سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :31

پروفيسر شمشاد احمد سومرو

سيد نور محمد شاهه ڪنڍائي

(ڪلهوڙا دؤر جو ساهتيءَ جو بزرگ، حافظ، عالم، اديب ۽ شاعر )

سنڌ جي هر وسندي ۽ واهڻ، شهر ۽ ڳوٺ ۾ انيڪ ڪامل اولياء، عالم فاضل، محدث، مفڪر، شاعر ۽ صوفي بزرگ  ٿي گذريا آهن، جن جون روحاني، علمي ۽ ادبي خدمتون ڏيهان ڏيهه مشهور آهن ۽ انهن جون خانقاهون ۽ درسگاهون سونهاري سنڌ جي عظمت جو اهڃاڻ پڻ آهن. اهڙين عظيم روحاني خانقاهن مان ساهتيءَ جي سندر وستي ”ڪنڍا کاهي“ ۾ سيد نور محمد شاهه ڪنڍائيؒ جي خانقاهه به مشهور ۽ معروف آهي.

ولادت:

سيد نور محمد شاهه بن سيد اسحاق شاهه المعروف سيد موريل شاهه جن ٻارهين صدي هجريءَ جي آخر 1180هه مطابق 1766ع ڌاري جنم ورتو. پاڻ اصل ۾ پراڻن تڳرن (1) جا ويٺل هئا، جتان پوءِ کين ’ڄام ڪنڍل‘ ۾ لڏائي اچي پنهنجي اڏايل نئين ڳوٺ ڪنڍاهه (2) ۾ اچي رهايو. ان بعد پاڻ سيد نور محمد شاهه ڪنڍائي جي نالي سان مشهور ٿيا.

تعليم ۽ تربيت:

پاڻ ڪٿي پڙهيا، وثوق سان چئي نٿو سگهجي، پر سڪرنڊ جي ڀرسان ’ڪنب ليمان‘ جي مدرسي، نوشهروفيروز جي اوڀر طرف (4- ڪلوميٽر) مشهور علمي درسگاهه کوڙو شريف(3) جي ’مدرسه يعقوبيه‘ مان ۽ حضرت قاضي احمد دمائيؒ جن جي قائم ڪيل مدرسي مان پڻ علم حاصل ڪيائون.

روحاني تعليم ۽ بيعت:

سيد نور محمد شاهه جن ظاهري تعليم حاصل ڪرڻ بعد روحاني تعليم جي تڪميل مشهور نقشبندي بزرگ ۽ عظيم روحاني شخصيت حضرت قاضي احمدؒ (1112هه/1700ع- 1223هه/1808ع) جن وٽان ڪري ولايت عظميٰ جي درجي تي فائز ٿيا. مرشدن کين فيض سان پُر ڪري فرمايو ته: ”اوهان کي اوهان جو حصو مليو، هاڻي اوهان ڳوٺ وڃي خدا جي خلق جي رهنمائي ۽ رهبري ڪريو.“ پاڻ دمائي بزرگن جي مشهور چئن خليفن مان وڏي فضيلت ۽ بلند مرتبي وارا ڪامل ولي الله، صاحبِ ڪرامت ۽ ڪشف جا صاحب هئا.

همعصر عالم ۽ بزرگ:

سيد نورمحمد شاهه جا ڪيترائي عالم ۽ بزرگ همعصر هئا جن ۾ خواجه پير محمد صالح دمائي (متوفي: 1232هه/1816ع)، مخدوم عبدالوالي درٻيلائي (متوفي: 1224هه/1809ع)، خواجه پير ميان نور الله دمائي (متوفي: 1295هه)، مخدوم محمد عارف سيوهاڻي (متوفي: 1258هه/1842ع)، مخدوم محمد يوسف کنياروي (متوفي: 1271هه/1854ع)، مخدوم محمد عاقل کهڙوي (متوفي: 1293هه/1876ع)، مخدوم خواجه عبدالحي نوشهرائي (متوفي: 1235هه/1819ع)، پير سيد علي گوهر شاهه ’اصغر بنگلي ڌڻي‘ (متوفي: 1263هه)، خواجه محمد سعيد لنواروي (متوفي؟)، قاضي عزيز الله مٽياروي (متوفي: 1273هه/1856ع)، قاضي حڪيم شاهه محمد (اول) متوفي: 1280هه/1863ع) قاضي مخدوم عبدالرؤف مورائي، (متوفي: 1306هه/1888ع)، قاضي حافظ جان محمد نوشهرائي (متوفي: 1297هه/1879ع)، حڪيم قاضي محمد فاضل نوشهرائي (متوفي: 1251هه) ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

روحاني ڪشف:

سيد نور محمد محمد شاهه صاحبِ ڪشف هو، ان جا ڪيترائي مثال ملن ٿا جن مان هڪ مثال کاهي راهوءَ (4) جو صوفي فقير سچل لاڙڪ (5) (عمر 70سال) ٻڌايو ته کاهيءَ ڀرسان ڪلهوڙا رهندا هئا جن وٽ هڪ مينهن هئي جيڪا جڏهن به ويامندي هئي ته مالڪ سندس ڦرڪُهي ڇڏيندا هئا ته جيئن اهو ڦر کير نه ڌائي. اهڙيءَ طرح ٻه ٽي دفعا هنن ڦرڪُهي ڇڏيا. هڪ دفعي ڦرڪُهڻ بعد مينهن کير ڏيڻ بند ڪيو ۽ جڏهن ان کي ڏهن پيا ته ان مان رت اچڻ شروع ٿيو. ان لاءِ اهي سيد نور محمد شاهه وٽ تعويذ لکرائڻ آيا ۽ اچي سربستو احوال ڪيائونس. سيد نور محمد شاهه تعويذ لکڻ مهل کين چيو ته: ”ابا! مينهن مون وٽ اچي دانهيو آهي ته هنن مون سان وڏي ويڌن ڪئي آهي، منهنجا ٻچا ڪٺا اٿن، مون سان انصاف ڪيو.“ شاهه صاحب تعويذ لکڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي هنن معافي ورتي ته اڳتي ايئن ڪونه ڪنداسين.

صاحبِ ڪرامت:

سيد نور محمد محمد شاهه جون تمام گهڻيون ڪرامتون مشهور آهن، جن مان هڪ ٻن جو هت تذڪرو ڪجي ٿو:

ڪنڊا کاهيءَ ڀرسان ’بابل فقير ميربحر جو مقام‘ آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو اگرو آهي ۽ اتان ڪوبه شخص ڪاٺ وغيره کڻندو هو ته کيس نقصان ٿيندو هو. هڪ دفعي هڪ جت فقير پري کان اُٺ ڪاهيو پئي آيو ۽ جڏهن انهي مقام ڀرسان اچي لنگهيو ته ساهي پٽڻ لاءِ اتي ترسيو ۽ پنهنجي اٺ کي انهيءَ مقام جي وڻن وٽ ڇوڙي ڇڏيائين. ڪجهه دير بعد سندس اٺ جي ٽنگ ڀڄي پئي ۽ اهو مسافر سخت پريشان ٿيو، ماڻهن کيس سيد نور محمد شاهه تي وڃي رات گذارڻ (جاڳڻ) جو چيو. اهو جت وڃي اتي جاڳيو ۽ عرض ڪيائين ته منهنجو اٺ ٺيڪ ٿي ويندو ته پڇاڙيءَ ۾ اچي سيد نور محمد شاهه تي خيرات ڪندس. رات جي پوئين پهر ۾ کيس اشارو مليو ته: ” اُٿي وڃي اُٺ ڪاهه.“ جت فجر جي ٽائيم تي وڃي اٺ کي اٿاريو ته اٺ اٿي بيهي رهيو ۽ ٺيڪ ٺاڪ هو. سچل فقير ٻڌايو ته جڏهن اهو اٺ پوڙهو ٿيو ته ساڳيو ئي جت ان کي هت (سيد نور محمد شاهه) تي ڪاهي آيو ۽ اٺ کي خيرات ڪيائين. اسان ڏٺو ته اُٺ جي جتان ٽنگ ڀڳل هئي، اتي هڪ لوهي پٽي لڳل هئي.

سندن ٻي ڪرامت پڻ تر ۾ مشهور آهي. سچل فقير لاڙڪ جو والد صاحب موريو فقير (متوفي: عمر 100 سال) پهلوان هو ۽ تريءَ تي مقابلي ۾ ڏيڍمڻ جو پٿر کڻندو هو. هڪ رات جو سيد نور محمد شاهه کي خواب ۾ ڏٺائين ۽ کين عرض ڪيائين ته دعا ڪريو ته انهن ۾ وڌيڪ طاقت ٿئي. سيد نور محمد شاهه کيس ڀرسان ٻرندڙ باهه جي مچ ۾ ٻانهن وجهڻ جو چيو. موريل فقير ٿورو پريشان ٿيو ۽ باهه ۾ ساڄي ٻانهن بدران کاٻي ٻانهن وڌائين ۽ دل ۾ چيائين ته سڙي ته کاٻي ٻانهن سڙي. جڏهن سجاڳ ٿيو ته کيس کاٻي ٻانهن ۾ وڌيڪ طاقت محسوس ٿي. بقول سچل فقير جي، ته بابو کاٻي ٻانهن جي تريءَ تي پوڻا ٻه مڻ کڻندو هو (6).

سيد نور محمد شاهه جي هڪ ٻي ڪرامت پڻ مشهور آهي. سيد صالح محمد شاهه جيلاني (درگاهه راڻيپور شريف) وارن کي نرينو اولاد نه پئي ٿيو. ڪيترن ئي درگاهن ۽ اهل مماتي بزرگن وٽ ويو. ائين پاڻ دعا لاءِ سيد نور محمد شاهه وٽ ڪنڍا کاهيءَ ۾ جيپ تي چڙهي آيا. ان وقت سيد نور محمد شاهه بندوق هٿ ۾ کڻي وڻ تي پکين جو نشانو وٺي رهيا هئا ۽ سندن فائر ڪرڻ سان ٻه پکي اچي پٽ تي پيا. سيد صالح محمد شاهه جيڪو اڃان جيپ مان هيٺ مس لٿو هو ۽ حالي احوالي نه ٿيا هئا، کي مبارڪ ڏيندي فرمايو ته: ”صالح محمد شاهه مبارڪ اٿوَ، اوهان کي ٻه پٽ ڄمندا.“ سيد صالح محمد شاهه، دعا لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ سندن لاءِ دعا گهريائون. ان بعد سيد نور محمد شاهه کين دعوت کائڻ جو چيو، جيڪا انهن قبول ڪئي. ان وقت ظاهر طور تي وٽن کائڻ پيئڻ جو ڪوبه سيڌو سامان نه هو. پاڻ مريدن کي چيائون ديڳ چاڙهيو. پاڻ جتي ويٺا هئا، اتي ڀاڻ رکيل هو ۽ سندن چوڻ مطابق ڀاڻ جي ٻوري ان ۾ وڌائون. رڌڻ کان پوءِ اهو ڀاڻ چُوري ٿي پيو، جنهن تي سيد صالح شاهه چيو ته ”سيد نور محمد شاهه آهي نوري، جنهن جو ڀاڻ به آهي چُوري(7).“

نور محمد شاهه جا صحبتي:

سيد نور محمد شاهه جا ڪيترائي صحبتي هئا جن ۾ کاهي راهو (ضلعو نوشهروفيروز) جو مشهور بزرگ قاضي شاهه محمد (اول) بن قاضي ميان محمد ڪامل، (روايتن مطابق ميان محمد ڪامل شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مريد هو ۽ لطيف سائين ميان صاحب وٽ کاهي راهو آيو هو، جتي هڪ رات قاٰضي صاحبن جي مسجد شريف ۾ ٽِڪيو هو، جتان پوءِ ڀٽائي سرڪار ڪوٽڙي محمد ڪبير ۾ مخدوم محمد ۽ اتان کهڙن جي مخدوم ۽ سچل سائين جي ڏاڏي ميان صاحبڏني سان رهاڻ لاءِ روانو ٿيو هو. هن وقت اها تاريخي مسجد قاضي صاحب جي پڙپوٽي جي فرزند حڪيم قاضي شاهه محمد (ٻيو) شهيد ڪري نئين سر تمام خوبصورت ڊزائن سان تيار ڪرائي آهي)، جيڪو عالم سان گڏوگڏ وڏو حڪيم هو ۽ کاهي راهوءَ ۾ سندس مدرسو هو. پاڻ لونگ فقير (متوفي: 27 ذوالقعد 1279هه/1862ع) جو مريد هو، ۽ خليفي سندس وصيت مطابق فقير جي جنازي نماز پڙهائي هئي. قاضي صاحب 1280هه/1863ع ڌاري وفات ڪئي(8). حافظ ميان محمد دائود قريشي بن حافظ ميان عبدالستار قريشي، وڏو عالم، پرهيزگار ۽ متقي شخصيت ٿي گذريو آهي. پاڻ سيد نورمحمد شاهه جو صحبتي هو، سندن مدرسي ۾ درس ۽ تدريس جون خدمتون سرانجام ڏيندو هو. حافظ صاحب، سيد نور محمد شاهه جي مسجد شريف (ڪنڍا کاهي) ۾ مسجد جي امامت جو فرض پڻ انجام ڏيندو رهيو. پاڻ کوڙي شريف جي ’مدرسه يعقوبيه‘ ۾ پڻ درس ڏيندا هئا. سندن ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن جيڪي پوين وٽ محفوظ آهن. کين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جيڪو سندن همعصر هو، پنهنجو هٿين اکرين لکيل ڪتاب ’سفينة السالڪين‘ تحفي طور ڏنو. ان ڪتاب تي مخدوم محمد هاشم جي مهر ۽ سندن هٿ اکرن ۾ لکيل عبارت موجود آهي. اهو ڪتاب ۽ ٻيا قلمي ڪتاب، سندن اولاد وٽ محفوظ آهن. پاڻ 27 رجب 1218هه/1803ع تي وفات ڪيائين ۽ ابجي- مٺياڻيءَ ۾ مدفن آهن(9).

قاضي ميان محمدي بن حافظ ميان محمد دائود قريشي: سيد نورمحمد شاهه جو پيارو طالب، خليفو همعصر ۽ صحبتي هو. پاڻ شعبان مهيني 1218هه/1803ع ۾ تولد ٿيو ۽ 12 ذوالقعد 1293هه/1876ع ۾ وفات ڪيائون. قاضي صاحب حافظ قرآن، عالم ۽ ولايت جو صاحب هو. مخدوم محمد يوسف دهلوي وٽ کاهي راهو ۾ قرآن پاڪ قراءت سان حفظ ڪيائون، جڏهن ته شريعت جو علم کوڙي شريف جي ’مدرسه يعقوبيه‘ مان حاصل ڪري فارغ التحصيل عالم ٿيو. معرفت جو علم سيد نور محمد شاهه کان حاصل ڪيائون. پاڻ صاحبِ حال ۽ قال هو. پنهنجي زندگيءَ جو ڪافي حصو درس تدريس ۾ گذاريائون. ڪنڍا کاهيءَ ۾ سيد نور محمد شاهه جي قائم ڪيل مدرسي ۾ گهڻو عرصو رهيو ۽ ان دوران سيد  نورمحمد شاهه جي مسجد شريف جي امامت جا فرض پڻ انجام ڏنائون. حافظ صاحب، صاحبِ تصانيف پڻ هو. سندس ڪيترائي لکيل قلمي ڪتاب، عربي ۽ فارسيءَ ۾ سندن پونئرن وٽ موجود آهن. ميان محمدي قريشي جن جو وڏو ڪتبخانو هو جيڪو کين وڏن کان ورثي ۾ مليو هو ۽ پاڻ به ان کي وڌائي اوج تي پهچايائون. پاڻ سڄي عمر مجرد رهيا ۽ شادي نه ڪيائون. سندن ڪتبخاني جو ڪافي حصو ميان صاحب جي ڀاءُ ميان قاضي محمد ايوب جي فرزند ميان محمد عبدالرحمان قريشي (متوفي: 1920ع) جي پوٽي عتيق الرحمان قريشي بن قاضي ميان اسدالله وٽ محفوظ آهي، جنهن ۾ اڻلڀ قلمي عربي، فارسي مخطوطا، قرآن جا قلمي قديم نسخا، فقهه، تصوف ۽ ٻين موضوعن تي سوين مخطوطا ۽ ڪجهه خانداني بياض شامل آهن (10).

مخدوم محمد يوسف دهلوي: روايتن مطابق چندي ڳڙهه رياست جو شهزادو هو، اميري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين ۽ حج جي ارادي سان ’راور‘ وارو رستو ڏئي نوشهروفيروز پهتو، جتي مخدوم شهاب الدين غالباً مخدوم عبدالحي نقشبنديءَ جو والد صاحب جيڪو ’سير ڌڻي‘ جي لقب سان مشهور آهي، شاهه نصير نوشهرائي (ڪافين جي قادرالڪلام شاعر جو ڏاڏو هو) سان ملاقات ٿينِ. مخدوم صاحب کين چيو ته اوهان پيرسن آهيو، باقي عمر هن ملڪ ۾ رهي فيض پکيڙي اجرحاصل ڪيو. پوءِ پاڻ کاهيءَ جي جامع مسجد ۾ رهڻ قبول ڪري درس کوليائون. چوندا هئا ته سندن زبان مبارڪ ۾ عمده تاثير هو يعني جن کانئن سبق ورتو انهن مان ڪي عالم ٿيا ته ڪي حافظ. اها ڳالهه تمام مشهور هئي. قاضي ميان محمدي جي ڀائيٽي ميان عبدالرحمان قريشي (متوفي: 1920ع) جي لکڻ مطابق ته ميان صاحب اسان کي ٻڌايو ته: ”جڏهن پاڻ تمام پوڙها ٿيا تڏهن سندن آڏو خليفا ۽ حافظ هئا جيڪي پڙهائيندا هئا ۽ پاڻ رڳو عبادت ۾ مشغول هوندا هئا. حافظ صاحب مرحوم جي لاڏاڻي جو وقت ٿيو تڏهن سيارو هو، کين اسهالن جي بيماري ٿي، پوءِ اوچتو هڪڙو شخص اچي ظاهر ٿيو جنهن کي ڪنهن به نٿي سڃاتو، اهو سندن خدمت ڪندو هو، اندر حُجري ۾ باهه جي ڀرسان رسي ٻڌي انهيءَ تي لٽا ڌوئي سڪائيندو هو. جنهن وقت پاڻ رحلت ڪيائين ته پوءِ اهو شخص غائب ٿي ويو.“ هيءُ ولايت جو صاحب 9 جمادي الاول 1237هه/1821ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، کين کاهي راهو ۾ مسجد جي لڳ ڏکڻ  ۾ صحن اندر قاضي شاهه محمد ڀرسان قبي ۾ مدفن ڪيو ويو(11).

خليفا ۽ مريد:

سيد نور محمد شاهه جا هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ معتقد هئا جيڪي سندن روحاني فيض مان بهرور ٿي ڪامل ٿيا. ڪيترائي حق جا طالب راهه سلوڪ جون منزلون طئي ڪري، روحاني فيض وٺي واصل باالله ٿيا، انهن بزرگن وري پنهنجو خانقاهون قائم ڪري نقشبندي سلسلي کي اڳتي هلايو ۽ پاڻ پڻ ڪيترن ئي ٻانهن کي فيض ڏنائون جيڪي صاحبِ فيض ٿيا جن مان ڪجهه جو تذڪرو هيٺ ڏجي ٿو:

خليفو مخدوم محمد عيسيٰ ڪيريو بن حافظ ميان شاد الله: ڀريا ڀرسان ڳوٺ ڍينگي جو رهواسي هو، تمام وڏو ڪرامت ۽ ڪشف جو صاحب ٿي گذريو آهي. پاڻ سيد نور محمد شاهه جو پيارو مريد ۽ خليفو هو. سندن مقام ۽ مرتبي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو سندس مرشد جيڪي کين خط لکيا آهن تن ۾ کيس دعا لاءِ چيو ويو آهي. روايتن مطابق پيرعلي گوهر شاهه اصغر ’بنگلي ڌڻي‘ ڳوٺ ڍينگي ڀرسان ’ٻٽا واٽر‘ وٽ پنهنجن مريدن ڪيرين فقيرن (جيڪي اڄ تائين خليفا سڏجن ٿا ڇاڪاڻ ته پاڻ سيد پير صبغت الله شاهه (اول) ’تجرڌڻي‘ کان وٺي اڄ تائين مريد آهن) جي دعوت تي آيا، اتي پهچي پاڻ فرمايائون ته هتي مون کي خوشبوءِ ٿي اچي. فقيرن کين وراڻيو ته هائو سائين هتي هڪ فقير آهي. پاڻ ميان محمد عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڪجهه وقت رهاڻ ڪري بعد ۾ پنهنجن مريدن ڏانهن روانا ٿيا. ميان محمد عيسيٰ حافظ قرآن هجڻ سان گڏوگڏ فارغ التحصيل عالم هئا. نوشهري فيروزي قاضين جي مدرسي مان علم جي تحصيل مڪمل ڪيائون. پاڻ بهترين ڪاتب پڻ هئا. هن وقت به سندن پڙپوٽي حڪيم ميان محمد صالح (1928- 1991ع) جي فرزند ميان محمد عيسيٰ وٽ وڏڙن جا ڪيترائي عربي، فارسي ۽ سنڌي جا ڇاپي توڙي قلمي نسخا موجود آهن جن ۾ سيد نورمحمد شاهه جا لکيل خط (جيڪي ميان محمد عيسيٰ ڏانهن لکيا اٿن) ميان صاحب جي هٿين اکرين منظوم سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ ملن ٿا، ان کان علاوه خواجه محمد زمان لنواروي جي ملفوظات  ’فردوس العارفين‘ جيڪا سندن مريد بلوچ لکي، ميان عيسيٰ جي ڪتابت ٿيل موجود آهي. ميان صاحب جا سنڌي توڙي فارسي اکر موتين جي داڻن جهڙا سهڻا آهن. سيد نورمحمد شاهه جي لکيل منظوم سنڌي خطن توڙي فارسيءَ وارن خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان محمد عيسيٰ کين تمام پيارو ۽ ويجهو هو، ڪافي حال احوال هنن سان اوريا اٿن. انهن خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ کين سلوڪ جي طالبن جي تربيت لاءِ پڻ مامور ڪيو هو.

