ڊاڪٽر ڊيوڊ چيزمن
مترجم: مجيب الرحمان آگرو
غلام رباني آگرو- يادگيريون
ڊاڪٽر ڊيوڊ چيزمن يونيورسٽي آف لنڊن
'school of oriental and African studies'
مان 1980ع ۾
PH.D
حاصل ڪئي.
هن جي ٿيسز جو عنوان هو:
"Rural power and rural indebtedness in
solonial sind in late nineteenth century
1865-1901"
هن مختلف مضمون ۽ هڪ ڪتاب
"Land lord power and rural indebtedness
in colony sind, 1865-1901 (1997).
شايع ٿيو. ان کان علاوه آفريقا ۾ نو
آبادياتي ۽ برطانيه ۾ مسلمان ۽ سيولر ازم
جو اثر برطانيه ۽ فرانس ۾ اثر پيو آهي.
"Policy, Research and Statistics at the
housing corporation, govt.. of England."
جي 2006ع تائين هن سربراهي ڪئي.
"Equality in diversity, management in
training consulting firm UK.."
ان کان علاوه هو
"Royal Statistical Society"
2006-2010 تائين هو. (مترجم)
"University of Sheffield Hall am"
جو
|
غلام آگري جي وفات پاڪستان جي ثقافتي ۽ علمي
زندگيءَ ۽ خاص طور تي هن جي اباڻي صوبي سنڌ لاءِ
وڏو نقصان آهي. هو هڪ عزت وارو ليکڪ ۽ اسڪالر هو.
هن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ خوب لکيو. سنڌ جي
سماجي زندگيءَ تي لکيل سندس ڪهاڻين جو مجموعو پڻ
شايع ٿيو.
هن سنڌ جي پيرن ۽ صوفين تي لکيو اهو ڪتاب پڻ شايع
ٿيو. ان کان علاوه اسلامي تاريخ متعلق ۽ پاڪستان
جي وجود ۾ اچڻ بابت هن مضمون لکيا. هو اڪامي
اديبات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ پوءِ چيئرمن به
رهيو. ان کان علاوه هو ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن
جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر رهيو. مثلاً: قائد
اعظم اڪادمي ڪراچي، اقبال اڪادمي لاهور، انسٽيٽيوٽ
آف اسلامڪ ڪلچر لاهور ۽ اردو ڊڪشنري بورڊ ڪراچي
وغيره. هن ايران، چين، بنگلاديش ۽ انڊيا ۾
پاڪستاني وفدن جي سربراهي ڪئي. صدر پاڪستان هن کي
ٻه دفعا ايوارڊن سان نوازيو، 1986ع ۾ تمغه امتياز
۽ نوشهروفيروز مدرسه هاءِ اسڪول جي صد ساله تقريب
۾ کيس شيلڊ ڏني وئي. غلام رباني آگرو پنهنجي زندگي
جا 50 سال سنڌي ادبي بورڊ کي ارپيا ۽ ان علمي
اداري تي پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا. هو سنڌي ادبي
بورڊ جي ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو نگران ايڊيٽر به رهيو.
هو 1957ع ۾ ادبي بورڊ ۾ بطور سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽
بعد ۾ چيئرمن به ٿيو. هن پنهنجي تحريرن ذريعي ۽
بطور سنڌي ادبي بورڊ جي سرواڻ جي حيثيت ۾ سنڌ جي
علمي ۽ ادبي زندگيءَ تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن.
غلام رباني آگرو هڪ بافخر پاڪستاني شهري هو پر هن
پنهنجي اصلوڪي ڳوٺاڻي زندگيءَ کي ڪڏهن به نه
وساريو. غلام رباني آگرو ڪنڊياري جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾
ڄائو. هن کي سنڌ جي روح جي اصل ڄاڻ هئي اسان ٻئي
77-1976ع ۾ هڪٻئي سان ملياسي. مان يونيورسٽي آف
لنڊن طرفان سنڌ جي تاريخ تي
PH.D
ڪري رهيو هئس. مان جڏهن هن سان مليس ته هو سنڌ
يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو هو. هن
مون کي يونيورسٽيءَ جي لائبريري تائين رسائي ڏياري
۽ ان کان علاوه هن مون کي مختلف اسڪالرن سان پڻ
ملايو.
يونيورسٽي جي لائبريريءَ کان وڌيڪ ڪارائتو منهنجو
رباني صاحب سان سندس گهرجي باغيچي ۾ تارن جي ڇانون
۾ رات دير تائين گفتگو ڪرڻ هو. اسان سنڌ، سنڌي
ماڻهن ۽ پاڪستان جي رياست سميت دنيا تي گفتگو ڪندا
هئاسين. 1970ع جي وچ وارو دؤر دنيا لاءِ هڪ آزمائش
وارو دؤر هو. خاص طور تي ڏکڻ ايشيا لاءِ بنگلاديش
۾ 1975ع ۾ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ سندن خاندان جو قتل
عام ٿيو هو ۽ ان کان پوءِ فوجي بغاوت جي نتيجي ۾
ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ٿيو هو. سخت گير اندرا گانڌي
پارليمينٽ معطل ڪئي هئي ۽ ملڪ مٿان ايمرجنسيءَ جي
ذريعي حڪومت ڪري رهي هئي ۽ پنهنجي پٽ سنجي گانڌي
کي کليل ڇوٽ ڏني هئي ته هو آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ
وارا اُپاءَ، سختيءَ سان نافذ ڪري. 1971ع واري
حادثي کان پوءِ پاڪستان هڪ مضبوط جمهوري ملڪ طور
اڀري آيو. انهيءَ دوران آگسٽ 1976ع ۾ مان پاڪستان
پهتس. مون کي ياد آهي ته جڏهن آمريڪي صحافي، جناب
ذوالفقار علي ڀُٽي کان سوال ڪيو ته: ”دنيا پاڪستان
کي نظر انداز ڪري رهي آهي.“ جواب ۾ هن چيو ته:
”اهو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي، ته ملڪ ترقي ڪري
رهيو آهي. انهيءَ ڪري جو مغربي ميڊيا صرف انهن
ترقي پذير ملڪن تي توجهه ڏيندي آهي، جنهن ملڪن ته
ڪانه ڪا مصيبت آئي هجي.“ هو صحيح هو. پاڪستان
فيبروري 1977ع جي اليڪشن کان پوءِ وري دنيا جي
نظرن جو مرڪز ٿيو. ان کان پوءِ اليڪشن ۾ ڌانڌليءَ
جا الزام لڳا ۽ ڀٽو حڪومت خلاف عوامي تحريڪ شروع
ٿي. جولا 1977ع ۾ جنرل ضياء الحق فوجي بغاوت ڪئي ۽
پاڪستان مارشل لا جي هيٺ آيو ۽ افسوس جو هو
هندوستان ۽ بنگلاديش جي انهيءَ صف ۾ شامل ٿي ويو
جتي جمهوريت معطل هئي.
