سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :2

 

غزل

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين،

ڇو پير پَساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين.

ڪنهن لاءِ تڪين ٿو ڪنڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي مُور نه اچڻي آ،

جي تون به اچين او وڻجارا! توکي به اُڪاري وينداسين.

درياهَه اندر جا دهشت آ، ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي،

تون مان ته رڳو هن سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين.

ڪا جهرمر جهرمر جگنوءَ جي، ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي،

گهنگهور گهٽا جو گهيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري وينداسين.

آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر هيئن نه مرنداسين ساٿي!

ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

تون آءُ ته اوريون اوراڻا، ڇو جيءُ سهي هي جهوراڻا؟

تون ڇا کان ڇرڪين ٿو راڻا! اڄ ڪاڪ ڪناري وينداسين.

ڇو گهٻرائين ٿو ڪوٽَ ڏسي، هي اوچي اوچي اوٽَ ڏسي،

زندانَ اُڏائي وينداسين، زنجير پگهاري وينداسين.

تنهن وقت به مون هي ڄاتو هو، هي ڪاريهر سان ناتو هو،

جي هاڻي ساٿُ سڃاتو هو، هي مارِي ماري وينداسين.

 

- شيخ اياز

شيخ مبارڪ علي اياز

سنڌ جو عظيم شاعر ۽ نثر نويس شيخ محمد مبارڪ علي اياز ولد غلام حسين شيخ 2 مارچ 1923ع مطابق 12 رجب 1341هه، 19 ڦڳڻ 1979 وڪرمي جمعي جي ڏينهن شڪارپور ۾ تولد ٿيو. پنهنجي والدين کي نرينه اولاد ۾ هيءُ پهريون نينگر ڄائو هو. سندس جنم کان اڳ هو ڏاڍا آسائتا ۽ سڪائتا هئا. انهيءَ ڪري نرينه اولاد ٿيڻ جي اڪير ۽ اڪنڊ ۾ مالڪ سائينءَ کي پيا ٻاڏائيندا هئا. ڪيترن عارفن ۽ ولين وٽ يا درگاهن ۽ مزارن تي دعا طلبيءَ لاءِ ويندا هئا. مبارڪ علي اياز جو والد غلام حسين شيخ، راڻي پور جي بزرگ سيد صالح شاهه جو مريد ۽ خاص خليفو هو.

روايت آهي ته هڪ ڀيري غلام حسين پنهنجي مرشد کي دل جي حضور سان عرض ڪيو ته: ”قبلا! منهنجي غريب خاني تي هلي قدم گهمايو ۽ دعا ڪريو ته مالڪ حقيقي مون غريب جي ماڙ ۾ مهر جو مينهن وسائي ۽ نرينه اولاد عطا ڪري.“ اهو عرض ٻڌي سيد صالح شاهه کيس آٿت ڏيندي چيو ته: ”غلام حسين ’فقير‘! تون دلجاءِ ڪر. انشاءِ الله آءٌ جمعي جي ڏينهن توهان جي گهر هلندس ۽ اتي توهان جي آڏو باري تعاليٰ جي بارگاهه ۾ عرض ڪندس.“ اقرار موجب، اولياء الله سيد صالح شاهه سندن گهر آيو ۽ غلام حسين فقير کي دعا ڪيائين. وڃڻ وقت، ولي الله وقت پنهنجي مريد ۽ خاص خليفي فقير غلام حسين کي آٿت ڏيندي چيو ته: ”انشاالله تعاليٰ مالڪ جي مهر ٿيندي ۽ توهان جي گهر ۾ نينگر جو جنم ٿيندو. ڄمڻ وقت مٿس نالو مبارڪ علي رکيو وڃي. هو بيحد ذهين ۽ خوشحال ٿيندو. سندس نالو دنيا ۾ سج وانگر چمڪندو رهندو. ٻالڪ جي تن تي ڪٿي ڪو ڪارو نشان به ضرور هوندو.“ (شيخ اياز جي پٺيءَ تي ڪارو نشان هو) مرشد جي فرمان موجب غلام حسين فقير کي پٽ ڄائو. مٿس مبارڪ علي نالو رکيو ويو. سندس ولادت تي وڏيون خوشيون ملهايون ويون.

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

مضمون- ”جنم جنم جي جيت اياز“ تان ورتل ٽڪرو

مهراڻ (شيخ اياز نمبر) 2-1/1998ع

سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

عنايت بلوچ

غزل

اڄ آديسي، اچڻا آهن،

ڏيئا روشن، رکڻا آهن.

