گذارش
شاهه مردان
شاهه (ثاني) المعروف پير صاحب پاڳاري جو دکدائڪ
وڇوڙو:
حضرت سيد سڪندر علي شاهه عرف شاهه مردان شاهه
(ثاني) الملقب پير صاحب پاڳارو 83 ورهين جي ڄمار ۾
10- جنوري 2012ع تي لنڊن ۾ وصال ڪري ويو. وصال کان
ڪجهه ڏينهن اڳ کيس ساهه جي تڪليف ٿي پيئي هئي، 26-
ڊسمبر 2011ع تي کيس لنڊن ۾ هڪ مقامي اسپتال
’ولنگٽن‘ ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندس آپريشن به ٿيو
پر انفيڪشن ٿيڻ سبب پير صاحب پاڳاري دم ڌڻيءَ در
حوالي ڪيو، کيس پير ڳوٺ ۾ دفنايو ويو.
پير صاحب پاڳارو 22- آڪٽوبر 1928ع تي سيد صبغت
الله شاهه راشدي (ثاني) المعروف سورهيه بادشاهه جي
گهر ۾ ضلعي خيرپورميرس جي ’پير ڳوٺ‘ ۾ تولد ٿيو.
پاڻ سنڌ جي راشديءَ گهراڻي جي گاديءَ جو ستون نمبر
”پاڳارو“، گادي نشين، حُر جماعت جو روحاني پيشوا،
پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) جو صدر، پاڪستاني سياست
تي حڪمراني ڪندڙ مشهور سياستدان هو. پير صاحب
پاڳاري جو والد سيد صبغت الله شاهه راشدي (ثاني)
المعروف حضرت سورهيه بادشاهه تحريڪ آزاديءَ جو روح
روان اڳواڻ ٿي گذريو، جنهن انگريز سرڪار خلاف کُلم
کلا بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي حُر جماعت جوڙي.
انهيءَ جماعت انگريز سرڪار تي راتاها هڻي انگريز
سرڪار جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. انگريز حرفت سان
سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري برطانيه موڪلي ڇڏيو،
جتي سورهيه بادشاهه کي 1943ع ۾ ڦاسي ڏني ويئي. ان
وقت پير صاحب پاڳارو چوڏهن (14) سالن جو خوبرو
نوجوان هو. پير صبغت الله شاهه راشدي (ثاني) جي
شهادت کان پوءِ پير صاحب پاڳاري کي پنهنجي ننڍي
ڀاءُ پير نادر شاهه سميت ڪراچيءَ ۾ نظربند رکيو،
بعد ۾ ٻنهي ڀائرن کي تعليم جي بهاني سان برطانيه
موڪليو ويو، جتي کين انگريزي سميت لاطيني ٻولين ۾
تعليم ڏياري وئي. 1952ع ۾ کين وطن واپس آندو ويو ۽
مٿن وڌل پابندي ختم ڪري گادي بحال ڪئي وئي. پير
صاحب پاڳاري جي دستاربندي 4- فيبروري 1952ع تي ٿي
۽ پاڳاري خاندان جو ستون نمبر پاڳارو تسليم ڪيو
ويو، پاڻ سينيٽر ۽ ڪيترائي ڀيرا قومي اسيمبلي جو
ميمبر رهيو. پاڪستان مسلم ليگ جو صدر به رهيو، بعد
۾ اپوزيشن جماعتن جي متحده محاذ جو صدر به ٿيو.
پير صاحب پاڳاري 19- آڪٽوبر 1979ع تي پنهنجي جدا
پارٽي ”پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل“ ٺاهي، جنهن جو
پاڻ صدر مقرر ٿيو، کيس سياست تي مڪمل عبور حاصل
رهيو. پير صاحب سٺو مبصر به هو. مستقبل تي ڪيل
اڳڪٿيون اهميت جون حامل آهن، سندس اڳڪٿيون اڪثر
درست ثابت ٿيون. پير صاحب جي ”حُر جماعت“ جو ڪردار
پاڪستان جي شروعاتي دور ۾ نهايت ڇانيل رهيو. 1965ع
۽ 1971ع وارين پاڪ- ڀارت لڙاين ۾ حُر جماعت دشمن
فوج سان نهايت بهادريءَ سان جنگ ڪري حب الوطنيءَ
جو اعليٰ مثال قائم ڪيو.
