ميرزا دبير
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر
جا ڇپايل
ٻه
نوان ڪتاب
وادئ مهراڻ شروع کان ئي علم و ادب جو مرڪز رهندي
پئي اچي. هِن ڌرتيءَ پيٽان ڪيترن ئي اعليٰ پايي جي
عالمن، مفڪرن، محققن، شاعرن ۽ اولياء ڪرام جنم وٺي
علم و ادب جي خدمت ڪئي ۽ عوام کي علم جھڙي اڻکٽ
خزاني سان مالا مال ڪري علم جي جوت کي روشن ڪيو ۽
پاڻ کي هميشه امر بنائي ڇڏيو.
اهڙن امر شخصيتن مان عالمن جو آفتاب علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي صاحب به هڪ هو، جيڪو پنهنجي دور جو
نامور عالم، فاضل، مفسر، سيرت نگار، محدث ۽ استاد
ٿي گذريو آهي. سندن علمي شهرت ۽ فضيلت کان هر
باشعور ماڻهو چڱي ريت واقف آهي.
قاسمي صاحب جي علمي، ادبي ۽ مذهبي خدمتن کي
ساراهيندي، سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي وائيس چانسيلر
جناب مظهر الحق صديقي سنڌ يونيورسٽي ۾ ’علامه غلام
مصطفي قاسمي چيئر‘ قائم ڪئي. جنهن جو ڊائريڪٽر
سنڌي شعبي جي سينئر استاد ڊاڪٽر قاضي خادم کي مقرر
ڪيو ويو. جنهن مختصر عرصي دوران قاسمي صاحب جي
تصانيف مان ايڏو شان شعور، قرآن حڪيم جون
خصوصيتون، شذرات (ٽي جلد) ۽ سندن شخصيت ۽ همعصر
عالمن، مؤرخن، اديبن ۽ صحافين تي لکيل سنڌ جي
نامور مقالا نگارن جا مقالا ۽ مضمون ڪتابي صورت ۾
چيئر طرفان شايع ڪرائي شائقين علم و ادب جي هٿن
تائين پهچايا آهن، جيڪو يقيناً قابلِ تعريف ڪم
آهي.
’علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: سوانح ۽ علمي ڪاوشون‘
چيئر جو ڏهون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ويهين صديءَ جي هِن
عظيم عالم جي گهڻ رخي شخصيت تي مختلف پهلوئن کان
روشني وڌي وئي آهي، سندس علمي ڪاوشن ۽ همعصر عالمن
۽ شاگردن جو ذڪر به يڪجا ڪيو ويو آهي. جنهن کي
ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب
وڏي محنت سان ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ آڻي اداري
طرفان شايع ڪرايو
آهي، جو
ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل فور ڪلر ٽائيٽل ۽ پڪي بائينڊنگ سان
192 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت 200 رپيا
آهي.
ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکي
ٿو:
”سنڌ جي مردم خيز سرزمين ڪيڏا نه عظيم
انسان پيدا ڪيا آهن، جن بنا ڪنهن نالي ۽ شهرت جي
شوق جي علم جي جوت کي جلائي رکيو آهي. خاص ڪري
مذهبي ۽ تاريخي علوم ۾ هنن جي مهارت قابل رشڪ آهي.
هنن جي تحقيق جو انداز ڏسي ڪير به اهو نه ٿو چئي
سگھي ته مشرقي عالم جديد مغربي تحقيق جي فن کان اڻ
واقف آهن يا هنن کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ آهن. نه
صرف ايترو پر هنن جي لکڻين مان سندن تحقيق ۾
'Independent' ۽
'Impartial'
هجڻ جو به شايد احساس ٿئي ٿو.“ (ص:05)
اِها هڪ حقيقت آهي! اهڙن عظيم انسانن مان قاسمي
صاحب به هڪ هو، جنهن جون قرآن شناسي، سيرت نگاري،
حديث، تحقيق
۽ لطيفيات
جي حوالي سان ڪيل خدمتون قابلِ داد آهن.