هوشو، هيمون، دولهه، دودا،

مانجهي مُور، نه مرڻا آهن.

رات کُٽي ٿي، باک ڦُٽي ٿي،

ڀاڳ اسان جا، ورڻا آهن.

سانڊا هاڻي، سوگهو آهين،

توسان ليکا، ڪرڻا آهن.

ڪنهن جو ڏوهه، نه آهي پيارا،

پنهنجا ڪرڻا، ڀرڻا آهن.

ڇپر نيٺ ته، ڇيتيون ٿيندا،

ٽڪر آخر، ٽرڻا آهن.

شاهه جي ڌرتي، منهنجا توسان،

لکيل مرڻا، پرڻا آهن.

غزل

تُنهنجو منهنجو، پيار اَٽل،

آهي ازل کان، پيچ پيل.

آسُن ۽، ارمانن جا،

دل ۾ آهن، ميڙ متل.

تولئي نير، وهن ٿا ائين،

ڄڻ واهڙ جي، آهي اُٿل.

نانگي نينهن تي، ڪهڙي ميار،

جذبن کي ڪا، جَهل نه پل.

باهه ٻري سا، جاءِ جلي،

ڪُويڄن کي، ڪهڙي ڪل.

نيڻين ننڊ نه، دل کي چين،

تنهنجي ’عنايت‘، محب مٺل.

غزل

منهنجا جاني، تنهنجو جيڪر، پهريل سهريل روپ ڏسان ها،

تنهنجو چهرو گهُوري گهُوري، مهڻو مکڙو پاڻ پسان ها.

سڪ تنهنجيءَ ۾ سهڻا سائين، هيڪر جي توساڻ ملان ها،

توکي ڳَل ڳيراٽيون پائي، پيار ڪريان ها ۽ پڄران ها.

ڏيهه سڄي کان پاسيرو ٿي، توسان گوشن ۾ گڏجان ها،

ساهن جي سُرهاڻ کي سهڻا، پنهنجي اندر ۾ اوتيان ها.

چوڏهينءَ جي چانڊاڻ بدن جي، پاڇن ۾ جي مان ترسان ها،

تنهنجو عڪس پوي ها مون تي، مان ڀي جڳ ۾ پيو جرڪان ها.

تن ٿو تڙپي، من آ ماندو، ساعت تو ريءَ سان ٿو ڀانيان،

توکي جي هڪ وار ڏسان ها، ڪين ڪُڇان ها، ڪين لُڇان ها.

سونهن جو سهڻا ڇيهه ته ڪونهي، پر تو ۾ ڪيڏي نه ڪشش آ،

لک رُسامن هوندي شايد، توسان پاڻ اچي پرچان ها.

حال ونڊيان ۽ حال ٻڌايان، جي توسان ملان او جاني!

تو به چيو پئي جيڪر پنهنجو، حال ’عنايت‘ سان اوريان ها.

غزل

اي پيارا واٽ ويندڙ، پيار ۾ پنهنجا نه ڪر،

پر جي ڦاسي پيا ته پو، جلدي اُهي آجا نه ڪر.

دل به ڏيندا، جان ڏيندا، ساهه سِر صدقو ڪندا،

عاشقن سان آزمائش جا، مٺا چرچا نه ڪر.

تنهنجي صورت جن ڏٺي، ڏسندا رهيا، بيهي رهيا،

برهه جا باندي مسافر، سونهن سان سوگها نه ڪر.

ياد جنهن دم ڀي ڪندين، هوندس سدائين اوڏڙو،

پاڻ کان پرتي پرين، منهنجي ڪٿي ڳولا نه ڪر.

تنهنجي پهرين گهُور کان پو آ نه، ڪجهه باقي بچيو،

دل جي ڌرتي کي لتاڙي، روح ۾ رستا نه ڪر.

تو ڏٺي ڪي ڏينهن گذريا، وصل واڌايون به ڏي،

پاڻ کان هرگز پري، مون کي پرين پيارا نه ڪر.

درد کان او دادلا! يَر، دانهن نڪري ٿي وڃي،

ڀل ’عنايت‘ ڪر اڃا، پر بيرخي بيجا نه ڪر.

يوسف شاهين

 

موت بَرحق (غزل)

شهادتَ شانُ، آهي اسان جو،

اِهو اعلان، آهي اسان جو.

ڦاهيءَ ڦَندا، ڪيئي ڏٺاسين،

موتُ بَرحق، ايمانُ اسان جو.

ڪيئي ڪَربلائون، ڏٺيون سين، سَٺيون سين،

مَٿاهون آهي، مانُ اسان جو.