سيد نورمحمد شاهه جي لکيل منظوم خطن مان سندن ولايت جي مقام جو پتو پوي ٿو. هڪ خط ۾ پاڻ لکن ٿا: ”اعليٰ علم ذات جو آهي سڀن علمن کا، سڀ ڪَهي کي حاصل نٿي ري عارف انبيا. سو اوان کي حاصل آهي اعليٰ مقصودا.“ يا ٻئي خط ۾ لکن ٿا ته: ”اوان کي بادشاهي وڏي معرفت آهي حاصلا، هي وڏي نعمت آهي سَرتَاج ٻنِ جهانن کا. وڏا بخت اننجا جن کي آهي نصيبا.“ يا ”اوين پاهجي مولا ساهوئجو محوَ مشغلا، خليفي سا صحبت ڪجو ساڻ ادب محبتا، پوءِ فاني بقا با الله هوئجو محڪم مولا سا.“

ميان محمد عيسيٰ کان سوين ماڻهن فيض ورتو، سندن خليفن ۾ الهه جيارو سهتو بهلاڻي ضلعو نوشهروفيروز، محمد صالح ڀَيو نزد ڀريا، جمعو فقير سومرو ڀاڳُو ديرو لڳ ٺارو شاهه (ضلعو نوشهروفيروز)، ظفرالله جمالي- شڪارپور ۽ مائي ڪذبانو جتوئي، محراب پور، ڏوڪري (لاڙڪاڻو) مشهور ۽ معروف آهن. پاڻ 1287هه/1870ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس مزار مبارڪ ڍينگي ۾ مسجد شريف جي اتر ۾ آهي، جنهن تي ڪوٺو ٺهيل آهي. سندن مزار سان گڏ اولهه ۾ سندن فرزند ميان عبدالرحمان ۽ اوڀر ۾ ٻيو فرزند محمد صالح مدفون آهن. ڪوٺي کان ٻاهر سندن پوٽو ميان حڪيم الهڏنو (متوفي: 1934ع) مدفون آهي، جنهن مٿان ڇاپرو ٺهيل آهي.

ميان صاحب کي چارفرزند: ميان محمد صالح، ميان عبدالرحمان، ميان عبدالرسول ۽ ميان علي محمد هئا. عبدالرسول ۽ ميان علي محمد شادي ڪانه ڪئي جڏهن ته ميان عبدالرحمان کي صرف هڪ نياڻي هئي. باقي ميان محمد صالح کي ست فرزند ٿيا جن مان ميان الهڏنو (متوفي: 1934ع) حافظ قرآن، حڪيم، فارسيءَ ۽ عربيءَ ٻوليءَ جو ڄاڻوهو. پاڻ پنهنجي بزرگن جا ڪجهه نسخا پنهنجي هٿ اکرن سان نقل ڪري کين ضايع ٿيڻ کان محفوظ ڪيو. ميان صاحب جي اولاد مان ڪيترائي ولايت ۽ ڪاني ڪرامت جا صاحب هئا، جن مان خليفو ميان علي محمد ۽ خليفو ميان الهڏنو مشهور هئا(12).

مخدوم عبدالواحد ’عبدي‘ (پکي ڌڻي) بن مخدوم محمد عيسن درٻيلائي؛ سيد نور محمد شاهه جا تمام پيارا مريد ۽ خليفا هئا. پاڻ 1243هه/1827ع ۾ درٻيلي ۾ جنم ورتو. مخدوم صاحبِ  ڪشف ۽ ڪرامت جو ڌڻي ۽ واصل باالله هو. مرشد کين گهڻو ڀائيندا هئا. مخدوم صدرالدين، جيڪو سندن پڙپوٽي جي فرزند محمد اڪرم (متوفي: 1993ع) جو پٽ آهي، جي روايت مطابق ته هڪ دفعي سيد نورمحمد شاهه پنهنجي گهروارن سان ويٺا هئا ته سندن گهرواري ننڍڙي نياڻيءَ ڏانهن اشارو ڪندي عرض ڪيو ته: ’قبلا! ننڍڙيءَ کي دعا ڪيو ته کيس ڀاءُ ڄمي.‘ پاڻ پنهنجي گهر واريءَ کي فرمايائون ته: ”هن کي مخدوم عبدالواحد جو ڀاءُ آهي.“ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مخدوم صاحب کين ڪيترو نه پيارو ۽ عزيز هو. پاڻ ڪنڊياري کان اولهه طرف چند ڪلوميٽر بچاءُ بند اندر ’آباد‘ ڳوٺ ۾ درگاهه جو بنياد وجهي نقشبندي سلسلي کي هلايو. کانئن سوين ماڻهن فيض وٺي ڪماليت حاصل ڪئي، جن مان خليفو صوبدار جتوئي ڏوڪريءَ وارو، ميوو فقير چانڊيو بهادرپور خيرپورناٿن شاهه، آيل ڦلپوٽو، نصيرآباد، قنبر- شهدادڪوٽ، سيد فتح علي شاهه (ڪيٽي نواز علي شاهه) مخدوم صاحب جا خليفا هئا ۽ صاحبِ ڪرامت هئا. ان کان علاوه خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان رهندڙ ڪهنگ جا قاضي ۽ ٻگهيا ڪيٽي جا محمد موسيٰ ٻگهيو، خان صاحب الله بخش ٻگهيو (نئين گڏ، ڏوڪري) پڻ سندن مريدن ۾ شامل آهن. هنن ٻگهين ديهه آباد ۽ ڀرپاسي جي ڪافي زمين مخدوم صاحب کي ننگر ۾ ڏني هئي. مخدوم صاحب 1291هه/1874ع تي وصال ڪيو، کين ’آباد‘ ۾ دفنايو ويو. ڪافي سالن بعد سندن فرزند مخدوم حبيب الله (ڄم: 1267هه/1850ع) کين اتان ڪڍرائي، ان کان اورتي ’پيري‘ ۾ دفن ڪرايو ۽ اتي درگاهه جو بنياد وڌو ويو. پيريءَ واري زمين سندن مريدن لنجارن جي هئي جن کين ڏني جتي مخدوم صاحب سان گڏ سندن اولاد پڻ مدفون آهي.

مخدوم عبدالواحد کي چار فرزند: هيرمحمد، حبيب الله، محمد مراد ۽ ولي محمد ٿيا. ميان حبيب الله، ان جي فرزندن ميان غلام صديق، ميان غلام محمد، ميان غلام نبي، هن سلسلي کي اڳتي هلايو(13). مخدوم صاحب جي وفات تي سندن سؤٽ مخدوم غلام الله جي فرزند مخدوم خان محمد هيٺيان شعر چيا:

سيد اقطاب شاهي عاجزان،

غوث عالم دستگير بيڪسان.

درطريقه خواجهائي نقشبند،

هست عاليشان ايشان ارجمند.

من چه گويم وصف آن سلطان دين،

خواجه عبدالواحد برهان دين.

هاتف آوازه مراد داره چنين،

کاشف اسرار وحده کاملين.

 1291هه/1874ع

----

خواجه عبدالواحد اسرار حق،

شد منور نور او انور حق.

شه زنورمحمد نورياب،

برسهِ او نور نور انبياء.

درطريقه خواجها روشن خوراست،

دستگيري بيکسان محتاج است.

دُر دُري يد در سفينه اولياء،

عاشق برآن شهي شه اولياء.

من چه گويم وصف آن اقطاب سلطان دين

غوث اعظم دستگيري اولياء.

-----

بحراز ايِن شد خواجه عبدالواحدي،

درِ طريقه خواجهائي دُر بُدي.

بحرازان شد شه حبيب الله ولي،

درجهان شد کامل مکمل ولي.

----

خواجه عبدالواحد شد بعد ازو،

رحمت العالمين شد باز او،

من چه گويم وصف او ابرسخا،

تابند پيغمبري شد اوليا(14).

مخدوم عبدالواحد فارسيءَ جو بهترين شاعر هو. سندن ڪيترو ئي ڪلام چيل آهي. ان کان علاوه پاڻ ڪيترن ڪتابن جو مصنف پڻ هو. گهڻي ڳولا ڦولا بعد سندن ڪجهه شيون مليون آهن، جن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

مخدوم صاحب پنهنجي چاچي مخدوم محمد جعفربن مخدوم عبدالواحد (متوفي: 1268هه/1851ع) جي وفات تي هيٺيان تاريخي اشعار چيا:

بدعارف مڪمل آن پيشوائي دين،

برمسند طريقت آن شاهه بد نشين.

باتاج لطف ايزد آن شاهه سرفراز،

از عارفان هردوجهان بود بهترين.

مهتاب چو.......... شد معدوم آترمان،

برداشته نقاب چو محبوب حورجبين.

شد رحلتش بوقت عصرازين سرافنا،

بادوستان ذي سلم گشت همنشين.

تاريخ نوزده بُده ماهه صفردرآن،

باقرب حق مشرفِ نزديک شد ترين.

مردن بعاشقان نبود هيچکه بدان،

زين غم سرانشته آرام درمکين.

باحورقاصرات الطرف گشت همنشين،

درباغ بس مکرم خوش جنت برين.

از ماتم فراق غم وهجر فرقتش،

برخاطر محبان چون لاله داغ بين.

گرطالبي که داني سالِ وصال او،

حاصل شود تراز عددها چراغ دين(15).

                             1268هه/1851ع

ان کان علاوه مخدوم صاحب خواجه محمد صالح دمائي رحه جن جي پوٽي خواجه محمد صديق بن خواجه عبدالواحد (متوفي: 1267هه/1850ع) جي وفات تي پڻ هڪ ڊگهو قطع تاريخ چيو آهي. مخدوم عبدالواحد جو هڪ فارسي غزل ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب ”تَڪِملَةُ التڪمِلَة“ ۾ ڏنو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:

قاضيا چندين نصيحت مي کني ازعشق دوست،

آتشي از بادِ صرصرکي بگيرد انتفا.

اهل طاعت راهلالي چيز آمد ماهِ نو،

واين هلالِ عيد مارا درشفق رنگ حنا.

عابدان راقبله اي باشد جمال سنگ کعب،

قبله ماعاشقان محراب ابرو کج نما.

ازچه ’عبدي‘ گشته اي پابسته درناموسي وننگ،

خيز چون مردي يلانه شو بميدان کربلا(16).

ٻِلڙو فقير: جنهن جو مقام نوشهري فيروز کان 6 ڪلوميٽر ٺاروشاهه روڊ تي مولهڻ ڳوٺ کان اڀرندي واقع آهي. ان مقام جي نزد ڪانوَڙا ڪلهوڙا (جيڪو ڪلهوڙن جو هڪ پاڙو آهي) جو ڳوٺ آهي ۽ غالباً پاڻ به فقير انهيءَ پاڙي سان تعلق رکندو هو. سندس نالي متعلق گهڻي ئي کوجنا ڪئي وئي پرمعلوم ٿي نه سگهيو. هن فقير کي ٻِلڙو فقير ڇو سڏيو ويو، ان متعلق ڪافي جهونن کان پڇا ڳڇا ڪئي وئي، جن مطابق هيءُ فقير سيد نورمحمد شاهه جو مريد هو، ننگر لاءِ ڪاٺيون ڪري انهن جا ڪنڊا وغيره وات سان ڇلي صاف ڪري اچي ننگر خاني جي اندر خاموشيءَ سان اڇلائي ويندو هو. اهو سندس روز جو معمول هو. هڪ ڏينهن سيد نور محمد شاهه جن پڇا ڪئي ته هي ڪاٺيون روز ڪير ٿو اڇلائي وڃي. ماڻهن عرض ڪيو ته ’قبلا! الائي ڪير آهي؟ خبر نٿي پوي‘. پاڻ نور محمد شاهه جن فرمايو ته ڪو ٻِلڙو آهي ڇا جو توهان کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ان ڏينهن کان وٺي ان تي ٻِلڙو فقير نالو پئجي ويو (17).

قاضي ميان محمدي قريشي: قاضي صاحب، مٺياڻي- ابجي جي قريشي خاندان جي فرد حافظ محمد دائود قريشي (متوفي: 1218هه/1803ع) جو فرزند هو. پاڻ سيد نورمحمد شاهه جو پيارو مريد ۽ فيض يافته خليفو هو. قاضي صاحبان جي خانداني روايتن مطابق حافظ محمد دائود جن هتان سنڌ مان هجرت ڪري مديني پاڪ ويا ۽ اتي باقي عمر گذارڻ جو ارادو هئن. کين خواب ذريعي حضور پاڪ ﷺ جن ارشاد فرمايو ته: ”شاديءَ کان انڪار نه ڪر ۽ وڃ وڃي ڳوٺ مان شادي ڪر جو تومان هڪ گل پيدا ٿيڻو آهي“. مطلب ته ميان حافظ صاحب ٻه حج ڪري 15 رجب 1217هه/1802ع تي پنهنجي ڳوٺ پهتا ۽ 27 شعبان بروز سومر 1217هه/1802ع تي شادي ڪيائون. پاڻ 27 رجب ڇنڇر جي رات بوقت تهجد 1218هه/1803ع تي وفات ڪيائين. ميان محمدي جن شعبان مهيني ۾ اربع ڏينهن 1218هه/1803ع تي ڄاوا. پاڻ جيد عالم ۽ صاحبِ ڪرامت بزرگ هو. سندن ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن. سندن خانداني بياض (جيڪو ميان عتيق الرحمان قريشيءَ وٽ مٺياڻيءَ ۾ موجود آهي) ۾ ڪيتريون ئي ڪرامتون درج آهن، جن مان هڪ هن ريت ڄاڻايل آهي ته: ”ابجيءَ ۾ هڪ ٽيڪو نالي هندو رهندو هو، تنهن سندن  امتحان لهڻ لاءِ ته قاضي صاحبِ ڪرامت برزگ آهي يا نه، تنهن کين عرض ڪيو ته وهانوَ لاءِ مون کي ٻارنهن ڪاسا ڪڻڪ جا گهرجن جيڪي هتي شهر مان نٿا ملي سگهن، مهرباني ڪري اوهان ڏيو. پاڻ انهيءَ واڻئي کي چيائون ته اسين وڪڻندا ڪونه آهيون پر توکي ضرور ڏبا. وٽن هڪ ننڍڙو گندڙو اٽڪل ٽن ڪاسن جو هو، ان جو ليڙو (ڍڪ) کولي ٽيڪوءَ کي چيائين ته ان کڻ. هن ٻارنهن ڪاسا ڀري پورا ڪري ڏسي ته گندڙو ڀريو پيو آهي. اها عبرت جهڙي ڳالهه ڏسي کانئن معافي ورتائين.“

مخدوم قاضي بخش علي: مخدوم قاضي بخش علي بن مخدوم محمد جعفر درٻيلائي، سيد نور محمد شاهه جن جو پيارو مريد ۽ خليفو هو. سندن والد مخدوم محمد جعفربن مخدوم عبدالواحد پڻ الله جو نيڪ ٻانهو هو. پاڻ مخدوم عبدالوالي درٻيلائي (متوفي: 1224هه/1809ع) جو سجاده نشين ۽ گادي نشين هو. هن ڇنڇر ڏينهن ٽپهريءَ وقت 19 صفر 1268هه/1851ع تي وفات ڪئي. مخدوم صاحب جي غسل ڪفن جو بندوبست ۽ جنازي نماز نورمحمد شاهه جن پڙهائي ۽ ٽئين ڏينهن تي سندن وڏي فرزند مخدوم عبدالوالي (دوئم) عرف بخش علي قاضيءَ کي دستار (پڳ) ٻڌايائون ۽ سجاده جي مسند تي ويهاريائون. ان کان چند ڏينهن پوءِ خواجه نور الله دمائي (سجاده نشين درگاهه حضرت قاضي احمدؒ) جن مخدوم بخش علي وٽ عذرخواهيءَ لاءِ آيا ۽ کيس دستار فضيلت ۽ دعائن سان سرفراز فرمايائون. قاضي بخش علي 1248هه/1832ع تي درٻيلي ۾ جنم ورتو ۽ 14- ربيع الاول 1288هه/1871ع تي وفات ڪيائين، کيس درٻيلي ۾ مخدوم عبدالوالي (اول) سان گڏ دفنايو ويو. سندس مسند تي سندس وڏو فرزند ميان محمد عارف ويٺو. قاضي بخش عليءَ جي وفات تي سندس خاص خليفي محمد حسن ديدڙ (متوفي: 1873ع- ڳوٺ ديدڙ تعلقو قنبر) هيٺيون رباعيون فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ چيون:

ماه شرع شريعت تابنده تازه بود،

زوج چو قطب کامل اوج اندازه بود.

تاريخهائي ابجد سالِ مغان منير

هاتف ندا بداد غريب نِوازبود.

-----

واهه محبت ميان مصلي جي، واه رونق ۽ روءِ تجلي جي.

هي هاتف ڏسي چئي تاريخ، واهه جا رمز بخش علي جي.

                                                          1288هه/1871ع

ميان قاضي بخش علي جي مسند تي ميان محمد عارف ويٺو، جيڪو 3 ربيع الاول 1268هه/1851ع تي تولد ٿيو ۽ 26 رمضان المبارڪ بروز سومر 1300هه/1882ع تي وفات ڪيائين. سندن خانداني مريد مشهور شاعر شاهه محمد ديدڙ قطعه تاريخ وفات چيو ۽ ’از غير جهان پاڪ‘ مان تاريخ وفات ڪڍي آهي (18).

مخدوم حاجي محمد ادريس: مخدوم محمد ادريس، درٻيلي ۾ 1251هه/1835ع ۾ مخدوم عبدالنبي (متوفي: 1267هه/1850ع) جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سيد نورمحمد شاهه جا خاص مريد هئا. اڪثر درگاهه ’ڪنڍاهه شريف‘ تي گذاريندا هئا. سندن مرشد سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ سيد نور محمد شاهه جن پڻ کين گهڻو ڀائيندا هئا ۽ پيار ڏيندا هئا. پاڻ 20 ذوالحج 1324هه/1906ع تي وفات ڪيائون ۽ درٻيلي ۾ مخدوم محمد عثمان جي مقام ۾ مدفون آهي. سندس پونئرن مان  هڪ فرزند سنڌ جو جيد عالم مخدوم محمد دائود (1290هه/1873ع- 1361هه/1942ع) ٿي گذريو آهي جيڪو هڪ وڏي عالم سان گڏوگڏ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو بهترين شاعر هو. پاڻ 27 رجب 1290 تي تولد ٿيو ۽ 5 ربيع الاول 1361هه/1942ع تي وفات ڪيائين. مخدوم محمد ادريس جي وفات تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر ۽ عالم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ هيٺئين قطعه تاريخ وفات چئي:

حسرتا رفت زدنياؤ جد اگشت زما،

آنکه او بود يقين قطب زمان بي تلميس.

بيست پنجم ذي حجه شب شنبه برفت،

آنکه پيوسته همي دربشغل تدريس.

بود چون قائم برسنت زان شد سالش،

عالم سني     مخدوم محمد ادريس.

مخدوم محمد دائود پڻ ڪيتريون قطعه تاريخ وفات چيون آهن، جن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿي:

فرياد وفغان که وجيد زمان مخدوم جهان قطب دوران،

رفته زجهان منها بجان داغ هجرات احرف قلبي.

درويش صفت گردون هم ومحبوب خدا محموديشم.

درعلم وعمل درفيض و فضل اعليٰ واکمل من فضل ربي.

ازکس دلشش فلک آه دلش داؤد خمش گوسال وسنش،

هردم زخدا درصبح ومسا خواهي بِدعا اغفرربي(19).

                                                                     1324

ان کان علاوه مخدوم دائود ’رحمت شد‘، ’چراغ حق‘ مان پڻ سندس وفات جو سن ڪڍيو آهي.

تصنيفات:

سيد نورمحمد شاهه ڪنڍائي، هڪ وڏي عالم ۽ معارف سان گڏوگڏ هڪ بهترين شاعر ۽ اديب هو. سندن ڪيترائي ڪتاب فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تحرير ٿيل هئا، جن مان اڄ اسان وٽ صرف ’مڪتوبات ڪنڍائي‘ (منظوم فارسي خط) ’تڪميل المعرفت‘ (منظوم فارسي- تصوف) ’حقيقتِ معرفت‘ (منظوم سنڌي) ۽ ’مڪتوبات ڪنڍائي‘ (منظوم سنڌي خط) محفوظ آهن.

حقيقتِ معرفت:

هيءُ مخطوطو ’الف اشباع‘ واري نوع ۾ آهي، جيڪو تصوف جي اهم سوکڙي آهي. هن ۾ سلوڪن جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي. هن مخطوطي ۾ 15 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ چوڏنهن سٽون آهن. هيءُ مخطوطو ساهتيءَ جي وڏي محقق ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ وٽ محفوظ هو جيڪو اڄڪلهه علم پرور ۽ ادب دوست بشير احمد هيسباڻيءَ وٽ موجود آهي. ۽ ان جو نقل مون کي سندس مهربانيءَ سان مليو، جنهن جو تعارف هت ڏجي ٿو:

هن مخطوطي جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:

ساراهه جي سبحان کي جو قادر قيوما،

ڏهه عدم موجود ڪيا ۽ مڙئي مظاهرا،

منجا ڪِني قطري خلقي صورت انسانا،

عقل ڏنا ۽ انسان کي سندو معرفتا،

حقيقت حيرت حسن جي ٿي تهکي نصيبا،

ولايت قرب معبيتَ جي ٿي تهکي تنويرا،

الانسان سري وَاَنَا سِرَهُ اعليٰ بشارتا،

سدا ته صاحب کي ڪجي ساراها،

ڪيُر سکندو ڪري تهجي تعريفا،

مُرسل مُحمد موڪليو اعليٰ محبوبا،

سرور سلطان اَنبيا زينت ارض سَمَاءَ،

سرتاج سڀنٍ اؤليا شفيع اُمتا- الخ (20).

ان بعد نسخي متعلق فرمائن ٿا ته:

هاڻي ’حقيقتِ معرفت‘، جي ڪجي بيانا،

منجه باب طريقت شريعت آهي توبه کاالفرضا،

توبه ڪرڻ ڏهه گناهن مڙني صغيرن ڪبيرنئا،

قتل زنا چوري ۽ غيبت بهتانا،

ظلم حسد ڪرڻ بغض ۽ ڪينو عداوتا،

حُب جَاهُ رياست جو ۽ محبت مجازا،

رياءُ رعونت تڪبر ترويرا،

مال يتيمن جو کائڻ ۽ فسق فسادا،

شاهدي ڪوڙي ڏيڻ ۽ ڪرڻ جاسوسا،

بيفرماني ماءُ پي جي ڪرڻ کائڻ خمرو آفيما- الخ (21).