ڪتاب
’علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: سوانح ۽ علمي ڪاوشون‘
۾ ابو رضوان عبداللطيف، عبدالوهاب چاچڙ، ڊاڪٽر
عبدالقادر چاچڙ، پروفيسر اسرار احمد، حافظ غلام
مصطفيٰ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر محمد ادريس
السندي، محمد انس راڄپر، ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو ۽
پروفيسر اعجاز قريشي جا تحقيقي مضمون شامل آهن. جن
۾ قاسمي صاحب جي شخصيت ۽ تصنيف و تاليف کي نمايان
انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
اسين
جڏهن برصغير جي علم و ادب جي تاريخ تي نظر وجھون
ٿا، تڏهن اسان کي جنهن ڌرتيءَ جو علم و ادب ڪَرَ کنيو بيٺو نظر ٿو اچي، سا سنڌ جي پويتر ڌرتي آهي ۽
قاسمي صاحب جهڙي عظيم عالم جو هِن ڌرتيءَ تي جنم
وٺڻ اسان لاءِ باعثِ فخر آهي.
... ۽ اجھو، تازو ئي چيئر طرفان يارهون ڪتاب ’مقالات
ِ سرفراز‘ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي
هڪ ڪهنه مشق عالم، استاد ۽ علم و ادب جي خدمتگار
پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽي جا 03 سنڌي ۽ 05
انگريزيءَ ۾ لکيل تحقيقي مقالا ڏنل آهن. جن کي
چيئر جي سيڪريٽري ۽ سنڌي شعبي جي ۽ منهنجي قابل صد
احترام استاد ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي صاحب
وڏي محنت سان ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ آڻي اداري طرفان شايع
ڪرايو
آهي، جو
ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل ديده زيب ٽائيٽل ۽ پڪي بائينڊنگ
سان 112 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت 130 رپيا
آهي.
ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ سندن علمي
ادبي خدمتن تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر انور
فگار هڪڙو ۽ ڊاڪٽر ثناءالله ڀُٽي جا لکيل سوانحي مضمون پڻ شامل آهن جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي درس و
تدريس ۽ ادبي خدمتن جي
چڱي
عڪاسي ڪن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب 1958ع کان لکڻ جو آغاز ڪيو ۽
سندن پسنديده موضوع تاريخ رهيو.
پاڻ سنڌ جي ماضيءَ جي باري ۾ مستند مواد سان واسطو
رکندڙ نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾ جيڪي تحقيقي مقالا
لکيا آهن، تن ۾ عربي ۽ فارسي ماخذن جا حوالا ڏنل
آهن.
ڊاڪٽر انور فگار صاحب سندن تحقيق جو اندازِ
بيان ڪندي لکي ٿو:
”تحقيق
۽ تجسس ۾ پاڻ ان جي علمي روايتن جي پابندي ۽ پيروي
ڪرڻ تي ڪاربند رهندا آيا. جيستائين اصل ماخذن جو
مطالعو نه ڪندا، تيستائين ثانوي سورس موجب ڪنهن به
بيان يا روايت تي يقين نه ڪندا. چوندا هئا ته
”پوءِ ريسرچ جو مفهوم ته فوت ٿي ويو، باقي بچيو
ڇا؟“ (ص:22)
سنڌ جي هِن نامياري محقق جي علمي ذوق جو
اندازو ته پڙهندڙ سندس تحقيقي مقالن ئي مان لڳائي
ٿا سگهن، جن ۾ سنڌ جي تاريخ جي ڪيترن ئي بابن کي
اجاگر ڪيو ويو آهي. جنهن ڏَس ۾ سندن هڪ اهم مقالو
”بدين ضلعي جون ٻه مشهور قومون (جت ۽ ملاح)“ آهي،
جنهن ۾ پاڻ هن قومن جي اصليت،
علم الانساب جي حوالن سان بيان ڪئي آهي.
ان کان علاوه سندن ٻه مقالا ’قديم سنڌ جو مختصر
تاريخي جائزو‘ ۽ ’سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت جو مختصر
جائزو‘ ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل مقالن ۾ پڻ تاريخي
حقائق جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي اهم گوشن کي نمايان ڪري
نروار ڪيو ويو آهي.
اِهي مقالا سنڌ جي تاريخ لاءِ اکٽ ۽ عظيم
الشان سرمايو آهن.
جس لهڻي قاضي خادم صاحب ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو
صاحب! جن ههڙي برک عالم جي لکيل تحقيقي مقالن کي
ڪتابي صورت ۾ آڻي، پاڻ ملهايو آهي.
