اشتياق انصاري
جان محمد جوڻيجو
(رئيس المهاجرين)
جان محمد جوڻيجي 1304 هجري بمطابق 1887ع عيسوي ۾
لاڙڪاڻي کان ڪجهه ڪلوميٽر اتر طرف قائم تاريخي ڳوٺ
’ڌامراها‘ ۾ اک کولي. سندس والد حاجي ڪريم بخش
خان، چانڊڪا جي معتبر زميندارن ۾ شمار ٿيندو هو.
جان محمد جوڻيجي فارسي ۽ سنڌي جي ابتدائي تعليم
پنهنجي ننڍڙي واهڻ ’ڌامراها‘ مان حاصل ڪئي. ٻارهن
ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ خيري ديرو (تعلقو رتوديرو) ۾
سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ انگريزي تعليم
جي حاصلات لاءِ لاڙڪاڻي جي ’مدرسة الاسلام‘ ۾ پير
پاتو، جتان هن پرائمري پنج درجا پاس ڪيا.
مدرسة الاسلام لاڙڪاڻي جي تاريخي عمارت جتي
رئيس جان محمد جوڻيجي سميت عمربن محمد
دائودپوٽي، حيدر بخش جتوئي ۽ سنڌ جي ٻين
ڪيترن ناميارين شخصيتن تعليم حاصل ڪئي |
”جڏهن هو لاڙڪاڻي ۾ پڙهندو هو تڏهن محمد ايوب
کهڙو، غلام محمد اسراڻ، عمر بن محمد دائود پوٽو،
نصرالله، غلام علي، حيدر بخش جتوئي، فيض محمد
وغيره به مدرسي جا شاگرد هئا. سندس لاڙڪاڻي جي
دوستن مان رئيس غلام محمد وڪيل، سيٺ حاجي خدا داد
خان سرهيو، عبدالرزاق شيخ، مولوي محمد عاقل وغيره
مشهور هئا(1).“
جان محمد جوڻيجو جوانيءَ دوران |
جان محمد جوڻيجو وڌيڪ علم جي حصول لاءِ ڪراچي جي
”سنڌ مدرسة الاسلام“ جو در کڙڪايو. هن ڪراچي جي ان
اداري مان ميٽرڪ پاس ڪئي. ”اتي حسن علي عبدالرحمان
۽ علي گوهر خان ڀُٽي سان دوستي ٿيس. جڏهن علي گوهر
ڀٽو ولايت پڙهڻ ويو تڏهن هو پنهنجي والد صاحب کان
اجازت وٺي لنڊن ويو ۽ وڃي بئريسٽريءَ جو امتحان
پاس ڪيائين(2).“
جان محمد جوڻيجي جي اعليٰ تعليم واسطي انگلينڊ
رواني ٿيڻ لاءِ دين محمد وفائي لکي ٿو ته:
”ڪراچي مان ميٽرڪ جي امتحان ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ
هو پنهنجي خيال سان ڪليڪٽر کان پاس وٺي في الحال
خرچ راهه ٻه هزار رپيا هٿ ڪري قانون جي تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ ولايت ڏانهن تيار ٿيو. هو تقريباً سال
1910ع ۾ انگلينڊ ڏانهن بئريسٽر جي امتحان لاءِ سنڌ
مان روانو ٿي ويو. ان کان پوءِ ولايت جي سفر ۽ اتي
رهڻ ۽ تعليم جي خرچ جو سمورو بار سندس والد بزرگ
جي ذمي رهيو. برابر پنجن سالن جي طويل سفر ۽ وطن
جي جدائيءَ کان پوءِ هو بئريسٽريءَ جي امتحان ۾
ڪامياب ٿي سال 1915ع جي شروع ۾ پنهنجي وطنِ عزيز
ڏانهن خيريت سان موٽي آيو(3).“
”سنڌ ۾ پهريون نمبر بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي
ان کان پوءِ رئيس جان محمد جوڻيجو هو(4).“
جان محمد جوڻيجو انگلينڊ مان واپس ورڻ بعد ڪجهه
عرصو ڪراچيءَ ۾ ئي رهي وڪالت شروع ڪئي پر پوءِ جلد
ئي ڪراچي ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي آفيس کوليائين.
لاڙڪاڻي ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي سندس
پيءُ گذاري ويو، جنهن ڪري خاندان توڙي هارين نارين
سان ڇيڙي نبيري جو وهنوار هن جي ڪلهن تي اچي پيو.
ان دوران هن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي لاءِ هڪ ٻه ماڙ
بنگلو ٺهرايو، جيڪو اڳتي هلي خلافت ڪميٽي ۽ هجرت
ڪميٽيءَ جو ڄڻ مرڪز بڻجي ويو. هونءَ به لاڙڪاڻي ۾
وڪالت دوران هن وٽ روزانو هزارين ماڻهو سندس آفيس
۾ موجود هوندا هئا. هن جو دسترخوان هميشه مهمانن
سان ڀريل هوندو هو. اڄ به اهو بنگلو گورنمينٽ گرلس
ڪاليج لاڙڪاڻي جي ڀرسان عيدگاهه جي سامهون يادگار
طور ڏسي سگهجي ٿو.
لاڙڪاڻي ۾ وڪالت دوران 1917ع ۾ جڏهن غلام محمد
ڀرڳڙي ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي آفيس کولي ته جان
محمد جوڻيجو به مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. حالانڪ ان
وقت تائين سنڌ جا ڪجهه ماڻهو ئي هن جماعت ۾ شامل
ٿيا هئا. ان وقت تائين مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي
مقصدن ۾ ڪو ايڏو وڏو فرق نه هو. مسلم ليگ ۾ شامل
ٿيڻ سان جان محمد جوڻيجي جي ذاتي زندگيءَ ۾ وڏو
ڦيرو آيو. ان بعد هن ذاتي زندگي قربان ڪري باقي
زندگي ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
ان جو پهريون مثال اهو هو جو مارچ 1918ع ۾ شيخ
عبدالعزيز، سکر ۾ تعليمي ڪانفرنس سڏائي. هن سنڌ ۾
هڪ عربي- انگريزي اسڪول کولڻ پئي چاهيو. جان محمد
جوڻيجو هَڙان وَڙان وڏي جذبي سان ان تعليمي جلسي
کي ڪامياب ڪرڻ ۾ جُنبي ويو. هن اتي جلسي ۾ قائم
ٿيندڙ نئين عربي- انگريزي اسڪول ۾ داخلا وٺندڙن
مان ٻن شاگردن کي پنهنجي کيسي مان اسڪالرشپ ڏيڻ جو
اعلان ڪيو.
خلافت تحريڪ:
ترڪي، پهرين جنگ عظيم کان اڳ هڪ آزاد ۽ خودمختيار
ملڪ هو. اتان جي سلطان کي مسلمانن طرفان خليفي
وارو درجو حاصل هو. ان ڪري ترڪي جي هر سلطان کي
دنيا جا مسلمان ”خليفة المسلمين“
ڪري سڏيندا هئا. اسلام جي شروعاتي خلفاءِ راشدين
کان پوءِ بنو اميه، بنو عباس کان اها خلافت سفر
ڪندي ترڪي جي عثمانيه خاندان وٽ اچي پهتي هئي. اهو
ئي سبب هو جو مسلمانن وٽ عثمانيه سلطانن جو وڏو
مان ۽ مرتبو هو.
پهرين جنگ عظيم دوران دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي.
هڪ حصي ۾ برطانيه ۽ سندس اتحادي ملڪ هئا ۽ ٻي طرف
جرمني ۽ ان جا مددگار ملڪ. انهن ٻنهي بلاڪن جا
ساٿاري ملڪ، هڪ ٻي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيو بيٺا هئا.
ان پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران ترڪي سلطنت،
جرمنيءَ سان ڪلهوڪلهي سان ملائي ساٿ ڏنو. بهرحال
ان جنگاڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو اتحادي فوجن جي
سرسي ٿي، جرمني بري نموني هارايو. تڏهن برطانيه ۽
فرانس گڏجي فرانس ۾ سيوري معاهدو (Treaty
of Sevres)
ڪري ترڪي کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائي، مسلمانن جي
خلافت کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.
اسلامي خلافت جي زوال جي اها خبر ٻڌي ساري اسلامي
دنيا پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو، پر سڀ کان
گهڻا بيچين سنڌ ۽ هند جا ماڻهو ٿي ويا. مسلمان
ملڪن کي اهو خوف هو ته عثماني خلافت ختم ٿيڻ سان
هنن جو مقدس جايون محفوظ نه رهنديون. ان ڪري
عثماني خلافت کي بچائڻ لاءِ کين متحد ٿيڻو پوندو.
