سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :6

بشير سيتائي

غزل

ڪو ته آيو آ، شهر تنهنجي ۾،

ڄڻ ته ميلو آ، شهر تنهنجي ۾.

 

هڪ مداري، ٻيا ڪاٺ جا پُتلا،

ڏِسُ تماشو آ، شهر تنهنجي ۾.

 

آهي هر موڙ تي، ٺهيل مقتل،

گهاٽ گهاڻو آ، شهر تنهنجي ۾.

 

آهَه ڪَريون ٿا، سابه چوري ڇُپي،

ڪيڏو داٻو آ، شهر تنهنجي ۾.

 

رُوح جو رشتو، آ مهانگو تمام،

جِسم سَسَتو آ، شهر تنهنجي ۾.

 

تون ته خوابن ۾، ڪين مِل مون سان،

ڇو ته پهرو آ، شهر تنهنجي ۾.

 

ائين بدن جي، نه ڪر نمائش تون،

هرڪو بکيو آ، شهر تنهنجي ۾.

 

ڇا ڪري هي، ”بشير سيتائي“،

بس اڪيلو آ، شهر تنهنجي ۾.

 

’درياءَ‘ خان لغاري

غزل

نوان حال ٿي پيا، پُراڻا اوهان لئي،

اکين جا هي سپنا، نماڻا اوهان لئي.

 

اسان جي هي ڇاتي، اوهان لاءِ آتي،

اسان جون هي ٻانهون، وهاڻا اوهان لئي.

 

هينئين تي هِجر جا، هٿوڙا ڪِري پيا،

جاني! هِي جذبا، ويڳاڻا اوهان لئي.

 

اڃان ڀي غمن جي، گلابن ۾ آهيان،

تپيا ٽهڪ وارا، ڪيئي ٽاڻا اوهان لئي.

 

روليا نيڻ راهن، مليو ڪجهه نه آهُن،

ڪٿي ڪونه آهن، ٺڪاڻا اوهان لئي.

 

هلي آ ’درياءَ‘ جا، ساحل اڃان ڀي.

اياڻا اياڻا، اياڻا اوهان لئي.

سعيد سومرو

نظم (سوال)

مــوهـن ــــ دڙي جـي نـاچـڻـي!

تون ڇو ڀلا چُپ چاپ آن؟
ڏسُ! شامَ نيري، ڍُرڪندي،
ڪنهن بـيـقـراريـل ڌُنّ تـي،
بيڪلُ ڪري ٿي رقص سان،
مـوڳـي اسـان جـي مـن کــي.


خالي گهٽين جي ڌُنڌ ۾،
سڀ ديپَ ڄاڃي ٿي لٿا،
۽ چنڊَ اسٽوپا مٿان، ڄڻ موڙَ ٻهڪي هن ٻَڌا.


چَڳ چَڳ هَمرچو آ وڌو،
سهرا چئي سنڌو ندي.
دل دل رُسـامـن کي ڇـڏي،
وَر وَر وَڌايـون ڏي وڌي.
خوشبو اچي ٿي واءُ سان، ڄڻ سُونهن کي لائون ڏيڻ،

جهاتي مٿان جهاتي نئين، ڳڙکي منجهان آئي ٿيڻ.

 

لالي سکين جي ڳـلِ ڳـلِ،
گهنگهرو ٻَڌيون جهمريون ڀري.
مــنَ ــ ڍول جـي هـر ٻـول تي،
ڌڙڪن پئي گُـهورون ڪري.
 

تنهنجي اکين جي ديس ۾ اڄ جاڳ جون واڳان جـھلي،
نـنڊاکـڙا جـذبا چون، ڪا رُت نئين رم جهم هلي،

هــــن ســـڏ جـــي پـــڙلاءَ ۾،

تون، آءُ ڪنهن ورلاپ سان.

مـوهــن ــ دڙي جـي ناچڻي!

تون ڇو يڪي چُپ چاپ آن؟

 

نظم (جواب)

خوشيءَ جي هڪ خبر خاطر،
جــنــم
ٿيندا تـڪيـندي در.
نـئـيـن آ ڪـربـلا گـهـر گـهـر،
مان ڪئن جهومان مٺا شاعر!
 