سياسي حالات خراب ٿيا، رباني صاحب ۽ مان هن جي ڄام
شوري واري گهر جي باغيچي ۾ وهندا هئاسين ۽ تازن
خبرن ۽ افواهن تي گفت و شنڍ ڪندا هئاسين. صورتحال
افسوسناڪ هئي ۽ مثبت اشارا گهٽ هئا. اڪثر ڪري
رباني صاحب هڪ گهرو ساهه کڻي چوندو هو ته: اسان
سان ڇا ٿيڻ وارو آهي؟
رباني صاحب هڪ همدرد ۽ انصاف وارو انسان هو ۽ هو
غريبن لاءِ تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪندو هو. هو بي
سهارن لاءِ انساني حق چاهيندو هو. جڏهن هو ٻارڙو
هو ته ڳوٺ ۾ سنڌ جي سماجي نظام جي ناانصافيون ڏسي
چڪو هو ۽ خاص طور تي سنڌ جا بي زمين هاري جيڪي خاص
طور اهو نظام قبول ڪري چڪا هئا، انهي ڪري جو انهن
وٽ ٻيو ڪوبه رستو نه هو.
مان پنهنجي تيسسز ۾ انهيءَ ڳالهه جي تحقيق ڪري
رهيو هئس ته اڻويهين صديءَ ۾ ڳوٺاڻي سنڌ ۾ طاقت جو
سرچشمو ڪير هو. اها ساڳي صورتحال ويهين ۽ اڪويهين
صدي ۾ به گهڻي مختلف نه آهي. شهرت کان سميت ٻاهرين
علائقن تي وڏا وڏيرا حاوي هئا. اڻويهين صديءَ جا
برطانوي آفيسر وڏيرن کي عزت جي اهميت جو احساس
ڏياريندا هئا. رباني صاحب اها ڳالهه مون کي چڱيءَ
طرح سمجهائي. انهي ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته وڏيري
جي طاقت جو بنياد مادي طاقت ته نه آهي. هو چوندو
هو ته بظاهر وڏو لڳي ٿو پر اصل ۾ هو هڪ هوا سان
ڀريل ڦوڪڻي وانگر آهي. جيسين هوا ڀريل آهي هرهڪ هن
جو حڪم مڃي ٿو پر هڪ ننڍي ڌڪ لڳڻ سان هو ڦوڪڻي
وانگر ڦاٽي ختم ٿي وڃي ٿو.
رباني صاحب پنهنجي هڪ ڪهاڻي ’ٻوڏ‘ ۾ هڪ هاري بابت
ٻڌائي ٿو ته ٻوڏ ۾ هن جو خاندان ڪيئن ختم ٿي وڃي
ٿو. وڏيرو پنهنجي بند جي مرمت ڪرڻ لاءِ هن جي
ڊيوٽي لڳائي ٿو. هو وڏيري کان ايترو ته ڊڄي ٿو جو
هو پنهنجي خاندان کي به ڪونه ٿو بچائي سگهي.
مون کي رباني جي ننڍپڻ جون ٻه ڪهاڻيون ياد آهن.
جيڪي افساني جي پٺيان اصل حقيقت بيان ڪن ٿيون.
پهرين ڪهاڻي هڪ پوڙهي هاري جي آهي. جنهن جي مينهن
چوري ٿي وڃي ٿي. مينهن جي پيرن جا نشان پاسي واري
وڏيري جي ڳوٺ تائين پهچن ٿا. هاري انهيءَ وڏيري جي
اوطاق تي پهچي ٿو ۽ پنهنجو مامرو بيان ڪري ٿو. هو
سوچي ٿو ته وڏيرو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري کيس
مينهن واپس ڪرائي ويندو. وڏيرو هن جي ڳالهه
خاموشيءَ سان ٻڌي ٿو ۽ ان کان پوءِ چوي ٿو: ”آهي
ڪو پوڙهي کي ٻوري ۾ بند ڪري“. چمچن جي ڪابه ڪمي
ڪانه هئي. وڏيري جي حڪم تي پوڙهي هاريءَ کي ٻوري ۾
بند ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ کان پوءِ هن مٿان ڪتا ڇڏيا
وڃن ٿا، ٻوري کي پٽڻ شروع ڪن ٿا ۽ غريب هاري رڙيون
ڪرڻ شروع ڪري ٿو. وڏيرو ۽ ان جا چمچا غريب هاريءَ
جي انهي حالت تي وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳن ٿا ۽ مزو وٺڻ
لڳن ٿا.
هڪ ٻي ڪهاڻيءَ ۾ هو بيان ڪري ٿو ته وڏيري جي اوطاق
۾ هڪ نوجوان کي آندو ويو. هن جي قميض لاٿي وئي ۽
انهيءَ کان پوءِ وڏيري هڪ پوڙهي کي هڪ لٺ ڏيندي
حڪم ڏئي ٿو ته هن نوجوان کي مار هن نوجوان جي سڄي
پٺي رتو رت ٿي وڃي ٿي. اهو نوجوان ۽ پوڙهو پي پٽ
هئا. انهيءَ نوجوان پوءِ اهو ڳوٺ ڇڏي ڏنو ۽ ڪيئي
سال واپس ڪونه وڃي ٿو. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جو
پيءُ به مري وڃي ٿو.
