اسحاق راهي
غزل
دل جي دردن سان، دوستي آهي!
هيءَ به ڪيڏي نه، دل لڳي آهي!
توکي ڳولي لڌو، مون سجدن ۾،
شان واري ٿي، بندگي آهي.
عشق حضرت جو، ٿيو ڪرم آهي،
دل جي دنيا ۾، روشني آهي.
چنڊ ڀي چاهه ۾، چريو ٿي پيو،
تو ۾ ڪيڏي نه، دلڪشي آهي.
ڪيڏي آتي آ، تنهنجي ڪان دلبر،
ڪيڏي تولاءِ، دل چري آهي.
جيڪا موهي، هزار دليون ٿي،
واهه! صورت ٿي، سانوري آهي.
ساري دنيا کي، آهي دنيا جي،
مون کي تنهنجي، لڳي پئي آهي.
توکي بنهه، هجي مسلماني،
منهنجي حصي ۾، ڪافري آهي.
دل ته ڇا ساهه، ڀي ڪيان صدقو،
ڳالهه ڪهڙي، ڀلا وڏي آهي.
دل گهري ٿو ته، ڏيئي ٿو ڇڏيان،
بيوسي آيا، سادگي آهي.
هن نگاهن کان، جيئن پياريو آ،
ترڪ مون کان ٿي، ميڪشي آهي.
مان غمن ۾ به، خوش گذاريان ٿو،
منهنجي ڪهڙي نه، زندگي آهي.
تون ته خوابن ۾ ڀي، اچين ئي نٿو،
تولئه ”راهي“ ٿيو، اجنبي آهي.
غزل
ڳوڙهن جا ڪيڏا مينهن، وسائي ڇڏيا اٿم!
دل جي زمين تي رنگ، رچائي ڇڏيا اٿم!
ڪهڙا عجيب رنگ، رچائي ڇڏيا اٿم،
ميلا محبتن جا، مچائي ڇڏيا اٿم.
لڙڪن جا آيا قافلا ڪيڏا قطارجي،
پوئي ڳچيءَ ۾ هار، سي پائي ڇڏيا اٿم.
ٽهڪن تي ٽهڪ ڏئي ٿو، غمن کان وٺان نجات،
مرڪن ۾ پنهنجا لڙڪ، لڪائي ڇڏيا اٿم.
اکڙين سان تنهنجا نقشِ قدم، مون چمي ڇڏيا،
چپڙن کان تنهنجا پير، چمائي ڇڏيا اٿم.
تنهنجو حصول ڄڻ ٿيو، ته الله جو حصول،
ڪيڏا نه پيارا قرب، ڪمائي ڇڏيا اٿم.
مون ڏي ڏسو هو، پاڻ ٿو دلبر هلي اچي،
راهن ۾ ان لئه نيڻ، وڇائي ڇڏيا اٿم.
هوش و حواس هاڻي، مان ڳولي نٿو سگهان،
پنهنجي هٿن سان پاڻ، وڃائي ڇڏيا اٿم.
ديدار مان اڃان ٻئي، ڍاپن نٿيون اکيون،
نيڻن سان ان جي، نيڻ ملائي ڇڏيا اٿم.
جيئن هو ٿيو آ سامهون، ويا هوش ٿي خطا،
پنهنجا نماڻا نيڻ جُهڪائي ڇڏيا اٿم.
سڀ حسرتون ۽ رنج و بلا، تنهنجي پيار جا،
مهمان سمجهي دل ۾، ٽڪائي ڇڏيا اٿم.
دل جا سڀئي سور، اچي سامهون ٿيا،
سڀ سور دل ۾، ”راهي“ دٻائي ڇڏيا اٿم.
ادل سومرو
سنڌ
(نثري نظم)
سنڌُ، هڪ عقيدو به آهي،
جنهن جي گيڙو- رتي ڇانوَ ۾
ڌرم، ذات، ڪُڙم، قبيلي
ٻوليءَ يا نسل جي بنياد تي
ڪنهن سان به نفرت ناهي.
سنڌُ، هڪ دل به آهي
جنهن جي نس نس ۾
سنڌو درياهه جو پاڻي
گردش ڪري ٿو
جنهن ڪري اسين زندهه آهيون.