جهروڪا بند خوابن جا، نه ئي احساس آ خوشبو،

ڪٿي ٿي ڳيچَ چئي سنڌو، سڏي ٿي روپلا، هوشو!

 

نه آ هِـي گهوٽَ جئن چَندر،
ٿري بُک تي ڪو ٻارُ آهي.
چـڳـن جـو نـاچ ناهي پر،
هي مجبوريءَ جو وارُ آهي!


 ۽ لائـن کان اڳي سُهڻي، ڪري ڪاري وئي ماري،

ڪُـٺا ڳڀرو، رُنـا ڍولڪَ، وسي ويـڙهن تي پئي واري!
وڪاڻا رنڊيُن وانگر،
مسـيـحا، نـاخـدا، رهـبـر!
لڳا ويـسـاهه گـهـاتـيـن جـا،
خلوصن کي سوين خنجر.
بدن معصوم پوتين جو، ڇني ڪيو ليڙ جهڙو آ،
ڏسي ڀڳوانُ پڇتائي، هي انسانُ ڪهڙو آ!؟
لڳن ٿيون ڪي مُڪّون من ۾،
ڏسي تاريخ وههُ ويڏي.
۽ ڌرتيءَ سان دغا هيڏي!
اُتي چچري ٿي دل ڪيڏي!
تڏهن ڀي او ڪوي! مون ۾، نيون مندون ٿو ڳولين تون،
پڇي ماٺار جو ڪارڻ، نه ڇٽڻا گهاوَ کولين تون!
مگر وياڪل نه ٿي مٺڙا!
هي ويندا مامرا نبري،
ڳلِي مان ٿوهرن بدران،
ڪي نغما اچڻا هن نسري.
کڻي ڪوئي وري ’عيسيٰ‘ هتي ڀي ماڻهپو ايندو،
گھٽين ۾ روز پو پنهنجو، نڪورو ناچ پيو ٿيندو.

رخسانه پريت

غزل

هليو ڪو نه ڪنهن سان، رَلي دوستو،

آ ويو واءُ اهڙو، گهُلي دوستو.

اکين سچ سارو ٿي، اظهاريو،

زبان سان ويو سڀ، ڪجهه اَلي دوستو.

جڏهن ڪونه، غم خوار ڀر ۾ ڏٺو،

ڏنوسين اسان ڀي، کِلي دوستو.

ڏسو ڇانوَ ڪاٿي، نه اچجو تڏهن،

اسان جي اکين ۾، هلي دوستو.

ڏجو در تي دستڪ، اتي ٿورڙي،

جي پئي پنهنجي، وچ ۾ گلي دوستو.

اڃان ڇا کڻي نيڻ، مون ڏانهن ڏٺئين،

ته وئي ساري دنيا، جلي دوستو!

ڪري ڇڏجي يا، سوچجي پر اڳي،

هي ويو پيار پنهنجو، هُلي دوستو.

ڇِڙيا ساز ٽهڪن جا، محفل ۾ ها،

نه ڪنهن اک ڏٺي، جا ڇُلي دوستو.

غزل

هيءُ اکڙيون! ۽ مڻ اوجاڳا،

ڇاهي سهنديون! ڇَڻ اوجاڳا.

سارا ڇو اوتيا، ٿئي مون ۾،

تون به پرين، ڪجهه کڻ اوجاڳا.

پيار اندر ۾، پوکي ويٺينءَ،

هاڻ پئي تون، لُڻ اوجاڳا!

مون وٽ ساز، نه ڪو آواز ئي،

ويهه وٺي ڀَر، سُڻ اوجاڳا.

 

جيڪو نينهن ڪري، سو ڄاڻي،

سنهنجا ڪين، سهڻ اوجاڳا.

لونءَ لونءَ ڄڻ ته، لتاڙن ٿا پيا،

ذات اڪيلي، ڌڻ اوجاڳا.

جيون ڄڻ ته، ڪوئي درخت آ،

وڻ ويڙهيءَ جان، ڄڻ اوجاڳا.

جاڳائي کڻ کڻ، ڊاٿو ٿئي،

هاڻ سُمهي ”مون“، اُڻ اوجاڳا.

