق وقت چيو هو ته اي مالڪ! اسان اهو ئي ڪيون ٿا
جيڪا تنهنجي رضا آهي، تنهنڪري اسان کان ڪابه غلطي
۽ خطا نٿي ٿئي، پر هيءَ جا پنهنجي ارادي ۽ اختيار
جي مالڪ مخلوق پيدا ڪئي پئي وڃي، سا ضرور منشاءِ
فطرت خلاف خطائون ڪندي، گڙ ٻڙ پيدا ڪندي، فتنا ۽
فساد کڙا ڪندي. تنهن تي قدرت جو ارشاد هو ته مون
کي سڀ معلوم آهي پر منهنجي مرضي اها آهي ته ڌرتيءَ
تي هڪ اهڙي مخلوق پيدا ڪريان جنهن ۾ تخليقي صلاحيت
هجي ۽ پنهنجي مرضي ۽ اختيار رکي. انهيءَ لاءِ ته
جيئن اها ڪائنات اندر تعمير جو ۽ حسن جو باقي سارو
تخليقي عمل پنهنجي مرضي ۽ اختيار سان ڪري، ته جيئن
ڏسجي ته انسان پنهنجو پاڻ ۾ ڪهڙو حسن ٿو پيدا ڪري
۽ پنهنجي لاءِ دنيا ۾ ڪهڙو حسن ٿو پيدا ڪري.
سو جانور ۽ انسان ۾ هڪرو بنيادي فرق شعور ۽ تميز
جو آهي، ٻيو ارادي ۽ اختيار جو آهي، ٽيون تجربي ۽
تخليق جو آهي. انسان پنهنجي وجود، زندگيءَ ۽ عمل
جو احساس ۽ تميز رکي ٿو، جانور نٿو رکي. انسان
پنهنجي ارادي ۽ اختيار جي صلاحيت رکي ٿو پر جانور
فطري طور پنهنجي جبلتن ۾ ئي مجبور ٿئي ٿو. انسان
جي تجرباتي فطرت آهي ۽ هو پنهنجي عمل مان سکي ٿو۽
شين حقيقتن ۽ حالتن کي بدلائڻ جي تعميري ۽ تخليقي
سگهه رکي ٿو.پر جانور جي فطرت غير تجرباتي آهي ۽
هو پنهنجي عمل کان ئي اڻ واقف هجي ٿو، هو رڳو اهو
ئي ڪري ٿو جنهن جو تحرڪ منجهس فطرتي آهي.
ادب انهيءَ ٻار کي وڃي ٿو چيچ مان جهلي جيڪو باهه
ڏانهن پيو اوهري، جيڪو کوهه ۾ پيو جهاتيون پائي يا
جيڪو گپ هٿ سان کنيون وات کي پيو بندي. ادب پنهنجو
ڪم ماءُ جي لولي ۽ پيءَ جي جهوليءَ کان شروع ڪندي،
تعليمي ادارن کان ٿيندي، دنيا ديس جي دانشورن کان
سينگار ڪرائيندي، ماڻهوءَ جي ٻار کي ڪامل انسان
ڪري هڪ تخليقي قوت بڻائي ٿو.
ڪائنات اندر سڀ مخلوق ۾ فقط انسان ئي باشعور آهي،
شعور ئي اها وٿ آهي جنهن کي انسانيت جو شرف آهي.
ماڻهوءَ جي اها وٿ خوابيده ٿيندي آهي، جنهن کي هو
پنهنجي عمل ۽ تجربي جي ذريعي اجاگر ڪري حاصل ڪندو
آهي. جيستائين ڪو انسان پنهنجي فڪر ۽ عمل ذريعي
انسانيت جي اُها وٿ حاصل نٿو ڪري تيستائين هو
جانورن يا حيوانن ۾ ليکجي ٿو. يعني غور فڪر ۽ سوچ
سمجهه جي جيڪا صلاحيت ماڻهوءَ منجهه ٿئي ٿي تنهن
کان ڪم وٺي ته جيئن پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ پاڻ سان
گڏ ٻين انسانن يعني سماجي حقن کي سڃاڻي ۽ سڄي
ڪائناتي وجود کي ڄاڻڻ جو تجسس وٽس هجي.