برڪت جيهو
رضوان گل جي ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو مختصر
جائزو
نوجوان شاعر ۽ نثر نگار رضوان گل پاران سوانحي
خاڪن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا
سرجڻهار“۾ سنڌي ادب جي آسمان تي کڙندڙ خوبصورت کير
ڌارا
(Galaxy)
جي ٻٽيهه ستارن کي شامل ڪيو ويو آهي. رضوان گل هن
ڪتاب ۾ شخصيتن تي مختصر پر جامع نموني سان لکيو
آهي.
مون کي گھڻي وقت کان وٺي سوانح عمرين ۽ سوانحي
خاڪن پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، جن ۾ ’بينجمن
فرينڪلن‘ جي سوانح، ’لارڊ ڊلهوزي‘ جي سوانح،
’ابراهم لنڪن‘ جي سوانح ۽ سنڌي ادب ۾ وري سوانحي
خاڪن پڙهڻ جو موقعو سائين جي.ايم.سيد ۽ پير علي
محمد راشدي فراهم ڪيو. اردو ادب ۾ جميل احمد جو
ڪتاب ”هنڊريڊ گريٽ مسلمس“ ۽ پروفيسر محمد شريف جو
ڪتاب ”هسٽري آف مسلم فلاسافي“ پڻ پڙهڻ جو موقعو
مليو. جڳ مشهور انگريز عالم جناب مائيڪل هارٽ جو
ڪتاب جنهن جو نالو ”ميڪرس آف هسٽري“ جو اردو ۾
ترجمو به ڪافي سال اڳ پڙهيو هئم جنهن جي پڙهڻ سان
ڄاڻ ۾ تمام گھڻو واڌارو محسوس ڪيو هئم.
شخصيتن جي حوالي سان سوانحي خاڪن لکڻ جو رواج چيو
وڃي ٿو ته صديون اڳ يونان جي هڪ عالم ’پلوٽارڪ‘
وڌو هو، جيڪو يونان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ رهندو هو.
جيڪو ڳوٺ پلوٽارڪ جي جاگير ۾ شامل هو. اهو ڳوٺ
انهيءَ دور جي يونان جي جڳ مشهور مندر ”ڊلفي“ کان
ويهه ميل پري واقع هو. پلوٽارڪ سن 46ع جو نامور
پادري، سفارتڪار ۽ بيوروڪريٽ ٿي گذريو آهي.
پلوٽارڪ عالم ۽ تاريخدان پڻ هو. هو يونان ۽ روم جي
100 سورمن جي شخصيتن تي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو
نالو ”Paralie
Lives“
هو. ان ڪتاب پلوٽارڪ کي دنيا ۾ سوانحي خاڪن لکڻ جي
حوالي سان هڪ بنيادي ليکڪ واري
سڃاڻپ به ڏني. ان ڪتاب ۾ هڪ سئو چونڊ يوناني ۽
رومي بهادرن جا خاڪا شامل ڪيا ويا. هن ڪتاب متعلق
اولهه جي هڪ جڳ مشهور عالم ايمرسن لکيو هو ته:
”هيءُ ڪتاب يوناني ۽ رومي هيرن جو بائيبل آهي“.