رباني صاحب سنڌ جي سماجي معاشري جي انهن ناانصافين
کان گهٻرائيندو ڪو نه هو بلڪه هو سنڌ جي مذهبي ۽
علمي ورثي تي مضبوط يقين رکندو هو. هن مون کي سنڌ
جي ثقافت سان متعارف ڪرايو. مان ڀٽ شاهه تي ويس ۽
اتي مون پاڻ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي ويجهو
پاتو. خاص طور تي مون کي هڪ پير جي مزار تي وٺي
هليو. اسان هڪ سوزوڪيءَ ۾ هڪ ندي جي ڪناري سان
هلندا رهياسين، تان جو هڪ عمارت تي پهتاسين جيڪا
ان نديءَ جي ڪناري تي هئي. مون کي هاڻي ان پير جو
نالو ياد ڪونه آهي، اها هڪ چانڊوڪي رات هئي، چنڊ
جي روشني سڄي پاڻي کي روشن ڪري ڇڏيو هو.
مان سوچيو ته سنڌ جو اصل روح هيءُ آهي خوبصورت ۽
لازوال، مزار جو سفيد سنگ موم جو گنبذ چمڪي رهيو
هو. واپسيءَ تي اسان هڪ جاءِ تي بيٺان سي ۽ سنڌ جو
مشهور پلو مانيءَ سان کاڌوسين. اها سڄي رات منهنجي
ذهن ۾ تازي آهي، انهيءَ کي اصلي سنڌ سمجهان ٿو.
مان جڏهن رباني صاحب جي وفات جو ٻڌو، ته ائين
محسوس ڪيو ڄڻ مان انهيءَ پير جي مزار تي بيٺو
آهيان، رباني صاحب منهنجي پاسي ۾ بيٺو آهي ۽ انهي
جڳهه جي تاريخ ٻڌائي رهيو آهي ۽ ائين لڳي رهيو هو
ڄڻ هو سنڌ جي اصل روح کي حقيقت ۾ آڻي رهيو هجي.
غلام رباني آگرو سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجهه
ڪيو. هن جي وفات ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي. خاص طور
تي هن جي خاندان ۽ انهي سڀني لاءِ جيڪي هن کي
ڄاڻيندا هئا.
نصير مرزا
مان هلندس؛ مان هر حال هلندس
(تاج بلوچ جي شعري ڪليات ’چچريون
چچريون خواب‘ تي تبصرو)
مون کي هاڻي اهو ته ياد نٿو پوي، ته ڪهڙو سال هو،
پر اها ڪراچي صدر ۾، دادا دولت مهتاڻيءَ وارِي
’راڪ ڪورٽ بلڊنگ‘ هئي، جنهن جي ڪنهن فلور تي، هن
سان، بلڪل پهريون ڀيرو، روبرو وڃي مليو هوس. ڪنهن
سان؟ ايڊيٽر ماهوار ’سوجهرو‘ تاج بلوچ سان ۽ اُتي
ڪهڙي حيثيت ۾ هن سان ملڻ ويو هوس؟ ٽِينُ ايجر شاعر
۽ ’سوجهري‘ جي ادنيٰ ڪنٽريبيوٽر جي ناتي. اصل ۾
ادبي حيثيت اڄ ئي وانگر، ان وقت به ڪائي ڪا نه هئي
منهنجي، پر تاج، آؤ ڀڳت ان وقت منهنجي، اهڙي ۽
ايتري ته زور دار ڪئي هئي، ڄڻ آءٌ ڪو سيکڙاٽ شاعر
نه، ’نرمل جيوتاڻي‘ هجان. خير! ان وقت تاج بلوچ
پاران اهڙو سواگت منهنجي ذات جو نه، هُن ڄڻ اُهو
سواگت ايندڙ ٽهيءَ جو ڪيو هو. اهڙي آڌرڀاءُ کان
پوءِ ايندڙ ڪيتري ئي وقت تائين، هن نه فقط مون
اڪيلي، پر منهنجي ڪئين هڪ جيڏن ليکڪن کي به ايترو
ته تواتر سان ’سوجهرو‘ ۾ شايع ڪيو، جو جنهن جنهن
به ليکڪ کي پنهنجو رنگ ڏيکارڻو هو، ان باالآخر اهو
ڪڍي به ڏيکاريو ۽ جنهن جنهن کي مون وانگر اوڙاهه
جي تري ۾ وڃي پوڻو هو، اهو مون وانگر تري ۾ ئي وڃي
ڪريو ۽ ”ٿي نه سگهيو شاعر“.
خير مون بدنصيب جا نصيب مون سان.
تاج بلوچ ۽ سندس رسالي، ”سوجهري“ جيڪي جيڪي به وڏا
وڙ مون سان ڪيا، انهن لاءِ ته آءٌ اڄ به کيس چوندو
وتندو آهيان ته،
پيارا تاج:
تنهنجو هي احسان وساريان،
سو ناممڪن آهي سائين!
معافيءَ جو طلبگار آهيان، جو هتي هيءُ ته قصو ئي
پنهنجو ڇيڙي ويهي رهيس. ٻڌائڻ اصل ۾ ته مون اوهان
کي هيءُ پئي چاهيو، ته هاڻي جڏهن تاج جي ڪويتا
ڪليات:’چچريون چچريون خواب‘ جي نالي سان شايع ٿي
منهنجي هٿن ۾ اچي پهتو آهي، تڏهن ان کي اٿلائيندي
پٿلائيندي ۽ ڪنهن ڪنهن شعر تي نظر پوندي ئي، ڪيڏو
نه خوش پيو ٿيان، ته: ’اڙي هان! هي هي شعر تاج اصل
۾ منهنجي ئي سامهون سرجيا هئا‘ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته
ويٺي ويٺي غزل مڪمل ڪري، هُو مون کي ٻڌائڻ به
لڳندو هو. يعني ڪيڏو ڀاڳ وند آهيان آءٌ، جو هن
ڪليات جا ڪيترائي شعر ڪٿي شايع ٿيڻ کان اڳ ئي، مون
ناچيز هن کان ٻڌي ورتا هئا. مثال طور هيءُ غزل:
هٿ سڙي ويا آهن،
خط بچي ويا آهن.
بند ڀڳو لڙڪن جو،
خواب لڙهي ويا آهن.
تاج نِڌڻڪو ڄاڻي،
دوست رُسي ويا آهن.
