سميع ’ساجد‘ جوڻيجو
غزل
سڄي سال ۾ تو، ٻڌيون نه سنڀارون،
اڃا ڀي مُنجين ٿو، اسان ڏي ميارون.
اسين توکي پويان، ڪيا سڏ ۽ واڪا،
ٻُڌيون ڪين تو پر، اسان جون پڪارون.
خزائن اجاڙي ڇڏيو، باغ دل جو،
نه دل جي چمن ۾، ڪي آيون بهارون.
الائي ڪٿي آن، ڪٿي ٿو رهين تون،
نه تنهنجون پون ٿيون، ڪي خبرون ۽ چارون.
الئه ڇو وڇوڙو، اچي ويو اسان ۾،
ڏسي جيءُ جهري ٿو، پکين جون قطارون.
رڳو نانءُ تنهنجو، رهي ٿو زبان تي،
سنديون روز آهن، پرين تنهنجون سارون.
اوهان جي اچڻ جي، پوي ڪانه سُڌ ٿي،
تڏهن ته وجهان ٿو، هتي روز ڦارون.
ٻڌان ٿو ته ”ساجد“، سنديون يار تون ئي،
رقيبن سان ڊيلي، ڪرين ٿو پچارون.
غزل
اسين رول رولاڪ، تو لئه ٿياسون،
تڏهن ڌرتتي جو، پئي در در رلياسون.
اوهان وٽ اسان جي، ڪا مڃتا ئي ڪونهي،
مگر پوءِ به توتي، پئي جاني مئاسون.
زماني به ڏاڍو جهليو هو پرين پر،
نه ڪنهن جي ٻُڌي سُون، نه ڪنهن جا بڻياسون.
اوهان ڀي اسان کي، ڪيو ڪونه پنهنجو،
دنيا ۾ توڙي جو، بدنام ٿياسون.
اُگهيا ڪنهن نه ڳوڙها ٻُڌيون ڪنهن نه دانهون،
انڌن آڏو ”ساجد“، ڇو اجايو رُناسون.
سور سنڌڙي جا (نظم)
ڀٽائي تنهنجي نگريءَ ۾، رهيو هاڻي امن ناهي،
ويو بگڙي امن
سنڌ جو، نه ڪي ڪٿ ڪو سڪون آهي.
کڻي اڄ سُورَ سنڌڙي جا، سَلِڻِ آيو آهيان سائين،
توکي مان دانهه دردن جي، ڏيڻ آيو آهيان سائين،
ڪجان ڪو داد
تون سنڌ جو، ظلم جا ڪوٽ ڇڏ ڊاهي.
ڀٽائي تنهنجي نگريءَ ۾ رهيو هاڻي امن ناهي.
قبيلائي هلن ٿا پيا، رڳو سنڌ جي اندر جهيڙا،
سبب ان جي ڪري ڪي ئي، ويا ويران ٿي ويڙها،
ائين محسوس
ٿئي ٿو ڄڻ، گهمي راڪاس ويو آهي.
ڀٽائي تنهنجي نگريءَ ۾ رهيو هاڻي امن ناهي.
هتي ڌاڙا، ڦرون جاري، هتي اغوا قتل غارت،
هتي نيلام ٿئي ٿي پئي، سرِ بازار ڏس غيرت،
ڏوهاري ڏوهه ڪن ٿا پيا، چڙهيو مسڪين آ ڦاهي.
ڀٽائي تنهنجي نگريءَ ۾ رهيو هاڻي امن ناهي.
هتي موسم خزائن جي، بهارن لئه سِڪون ٿا پيا،
خوشيون ناهن
رهيون هتڙي، سورن ۾ ئي سڙون ٿا پيا،
چپن تان مرڪ کسجي وئي، غمن ڀي آ ڇڏيو ڳاهي.
ڀٽائي تنهنجي نگريءَ ۾ رهيو هاڻي امن ناهي.
ختم انسان مان ٿي وئي، صفا انسانيت آهي،
نه ڪي ڪنهن آدمي ۾، اڄ رهي ڪا آدميت آهي،
نه ماڻهن ۾ رهيو ڪوئي، وري ڪو ماڻهپو آهي.
ڀٽائي تنهنجي نگريءَ ۾ رهيو هاڻي امن ناهي.
پيا هن لاش روڊن تي، اڃا احتجاج جاري آ،
کڻي جهنڊا هٿن ۾ ڏس، اٿي پئي سنڌ ساري آ،
قلم ”ساجد“ کڻي تڏهن، ههڙا هي شعر ٿو ٺاهي.
ڀٽائي تنهنجي نگريءَ ۾ رهيو هاڻي امن ناهي،
ويو بگڙي امن
سنڌ جو، نه ڪي ڪٿ ڪو سڪون آهي
حليم چنو
غزل
اکين جون عاشقيون ميڙيون،
ٽُٽل ڪي آرسيون ميڙيون.
ڪُٺي جا رات ڪاري ٿي،
سُهاڳڻ جون خوشيون ميڙيون.
پٿر جو هي زمانو آ،
گلابن جون پتيون ميڙيون.
اسان جي دور جون گڏجِي،
نيون آوارگيون ميڙيون.
اسان جو نِينهُن آ ساگرُ،
ڪنارا ۽ نديون ميڙيون.