مخطوطي جو خاتمو هن طرح ٿئي ٿو:

بعد فناجي سالڪ اهي ايمن عود ڪنا،

پوءِ منج ولايت نبين اوليٰ العزم جي ڪندو سُلوڪا،

ان کي ”سيرُ في الله“ ۽ سُيرُ اسما“ صفاتن جو سالڪ چون ٿا،

اِن وقت ۾ ’سَيرُ خاصيت‘ عناصرن جو ٿيندو ’شروعا‘

بعد ان جي ’فنا حقيقي‘ ٿيندي حاصلا،

پوءِ تميز حقيقت انساني ۽ روح جو ٿيندو تحقيقا،

بعد انجي منجه بَيدا نَشِي ۽ جِهَل حيرت جي ٿيندو سُلوڪا،

پڇاڻا ڪَني مُدت سلوڪَ جي رسندو نقطي نهايت کا،

اِن سِير ۾ وَاصِل باقي باالله ٿيندو تحقيقا،

پوءِ نهايت ’وَ رَآءُ الورآءِ‘ ۾ طنزيه ۾ ٿيندو سُلوڪا،

اِليٰ ماغايته ماشاء الله ڄاڻي ٿو مولا جل جلاله،

مولا بخش مومنن، نهايت مَقصودا،

وڃن سڀ ايمان سين، ڪلمو جي چوندا (22).

هن مخطوطي جا ٻه ٻيا نسخا پڻ معلوم ٿي سگهيا آهن جن مان هڪ نسخو سيد نورمحمد شاهه جي خليفي ميان محمد عيسيٰ ڪيريوؒ (باني درگاهه ڍينگو شريف نزد ڀريا روڊ) جن جو هٿ اکر لکيل آهي جيڪو A-4 سائيز پيپر تي لکيل آهي، جنهن ۾ هر صفحي تي ويهه سٽون آهن ۽ ڪل پنج صفحا اٿس. هن نسخي تي مٿان لکيل آهي- ”نسخه ربان العارفين سندي، تصنيف حضرت جناب شاهه صاحب سيد ميان نورمحمد شاهه صاحب ڪنڍائي عليه الرحمة والمغفرة.“ آخر ۾ مخطوطي جي هيٺان ”تاريخ 17 ماه ذي الحج 1278هه/1861ع“ لکيل آهي.

’حقيقتِ معرفت‘ جو ٻيو نسخو ڪنڊياري جي’قاسميه لائبريري‘ ۾ موجود آهي جيڪو ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي سومري جي پڙ ڏاڏي جي چاچي ميان محمد عثمان سومري جو ڪتابت ڪيل آهي. سومرو صاحب چنڊهاڻي- ڪنڊيارو جو ويٺل هو ۽ سيد نورمحمد شاهه جو پيارو مريد هو. هن مخطوطي جو ٽيون نسخو ڪنڊياري جي سليم آباد محلي جي رهواسي الطاف عباسي جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. هن نسخي جو ڪاتب
غلام حسين لاکو آهي.

تڪميل المعرفت:

هيءُ مخطوطو فارسي زبان ۾ منظوم آهي. منهنجي نظر هيٺ جيڪو نسخو آهي، اهو هن وقت خانواهڻ ۾ رهندڙ اديب ۽ شاعر محمد پناهه ڦرڙي وٽ موجود آهي. اهو بهترين خوشخطيءَ جو مثال آهي، جنهن تي ڳاڙهي مس سان فارسيءَ ۾ پاسن تي حاشيه پڻ لکيل آهن جيڪي سنڌ جي مشهور عالم ۽ مفتي مخدوم محمد عارف سيوستاني (متوفي: 1258هه/1842ع) جن جا لکيل آهن ۽ نسخي جو ڪاتب محمد عارف نالي هڪ بزرگ آهي. هيءُ نسخو ڪاتب 16 ربيع الآخر 1261هه/1845ع ۾ مڪمل ڪيو.

هن مخطوطي جي شروعات خدا تعاليٰ جي حمد ۽ تعريف ۽ محبوب مدني جي ساراهه سان هيئن ٿئي ٿي:

حمد خداکه فضل خداوند اکبراست

مختار سرذات جنابِ پيغمبر است.

سالار هر دو عالم سرتاج انبياء،

صاحب لولاڪ شفاعت در روز محشراست(23).

مخطوطي جو اختتام هن طرح ٿئي ٿو:

حمد خداکه نسخه ’تکميل معرفت،‘

مرنقشبند معرفت راز خاطراست.

چون دلپذير دانش ارباب باطن است،

مراهل فيض نسبت دل رامؤثر است.

آخر ۾ ڪاتب طرفان هيٺيان اختتامي شعر لکيل آهن جن مان هن نسخي جي ڪتابت جي تاريخ 16 ربيع الآخر ۽ سال 1261 هجري ڏينهن نڪري ٿي.

ساخته نسخه گرامي- بنهج خوب گشته اهتمامي.

کتب خامه گشت راحت اندوز- صحي پنجشنبه بود آنوقت فيروز.

بتاريخ دهم شش بود زائد - ربيع الآخرين مه پرفوائد.

زهجرت يک هزار بود دوصد - زسال شصت يکم سيزده صد.

مائته آلاف رحمات وبرکات - بود هردم بحضرت العليات. (24)

                                                                                 (16 ربيع الآخر 1261 هجري)

هن قلمي مخطوطي جو ٻيو هڪ نسخو ’قاسميه لائبريري ڪنڊيارو‘ ۾ موجود آهي، جنهن جو ڪاتب ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس السنڌي سومري جي پڙ ڏاڏي جو چاچو ميان محمد عثمان سومرو آهي. ان نسخي تي ڪاتب جي هيءَ تحرير لکيل آهي:

”اين کتاب که نام آن ’تکميل المعرفت‘ تصنيف حضرت  جناب سراج الاولياء محبوب رباني، عهده الواصلين سيدنا ومرشدنا سيد ميان نور محمد شاهه قدس الله سرهٗ، ساکن قريه کونده تعلقه نوشهره“

آخري ورق تي ڪاتب لکي ٿو:

”باتمام رسيد اين کتاب ازدست فقير پر تقصير عثمان بن مرحوم

اسماعيل سومره ساکن سعدا باغ تعلقه کنڊيارو، بتاريخ ماه رجب

1309هه يک ورق سن 1309هه نوشته گرديد، اصل سنه 1261هه“

هن مخطوطي جو هڪ ٽيون نسخو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي وٽ موجود هو جيڪو کانئس اڳتي هلي هيٺ مٿي ٿي ويو. ڊاڪٽر صاحب کي هن مخطوطي ۽ ’حقيقتِ معرفت‘ جا نسخا راهو کاهيءَ جي معزز شخصيت حڪيم قاضي شاهه محمد (ٻيو) (جنم: 1920ع) کان مليا هئا.

رساله گوهر شب چراغ:

’رسالو گوهر شب چراغ‘ تصوف جي هڪ تمام انمول سوکڙي آهي. مون وٽ هن نسخي جي جيڪا ڪاپي سامهون آهي، تنهن جو ڪاتب ميان محمد عيسيٰ ڪيريو آهي، جيڪو سيد نورمحمد شاهه جو خليفو هو. هن ننڍڙي قيمتي نسخي ۾ 50 سٽون آهن.

هن ننڍڙي رسالي جي ابتدا هن طرح ٿئي ٿي:

بسم الله ساڻ بيان ڪجي قدر فيض نسبتا،

مثِل گوهَر شبِ  چراغ آهي نادر عظيما،

سَڀَڪه نٿي سِپَ ۾ نادر گوهرا،

سوا ڪروڙن تهجي اَقَلُ آهي قيمتا.

منج خزاني ڪہ بادشاهه جي هُوِي موجودا،

پَرَهي مال مڙئي جمع ڪري سوَن سورن سا.

بيحد تہ جي باب ۾ آهي محنت مشقتا،

پوءِ گوهَرُ شَبِ چراغ وٺي ڏيئي ڪروڙا.

تڏهن گوهر شب چراغ جو ڄاڻندو قدرا،

يا منجهه درياء فارس روم جي ٿي مسافرا.

گهڻا ورهه غوطا کائي ڪري گوهر حاصلا،

تڏهه  اُني شخص کي ٿيندو گوهر جو قدرا.

پوءِ گوهر کڻي مسافر ٿي منجه ڏوري ولايتا،

گهڻي مشقت سان هٿ ڪري صحبت عارفا.

پوءِ اُني گوهر کي قربان ڪري مٿي جتي مُبارڪا،

پرلک گوهرن جا نه ٿين پَڻي پيزارا.

توڙي صدقو ساهه ڪري سِسِي سَوَ ڀيرا،

تَہ هرگز برابر نه ٿي هِڪَ نظر محبوبا (25).

هن نادر نسخي جو اختتام هيٺئين ريت ٿئي ٿو:

سداتِہ صاحب جي ڪجي ساراها،

جوڪِين منجهان موجود ڪري قادر قيوما.

سَوَ........ جا هُوَن لک لک زُبانا،

تهيسان تعريف ڪري هردم هَميِشَا.

تہ هِڪَ ذري فضل ڪرم جي ڪري ڪينَ بجا،

مگر هي فضل رَبُ جو مٿي آهي انسانا.

پرحيفِ اساجي حال کي اڪثر افسوسا،

جيئن سندسِ فضل ڪرم جي ناه نهايتڪا‘

اَسَا جي ظُلم ۽ خطا جي ناههِ نهايتڪا‘

مگر ڏنہ فضل ڪرم رب جي عاصين اميدا.

لاتقنطومن رحمة الله تُوشُو قيامتا،

ڪلمون ڪنجي بهشت جي آهي اُمت کا

لا الٰہ الا اللهُ آهي اَصَلُ معرفتا،

محمد رسولُ الله آهي اڪمل ايمانا (26).

 هن مخطوطي جو هڪ ٻيو نسخو ميان محمد عثمان بن اسماعيل سومرو رهندڙ سعدوباغ (ڪنڊيارو) جو ڪتابت ڪيل آهي، جنهن تي ڪاتب 27 تاريخ رجب مهينو سال 1309هه/1891ع لکيل آهي.

مڪتوبات سنڌي:

سيد نورمحمد شاهه ڪنڍائيؒ  جا هي سنڌيءَ ۾ منظوم خط آهن جيڪي شاهه صاحب پنهنجي پياري مريد ۽ خليفي ميان محمد عيسيٰ ڪيريي کي سندس لکيل خطن جي جواب ۾ لکيا آهن. ڪيريي فقير کانئن سلوڪ جي مختلف منزلن جهڙوڪ: علم حضوري، علم حصولي، علم حقيقت سلوڪ جو، زوال علم حضوري ۽ حصوليءَ جو، سلوڪ سير نظري، فنا ۽ بقا متعلق سوال ڪيا هئا جن جا شاهه صاحب منظوم سنڌيءَ ۾ کيس جواب لکي سمجهايا. هي منظوم خط تصوف جو اهم سرمايو آهن. درگاهه ڍينگي شريف ۾ ميان صاحب جي پڙپوٽي حڪيم ميان محمد صالح جي فرزندن ميان محمد عيسيٰ (عمر 45 سال) وٽ هن وقت خليفي ميان محمد عيسيٰ جا هٿ اکر لکيل يعني ڪتابت ڪيل 30 خط موجود آهن جڏهن ته خليفي صاحب جي پوٽي حافظ حڪيم ميان الهڏني ميان محمد صالح ڪيريي (متوفي: 1934ع) پنهنجي هٿن سان خط ڪتابت ڪيا آهن جن جو تعداد چوونجاهه آهي. ميان الهڏني جا هٿ اکر ڪجهه ڪچا آهن جڏهن ته خليفي صاحب جا اکر فارسي توڙي سنڌي موتين جا داڻا آهن. شاهه صاحب، ميان محمد عيسيٰ کي ڪيترا خط لکيا تن جو صحيح تعداد معلوم نٿو ٿي سگهي. راقم درگاهه ڍينگي شريف خود وڃي ميان صاحب جي موجود پوٽاڻ مان محمد عيسيٰ ڪيريو (عمر 45 سال) جي مهربانيءَ سان انهيءَ تاريخي ذخيري کي ڏٺو، ان جي ڳولا ڦولا ڪندي انهن ڪتابن مان ميان صاحب جي ڪتابت ڪيل ٽيهه خط ۽ ميان الهڏني جا ڪتابت ڪيل چوونجاهه خط هٿ آيا ۽ ميان صاحبن جي مهرباني سان راقم انهن جي فوٽو ڪاپي ڪرائي آهي، جيڪي مون وٽ موجود آهن. هي سڀ خط اڃا تائين قلمي صورت ۾ موجود آهن ۽ شايع نٿي سگهيا آهن. هتي پهريون دفعو ٻه خط پيش ڪجن ٿا ته جيئن ان وقت جي رائج سنڌي زبان ۽ تصوف

مڪتوب:

خليفا صاحب خط اوهان جي ڪئي خاطر خوشنودا،

اعليٰ مقصود علم فنا جو آهي هيءَ معنيٰ،

زوال علم حصولي ۽ حضوريءَ جو آهي داخل ولايتا،

ولايت اوليائن جي ولايت صغريٰ ان کي سالڪ چون ٿا،

بعد ان جي سُلوڪَ نظري سَيرُ عناصرن جو آهي داخل ولايتا،

ولايت ڪُبريٰ ولايت نبين جي آهي اُن وقتا،

ظهور تَجليا تُنِ حقّ جو آهي ظاهرا،

تجلي فعلي صِفاتي ۽ تجلي ذاتي هوندي ثابت سالڪ کا،

سا تجلي فعلي صفاتي ظاهر ٿيندي مستورا،

تجلي ذاتي هودي اڪثر ثابت سالڪ کا،

اڪثر ان وقت ۾ هوندو اِلهام حق جو صريحا،

پر الِهامُ ذات جو آهي لازم تقويٰ تَورَّعَ سا،

سخن محبوب جو ناهي حاصل سڀ ڪنهن سا،

محض بيدا نشي ۽ بي خودي سان هوئجو مَحوفنا.

مڪتوب:

خليفا صاحب محبت پيرا راحت روح دِلِن،

محبت مِڙيئي مولي جي آهي محبت مولائن،

معنيٰ مِڙيئي محبت جي آهي رحمت راز ڌڻين،

معنيٰ نقطي نهايت جي فنا غيرچون،

بِنا حضور ذات جي مڙِيئي غير ٿا ڄاڻن،

مَنجهه صورت سُلوڪ نظرجي سڀ حاصل سالڪن،

جيڪي فِڪُر فَهُم ڄاڻڻ ۾ اچي سو سڀوئي قرب سندن،

پري ڄاڻڻ پاڻ کوُ آهي ويجها روح دلن،

جي معنيٰ معيت روح جي آهي محض ڏَهُ مَاڻُن،

تي راز حقيقت رب جو آهي مخفي ڏَهه مِڙنِ،

حقيقت روح جي مِڙئي بيڪيف بي مثلن،

اِني کُن پُڻ مَن ڌڻي آهي مخفي پَاڪُ چون،

مَنجهه فنا حقيقت روح جي سالڪ ٿا سمجهن (27).

مڪتوبات سنڌي (2):

هي خطن جو مجموعو سيد نورمحمد شاهه جا لکيل خط پنهنجي مريدياڻي مائي بصران عرف مائي وڏي ڏانهن لکيل آهن جيڪي هن مائيءَ سيد سڳوري کان تصوف جي مختلف مسئلن، سلوڪن متعلق پڇيا هئا، جن جا جواب خطن جي صورت ۾، سيد نور محمد شاهه کين موڪليندو هو. هن مجموعي ۾ 62 خط آهن جن مان اڪثر خليفي محمد عيسيٰ ڏانهن لکيل خط آهن. صرف هنن جي مٿين عبارت مٽيل آهي. هي خط هن وقت ڪنڊياري ۾ رهندڙ الطاف عباسي صاحب وٽ موجود آهن. سندن مهربانيءَ سان مون کي فوٽو ڪاپي ئي مليا. هتي نموني طور هڪ خط پيش ڪجي ٿو:

مائي صاحبه، صاحبن اهل ستر حويلي جي اوانکي آهن سڀن ڏنا سلاما

سدا سلامت خوش هو هردم هميشا

اِشارو علم جو هُؤ لکيو صحيحا

اوانکي علم فقه فارسي جو ناهي ضرورا

جيڪي ڪتاب اوان وٽ آهن موجودا

سي اوانکي آهن ڪافي تماما

ٻيو ڪتاب سلوڪ جو آهي اوان وٽ نادر عظيما

سڀوئي علم سلوڪ جو آهي تنهن ۾ مُندرجا

اعليٰ مقصود آهي اُنتي ڪرڻ عملا

اعليٰ علم ذات جو آهي سڀني علمن کا

سڀ ڪنهن حاصل نه ٿئي ريءَ عارفن انبيا

سو اوانکي حاصل آهي اعليٰ مقصودا

شُڪراني نعمت جو ڪريو هردم هزارا

مائي آست کي سلام ڏجو ساري صحيحا

مائي ماءُ پهجي کي ڏجو سلاما (28).

رسالو حقيقت معرفت النفس:

هيءُ رسالو منظوم سنڌيءَ ۾ نورمحمد شاهه جو لکيل آهي. هن رسالي جو موضوع حقيقت معرفت النفس آهي. پاڻ هيءُ ننڍڙو رسالو جنهن ۾ ڪل 15 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ يارنهن سٽون اٿس، پنهنجي ڪنهن مريدياڻي جي خط جي جواب ۾ لکيو اٿن. هيءَ تصوف جي اهم ۽ بي بها سوکڙي آهي. منهنجي سامهون جيڪو نسخو آهي، اهو ڪنڊياري جي سليم آباد محلي جي رهواسي الطاف احمد عباسيءَ جي ڪتب خاني ۾ پيل آهي ۽ راقم وٽ ان جي فوٽو ڪاپي موجود آهي. هن رسالي/ مخطوطي جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:

مائي صاحبه فيض مراتب صاحب سلوڪا

ڏههُ خط اوانجي خُوش دل ٿئي مَاهِيتَ معنيٰ معلوما

توڙي سلوڪ سالڪ جو ٿئي حاصل اڪثرا

پر صفت ضميمونجو نه ٿين فاني مغلوبا

جنهن جي خبر علم کون ٻاهر نه ٿئي واقف نفس جي صِفتنئا

واقف صفتن نفس جيکا ته ڪهڙي صفت آهن مڪروه مذموما

ري تنبيهه نفي جي نه ٿئي نفس معقولا

پُن بنا معرفت نفس جي نه ٿئي قابل معرفتا

من عرَفَ نفسہ فقد عرف ربہ آهي اشارتا

پر منج علم سلوڪ جي حقيقة رازا

معرفت نفس جي آهي ٻي معنا

معنيٰ مجازي صفتن نفس جي هت آهن مذڪورا

هو معنيٰ راز حقيقت جي آهي مخفي مستورا

ڪشف راز انجو ڪرڻ ناهي جائز صلاحا

نفس جامع صفتن خير شر جي آهي معمورا

پر غالب صفتن سا آهي مرڪب مشهورا

صفت حيواني شيطاني نفساني انساني روحاني رباني آهن ممتاز مر مُوزا

بنا فنا ڪرڻ صفتن ضميمن جي نه ٿئي قابل معرفتا

پراول منجه علم سلوڪ جي نفي وجود هستي جي آهي کاالفرضا- الخ (29)

          هن نسخي جو اختتام هيٺئين ريت ٿئي ٿو:

ريءَ جنگ فتح نه ٿئي ڪافر نفس ڪنا

بعد اسلام حقيقي جي ٿيندو امر خدا

ڏَهن ڪمن مڪروهن غير جي ڪندو نفرت ندامتا

عام خلق کي بعد بَعثَ قبر جي ٿيندو تاثيرا

وَاِذالقبور بُعثِرت علمت نفس مَّاقدَّمت واٰخرت شاهد قرآنا

موجب مُتابعت امر جي هندو مومن کي شرفا

پر ايمان ڪامل نه ٿئي ريءَ متابعت اَمرا

قدر اَمر نَهي جو هوندو مؤمن کي اصلا

اَمُر ليلا جو مجنون کي آهي عزيزا

موليٰ مؤمنن کي ڪرين حاصل هدايتا

ڪنجي هدايت ايمان جي آهي ڪلمون ڪريما

لا الٰہ الا الله محمد رسول الله ڪامل معرفتا (30).

(مڪتوبات فارسي) برهان العارفين:

هي فارسي (مڪتوب) خط، سيد نورمحمد شاهه جن جا لکيل آهن جيڪي پاڻ پنهنجي خليفي ميان محمد عيسيٰ ڪيريي ڏانهن لکيل آهن. هي خط، تصوف جو اعليٰ نمونو آهن. منهنجي سامهون خطن جو جيڪو مجموعو آهي سو ميان صاحب محمد عيسيٰ جو گڏ ڪيل آهي، شايد سندن هٿين اکرين لکيل آهي. هن مجموعي ۾ تقريباً ٽيتاليهه (43) خط موجود آهن. هي خطن جو مجموعو ميان صاحب جي اولاد وٽ موجود آهي. محمد عيسيٰ ڪيريو ساڪن درگاهه ڍينگو شريف نزد ڀريا ضلعو نوشهروفيروز جي مهرباني سان راقم ان مجموعي جي فوٽو ڪاپي حاصل ڪئي آهي. هن خطن جي مجموعي جي شروعات هيٺئين عبارت سان ٿئي ٿي:

”هٰذهِ الڪلمات بطريق مرسلات که از تحريرعن فياض الزمان، واقف رموز ڪن (ڪون) ومڪان
قطب الزمان، الغوث الخلائق، غواص بحرالحقائق مخزن النورين مجمع البحرين عارف با الله واصل الي الله، مرشدالراشدين هادي للمسلمين، وسيلتُنا الي الله الغني حضرت مرشد الرشد سيد ميان نور محمد شاهه صاحب ڪندوي يڪجا تبت ورزيده، مسڪين حقير پُر تقصير گنهگارعاصي رسمهائـﻶ در صحت تسطيراست که خواندگان ازين ڪتاب مسمي ”برهان العارفين“ بهره ياب بوده درحق حقير مذڪور دعا ومغفرت والرحمت ياد باشند. الهم اغفروارحم وترقي الدرجات يا قاضي الحاجات (31).

هن عبارت ۾ ميان صاحب جن پنهنجي مرشد ڪنڍائيؒ جن کي تمام وڏن لقبن القابن سان ياد ڪيو آهي. پاڻ هن مجموعي جو نالو ’برهان العارفين‘ رکيواٿن. برهان العارفين مان نموني طور هڪ خط پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو:

جناب فيض مآب قرة عيني سلم کم الله وابقاکم

السلام عليڪم ورحمت الله

آرنده طالب صادق است. اورا بتوجه دعا سپر الي الله مشغول مراقبه نماييد که صاحبِ نسبت گردد ذاللــــــــ فضل الله يؤتية من يشاء.