غزل

عشق وارن کي ملن ٿا، ڪيترا رستا نوان،

ڪيتريون سوچون نيون، ۽ ڪيترا نُڪتا نوان.

زندگيءَ سوڙهو ڪيو هو، سوچ ۽ هر ساهه کي،

پو به ڏسنداسين جيئڻ جا، پيا اسين سپنا نوان.

موهه جي شڪتيءَ سان ڊاهي، ڊوهه کي وجهبو هتي،

ٿي پون پيدا اگر، من جي اندر جذبا نوان.

حوصلا هن جا حوالا ٿي، ٻريا تاريخ ۾،

هو سدا سهندا رهيو، تاريخ جا هاڃا نوان.

پيار! پنهنجي پيڙهه پائي، درد پيو دل کي دکائي،

۽ وري ڪو روح تي چاهي پيو قبضا نوان.

ياد آيا ڄڻ ڪوئي، طوفان آ دل ۾ اٿيو،

چنڊ اوجاڳن جا هُن، آڇيا وري تحفا نوان.

پيا پڇن ڪيئن ٿا ڪريو، هيءَ شاعري تن کي چئو،

نينهن لکرائيندو آهي، روز هي نغما نوان.

ڪوثر هالائي

تون به گهرُ ڳولين پيو، مان به گهُر ڳوليان پيو

بي چَيا بادل وسن ٿا،

ڪير آهي؟ جو انهن کي،

ڪنهن بهاني،

ويرانن جي واٽ ڏي موڙي ڇڏي،

بادلن جا بادشاهه!

مينهن کي چئه!

خيمن کي ٻي هنڌ تي کوڙي ڇڏي،

اُڀ اونداهو،

چنڊ ۽ تارا نه آهن ڏينهن ٿي ويا،

۽ چٽا چارا نه آهن ڏينهن ٿي ويا،

وسڪارن وک وک تي ويڌن ڪيا،

بادلن جا بادشاهه!

مينهن کي چئه!

گهرن کي ديوار کي ڌِڪو نه ڏي،

گهٽين کي بازار کي ڌڪو نه ڏي،

هاڻ جي گهُلنديون هوائون،

مينهن جون ڏسنديون جڏهن هي وارتائون،

ٿي پونديون پَڪَ اشڪبار

پَرُ به برباديءَ جا منظر هئا،

ڏکن جي واديءَ جا منظر هئا،

هيل پڻ سنڌوءَ جيان،

ڪڪرن ڪئي سا ڪار آهي،

ڪو ڪٿي آثار آهي؟

تون به گهر ڳولين پيو،

مان به گهر ڳوليان پيو،

هو به گهر ڳولي پيو،

سارا گهر ڳولين پيا،

بي چيا بادل وسن ٿا.

بي چيا بادل وسن ٿا.

 

گولين جا وسڪارا، ”چڪرا“ ڳوٺ مٿان!

گولين جا وسڪارا،

”چڪرا“ ڳوٺ مٿان.

ويري هيڏا سارا،

”چڪرا“ ڳوٺ مٿان.

دل سنڌين جي،

هاءِ! ڪراچي.

رت ۾ رنگي،

ڇا لاءِ! ڪراچي.

موت ڏنا لا مارا،

”چڪرا“ ڳوٺ مٿان.

”هٽلر“ پيرو ڪارَ،

ڇڏي ويو.

ڪيئن ڪبا هن،

وار ڇڏي ويو.

رت وهيو  ٿي گهارا،

”چڪرا“ ڳوٺ مٿان.

ڪرڻي هئي ويران وسندي،

ٿي ها قبرستان وسندي.

چمڪن ڪيئن ستارا،

”چڪرا“ ڳوٺ مٿان.

جانين تان هٿ،

ڌوئي ويٺا.

مارو منهنجا،

روئي، ويٺا،

حاوي ٿيا هيتارا.

”چڪرا“ ڳوٺ مٿان،

گولين جا وسڪارا.

”چڪرا“ ڳوٺ مٿان.


* 2011ع جي خوفناڪ برسات جي پس منظر ۾ لکيل.

** آگسٽ 2011ع ۾ ڪراچيءَ جي چڪرا ڳوٺ تي حملي جي پس منظر ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com