هتان جي اڳواڻن جو اهو تجربو هو ته هتان جي ماڻهن
کي صرف مذهبي جذبي تحت ئي پاڻ ۾ گڏ ڪري انگريزن جي
خلاف تحريڪ کي زور وٺائي سگهجي. هتان جي ماڻهن کي
ترڪي خلافت جي بحالي واري مسئلي سان گڏ انگريزن
خلاف ڪجهه ٻيون به رنجشون هيون. جيئن حميده کهڙو
لکي ٿي ته:
”پهرين عالمگير جنگ جي ڇڙڻ وقت هندستان جي سياسي
نمائندن انگريز حڪومت کي مدد جي پيش ڪش ڪئي ۽ انهن
کي اميد هئي ته جنگ کان پوءِ انگريز سرڪار هندستان
کي آزادي ۽ خودمختياري مهيا ڪندي، انگريز حڪومت جي
نمائندن هندستان لاءِ آئيني اصلاحات جو به واعدو
ڪيو هو. آڪٽوبر 1917ع ۾ ايڊون مانٽيگيو جيڪو
هندستان جي معاملن لاءِ انگريز ڪابينا ۾ وزير هو،
سو هتي آيو، اچي هتي جي ماڻهن سان مليو ۽ مختلف
هنڌن جا دورا ڪري هتان جي مسئلن جو جائزو ورتو.
هندستان جي نمائندن کي اميد هئي ته هندستان کي به
ٻين شهنشاهتن جي حصي وانگر ڪي قدر (Dominion
Status)
ملندو مگر جنگ بعد ائين نه ٿيو. صرف اڌوريون ۽ اڻ
وڻندڙ رعايتون ڏنيون ويون. جنهن ڪري هندستانين ۾
گورن جي لاءِ بي اعتمادي پيدا ٿي.
مانٽيگيو چيلسفورڊ جي قانوني سڌارن به هندستانين ۾
مايوسي پيدا ڪئي. گانڌي جيءَ جي احتجاجن سبب ان
وقت جي اعتدال پسند اڳواڻن جي ساک ٽُٽي پئي. اهو
تاثر عام ٿي ويو ته هندستاني قوميت جي آقائن
گوکلي، فيروز شاهه، مهتا ۽ ٻين جيڪو قانوني
طريقيڪار اختيار ڪيو سو ناڪام ٿي ويو. هاڻي نئين
نسل جا سياستڪار ئي برطانيه حڪومت کي مضبوطيءَ سان
منهن ڏيئي سگهن ٿا.
سن 1919ع کان پوءِ هندستانين ۾ عوامي احتجاج جي
سياست شروع ٿي. هڙتالون، احتجاج، جلسا ۽ جلوس
ٿيندا رهيا. خاص طرح جليانوالا باغ واري واقعي هنن
جي جذبات کي اڀاريو جنهن ۾ شامل سوين بي گناهه
ماڻهن کي برطانيه جي هڪ آفيسر جنرل ڊائير جي حڪم
تي قتل ڪيو ويو. علماء فتويٰ ڏني ته برطانيه جي
ماتحت هلندڙ علائقا دارالحرب يعني جنگي علائقا آهن
۽ مسلمانن جو فرض آهي ته هو دارالاسلام يعني امن
وارن علائقن ڏانهن هجرت ڪن(5).“
انهن مٿين رنجشن ۽ ٻين سببن ڪري هتان جي اڳواڻن
وڏي سوچ ويچار بعد هڪ تحريڪ جو آغاز ڪيو، جيڪا
اڳتي هلي خلافت تحريڪ جي نالي سان مشهور ٿي. خلافت
تحريڪ اڃا شروعاتي مرحلن مان گذري رهي هئي ته سنڌ
۾ ملان فيض الڪريم نالي هڪ همراهه ترڪي خلافت جي
خلاف هڪ رسالو ڪڍيو. ان رسالي جي شايع ٿيڻ تي
خلافت تحريڪ جا ڪيترائي پوئلڳ ڪاوڙجي پيا. ڇو ته
ان دور ۾ برطانيه جا اتحادي ملڪ ترڪيءَ تي مختلف
پابنديون لاڳو ڪري، ترڪي سلطنت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ
لاءِ سوچي رهيا هئا. هتان جي مسلمانن ان سازش
خلاف، لکنو ۾ ”آل انڊيا مسلم ڪانفرنس“ سڏائي، سخت
احتجاج ڪيو. ان ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته
ترڪي سلطنت جي بقاءَ لاءِ 17 آڪٽوبر 1919ع تي دعا
گهري وڃي جنهن کي ”پهريون يوم الخلافت“ نالو ڏنو
ويو.
رئيس جان محمد جوڻيجي جي رهائشگاهه جتي سنڌ
م پهرين خلافت ۽ هجرت ڪميٽي جي آفس قائم ڪئي
وئي |
ان فيصلي تحت لاڙڪاڻي ۾ يوم الخلافت ملهائڻ ڏاڍو
ڏکيو ڪم هو، پر لاڙڪاڻي جي ڪارڪنن وڏي جوش خروش
سان
جان محمد جوڻيجو ۽ پير تراب علي شاهه راشدي علي
خان واري جي قيادت ۾ يوم الخلافت کي پاڻي ڏيڻ لاءِ
تياريون شروع ڪيون.
مقرر تاريخ 17- آڪٽوبر تي جان محمد جوڻيجي جي
بنگلي سامهون عيدگاهه ۾ نهايت ڌام ڌوم سان جلسو
ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.
(ان عيدگاهه واري ميدان تي هاڻي عيدگاهه سان گڏ ئي
هڪ شاندار مدرسو ۽ مسجد به قائم آهي.)
اهڙي نموني نومبر 1919ع ۾ ترڪيءَ سان ٿيندڙ
زيادتين خلاف دهليءَ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو
پهريون اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ مان مولانا
تاج محمود امروٽي، پير تراب علي شاهه، جان محمد
جوڻيجو، شيخ عبدالعزيز ۽ حاجي عبدالله هارون سميت
ٻيا ڪيترا ماڻهو شريڪ ٿيا، اتي جان محمد جوڻيجي
تحريڪ ذريعي، خطبه صدارت دوران سنڌ ۾ ڪارڪنن تي
ٿيندڙ ظلم به رڪارڊ ڪرايا. انهيءَ ڪانفرنس ۾ اهو
ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته حڪومت طرفان 13 کان 16-
ڊسمبر 1919ع تي رٿيل ”صلح جشن“ ۾ ڪوبه مسلمان حصو
نه وٺي. ساڳي وقت ”جمعيت علماء هند“ به ان صلح جشن
۾ حصو نه وٺڻ جي فتويٰ ڏئي ڇڏي. ان گڏجاڻيءَ ۾ اهو
فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جشن صلح کي ناڪام بنائڻ
لاءِ انهن ضلعن جا نمائندا ڀرپور ڪوشش ڪن. مختلف
نمائندن کي اهڙا ضلعا ورهائي ڏنا ويا. ان گڏجاڻيءَ
۾ لاڙڪاڻو ضلعو، جان محمد جوڻيجي جي حوالي ڪيو
ويو. جان محمد جوڻيجو اهڙي ذميواري ملڻ سان ئي پير
تراب علي شاهه ۽ سيد علي انور شاهه جي مدد سان صلح
جشن جي جاءِ تي ”ماتم جشن“ جون ڪوششون شروع ڪري
ڏنيون. ان ڏس ۾ هزارين اشتهار ورهايا ويا. عوام کي
جلسه جلوس ڪري ٻڌايو ويو. آخر جشن واري ڏينهن
ماڻهن ڪارا جهنڊا کڻي هڪ زبردست ماتمي جلوس ڪڍيو.
ان هڙتال واري ڏينهن لاڙڪاڻي شهر ۾ مڪمل ويراني
ڇانيل هئي.