محض فاني باقي بذات حجت علي الدوام باشند که درصحت سقيم حال مطلع نباشد و همچو از معاملات دنيوي خاطر ملول نباشد. حقي که عارف دُم ومدح، فقروغنا برابر داننده باشد.

صاحبِ ولايت راستر حال واجب وعشق اسرار واخبار باطن ممنوع است بلڪه موجب استعداد هرکس سخن گفته شود.

والسلام (32).

مخزن راز حقيقت:

هيءَ فارسي مثنوي آهي جيڪا الطاف احمد عباسي وٽ سندن ڪتبخاني ۾ پيل خطن واري مجموعي سان گڏ شامل آهي. هن مثنوي جو ڪوبه  نالو/ عنوان لکيل ناهي ليڪن هن مثنوي کي غور سان مطالعي ڪرڻ بعد آءٌ انهيءَ راءِ تي پهتو آهيان ته هن جو نالو ’مخزن راز حقيقت‘ آهي جيڪو ان مثنوي جي اختتامي شعرن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو. هن مثنوي ۾ لڳ ڀڳ چاليهه شعر آهن. مون وٽ موجود نسخي ۾ فارسي سان گڏ سنڌي ترجمو پڻ آهي. هن مخطوطي ۾ ڪاتب جو نالو لکيل ناهي پر آخر ۾ بتاريخ هزدم ماه شعبان 1269 يعني ’15 شعبان 1269 هجري‘ لکيل آهي. منهنجي تحقيق مطابق ته سيد نورمحمد شاهه جن اها مثنوي انهيءَ تاريخ تي تحرير ڪئي آهي ۽ ڪاتب به پوءِ اها اصل تاريخ لکي آهي.

مثنوي جي شروعات هنن شعرن سان ٿئي ٿي:

چُون جلوه عشق راز حُسن زاعيان نمود

ران جلوه حُسن اسماوصفات ظاهر ست.

هرچند رنگ بُوءِ بگلشن شهادت ست،

زان نِگهت نهار حُسن راعيان تَرست

ڪه فَوقُ پَستِ ڪَشفُ مظاهِرُ حُسن بُودِ،

اغيار رَاچهِ قَدر حقيقت مظاهِر ست.

از خيمه بُوئي لَيلي مجنون را بُوَدِ،

ديدار گل به بلبل مَهجور خوشترستِ.

ظاهر دليل ماهيت رَازُ باطن ستِ

باطن بذات بيَچون بيڪيفُ ظاهرست،

نزديک ترذات گل غنچه چيزست

هم دورِ تَرزِ دَرکه فراست تصورست.

هرچند بوئي علم اثر ذاتِ خود بُودِ،

آنقدر احتجاب حقيقت بِرَهبر ست،

اول حجاب علم حصولي بدل نُود،

زان بعد قيد علم حضوري قوي تر ست (33).

هن مثنوي جو اختتام هيٺين شعرن سان ٿئي ٿو:

چون نکته عدم جامع نکته نهايت ست،

مرکشف ذاتِ بيچون را آيت اکبرست

بالفعل عدم گشتن بافکر ثابت ست.

بالذّاتِ عدم گشتن کبريتِ احمرست.

هرچند فکر فوقيتي دور تر بُودِ،

آنقدر عدم سالک رافوق رهبرست.

چون نکتہ جامع نکته نهايت ست.

سِرَّ ذاتِ بَيچُون را آيت اکبرست

هرچند عَدَمُ گشتن کبريت احمرست،

خُود پرده رازُ بَر سَر مخزن حقيقة ست،

همه آئينه شهُود حقيقت بَرهبرست (34).

مرشدن جي درگاهه جي حاضري:

سيد نورمحمد شاهه جن کي پنهنجي مرشد مربيءَ سان انتها درجي جي محبت ۽ عشق هو. سندن ديدار کان سواءِ سندن روح بي قرار ۽ بي چين رهندو هو. ان لاءِ پاڻ ٻپهري نماز بعد پنهنجي ڳوٺ ڪنڍا کاهي کان پيدل نڪرندا هئا ۽ تقريباً چاليهه ميلن جو مفاصلو طيءِ ڪري مرشدن ڪريمن جي درگار شريف (قاضي احمد) تي پهچندا هئا جتي مغرب جي نماز مرشدن جي پويان پڙهي، سندن ديدار ڪري اجازت وٺي واپس ورندا هئا ۽ سومهڻيءَ جي نماز پنهنجي ڳوٺ اچي پڙهندا هئا.

روايتن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڳوٺ نواب ولي محمد پهچي (جيڪو ان وقت جهنگ هو ۽ آبادي نه جي برابر هئي) جهنگ مان ڪاٺيون ڪري، انهن جا ڪنڊا صاف ڪري، مرشدن جي لنگرخاني لاءِ کڻي ويندا هئا. هڪ دفعي پاڻ جيئن پنهنجي مرشدن جي خانقاهه تي وڃي رهيا هئا ته نواب ولي محمد ڀرسان اوچتو بگهڙ مٿن حملي جي ڪوشش ڪئي، پاڻ ان کان جان ڇڏائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪيائون پر بگهڙ سندن پچرنه پئي ڇڏي. هوڏانهن سندن مرشد حضرت قاضي احمدؒ جن خانقاه شريف تي وضوع ڪري رهيا هئا، وضوع ڪرڻ دوران ڪوزي مان پاڻي کڻي اتر طرف اڇلائڻ شروع ڪيو ۽ وضوع دوران ٻه چار دفعا اهڙو عمل دهرايائون. نيٺ ڪوزو کڻي زور سان اتر پاسي هنيائون ۽ ڪوزو ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو. سائين جن کي جيڪو خادم وضوع ڪرائي رهيو هو سو تمام گهڻو پريشان ٿيو، هٿ ٻڌي کين عرض ڪيائين ته ”يا حضرتا! مون کان ڪا گستاخي سرزد ٿي آهي ڇا؟ آءٌ معافيءَ جو طلبگار آهيان.“ حضرت جن کيس فرمايو ته ”ابا! نورمحمد شاهه اسان ڏانهن اچي رهيو آهي، واٽ تي بگهڙ مٿس حملي جي ڪوشش ڪري رهيو هو، اسان پاڻي هڻي ان کي ڀڄايو پئي پر بگهڙ نه پئي مڙيو! نيٺ ان کي ڪوزو اڇلائي هنيوسين ۽ شاهه صاحب جي جان آجي ڪرائي سين.“ ڪجهه گهڙين کان پوءِ سيد نور محمد شاهه به درگاهه شريف تي پهچي ويا. کين ڏسي حضرت قاضي احمدؒ جن فرمايو ته شاهه صاحب پهچي ويو. سيد نور  محمد شاهه عرض ڪيو ته: هائو قبلا، بگهڙ جان ئي نه پئي ڇڏي، اوهان جي هڪلن کان پوءِ به نه پئي مڙيو. نيٺ اوهان جو اڇلايل ڪوزو سندس مٿي ۾ اچي لڳو ۽ بگهڙ جو ميڄالو نڪري آيو ۽ وڃي ڪِريو (35).

شادي ۽ اولاد:

سيد نورمحمد شاهه جي شادي ڪنڍا کاهي جي ميمڻن مان خليفي صاحبڏني ميمڻ جي ڀيڻ سان ٿيل هئي، جنهن مان کين صرف هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو جيڪا پڻ ولايت جي اعليٰ درجي تي فائز هئي ۽ سائين جن جي مسند تي ويٺي ۽ صاحبه پاڪ سڏجڻ لڳي جيڪي به مومنياڻيون درگاهه شريف تي حق تعاليٰ جي طلب واسطي اينديون هيون ته بيبي صاحبه جن کين تلقين ۽ توجهه ڪندي هئي.

وفات حسرت آيات:

سيد نور محمد شاهه ڪنڍائيؒ جن جي وفات جو سن صحيح نه پئي مليو. ڪيترن دوستن سندن غلط تاريخون لکيون آهن. خانزاده سميع الوريٰ ’تزئين ساهتي‘ ۾ سندن وفات 12 ربيع الاوال 1207 هجري لکي آهي. جڏهن ته پاڻ پنهنجي مرشدن خواجه قاضي احمدؒ جي وفات (1223هه/1808ع) کان پوءِ سندن سجاده نشين خواجه محمد صالح (متوفي: 1232هه/1816ع) ۽ ان کان بعد جي سجاده خواجه نور الله (متوفي: 1295هه/1878ع) وٽ پڻ آيا آهن.

راقم ضلعي نوشهري فيروز ( ساهتيءَ) جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان تحقيق دوران خوشقسمتيءَ سان مون کي هڪ قلمي ڪتاب ’شجره مخدومان درٻيلوي‘ مجمل مصنف مخدوم علي گوهر بن مخدوم محمد جعفر درٻيلوي (1250هه/1834ع- 1281هه/1864ع) ۽ بياض مخدوم محمد دائود درٻيلوي (1290- 1361هه) جنهن ۾ سندس والد صاحب ۽ شاهه صاحب جي پياري مريد مخدوم محمد ادريس بن مخدوم عبدالنبي (1251هه- 1324هه) جا هٿ اکرين ڪافي مواد موجود آهي، مليا. جنهن ۾ سيد نورمحمد شاهه ڪنڍائيؒ جن جي وفات جي تاريخ ۽ سال جا قطعهِ تاريخ موجود آهن.

مخدوم علي گوهر بن مخدوم محمد جعفر (برادرمخدوم عبدالوالي دوئم عرف بخش علي قاضي) جيڪو خود سيد نور محمد شاهه جو مريد هو، پنهنجي تصنيف ”شجره مخدومان درٻيلوي مجمل“ جي صفحي 45 تي لکي ٿو ته:

وفات شاهه صاحبان موصوف در 1270هه که، تاريخ اوشان مخدوم ميان مير (اول) همين عبارت عربي گفته است:

هوموحد ﷦“

      1270هه

بياض مخدوم محمد دائود درٻيلائي ۾ مخدوم محمد دائود پنهنجي والد مخدوم محمد ادريس جي بياض تان سيد نور محمد شاهه ڪنڍائيؒ جن جي وفات جا قطعهِ تاريخ، هڪ عربي ۽ ٻيو فارسي نقل ڪيا آهن جيڪي سنڌ جي مشهور عالم دين، بزرگ اديب ۽ شاعر مخدوم حاجي فضل الله چيا آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

وفات شيخ وَربہ الالطف

سيد جيد هو الاشرف

الاسم نورمحمد اسمہ،

ليلة السبت وصلہ والاوصف.

عشرين واحد قَد کان،

مَن ربيع الاخيرهل تاسفُ.

ڪماسنة وماخلقہ،

خلقہ الرشد‘ قال الهاتف.

     1270هه

آه فرياد وفغان دل پُرز درد،

که جهان قطب زمان، رحلت نمود،

شمع دين نورمحمد شاهه فيض،

ماهتابِ معرفت شمسِ شهود.

در عشاء شنبه از ثاني رَبيع،

بيست يکم شد به بستانِ خلود.

گفتمِ هاتف بگو سالِ وصال،

گفت شمس معرفت باالله بود (36).

               1270هه

سيد نورمحمد شاهه جي وصال جو سن ’ابرسخاوت‘ مان پڻ نڪري ٿو.

                                            1270هه

سيد نورمحمد شاهه جن ڇنڇر رات سومهڻي وقت، 21 ربيع الآخر تي 1270هه/1853ع ۾ هن فاني جهان مان دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا.

سيد نور محمد شاهه ڪنڍائيؒ جن جي وفات متعلق سندن خاص مريد مخدوم محمد ادريس (1251هه- 1324هه) پنهنجي قلمي فارسي بياض ۾ لکي ٿو ته:

”کاهي جا ٻه زميندار سائين ڪنڍائيؒ جن کي ڏاڍا پيارا هئا. انهن جي بيماريءَ جي وقت حضرت جن ٽي راتيون ان وٽ حاضر هئا، تان ته وفات ڪيائون ۽ انهن جي جنازي نماز پاڻ پڙهايائون ۽ سندس ڇوٽڪاري لاءِ دعا گهريائون. ڪجهه عرصي بعد ان زميندار جي گهر واري جيڪا تمام صالح ۽ نيڪ هئي. هروقت پوري رات مراقبي ۾ گذاريندي هئي ۽ تهجد گذار هئي. پڇاڙي عمر ۾ وصال ڪيائين. سائينءَ سندس جنازي نماز پڙهي ۽ اڳين نمازن کان زياده سندس مغفرت لاءِ دعائون گهريون. نيٺ شايد مغفرت نه ٿي جو سندس قبر ۾ الهي ويا (داخل ٿيا) جو مغفرت ٿي ۽ پنهنجي جان عزيز حق سبحان تعاليٰ جي حوالي ڪري ان عورت کي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريائون، پوءِ ان قبر مان ٻاهر آيا. فقيرن کي خبر ڪيائون ته مخدومن کي ٻڌايو (گهرايو). پاڻ ان وقت مسجد مبارڪ کي ڇڏي حويلي مبارڪ ۾ آيا ۽ مغموم هئا. مخدوم عبدالواحد، هي مسڪين (محمد ادريس) ۽ بخش علي قاضي ٽئي ڄڻا جلدي وياسون ۽ دروازي تي وڃي بيٺاسين. (مخدوم عبدالواحد جو سندن پيارو هو) کي مخاطلب ٿي فرمايائون ته ”مائي معذوب بود“ (مائي عذاب ڪيل هئي). اسين ڄاتو ته سائين جن انهيءَ عورت جي بخشش لاءِ رجوع ڪيو آهي (پنهنجي جان جي قرباني ڏني آهي) ٺيڪ 21 ڏينهن کان پوءِ اسان کي فراغ جو داغ ڏئي هن فاني دنيا مان دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا (37).

مدفن گاهه/ آخري آرامگاهه:

سيد نور محمد شاهه کي ڪنڍا کاهيءَ ۾ سندن هجري جي اتر لڳ ۽کوٽايل کوهه جي اوڀر ۾ دفن ڪيو ويو. سندن مزار مبارڪ تي هڪ ڪاٺ جو خوبصورت چبوترو/ زري مبارڪ ٺهيل آهي جيڪو فقير محمد پريل مڱرئي ڪنڊياري واري ٺاهيو هو. سندس مزار تي هڪ سهڻو مقبرو پڻ تعمير ٿيل آهي. مقبري اندر ساڻن گڏ سندن ڀاءُ سيد ستاب شاهه مدفن آهي (38).

سيد نورمحمد شاهه کي ڪوبه نرينو اولاد ڪونه هو. سندس گاديءَ تي سندس سؤٽي سؤٽ (سندن والد صاحب جي سؤٽ محمد شاهه جو وڏو فرزند) امام بخش شاهه ويٺو جنهن بعد سندن فرزند نورمحمد شاهه  (ٻيو) ۽ ان بعد ان جو فرزند امام بخش شاهه عرف حاجن شاهه ۽ هن وقت سندس وڏو فرزند نورمحمد شاهه عرف جاني شاهه گادي نشين آهي (39).

حاشيا، حوالا ۽ واڌارا

1.                         پراڻا تڳر، درياء پائي ويو. جڏهن ته نئون ڳوٺ ساڳئي نالي سان سنڌو درياء جي اڀرندي ڪناري تي بچاءَ بند ڀرسان مڃٺ ضلعي نوشهروفيروز ۾ موجود آهي.

2.                       ڪنڍا کاهيءَ جو موجود ڳوٺ نوشهري فيروز کان اتر-اوڀر طرف چارڪلوميٽر پري آهي جتي سيد نورمحمد شاهه جي مشهور زيارت گاهه آهي، هتي پراڻي دور ۾ قاضي محمد عثمان جي مشهور درسگاهه هئي، جتي پري پري کان سوين علم جا پياسا اچي علم جي اڃ اجهائيندا هئا.

3.                       کوڙو شريف، نوشهري کان چارڪلوميٽر سراوڀر هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جي آبادي هن وقت چار هزار جي لڳ ڀڳ آهي. هتي مخدوم جعفر جي فرزند مخدوم محمد يعقوب قريشي اٺين صديءَ جي آخري ۾ هڪ مدرسو ’دُارالفيض يعقوبيه‘ قائم ڪيو، جتي سنڌ جي پري پري کان طالب اچي رهندا هئا ۽ علم پرائيندا هئا. پيرمحمد يعقوب 933 هه/1526ع ۾ وفات ڪئي، ان بعد سندن فرزند پير ميان الياس، محمد تقي،
محمد الياس (ٻيو) ۽ ميان عبدالله جن مدرسي کي سنڀاليندا آيا.

         کوڙو شريف تي کوڙو جو نالو ڪيئن پيو؟ موجوده پيرصاحب محمد قاسم قريشي (عمر 80 سال) جي چوڻ مطابق ته ميان الياس جي دؤر ۾ هتي مدرسي ۾ پري پري کان طالب علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهي ايندا هئا. مدرسي ۽ علم جي هاڪ ملڪ اندر مشهور ٿي ته ’پيرڳوٺ ۾ علم جاکوڙ‘ لڳا پيا آهن. علم جا کوڙ مان ’کوڙو شريف‘ ٿي ويو. هتي 902 هه/1496ع جي ٺهيل مسجد شريف صحيح سالم ۽ بهتر صورت ۾ موجود هئي جنهن جون ڀتيون چار فوٽ ۽ ڇهه فوٽ ويڪريون هيون. هن مسجد شريف ۾ راقم ڊاڪٽر امداد ميمڻ سان گڏ نماز ادا ڪئي هئي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ذريعي پير صاحب محمد قاسم سان ملاقات ٿي ۽ کانئس انٽرويو ڪيو. ڪجهه سال اڳ پير صاحبان ان مسجد کي شهيد ڪرائي نئين سر تعمير ڪرائي آهي. هن مسجد جي خصوصيت اها آهي ته هن مسجد تي طالبن اٺ چاڙهيو هو.

4.                       کاهي راهو، نوشهري فيروز جي اُتر- اوڀر ۾ ٽي ڪلوميٽر پري آهي. کاهي ڪنڍا، کاهي راهو، کاهي ممن ۽ کاهي قاسم ڄام ڪنڍل، ڄام راهو، ڄام ممن ۽ ڄام قاسم جا اڏايل ڳوٺ آهن، جيڪي ڪوريجا هئا (روايت سائين محمد صوف لنجار، عمر 66 سال، رٽائرڊ استاد کاهي قاسم). کاهي راهو ۽ کاهي ممن قديم وستيون آهن.

5.                        سچل فقير لاڙڪ، کاهي راهوءَ ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو ڪجهه عرصي بعد ماستري کي ڇڏي، اريگيشن کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر ٿيو. 1957ع ۾ فولاد فقير جي صحبت ۾ آيو ۽ سندس طالب ٿيو. سيد محمد علي شاهه مگرجي وارو، فقير درمحمد هيسباڻي ۽ فقير خيرمحمد هيسباڻي (ٻيون)، فقير ظفر علي هيسباڻي، نول گهوٽ، مهدي شاهه ۽ بگن شاهه سان رهاڻيون/ صحبتون ڪيائين. تصوف جو اونهو اڀياس ڪيل اٿن حڪمت جي پڻ سٺي ڄاڻ اٿن. کانئن کاهين ۽ آس پاس جي ڳوٺن متعلق تفصيل سان ڪجهه سال اڳ راقم انٽرويو ڪيو هو. مٿين ڳالهين جو پاڻ راوي آهي.

6.                       راوي سچل فقير لاڙڪ، کاهي راهو تعلقو ڀريا ضلعو نوشهرو فيروز.

7.                       راوي شاهد ميمڻ ولد غلام الرسول ميمڻ، ساڪن مورو تصديق نظام الدين ڀنڀرو ڳوٺ ڀنڀرا نزد کاهي ممن تعلقو ڀريا.

8.                         حڪيم قاضي شاهه محمد بن قاضي احمد، عمر 90 سال، ساڪن کاهي راهو کان انٽرويو دوران مليل معلومات

9.                       قاضي عتيق الرحمان قريشي بن ميان اسد الله قريشي جيڪو ميان حافظ محمد دائود جن جي اولاد مان آهي، تنهن سان مٺياڻيءَ ۾ ڪيل ڪچهري دوران معلومات ملي.

10.                قاضي ميان عتيق الرحمان قريشي جي ڏنل معلومات مطابق ۽ بياض قريشي مٺياڻوي مطابق.

11.                  حڪيم قاضي شاهه محمد کان مليل معلومات ۽ بياض قاصي ميان محمدي (قلمي)

12.                ميان محمد عيسيٰ ڪيريي جي پڙپوٽي ميان محمد صالح (متوفي: 1991ع) جي فرزند ميان محمد عيسيٰ کان درگاهه ڍينگو شريف نزد ڀريا تي ڪيل مفصل ڪچهري ۽ ان مان مليل معلومات.

13.                مخدوم صدرالدين ساڪن ڪنڍا کاهي ۽ مخدوم شاهنواز ساڪن ڳوٺ ڍوڍا تعلقو ڪنڊيارو (جيڪي مخدوم عبدالواحد ’عبدي‘ جي پوٽاڻ ۾ آهن) کان مليل معلومات.

14.                ’بياض مخدومان درٻيلائي مجمل‘ مصنف مخدوم علي گوهر درٻيلوي

15.                 بياض مخدوم مان درٻيلائي مجمل (قلمي). هيءُ قلمي بياض ’ڪتبخانه ڪبير‘ الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير ۾ موجود آهي. آءٌ جڏهن تحقيق دوران ڪوٽڙي ڪبير ۾ مخدوم غوث محمد ’گوهر‘ جن جي مهربانيءَ سان سندن تاريخي ڪتبخاني ۾ ڏهه ڏينهن گذاريا ته ان دوران هي املهه سوکڙي مون کي اتي نظر آئي. مخدوم صاحب جن جي مهربانيءَ سان ان قلمي بياض جي فوٽو ڪاپي ڪرايم.

16.                بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر- تَڪمِلةُ التڪمِلَة (سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو آخري دور) (فارسي)، صفحو 192، سال 2007ع، آرٽس فيڪلٽي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

17.                هيءَ معلومات مولوي جان محمد ونگاڻي (عمر 76 سال)، ساڪن ڇٽو ونگاڻي تعلقو ڀريا کان ملي. پياري محسن ڊاڪٽر امداد علي ميمڻ سان گڏُ ’ٻِلڙي فقير‘ جي مقام جي وزٽ ڪيم، جتي ان علائقي ۽ آسپاس جي جهونن کان پڻ معلومات حاصل ڪيم.