سنڌُ، هڪ مقدس ڪتاب به آهي
جنهن جي هر صفحي تان
سورج اُڀري ٿو
۽ اُنهيءَ روشنيءَ ۾ اسين
زندگيءَ جي سفر ۾
اڳتي وڌون ٿا.
سنڌُ، هڪ ويساهه به آهي
۽ انهيءَ ويساهه ۾
اسان جو ساهُه آهي
جيئڻ جو اُتساهُه آهي
سنڌُ، هڪ درد به آهي
جيڪو اسان جي سگهه آهي
۽ اُهو اسان کي
آئيندي جي خوشيءَ جو
رستو ٻُڌائي ٿو.
سنڌُ، هڪ ماءُ به آهي
جنهن جي اکين جا لُڙڪ
ڪڏهن به سُڪا ناهن
اُنهيءَ ماءُ جي ٻولي
لولي ۽ جهولي
اسان لاءِ پناهه گاهه آهي.
ڪاري
پائي اجرڪُ هوءَ ويچاري
پڙهي قرآنُ پئي گهرَ ۾
ڪُهاڙي ڏُور کان اُڏري
ڪري وئي ڌار سِرُهُن جو
ويو قُرآن ٿي ڳاڙهو.
سڄي ويو ڳوٺَ ۾ هُلُ ٿي
حاجي جي ڌيءُ هئي ڪاري.
وائي
هيڏيون ساريون محبتون،
ويندين ائين ڇڏي،
سوچ اڃا جئرام تون.
اِئين ڪو لُقمان مان،
ويو ڪين لڏي،
سوچ اڃا جئرام تون.
ويندين سارا دوست هي،
گوندر منجهه گڏي،
سوچ اڃا جئرام تون.
گونگي هن گجرات ۾،
توکي ڪير سڏي!؟
سوچ اڃا جئرام تون.
رهنداسين هن ديس ۾،
پنهنجا خواب اڏي،
سوچ اڃا جئرام تون.
(پنهنجي دوست جئرامداس جي هندستان لڏي وڃڻ جي
ارادي تي لکيل)
سعيد ميمڻ
غزل
جَڳَ مان رُٺو اچان ٿو، تون اُن ۾ جالجان،
هاڻي وڃي اسان جو، سڀ ڪجهه سنڀالجان.
بي صورتيءَ جي حالت، هاڻي ته ڪر ختم،
پَٽ تي پيو هان پَرِٽيو، قالبَ ۾ ڍالجان.
چاپُڙَ ڏسان ٿو ڪِرندي، ڪاوڙ اچي ايڏي،
دل ٿي چوي کڻي گهر، اُڀ ڏي اُڇالجان.
فوٽو سعيد جو ڪٿ، کائي پَئِي اُڏوهي،
اڄ پنهنجي دل- دريءَ جي، ڪُنڊ ڪُنڊ ڪنگهالجان.
غزل
هاڻي نه هي گلن جي، چادر رکي وڃو،
ٽي
چار بس قبر تي، پٿر رکي وڃو.
هر روز هينئن جهڙالو، هوندو نه آ صبح،
جلدي نه هَٿُ ڇڏائي، گهاگهر رکي وڃو.
نيڻن اڳيان وڇوڙو، واريءَ تي آ وِڇيل،
ميلاپ جا اکين ۾، منظر رکي ڇڏيو.
اڄ دل لکڻ گهري ٿي، مَنَ جي سڄي ڪَٿا،
هڪ رازدان پين ۽، ڪاڳر رکي وڃو.
هر هر گهرن ٿا خرچي، مان تنگ ٿي ٿيان،
ٻارن جي لاءِ سائين، ڪجهه گهر رکي وڃو.
حيلا ڪيا حياتيءَ، تبديل ڪجهه نه ٿيو!
اڄ حالتون هٿن ۾، خنجر رکي وڃو.
غزل
سگريٽ جي ڪش سان، اهي عڪس ڇو اُڏاڻا؟
آيا تَري اکين ۾، وارن سندا وراڻا.
اُجلا ته ڪيتلا هِن، تالا اَبُو! تئي تي“،
ٻچڙي جا ٻول آهن، مون کان به شاعراڻا.