ماڻهوءَ کي سڃاڻپ جو مشن مليل آهي، هو پاڻ کي
سڃاڻي ته سندس وجود ڇا آهي ۽ ڇو آهي؟ جيئڻ جو مقصد
ڇا آهي؟ نفعو ۽ نقصان ڇا آهي؟ ڀلو ۽ برو ڇا آهي؟
حق ۽ ناحق ڇا آهي؟ غلط ۽ صحيح ڇا آهي؟ حسن ۽ قبح،
محبت ۽ نفرت ڇا آهي؟ ڪائنات جي ٻٽي فطرت آهي، جنهن
۾ نفي ۽ اثبات آهي، انسان کي نفي ۽ اثبات جي حقيقت
کي سمجهڻو آهي ۽ فطرتي دوئي ۾ توازن قائم ڪرڻو
آهي. انسان کي زندگي انهيءَ تميز جي اسائنمينٽ طور
مليل آهي. اصل ۾ اِهو شعور ئي اها وٿ آهي، جيڪا
حاصل ڪري ماڻهو پاڻ کي حيوانن مان نکيڙي ماڻهپي ۾
آڻي ٿو. جيستائين ماڻهو پنهنجي شعوري صلاحيت ڪم
نٿو آڻي، خود شناسائيءَ کان ڪم نٿو وٺي، تيستائين
هو حيوانيت ۾ شامل آهي. ڇوته اها ئي صلاحيت آهي
جيڪا نه حيوانن ۾ ۽ نه ملائڪن ۾ آهي، فقط انسان کي
قدرت عطا ڪئي آهي، پر منجهس مخفي رکي آهي. زندگيءَ
جو امتحان ئي اهو آهي ته پنهنجي ماڻهپي کي ڳولي،
انسانيت جو معراج حاصل ڪري، اشرف المخلوق وارو شرف
حاصل ڪجي. جيئن چيل آهي ته: ”من عرف نفسہ فقد عرف
ربہ“ جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو تنهن ڄڻ پنهنجي رب
کي سڃاتو.
جيڪو انسان خود شناسائيءَ واري صلاحيت کان ڪم نٿو
وٺي يعني اهو نه ٿو ڏسي ته حق ڇا آهي؟ ناحق ڇا
آهي؟ سٺو ۽ خراب ڇا آهي؟ ۽ جنهن وٽ انهن وچ ۾ عدل
يا توازن جي تميز نه آهي، اهو انسان هوندي به
جانور آهي. ڇو ته جانور ۾ تميز ڪرڻ وارو شعور نه
هوندي آهي. هڪڙي ڍڳيءَ جي اڳيان گاهه آڻي رکو،
هوءَ اهو نه سوچيندي ته مون سان گڏبيٺل ٻئي جانور
کي ڪو ڍئو آهي يا لنگهڻ، يا مونکي اڳئي ڪجهه ڍئو
آهي پر ڀر ۾ بيٺل کي لنگهڻ آهي، تنهن ڪري مان نٿي
چران ته جيئن هو بکايل ڪجهه کائي سگهي. ائين هوءَ
سوچي نه ٿي سگهي، تنهنڪري کيس فقط پنهنجي بک يا
گهرج جو احساس هوندو آهي ۽ جيتري طلب هوندي اٿس،
هڻ وٺ ڪري پنهنجو پيٽ ڀري ئي بس ڪندي آهي. ڀلي
ڀروارو ٻيو جانور لنگهڻ رهجي وڃي. انسان جيڪو اها
تميز نٿو رکي ته هي ٻئي جو حق آهي، هي ٻئي جو حساب
آهي، هيءَ ڳالهه ٻئي واسطي آهي ۽ انهيءَ سبب هو
پاڻ کي روڪي نٿو،پر جيڪو اچيس ٿو تنهن تي پاڻ اڳي
۽ تڳي جوعمل ڪري ٿو ته اهو جانور مثل آهي.