18.                شجره مخدومان درٻيلوي مجمل (فارسي) قلمي- مصنف- مخدوم علي گوهر (1247هه- 1281هجري).

19.                بياض مخدوم محمد دائود درٻيلوي ۽ بياض مخدوم محمد ادريس.

20.              حقيقت معرفت (قلمي)، سيد نورمحمد ساهه ڪنڍائي، صفحو پهريون.

21.                ايضاً، صفحو 2

22.              ايضاً، صفحو 15.

23.              تڪميل المعرفت (قلمي- منظوم فارسي)، سيد نورمحمد شاهه ڪنڍائي، صفحو پهريون.

24.              تڪميل المعرفت، صفحو؟

25.               رساله گوهر شب چراغ (قلمي- منظوم سنڌي)، سيد نور محمد شاهه ڪنڍائي، صفحو 1-2

26.              ايضاً، صفحو 3

27.              مڪتوبات سنڌي (قلمي- منظوم سنڌي) سيد نورمحمد شاهه ڪنڍائي، صفحو؟

28.              مڪتوبات سنڌي (2) (قلمي- منظوم سنڌي) سيد نور محمد ساهه ڪنڍائي، صفحو؟

29.              رسالو حقيقت معرفت النفس (قلمي- منظوم سنڌي)، سيد نورمحمد شاهه ڪنڍائي، صفحو؟

30.              ايضاً، صفحو؟

31.                برهان العارفين (مڪتوبات فارسي- قلمي)، صفحو 2

32.              ايضاً، صفحو؟

33.              مخزن رازحقيقت (فارسي- قلمي)، صفحو؟

34.              ايضاً، صفحو؟

35.               هن روايت جو راوي مخدوم صدرالدين (عمر 50 سال) ساڪن ڳوٺ ڪنڍا کاهي آهي، جيڪو سيد
نور محمد شاهه جي پياري خليفي مخدوم عبدالواحد ’عبدي‘ جي اولاد ۾ آهي. کيس پنهنجي وڏڙن کان هيءَ روايت ٻڌل آهي.

36.              بياض مخدوم محمد دائود درٻيلائي (قلمي، فارسي)

37.              بياض مخدوم محمد ادريس درٻيلائي (متوفي: 1324هه) قلمي، (فارسي)

38.              محترم جوڻيجو سائين بخش قبولائي، مصنف ’سڄڻ ڏٺو جن‘ (جلد ٻيون) ۾ سيد نور محمد شاهه جي مضمون اندر لکي ٿو ته: ”شاهه صاحب جي روضي مبارڪ تي سندس وصال مبارڪ جي تاريخ 12 ربيع الاول 1207هه لکيل آهي جيڪا درست ناهي. ممڪن آهي ته اهو سن ۽ تاريخ روضي مبارڪ ۾ آرامي ٻئي بزرگ حافظ محمد يوسف دهلوي جو هجي.“ پهرين ڳالهه ته روضي تي لکيل سن غلط لکجي ويو آهي جيڪو 1207هه نه پر 1270هه هئڻ کپي. ٻي ڳالهه جيڪا قبولائي صاحب لکي آهي ته روضي مبارڪ ۾ حافظ محمد يوسف دهلوي پڻ آرامي آهي. حافظ صاحب هتي نه، بلڪ کاهي راهوءَ ۾ قاضي صاحبان جي مسجد جي ڏکڻ ۾ قاضي شاهه محمد اول سان گڏ مدفون آهي، جتي سندن مٿان هن وقت خوبصورت مقبرو قاضي شاهه محمد جي تڙپوٽي حڪيم قاضي شاهه محمد (ڄم 1920ع لڳ ڀڳ) ٺهرايو آهي. اها ٻي مزار مبارڪ، دهلوي بزرگ نه پر سيد نور محمد شاهه جي ڀاءُ سيد ستاب شاهه جي آهي.

39.      محترم قبولائي صاحب کان انهيءَ مضمون ۾ هڪ ٻي به سهو به ٿي وئي آهي، لکي ٿو ته : ”حضرت نورمحمد شاهه ؒ کي ڪوبه نرينواولاد ڪونه هو، کيس فقط هڪ نياڻي هئي جنهن ڪري سندن وصال مبارڪ کان پوءِ سندس ڀاءُ سيد ستاب علي شاهه گاديءَ تي ويٺو،جنهن جي اولاد مان اڄ تائين گادي نشين ٿيندا پيا اچن.“ سيد نور محمد شاهه جن جا چار ڀائر هئا جن مان هڪ سيد امير شاهه لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو واپس بغداد هليو ويو، باقي ٽن ڀائرن کي ڪوبه نرينواولاد نه ٿيو. تنهنڪري قبولائي صاحب جو اهو لکڻ ته گاديءَ وارو اولاد سندن ڀاءُ سيد ستاب شاهه جن جو آهي، غلط آهي. راقم تحقيق دوران موجوده گادي نشين سيد نورمحمد شاهه عرف جاني شاهه جي چاچي (والد صاحب جي سؤٽ) سيد نياز علي شاهه (عمر 60 سال) کان تفصيلي انٽرويو ڪيو. خاص ڪري شجره متعلق ڪيو، جنهن ٻڌايو ته سيد نور محمد شاهه جن جي گاديءَ تي سندن والد جي سؤٽ محمد شاهه جو وڏو فرزند امام بخش شاهه ويٺو، ان بعد سندس اولاد اڄ ڏينهن تائين گادي ڌڻي ٿيندو اچي. نياز علي شاهه اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. هتي سيد نورمحمد شاهه جن جو شجرو ڏجي ٿو:

* اسحاق شاهه (اول) عرف موريل شاهه

پنج فرزند ۽ هڪ نياڻي

(1) سيد نورمحمد شاهه- اولاد هڪ نياڻي صاحب پاڪ (اول) (1)

(2) سيد ستاب شاهه    - اولاد هڪ نياڻي صاحب پاڪ (دوئم) (2)

(3) امير علي شاهه    - بغداد واپس ويو.

 

(4) الهه بخش شاهه    - اولاد نياڻي

 (مدفن زير پير، نزد هالا، مريد سعيد آباد، هالا ۽ ان جي ڀرپاسي

رهندڙ ڳاهوٽي ۽ هالا جا سيد

(5) سيد سوائي شاهه- اولاد ڪونه هئس (مدفن درگاهه سيد نور محمد شاهه/ محرم شاهه)

محمد شاهه (اسحاق شاهه (اول) جو سؤٽ)            

ٽي فرزند ۽ هڪ نياڻي (صاحب پاڪ (3)

امام بخش شاهه

(جيڪو سيد نور محمد شاهه جن جي لاڏاڻي کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو)

(2) سيد ستاب شاهه

(3) اسحاق شاهه (دوئم)- اولاد (چار نياڻيون)

نظام الدين ڪلهوڙو

سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح جي اهميت

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌي ادب ۽ زبان ۾ طنز و مزاح کي بلند مقام حاصل آهي، بلڪ ظرافت، نثرخواهه شاعريءَ جو وڻندڙ ۽ دلڪش موضوع پڻ رهيو آهي، جنهن ۾ انسان کي نه رڳو قلبي قرار ۽ ذهني سُڪون حاصل ٿئي ٿو مگر سندس جسم به خوشيءَ وچان جهومڻ لڳي ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌي نثر توڙي شعر ۾ کِل، ڀوڳ ۽ مذاق جو پهلو نمايان نظر اچي رهيو آهي. نه فقط ايترو پر مزاح جي تاثير ڪري ادب ۽ ٻوليءَ م جيڪا شيريني ۽ خوش طبعي محسوس ٿي رهي آهي، سا دلڪشي ۽ رنگينيءَ جي عيان دلالت پڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو طنز و مزاح جو عنصر سنڌي علم و ادب ۽ معاشري ۾ ممتاز حيثيت به رکي ٿو.

لهٰذا، سنڌي اديبن ۽ شاعرن مزاح ۽ مذاق جي موضوع کي قبول ڪري، نه صرف علم و ادب، زبان ۽ سماج ۾ سونهن ۽ سوڀيا پيدا ڪئي اٿن، پر انهن انساني تهذيب ۽ ثقافت ۾ مزاح جي خوشبوءِ پڻ ڦهلائي آهي. جنهن جي وسيلي، غمدل انسان، مذاق جي ماحول ۾ خوش نظر اچي رهيا آهن. طنز و مزاح ڇا آهي ۽ ان جي سماج ۾ اهميت ڪهڙي آهي؟

طنز و مزاح جو مقصد، اهميت ۽ قدامت:

طنز و مزاح جو مطلب ۽ مقصد آهي- معاشري ۾ خوشيون وکيرڻ، ان ذريعي غلطين، خامين ۽ بُراين کي اهڙيءَ طرح تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي جو ٻڌندڙ يا پڙهندڙ به ان ۾ شامل ٿي ويندو آهي، پر غلطيءَ يا برائي ڪندڙ به ان تنقيد کي خوشيءَ سان قبول ڪندي، ان غلطيءَ يا برائيءَ کان پنهنجي دل ۾ نفرت محسوس ڪندو آهي. ڏک، بک، بي روزگاري، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، واپار، ڌنڌي ۽ نوڪريءَ جون مصروفيتون ۽ سنجيدگيءَ ڪري ماڻهن جي طبعيت ۾ بيزاري ۽ مايوسي پيدا ٿئي ٿي. طنز و مزاح ذريعي اها بيزاري ۽ مايوسي ختم ڪري سگهجي ٿي.

درحقيقت انسان کي نفسانفسي ۽ وٺ وٺان جي ماحول، مايوس ۽ غمگين ڪري ڇڏيو آهي، بلڪه هو پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ پڻ تبديل نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته بي چيني ۽ مايوسي مٿس حاوي ٿئي ٿي ته پوءِ هو سراپا ڏکارو ۽ چيڙاڪ ڏسجي ٿو ۽ منجهانئس سهپ جو مادو به موڪلائي ويندو آهي، تنهنڪري طنز و مزاح جي اڻاٺ ۽ قلت محسوس ٿئي ٿي، حالانڪه طنز و مزاح انساني ڏک ۽ درد جي دوا جو ڪم ڏئي ٿي يا ائين کڻي چئجي ته کِل خوشي، انسان جي دل ۽ دماغ کي، جسماني ۽ روحاني طاقت مهيا ڪري ٿي، جيڪا انسان جي خصوصاً کاڌ خوراڪ پڻ آهي. طنز و مزاح بصيرت جي نگاهن ۾، هڪ اعليٰ فڪري ۽ علمي قابليت آهي، جيڪا انسان جي دل ۽ دماغ کي قدرت طرفان مليل هوندي آهي، مگر هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي جو هو مزاح ۽ کِل خوشيءَ جو نقشو ڪڍي يا هوبهو تصوير جي منظرڪشي ڪري ڏيکاري، سا به لفظن جي حسين ميلاپ جي صورت ۾! پر البت انسان جي مٿان جڏهن ڀوڳ ۽ ظرافت جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي، تڏهن هو خوش مزاج ميدان ۾ بلڪل قدم رکي ٿو.

جهڙيءَ ريت انسان دلچسپ ۽ دلڪش منظرن ڏانهن متوجهه ٿئي ٿو، تهڙيءَ ريت کيس ڏاڍو لطف ۽ مزو به اچي ٿو. ان کان علاوه انسان کِل ڀوڳ ۽ مزاح جي تاثير کي لفظن جي روپ ۾ ڏسي، ٻڌي ۽ پڙهي ٿو ته سندس قلب ۾ قرار ۽ سرور لازمي طور اُتپن ٿئي ٿو، جيڪو سندس مزاج کي نه رڳو سرهائي ۽ راحت ڏئي ٿو، پر ان جي لاءِ وندر ۽ ورونهن جو سبب پڻ بڻجي ٿو. تنهنڪري مزاح نه صرف انسان جي انفرادي طبعيت کي مزو ۽ مسرت ڏئي ٿو، مگر اها انسان جي اجتماعي زندگيءَ لاءِ اڪسير علاج ۽ دوا جو ڪارڻ پڻ بڻجي ٿي. اهوئي سبب آهي جو اديب، شاعر ۽ سماجي فرد ظريفانه مزاحيه ادب (شعر و سخن) سان خاص دلچسپي رکن ٿا.

بهرحال مذاقيه ادب (نثر ۽ شاعري) لکڻ حقيقت پسنديءَ جي حيثيت ۾، خداداد صلاحيت آهي، جنهن کي هرڪو ڇُهي نه ٿو سگهي، نه ئي هرڪنهن جي مجال آهي ليڪن انسان جي اندر ۾ جڏهن مذاقي ڪيفيت، جذبو ۽ اشتعال پيدا ٿئي ٿو، تڏهن هو طنزيه ۽ مزاحيه نثر ۽ نظم ڏانهن رجوع به ٿئي ٿو.

ان کان سواءِ، ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماحول ۾، جڏهن هاري ۽ پورهيت انسان پنهنجي ڪم ڪار کان واندا ٿيندا آهن، تڏهن هو ڪنهن دلي دوست، کِلڻي ملڻي، ڀوڳائي ۽ ڪچهريءَ جي ڪوڏي جي اوطاق تي ڪهي ويندو آهن، جتي محفل جو رنگ مزاحيه ۽ چرچي بازيءَ جو ٿيندو آهي، اُتي سڄي ڏينهن جا سندن ٿڪ ئي لهي ويندا آهن. بلڪ ان ڪچهريءَ ۾ ماڻهو کِل ڀوڳ ۽ مذاقي گفتا ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا آهن ته اهي کِلي ڏاڍا خوش ٿي ويندا آهن. اهڙو مزاحيه ماحول ۽ مانڊاڻ، ٻهراڙيءَ جي رسم و رواج مطابق رات جي وقت اوطاقن تي مچندو آهي. سچ پچ ته ان وقت اهڙو ته خوبصورت نظارو ۽ ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جو اکين سان ڏسجي ٿو ته ان وقت ماڻهو ڪيتريقدر لطف اندوز ٿئي ٿو!

ساڳيءَ طرح شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي سماج، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت ۾ ظريفاڻو چهچٽو نظر پڻ اچي ٿو. شاديءَ جي موقعي تي، جڏهن مٽ مائٽ، عزيز ۽ ٻيا ماڻهو گڏبا آهن، تڏهن اهڙي خوشيءَ دوران ”مذاق جو ماحول“ ازخود جڙي پوندو آهي. اهو خوش نما ۽ مزاحيه ماحول نه صرف انهن لاءِ ٿوري ويرم لاءِ راحت جو سبب بڻجي ويندو آهي، پر بذلہ سنجيءَ جي ڪچهري ۽ فضا جا مزا ڏينهن ٿئي تائين پڻ ماڻيا ويندا آهن. بهرحال شاديءَ جا اهڙا موقعا، انسانذات جي اخلاقياتي پهلو، سهپ، نڪته چيني، طنز، نصيحت ۽ مزاح کي هٿي ڏيڻ جا سرچشما هوندا آهن. بلڪه اهي انسان جي ميل ملاقات، تمدن، اُٿا ويٺي، کِل، ڀوڳ، چرچي ۽ گهٻي جو سامان مهيا پڻ ڪندا آهن. ان کان علاوه، عيد جي پُرمسرت موقعن تي به خوشيءَ، کِل، ڀوڳ ۽ لطيف طنز جو ماحول پيدا ٿيندو آهي، جيڪو ٻهراڙيءَ توڙي شهري زندگي ۽ سماج جو اهم حصو ۽ بنيادي جزو آهي.

لاڙڪاڻي شهر جي شاعرانه محفل جي حسين ۽ سهڻي روايت قائم آهي ته عيد جي ٻئي يا ٽئين ڏينهن تي لاڙڪاڻي ۽ ٻين علائقن جي اديبن ۽ شاعرن کي ڪوٺ ڏني ويندي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي اديب ۽ شاعر، عالم ۽ فاضل، سماجي خدمت گذار ۽  هڏ ڏوکي انسان ”مزاحيه مشاعري“ ۾ شرڪت ڪندا آهن، جتي شاعر ۽ اديب مذاقي شعر و شاعري ۽ ليک پيش ڪندا آهن، پر اُتي ”مشاعريءَ جو مزاج“ ظرافت، خوش طبعي، دلڪش طنز ۽ لطيف مُرڪن ۽ ٽهڪن سان پڻ ڀرجي ويندو آهي، جيڪو ڏسڻ وٽان آهي.

اها حقيقت واضح آهي ته ڪيترائي وڏا ماڻهو ننڍڙن ٻارن سان کِل مسخري ڪرڻ، پنهنجي شان جي برخلاف سمجهندا آهن، مگر حضور اڪرم ﷺ جن اهڙا ته طبعيت جا سادا هئا، جو ننڍڙن ٻارن سان کِلڻ، ڳالهائڻ ۽ مسخري ڪرڻ پنهنجي شان جي برخلاف نه سمجهندا هئا. نبي ڪريم ﷺ جن جو اهو هڪ خوش اسلوبيءَ جو اعليٰ مثال آهي، جو هو پاڻ سڳورا ﷺ ننڍن توڙي وڏن ماڻهن سان کِل ڀوڳ سان پيش ايندا هئا ته ڏاڍا خوش ٿيندا هئا.

ياد رهي ته آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جا ماڻهو شادين توڙي ٻين خوشين جي موقعن تي دل وندرائڻ لاءِ مذاق ۽ مزاح جو مظاهرو ڪندا هئا. انهن مجلسن ۽ محفلن ۾ مرد ۽ عورتون شامل ٿيندا هئا. مذاقي ماڻهو ٻين کي کلائي بيحد خوش ڪندا هئا. اهڙي ثابتي ۽ تصديق اسان کي ”قديم سانگن“ مان پڻ ملي ٿي ته اوائلي دؤر ۾ شادين، مرادين ۽ محفلن جي موقعن تي ”سانگ“ رچائيندا هئا. جنهن ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، واقعي يا سماجي منظرن جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا هئا. جن ۾ عورتون ۽ مرد حصو وٺندا هئا. سانگ ڪرڻ وارا اُهي صورتون ٺاهي ايندا هئا، جن جو ڪردار کين ادا ڪرڻو هوندو. جهڙو پارٽ ادا ڪندا هئا ته ٻولي به اها ڳالهائيندا هئا. هَلڪڙن ماڻهن جي گفتگوءَ مان هلڪڙائي ظاهر ٿيندي هئي ته چڱن مڙسن جي ڳالهائڻ ۽ هلت چلت مان سنجيدگي محسوس ٿيندي هئي. جيڪي مرد، عورت جو ڪردار ادا ڪندا هئا، اهي ٻولي به خالص عورتن واري ڳالهائيندا هئا. مردن ۾ جيڪي سانگ ڪيا ويندا هئا، انهن ۾ عورت جو ڪردار به مرد ادا ڪندا هئا. يعني مرد، عورت جو روپ ڪري پارٽ ادا ڪندو هو. عورتن جي مجلسن ۾ جيڪي عورتون سانگ ڪنديون هيون، انهن مان ڪي مرد جو روپ بنائي، مرد جو ڪردار ادا ڪنديون هيون. جيڪي ڪردار فقط کِلائڻ لاءِ هوندا هئا، مرد عجيب و غريب صورت بنائي، مجلسن ۾ ايندا هئا ۽ انوکين حرڪتن سان ماڻهن کي کِلائيندا هئا. ڪڏهن هو ايتريقدر خوفناڪ صورت بنائيندا هئا، جو ٻار ڊڄي به ويندا هئا. سانگ ڪرڻ وارا ڪردار، ماڻهن کي کِلائڻ لاءِ نه فقط عجيب حرڪتون ۽ مختلف ماڻهن جا نقل ڪندا هئا، پر هڪ ٻئي سان ڀوڳ به ڪندا هئا. انهيءَ لحاط کان هو ڪنهن حد تائين زندگيءَ جا نقاد به هئا ۽ کِل ڀوڳ ۾ وڏي تنقيد ڪري ويندا هئا، جنهن ۾ اثر به هوندو هو ته حظ به هوندو هو. سندن تنقيد جي خاص خوبي اها هئي ته اُها خشڪ نه هوندي هئي، پر طنز ۽ مذاق جو اهڙو ته نمونو پيدا ڪندي هئي، جو ماڻهن کي کِلائي کِلائي پيٽ ۾ سُور وجهندي هئي.

مٿئين حقيقت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اوائلي دؤر ۾ مختلف موقعن تي دل وندرائڻ ۽ تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ جا باشندا طنز ۽ مزاح خوبصورت نموني ۽ انداز ۾ پيش ڪندا هئا. جنهن جي قدامت جا ثبوت ”سانگ“ آهن. هو سانگن ذريعي کِل خوشيءَ جا ميڙا مچائي، ٻين تائين ظرافت جو پيغام پڻ ڏيندا هئا.

سانگ اصل ۾ سنڌ جو آڳاٽو ڊرامو آهي، پر اسان کي ان مان کِل ڀوڳ، چرچي ۽ مزاح جو عنصر ۽ اهڃاڻ به ملي ٿو. تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته کِل خوشي، طنز ۽ ظرافت جو چهچٽو قديم زماني ۾ مروج هو، ليڪن هينئر انهيءَ ظريفاڻي اثر جو رخ ۽ قدر سنڌي سماج، ٻولي، تهذيب ۽ ادب ۾ شامل پڻ آهي. انساني زندگي، معاشري، تمدن، رسم و رواج جو اهو حصو ۽ وڻندڙ محرڪ آهي. اهوئي سبب آهي جو ظرافت جي تاثير ڪري ٻولي، تمدن ۽ علم و ادب ۾ رنگيني، دلڪشي، سونهن ۽ خوشيءَ جو جلوو نظر اچي رهيو آهي.

ياد رهي ته شاهه لطيفؒ مزاح جو ماهر ۽ ڪشاده دل انسان هو. هو دل وندرائڻ لاءِ ڪِن فقيرن سان مسخري ۽ چرچي بازيءَ جو نهايت ئي مانڊاڻ مچائيندو هو. جنهن مان سندس طبعيت جي فراواني، قلبي ڪشادگي ۽ علمي پروڙ پوي ٿي. اهڙو اظهار علامه غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ هن ريت ڪيو آهي ته:

”شاهه لطيفؒ جڏهن به سلوڪ جي اوکن ۽ عميق مسئلن جي بيان کان ٿڪبو هو ته ڪن فقيرن سان ڀوڳ ۽ چرچو ڪري، انهن کي خوش ڪندو هو.“

انهن ۾ هڪ فقير وڳند يا وروءَ جو نالو به ذڪر جي قابل آهي. شاهه صاحب هن جڏڙي سان وقتي چرچا گهٻا ڪندو هو. اهڙيءَ طرح شاهه ”سُر بلاول“ ۾ وڳند فقير کي گهڻن ئي مذاقي لفظن سان ياد ڪيو آهي. جيئن شاهه چيو آهي ته:

وڳند وري آئيو، بدو سين بدبوءِ،

خاوند! ڏئي خوشبوءِ، ته سُرهو ٿيان سپرين.