آمَر آڏو، ڪونه جهُڪندو،

جنگي جوڌو جوانُ، اسان جو.

حَقَ جي واٽَ، ڇڏڻي ناهي،

اِهو آهي فرمانُ، اسان جو.

هيءَ ڳالهه ”يوسف“، چئو ورائي:

”سَچ ٿيو سلطان، اسان جو“.

 

ڏيهه ڏُکن جو (غزل)

ڏکن جي ڳالهه، بس اِها ئي آهي،

ويٺا آهن وِچَ ۾، سڀ لڏا لاهي.

ڪا جَهلَ پَلَ ناهي، هِنن کي هتي،

ايندا رهن ٿا، ڪڙمَ ساڻ ڪاهي.

ڪالهه جيڪي ڏاڍا ڏُتڙيل هئا،

اڄ اسان کي چون ٿا، هلو سِر لِڪائي.

جا پيار جي ڌرتي، هئي اَزلَ کان،

ڏيهه ڏُکن جو، سا هاڻ سڏائي.

کڻي آيا پاڻ سان، فقط آڳِ اندرَ جي،

اِها آڳ سَڀَ کي، آهي ويئي ورائي.

ڏُکندو ڪيئن ڏور، ٿئي يوسفَ!

ڪو ته هنن سان، هَٿُ اٽڪائي.

 

بيت

سوريءَ سَڏَ ڪئا، ميهڻو ٿيو موٽَ،

پاٻوهي پاڻ کي، گهوريو اُٿي گهوٽ،

چڙهيو هو چوٽَ، پر ماري مون وئو.

 

يقاتلون في سبيل الله، صدقي ڪيم ساهه،

قبولي قرب سين، پرين! شالَ پساهه،

ته ٿئي مون مباحُ، اوکو ماڳُ عشقَ جو.

 

هئه هئه حُسينيت، سچُ سوائي،

اهڙي واٽَ وڏاندري، پلئه جن پائي،

تنين لئه آئي، موٽي مند بهارَ جي.

 

هئه حُسينيت، ڏُکي آهِه ڏات،

جُڙي شالَ جَڳَ کي، مون وائي اِها وات،

ٻيلي ٻي ڪا تات، اِن ري اٿم ڪينڪي.

*

ڏُکن پويان ڏُکَ، هلندا اچن هاڻ،

متان چَوَنِ مون کي، ته ڪڍي نٿو ڪاڻ،

پيهي ڪيان پاڻ، آجيان اِنهن جي.

 

ڏُکَ ڏوٿي، ٻيا مڙوئي مهمانَ،

پَلُ نه پاسي ٿين، مون کان مهربان،

ڪڏهن ڪيائون ڪانَ، وَڃڻَ وائي وَسئون.

 

ڏُکن سان ڏُکُ، ڪڍڻ اجايو،

ويچارن وَسئون، ڪين گهٽايو،

نِرتئون نڀايو، سدا ساٿُ مون سين.

 

هليا م ڪري هيکلو، سُکَ سيلاني،

ڪئي پوءِ ڏُکن، مون تي مهرباني،

آيا عيالين، سي لاحد لامڪاني،

انهن جي احساني، جو وڃڻ وائي نه ڪن.

عبدالقيوم صائب

غزل

سر جو ڏئي ميهڻو، چنگ چوري ڇڏيئه،
سئن سولي هڻي، ڪنڌ ڪوري ڇڏيئه.
 

ميهمان ٿي ڪري، ڏنڀ ڏيئي ڪري،
جبر جو جوڙ ٿي
، تنگ توري ڇڏيئه.
 

رنگ روشن ٿيا، چٽ چُنيءَ تي پيا،
ڀرت ڀرجي ويا، جن کي پوري ڇڏيئه.
 

سئن ٻيجل هنئين، راءُ ريجھي پيو،
سر جي ساڃاهه تي
، سرڙو گھوري ڇڏيئه.
 

راند رت جي ڪري، پير پڙ ۾ وجھي،
بار سر تي کڻي، پاڻ جھوري ڇڏيئه.
 

دونهون دکندي ڏسي، ڳاٽ اوچو ڪري،
مچ منجھان پار ٿي، سَنڌ اوري ڇڏيئه.
 

پرت جي پنڌ ۾، پير جي ٿيا پٿون،
تار پاڻي پسي، ٻيڙي سوري ڇڏيئه.
 

رنگ دنيا ڪيا، پر نه تو ڪجهه ڪڇيو،
پيچَ هو، پيچرو، سو به ڏوري ڇڏيئه.
 