محمد موسيٰ ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”پرين جي پچار“
۾ لکي ٿو ته:
”جلوس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾
اشتهار ورهايا ويا. هڪ وڏو جلسو به منعقد ڪرايو
ويو. واپارين ۽ دوڪاندارن ”جشن صلح“ دوران لاڳيتا
پنج ڏهاڙا پنهنجو ڪاروبار بند رکيو(6).“
لاڙڪاڻه خلافت ڪانفرنس:
حيدرآباد ۾ 4- جنوري 1920ع تي ترڪيءَ سان صلح جي
شرطن ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن تي، سوچ ويچار لاءِ، سنڌ
۾ پهريون خلافت جو جلسو سڏايو ويو. ان جلسي ۾ سنڌ
جي ڪيترن ئي عالمن شرڪت ڪئي. ان جلسي جي آخري
ڏينهن تي
جان محمد جوڻيجي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪارڪنن مٿان ٿيندڙ
ظلمن جي باري ۾ تمام جذباتي تقرير ڪئي. جنهن ڪري
ماڻهن ۾ ڪافي جوش ۽ ولولو پيدا ٿيو. جان محمد
جوڻيجي جي جذباتي تقرير جو اهڙو ته اثر ٿيو جو اتي
ئي لاڙڪاڻي ۾ ”پراونشل خلافت ڪانفرنس“ گهرائڻ جو
ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
لاڙڪاڻي ۾ 6 کان 8- فيبروري 1920ع دوران خلافت
ڪانفرنس سڏائڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. جان محمد
جوڻيجي ان ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڏي محنت
ڪئي. نتيجي ۾ ان ڪانفرنس ۾ ڪافي ماڻهو شريڪ ٿيا ۽
مالي امداد پڻ ملي. جان محمد جوڻيجو پاڻ سيڙجي سنڌ
جي ڪيترن زميندارن کي دعوت ناما پهچائڻ ويو. ان
ڪري ان گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي زميندارن جو به وڏو انگ
شامل ٿيو.
هونءَ به مولانا محمد صادق کڏي واري، مولوي محمد
معاذ نواب شاهه واري، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ
محمد ابراهيم،مولوي
عبدالڪريم چشتي، مولوي عبدالله لغاري سانگهڙ ۽
مولانا دين محمد وفائي جو خلافت تحريڪ ۾ وڏو حصو
آهي. جڏهن فيض الڪريم موري واري ترڪيءَ جي خليفي
جي خلاف شريف مڪه جي فائدي ۾ هڪ رسالو ”تحقيقة
الخلافته“ لکي، ڪيترن عالمن ۽ پيرن کان صحيحون
وٺرايون، ته ان جي رد ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ
جي نظرداريءَ هيٺ مولانا وفائي رسالو ”اظهار
الڪرامت“ لکي تيار ڪيو جيڪو 7 کان 9- فيبروري
1920ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس جي
موقعي تي ڇپائي ورهايو ويو(7).
لاڙڪاڻه ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر
ڪچلو، مولانا عبدالباري، غلام محمد ڀرڳڙي، مولانا
محمد علي، مولانا شوڪت علي، سيٺ عبدالله هارون ۽
ٻيا ڪيترائي ليڊر شريڪ ٿيا.
ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ
ماڻهن ۽ ان جي استقبال لاءِ لکي ٿو ته:
”ڪانفرنس ۾ ننڍي کنڊ جا عظيم ليڊر جهڙوڪ: علماء ۽
هندستان جا سياسي ليڊر جهڙوڪ: مولانا ابوالڪلام
آزاد، سيٺ حاجي هارون، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي،
مهاتما گانڌي، ڊاڪٽر انصاري وغيره به آيا. ان جلسي
۾ امروٽي سان گڏ، مهاتما گانڌي ۽ ٻيا ليڊر، چوچاڪي
بگيءَ ۾ ويٺل هئا ۽ ساري لاڙڪاڻي شهر ۾ جلوس ڪڍيو
ويو هو. جلسي جي صدارت پير صاحب جهنڊي واري کان
ڪرائي وئي. هن جلسي ۾ انگريزن جي خلاف قطع تعلقات
۽ هجرت ڪرڻ جا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. جن ۾ آزاديءَ
جو راز سمايل هو(8).“
مولانا آزاد ان وقت ٽيهن ورهين جي عمر جو هو،
پنهنجي اخبار ”الهلال“ جي ذريعي سندس ڪافي شهرت ٿي
وئي. ان ڪري مولانا جي ديدار لاءِ پڻ ڪيترا عقيدت
مند ۽ مشتاق گڏ ٿيا هئا(9).
لاڙڪاڻي ڪانفرنس کان پوءِ ماڻهن ۾ انگريزن خلاف
ايڏي ته نفرت پيدا ٿي جو هڪدم هزارن جي تعداد ۾
ماڻهن ملڪ مان هجرت ڪري افغانستان جي مسلم ملڪ ۾
وڃڻ لاءِ تيار ٿيا.
لاڙڪاڻي ۾ تاريخ 10 ۽ 11 شعبان سنه 1340هه تي
مولانا امروٽي صاحب جمعيت العلماء سنڌ جو هڪ خاص
اجلاس سڏايو هو. ان موقعي تي جيڪو دعوت نامو لکيو
هئائين، ان جون هزار ڪاپيون ڇپائي، علماء توڙي
عوام ڏي موڪليون هئائين. ان دعوت نامي جو نقل هيٺ
ڏجي ٿو:
الله اڪبر
دفتر مجلس خلافت لاڙڪاڻه
جناب محترم......
اسلام عليڪم ورحمة الله
هن پر آشوب زماني ۾، پر مصائب جي دور جي مونجهاري
جهڙن سوالن کي اسلامي نقطهء نظر سان حل ڪرڻ لاءِ
جمعيت العلماء سنڌ جو خاص اجلاس 10-11 شعبان سنه
1340هه، لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو
آهي. جنهن صورت ۾ هن اجلاس ۾ نهايت اهم ڳالهين تي
شرعي روشني وجهي، عام مسلمانن جي رهنمائي ڪرڻي
آهي. تنهنڪري، اميد ته اوهان صاحب براهه ڪرم هن
ضروري اجلاس ۾ شرڪت فرمائي، شرعي رهنمائي جي اهم
فرض کان سبڪدوش ٿيندا.
طعام ۽ قيام جو بندوبست، مجلس خلافت لاڙڪاڻي جي
طرفان ٿيل آهي. تنهنڪري مهرباني فرمائي پنهنجي
تشريف آوري جو پيشگي اطلاع، جناب پير الاهي بخش
صاحب، ناظم خلافت لاڙڪاڻه کي ڏئي ممنون فرمائيندا
۽ پاڻ سان بستري آڻڻ جي تڪليف پڻ گوارا فرمائيندا.
فقط والسلام.
الداعيان
1. ابو الحسن شاهه تاج محمود (امروٽ)
صدر جمعيت العلماء سنڌ
2. دين محمد وفائي
ناظم استقباليه مجلس(10).
ان ڪانفرنس لاءِ حميده کهڙو لکي ٿي ته:
”هيءَ ڪانفرنس کهڙو هائوس ويجهو اپمپائر روڊ جي هڪ
وڏي هال ۾ منعقد ٿي. کهڙي صاحب (محمد ايوب کهڙو)
ڪانفرنس ۽ مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. جيڪا وفدن لاءِ
محترم جان محمد جوڻيجي ڏني هئي. برطانيه جا اهلڪار
خلافت تحريڪ جي چرپر کان پريشان هئا ۽ اهو ثابت
ڪري ڏيکارڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪيائون نه هن تحريڪ
کي عوام جي حمايت حاصل نه آهي. جنهن هڪ مقامي
اسسٽنٽ ڪمشنر خان بهادر نبي بخش کي آپريشن لاءِ
مقرر ڪيو ۽ ان وري پنهنجي ڀاءُ عبدالقادر محمد
حسين (دفتردار) کي خلافت تحريڪ خلاف قدم کڻڻ لاءِ
تيار ڪيو. مسٽر عبدالقادر لاڙڪاڻه جي ٽن شخصيتن:
شاهنواز ڀٽو، نواب امير علي لاهوري ۽ غلام محمد
اسراڻ کي حڪومت سان تعاون ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو.
محترم جوڻيجي جي رهائشگاهه جيڪا لاڙڪاڻي مدرسي ٻي
ڀت سان ڳنڍيل هئي، ان جي بلڪل سامهون وڏي ميدان
سان هڪ مسجد هئي. جنهن کي عيدگاهه طور به استعمال
ڪيو ويندو هو، خلافت تحريڪ جون گڏجاڻيون اتي
ٿينديون هيون پر حڪومت جي زور سبب اتي صرف ٽي سؤ
ماڻهو مس شريڪ ٿي سگهندا هئا.