جانور پنهنجي جذبات جي دنيا ۾ رهندو آهي. هن کي
جيڪو پور پيو سو پورو ڪندو. ان ۾ صحيح ۽ غلط واجبي
۽ بي واجبي جي تميز نه ڪندو. هيءَ سائي پوک آهي سا
کائڻ نه گهرجي، هي گاهه پرائو آهي سو کائڻ نه
گهرجي، هي حق ٻئي جو آهي مون کي جڳائي نٿو، اهڙي
تميز هن ۾ نه هوندي آهي، ڇوته هن وٽ اهڙو شعور نه
هوندو آهي، هن وٽ اهڙي سڃاڻپ نه هوندي آهي. انسان
جيڪو اهو شعور نٿو رکي، اهڙي سڃاڻپ نٿو رکي، سو پڻ
انهيءَ حالت ۾ حيوان آهي.
ادب انسان کي غور فڪر ۽ تميز سيکاري ٿو. مختلف
هيلن وسيلن سان ماڻهوءَ کي جنجهوڙي جاڳائي حقيقتون
ڄاڻائي ٿو. جيڪو سوچ کان ڪم نٿو وٺي، تنهن کي
مختلف حيلن بهانن ۾ حقيقتن کي تصويرن جي روپ ۾
ڏيکاري ٿو. مختلف مظهرن، لقائن، رازن، رمزن ۽
حقيقتن بابت اها مصوري شاعريءَ ذريعي، ڪهاڻيءَ،
ناول ۽ ناٽڪ ذريعي، مضون ۽ مقالي ذريعي ڪئي وڃي
ٿي. ادب جون مختلف صنفون هڪ ته اظهار جا مختلف
ذريعا آهن ۽ ٻيو ته سکيا جا مختلف ڪورس به آهن.
ادب انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو جانور جي حالت ۾ پيو
جيئي، تنهن کي هٿ ڏيئي، کيس انسانيت جي مقام تي
پهچائي ٿو. اديب حيواني حالت واري انسان جي اکين
جا آپريشن ڪري ٿو، ان جي دل جي غلاظت کي ڌوئي صاف
ڪري ٿو. حيوانيت واري حالت ۾ جيئندڙ انسان جون
اکيون ڪيئن کولجن ۽ ان جي دل ڪيئن زنده ڪجي؟ اهو
سڄو چئلينج ادب کي آهي. ادب اُن لاءِ جستجو ڪري
ٿو. پهريائين ته انسان کي سوچڻ سکياري ٿو، پاڻ
سڃاڻڻ ڏانهن راغب ڪري ٿو ۽ ڪائناتي لقائن تي غور
ڪرڻ سيکاري ٿو.هن کي پنهنجي وجود جو تعارف ڪرائي
ٿو، ڪائنات جا حيرت ڀريا رنگ ۽ اسرار ڏيکاري ٿو،
پوءِ انهن سڀني جا جيڪي رشتا آهن، سي سمجهائي ٿو.
يعني انسان جو پنهنجو پاڻ سان ۽ پنهنجي خالق سان
جيڪو رشتو آهي، انسان جو ڪائنات، فطرت ۽ انساني
سماج سان جيڪو رشتو آهي، اهي سڀئي رشتا گڏيل طور
ڄاڻائي ۽ سڃاڻائي ٿو. جنهن کان پوءِ انسان زندگيءَ
جي مقصد جي چونڊ ڪري ٿو ۽ مقصد جي چونڊ کان پوءِ
مقصد لاءِ لوچڻ ۽ لهڻ جي راهه اختيار ڪري ٿو. مطلب
ته ادب هڪڙي ايمبولينس وانگر آهي، جنهن ۾ مريض کي
ويهاري علاج ڪرائي اچي انهيءَ جاءِ تي پهچائجي ٿو،
جيڪو عمل جو ميدان آهي.
حوالا
1.
قاضي، آءِ.آءِ. علامه. مقالو: ”قومن جو بقاءُ“.
مهراڻ جون موجون. ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، ص 13 ۽
14
2.
قاضي، آءِ.آءِ. علامه. مقالو: ”علم ادب“. ڪتاب:
ادب، زندگي ۽ سماج. مرتب: هَڪڙو، انور فگار،
ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال
2006ع، ص 2
3.
قرآن مجيد. سورت، الانفال، آيت 22
4.
نورالقرآن. سورت، الانفال، آيت 22. مترجم: مولوي
حاجي احمد ملاح.
5.
قرآن مجيد. سورت، الانفال، آيت 55
6.
قرآن مجيد. سورت، الاعراف، آيت 179
7.
هجويري سيد علي (المعروف داتا گنج بخش) ڪشف
المحجوب. مترجم: نعيمي علامه محي الدين مفتي.