مهڻا سڀ کي نه ڏي، سڀڪو ’صائب‘ نه هو،
ماٺ ۾ جنهن رهي، ڪنهن جي ٿوري ڇڏيئه.

 

غزل

سنڌ تنهنجي سينڌ کي، سنڌوءَ سينگاريو،
رهبرن هو راهه ۾
، ٻارڻ کڻي ٻاريو.
 

بي عمل جي ڪا روش، سهڻي کڻي آهي،
سونهن جي هن سادگيءَ، مهڻا ڏئي ماريو.
 

واٽ ويندن جي مٿان، چٿرون ڪريو ڇو ٿا،
پاڻ کي خوش ٿا ڪريو
، يا پاڻ پيا کاريو.
 

وٽ کي سنواريندي ئي، شب گذري وئي سائين،
ڏينهن ٿيو پر سوجھري، ڪجهه ڪين ڪي واريو.
 

هن جي اوندهه راڄ ۾، راڄن ۾ پيو راڙو،
هو هليو اهڙي طرح جو، ڄڻڪه هو ڌاريو.
 

پاٽ ۾ پوندو اهو جو، ديڳ ۾ رڌبو،
چاشنيءَ جو ساءُ ڪيئن
، خشڪن ۾ ٿا ساريو.
 

رت پيڻ جي راند ۾، ديريون ڪبيون ڪهڙيون،
خون جي دريا منجهان، ساٿي سڀئي تاريو.
 

ور ڏئي ڳالهيون ڪري، ٿا وقت سيڙايو،
قدر جنهن جو ناهه، سا ڇو واٽ ويچاريو.
 

ڏوهه ڏيهين کي ڏيڻ، هو غير وٽ غالب،
غير سان گڏجي اوهان، ٿي غير ڏيکاريو.
 

ميم ۾ مارئي اڃا، ’صائب‘ پيو ڳائي،
مرڪ سان مارن ملي، هو کيس کيڪاريو.

 

غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي

 

غزل

محبّت جو سفر مشڪل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو،

اڙائي ويٺاسون ٻئي دل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.

 

هتي جنهن پير پاتو، سو نٿو نڪري سگهي سهڻا،
هي دلدل آهي يا منزل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
 

اوهان جو حسن، منهنجو عشق، آهن بحر بي پايان،
ٻنهيءَ جو ناهه ڪو ساحل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
 

نڪا تلوار هٿ ۾ هئي، نه نڪتو تير ترڪش مان،
ڪيا هڪ گهُور ڪئي گهائل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
 

اڏائي عشق ٿو فهم و فراست عقل وارن جي،
هتي عاقل به ڄڻ جاهل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
 

عدالت عشق جي ۾، فيصلا هر وقت هڪ طرفا،
ڪجي فرياد ڪٿ داخل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
 

نه ميخانو نه ميڪش ۽ نڪي موجود مئي آهي،
رهي مدهوش ٿي محفل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
 

هزارن ۾ اچن ٿا، مرڪندا ”مشتاق“ مقتل ڏي،
مگر مقتول يا قاتل، نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.

 

عبدالحميد آس ٻٻر

جُدائي ڇا ڪندي آهي...

 

جُدائي ڇا ڪندي آهي

گُهٽيندي آ-

۽ گِهلي اڌ- مُئو اُڇلي،

اُٿاري، گوري ڏيندي آ تصور جي-

تصور، خواب بڻجي،

هير جو احساس ڏيندو آ.

اُنهيءَ احساس جي بدلي ۾

جيڪا ننڊ هوندي آ-

انهيءَ جي عمر ڇا آهي؟

فقط لمحا!

۽ لمحن کي جٽاءُ ڪهڙو؟

جيئن ئي اکِ کُلي ٿي پئي،

ته ساڳيو ئي سفر آهي-

جُدائي ڇا ڪندي آهي؟

گُهٽيندي آ.

غزل

 

زندگي! تنهنجي، ضرورت جي پُٺيان،
رات ڪَٽڻي ٿي پوي، ڇِت جي پٺيان.
 

اکَ جو پاڻي به، سُڪندو ٿو وڃي،
رَتُ ايندو ڪونه آ رت جي پُٺيان.
 

هر چڱائي کوهَه، ڀيڙي ٿي ٿئي،
ماڻهو ويندو آهِه، عادت جي پٺيان.
 

بيقراريون ٿو کڻي، هر مُندَ ۾،
واهه آدم! هڪڙي، راحت جي پٺيان.
 

ڪِٿ اکيون، ڪِٿ دل، ڏيڻ آهي لڳو،
آس هاڻي آ، سخاوت جي پٺيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com