خلافت جي مولوين جي ميدان کان ٻاهر نهايت اثرائتي
نموني تبليغ شروع ڪئي. انهن گڏجاڻين کي تسليم ڪندي
نواب لاهوري دل جي بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي
بستري داخل ٿيو. شاهنواز ڀٽو شهر ڇڏي ويو. انهيءَ
ڪري سندن هلچل ناڪام وئي(11).“
لاڙڪاڻي ۾ خلافت هلچل جا ڪيترائي جلسا
عيدگاهه ۽ ان جي ڀرسان ميدان تي ٿيندا هئا،
جتي هينئر هڪ مدرسو قائم آهي |
لاڙڪاڻه ڪانفرنس ۾ اها تجويز پڻ پيش ڪئي وئي ته
ڪانفرنس جي پڄاڻي تي سنڌ جي معززين جو هڪ وفد
بمبئي وڃي گورنر سان سنڌ جي ڪامورن جي ڏاڍ خلاف
شڪايت ڪري. ان وفد جي سرواڻي جان محمد جوڻيجي کي
ڏني وئي، وفد ۾ پير سائين جهنڊي وارو به شامل هو.
هيءُ وفد جڏهن بمبئي پهتو ته اتي آل انڊيا خلافت
ڪانفرنس جاري هئي، جنهن جي صدارت غلام محمد ڀرڳڙي
ڪري رهيو هو. موقعو غنيمت سمجهي سنڌين جو هيءُ جٿو
ان ڪانفرنس ۾ به شامل ٿيو. وفد لڳاتار 26 ڏينهن
تائين گورنر سان ملاقات جي ڪوشش ڪندو رهيو پر
گورنر بهانا ڪري ملاقات کان نٽائيندو رهيو. آخر
بيزار ٿي هيءُ وفد مارچ 1920ع تي واپس موٽي آيو پر
هو خاموش ٿي نه ويٺا ۽ 17 مارچ 1920ع تي جي. ايم.
سيد ننڍيءَ ڄمار ۾ سن ۾ خلافت ڪانفرنس سڏائي جنهن
۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي(12).
ان بعد اپريل 1920ع تي سيوهاڻي مخدومن خلافت جي
جلسي جو انتظام ڪيو. جنهن جي بندوبست ۾ ساڳي طرح
جان محمد جوڻيجي ۽ سندس ساٿين حصو ورتو.
هجرت
سنڌ جا مسلمان، ان وقت تائين حڪومت طرفان ڪو خاطر
خواهه وارو فرياد نه ڏسي ۽ مسلسل حڪومت جي بي رخي
ڏسي ڪافي مايوس ٿي ويا هئا. ان جا ڪيترائي سبب
هئا. هڪ ته بمبئي مان سنڌ جي معززن جو سفارتي وفد
بلڪل مايوس ٿي موٽي آيو هو. ٻيو ان وقت تائين ترڪي
شرائط صلح ۾ نرميءَ جي گنجائش جو ڪوبه آسرو نظر نه
ٿي آيو. ٽيون وري ان جٿي کي ڪٿي به نوڪر شاهيءَ
طرفان ڪابه داد رسي حاصل نه ٿي. تڏهن انتهائي
مجبوريءَ ۾ سيوهڻ واري خلافت ڪانفرنس دوران جنهن
جي صدارت مولانا عبدالڪريم درس ڪري رهيو هو، اتي
هجرت جي باري ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. ان ڏس ۾
جان محمد جوڻيجو، حڪيم سيد احمد اختر ۽ ٻين حاضرين
تمام جوشيلون تقريرون ڪيون. جنهن بعد ايندڙ جيڪب
آباد خلافت ڪانفرنس جي وقت، ان کي عملي شڪل ڏيڻ
لاءِ سوچيو ويو.
جيڪب آباد ۾ صوبه سنڌ خلافت جلسو 2 ۽ 3 مئي 1920ع
تي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت ۾ شروع
ٿيو. ان وقت تائين هندستان ۾ گڏيل طور اڃا ترڪ
موالات يا قطع تعلقات جو سوال نه اڀريو هو. اتفاق
سان جيڪب آباد ۾ اهڙو وايو منڊل ٺهي ويو جو ان
موقعي تي قطع تعلقات جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.
انهيءَ ٺهراءَ جو روح روان جان محمد جوڻيجو هو.
جان محمد جوڻيجو ترڪ موالات واري تقرير جي خاتمي
وقت چيو ته:
”مان سردار جي ٻي نمبر ڪرسي، ميونسپل ڪمشنري، لوڪل
بورڊ جي ميمبري ۽ بئريسٽري جي ڊگري سڀ ترڪ ڪريان
ٿو ۽ ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪندي، سرڪار سان سڀ ڪنهن
قسم جا لاڳاپا ۽ تعلقات ٽوڙيان ٿو(13).“
جان محمد جوڻيجي جي انهي اوچتي اعلان جلسي ۾ موجود
ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. جلسي ۾ هر طرف خاموشي
ڇانئجي وئي، هو اڃا پنهنجي تقرير ختم ڪري لٿو مس
ته اتي موجود ماڻهن ۾ ترڪ موالات جو اهڙو ته جوش
پيدا ٿيو جو گهڻن ماڻهن بيٺي پير پنهنجي وت ۽ وس
آهر حڪومت سان واسطا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
جيڪب آباد خلافت ڪانفرنس جي دوران ئي هجرت ڪميٽي
ٺاهي وئي، جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه راشدي ۽
سيڪريٽري جان محمد جوڻيجي کي مقرر ڪيو ويو.
ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي جنهن مهل هجرت جو اعلان
ڪيو ويو ته هزارن ماڻهن پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ڪابل
ڏانهن هجرت لاءِ پنهنجا نالا ڏنا. جيڪي باقاعده
قلم بند ڪيا ويا. ساڳئي وقت لاڙڪاڻي ۾ جان محمد
جوڻيجي جي رهائش گاهه ۾ سنڌ هجرت ڪميٽيءَ جي آفيس
کولي وئي.
سنڌ ۾ هجرت ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس 24 مئي 1920ع تي
حيدرآباد ۾ پير تراب علي شاهه راشديءَ جي صدارت ۾
ٿيو. ان موقعي تي بمبئي جي گورنر جي پوليٽيڪل
سيڪريٽريءَ کي جان محمد جوڻيجي جي صحيءَ سان
هيٺئين تار موڪلي هجرت جي باري ۾ ڪجهه وضاحتون
گهريون:
”صوبه سنڌ جا 25 هزار مسلمان مذهبي اندازي جي ڪري
افغانستان ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ لاءِ تيار آهن
جيڪڏهن ڪنهن قاعدي جي پابندي هجي ته تار وسيلي
اطلاع ڏيندا(14).“
جان محمد جوڻيجي جون اهڙيون وڌندڙ سرگرميون ڏسي
کيس پريشان ڪرڻ لاءِ سنڌ جي چيف انجنيئر سندس زمين
جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو پر جان محمد جوڻيجي تي ان
ڳالهه جو ڪوبه اثر نه پيو. هو ويتر تيزيءَ سان
هجرت جي تياريءَ ۾ مگن رهيو.
هجرت لاءِ روانگي:
هجرت ڪميٽيءَ جو بنياد مئي 1920ع ۾ رکيو ويو ۽ جون
مهينو تياريءَ ۾ گذري ويو. نيٺ جولاءِ 1920ع
بمطابق 21 شوال 1335هه، جان محمد جوڻيجو لاڙڪاڻي
مان هزارين مهاجرن سان گڏ افغانستان لاءِ اُسريو.
ساري هندستان ۾ هيءُ پهريون سنڌي مجاهد هو، جنهن
هجرت ڪئي.
چيو وڃي ٿو ته ان ڏينهن تي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ميلي جو
منظر هو، چؤڦير گهما گهمي هئي. 50 هزار کان به مٿي
ماڻهو اچي شهر ۾ گڏ ٿيا پر انهن ۾ جيڪب آباد جي
مهاجرن جو تعداد ٻين کان وڌيڪ هو.
جولاءِ جي ڪاڙهي وارو ڏينهن ٺريو ته رات جو 11 وڳي
ڌاري لاڙڪاڻي مان اُڀ ڦاڙ نعرن جي گونج ۾ مهاجرن
جي اسپيشل ٽرين اسٽيشن کي ڇڏي افغانستان ڏانهن
رواني ٿي. ان ڏينهن لاڙڪاڻي جي ماڻهن جو جوش و
خروش ۽ مهاجرن جي روانگي جو منظر ان وقت جي مقامي
اخبار ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ هن طرح چٽيو آهي:
”9- جولاءِ 1920ع تي مسلمان پنهنجي دين جي اصولن
جي پيروي ڪرڻ ڪري هجرت ڪري ويا. سڀني جي دل تي زخم
ڪري ويا. وڏو غم جو ڏينهن هو. ان ڏينهن هر ڪنهن
مسلمان جو چهرو نهايت چمڪندڙ هو. لاڙڪاڻي جا دوڪان
بند هئا. ليڪن هر ڪنهن هندوءَ جو چهرو جدائيءَ ڪري
ڪوماڻل هو ۽ ماڻهن جا هشام لاڙڪاڻي ۾ اچي ويا هئا.