اڇا!تاج سان پهرئين روبرو ملاقات جي تاريخ برابر
ته مون کي هن وقت ياد ڪو نه پئي اچي پر هي جيڪا
مٿين غزل ٻڌائڻ واري ڳالهه، مون اوهان سان ڪئي ان
جو سال ته صفا چٽو پٽو ياد اٿم، جي ها، اُهو 1982ع
وارو سال هو. مون کي ياد آهي، ان سال ڌاري ڪراچيءَ
۾ مان سوشل ويلفيئر ڪائونسل ۾ پبلڪ رليشن آفيسر
هوس. تڏهن ان حيثيت سان، صبح جو ته ٻن پوڙهين يعني
هڪڙي منسٽر صاحبه تزئين فريدي ۽ ٻي ڊائريڪٽر شيرين
رحمت الله کي لارا لپا ڏيئي، ڏينهن ته ڏکيو سکيو
آفيس ۾ گذاري ئي وٺندو هوس، پر پوءِ ماين سڳورين
جي آفيسن مان اٿي وڃڻ بعد، شام جو هاڻي آءٌ
ڪراچيءَ ۾ ڪيئن وقت گذاريان؟ سو ڊوڙي طارق روڊ تي
’سوجهري‘ رسالي جي آفيس ۾ رازناٿن شاهي ۽ تاج بلوچ
جي ڇانوَ ۾ وڃي ويهندو هوس جتي اسان جو هيءُ پيارو
راز، تنهن زماني ۾ ڪهاڻين تي اسڪيچ اُتي ويٺو
ٺاهيندو هو ۽ آءٌ وري اڪثر کين مواد جي پروفن پڙهڻ
۾ ويٺو هٿ همراهي ڪرائيندو هوس. اُن وندر ۾ اڃا
وندريا ئي ويٺا هوندا هئاسين جو شام ٿيندي ئي
پنهنجي ’ويس پا‘ تي سوار ٿي، الائي ڪهڙن غيباڻن
هسوارن مٿان ڇوهه ڇنڊيندو گارين جي ڌم لائيندو،
تاج آفيس ۾ داخل ٿيندو هو ۽ پوءِ ته بس اک ڇنڀ ۾
’سوجهري‘ جي آفيس دُونهان ڌار ٽهڪن ۽ ڳالهين سان
ڀرجي ويندي هئي. مون کي ياد آهي، تاج پنهنجو هيءُ
انتهائي خوبصورت آزاد نظم، اهڙي ئي ڪنهن صورتحال ۾
اسان کي ٻڌايو هو:
مان چاهيان ٿو کِلجي
نئين کِل کِلجي
مگر ايئن کِلجي
وفا ۽ وطن جي شهيدن جي پيشانين تي
جيئن گهاوَ ٻهڪن
مان چاهيان ٿو نچجي
مگر ايئن نچجي
جو پيرن ۾ مرڪن جون ڇيرون هجن
۽ پنهنجي ئي ڪوسي ۽ تازي لهو سان
ڀريل ٿالهه تي پيو لڳاتار نچجي
مان چاهيان ٿو نچجي
سچو ناچ نچجي!
تڏهن ’سوجهرو‘ آفيس ۾ اهڙي صورتحال ۾ ڪوئي چنڪ
چانهه آڻيندڙ ۽ تخليقي ڪم ۾ رخنو وجهندڙ ڪو ’پٺاڻ
بئرو‘ راز کان پيسن جي اچي تقاضا ۽ انهن لاءِ گهپي
ڪرڻ لڳندو هو ته ’راز‘ کِلي چوندو هوس: ’چپ ڪرو
لالا... نهين تو، هم تمهارا کينچا ڦاڙين گا‘... ته
بس اهڙي ئي ڪنهن ڇڪتاڻ ۾ اوچتو ويٺي ويٺي ڪاڳرن
تان قلم کڻي، تاج اعلان ڪندو هو، ’هوشيار خبردار!!
سوجهري جو اداريو لکجي ويو آهي. سماعت ڪريو!‘ ۽
يقين ڪريو ته اهڙي هنبس ۾ لکيل اهو اداريو، اهڙو
ته آرٽسٽڪ هوندو هو جهڙو خليل جبران جو نثر (۽ اي
ڪاش!تاج جا لکيل سوجهرو جا اهي اداريه سهيڙي اڄ
ڪوئي جيڪر ڪتاب شايع ڪرائجي، ته هوندَ، ڪاڪي
جهامنداس ڀاٽيا وارن لکيل ”ادب لطيف“ شهپارن جا سڀ
رڪارڊ ٽُٽي پون.)
پر دوستو! هيءُ ته تاج سان پنهنجين ڪجهه ابتدائي
ملاقاتن جو تذڪرو ڇيڙي، ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن نڪري
ويس. لکڻ هتي مون هيءُ پئي چاهيو ته تاج سان
غائبانه ملاقاتون ته انهن روبرو ملاقاتن کان، اڃا
ئي گهڻو وقت اڳ ٿيون هيون منهنجون. اصل ۾ هي ڪنهن
موهيندڙ ٻار کي ڏسبو آهي ته جهٽ پڇبو آهي نه ته ،
ڪنهن جو آهي!؟ ته... ايئن مون به ڪنهن هڪ جيڏي جي
واتان جڏهن ’ڪير گلن جا پوئي هار، هٿ سڀن جا زخمي
زخمي‘ جهڙي سٽ ٻڌي هئي، تڏهن يڪدم ئي پڇيو هوم:
’ڪنهن جي آهي اها سٽ؟‘ ۽ تاج جي لکيل ان شاهڪار
سٽ کان پوءِ ته هُن جي شاعريءَ سان منهنجو جهڙوڪر
باقاعده تعارف شروع ٿي ويو هو. اجهو انهيءَ واردات
کي اڃا ڪجهه ئي عرصو گذريو هوندو، جو هڪ ڏينهن
سندس کڙَي تڙي ۽ اُتساهيندڙ لهجي ۾، ريڊيو
حيدرآباد تان مون هڪڙي مشاعري ۾ کانئس هيءُ غزل
ٻڌو هو:
ڪنهن جو آڳو ۽ نه ڪو پيڇو آهيان،
پنهنجي ادراڪ جو پاڇو آهيان.
مان ويس پئي ته الائي ڪيڏانهن،
تنهنجي در تي اچي پهتو آهيان.