لاهور. بابر پبلشرز. ص 542
8.
ايضاً، ص 542
9.
ايضاً، ص 553
10.
قرآن مجيد. سورت، مريم، آيت 96
11.
نورالقرآن. سورت، مريم، آيت 96. مترجم: مولوي حاجي
احمد ملاح.
12.
هجويري سيد علي (المعروف داتا گنج بخش.) ڪشف
المحجوب. مترجم: نعيمي علامه محي الدين مفتي.
لاهور. بابر پبلشرز. ص 543
13.
ايضاً، ص 553
14.
قاضي، آءِ.آءِ. علامه. مقالو: ”علم ادب“. ڪتاب:
ادب، زندگي ۽ سماج. مرتب: هَڪڙو، انور فگار،
ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال
2006ع، ص 54.
15.
ايضاً،
ص 1
16.
ايضاً، ص 7
17.
ايضاً، ص 60
18.
ايضاً، ص 55
19.
ايضاً، ص 7، 8
20.
شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘، ڊاڪٽر. ادب ۽ تنقيد.
شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. جلد ٻيو، سال 2001ع، ص 22
21.
ايضاً،
ص 33
22.
ايضاً،
ص 33
23.
ملڪاڻي، منگهارام،
پروفيسر. مقالو: ادب يا ساهت ڇا آهي. ڪتاب: ادب،
زندگي ۽ سماج.
مرتب: هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ
اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال 2006ع،
ص 23
24.
شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘، ڊاڪٽر. ادب ۽ تنقيد.
شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. جلد ٻيو، سال 2001ع، ص 24
25.
قرآن مجيد. سورت الاعراف، آيت: 172، 173
26.
ايضاً،
سورت: المائدة، آيت 69
27.
قرآن مجيد. سورت: العنکبوت، آيت: 46
28.
ايضاً،
آيت 82. 83
29.
ايضاً،
سورت: الانفال، آيت 24
30.
شيخ، اياز. تون ڇپر تون ڇانوَ. حيدرآباد، سنڌ
نيشنل اڪيڊمي
ٽرسٽ. ڇاپو پهريون، سال 1995ع، ص 84، 85، 86
31.
ملاح، احمد، مولوي. نورالقرآن. سورت: يآسين،
آيت 20، 21، 22، 23، 24، 25، 26، 27
32.
قرآن مجيد. سورت: يآسين. آيت: 25، 26، 27
33.
ٽئگور، رابيندر ناٿ. مقالو: ادب جو ڪم. ترجمو:
جهامنداس ڊي. ڀاٽيا. ڪتاب: ادب، زندگي ۽
سماج.
مرتب: هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ
اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال 2006ع،
ص 29
34.
بروهي، اي.ڪي. ادب ڇا آهي؟. مترجم: سراج الحق
ميمڻ. ڪتاب: ادب، زندگي ۽ سماج.
مرتب: هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ
اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال 2006ع
ص 19، 20
35.
برڪت علي، آزاد. مقالو: ادب ۽ زندگي. ڪتاب:
ادب، زندگي ۽ سماج.
مرتب: هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ
اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال 2006ع،
ص 70
36.
منگهار رام ملڪاڻي،
پروفيسر. مقالو: ادب يا ساهت ڇا آهي؟. ڪتاب: ادب،
زندگي ۽ سماج.
مرتب: هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ
اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال 2006ع، ص.21
37.
ٽئگور، رابيندر ناٿ. مقالو: ادب جو ڪم. ترجمو:
جهامنداس ڊي. ڀاٽيا. ڪتاب: ادب، زندگي ۽
سماج.
مرتب: هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ
اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال 2006ع،
ص
29
38.
بروهي، اي.ڪي. ادب ڇا آهي؟. مترجم: سراج الحق
ميمڻ. ڪتاب: ادب، زندگي ۽ سماج.
مرتب: هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر. شڪارپور: مهراڻ
اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، سال 2006ع
ص 18-19
39.
شيخ محمد ابراهيم
’خليل‘، ڊاڪٽر. ادب ۽ تنقيد. شڪارپور: مهراڻ
اڪيڊمي. جلد ٻيو، سال 2001ع، ص 19-20 |