سڀني پکين جي آڏو، مان شرمسار آهيان،
خالي سڀئي دٻا هن، تن کي ڏيان ڇا داڻا؟
مون سان اچي اڱڻ ۾، پَکين ڪئي ڪچهري،
نيري وسيع اُڀ ڏي، ها پوءِ سڀ اُڏاڻا.
سُندري سَنان جي لئه، ويئي آ وارَ کولي،
ڇاتيءَ مٿان هي ڳاڙها، بيٺي ڳڻي ٿي داڻا.
غزل
هي ڇنڊيو جت اسان، پنهنجو دامن سَکي!
موتي شعرن جا، ميڙيا زمانن سَکي!
جان آجي ڏکن مان، ائين ڪن سَکي!
سنڌ وارن کي دَڳ ٿو، ڏسي سَن سَکي!
تنهنجي وارن جي، خوشبوءِ ڄاتو پئي،
تو چَڳن ۾ ڳنڌيا، ڪيترا مَن سَکي؟
بيتَ ڳايا فقيرن تي، ڀٽ شاهه تي،
رات ساري، ٻڌا پئي، ستارن سَکي!
جي اوهان لئه اکين ۾، ڏيئا پئي ٻَريا،
آءُ هاڻي اِجهو ٿا، اُجهامن سَکي!
ڪيئي سرمست پنهنجي، پٺيان پئي هليا،
شاهه سان پير، ڪنهن جا نه پهچن سَکي!
نظم
ازل جي پيرَ ۾ پاتل
هُيا جي پيار جا گنگهرو
اُهي تاريخ جي پَٽ تي
پَلن جي روپ ۾ پِيا هِن
وتي ٿو وقت ميڙيندو.
اختر درگاهي
غزل
جيڪو تُنهنجي اکين سان، پيار ڪندو،
ٻن جهانن تي، اعتبار ڪندو.
تنهنجو خاصو خُمار، او سائين،
مست رندن کي، هوشيار ڪندو.
تنهنجو مرڪڻ ڏسڻ، ۽ ڳالهائڻ،
پيار وارن کي، گرفتار ڪندو.
يار چوڏهينءَ جي رات، تنهنجو اچڻ،
چنڊ، تارن کي، شرمسار ڪندو.
منهنجي مظلوم ديس، جا راڳي!
سازُ تنهنجو ته، بيقرار ڪندو.
پيار مان ڀَر ۾، ويهارڻ تنهنجو،
سچ ته ’اختر‘ کي، گرفتار ڪندو.
غزل
باغ ۾ گُل ڦُٽڻ جي، مُند آئي،
توسان ڳالهيون ڪرڻ جي، مُند آئي.
مان فدا تي وڃان، فدا ٿيندو،
هاڻ تنهنجي رُسڻ جي، مُند آئي.
ڪا چڱائي چوڻ، اجائي آ،
سڀ کي سائين چوڻ جي، مُند آئي.
ڪوئي عيسيٰ، ڪوئي منصور هجي،
هاڻ ڦاهي چڙهڻ جي مُند آئي.
سڀئي رهبر وڃن، وڪاميو ٿا،
سنڌ! توتي مرڻ جي، مُند آئي.
غزل
تُنهنجي دل تان، لهي ويا آهيون،
ڄڻ مٽيءَ ۾، ملي ويا آهيون.
تون اُهو ڪين، رهيو آن ساڳيو،
تنهنجو چهرو، پڙهي ويا آهيون.
روح تو وٽ ڇڏي، ۽ جسم کڻي،
تنهنجي در تان، اُٿي ويا آهيون.
بيرُخي تنهنجي، بس قيامت آ،
هونئن ته هر غم، سهي ويا آهيون.
دسمنن سان به، ٿي سڃاڻپ وئي،
دوستن کي، ڏسي ويا آهيون.
غزل
سامهون دهشت جو درياهه،
جيون مَڪڙي، مان ملاح.
سچ جي سوڀ ئي، ٿيڻي آهي،
سنڌ سڄي، مون لئه ويساهه.
ڪنهن لئه هر، پل عيد مثل،
ڪنهن لئه هر، پل محرم ماهه.
درد جو ڪوئي، انت نه آهي،
جيڏي ڌرتي، تيڏو گهاءُ.
عاشق ابراهيم، ٿي آيو،
لوڪ سڄو ٿي، ويو آڙاهه.