---

وڳند وري آئيو، بدو بي نماز،

جئن تتر مٿي باز، وڳند تيئن سُرهاڻ تي.

اها ڳالهه واضح آهي ته وتايو فقير پنهنجي دؤر جو الله لوڪ ۽ درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي. پر ان سان گڏ هو هڪ اعليٰ پايي جو طنز و مزاح نگار ۽ ڀوڳائي پڻ هو. سندس گفتگو هر طبقي لاءِ مزاح- مذاق ۽ کِل ڀوڳ جو مقام رکي ٿي. تنهن ۾ نه رڳو حقيقت ۽ نصيحت ڀريا نُڪتا ملن ٿا، پر منجهانئس زماني جي حالتن جو پس منظر ۽ انساني نفسيات جي ڄاڻ به ڀليءَ ڀَت ملي ٿي. حقيقت ۾ وتايو فقير سادي طبعيت سان گڏوگڏ، تمام گهڻو حاضر دماغ ۽ دانشور قسم جو ماڻهو هو. بظاهر سندس ڳالهيون مزاحيه ٺٺول هونديون هيون، جن کي ٻُڌي ان وقت جا ماڻهو بي اختيار ٽهڪ ڏيندا هئا ۽ اڄ جا ماڻهو به بي اختيار ٽهڪ ڏيندا آهن. تنهنڪري وتائي فقير جا گفتا ۽ ٻول هر مڪتبئه فڪر جي ماڻهن لاءِ نه فقط وندر ورونهن جو سبب بڻيل آهن، مگر انهن ۾ انساني زندگي، سماجي تحرڪ ۽ ڪارج جو عرق پڻ موجود آهي.

سنڌ جو ناميارو اديب ۽ شاعر مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته:

 ”ننڍي هوندي مون کي خوش طبعي، مسخري ۽ چرچي بازي ڪرڻ جي عادت هوندي هئي، مسخريون يا نقل به تمام عمدا ڪندو هوس، نه رڳو زباني چرچا ڪندو هوس، پر ٻين ماڻهن جا نقل، سانگ ۽ ناٽڪ به ڪندو هوس.“

طنز و مزاح جي معنيٰ ۽ ڪارج:

دراصل ”طنز“ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي- ٺٺول، چٿر، ٽوڪ، مسخري، اوڀالو، مهڻو، طعنو تنڪو ۽ نڪته چيني وغيره. ”مزاح“
به عربيءَ جو لفظ آهي، سندس لغوي معنيٰ آهي: چرچو، گهٻو، خوش طبعي، ڀوڳ، مذاق، ظرافت، کِل، خوشي، بذلہ سنجي، رؤنشو ۽ مسخري وغيره.

ياد رهي ته دکدائڪ سماج، نفسانفسيءَ جي دؤر ۽ زندگيءَ جي چُرندڙ پُرندڙ ماحول ۾ انسان جي  آڏو ڪيترائي واقعا رونما ٿين ٿا، انهن واقعن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ انسان کي سنجيده ٿيڻو پوندو آهي. گويا اها سنجيدگي نه صرف ٿڪائي ڇڏيندي آهي، بلڪه اهڙي سنجيده ۽ افسرده فضا ۾ ماڻهو جو دم پڻ گهٽبو آهي پر البت جڏهن ماڻهو مزاحيه محفل ۽ ڪچهريءَ ۾ ويهندو يا شامل ٿيندو آهي، تڏهن هن کان اها ذهني ٿڪاوٽ ۽ پريشاني ٿوري ويرم لاءِ دور ٿي ويندي آهي.

انهيءَ حقيقت مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مزاح ۽ ظرافت انسانذات جي نفسياتي اُلجهن ۽ سماجي مايوسيءَ کي ختم ڪرڻ جو هڪ ذريعو پڻ آهي، جنهن جي وسيلي، انساني حياتي پُر رونق ۽ خوش و خرم يقيني طور بڻجي وڃي ٿي، ان جي برعڪس جنهن معاشري، جڳهه ۽ محفل ۾ ظريفاڻو احساس ۽ جذبو، مزاحيه اثر ۽ عنصر شامل نه هوندو آهي، ان تي اها ڪچهري ۽ هنڌ ٻُسو ۽ ڦِڪو هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته جنهن مجلس ۽ ميڙاڪي ۾ مزاح نگار ۽ چرچائي موجود نه هوندو آهي، اُتي سنجيدگيءَ جو عالم ۽ ماحول انسان ذات جي نِڙگهٽ تي ننهن به ڏيندو آهي ته ساهه به ٻوساٽيندو آهي.

اهوئي ڪارڻ آهي، جو انسان جي لاءِ مذاق ۽ کِل ڀوڳ، مزاح ۽ ظرافت ڪارائتي، مؤثر ۽ ذوقي شيءِ آهي، جنهن ۾ کيس ڏاڍو مزو ۽ لطف پڻ اچي ٿو پر البت جيڪو شخص مسخري ۽ چرچي گهٻي جي پُرذوق ۽ پُررونق صورتحال کان پري رهي ٿو، ته سندس دل ۽ دماغ، مرض ۾ مبتلا رهن ٿا، بلڪه اهو فرد معاشرتي زندگيءَ جي خوش نما حالت کان محروم پڻ رهي ٿو، حتيٰ ڪه هو سماج جي مختلف شعبن ۽ زاوين ۾ باغ باغ بنهه نه ٿو ٿئي.

انهيءَ بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته کِل ڀوڳ، طنز ۽ مزاح انسانذات جي پُرونق حياتيءَ لاءِ سُتيءَ جو ڪم ڏيئي ٿي يا ائين چئجي ته ظرافت ۽ مذاق انسان کي خوش رهڻ ۽ منجهس ”سهپ جو مادو“ پيدا ڪرڻ جو ڪارفرما وسيلو پڻ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي مفيد اصول نُڪتا ۽ ذهني شخص جا احساس سمايل بلڪل آهن. مزاح ۽ لطيف طنز انسان جي ذهني ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ جو مفيد ۽ ڪارآمد ذريعو به آهي. بشرطيڪه ظرافت پاڪيزه انسان جي ذهني، قلبي قرار ۽ لطف جو باعث صريحاً آهي؛ جنهن ۾ نه صرف خوشيءَ جو عنصر موجود هوندو آهي، مگر منجهس نصيحت ۽ سهپ جو رنگ به ڀريل هوندو آهي، حتيٰ ڪه ان ۾ سچائيءَ ۽ دانائيءَ جو سامان شامل پڻ هوندو آهي. بهرحال طنز و مزاح ادب جو ڪارائتو سرچشمو آهي، جنهن جو ڪارج سماجي بُراين کي نندڻ ۽ چٿر ڪرن کان علاوه انساني معاشري ۾ کِل خوشي ورهائڻ ۽ ظرافت جو مواد مهيا ڪرڻ به آهي؛ جنهن جي وسيلي، انسان نهايت لطف اندوز، سرهو ۽ نوبنو ٿئي ٿو. اهوئي سبب آهي، جو انسان مزاح ۽ ظرافت کي پسند ڪري ٿو.

مٿي چيو ويو آهي ته ”درحقيقت انسان کي نفسانفسي ۽ وٺ وٺان جي ماحول مايوس ۽ غمگين ڪري ڇڏيو آهي، بلڪه هو پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ پڻ تبديل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته بي چيني ۽ مايوسي مٿس حاوي ٿئي ٿي ته پوءِ هو سراپا ڏکارو ۽ چيڙاڪ ڏسجي ٿو. منجهانئس ’سهپ جو مادو‘ به موڪلائي ويندو آهي، تنهنڪري طنز و مزاح جي اڻاٺ ۽ قلت محسوس ٿئي ٿي، حالانڪه طنز و مزاح انساني ڏک ۽ درد جي دوا جو پڻ ڪم ڏيئي ٿي، يا ائين کڻي چئجي ته کِل ڀوڳ، انسان جي دل ۽ دماغ کي جسماني ۽ روحاني طاقت مهيا ڪري ٿي، جيڪا انسان جي خصوصاً کاڌ- خوراڪ پڻ آهي.“

بهرحال مذاقي شاعري هجي، يا نثر، تحرير هجي يا تقرير، ٽوٽڪا هجن يا لطيفا وغيره ليڪن انهن جو اصل مقصد، ڪارج ۽ مفهوم مايوس ماحول، سماج ۽ انسانيت کي ڏکن کان ٿوري وقت لاءِ نجات ڏيارڻ ۽ عوام الناس جي لاءِ سُرهائي ۽ خوشي ظرافت ۽ مسخري، طنز ۽ مزاح جي خوشبوءِ ڦهلائڻ سان گڏوگڏ تفريح پڻ مهيا ڪرڻ آهي.

اهڙيءَ طرح سنڌ جا اديب ۽ شاعر مزاح ۽ ظرافت تي خوبصورت نظم ۽ نثر لکي رهيا آهن. سندن شعرن ۽ تحريرن ۾ نه صرف انسان جي معاشرتي زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ملي ٿي، مگر انهن جي نثر خواهه نظم ۾ طنز و مزاح جا پُرجوش خيالات ۽ ناصحاڻا نُڪتا به ملن ٿا. جن ۾ انسان جي سماجي، تمدني، چڱڀلائيءَ ۽ مُسرت جو مواد به شامل آهي جو انسان جي سماجي دکدائڪ حالتن ۽ بيمارين جي لاءِ علاج جو ڪم ڏيئي ٿو. گويا ظرافت ۽ مذاق نه رڳو انساني زندگيءَ ۽ هلندڙ چلندڙ سماج ۽ ماحول جي بهترين ۽ وڻندڙ غذا آهي، بلڪه ٻولي، ادب، تهذيب ۽ تمدن جي جان به آهي؛ جنهن جي ذريعي انساني معاشري ۽ صالح سماج ۾ توانائي ۽ تازگي يقيني طور ٿئي ٿي، جيئن ته:

ڪوڙي ڪو ڏاڙهي، مٿو، ٿيندو قلندر ڪينڪي،

جام سان جام، آئيني سان ٿئي سڪندر ڪونه مير.

(قليچ)

---

اڳيان صاحب سندي مون لکن جي ڳالهه ٿي ماري،

پٽيوالو ته سولو هو، ويو پنجاهه ۾ گم ٿي.

(شجاع سنڌي)

بهرحال طنز و مزاح جو اهم مقصد ۽ ڪارج نه صرف انساني حياتيءَ کي ڪجهه وقت لاءِ سماجي ڏوجهرن ۽ ڏکن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آهي، پر ان جو وڏو ڪارج ۽ افاديت، انسان جي روئيندڙ  قلب ۽ افسرده دماغ کي کِلائڻ به آهي، حتيٰ ڪه ڏکايل ۽ دردمند فرد جي دل وندرائڻ ۽ روح پرڀائڻ پڻ آهي. اهوئي ڪارڻ آهي، جو ظرافت ۽ مزاح، کِل ۽ خوشيءَ جي ”سوکڙيءَ“ طور سڃاتي وڃي ٿي. ان جي وسيلي، غمگين ۽ اداس انسان سماج اندر سڪون ۽ راحت به محسوس ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته مزاح فني توڙي فڪري لحاظ کان انسانذات ۽ سماجيات جي ڪردار ۽ افاديت جي اُتم قوت آهي، ان جو ڪارج ۽ ڪم، انساني تهذيب و تمدن ۾ روحاني ۽ جسماني طور قرار حاصل ڪرڻ پڻ آهي. تنهنڪري ان جا اثر ۽ محرڪ سنڌي اديبن ۽ شاعرن نهايت ئي تهدل سان قبول ڪيا آهن ۽ مزاح جي موضوع تي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن:

گهر کان نڪتا، نيٽو نيچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا،

سِرتي ٽوپي، هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

(بلبل)

طنز و مزاح ۽ نثر:

معاشري ۽ زندگيءَ ۾ انسان کي ڏک به ملن ٿا ته سک به. پر جڏهن ان جي مٿان گوندر غالب پئجي وڃن ٿا تڏهن هو غمن ۾ غرق ضرور ٿئي ٿو. نتيجي ۾ انسان ڏاڍو پريشان، ششدر ۽ هڪو ٻڪو پڻ ٿئي ٿو. تنهنڪري هو پنهنجي سڀاءَ ۽ مزاج کي تبديل ڪرڻ ۽ پاڻ کي راحت ڏيڻ لاءِ کِل ڀوڳ ۽ مزاح ڏانهن راغب لازمي طور ٿئي ٿو.

اڳ ۾ چيو ويو آهي ته مزاح ۽ لطيف طنز انسان جي ذهني ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ جو مفيد ۽ ڪارآمد ذريعو پڻ آهي، بشرطيڪه ظرافت پاڪيزه ۽ مزاح، اخلاق تي مبني هجي ته پوءِ اها کِل، ڀوڳ ۽ مسخري انسان جي ذهني، قلبي قرار ۽ لطف جو باعث صريحاً آهي؛ جنهن ۾ نه صرف خوشيءَ جو عنصر موجود هوندو آهي، مگر منجهس نصيحت ۽ سهپ جو رنگ به ڀريل هوندو آهي، حتيٰ ڪه ان ۾ سچائيءَ جو سامان شامل هوندو آهي. بهرحال طنز و مزاح ادب جو ڪارائتو سرچشمو بلڪل آهي، جنهن جو ڪارج سماجي بُراين کي نِندڻ ۽ چٿر ڪرڻ کان علاوه انساني معاشري ۾ کِل خوشي ورهائڻ ۽ ظرافت جو دلڪش مواد مهيا ڪرڻ به آهي، جنهن جي وسيلي انسان نهايت لطف اندوز ٿئي ٿو.

گويا حضور ﷺ جن جي مجلس ۾ پنهنجن اصحابن سان سادا ۽ بي تڪلف رهندا هئا ۽ مجلس ۾ ڪڏهن ڪڏهن چرچي- ڀوڳ جي ڳالهه به هلندي هئي، مگر چرچو به سڄوئي سچ هوندو هو.

”هڪڙي سائل شخص حضور ﷺ جن کان اُٺ جو سوال ڪيو ته: يا حضرت، مون کي ڪو اُٺ ڏياريو. حضور جن فرمايو: بابا، ’آءٌ ته اُٺ جو ٻچو ڏيندوسانءِ، قبول هجئي ته حاضر ڪريان؟‘ هن چيو ته: ياحضرت، اُٺ جي ٻچي کي ڇا ڪندس، مون کي چڙهڻ لاءِ اُٺ گهرجي، سو اُٺ ڏيار. جڏهن هن ويچاري اٻوجهه کي ڏٺئون ته اسان جو چرچو نه ٿو سمجهي، تڏهن چيائونس: ميان، اُٺ ئي وٺ، پر اُٺ به ته نيٺ اُٺ جو ٻچوئي ٿيندو آهي.“

هڪڙي ڪُراڙي عورت حضور ﷺ جن کي عرض ڪيو ته: ”حضرت، منهنجي حق ۾ دعا گهرو ته رب مون کي قيامت ۾ بهشت نصيب ڪري.“ حضور ﷺ جن چرچو ڪري چيس ته: ”ڪراڙي زال بهشت ۾ وڃڻي نه آهي.“ مائي ويچاري ڏاڍي ڊِني ۽ دلگير ٿيڻ لڳي. حضور ﷺ جن مُرڪي چيس ته: مائي غم نه ڪر، مون به سچ ڳالهايو آهي، درحقيقت ڳالهه هن طرح آهي، جو جيڪي ڪُراڙيون عورتون هونديون، اُهي رب جي قدرت سان جوان ٿي بهشت ۾ پيرَ پائينديون.“

هڪ دفعي وتايو فقير شاديءَ جي دعوت کائڻ ويو، اتي ڪيترائي ماڻهو شامل ٿيا هئا، پر هو به دعوت جي ماني ٻين سان گڏ کائي رهيو هو، ليڪن ماني کائڻ کان پوءِ ٻيا ڪجهه پيسا لکرائي رهيا هئا، مگر وتايو به ڊوڙندو وڃي کين چيو ته:  ”وتايو! لِکُ، هيترا پيسا ڏنا.“ تنهن تي انهن جواب ڏنو ته ”وتايا، تو ته پيسا ڪونه ڏنا آهن؟“ ايتري ۾ وتائي چيو ته: ”پيسا ته ڪونه ٿو ڏيان، پر گهٽ ۾ گهٽ مان نالو ته پنهنجو لکرايان ٿو.“

مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته سنڌ جو ناميارو اديب ۽ شاعر ميرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته:

”ننڍي هوندي مون کي خوش طبعي، مسخري ۽ چرچي بازي ڪرڻ جي عادت هوندي هئي. مسخريون به تمام عمديون ڪندو هوس؛ نه رڳو زباني چرچا ڪندو هوس، پر ٻين ماڻهن جا نقل، سانگ ۽ ناٽڪ به ڪندو هوس.“

جيتوڻيڪ مرزا صاحب پاڻ هڪ بالا عملدار هوندو هو، پر سندس مزاحيه ۽ کلائيندڙ ڊراما، جهڙوڪ: نيم طبيب خطره جان، نيم مُلان خطره ايمان، شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو. وغيره جن سڀني ۾ ڪنهن نه ڪنهن پنگتي اوڻائيءَ تي خندو ڪيل هوندو هو. ان کان علاوه، ديوان ليلارام سنگهه به ٻه ننڍا مسخريءَ جي نقل ”شاهه عادل خان ۽ لوڀي لاکيڻا“ لکيا هئا، جن مان ٻئين نمبر نقل ۾ وڪالت جي ڌنڌي ۾ لوڀين ۽ ٺوڳين تي ٺٺول ڪيل هئي.

لعل چند امرڏني مل به ڪيترائي ننڍا ناٽڪ، کلائيندڙ توڙي گنڀير نوع ۾ لکيا، مثلاً: ”سين ڪي ويڻ ۽ نقد ڌرم“ وغيره، جي ٻئي ڏيتي ۽ ليتيءَ جي مسئلي تي لکيل هئا. ڄيٺانند ناگراڻيءَ جا مذاقي ناٽڪ، ”فسادي ڦوڪڻو“ گامٽو بئريسٽر، گامٽو ايڊيٽر ۽ گامٽو ڊاڪٽر وغيره ذڪر جي قابل آهن.

سنڌ جي مشهور مؤرخ ۽ ماهر لسانيات ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پڻ ٽي ننڍا مذاقي پنگتي ناٽڪ لکيا: ”بزازين جو ناٽڪ“ جنهن ۾ بزازين جي ڪارنامن تي کلائيندڙ نڪته چيني ڪيل هئي ۽ ٻيا ”مڙس جي مڙسي ۽ پنگتي مقدمو“ وغيره. ڪشنچند بيوس به ڊراما لکيا، پر سندس ”پوڙهي جو پرڻو“ جو نالي ۾ ذڪر ٿيل پنگتي خرابيءَ تي چڱو مذاقي ۽ کلائيندڙ کيل هو.

اهڙيءَ طرح ڪهاڻين يا آکاڻين ۾ به مزاح ۽ مذاق جو مزو ڏيکاريل هوندو آهي. ديوان ڪوڙيمل جي، ”ٽهڪ ئي ٽهڪ“ ۽ پرمانند ميوارام جي، ”دل بهار“ کان پوءِ ”سندر ساهتيه منڊل“ ڪي کلائيندڙ ٽوڪن ۽ مؤج مزي وارين آکاڻين جا ڪتاب به ڪڍيا. جن مان مکيه هئا. ويرومل ملاڻيءَ جو ”مؤجي آکاڻيون“، نانڪرام ڌرمداس جو ”کِل خوشي“ ۽ ميلارام منگترام جو ”چرچن جي چهر“ وغيره.

شمس الدين ’بلبل‘ انگريزن جي دؤر جو ناميارو اديب، شاعر ۽ برک صحافي ٿي گذريو آهي، جنهن جي نثر توڙي نظم ۾ طنز و مزاح جو رنگ چڙهيل آهي. بلبل سنڌي نثر خواهه شعر ۾ ظرافت جو عنصر ملائي، نئون موڙ ۽ انداز پيدا ڪيو آهي. نئين تهذيب ۽ تمدن ۾ جيڪي خرابيون ۽ بُرايون بلڪل عام ٿي ويون هيون، انهن جي بيخ ڪني ڪرڻ لاءِ هن جو قلم تلوار وانگر وهندو هو، ان ڪري سندس طنز و مزاح خالص تعميري آهي ۽ ڪنهن به خاص شخصيت تي بيجاءِ حملي ڪرڻ کان پاڪ آهي. سندس مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت رکن ٿا. سندس نثر موزون، شائسته ۽ بليغ آهي.

”پير فقير، امير نواب، چڱا مٺا، غريب قصاب، درڙا زميندار، چور چڪار، ڪڙا ڪامورا، رئيس سردار، بازيگر رانديگر، نامي ملهه، جوڳي ٺوڳي، دلبائي دل، لنگها ڏوم، ڀٽ دلال، کدڙا باندي، ڪڃريون قوال، ٽاٽر ٽوٽر، آڪڙ باز، ڳنڍيڇوڙ، جُواباز، غرض ته هرهڪ ملڪ جا، هر انسان، هر سوداگر، هر سامان، هر جنس، هر حيوان، هر ساز، هر باز، هر حسين، هر ناز اچي گڏ ٿين ٿا.“

اهڙيءَ طرح بلبل (مرحوم) جو مزاحيه ادب ۾ وڏو نالو پڻ آهي. سندس مضمونن جو ڪتاب ”مزاحيات“
سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو آهي.

محمد هاشم ’مخلص‘ پنهنجي دؤر جو باڪمال نثرنويس، وڏو صحافي ۽ قادرالڪلام شاعر هو. سندس نثر توري نظم ۾ مزاح ۽ ظرافت جو رنگ چڙهيل آهي، بلڪ سندس اندازِ بيان تلخ لهجي ۽ سخت ڪلاميءَ وارو آهي. مخلص جي تحريرن ۾ سياستدانن، زميندارن، انگريزن، متعصب هندن، ۽ استحصالي قوتن جي خلاف نفرت جو اظهار ۽ طنز ڪيل آهي.