پير صاحب پاڳارو سياسي مدبر هئڻ سميت هڪ ذهين ڏاهو
پر سچيت ظريفانه طبعيت رکندڙ سياستدان هو، سندس
گفتگو مختصر پر گهڻو ڪري اشارن ۽ ڪناين تي مشتمل
هوندي هئي ۽ اها به ظريفانه انداز تي آڌاريل هوندي
هئي. پاڻ صحافين ۽ سياسي مبصرن سان ملڪي صورتحال
تي خيالن جي ڏي وٺ دوران فقط ظريفانه نُڪتا
استعمال ڪندو هو، جنهن سان ماڻهو بنهه محظوظ ٿيندا
هئا. پاڻ سڀني سان شفقت ۽ محبت وارو ورتاءُ رکندو
هو. پير صاحب پاڳاري جي لاڏاڻي کان پوءِ ملڪي
سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن جو ڀرجڻ
ڏاڍو مشڪل آهي، پير صاحب پاڳاري کي ٻن گهرن مان
چئن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو.
سنڌي ٻوليءَ جي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر سرڪش
سنڌيءَ جو وڇوڙو:
سنڌي ٻوليءَ جو نامور شاعر سرڪش سنڌي 72 ورهين جي
ڄمار ۾ 5- مارچ 2012ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو. کيس وصيت مطابق سنڌو درياء جي پاڻيءَ سان
غسل ڪرائي لاڙڪاڻي جي علي بحر قبرستان ۾ دفنايو
ويو. مرحوم گذريل يارهن (11) سالن کان ڪينسر جهڙي
موذي مرض سان جهيڙي رهيو هو. سرڪش سنڌي اصل نالو
عبدالمجيد چانڊيو، 1- آڪٽوبر 1940ع تي مولانا
عبدالله ”عبد“ چانڊيو جي گهر ۾ ڳوٺ پليپوٽا لڳ
سيتا، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. سرڪش، سنڌي، فارسي ۽
عربي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان حاصل ڪئي،
جيڪو پنهنجي دور ۾ هڪ وڏو ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل عالم
هو. سرڪش سنڌي پيشي جي لحاظ کان استاد هو. 1961ع ۾
پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ 13 سال خدمتون ڏنائين،
ان کان پوءِ هو انگريزي استاد مقرر ٿيو ۽ اتي به
13 سال خدمتون ڏيئي 1987ع ۾ رٽائر ڪيائين.
سرڪش سنڌي، سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ شاعر هو. سندس
شاعراڻي ٻولي ۽ لهجو منفرد هو. هو مزاحمتي ۽
انقلابي شاعر هو. سندس شاعريءَ جو محور سنڌ ۽ سنڌي
ماڻهو هئا. پيار ۽ مزاحمت ۾ نهايت ئي کڙو تڙو هو.
هو مخصوص طبعيت ۽ سڀاء رکندڙ شاعر هو. متضاد شخصيت
هوندي به هو دل ۽ ڌرتيءَ جو شاعر تسليم ڪيو ويندو
هو. هن ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ کي خوب ڳاتو. سرڪش سنڌيءَ
جا ڇپيل ڪتاب 11 کان وڌيڪ آهن. سرڪش سنڌيءَ جو
وڇوڙو سنڌي شاعريءَ جو وڏو نقصان آهي ۽ ان جي
تلافي ڪرڻ مشڪل آهي. سندس لاڏاڻي کان پوءِ انقلاب
۽ مزاحمتي شاعريءَ جو هڪ باب بند ٿي ويو. سندس
وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ٽن ڏينهن جي
سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.
سينيئر ليکڪا نسيم ٿيٻو جو لاڏاڻو:
سنڌي ادب جي سينيئر ليکڪا ۽ دانشور نسيم ٿيٻو ڪجهه
عرصو بيمار رهڻ بعد 19- مارچ 2012ع تي 64 ورهين جي
ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. موصوفه جو تعلق سنڌ جي
علمي شهر شڪارپور جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان
هو. مرحومه 1- اپريل 1948ع تي اهلِ علم ۽ سماجي
شخصيت عبدالباقي ٿيٻو جي گهر ۾ اک کولي. سندس
والده ماجده شڪارپور جي ناليور اديبا ’بيگم بادام
ناتوان‘ هئي. جنهن”خوش خصلت خاتون“ جهڙو هڪ آدرشي
ڪتاب لکي، ادبي ميدان ۾ مڃتا حاصل ڪئي. نسيم ٿيٻو
ملڪ جي ممتاز سياستدان رسول بخش پليجي جي گهر واري
هئي، پليجي صاحب سان 1968ع ۾ سندس شادي ٿي، جنهن
مان کيس تانيا ۽ انيتا نالي ٻه نياڻيون پيدا ٿيون،
جي ٻئي ادبي کيتر ۾ پڻ ڄاتل سڃاتل ليکڪائون آهن.
ميدم نسيم ٿيٻو پيشي جي حوالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ اقتصاديات شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي رهي
۽ 2000ع ۾ رٽائر ورتي.