اڙي هان! صرف آواز، ۽ پڙهڻ جو هيءُ
انداز ئي ڇا؟ لڳم... هي ته سنڌيءَ ۾ غزل جو لهجو
ئي انوکو ۽ نئون هو منهنجي لاءِ. نوان استعارا،
نڪور تشبيهون، منفرد تخيل ۽ تغزل ۽ سچ پڇيو ته تاج
ان مشاعري ۾ هر شاعر تي حاوي پئي نظر آيو. اجهو هي
هتي تاج جا ڪي اهڙا ٻيا شعر مون کان ٻڌو، جيڪي
دراصل رسالن ۾ مون پڙهيا پوءِ، مشاعرن ۾ کانئس
ٻُڌا پهرين:
زلف جي زنجير ٿي مون کي سڏي،
ڪنهن ڇڏي ماحول ۾ خوشبو گڏي.
ذهن کولي مون اکيون ٻُوٽي ڇڏيون،
جنهن کي اچڻو آ اچي منهنجي تڏي.
---
هيرَ ناهين ته لُڪ بڻجي آ،
دل جي کڙڪي ڇڏي اٿم کولي.
مون سان بس جي سفر ۾ قهر ڪيا،
جهمڪين، دُهري نٿ ۽ بُولي.
* * *
ڪنهن بهاني من هتان گذرين ڪڏهن،
مون وڃي ديرو دمايو روهه ۾.
برف ۾ سورج کي دفنائين پيا،
روشنيءَ ۽ زندگيءَ جي ڏوهه ۾.
ٽانڊا ٽانڊا ٿي پيو منهنجو بدن،
تنهنجي يادن ڪر کنيو جي پوهه ۾.
-
تو کي پنهنجي خوشيءَ جي آهي خوشي،
مون کي هر ڪنهن جي غم جو غم آهي.
-
منهنجي سر تي قضا کڙي آهي،
ڪنهن حسين سان نظر لڙي آهي.
’پُر هجوم‘ مشاعرن ۾ تاج جِي شعر پڙهڻ
جو ڍنگ ته، تاج بلوچ تي، ختم ئي سمجهو ۽ هيءُ تاج
بلوچ! جي داد وٺڻ جو گُر ڄاڻي ته داد ڏيڻ جو به. ۽
رڳو داد ڏيڻ ئي ڇا؟ اسان جو هيءُ ارڏو ۽ البيلو
تاج... جي ’بيداد‘ ڪرڻ تي لهي پوي، ته پوءِ
مدِمقابل، ڀلي وڃي ماءُ کي سلام ڏئي. ڀيڻ جيم. عين
منگهاڻي ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته: ’تاج جهڙو هٿ جو
ڇُوٽ، تهڙو وري زبان جو به‘. خير... هٿ جي ڇوٽ تاج
بلوچ کي مون اڃا تائين ته نه ڏٺو آهي، البته سندس
زبان ۽ قلم جي ڇُوٽ ۽ ڪاٽ سان، الائجي ته ڪيترن
ڏيهينِ ۽ پرڏيهيُن جون ڪاڪ ڪنڌي تي قبرون مون اکين
سان ڏٺيون آهن، پر نه! تاج پنهنجي سڀاءَ جي
Totality
۾، اڃا ئي ٻي شئي آهي. جي ها! بيحد زندهه دل،
نهايت
Jolly
، انتهائي پيار ڪندڙ ۽ جهٽ ۾ ڪنهن جي درد تي
اوڇنگارون ڏيئي روئي پوندڙ ۽ بلڪل اُوئين ئي، جيئن
هُن پنهنجو پاڻ لاءِ پاڻ ئي به لکيو آهي ته:
تاج نفرت جي حوالي سان مري ڪين سگهيو،
هن کي مارڻ جي گهرو ، پيار سان ماريو يارو.
....خير ڇا حرج آهي؟ جيڪڏهن تاج جي ڪن بي ساخته
چيل جملن کي به هتي اوهان سان
Share
ڪندو هلان. اڄ سڀ ڄاڻن ٿا پوئين دور ۾ علي احمد
بروهي صاحب جو ڪنڌ سڄو وقت پيو لڏندو هو. ڪنهن
محفل ۾ تاج جي مٿس نظر پوندي هئي ته کيچلائپ سان
زيرِلب پيو چوندو هو، ”اجهو اچي ويو ڪاڪو ڏڪُ
ڏڪُ“. اسان جي پياري سائينءَ نثار حسيني جو اصل
نالو هو- نيڪ محمد شاهه(انگريزي ۾ ڳچيءَ کي
Neck
چيو ويندو آهي) سو تاج، جڏهن جڏهن به سائين نثار
سان ڪٿي ملندو هو، ته مخاطب ٿيندي وقت چوندو هوس،
اي ..آءُ.. سائين ڳچي محمد شاهه!! ايئن ڪنهن محفل
۾ ڪنهن ٿلهي متاري ڪلارڪ يا قلمڪار کي ڏسندو ته
فوراً چئي ڏيندس” کَکَر کاڌا خوش ته آهين نه!“
جيم.عين منگهاڻي صاحبه لکيو آهي ته: تاج ’پياڪ
پوئٽ‘ آهي. اڙي بابا! رڳو هيءُ تاج ئي پياڪ پوئٽ
ڪٿي؟ ’چُشڪي‘ هڻڻ ۾ هي پکي پکڻ به ته وڏا ماهر
هوندا آهن، جي ها، هيءُ اجهو چنهب سان ٻه ٽي ڪي
ڦُڙا ڪنهن حوض مان پي، وٺي جو اڏامندا آهن ته
وڃيو آسمان تي پهچندا آهن پر پکين ۽ شاعرن ۾ البته
ٿورو فرق ضرور آهي. هي پکي ڏينهن ڏٺي جو... ۽ شاعر
حضرات وري رات جي وڳڙي جو، اهڙي آب حيات مان
چسڪيون ڀري جڏهن گهران نڪرندا آهن ته وڃيو ڪٿان جو
ڪٿي پهچندا آهن، هي اجهو... تاج بلوچ.... اهڙي ئي
ڪنهن ڪيفيت ۾ پنهنجو پاڻ لاءِ چيو آهي ته :
مان ويس پئي ته الائي ڪيڏانهن،
تنهنجي در تي اچي پهتو آهيان.