ليکراج ڪشنچند ’عزيز‘ نالي وارو اديب ۽ شاعر پڻ ٿي گذريو آهي. سندس مضمونن جي ڪتاب ”ادبي آئينو“ ۾ مذاق، نازڪ کِل، ڀوڳ ۽ چرچو ڀريل آهي؛ پر منجهس پنهنجن احساسن ۽ جذبن کي اهڙي ته عالمانه طنز ۽ لطيف مزاح ڪئي اٿس، جو غمگين ۽ مايوس انسان پڙهڻ بعد از خود کِلي ٿو پوي. سندس ”مان جيڪر ڪارو هجان“، مضمون مان فلسفانه مذاق ۽ طنز ثابت ٿئي ٿي.

”ڪارو، ڪارو، اهو لفظ عام طرح ماڻهن جي دلين ۾ ڌڪار ۽ بُڇان پيدا ڪري ٿو. ٻڌندڙ اکيون پوريندا ڀانءِ ته ڪا ڏونگر جي ڏائڻ يا رِڻ ٻانڀ هينئون ٿي ڏاري. آئيني ۾ اکيون کولي نه ڏسندا ته سندن منهن تي مانارو آهي يا چڌن جيڏا چُڳهه، وري سڀ کان کِلائيندڙ ڳالهه اها آهي، جو هرڪو اڇي چمڙيءَ وارو پاڻ کي سهڻن جو سردار پيو سمجهندو ۽ ڀائيندو ته آءٌ ڪا املهه چيز ۽ ڏسين جو ڏيئو آهيان، جنهن کي نه حال نه خط، نه روپ، نه رنگ، نه قد نه قامت، بلڪ ان گهڙئي ڪاٺ وانگيان بُت جي اڏاوت ئي ڦري پئي هونديس، رڳو اَڇاڻ جي آڌار تي کَريل کير جيان ڦيڏڙو پيو لڳندو ۽ جاري جيڏي کاڏي، جنهن تي هوند ڏهه ڏيئا وائکا رکي ٻاري سگهجن. سو به ڪاري تي ائين ڪاهي ايندو، جيئن ڍڳو ڀڳئوءَ تي. اها خبر ئي ڪانه پونديس ته اڇا، ڪارن جا محتاج آهن، تارن جي جوت جو مدار رات جي ڪاراڻ تي آهي. حُسن جي دربار ڪارن کان سواءِ اهڙي ٻُسي ۽ ڦڪي پئي لڳندي، جهڙو گنجي جو منهن وارن بنا لڳي يا ڏاچيءَ جي ڏاڙهه“.......

سيد عطا حسين شاهه موسوي روهڙيءَ جي موسوي خاندان مان هو. هو ماهرِ تعليم ۽ بلندپايه جو مضمون نويس هو. سندس مضمونن جو مجموعو ”ڪچ ڪوڏيون“ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. هنن مضمونن مان ڪيترن مضمونن ۾ سماج جي اوڻاين ۽ ارڏاين تي ڀرپور طنز ڪئي وئي آهي. ڪٿي وري سهڻي ۽ سهائيندڙ مزاح وارو رنگ اختيار ڪيو ويو آهي. مزاحيه مضمون ”جي نوٽن جو مينهن وسي ته“ پڙهي احساس ٿيندو ته ڪيئن نه مصنف مزاحيه طرزِ بيان سان سماج جي بُراين کي چٽو ڪيو آهي ۽ پنهنجو انداز اوتيو آهي، بلڪ مفلس ۽ ڪنگال جي نفسياتي ڪيفيت جو به اظهار ڪيو اٿس ته: ائين ڪندي ٻاهر آسمان ڏي نظر ڪري ته ڪڪر نوٽن جا ٺهي آيا آهن، اکيون مهٽي وري پيو ڏسي ته کيس ڌوڪو ته نه ٿيون ڏين.

بس! ڪڪر پيا هُلن، ڪي رپئي جي نوٽن جا، ڪي پنجين جا ۽ ڪي ڏهين جا. مطلب ته هر رقم جي نوٽن سان ڪڪر ڪڪوريل ڏسڻ ۾ پيا اچنس، ڀؤ کان ٻئي کان به نه پيو پُڇي، متان ”چريو چَريو“ ڪري چويو ڪري ڇڏينس. ماڻهو هميشه جي عادت موجب ”ڀيڄ موليٰ چاندي ڪا گولا“ پيا چون. ايتري ۾ ماڻهن جون رڙيون ٻڌائين. اڙي نوٽ! اڙي نوٽ! پوءِ ته ماڻهو، زالين مُڙسين ۽ ٻارين ٻچين ٻاهر نڪري، قدرت جو ڪرشمو پيا ڏسن. کَڙِپيل پوڙها به لٺ جي ٽيڪ تي ٻاهر اکين مٿان هٿ ڏيئي پيا ڏسن ۽ سائين کي پيا ساراهين.“

اهڙيءَ طرح ڪتاب جا ٻيا به مضمون دلچسپ آهن، جن ۾ مذاق ۽ مزاح جي ملاوٽ پڻ آهي ۽ انهن کي پڙهندي ئي کِل جي ڳالهه نڪري ٿي.

محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جو نالي وارو اديب ۽ بيباڪ صحافي هو. سندس لکڻ جو انداز ئي نرالو هوندو هو. هو ڪوڙن مرشدن جي خلاف بنا رک رکاءُ جي، سچ جي ڳالهه پڻ جرئت سان ڪندو هو. پر البت هو ڪٿي سنجيدگي، ڪٿي رنجيدگي، ڪٿي طنزيه، ڪٿي مزاح جي صداقت پيش ڪندو هو، بلڪ هو مزاح جي انداز ۾ وڏي ڳالهه به چئي ويندو هو، سندس مخصوص مزاحيه انداز ”مرشد جي ڏاڙهي“ نالي ڪتاب ۾ نمايان آهي، هو لکي ٿو ته:

”مرشد جي ڏاڙهيءَ جو وارُ فصل کي ڀلو ڪري ٿو، اها ڳالهه معلوم ٿيڻ کان پوءِ هرڪو ”وارُ“ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، گويا مرشد ته ”وارُ“خوشيءَ
۽ خلوص مان ڏيندو رهيو، پر ڏاڙهي ڏينهن، ڏينهن تي ڇڊي ٿيڻ لڳي، نتيجي طور مرشد مٿي جي ننڍن وارن جي ملاوٽ ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ روبرو ”وارُ“ پٽي ڏيڻ کان ڪيٻائڻ لڳو.“

موجوده دؤر ۾ امر جليل جو نالو گهڻو مقبول آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڇپيون آهن، جن مان گهڻيون بهترين ڪهاڻيون آهن. هو سنڌي پير، ڪاموري، وڏيري ۽ سنڌ جي رتُ چوسيندڙ ڌارئي کي پنهنجي قلم جي نوڪ جو نشانو بڻائي ٿو ۽ هو ڪهاڻين ۾ انهن جي ڪُڌن ڪارنامن ۽ استحصالي حرڪتن کي نروار ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت، سندس ڪهاڻين ۾ طنز و مزاح جو رنگ به ملي ٿو. جيڪو حقيقت ۾ درد ۽ اندر جو اُڌمو آهي. ڪهاڻي ”چَرٻَٽ ۽ نرس“ ۾ سندس ٻولي سليس ۽ مزاحيه آهي. ”سائين مان قد ۾ بندوق کان ننڍو آهيان، مهرباني ڪري مون کي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو.“

لاڙڪاڻي جو وتايو جمعو فقير سومرو به طنزنگار ۽ چرچي بازيءَ ۾ مشهور ٿي گذريو آهي، جنهن جي گفتگوءَ ۾ ظرافت ۽ مسخري شامل پڻ هوندي هئي. هو سڄي شهر ۾ گڏهه تي چڙهي گداگري ڪندو هو. جڏهن به کيس ماڻهو ڏسندا هئا ته سندس مُک تي مُرڪ ۽ مزاح جا اثر نمايان طور هوندا هئا. هڪ دفعي جمعي فقير کي پوليس ٿاڻي تي وٺي ويئي. صوبيدار چيس ته: ”لَٽا لاهه“، تنهن تي جمعي چيو ته: سائين! ڀلا، کارُ چاڙهي اَٿوَ ڇا؟

ياد رهي ته علي احمد بروهي طنز و مزاح جي رنگ ۾ عام ڪردارن تي ڪهاڻيون لکيون آهن، هو هڪ ئي وقت ۾ مزاح جو اوٽ ۾ معاشري جي ڪيترن ئي پهلوئن تي تنقيد ڪري ٿو. سندس ڪهاڻين، خاڪن ۽ مضمونن جا مجموعا به ڇپيا آهن. جهڙوڪ: ”ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“، ”واٽ ويندي ۽ ڪک پن“ وغيره.

طنز و مزاح جي رنگ ۾ ڪهاڻيون لکندڙن ۾ ٻيو نالو ”محمد حسين ڪروڙپتي“ جو ملي ٿو، جنهن ان زماني ۾ بهترين مزاحيه ڪهاڻيون لکيون، جيڪي گهڻو ڪري ماهنامه ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيون.

”خوشبو ڏي ته ٽاٽائي وٺان“ ۽ ”نبض شناس“
سندس بهترين ڪهاڻيون آهن. رشيد ڀٽيءَ به مزاحيه افسانه لکيا آهن. سندس افسانن جو مجموعو ”گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.

ان کان علاوه مزاحيه اديبن ۾ نورعباسي، حليم بروهي، غلام رسول ڪلهوڙو ۽ عبدالفتاح صديقي وغيره جا نالا پڻ ذڪر جي لائق آهن.

سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ لطيفن ۽ ٽوٽڪن کي به اهميت حاصل آهي، انهن ۾ مزاح ۽ طنز جو رنگ ملي ٿو، نه رڳو ايترو پر لطيفن ۽ ٽوٽڪن ۾ معاشرتي براين جي عڪاسي ظريفانه انداز سان پڻ ٿيل هوندي آهي، حتيٰ ڪه منجهن عوام الناس جي حقيقت پسندانه خيالن ۽ مسئلن جو به ذڪر ٿيل هوندو آهي.

لطيفا ۽ ٽوٽڪا:

”هڪ همراهه خودڪشي جي ارادي سان گهران نڪتو ۽ وڻ ۾ رسو ٻڌي ڳچيءَ ۾ وڌائين ته اوچتو وڻ جو ٽار ڀڄي پيو ۽ همراهه هيٺ ڪِري پيو، مٿي اُٿي چوڻ لڳو ته شڪر آ، بچي ته ويس.“

---

”ماءُ پٽ کي چيو: پٽ، دل لڳائي پڙهه، پٽ ماءُ کي: امان بابا ته عينڪ لڳائي پڙهندو آهي.“

---

ٻه ٻاتا پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا، هڪ همراهه رستي مان لَڙي، ٻنهي کي مار ڪڍي ۽ وڃڻ لڳو. هو جڏهن هليو ويو ته هڪ ٻاتو هن کي گاريون ڏيڻ لڳو. ٻئي ٻاتي، پهرين ٻاتي کي چيو ته: گاريون اُن ٽائيم ڏين ها نه! تنهن تي ٻاتي چيو ته: گاريون ڏنيون ته ان وقت هيم، پر آواز هاڻي نڪتو آهي.

مزاحيه خبرون: (اطلاع گمشدگي)

جيئن ته نالي ڀوپو ولد چوکو عمر اٽڪل 20 سال، 1999ع جي ورلڊ ڪپ ڏسڻ لاءِ ٽرين جي مال گاڏي ۾ سوار ٿي انگلينڊ روانو ٿيو هو، پر اڃا تائين گهر نه موٽيو آهي. سندس والد محترم چوکو خان ٻارن ٻچن سوڌو اسٽيشن تي پهچي سدوري پٽ جي انتظار ۾ ويٺو آهي، سندس پار پتا هي آهن:

سَرُ ڪَدوءَ جهڙو، نڪ توريءَ جهڙو، منهن ڪاري ديڳڙيءَ جهڙو اٿس، جنهن به ڀاءُ کي نظر اچي ته ملتان ڏانهن ويندڙ ريل گاڏيءَ جي پويان بيرنگ هڻي بيهاري ڇڏيوس يا ڪنهن کريل بس ۾ ويهاري ڇڏيوس.

بي پرواهه ريڊيو اسٽيشن:

هي بي پرواهه ريڊيو اسٽيشن آهي، هن وقت گهڙيال جا ڪانٽا گجر کائن ٿا. هاڻي اوهان ڪلو ڪاسائيءَ کان خبرون پڻ ٻڌندا. اڄ شام 6:00 وڳي شهر ۾ مٺائيءَ جي دڪان تي مکين جو حملو ٿيو. حملي ۾ مائو مري، لڏون ۽ پڪوڙا شديد زخمي ٿي پيا آهن. اها خبر جڏهن پڪوڙا اڳواڻ تائين پهتي ته پوليس اسٽيشن مک ۽ ان جي وڏي ڀاءُ رئيس ماڪوڙا خان تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، پوليس ڇاپي ۾ مک ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جڏهن ته ماڪوڙا خان کي سينٽرل جيل روانو ڪيو ويو.

موسم:

اڄ شهر ۾ نسوار ۽ پانَ جي بارش جا شديد امڪان آهن، خبرون پوريون ٿيون.

........

بهرحال لطيفن، ٽوٽڪن ۽ خبرن کان سواءِ اصلاحن، محاورن، پهاڪن ۽ چوڻين ۾ مزاح ۽ بذلہ سنجيءَ جو عنصر پڻ موجود هوندو آهي. تحقيق پهاڪن ۽ اصطلاحن ۾ سماج جي عڪاسي ۽ نشاندهي ٿيل هوندي آهي، پر تن ۾ انساني ماحول جي تصوير ۽ حياتيءَ جا خوش نما پهلو به نروار ٿيل هوندا آهن. حتيٰ ڪه سندن ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي ته مخفي مفهوم ٻيو پڻ هوندو آهي. پر منجهن مزاح ۽ کِل خوشيءَ جا ناصحاڻه نُڪتا به موجود هوندا آهن، جيڪي ٻولي ۽ ادب جي لاءِ سونهن جو سبب بنيل آهن. تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته پهاڪن ۽ چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن ۾ ظاهري طور تي ظرافت جو اثر غالب نظر ايندو آهي، پر انهن ۾ اندروني طور تي ڪارائتا مطلب ۽ حقيقتن جا عنصر شامل پڻ هوندا آهن. ڪجهه پهاڪا ۽ اصطلاح هي آهن:

پهاڪا ۽ چوڻيون:

1. ڪاڻي سڏي سڄيءَ کي، اڙي، او انڌي.

2. انڌو دوزخي، ٻوڙو بهشتي.

3. انڌي جهڙي پيڪين، تهڙي ساهرين.

4. لڀيس هريڙ نه هٿ، کنيو وٺي کنڌي.

5. تيل سهانگو هو ته، جيڪر گدڙن پُڇ مکيا

اصطلاح:

پيٽ ۾ ڪوئا ڊوڙڻ، پيٽ ۾ ڏاڙهي ڄمڻ، ڏاند ڏهڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ، پڇ پائي ڀڄڻ، ملتاني گهيتلو ٿيڻ، اوندهه ۾ تير هڻڻ، اَڪ جي ماکي لاهڻ، سج کي ڏيئو ڏيکارڻ ۽ ڏينهن جو تارا ڏسڻ وغيره.

طنز و مزاح ۽ شاعري:

طنز و مزاح جو تذڪرو اڳ ۾ ٿي چڪو آهي، پر هاڻي هتي شاعريءَ متعلق مختصر طور تي بيان آڻجي ٿو ته شاعري ڇا آهي، ان جو طنز، مزاح ۽ ظرافت سان لاڳاپو ڪيتريقدر آهي ۽ مزاحيه شاعريءَ جي اهميت ڪهڙي آهي؟

شاعري، لفظن جي سونهن، ترتيب ۽ توازن جو نالو آهي. احساس جي پختگيءَ سان گڏ جيڪڏهن لفظن ۾ موسيقيءَ جو تاثر نمايان آهي ته شاعريءَ ۾ روح جي گهرائيءَ کي ڇُهڻ جي صلاحيت پيدا ٿي پوندي آهي. شاعري نه صرف جمالياتي ذوق جي تسڪين جو باعث آهي، پر اها زندگيءَ جي مختلف مسئلن جي ترجمان پڻ آهي؛ اهي مسئلا پوءِ انفرادي هجن يا اجتماعي، غم ۽ خوشيءَ جي شڪل ڪنهن ڏٺي آهي؟ انهن کي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. شاعري جذبات ۽ محسوسات جي اڻ ڏٺل دنيا آهي، جيڪا شاعر، ٻين کي سندن ڳالهايل لفظن ذريعي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جن سان انهن جذبن جي وابستگي آهي.

اهڙيءَ طرح شاعريءَ جو ڪارج خوشي پهچائڻ سان گڏوگڏ معاشري جي مستقبل جي واٽ جي لاٽ ڏيکارڻ پڻ آهي. شاعري نه رڳو خاص حقيقت پر عام حقيقت جو به اظهار ڪري ٿي.

ياد رهي ته شاعريءَ جو تعلق مزاح ۽ بذلہ سنجيءَ سان گهرو ۽ گهاٽو آهي، جنهن جي ذريعي غمگين انسان سرهو ۽ ڏاڍو خوش پڻ ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاعر سمجهي ٿو ته سماج ۾ ڏک وڌيڪ ۽ سک قسمتي ئي انسانن کي نصيب ٿين ٿا. تنهنڪري شاعر سکن ۽ خوشين جي گهڙين کي وڌائي چڙهائي پيش ڪندا آهن ۽ اهڙين گهڙين کي امر بڻائي ڇڏيندا آهن. هڪڙو مزاح پسند شاعر سماج ۾ فردن جي مُکن تي مُرڪون پکيڙڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي، جيڪا ڳالهه سماج لاءِ تفريح جو باعث بڻجي ٿي ته سماج ۾ نئون روح ڦوڪيندي، اُتساهه به ڏيندي آهي.

اها مڃيل حقيقت آهي ته ادب  جي خشڪ موضوع مان جيڪا ڪڙاڻ محسوس ٿيندي آهي، مزاحيه شاعري تنهن کي مٺاڻ ۾ پڻ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي موضوعاتي شعري صداقت ۽ بصيرت نه صرف انساني من کي موهي ڇڏيندي آهي، پر منجهس رنگيني ۽ خوش مزاجيءَ جو ولولو به پيدا ڪندي آهي. جيئن سماجي ڏک ۽ الم کان انسان متاثر رهي ٿو، تيئن ئي هو غم غلط ڪرڻ لاءِ کِل ڀوڳ ۽ مذاقي شاعريءَ ڏانهن راغب ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ جو ظريفاڻي ۽ مزاحيه شاعري انساني دل ۽ دماغ جي مونجهارن کي غرق ڪرڻ جو ڪارائتو ذريعي به آهي؛ بشرطيڪ شعري الفاظ ۽ خيالات، اخلاقيات تي مشتمل هجن ته پوءِ اهڙي شاعري لطف اندوزيءَ ۽ دلي تفريح جو موجب پڻ آهي. تنهنڪري سنڌي شاعرن نهايت ئي پنهنجين پنهنجين صلاحيتن کي طنز و مزاح جي موضوع ۽ رنگ ۾ شامل ڪيو آهي، بلڪ انهن مفرح ۽ خوش طبع ماحول پڻ فراهم ڪيو آهي. سندن شعرن ۾ معاشرتي حالتن جي تصوير به نظر اچي ٿي ته انهن جي خيالات ۽ احساسات مان خوش مزاجي به معلوم ٿئي ٿي، جيڪا سندن فراخدليءَ ۽ زندهه دليءَ جي عيان ثابتي پڻ آهي.

شاهه لطيفؒ جو احوال مٿي ڏنو ويو آهي ته سُر بلاول جي ٻئي حصي ۾ ظريفانه شعر جو سنڌيءَ ۾ پهريون نمونو شاهه پيش ڪيو آهي، شاهه کان اڳ ڪنهن به شاعر کِل خوشيءَ ۽ چرچي گهٻي جا بيت ڪونه چيا آهن.

 

آ سُور سندي آسري، ويٺو آ وڳند،

هَڏ نه ڇڏيندو هنڌ، آيس بوءِ بهار جي.

---

وڳند وري آئيو، نسورو ئي نرڳ،

گندا گلابي ڪري، سيد جو سرڳ،

عطر سين اورڳ، ته هُئين سدائين سُرهو.

---

وڳند وري آئيو، ڪو ٽڙيان ڪُلاٽ،

سندو ڪِرڙ ڪاٺ، هڻ نرڳيءَ کي نڪڻين.

سنڌ جي ڪُهنه مشق شاعر ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جي ڪلام ۾ به طنز ۽ مزاح جو اثر غالب آهي. هو سچل سرمستؒ جو ڏاڏو ۽ شاهه لطيفؒ جو همعصر پڻ هو. هن صاحب نه صرف مُلان تي مذاق، پر ان جو اصل روپ به نروار ڪيو اٿس، سندس اهڙو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

مُلان، مُجاور، ڪانءُ، ٽئي اکر هيڪڙي،

هو ويجهو نه اچي سينڱ جي، نينهن نه ڳنهي نانءُ،

هو واجهائي واٽن تي، ڀريل اچي ڪو ٿانءُ،

جت گرڙ پکيءَ جو گانءُ، اتي ڪانءُ ڏندو ڪيترو.

سچل سرمستؒ پنهنجي دؤر جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي، پر ان جي شاعري، رندي ۽ بي باڪيءَ جو مظهر پڻ آهي. سچلؒ جي شعر ۾ ظريفانه انداز جو اهڃاڻ به ملي ٿو. سچل گهڻي قدر سماج جي فرد قاضي ۽ مُلان تي نڪته چيني ۽ طنز ڪئي آهي، جيڪا مُلان جي ڪرداري عمل ۽ روشن بابت آهي، هو مُلان جو لحاظ نه ٿو رکي، مگر طنزيه انداز سان خيال آرائي پڻ پيش ڪئي اٿس، جيئن ته:

مُلان انهيءَ منڌ جو، چُڪو جي چَکين،

ڪارنهن کڻي ڪنڊ ۾، ويٺو منهن مَکين.

سيد خير شاهه پرديسيءَ جي شاعريءَ ۾ به طنز ۽ مزاح جو اثر نظر اچي ٿو. سيد ثابت علي شاهه سان سندس نوڪ جهوڪ رهي، جنهنڪري سنڌي شاعريءَ ۾ ”مناظرو“، وجود ۾ آيو، سندس لکيل ”ٽوپي ۽ پڳ جو جهيڙو“ مناظري جي قسم جو پهريون شعر آهي، جنهن ۾ ٻن شين جي وچ ۾ جهيڙو يا بحث ٿيل آهي ۽ طنز و مزاح جو رنگ آهي، مناظرو هيءُ آهي:

-- پڳ --

مولي سندي ملڪ ۾ آءٌ ڳالهيون ڳالهايون،

هت ڪي راڄ رهي ويا، دايون ۽ ٻايون،

ٽهلون ائين ٽوپيءَ تان، ڪنهين ڪين ڪرايون،

پوءِ عقل ۾ آيون، انڌيون تنهنجون عادتون.