تنهن ڏينهن هجرت ڪندڙ ڪل 760 ڄڻا هئا. مسلمان
ڀائرن جون دليون خلافت ۽ ترڪيءَ جي مسئلي ڪري، وڏي
ماتم ۾ آهن ۽ جتان ڪٿان هجرت ڪرڻ جا آواز ٻڌڻ ۾
اچن ٿا. چون ٿا ته لکين ماڻهو هندستان مان به هجرت
ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ ڪيتريون اسپيشل گاڏيون وڃڻ جي
خيال ۾ خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته هندستان جو مستقبل
ڪيئن ٿيندو. سڀ اسپيشل گاڏيون گهڻو ڪري لاڙڪاڻي
اسٽيشن تان روانيون ٿينديون جو هجرت ڪاميٽيءَ جو
هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو آهي. وڇوڙو ڏاڍو برو آهي، ۽
سهڻ لاءِ معمولي دليون نه کپن(15).“
9- جولاءِ تي ڪيترائي هندو، توڙي مسلمان پنهنجيون
جايون ۽ ڪي زمينون وڪڻي آيا هئا، صبح جو هر ڪنهن
پاسي کان ”الله اڪبر“ جا نعرا ۽ آواز پئي آيا.
ساڍي پنجين وڳي شام جو هندن ۽ مسلمانن جا هشام اچي
رئيس جان محمد جوڻيجي جي بنگلي تي ڪٺا ٿيا ۽ بئنڊ
باجن سان سڄي شهر لاڙڪاڻي ۾ مهاجرن کي سرگس ڪرائي
وئي. ڏينهن توڙي جو گرم هو، تڏهن به ماڻهن جو
اندازو ڳاڻاٽي کان ٻاهر هو. گوشت مارڪيٽ وٽ
الوداعي تقرير مسٽر گوبند بخش هندوءَ نهايت دلسوزي
۽ جگر ڏاريندڙ ڪئي. وقت بوقت ”الله اڪبر“ جا نعرا
ٿي لڳا، رئيس جان محمد، نهايت چيدن لفظن ۾ سهڻو
جواب ڏنو ۽ اهو نياپو ڏنائين ته پنهنجي مذهبي
اصولن تي مٿو ٽيڪجو، ٻئي ڪنهن کان به نه ڊڄجو.
پوءِ ساري سرگس، بيڪر روڊ وٽان لنگهي، سڌو اسٽيشن
تي آئي، اها بگي، جنهن تي مولانا امروٽي ۽ رئيس
جان محمد جوڻيجو سوار هئا، سا هندن ۽ مسلمانن
(گهوڙن جي بدران ئي ڪاهي ۽ ڇڪي) واٽ تي ماڻهن،
هجرت ڪندڙن تي گل ٿي وسايا. اسٽيشن جي پليٽ فارم
تي رئيس جان محمد جوڻيجي ۽ مولانا تاج محمود
امروٽيءَ کي گلن جا هار وڌا ويا. گاڏي 8 لڳي ويهين
منٽن تي رواني ٿيڻي هئي پر ڀاڙي وغيره ۾ ٽن هزارن
جي چوڪ ڪيل هئي، تنهنڪري اهي ٽي هزار رپيا سيٺ
خداداد، شيخ عبدالرزاق ۽ سيٺ احمد الدين شهر مان
کڻي آيا جو هجرت ڪندڙن جا پيسا پيٽين ۾ نهايت قابو
هئا. چوڪ هن طرح ٿِي، جو هر هڪ ميل لاءِ اڍائي
رپيا ڀاڙو ٻڌايو ويو هو پر پوءِ وري چار رپيا ميل
جا ورتا ويا. جيتوڻيڪ پروگرام لاهور جي پاسي ڏانهن
وڃڻ جو هو پر ڀاڙو شيره شاهه جو ٻڌايو ويو. تنهن
ڪري 112 ميلن جو تفاوت ٿي پيو. ڪل ڀاڙو چوڏنهن
هزار رپيا ورتو ويو. ان سبب ڪري گاڏي 4 بجي ڇُٽي.
جنهن وقت گاڏي ڇٽي، تنهن وقت هر ڪنهن کان ڳوڙها
وهڻ لڳا ۽ هڪٻئي سان محبت وچان آخري ڀاڪر پائڻ
لڳا. گاڏي به جهنڊين سان سينگاري وئي هئي(16).“
سنڌ ۾ رڪ، سکر ۽ روهڙي اسٽيشنن تي هزارين ماڻهو
هنن پانڌئيڙن کي الوداع چوڻ آيا. هو هنن مسافرن
لاءِ کاڌي پيتي جو سامان به کڻي آيا هئا. مهاجرن
جي هيءَ ريل گاڏي پنجاب مان لنگهي ته پنجاب جي
مشهور ليڊر مولانا ظفر علي خان اخبار ’زميندار‘ جي
مالڪ، پنجاب جي مسلمانن کي، سنڌ جي مهاجرن لاءِ هڪ
لک رپيا امداد لاءِ چيو. پنجاب جي جدا جدا ريلوي
اسٽيشنن تي سنڌ جي مهاجرن جو زبردست آڌرڀاءُ ڪيو
ويو. مختلف هنڌن تي جان محمد جوڻيجو ۽ ٻيا مهاجر
تقريرون ڪندا پئي ويا. ڪئمبل پور اسٽيشن ۽ پشاور ۾
به سندن شاندار استقبال ڪيو ويو.
ان هجرت واري قافلي سان جان محمد جوڻيجي جو ننڍو
ڀاءُ پير بخش به گڏ هو. هن اٽڪل پنجاهه سالن بعد
ڊاڪٽر محمود شاهه بخاريءَ سان ڪچهري ڪندي کيس
ٻڌايو ته:
”هو پاڻ، پنهنجي ڀاءَ جان محمد جوڻيجي سان گڏ
پشاور تائين ويو هو. چيائين ته اسپيشل ٽرين جي
مرحبا، هر ڪنهن اسٽيشن تي تمام گهڻي پئي ٿي پر
جيڪا شاندار آجيان لاهور ۾ ٿي سا ڄڻ تاريخي مرحبا
ليکجي، ته ٺهي. بادامي باغ اسٽيشن تي اڻ ڳڻيا هشام
ماڻهن جا اچي گڏ ٿيا. قسمين قسمين طعامن جون رڌل
ديڳيون پاڻ سان کڻي آيا هئا ۽ طرح طرح جا شربت ۽
لسين جا گلاس برف سان ٿي پياريائون، ۽ موڪلائڻ وقت
ساڍا پنج هزار رپيا نقد پڻ امداد ڪيائون. پشاور ۾
به وڏن وڏن ماڻهن کاڌي ۽ رهائش جو بندوبست ڪيو هو
ائين پئي معلوم ٿيو جو ڪنهن شاديءَ جي خوشيءَ ۾ به
نه ٿئي. هن اها ڳالهه به ٻڌائي ته ٻئي قافلي سان
لاڙڪاڻي شهر ۽ پسگردائيءَ جا هندو به وڃڻ لاءِ
تيار ٿيا هئا(17).“
ان اسپيشل ريل گاڏيءَ ۾ جان محمد جوڻيجي سان ڪل
7500 سنڌ جا مهاجر همسفر هئا. جن جو تعلق سنڌ جي
مختلف هنڌن سان هو، اهي هڪ جذبي تحت پنهنجو پيارو
ديس ڇڏيندڙ ماڻهو ترتيب وار هن ريت هئا.
* لاڙڪاڻي جي مختلف تعلقن مان عورتن ۽ ٻارن سميت
مردن جو تعداد 283 هو.
* جيڪب آباد ضلعي مان ڪل 113 مرد گاڏي ۾ سوار هئا.
* سکر ضلعي مان 63 مرد ۽ ٻيا مهاجر ٻين ضلعن مان
هئا.
* ان قافلي ۾ قريباً 100 عورتون به هيون. جن سان
ڪيترا نابالغ ٻار هئا.
* مهاجرن ۾ 135 بلوچ ۽ 25 سيد بزرگ هئا.
* ان قافلي ۾ 33 مختلف هنرن جا ڪاريگر، لوهر وغيره
شامل هئا.
* مهاجرن ۾ ڪجهه عالم ۽ گهڻا انگريزيءَ جا ڄاڻو به
هئا.
* 16 جولاءِ 1920ع جمع ڏينهن قافلو پشاور مان نڪري
19 جولاءِ 1920ع تي جلال آباد پهتو.