پنهنجي باري ۾ سندس هيءُ اعتراف به ڪيڏو
نه پيارو اعتراف آهي:
اسين راتين جا رولاڪ،
اسان جو ٿر نه ڪوئي ٿاڪ.
مرڪي سُور پيا ٿا سُرڪيون،
آهيون عاشق زهر پياڪ.
رڳو اهي ئي نه، پياڪ پوئٽ يعني تاج
بلوچ جا خماريات سان پُرخمار هي ڪي ٿورا خوبصورت
شعر مون کان ٻيا به ٻڌندا هلو:
رات جا نيڻ ٺري ويا آهن ،
دل ۾ ٻارڻ ڪي ٻري ويا آهن.
تنهنجي نيڻن جي نهارن صدقي،
تاج پارا به کري ويا آهن.
تنهنجي ميخاني جي کڙڪي نه کلي،
رند تڙپي ۽ مري ويا آهن.
رات باقي نه ستارا باقي،
مڌ ۾ ميخانه تري ويا آهن.
مڌ ۾ ٻڏل تاج جي غزلن جا ڪي ڪي شعر ته اهڙا نشيلا
۽ اهڙا ته سجيلا آهن، جهڙا شرميلا فاروقي جا نيڻ:
مڌ ۾ ٻوٽيل اکيون،
ڄڻ وڙهي پرتل اکيون.
ان ئي مٿئين غزل جي هيٺين بندن ۾، تاج
هي جيڪي ٻه نيون نڪور تشبيهون ڪتب آنديون آهن، نٿو
ڀانيان ته اهڙيون نڪور سٽون، مون ڪنهن ٻي ٻوليءَ
جي ڪنهن شاعر وٽ ڪڏهن پڙهيون هونديون.
چيٽ جي وسڪار جيئن،
ٿي پيون، پايل اکيون،
ڄڻ ته پينوءَ جي صدا،
ڪو ڏسي سائل اکيون.
نسواني حسن، جلال ۽ جمال جي بيان لاءِ
به تاج وٽ ڪمال جي ٻولي آهي، اڙي بابا..!! ان ڏس
۾، تاج جي ڪلام ۾ ڪيتريون ئي سٽون... ايتريون ته
روشن آهن، جن جي پڙهڻ سان، اکين ۽ تصور ۾ ڄڻ سوين
قمقمه منور ٿيو ٿا پون، مثال طور هي ڪي ٿوريون
سٽون ڏسو:
ڪنهن جي گداز جسم جو جلوو ٻري پيو،
ڪافر چپن تي هيج مان ڪلمو ٻري پيو.
سينو اکيو ن ۽ چَپَ سمورو بدن ڏکي،
سنجوڳ جي سُرور ۾ سُرهو بدن ڏکي.
رنگ ئي رنگ فضا ۾ سرهاڻ،
بي خياليءَ ۾ تو مرڪيو هوندو.
رنگ، ترنگ، مستي ۽ بي خودي، جيڪا تاج جي طبعيت ۾
آهي، ان جي واضح جهلڪ، هن جي شاعريءَ جي ردم ۾ به
نظر اچي ٿي، نامياري ليکڪ مراد علي مرزا صاحب درست
ئي لکيو آهي ته: ’تاج جي شاعري سندس شخصيت جو ئي
آئينو آهي‘، مراد صاحب جي ان راءِ جي پٺڀرائي ۾
تاج جي شاعريءَ مان هي سندس جيڪي شعر مثال طور هتي
آءٌ پيش ڪريان پيو، ڀانيان ٿو ته جذبي، مستي ۽
سرمستيءَ سان لبريز ردم وارا اهڙا بحر وزن، شيخ
اياز کان پوءِ، تاج بلوچ ئي استعمال ڪيا آهن. هي
ڏسو، ڇا ته ردم ۽ ترجنم آهي تاج جي هنن شعرن ۾:
هر عڪس ۾ ملندو سانءِ،
ڪنهن شخص ۾ ملندو سانءِ،
يا رقص ۾ ملندو سانءِ،
ڪنهن پهر ۾ ملندو سانءِ،
بر بحر ۾ ملندو سانءِ،
هر لهر ۾ ملندو سانءِ.
تاج جي دريافت ڪيل نَون ردمس مان سندس هن نظم جو
ترنم به، ڇا ته شاندار آهي. پڙهندي لڳي پيو، ڄڻ
شاعرَ ڌمال جي ڪيفيت ۾ اِهو لکيو آهي؛
ڇوڙي ڪلهن تي وار جڏهن جُهومندي هئي،
ڄڻ ميگهه کي ملهار کي پر ڀائيندي هئي.
چانڊوڪين جو روپ وٺي جرڪندي هئي،
ڪا باهه لائي برف ۾ ايئن ٻهڪندي هئي،
ڪو رنگ هو بهار هئي روشني هئي.
تاج جي ڪنهن شعري مجموعي تي ڪمينٽ ڪندي،
شيخ اياز صاحب لکيو هو:
”طبقاتي انقلاب جي هاڻي گنجائش رهي هجي
يا نه، فلاحي مملڪت جو تصور، البته شاعر ۽ اديب
مان وڃڻو نه آهي.“
ان ڏس ۾ آءٌ وري هتي هيئن چوندس ته، هڪ
ڪميٽيڊ شاعر جي حيثيت ۾ اهڙي بهتر سماج جو خواب،
تاج بلوچ نه فقط پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏٺو پر باقاعده
ڏٺو آهي. دنيا جا مارڪسي نقاد چوندا آهن، ته ڪنهن
به ٻوليءَ جي شاعر وٽ جيڪڏهن ڪو خواب ناهي ته ان
شاعر جي شاعري، ڪنهن گونگي جي يئُو يئُو کان سواءِ
ڪجهه به ناهي. تنوير عباسي صاحب جو به هڪ شعر آهي
ته:
چڻنگ چولي ۾ جي ناهي، اُهو پنهنجو ناهي
ڀٽائيءَ گهوٽ فرمايو هو:
جي گوڏن گسڪڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سُرندياس
ته بس تاج بلوچ جو نظم، به عنوان ’پڌرنامو‘! ڄڻ هڪ
ڪميٽيڊ شاعر جو خواب نامو به آهي:
مان هلندس
مان هر هال هلندس
نئين راهه جي هر اڪيلي مسافر سان هلندس
پِٿون پير جنهن جا ۽ ليڙون لٽا
انهيءَ ساڻ هلندس
مان هلندس
نئين واٽ تان ۽ نئين واٽ جي
هر اڪيلي مسافر سان هلندس
مان هلندس مان هر هال هلندس
سڄيءَ دنيا سان گڏ، سنڌي سماج جي به جيڪا هن وقت
صورتحال آهي، ظاهر آهي ته اڄ جو روشن خيال شاعر ان
دائري کان، نه ٻاهر سوچي سگهي ٿو، نه جِي سگهي ٿو،
پر هتي ته بقول تاج:
ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اگهان،
هر ڪنهن جي اک آهي آلي.