غزل
پُسي ڪنهن جي چُني آهي،
لٿي رُتِ شبنمي آهي.
کڻي چادر ڍڪيو سج کي،
اُگهاڙي اُس سُتي آهي.
عجب انداز آ هن جو،
عجب جي بي رخي آهي.
سخاوت جي شهر ۾ اڄ،
ڪئي ڪنهن خودڪشي آهي.
ڇُهيل زلفن جي چوٽن ۾،
پئي اٽڪي سڳي آهي.
علي محمد سولنگي
غزل
پنهنجن ماري ڇڏيو آهي،
رشتن ماري ڇڏيو آهي.
تانگهن، تڙپن ٿا تنهنجي لئه،
جذبن ماري ڇڏيو آهي.
هن جي چيا رومال ۾ ويڙهي،
لفظن ماري ڇڏيو آهي.
جيڏو هن جو خيال رکان ته به،
طعنن ماري ڇڏيو آهي.
موٽ محبت جيءَ ۾ مليل،
صدمن ماري ڇڏيو آهي.
ٿيندو ڇا انجامُ الائي!؟
اُلڪن ماري ڇڏيو آهي.
غزل
هاءِ! هيڏو نه رهه حجابن ۾،
سُونهن لڪندي نه آ نقابن ۾.
توسان ڪيڏي
مون کي مُحبت آ،
ڪيئن ٻُڌايان اهو حسابن ۾.
تُنهنجي جوڀن
جو ڇا مثال ڏيان،
ڳولهيو مون گهڻو ڪتابن ۾.
منهنجي ساهن ۾
ائين شامل هين،
جيئن خوشبو رهي گلابن ۾.
نينهن تنهنجي ۾ جو نشو آهي،
سو نشو ڪاٿي آ شرابن ۾.
توکان جيڪو به پل پري گذري،
سا گهڙي درد ۾ عذابن ۾.
سعيد سنڌي
غزل
عشق جو هر عمل، بندگيءَ مان ڪڍيئه،
پاڻ کي پاڻ ڄڻ، زندگيءَ مان ڪڍيئه.
پوري دل جي وئي، آرزو ٿي تڏهن،
چنڊ جهڙو جڏهن مُک، دريءَ مان ڪڍيئه.
هن جي ٽٽجڻ جو، جي توکي احساس هو،
ڇو نظر پوءِ مٺي، آرسيءَ مان ڪڍيئه.
تنهنجي نفرت ائين، يار مون کي لڳي،
ڀاتي گهر جو جيئن، ڪو جهُڳيءَ مان ڪڍيئه.
هو نه ڀٽڪي وڃي، خوف جي راهه ۾،
وقت ڇا لاءِ هٿ، اجنبيءَ مان ڪڍيئه.
گفتگوءَ مان لڳو، تون نه ڄاڻي برهه،
لفظ جو ڀي ڪڍيئه، سو مڳيءَ مان ڪڍيئه.
پيروي پوءِ ڀي، ”سعيد“ تنهنجي ڪندو،
ڇا ٿيو نانءُ جي، عاشقيءَ مان ڪڍيئه.
غزل
ٿيا نيڻ جڏهن زخمي، سپنن ۾ پيا سڏڪا،
مايوس وئي دل ٿي، ڌڙڪن ۾ پيا سڏڪا.
حالات جي هٿڙن کان، پوپٽ جو آ موت ٿيو،
خاموش هوا ٿي، ۽ گلڙن ۾ پيا سڏڪا.
منزل تي رسي نه سگهيا، اڌ راهه ۾ رهجي ويا،
افسوس منجهان منهنجن قدمن ۾ پيا سڏڪا.
بي ڏوهه مُئو ڪوئي، پاڙي جي وڏيري هٿان،
بابي جي ڏسي مڙهه کي، ٻچڙن ۾ پيا سڏڪا.
واعظ جي ويو من مان، ايمان جڏهن نڪري،
واعظ جي ڪيل سڀني، سجدن ۾ پيا سڏڪا.
هي ”سعيد“ ته لڏڻو هو، جيئن ئي ويو لڏي هتڙان،
گيتن ۾ اداسي ٿي، غزلن ۾ پيا سڏڪا.
غزل
رات جو سيني تي،
ڪنهن جي رکي تصوير.
هُوءَ سمهي پئي آ.
جاڳي ٿو ڏيئڙو،
ٿڌڙي گهلي ٿي هير.
هُوءَ سمهي پئي آ.
دل جي سپنن جي،
ڳوليندي تعبير.
هُوءَ سمهي پئي آ.
ڪنهن کي ياد ڪري،
اکين- وهائي نير.
هُوءَ سمهي پئي آ.
عشق جي تو جا لکي،
”سعيد“ پڙهي تحرير.
هُوءَ سمهي پئي آ.
نظم
مان هر روز
عقيدت ۽ احترام سان
اکڙين جي
خموشان شهر ۾
ڏيئا ٻارڻ ويندو آهيان
جتي
منهنجي دل جي
اڻ ڳڻين حسرتن جا
ڪيترائي خواب دفن ٿيل آهن
۽ ها!
مان هر روز
عقيدت جا
گل ڇٽڻ ويندو آهيان
اکڙين جي خموشان شهر ۾
پنهنجي حياتيءَ جي
تربت مٿان
مان ويندو آهيان
اکڙين جي خموشان شهر ۾. |