* جان محمد جوڻيجو ڪابل ۾ داخل ٿيڻ بعد مولانا
عبيدالله سنڌي شيخ المهاجرين وٽ پنهنجي گهرواريءَ
سوڌو وڃي رهيو.
* ٻين مهاجرن کي جبل السراج ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو
ويو. ڪيترا ماڻهو جلال آباد ۾ به رهي پيا.
ڪابل ۾ قيام:
جان محمد جوڻيجو ڪابل ۾ رهڻ دوران اڪثر واليء ڪابل
جي دربار ۾ ويندو هو. هن کي امير صاحب سان ملاقات
لاءِ ڇهه ڪلاڪ مليل هئا. امير، کيس پنهنجي سوني
واچ تحفي ۾ ڏني. جان محمد جوڻيجي ڪابل مان لاڙڪاڻي
جي ڪن دوستن ڏي خط لکيو هو. ان خط مان اسان ڪابل ۾
رهندڙ مهاجرن جي حالت جي اندازي سان گڏ، جان محمد
جوڻيجي جو جذبو ڏسي سگهون ٿا:
برادرم سيٺ خداداد ۽ عبدالرزاق ۽ محمد شاهه ۽ سيٺ
احمد دين.
سلام، عرض ته اسان خيريت سان ڪابل ۾ پهتاسين، هر
طرح خيريت آهي. شال اوهان ڏانهن به هر طرح خيريت
هوندي. اسان به گويا دوزخ مان نڪري بهشت ۾ پيا
آهيون. انشاءالله جنسي بهشت به جلد اکين اڳيان
آهي. دعا ڪندا ته شال نصيب ٿئي. ٻيو قافلو ڪڏهن ٿو
اچي. بگين کان سواءِ ٻئي سواري نه ڪجو، بيل گاڏين
۾ تڪليف آهي. واٽ ۾ جلال آباد تائين گرمي آهي.
باقي خيريت آهي. ڪم گهڻو اٿم، تنهنڪري هي مختصر
اکر عرض آهن. سموري احوال جو تفصيلوار خط جلد
لکندس.
سلام سڀني کي عرض رکندا.
زيادهه خير
21 ذي القعد 1338هه(18).“
مهاجرن جو افغانستان مان مايوس ٿي واپس ورڻ:
سنڌي ماڻهن جو هجرتي قافلو، پنجاب ۽ سرحد مان
گذريو ته اتان جي ماڻهن به هجرت لاءِ سندرا ٻڌا.
خاص ڪري سرحد جا ماڻهو اهڙا ته جذباتي ٿي ويا جو
هو پنهنجا گهر ٻار نيلام ڪري، بيٺل فصل ڇڏي هجرت
لاءِ نڪري پيا، ايتري قدر جو جلال آباد ۽ ڪابل ۾
انهن ماڻهن کي رهائڻ مسئلو بڻجي ويو. ان حالت کي
منهن ڏيڻ لاءِ ڪابل ۾ مهاجرن جي مدد ۽ سنڀال لاءِ
”انجمن مهاجرين هند“ ٺاهي وئي جنهن جو صدر شيخ
المهاجرين مولانا عبيدالله سنڌي کي بڻايو ويو. ان
انجمن اعلان ڪيو ته هندستان مان مهاجر تمام گهڻي
انگ ۾ مختلف رستن کان افغانستان ۾ داخل ٿيا آهن.
سيارو اچڻ وارو آهي، جيستائين انهن جي رهائش ۽
آرام وغيره جو بندوبست ٿئي، تيستائين ٻيا ماڻهو
افغانستان نه اچن ۽ ٻئي حڪم جو انتظار ڪن، جيڪي
ماڻهو پهچي ويا آهن، پهريائين انهن جو انتظام ڪرڻ
ضروري آهي.
ان اعلان تي جان محمد جوڻيجي سميت سنڌ ۽ پنجاب جي
ٻين ليڊرن جو صحيحون هيون. اهو اعلان افغانستان جي
حاڪم امير امان الله کان منظور ڪرائي اخبار (اتحاد
مشرق) جلال آباد ۾ شايع ڪيو ويو پر ماڻهن تي ان
اعلان جو ڪوبه اثر نه ٿيو، هو لکن جي تعداد ۾ اچي
ڪابل ۾ جمع ٿيا. انهن جي رهائش لاءِ ’انجمن
مهاجرين‘ ڪافي ڪوشش ڪئي پر جڏهن کين ترڪستان يا
جبل السراج ڏي وڃي رهڻ لاءِ چيو ويو ته مهاجر
ڪاوڙجي واپس ورڻ لڳا. تنهن هوندي به ڪيترائي مهاجر
افغانستان ۾ رهي پيا. ان تي انجمن مهاجرين فيصلو
ڪيو ته هڪ وفد هندستان موڪلجي جيڪو اتان جي ماڻهن
کي هجرت متعلق سچيون حقيقتون ٻڌائي، کين مهاجرن جي
مدد لاءِ آماده ڪري. ان فيصلي تحت وفد ۾ جان محمد
جوڻيجي، مير رحمت الله همايون لاهوري ۽ حڪيم سيد
احمد اختر کي هندستان موڪليو ويو.
” جان محمد جوڻيجو جڏهن سنڌ مان هجرت ڪري ويو هو
ته هن سان سندس زال جا سرائي علي محمد خان لاهوري
جي همشيره ۽ (خان بهادر امير علي خان جي پڳدار
ڀائٽي خان صاحب شاهه محمد جي بيوهه هئي. جنهن سان
هن لاڙڪاڻي ڪانفرنس جي موقعي تي شادي جو عقد ڪيو
هو. جن ڏينهن ۾ هوءَ حامله بلڪه قريب الولادت هئي.
جنهن ڪري ولادت جي سهولت لاءِ پاڻ سان گڏ ورتيون
آيو(19).“
هندستان ويندي جان محمد جوڻيجو 30 سيپٽمبر 1920ع
خميس رات اچي لاڙڪاڻي پهتو، اتي رهڻ دوران 4
آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ هندو ۽ مسلمانن جو هڪ گڏيل
جلسو ٿيو، جتي جان محمد جوڻيجي تقرير ڪندي سامعين
کي وڏي تفصيل سان افغانستان جي هجرت جي ڪهاڻي
ٻڌائي. ان کان سواءِ افغانستان مان موٽي آيل ماڻهن
جن هت اچي اتان جي باري ۾ ڪيتريون ڪوڙيون سچيون ۽
ڀيانڪ ڳالهيون ڦهلايون هيون، جان محمد جوڻيجي
پنهنجي خطاب ۾ انهن ڳالهين جي مڪمل وضاحت ڪندي چيو
ته:
”ڀائرو! اهو ڏينهن نه وساريندس. جنهن ڏينهن اسپيشل
ٽرين مهاجر کڻي ڪابل جي پاسي رواني ٿي. مسئله هجرت
تي مذهبي حيثيت ڪري بحث نٿو ڪريان ڇو ته مان بحث
مباحثي لاءِ نه آيو آهيان. مان اوهان کي فقط ايترو
ٻڌائيندس ته اسان ڪهڙي طرح هتان وياسون ۽ ڇو واپس
آيا آهيون ۽ ماڻهو ڇو موٽيا آهن ۽ ڪهڙي قسم جا
ماڻهو واپس آيا آهن.
ڀائرو! اسپيشل ٽرين ۾ گهڻو ڪري سڀ ماڻهو مفلس بي
سروسامان هئا. گهڻن کي ته پورا لٽا به بدن تي نه
هئا. اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن ٽڪيٽ نٿي ڏنيسون ته سخت
رنج ٿيا ٿئي، ۽ چيائون ته هجرت ڪا شاهوڪارن لاءِ
آهي ڇا؟ اسان انهن کي روڪڻ مناسب نه سمجهيو...
هجرت ڪميٽي کي پيسا ڪونه هئا، ٽڪيٽون تمام ٿورن
ماڻهن پنهنجن پيسن مان خريد ڪيون. ٽڪيٽن ۽ چندن
مان ٽن هزارن کان گهٽ پيسا وصول ٿيا. ساڍا ٽي هزار
رپيا ڪميٽي قرض ورتو. باقي اٽڪل ساڍا اٺ هزارن مان
پنهنجي جيب مان خرچ ڪيا. ڪل اسپيشل ٽرين تي 14528
رپيا خرچ ٿيا. آخر هتان روانا ٿياسين، واٽ تي
مهاجرن جي اهڙي مرحبا ٿي جو ڪنهن جي ڪانه ٿي
هوندي. اسپيشل ٽرين جي هر هڪ مهمان وٽ کير جا دلا،
انبن ۽ ٻين ميون جا ٽوڪرا ۽ ٻوڙ پُلاءَ وغيره جي
ڪمي ڪانه هئي. پشاور تائين هر هڪ اسٽيشن تي گهڻو
ڪري مهاجرن جي کاڌي پيتي جو انتظام ڪيو ويو هو.