طبقن ۾ ورهايل هي سماج ۽ خاص طرح سان سنڌ جو سماج،
جنهن ۾ اسان جو شاعر تاج بلوچ ۽ اسين سڀ رهون پيا،
ان جا، اسان کي ڏنل درد اڻ ڳڻيا ۽ بي پناهه آهن، ۽
انهن جي ترياق لاءِ ڪو به شاعر يا هڪڙو تاج بلوچ
ڇا ٿو ڪري سگهي؟ جو باالآخر اسان مان هر هڪ کي
نظام جي بدنظمي کي ختم ڪرڻ لاءِ اجتمائي طرح سان
ئي، تبديلي پسند ٿيڻو پوندو. تاج پنهنجي شعر ۾
اهڙو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
زخم هڪڙو ڪو هجي سو چيٺيان،
آئون سارو ئي ڦٽيو پيو آهيان.
منهنجا احساس صليبن تي ٽنگيل،
آئون هر دور ۾ پيڙيو آهيان.
تاج جا ڪيترائي شعر اهڙا به آهن، جيڪي ڄڻ محاوري
طور به استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.
ڪير گلن جا پوئي هار، هٿ سڀن جا زخمي زخمي
يا
دوستن جو ڀرم رهي ته چڱو ،
ڪو نه منهنجي زبان کي کولي.
عاشق سڀاءُ ۽ حُسن پرست تاج جو هڪڙو شعر هيءُ به
آهي ته:
سونهن ڪمزوري آ،
تاج ڪاڏي وڃون؟
مون ڏٺو آهي ته اردو، سنڌيءَ جي اڪثر ترقي پسند
شاعرن وٽ محبوبا جي روپ ۾ عورت جو هڪ ”يُوٽوپيائي“
تصور پئي رهيو آهي، جنهن سان هُو اڪثر نظرياتي بحث
مباحثن ۾ مصروف نظر ايندا آهن، جيئن ”ميري محبوب
ڪهين اور ملاڪر مجهه سي“ يا ”مجهه سي پهلي سي محبت
ميري محبوب نه مانگ“. انهن شاعرن جي ابتڙ اسان جو
هي تاج بلوچ وري اهڙو ترقي پسند شاعر آهي جنهن وٽ
محبوبا جو تصور وري هيءُ آهي:
هير ناهين ته لُڪ بڻجي آ،
دل جي کڙڪي ڇڏي اٿم کولي.
ذهن کولي مون اکيون ٻُوٽي ڇڏيون،
جنهن کي اچڻو آ، اچي منهنجي تڏي.
باوجود ان جي، جو تاج جي محبوبا ساڙهي ٻڌي ٿي،
سئنڊل پائي ٿي، هٿ ۾ پرس کڻي ٿي، هٿن ۾ ميندي به
لائي ٿي ۽ وفادار به هوءَ گهڻي آهي، پر باوجود
فيشن ايبل هجڻ جي عزت آبرو جا ليڪا هوءَ نٿي لتاڙي
يعني هو هر طرح سان مشرقي روايتن جي به پاسدار
خاتون آهي ۽ خالص سنڌڻ پڻ! تاج اهڙي خوبصورت سنڌي
خاتون جي، اجهو هيئن واکاڻ ٿوڪري:
وار ڦڳڻ جون راتيون،
چهرو چوڏهين جي چانڊاڻ.
-
جي هُو جهونگاري ٿر تي مينهن وسي،
جي هو مُرڪي ته زندگي مُرڪي.
-
لڱ جانب جا کير جهڙا ها،
منهنجي نيڻن جي نير جهڙا ها.
-
روح منهنجي ۾ ڪير ترسيو هو،
کير ڌارا مثال اُجرو هو.
-
تو جي وار هوا ۾ ڇوڙيا،
ميگهه ملهار جي موسم آئي.
-
پاڙي ۾ گل ڳوڙها نسريا،
هتي به پيرون پڪا آهن.
عورت جي سلسلي ۾، تاج! هر فيمنسٽ شاعر ۽ شاعره
وانگر ان جي ذاتي حيثيت جو قائل ۽ مولويت جو منڪر
پئي رهيو آهي، ۽ هي مولوي صاحب، جنهن وٽ چار
شاديون ته حلال آهن ۽ حلوي ۽ حجري وارا مزا الڳ.
انهن بابت ڪشور ناهيد پنهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب
’نوزائده بيٽي ڪي نام‘ ۾ پنهنجي اڻ ڄاول ڌيءُ سان،
مخاطب ٿيندي کيس چيو آهي ته:
”اي ڌيءُ!! چڱو جو منهنجي گرڀ مان تون نه ڄائينءَ.
اڙي هي سماج! جنهن ۾، آءٌ پٺاڻ ۽ مولوي کان ئي پٽ
کي بچائي نه سگهي آهيان، تڏهن اي ڌيءُ! تنهنجي
عصمت کي ڪٿان ٿئي زناڪارن کان آءٌ بچائي سگهيس“.
هيءُ اجهو تاج، پنهنجي هڪ چؤسٽي ۾ ان ئي پٺاڻ ۽
مولوي تي، هي ڇا ته چٿر ڪئي آهي. هي ڏسو شاعر جو
تخيل آهي يا ڪنهن پهاڙ تان ٻُرندڙ فرهاد جي ٽيڪم
جو آواز:
ماءُ ڌيءَ ڀيڻ زال محبوبا،
ان کي ڪمتر ٿو مولوي سمجهي.
جنهن جي دم ساڻ سونهن جيون جي،
هو نٿو ان کي زندگي سمجهي.