ميڊم نسيم ٿيٻو، سنڌي ادب جي سينيئر ليکڪا هئي،
خاص ڪري ڪهاڻيءَ ۾ کيس مخصوص سڃاڻپ ۽ حيثيت حاصل
هئي. مرحومه 80-70 وارن ڏهاڪن ۾ تمام سٺيون ۽
ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون لکي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. موصوفه
اٽڪل 25 ڪهاڻيون لکيون. 80 واري ڏهاڪي کان پوءِ
محترمه آهستي آهستي لکڻ گهٽائي ڇڏيو. رٽائرمينٽ
کان پوءِ هن ڪراچيءَ ۾ سچل ڳوٺ واري علائقي ۾
رهائش اختيار ڪئي. ميڊم نسيم ٿيٻو جون ادبي خدمتون
وسيع آهن. مرحومه جي وفات کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾
هڪ خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڀرجڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
سنڌي ادب ۾ اُڀرندڙ نوجوان ڪهاڻيڪاره جيجي سنڌيا
شاهه جو لاڏاڻو:
سنڌي ادب ۾ اُڀرندڙ حساس ڪهاڻيڪاره جيجي سنڌيا
شاهه 37 ورهين جي ڄمار ۾ 7- مارچ 2012ع تي دم
ڌڻيءَ در حوالي ڪيو. مرحومه ڪافي عرصي کان السر جي
مرض ۾ مبتلا هئي. مرحومه وفات دوران وارثن کي وصيت
ڪئي هئي ته سندس ذاتي لائبريريءَ جا ڪتاب،
سنڌالاجيءَ ۾ سندس نالي تي هڪ ڪارنر جوڙي اُن ۾
رکيا وڃن.
جيجي سنڌيا شاهه 24- مئي 1975ع تي ڪوٽڙي ڪبير جي
هڪ معزز شهري سيد سچل شاهه جي گهر ۾ اک کولي. جيجي
سنڌيا شاهه جو اصل نالو ساجده هو، پر ادب ۾ هن
’سنڌيا شاهه‘ جي نالي سان لکيو. وفات کان ڪجهه وقت
اڳ هن پنهنجي نالي جي اڳيان لفظ ’جيجي‘ جو اضافو
آندو. موصوفه جي ادب ۾ سڃاڻپ هڪ سٺي ڪهاڻيڪاره طور
هئي. مرحومه 80 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون، سندس
پهرين لکڻي ماهوار ”ڪينجهر“ رسالي ۾ ڇپي. ان کان
پوءِ ٻين رسالن ’ادب‘، ’پرک‘، ’هالار‘، ’عبرت
مئگزين‘، ’سرتيون‘ ۽ آخر ۾ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ لکندي
رهي. جيجي سنڌيا شاهه شاعري به ڪئي. شاعريءَ ۾
نثري نظم ۽ آزاد نظم به لکيا پر سندس نثري نظم
بيحد پسند ڪيا ويا. مرحومه هڪ ناوليٽ به لکيو جيڪو
ڪنهن رسالي ۾ قسطوار ڇپيو.
جيجي سنڌيا شاهه بنفس نفيس هڪ پرديدار خاتون هئي،
ادبي ميڙاڪن ۽ مشاعرن ۾ نه ويندي هئي، پر هن جيڪو
ڪجهه لکيو، اهو گهر اندر لکيو. موصوفه جي طبعيت
تمام حساس هئي. اهڙو حساس پڻو سندس لکيل ڪهاڻين ۾
به جابجا نظر ايندو. محترمه ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي
علائقي جي لاوارث ۽ بيواهه عورتن جي مالي سهائتا
لاءِ هنري سکيا جو هڪ ثقافتي ادارو کولڻ لاءِ
ڪوششون وٺي رهي هئي پر موت کيس مهلت نه ڏني ۽
پنهنجي آغوش ۾ کڻي ورتو. موصوفه سنڌ جي وحدت ۾
ايمان رکندڙ هئي، سندس انسيت جي حد اها هئي جو هن
پاڻ تي ’سنڌيا شاهه‘ نالو رکيو.
دين محمد ڪلهوڙو
ايڊيٽر ”مهراڻ“
سنڌ مُنهنجي امان!
سنڌ مُنهنجي امان، سونهن تُنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هن ڪنڌي تي ڪُڏيو جو ابهم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين- ٺار آ،
هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
ان جي ٻولي ۽ لولي تان صدقي وڃان.
تُنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تُنهنجي لالڻ لَيين کي به چندن چوان،
شال تُنهنجي ئي ڪُکِ مان پيو هر هر ڄمان،
کير تنهنجو پيان، وير تُنهنجو وٺان.
هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
هو سنڌو سُڪي ڪيئن جا سڪڻي نه آ،
ڪر کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان،
ٿر جي ٿوهر مٿان جهنگ جهر تي لکان.
مينهن جي بوند تي سائي سر تي لکان،
ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي، هر تي لکان،
تنهنجو نالو وٺي توتي لکندو رهان.