قصو ڪوتاهه وڃي پشاور ۾ پهتاسون. اتي جي ماڻهن
مهاجرن جو اهڙو استقبال ڪيو جو ڪٿي ڪنهن بادشاهه
جو به نه ٿيو هوندو. رستي ۾ اٽڪل اٺ هزار رپيا
مهاجرن جي امداد لاءِ مليا جي هن ريت خرچ ڪيا ويا:
مهاجرن لاءِ 53 بيل گاڏيون، هر هڪ جو ڪرايو 120
رپيا، ڪل ڪرايو 640 رپيا ڏنو ويو. انهن کان سواءِ
بگيون، هر هڪ جو ڪرايو 150 رپيا، ڪل ڪرايو 1500
رپيا، جمله 6400 رپيا گاڏين ۽ ٽانگن کان سواءِ
ٻيون شيون مهاجرن جي ضرورت لاءِ ورتيون ويون. واٽ
۾ پيادن لاءِ ڪافي گڏهه ۽ خچر هٿ ڪيا، انهن جو خرچ
۽ رستي ۾ مسافرن جي کاڌي پيتي جو بندوبست مون
پنهنجي کيسي مان ڪيو جنهن جي لسٽ مان پيش ڪرڻ نٿو
گهران... پشاور کان اڳتي مهاجرن کي ڪجهه تڪليف ٿي
جو گرمي هئي، رستو واريءَ ۽ جبل جو هو.
افغانستان جي حد ۾ قافلي جي افغاني ماڻهن، پنهنجي
وسعت آهر چڱي خدمت ڪئي. هڪ منزل تي سرڪاري نوڪرن
پيسن تي ماني ڏني پر انهي لاءِ هنن جلد اچي معافي
ورتي ۽ پيسا واپس ڏنائون، جو مٿان آفيسرن جي سختي
ٿين. ڪن هنڌن تي سرڪاري بندوبست نه هو، اتي
افغانستان جي ماڻهن ضروري شيون پيسن سان موجود ڪري
ڏنيون، جنهن وقت جلال آباد پهتاسون ته اٽڪل پندرهن
ڄڻا اتان واپس ٿيڻ لڳا، بغير ڪنهن سبب جي، ۽ اٽڪل
هڪ سؤ سنڌي مهاجر جلال آباد ۾ فوجي نوڪريءَ ۾ بيٺا
هئا. جن کي حڪومت افغانستان ٻن مهينن جون اڳواٽ
پگهارون ڏنيون، پر گهڻا انهن مان ڀڄي آيا ۽ پگهارن
وارا پيسا به کڻي آيا. جلال آباد کان ڪابل روانا
ٿياسين، رستي ۾ ڪي بگيون ۽ بيل گاڏيون ڀڄي پيون،
تن جا ماڻهو ٻين گاڏين ۾ تقسيم ڪيا ويا. ڪن کي
گڏهه ۽ خچر سواري لاءِ ڪرايا ڪري ڏنا ويا ۽ ڪن
پيادن کي افغانستان سرڪار گهوڙا عطا ڪيا هئا. هتي
اسان ٻڌو آهي، موٽي آيلن، ظاهر ڪيو آهي ته واٽ ۾
ڪيترا ماڻهو مري ويا. ڪن کي درياءَ ۾ لوڙهيو ويو،
ڪن کي باهه ۾ ساڙيو ويو. اهو سمورو ڪوڙ آهي. رستي
۾ پٺاڻ اسان جي قافلي ۾ فوت ٿيا هئا، انهن کي به
دِڪي جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. ڪابل تائين سنڌي قافلي
مان، هڪ عورت فوت ٿي هئي جا گاڏي تان ڪري پئي هئي.
جڏهن ڪابل پهتاسين. اسان جون خوب دعوتون ٿيون.
امير صاحب جي حڪم موجب ڪابل ۾ مهاجرن کي هڪ ڏينهن
کان وڌيڪ رهڻ جي موڪل ڪانه هئي. اعلان موجب سڀني
کي جبل السراج وڃڻو هو پر اسان جي سنڌي مهاجرن جبل
السراج وڃڻ کان انڪار ڪيو. اتي گهڻا ماڻهو شرير
نظر آيا جن جو خاص ڪم ماڻهن کي برغلائڻ ۽ امير
صاحب جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ هو. اڃا اسان جو قافلو
ڪابل ۾ هو ته يڪدم ٻيا هزارين مهاجر اچي پهتا ۽ ان
وقت اٽڪل هڪ لک ٽيهه هزار مهاجر افغانستان جي سرحد
۾ داخل ٿي چڪا هئا. اهي ماڻهو گهڻو ڪري بي سرو
سامان هئا ۽ هڪ هڪ قافلي ۾ سندن ويهن ويهن ۽ ٽيهن
ٽيهن هزارن جي انداز ۾ ماڻهو هئا. انهن جو انتظام
رستي ۾ يا خود ڪابل ۾ پوري طرح ٿي نه سگهيو،
تنهنڪري امير صاحب مهاجرن جي تقسيم جو خيال ڪيو.
مگر جهڙي طرح امير صاحب فرمايو، اهڙي ريت ماڻهن نه
مڃيو. سنڌي مهاجرن چيو ته اسان قنڌار وينداسون.
سرحد وارن چيو ته اسان سرحد جي ويجهو رهنداسين.
امير صاحب فرمايو ته قنڌار يا سرحد ۾ ايتري سرڪاري
زمين ڪانه آهي جو مهاجرن جو بندوبست ٿي سگهي ۽ نه
وري ايترن ماڻهن جي رهائش جو انتظام ٿي سگهندو.
سڀني مهاجرن ترڪستان جي طرف وڃڻ کان انڪار ڪيو.
امير صاحب جي حڪم موجب مهاجرن جي انتظام لاءِ هڪ
”انجمن مهاجرين“ مقرر ڪئي وئي. انجمن، مهاجرن جي
انتظام لاءِ ڪوشش ڪئي، ڪيترا قلعا، ماڻهن جي رهائڻ
لاءِ خالي ڪرايا ويا. امير صاحب، متفق فيصلو ڪيو
ته سڀني مهاجرن جو بندوبست ترڪستان ۾ ڪيو وڃي.
اهڙي انجمن مهاجرين اعلان ڪيو ته جي مهاجر سندس
مهمان ٿي رهن ته اهي ترڪستان وڃن، انهن جو هر طرح
امداد ڪيو ويندو. جي مهاجر مهمان ٿي نه رهن ته
انهن کي به اجازت آهي ته ڀلي رهن. مگر جي ماڻهو
اهي ٻئي ڳالهيون منظور نه ڪن ۽ انهن جي مرضي هجي
موٽي وڃڻ جي يا ٻئي جنهن پاسي وڃڻ جي، ته انهي
لاءِ به انهن کي اجازت آهي ته ڀلي وڃن.
مهاجرن جي پردي ۾ شرارتي ماڻهو:
آءٌ هن جاءِ تي عرض ڪندس ته مهاجرن جي پردي ۾ جيڪا
خلق، افغانستان ۾ گڏ ٿي، سا چئن قسمن جي هئي. هڪڙو
ٽولو خاص شرير ۽ شيطان ماڻهن جو هو. ٻيو ٽولو انهن
ماڻهن جو هو، جن کي تماشبين چئجي، ڪابل ۾ نڪي بد
پيشه عورتون هيون، نه ڪو هو ڪو ناٽڪ ۽ ٻيو تماشو،
جنهن سان اهڙن ماڻهن جي رهاڻ ٿئي، انهن کي
افغانستان ۾ هڪ ويراني نظر آئي. ٽيون ٽولو انهن
ماڻهن جو هو جنهن کي ضعيف الايمان چئجي يعني ته جن
کي ڪا ٿوري تڪليف آئي، ته برداشت ڪري نه سگهيا،
انهن ٽنهي قسمن جا ماڻهو، واپس ٿيڻ لڳا. چوٿون
ٽولو اهڙو به هو جن جو ايمان ڪامل هو. اهو اڃا
سوڌو افغانستان ۾ موجود آهي.