تاج، غزل وانگر نظم جو به زبردست شاعر آهي. قمر
شهباز لکيو آهي ته:
”موجوده دور ۾، تاج بلوچ جو شمار انهن چند شاعرن ۾
ڪري سگهجي ٿو، جن آزاد نظم جي روح کي سڃاتو آهي.
تاج جهڙا موهيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آزاد نظم مون تمام
ٿورا پڙهيا آهن.“
قمر جي ان راءِ جي تسلسل ۾ ڪو ئي جي تاج جا ڪي
نمائنده آزاد نظم پڙهڻ چاهي ته انهن نظمن جا آءٌ
صرف عنوان ٿو ان کي ٻڌايان. مثال طور نظم ’پُل
صراط‘، ’درد جو انگاس‘، ’گونگيون ديوارون‘، ’ڏٻرو
لاش‘، ’نئين ڪربلا‘ ۽ ’آدرش‘وغيره.
هتي قمر شهباز سان گڏ، منهنجو به اهو ئي خيال آهي
ته تاج جا هي سڀ، اهڙا نظم آهي، جن کي جيڪڏهن
ترجمو ڪيو وڃي ته انهن نظمن جي خالق کي دنيا جي
ڪنهن به ادب ۾ تمام اوچو مقام ملي سگهي ٿو.
تاج جا ڪي طويل نظم پڙهي ڪڏهن ڪڏهن ته لڳندو اٿم،
اڙي هان! هن شاعر ڪٿي ڪهاڻيڪار ته ڪونه ٿيڻ پئي
چاهيو؟ خاص ڪري سندس طويل نظم ’ڏٻرو لاش‘، ’درد جو
انگاس‘، ’ٽرئفڪ جو سگنل‘، ’آخري ملاقات‘، پينشن
آفيس‘، ’زندگيءَ کي فنا ناهي‘ ۽ ’مون به اُماڻي
زندگي‘ وغيره پڙهجن ٿا، ته لڳي ٿو... هي نظم جهڙا
آزاد نظم جي صورت ۾ ’جديد ڪهاڻيون.‘
۽ هن تحرير جي آخري ڳالهه هيءَ ته پياري تاج بلوچ
جي خواهش آهي، ته آءٌ ناچيز سندس هن ڪليات ”چچريون
چچريون خواب“ بابت ڪجهه نه ڪجهه لکان يا ڪا ڳالهه
ڪريان. ظاهر آهي سندس پاران مون سان اها هجت
منهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي، پر مون سان حالت
هيءَ آهي جو، مون جهڙي گهٽ پڙهئي لکئي لاءِ اهو ڪم
ڪو ايترو سولو ڪونهي. ڇو ڪونهي! ۽ اهو ان ڪري
جو... اڙي بابا! هي تاج جي شاعري ئي ڇا، هن جو ته
سڀاءُ به ايترو سولو ڪونهي، جو جهٽ پٽ ۾ آءٌ انهن
بابت ڪجهه ڪمينٽ ڪري سگهان. منهنجو مشاهدو آهي ته
تاج ڪنهن کي گار ڏيندو آهي ته جادوگر لڳندو آهي،
وري شعر پڙهندو آهي ته صفا سامري جادوگر بڻجي
پوندو آهي. تاج جي شعر ۾ پراسرار غنائيت آهي، اهو
هن بابت سندس بهترين نقاد امير علي چانڊيي جو خيال
آهي ۽ دوستو! هي امير علي چانڊيو صاحب ڪو معمولي
نقاد ڪونه هو، شيخ اياز ته کانئس ايترو متاثر هو
جو پنهنجو هڪڙو پورو خوبصورت شعري مجموعو سندس
نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو هو.
مراد علي مرزا صاحب ڪنهن هنڌ لکيو هو:
”تاج اسان جي دور جي شاعرن ۾ اهم انوکو ۽ نرالو
شاعر آهي، جنهن جو اڀياس ايندڙ ڪيترين ئي سنڌي
شاعري جي ٽهئين لاءِ لازمي ٿيندو.“
”تنوير عباسي صاحب جو به چوڻ آهي ته:
”تاج آهي ئي غزل جو شاعر، غزل ۾ گهري چوٽ تاج جو
خاص اسلوب آهي.“ ۽ جيڪڏهن آءٌ به ايئن چوان ته هن
جي شاعري جو مزاج ئي غزل جهڙو آهي ته غلط نه
ٿيندو.
هونئن اسان جو هيءُ تاج غزل جو وڏو شاعر آهي! نظم
يا ڪنهن به ٻي صنف جو ته اهو سنڌي ادب جو ايندڙ
نقاد ۽ مستقبل جو مؤرخ ئي طئه ڪندو. آءٌ ناچيز ته
تاج جي سموري شعري سرمايي جو صرف پڙهندڙ ۽ ادنيٰ
مداح آهيان، سو ان آڌار چوان پيو ته هڪ جيڏن سنڌي
شاعرن ۾ تاج منفرد ترين ئي نه، هن وقت اڪيلو ۽
ڪمپليٽ ڪميٽيڊ شاعر به آهي.
ڏٺو وڃي ته... اسين، جنهن ساڙيلي سماج ۾ رهون پيا،
ان ۾ ڪير به ڪنهن جي صلاحيتن جي اعتراف لاءِ تيار!
نظر ئي ناهي ايندو، پر باوجود ان جي، شيخ اياز
صاحب، امير علي چانڊيي، قمر شهباز، مراد علي مرزا
۽ تنوير عباسي صاحب جهڙين هستين، جڏهن تاج بلوچ جي
تخليقي
Worth
۽ انفرادي اسلوب کي واکاڻيو ۽ مڃتا ڏني آهي، تڏهن
ڇا حرج آهي، ته سندس احترام ۽ اعتراف ۾ آءٌ به
پنهنجا نيڻ نمائي، استاد بخاري جي لفظن ۾ کيس چئي
ئي ڏيان ته، اي منهنجا پيارا تاجَ!
تاج ٻئي جو رکان نه جهوليءَ ۾،
تون جُتي ڏين، ته مان جهلي ويهان.
[ڪليات: ’چچريون چچريون خواب‘ جي مهورت
واري موقعي لاءِ، لکيل تقرير 08.02.2012] |