هوءَ جا ”بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي،
اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
- تاجل بيوس
شيخ اياز
غزل
هيءَ سَئن نه ڏيندي چَئن، اُٿي ڏس، ڪوئي آيو آ
پيارا!
هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا.
جنهن وقت چراغ شام ٻري، ۽ ميخاني ۾ جام ٻري،
تنهن وقت اسان جو پنڌ پري، پنهنجو به پرايو آ
پيارا.
جنهن وقت اسان جي تند تپي، ۽ ساز ٽپي آواز جهپي،
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو ڳايو آ پيارا!
ڏس ڏس، ماڻهوءَ جي مٽيءَ کي، مون ڳوڙهي ڳوڙهي سان
ڳوهي،
ڪهڙو نه لَسايو آ پيارا، ڇا جام بڻايو آ پيارا!
ڪنهن ڪاريءَ چَڳ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي
باک ڦُٽي،
اينءَ وقت ڪَٽيو، اينءَ عمر لُٽي، سڀ سانگ سجايو آ
پيارا!
آ چوڌاري مهراڻ متو، جنهن جو نه پهي، جنهن جو نه
پتو،
هي روح جزيرو حيرت جو، جنهن منجهه سمايو آ پيارا.
ڪنهن ڪونه ڏٺو، ڪنهن ڪونه ڏٺو، ڪنهن ڪنهن کي
ڪاريءَ رات ڪُٺو،
جنهن لاءِ ستارن ساهه ڏنو، هي صبح سوايو آ پيارا!
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي
وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ
پيارا!
عنايت بلوچ
’مان گيدي هان‘
(نظم)
مون وقت جي ديوَ کي ٽاريو.
۽ پنهنجو مطلب تاريو.
مان جڳ مشهور لٻاڙي- مان خوب ٻٽاڪي، ڊاڙي.
مان هيڻو بزدل ڀاڙي- ٿي منهنجي خوار پڇاڙي.
ڇو لڌم اهڙيون لاوان.
ٿو در در ڌِڪا کاوان.
مان دولهه دودو ناهيان- پيو تن جي پَت وڃايان.
پر ڪين ذرا شرمايان- مان بي لَڄ اهڙو آهيان.
مون ننگ نه پنهنجو ڄاتو.
پيڙهين کي ٽِڪو لاتو.
مان پير فقير سڏايان- ۽ خلق جي اوڏو آهيان.
پر وقت تي ويجهو ناهيان- ڪُنڊ پاسي پاڻ لڪايان
هي ڪوڙو شان مهانگو.
پارائي گلا جو گانگهو.
مان مرشد، رهبر هادي- مان نَرُ، ٿيس پر مادي.
ڪم منهنجو ڪرڻ بربادي- ٿي ساري جڳ سان تعدي.
سڀ ماروئڙا وئلن ۾.
مان ايئرڪنڊيشن ۾.
هر دؤر سان منهنجي ياري- مان طاقت جو پوڄاري.
مان چمچن جو واپاري- ٿئي منهنجي ناماچاري.
مان سنڌ سان سچو ناهيان.
ٿو وقت سان نينهن نڀايان.
مان ناهيان هرگز ننگو- مان ڌوڪيباز دورنگو.
مان مطلب وارو لنگهو- مان سانڊو هان سترنگو.
منهنجي زور جي آڏو زاري.
آ زاري سؤ سؤ واري.
مان بَبر شير ته ناهيان- جو زور سان سينو ساهيان.
۽ ڪوڙ جا ڪوٽ ڪنبايان- مان ناهيان ڪجهه ڀي ناهيان.
مان گِدڙ آهيان گيدي.
مان ناهيان هوشو شيدي.
مون ماضيءَ کي دفنايو- ننگ ۽ ناموس وڃايو.
مون غيرت کي به گنوايو- ڪجهه پوءِ به هٿ نه آيو.
ڇو پاڻ کي ڪين سڃاتم.
ڇو منهن ۾ ڇائي پاتم.
اڳ ڪين هُيس ڪانيارو- پر هوس سدا سوڀارو.
هو هر جا منهنجو نعرو- هو ٻين کي ڳچيءَ ۾ ڳارو.
مون ڪنهن جي ڪئي نه غلامي.
هو سڀڪو منهنجو سلامي.
من هاڻي هوش سنڀاليان- ٿي اڻ جهل جبرو جاليان.
پَرمار پليد نه پاليان- ڪي پاڻ سان ڀال ته ڀاليان.
من مون ۾ سمجهه اچي ڪا.
شل مَن ۾ مؤج مچي ڪا.
جي دل ۾ جذبو آهي- ويو وقت ”عنايت“ ناهي.
پئو ڪاهي لاهي پاهي- پوءِ منزل ماڻڻ ڇاهي.
پڪ ڄاڻ ”اَمڙ“ خوش ٿيندي.
نه ته ٿَڃُ نه سا بخشيندي. |