مير محمد پيرزادو
گيت
روپ جا جلوا جهٽڻ جي، مشق آ لفظن ڪَئي،
ڪيتري سا سُود مند ٿي، ڪيتري بيسود وئي!
خيال تنهنجو گل گلابي، سوچ ڄڻ سورج مُکي،
ماڪ موهيڙن مٿان، موتين جيان دل کي کُکي،
مرڪ سان مهڪي چِٽا، ٿيا چُگهه ڳلن جا ائين ٻئي،
ڄڻ ته صوفن جي وڻن مان، آ ٽُٽي جوڙي پئي!
وار گهاٽا، ٻوهه ڪارا، ڄڻ گُهنڊيون ٺاهن ڇلا،
نيڻ هرڻيءَ ڇِرڪيل جيان، ڪرت ۾ ڄڻ ڪاڪلا،
اڻ چئي ڪا ڳالهه آهي، نظر هڪ سان تو چئي،
جنهن پڄاڻا جان هيءَ، آهي هٿن مان ڄڻ وئي.
سارنگي ٿي ٻول ٻولي، راز ڪئي کولي ڇڏي،
چاهه جي ڪا چڻنگ چولي ۾، تڦولي پئي گڏي،
ڏُور هوندي، ڏور ناهي، من اندر ٻولي پَئي،
جي نه اڳ سليا ڪهين سي، راز نِتُ کولي پَئي.
ٿي هوا جهوٽو سگهي ٿي، ڏکڻ جي ڏوليءَ اندر،
ماءُ جي هنج جيان مِٺي لوليءَ، سنديءَ ٻوليءَ
اندر،
جيل جي کوليءَ اندر جا، چِنڊ کِڙي قيديءَ کي چئي،
ڳالهه سائي تو بنا، ساوڻ منهنجي ڪن ۾ ڪئي!
جيئن ويو هو مينهن اوڪاڻي، ته انڊلٺ ٿي پئينءَ،
يا اُٺي جي هير ۾ ئي، جذب ٿي پوري وَئينءَ،
يا ڪنگو ٽاريءَ سان گڏ، لڏندڙ لڳين ٿي پيئي لَئي،
يا انهيءَ ئي ڌُنَ مٿان، آ سُرِ مَنڊَل وائي چئي!
گيت
ڪَڙيءَ اِنهيءَ تي جوڀن تنهنجو آهه رسيو جو توکي،
بلڪل ناهي اونَ،
- ته ڪنهن جي ڪيئن حياتي گُذري!
واٽون واجهائيندي ٿڪيس، توريءَ خوابن سان ئي ٻکيس،
چاهت چيتاري ڪکيس، دل کي آٿت ڏيئي رکيس،
ويل اچڻ جي يار! گُسي وَئي، پاڻ پڇاڙيان آءٌ
رڳوئي.
تون ٿو ڄاڻي ڇو نه،
- ته منهنجي ڪيئن حياتي گذري!
•
آءٌ گهڙي ۾ پاڻي اوتي، ڳوڙهو گهرو سوچيان توتي،
باهه ڏئي هن ساڙيان بوتي، جونه قبوليئي ڌوتي پوتي،
ساهه لڪيءَ ۾ جان تي سڪتو، سُنُ ٿي جيءُ بدن ۾ آ
ويو،
ڪهڪاءُ پيو ٿي ڪونه،
- ته منهنجي ڪيئن حياتي گذري!
گوڙ گگن ۾ رعد ڪري ٿو، وَسَ وَڏيءَ سان تَسَ ڀري
ٿو،
وڻن گلن جو هانءُ ٺري ٿو، چاهه ٿڌا ڪي ساهه ڀري
ٿو،
هوڪا پيا جي اوسي پاسي، پيار ونڊيندي مکڙي ڀاسي،
مون وٽ آهي هو نه،
- ته منهنجي ڪيئن حياتي گُذري!
•
ڇو نه انهيءَ کان پاڻُ جلائي، گهات ڪجي هن جيءَ کي
گهائي،
هاڻي هُونءَ به رهيو ڇاهي!؟ ڇو نه لاڳاپا لاهي،
هوندن سان ئي لاڳاپن جو، هوندو آهي رشتو ناتو،
مون کي چئجانءِ پو نه،
- ته منهنجي ڪيئن حياتي گذري! |