-- ٽوپي --

چڱيون اسان جون عادتون، جي چيون ٿي چڱن،

ترت ڏيئي تعظيمون، سي مٿي منجهه رکن،

اهو ٻڌن پيو ٻن، جو ٻئي هٿ ٿڪجن هاج ۾.

دريا خان، سنڌي زبان جي مشهور شاعر روحل فقير جو پٽ هو. دريا خان نه صرف حقيقت پسند شاعر هو، پر سندس ڪلام ۾ مزاح جو عنصر به موجود آهي، سندس ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

پيرن لئه پيدا ڪيا، سُڳداسي سبحان،

جُوئر ٻاجهر به نُور، پر ڪڻڪ مٽ ڪان،

دل اسان جي دانگين سان، ڪني تئون قربان،

سڀ ڪنهن جي دل”دريا خان“، آ حلوي ڪاڻ حيران.

مرزا قليچ بيگ جو احوال مٿي ڪيو ويو آهي ته هو نثر نويس هجڻ سان گڏ عمدو شاعر به هو. پنهنجي ڪتاب ۾ هو لکي ٿو ته:

”منهنجو هڪڙو ڪتاب ’هزليات‘ نالي آهي، جنهن ۾ منهنجا سڀ چرچي ۽ ظرافت جهڙا شعر لکيل آهن،  جيئن شيخ سعديؒ جو رسالو ’مضحڪات‘ آهي“. اهڙيءَ طرح مرزا قليچ بيگ صاحب جا مزاحيه شعر ”ديوان قليچ“ ۾ به ملن ٿا. هو اهڙو مذاق ڪري ٿو، جنهن تي هڪ سنجيدي کان سنجيدو بزرگ به هوند کِلي ڏئي. هيٺ مذاق ۽ طنز جو ملاحظو فرمايو:

آءٌ آهيان اصل ڪيهر شينهن، ماريان ماڪوڙيون،

آءٌ آسمان مان تارا به، آڻيان ٿو لاهي،

آءٌ رستم زماني جو، سنڌ جو سورهيه،

سُجهي نه مون کي، اچي مون سان سينو ڪو ساهي.

--

پڳ وڏي، ڏاڙهي ڊگهيءَ سان ڪين ٿئي ڪو مولوي،

گيڙئن ڪپڙن ڍڪڻ سان ڪونه ٿئي صوفي فقير.

پنهنجي بهادريءَ جو بيان هن ريت ڪيو اٿس:

ٻُڌو، اوهان کي ٻڌايان، بهادري ڇاهي،

آءٌ هڪڙي مُڪ سان، وجهان پاپڙن جو ڍڳ ڊاهي،

ڪريان آءٌ ٽنگ ٿو، ڦلڪي ۾ پنهنجي آڱر سان،

هڻان آءٌ دال ۾ چنبو، جي منهنجو جيءُ چاهي،

ڪجهه اُڏايان آءٌ اُڀ ڏي، مکڻ چپي آءٌ ڇڏيان،

مڇر ڀڄايان آءٌ ڦوڪي، مَکيون ڪڍان ڪاهي.

--

پتاشا ڀوريان آءٌ لت سان ۽ ڦاڙيان سؤ ڪاغذ،

وَلرُ پکين جو هَڪل سان ڇڏيان ٿو آءٌ ٽاهي.

 

مرزا صاحب چرچي گهٻي ۽ مزاح جو ماهر هو، هو نه صرف پنهنجو پاڻ تي طنز ڪري ٿو، بلڪه ٻين ماڻهن تي به ٺٺول ۽ نڪته چيني ڪري ٿو، هو چوي ٿو ته:

شرع جي مسند تي قاضي، گهوٽ جي مسند تي چور،

ٻئي ٻَڌن دستار، ليڪن ڪيڏي هي ۽ ڪيڏي هو؟

مٿي چيو ويو آهي ته: شمس الدين ”بلبل“
انگريزن جي دؤر جو ناميارو اديب، شاعر ۽ عظيم صحافي ٿي گذريو اهي. جنهن جي نثر توڙي نظم ۾ طنز و مزاح جو رنگ چڙهيل آهي.

”بلبل“ جي ڪلام جي خاص خصوصيت مزاح ۽ ظرافت آهي، هن سنڌي زبان کي مذاق، مزاح ۽ ظرافت واريءَ صنف سان نوازيو ۽ ڪيترائي اهڙا لفظ، اصطلاح، استعارا ۽ ڪنايا سنڌي ٻوليءَ ذريعي بيان پڻ ڪيائين. هن ظرافت واري شاعريءَ ذريعي ان وقت جي انگريزدان مسلمانن جي سوٽ، پتلون، مغربي فيشن جي ڳالهه ۽ مذهب کان بيپرواهيءَ ۽ اهڙين ٻين ڳالهين تي پنهنجي ظرافت يا ٽوڪزني يا مزاح واري انداز ۾ لکيو آهي. سندس تحرير طنز و مزاح تي مشتمل آهي، مگر ظريفاڻي ڪلام وسيلي، معاشري جي جديد ريت ۽ رفتار کي نروار پڻ ڪيو اٿس، هو چوي ٿو ته:

جي ڀائين ته مولا ٿئي مهربان،

ته سِکُ عِلم تون انگريزي زبان،

جي عزت جهان جي رکو ٽنڊ ٽش،

پڙهو انگلش- انگلش- انگلش.

بلبل (مرحوم) نئين تهذيب ۽ فيشن کي وائکو ڪندي، هيئن ٿو چوي ته:

غافل وڃي ولايت لنؤ ليڊي سان لائج،

سوَ قرب کؤن ڪرستان وڃي چرچ ۾ چوائج،

پوءِ خوب بڻجي بابو، پيو بينڊ هت بجائج،

پهراڻ پائجامو پٽڪو پليت بوڇڻ،

ڏئي ٻن تنهين کي ٽوپي پتلون ڪوٽ پائج.

 

اهڙيءَ طرح بلبل جو گهڻو شعر طنز و مزاح جي رنگ ۾ رڱيل آهي. هن غزل ۾ به مزاح جو رنگ پيدا ڪيو آهي:

نه آيو بلبل نادان کي بوستان ۾ قرار،

ته کِسڪ سوره پڙهي، ٿيو چڪر ۾ رفو خط.

بلبل جو خاص ڪري ”نيچرل ڪريما“ نظم، مزاحيه ڪلام آهي:

پيارج ڪو يير وِسڪيءَ جو پاءُ،

ڪريما بيخشا برحال ما،

متان هي اسان کي منجهائن ملا،

نگهه دار مارا ز راه خطا.

سندس نظم جا ڪتاب، ”ڪلام بلبل“ ۽ ”ديوانِ بلبل“ سنڌي ادبي بورڊ شايع ٿيل آهن. جي سنڌي ادب ۾ لافاني مقام رکن ٿا.

بلبل کان پوءِ طنز و مزاح جي موضوع کي ظاهر ڪرڻ ۾ محمد هاشم ”مخلص“ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن جو تذڪرو اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. ته: محمد هاشم ”مخلص“ پنهنجي دؤر جو باڪمال نثر نويس، وڏو صحافي، قادرالڪلام شاعر هو. هو برطانوي سامراج جي خلاف ظاهر ظهور نفرت جو اظهار ڪندو هو. ان کان علاوه سماج جي ناسورن ۽ غلط طريقن تي طنز ۽ نُڪته چيني پڻ ڪئي اٿس. فيشن زدن جون لاکون لاٿيون اٿس. موالين ۽ ڀنگوڙين جا بيان به گهڻا ڪيا اٿس.

مخلص پَانَ بابت چوي ٿو ته:

مزي جهڙو ٿيو آهي، ته سائي پان ۾ رولو،

وڃائي رنگ قدرت جو وجهي دندان ۾ رولو.

---

ويو ملڪ ۾ وڏي اَڄ سگريٽ پانُ ٻيڙي،

انسانيت جو سمجهن بلڪل ٿا شانُ ٻيڙي.

ٻئي هنڌ هو چوي ٿو ته:

هماري ميم صاحب جون اکيون هينئر لڳيون،

چيو بٽلر کي صاحب، پڪار آهسته آهسته.

مولانا ثناءُ الله ثنائي (مرحوم) وڏو عالم، اديب ۽ ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. ثنائي صاحب نظم توڙي نثر جو ماهر ۽ ڄاڻو هو. هن نه فقط فتنه انگيز تهذيب ۽ بدلجندڙ حالتن جي چٽي عڪاسي ڪئي آهي، بلڪه معاشري جي غلط رواجن، ريتن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي اثرات جي مذمت پڻ ڪئي اٿس پر ساڳئي وقت، هن صاحب نئين تهذيب و تمدن جون خاميون ۽ خرابيون ذهن نشين ڪرايون آهن. ثنائي (مرحوم) قلم جي نوڪ کان تلوار جو ڪم ورتو آهي. سندس اشعار ۾ ظرافت ۽ طنز جو خيال بيحد متاثر ڪندڙ پڻ آهي. نئين تهذيب جو احوال هن ريت ڪيو اٿس ته:

ڊگهو ڪوٽ شلوار، پٽڪو وڏو،

انهن تي به اڄ ڪلهه، رکيل آ ڦڏو،

جو پهرياڻ پائي، اهو بيوقوف،

صفا سوٽ جنهن کي، اهو فيلسوف،

مٿي تي آ ٽوپي، اهو ڀي گٿو،

ڪٽيل وار گهرجن، اگهارو مٿو.

هو ٻئي هنڌ طنز و مزاح جي نموني ۾ مٿئين طبقي جي ماڻهن جو نقشو هن انداز ۾ پيش ڪري ٿو ته:

نه پٽڪو کپي، ڪيپ يا هئٽ آڻ،

هلو شاپ خاني تي، شو بُوٽ ساڻ.

سُٿڻ ٿي نه گهرجي، ٽرائوزر ساڻ،

سڄو سوٽ خاڪي، اسان لاءِ بس.

نورمحمد ”انور“ نظاماڻي انگريزن جي وقت جي بيباڪ صحافي، وڏو اديب ۽ نامور شاعر هو. سندس تحريرن ۾ طنز و مزاح جو رنگ بيحد متاثر ڪندڙ هوندو هو. هو مزاحيه نظم توڙي نثر تي هڪجهڙي قدرت رکندو هو. هن انگريزن ۽ آريه سماج جي حرڪتن جي خلاف جهاد ڪندي قلم کان تلوار جو ڪم ورتو.

ماضي قريب ۾ ”جميعت الشعراءِ سنڌ“ سان جيڪي شاعر وابسته رهيا، انهن مان قادربخش
”بشير“ (مرحوم) هڪ منفرد شاعر هو. هن پنهنجي شعر ۾ گل و بلبل، جام ساقي جي بدران وقت ۽ حال جو ذڪر ڪيو آهي. هن پنهنجي شعر ۾ ان دؤر جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ترجماني به ڪئي آهي. قادربخش ”بشير“ (مرحوم) طنز و مزاح جي رنگ ۾ مٿئين طبقي جي بدلجندڙ تهذيب جي عڪاسي هن طرح ڪري ٿو ته:

وڳا ٽي چار ڪوٽن، سوٽن، بوٽن جا رکڻ گهرجن،

نيو فيشن جو دلداده ۽ ان جو  نغمه خوان ٿي وڃ،

ضروري سوال پوزيشن ۽ فيشن جو رکڻ گهرجي.

تڏهن ملبوس اي سهڻا، سراپا سلڪ ساڻ ٿي وڃ،

خوشامد ۽ عياشي ۾، نمائش ۾ لُٽائي زر،

رکي گروي زمينون سڀ تون اعليٰ خاندان ٿي وڃ.

قادر بخش ”بشير“ جو شعري مجموعو ”ڪلام بشير“ ڇپيل آهي، جيڪو شاهڪار جي حيثيت پڻ رکي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.

لقمان ”حڪيم“ کوکر سنڌ جو نامور اديب، شاعر ۽ صحافي آهي، کيس قائم شاهه بخاري لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ هڪ جلد سازيءَ جو دڪان هوندو هو. پاڻ ”حڪيم“ صاحب هڪ يار ويس انسان ۽ کِلڻو ملڻو ماڻهو آهي. تنهنڪري وٽس ڪيترائي اديب، شاعر، دانشور، سياسي اڳواڻ، سماجي خدمتگذار ۽ عام ماڻهو ايندا هئا. سندس دڪان تي شاعرانه محفل متل هوندي هئي، بلڪه اُتي ڪچهريءَ ۾ خيالن جي ڏي وٺ، علمي و ادبي بحث مباحثه پڻ خوب ٿيندا هئا. توڙي جو لقمان ”حڪيم“ کي عربي ۽ فارسيءَ جي دسترس حاصل هئي، پر هو سنڌيءَ جو قادرالڪلام شاعر ۽ استاد الشعراء پڻ آهي. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. سندس نثر خواهه شعر ۾ مزاح ۽ طنز ٿيل آهي، مگر ان جي تقرير ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ به مذاق جو اثر نمايان هوندو هو. هن پنهنجي تحريرن ذريعي معاشري جي غلط ريتن ۽ رسمن کي مذاقي انداز ۾ ڏاڍو ننديو آهي، پر شعرن ۾ اڍنگي تهذيب، ماحول، رفتار ۽ استحصالي انسانن جي عڪاسي به طنز جي پُراثر طريقي سان پيش ڪئي اٿس. لقمان ”حڪيم“ مزاحيه شاعريءَ جي حوالي سان سنڌ ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو آهي. سندس مزاحيه شاعريءَ جو نمونو هي آهي ته:

رنگ  لاتو خوب هيروئن آ،

نئين نسل جي وارثن گريان تي لِکُ.

گهر ٻُهاري جو وڃي، ساجهر اُٿي،

اهڙي مُحسن مهربان مهمان تي لِکُ.

سُئي لڳڻ سان جي، نه ٿو ڦٿڪي مري،

ان ”حڪيم“ خوامخواه لقمان تي لِکُ.

اها حقيقت آهي ته رشوت، وياج ۽ مال ميڙڻ، سماج جا ڪُڌا ڪارناما آهن. پر ڪي ماڻهو انهن غلط ڪمن کي صحيح سمجهي، فخر سان قبول ڪن ٿا ته اهڙن فردن جي عڪاسي، شاعر هن ريت پڻ ڪري ٿو، جيئن ته:

رشوت، سُود، ڪميشن کاوان،

ڦيري سان ٿو مال بنايان.

موسمي مڇرن وانگر مان ڀي،

ايڪٽر بڻجي، ناچ نچايان.

(بلال بروهي)

مطلب ته مزاح ۾ نه صرف کِل خوشي ۽ مُرڪ جو عنصر موجود هوندو آهي، پر منجهس نصيحت ڀريا نُڪتا به شامل هوندا آهن، جن مان داناءَ ماڻهو فيض حاصل ڪندا آهن، جيئن ته شاعر چوي ٿو:

وات ۾ آ پانُ، مُٺ تي سگريٽ،

خبر ڪهڙي اندر آهي، رجهي ويو پيٽ،

مگر لال بتيءَ ۾ آ، نادان پهچي ويو.

گوڏ ٻڌي ڄاڻان نه ٿو، سوڙهو هي سوٽ،

ڇڳل جُتي پيرن ۾، مان ڪاڏهون آڻيان بوٽ،

ڪري ڳڻتيون جوکيو هيءُ، امداد ڇڻي ويو.

(امداد جوکيو)

ياد رهي ته معاشري ۾ رهڻ لاءِ انسان کي جيڪي شيون درڪار ۽ ضرورت ۾ اچن ٿيون، اهي شيون هو لازمي طور وٺي ٿو. اهڙيءَ طرح شاعر چوي ٿو ته:

فارمي ڪڪڙن ويهارو مون ورتو،

تيڪ ميڙڻ لئه ٻُهارو مون ورتو.

ڊوڙ ۾ مان ۽ گڏهه منهنجي کٽيو،

ڄڻ ته تنهن دم هو پجارو مون ورتو.

اگهه وڌايو تاجرن آ، تنهنڪري،

واڱڻن جو ڍير، سارو مون ورتو.

پاڻ کي پنهنجي خبر ناهي شجاع!

بيوقوفن لاءِ هو ڍارو مون ورتو.

(شجاع سنڌي)

گويا مزاح پسند شاعر، معاشري جي فردن ۾ خوشيون ۽ مُرڪون ڦهلائيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ تي به طنز ۽ ٺٺولي ڪندو آهي، جيڪا سماج لاءِ مزاح ۽ تفريح جو باعث بڻجي ٿي. بصيرت جي نگاهن ۾، پيار به سماج جو عجيب قدر آهي، جنهن ۾ انسان کي ڏک ۽ درد ملن ٿا، پر تنهن هوندي به پرينءَ جي ستم ظريفيءَ کيس بيحد پسند اچي ٿي، شاعر انهيءَ فرد جي عڪاسي هن ريت ڪئي آهي ته:

قرب وارن جا پڙهيا، مون ڪيترا آهن ڪتاب،

پيار ۾ مون ڀي ڦرايو، سارو گهر وهه واڪيو.

ٿو اچان دلبر جي اڳيان، مون جڏهن تنهن مهل ئي،

ٿو ٻُهارن جي ڏئي، هو ڪين ڍروهه واڪيو.

ويجهڙائي ۾ مزاحيه شاعريءَ جا ٻه مجموعا ڇپيا آهن. جن ۾ اخلاقي مذاق ۽ بذلہ سنجي نمايان طور تي ميسر آهي. سندن نالا هي آهن: گستاخ ڪلامي (ڊاڪٽر اديب انقلابي) ۽ رنڀوٽا (رجب آزاد سولنگي) وغيره.

اها حقيقت عيان آهي ته ظريفاڻي شاعري، انسانذات توڙي معاشري جي درد ۽ غم جو علاج آهي، جنهن ۾ راهه شفا جو اثر شامل آهي. تنهنڪري اهڙي مفيد شيءِ جو جوهر، عرق ۽ دوا ضرور وٺڻ گهرجي. ڇاڪان جو ظريفاڻو ڪلام، انسان جي انفرادي توڙي اجتماعي ڏکوئيندڙ حالتن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي ڪجهه ويرم لاءِ دور پڻ ڪري ٿو. تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته طنز و مزاح کي سنڌي علم و ادب، سماج ۽ ٻوليءَ ۾ وڏي اهميت، افاديت ۽ بلند مرتبو پڻ حاصل آهي.

سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن مزاحيه شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جن ۾ نواز علي نياز جعفري، مولوي احمد ملاح، احمد فقير مستان، نياز همايوني، ضياءُالدين ضياءُ جتوئي، گل حسن شاد گوپانگ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، غلام مصطفيٰ مشتاق، سيد مدد علي شاهه منظر بخاري، سرمد چانڊيو، قاضي مقصود گل، ڪوثر ٻرڙو، سرڪش سنڌي، انور موج، ادا قاضي، سڪندر شيخ، صابر چانڊيو، تبريز تنيو، فدا سومرو، ڊاڪٽر ادريس آزاد سومرو، عنايت ميمڻ، امداد ڪامل جتوئي، استاد گل دايو، محمد علي پٺاڻ، واجد، رضا بخاري، جواد جعفري، مختيار سمون، ڪرم وڳڻ، ڪوڙل قربدار، احسان دانش، عزيز قاسماڻي، محسن جمالي، رضوان گل، انيس گل عباسي، محمد هاشم حامي، منٺار سولنگي وغيره ۽ ٻيا پڻ اچي وڃن ٿا.

مددي ڪتاب ۽ رسالا

1.             سيوهاڻي، فتح محمد، حڪيم: ”اخلاق محمدي“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1995ع

2.           لغاري، عبدالجبار عبد، ڊاڪٽر سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 1999ع

3.           جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1994ع

4.           ملڪاڻي، منگهارا، پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع

5.            ميمڻ، پروين موسيٰ: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع

6.           ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع

7.           ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع

8.           الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ڄام شورو، 2006ع

9.           عرساڻي، محمد اسماعيل: چار مقالا، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1983ع

10.    ڏيپلائي، محمد عثمان: مرشد جي ڏاڙهي، 1953ع

11.      ٻگهيو، محمد قاسم، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1998ع

12.    بلبل، شمس الدين: ديوانِ بلبل، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1982ع

13.    موسوي عطا حسين شاهه، سيد: ڪچ ڪوڏيون، تاج محل پريس حيدرآباد سنڌ، 1959ع

14.    ڪشنچند عزيز، ليکراج: ادبي آئينو، 1941ع

15.     جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو: مقالا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1988ع

16.    بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: جامع سنڌي لغات- جلد چوٿون، سنڌي ادبي بورد ڄام شورو، 1985ع

17.    بيگ، قليچ، ميرزا: سائو پن يا ڪارو پنو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع

18.    بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: جامع سنڌي لغات، جلد پنجون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع

19.    بيگ، قليچ، مرزا: ديوان قليچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1989ع

20.  دانش ضياءُ: وتائي فقير جون ڳالهيون ۽ چرچا، سنڌ بڪ ڪلب نوابشاهه، 2005ع

21.    سهتو، عبدالوهاب، انجنيئر: اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2006ع

22.  جويو، تاج: نيڻ مهڻي خيال جاڳيا، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع

23.  سولنگي، محمد بخش سالڪ: مينهڙا، بزم سچل لاڙڪاڻو 2006ع

24.  شاهواڻي، غلام محمد: شاهه جو رسالو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع

25.   قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه: شاهه جو رسالو، بشير احمد ائنڊ سنز، جهونا مارڪيٽ ڪراچي، 1951ع

26.  آڏواڻي، ڪلياڻ، پروفيسر: شاهه جو رسالو، مڪتبه برهان اردو بازار ڪراچي، 1976ع

27.  ”سنگت“ پبليڪيشن، حيدرآباد، جون 2007ع

28.  ٽماهي ”مهراڻ“ ڄام شورو جنوري- جون 2011ع

29.  ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد آڪٽوبر- نومبر- ڊسمبر 2008ع

30.  پندرنهن روزه ”عبرت مئگزين“ 16 ڊسمبر 2008ع

31.    پندرنهن روزه ”عبرت مئگزين“ 16 جولاءِ 2010ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com