ان کان پوءِ ئي دنيا جي ادب ۾ سوانحي خاڪا اڪثر
100 جي عدد طور لکجڻ لڳا. اها ساڳي ريت اسان جي
دوست رضوان گل به پلوٽارڪ جيان ”ساهت ڏيهه جا
سرجڻهار“ لکي نڀائي آهي پر وري سوچجي ٿو ته هن
مهانگائيءَ واري دور ۾ ڪتاب آڻڻ به ڪا آسان ڳالهه
نه آهي. رضوان گل پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي عهد ساز
لکارين، ڏاهن، شاعرن ۽ اديبن تي لکيو آهي، بقول
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي صاحب جي ته: ”رضوان گل هي
ڪتاب لکي سنڌي ادب جي تمام وڏي خدمت جو ڪم سرانجام
ڏنو آهي“. رضوان گل سنڌ جي مهان دانشورن، عالمن،
اديبن، شاعرن، نقادن، ڪهاڻيڪارن، ڊرامه نگارن ۽
فلسِفن جي شخصيتن کي هڪ الڳ ۽ نئين انداز سان پيش
ڪري ٿو. اهي شخصيتون جن جو تعلق شاعريءَ جي شعبي
سان آهي ته انهن کي اڃا وڌيڪ پراثر انداز ۾ پيش
ڪرڻ جي حوالي سان سندن شاعريءَ مان چونڊ شاعري پڻ
پيش ڪئي آهي. جيئن شيخ اياز تي لکيل خاڪي ۾ سندس
شاعري مان ئي هڪ شعر سندس شخصيت کي نروار ڪرڻ جي
لاءِ لکيو ويو آهي ته:
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گھايل ڌرتيءَ جي سيني تي
اهڙي گھري چيخ ٿين ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
رضوان گل جي لکڻ جو انداز ئي نرالو آهي جيڪو
انتهائي سولو ۽ اهڙو ئي آهي جيڪو موجوده انگريزي
ادب ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي دنيا ۾
Like Child Simplicity
جي اصطلاح طور ڄاتو وڃي ٿو. بقول بيدل مسرور جي
ته ”رضوان جي ٻولي سادي پر وڻندڙ آهي“
”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ ۾ لکيل اهي مضمون پڙهي سنڌ
جي محبوب ليکڪن جي زندگيءَ جي باري ۾ معلومات سان
گڏ سندن ادبي ۽ تخليقي پورهئي جي پڻ مڪمل ڄاڻ ملي
ٿي، سندس هيءَ ڪاوش انهن ناميارن دانشورن جي مڃتا
به آهي جن ڌرتيءَ لاءِ رت ست ڏنو آهي. جن اديبن،
عالمن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، عالمن ۽ محققن تي هن
ڪتاب ۾ جيڪي مضمون آهن، انهن ۾
علامه آءِ.آءِ.قاضي، پير حسام الدين راشدي، محمد
ابراهيم جويو، قاضي عبدالحئي قائل، ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ
اياز، انيس انصاري، نجم عباسي، جمال ابڙو، استاد
بخاري،
ثميره
زرين، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امر
جليل، ذوالفقار راشدي، قمر شهباز، تاجل بيوس، طارق
اشرف، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، وفا ناٿن شاهي، انور
پيرزادو، ڊاڪٽر ملڪ نديم،
خيرالنساء
جعفري، قاضي مقصود گل، ڪيهر شوڪت، ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو، رزاق مهر، ادل سومرو، زيب سنڌي، طارق عالم
ابڙو ۽ اياز گل وغيره پڻ شامل آهن.
رضوان گل جيڪو ڪجهه لکي ٿو اهو پڙهندڙ کي نظر اچي
ٿو جنهن ۾ پنهنجو وزن آهي، جنهن ۾ پنهنجي الڳ
تازگي ۽ مزو آهي. سندس لکڻ جو ڪيڏو نه شاندار
انداز آهي. اچو ته سندس ڪتاب جو صفحو نمبر 38
کوليون ۽ شروعات ۾ ئي پڙهون ”ڌرتيءَ جي سونهن
نظارن ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات
جي وسعتن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن
ٿا. سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي
انسان کي شعور بخشين ٿيون، انهن سوچن جي سفر تي ڪي
ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن، جن
لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا.
اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن جي
گِهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ
مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا ته اهي خوبصورت لفظن
جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر
اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون
منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو پيدا
ٿئي ٿو، اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي
دلين جي ترجماني ڪندڙ ٿين ٿا.“ رضوان جي لکڻيءَ ۾
ڪيڏي نه رواني آهي، بلڪل اهڙي رواني جيڪا ندي جي
وهندڙ پاڻيءَ ۾ هوندي آهي. بقول الطاف شيخ جي ته:
”نوجوان ليکڪ رضوان گل کي لکڻ پڙهڻ جو نشو آهي“.
مان ته ائين ئي چوندس ته رضوان کي خود ته لکڻ پڙهڻ
جو نشو آهي پر سندس لکيل ليک پڙهندڙ کي به هڪ قسم
جو نشو مهيا ڪن ٿا. ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ ڪتاب
نه صرف پڙهڻ جھڙو آهي پر اهو سانڍي رکڻ جھڙو پڻ
آهي. |