هت ٻڌڻ ۾ آيو ته واپس آيلن ماڻهن گهڻيون ڳالهيون
ڪيون آهن ته پٺاڻ ڪيترن مهاجرن جون زالن کڻي ويا
آهن ۽ پاڻي به بها سان ٿي مليو. مگر اهي ڳالهيون
سڀ ڪوڙ آهن. پاڻي ته اتي تمام گهڻو آهي جو خريد
ڪرڻ جو ضرور ڪونه آهي، اڃا هزارين مهاجر اتي آهن
جن سان اهڙي هلت ٿئي ها ته جيڪر سڀئي موٽي اچن ها.
امير صاحب جيڪو اعلان ڪيو هو ته هر هڪ مهاجر کي
زمين، جاءِ ۽ کاڌي لاءِ اٽو ڏنو ويندو. سو مهاجرن
کي برابر پئي مليو. اسان جا سنڌي گهڻا جبل السراج
ڏي ته ڪي ترڪستان ڏانهن به ويا، ڪجهه ڪابل ۾ به
رهن ٿا. جن لاءِ هر طرح جو بندوبست آهي. اهو سچ
آهي ته افغانستان شاهوڪار ملڪ نه آهي، اتي ايتري
تعليم نه آهي اتي ايترو سامان عيش راحت جو نه آهي.
هو هڪ جابلو ملڪ آهي اتي ماڻهو فقط ٻه ڳالهيون
ڄاڻن. هڪ جنگ ڪري ڄاڻن، ٻيو تڪليف برداشت ڪري
سگهن. اتي شرعي حڪم جاري آهي. چورن جون ٻانهون ڪپي
ڇڏبيون آهن. زاني کي سنگسار ڪندا آهن. نماز جي
پابندي چڱي طرح آهي. آب هوا هندستان کان بلڪل
مختلف آهي. اهي ڳالهيون اهڙن مٿين ماڻهن کي بلڪل
پسند نه آيون. ازان سواءِ انهن ماڻهن نوڪري قبول
نه ڪئي، نه وري زمين آباد ڪرڻ قبول ڪئي. موٽي آيل
ماڻهن مان گهڻا اگرچه امير صاحب ۽ افغانستان
گورنمينٽ جي شان ۾ ظاهر ظهور بد لفظ ڳالهائڻ لڳا
ته به افغان گورنمينٽ ۽ افغان انهن کي تنبيهه به
ڪانه ڪئي. ڇاڪاڻ ته امير صاحب جو حڪم هو ته مهاجرن
سان ڪنهن به قسم جي سختي نه ڪرڻ گهرجي. جنهن صورت
۾ اڃا هزار مهاجر، افغانستان ۾ موجود آهن ۽
افغانستان سندن سڀ ضروريات پنهنجي وعدي کان مٿي
پوريون نٿو ڪري سگهي. تنهن لاءِ انجمن مهاجرين
فيصلو ڪو ته هڪ وفد هندستان موڪليو وڃي جو ماڻهن
کي سچي پچي واقعات، مهاجرن بابت ٻڌائي. مهاجرن
لاءِ جيترو ٿي سگهي ته چندو گڏ ڪن. انهي وفد جا ٻه
ڄڻا هت حاضر آهيون ۽ اسان جو مقصد آهي ته جيترو ٿي
سگهي جلدي چندو گڏ ڪريون ۽ اوهان کي عرض ڪريون ته
جيستائين انهن مهاجرن جو بندوبست ٿئي تيستائين
اوهان ٻيا بي خرچ، مهاجر افغانستان ڏانهن نه
موڪليو ۽ جيڪڏهن اوهان هندستان جا مسلمان، انهن
مهاجرن لاءِ بندوبست ڪري نٿا سگهو ته مجبور ٻين
مسلمانن کي مهاجرن جي امداد لاءِ اپيل ڪنداسون.
افسوس آهي ته جيڪي ماڻهو واپس آيا آهن، انهن بلڪل
غلط فهميون پيدا ڪيون آهن ۽ اوهان کي غلط واقعات
ٻڌايا مگر فرض ڪريو ته ايتري تڪليف آهي پر مهاجر
جيڪي به اوڏانهن ويا هئا، اهي تڪليفون سر تي سهي،
انهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ سنڀري ويا هئا. ائين نه
آهي ته هو مزا ماڻڻ يا تخت تي ويهڻ ويا هئا. ڪو
سفر اهڙو نه آهي جنهن ۾ سختي نه آهي جي موٽي آيا
آهن، تن اهو فرض ادا نه ڪيو، نه وري اسان انهن کي
مهاجر ڪوٺي سگهنداسين. تنهنڪري انهن جي واهيات
ڳالهين جو اوهان خيال نه ڪندا(20).“
هندستان جو سفر ۽ واپسي:
جان محمد جوڻيجو ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ رهي، آڪٽوبر
1920ع جي وچ ڌاري پنهنجي ساٿين سان هندستان روانو
ٿيو. ان وقت علي ڳڙهه ۾ مولانا محمد علي جوهر
شاگردن کي ترڪ موالات لاءِ تيار ڪري رهيو هو. جان
محمد جوڻيجو، علي ڳڙهه پهچي، مولانا شيخ الهند
محمود الحسن جي هڪ جلسي ۾ پڻ شريڪ ٿيو. هن مولانا
محمد علي ’جوهر‘ سان گڏ ڪيترن شهرن جو پنهنجي
انجمن جي مقصدن کي واضح ڪرڻ لاءِ دورو ڪيو. هو
الله آباد ۾ ڪانگريس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ
وري لاڙڪاڻي موٽي آيو.
لاڙڪاڻي ۾ ترسيل هو ته کيس سنڌ جي جڊيشل ڪمشنر جو
هڪ نوٽس مليو. جنهن ۾ لکيل هو ته: ”هو جيڪب آباد
خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيل تقريرن متعلق 4
ڊسمبر 1920ع ڪراچي اچي وضاحت پيش ڪري.“ جان محمد
جوڻيجو جڊيشنل ڪمشنر وٽ وڃڻ بجاءِ کيس جواب موڪلي
ڏنو ته:
”جيڪب آباد واريون تقريرون اخبارن ۾ اڳئي ڇپجي
ويون آهن. جن جو اختصار مون ڏانهن موڪليل اختصار
سان نٿو ٺهڪي اچي. مون هن باري ۾ جواب سيشن جج
لاڙڪاڻي جي معرفت اڳي ڏياري موڪليو هو جو بروقت
مون کان پڇيو ويو هو. سي برابر سچيون آهن. مان
روبرو حاضر ٿي نٿو سگهان ڇو ته مان افغان رعيت
آهيان. روبرو حاضر ٿيڻ لاءِ جيڪڏهن مون ڏانهن
سينٽرل خلافت ڪميٽي بمبئي يا جا مهاجرين جي انجمن
آهي. ان جي معرفت حڪم ايندو ته پوءِ اچي سگهان ٿو،
نه ته نه(21).“
ناگپور ڪانگريس:
جان محمد جوڻيجو لاڙڪاڻي مان پنهنجي گهران ڊسمبر
1920ع ۾ ناگپور آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ۽ آل انڊيا
ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو. اتي طبعيت
خراب هئڻ ڪري سنڌ ڪيمپ ڇڏي، مولانا محمد علي ۽
ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري وٽ وڃي ترسيو. هو صحت جي
خرابي باوجود ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خلافت ڪانفرنس
جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. ناگپور مان هو
بمبئي مرڪزي خلافت ڪميٽي جي ڪارڪنن مان ملاقات ڪري
مهاجرن جي مدد لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. نتيجي ۾
خلافت ڪميٽي هڪ لک رپيا مهاجرن لاءِ ڏيڻ جو وعدو
ڪيو. جن مان 50 هزار رپيا ڪابل روانا ڪيا ويا. جان
محمد جوڻيجي اتان واپس لاڙڪاڻي ورڻ بعد ٻيهر ڪابل
وڃڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون.
ڪابل ويندي پشاور ۾ روڪڻ:
جان محمد جوڻيجو 15 جنوري 1921ع تي لاڙڪاڻي مان
روانو ٿي، 17 جنوري تي پشاور پهتو، اتي صوبي جي
چيف ڪمشنر ۽ سرحد جي ڪمشنر کيس ڪابل وڃڻ کان
روڪيو، کيس 20 ڏينهن پشاور ۾ گذري ويا. پشاور جي
ماڻهن احتجاجي جلسو ڪيو. جنهن ۾ جان محمد جوڻيجي
فارسيءَ ۾ تقرير ڪئي. جنهن جو ترجمو عبدالجليل
ڪندو ٿي ويو. تقرير جو متن ڪجهه هن ريت هو:
”اسان مهاجر مسافر آهيون. انگريز رعيت نه آهيون...
اسان جو وطن افغانستان آهي ۽ اسان رعيت به امير
صاحب جي آهيون. هاڻي هندستان هميشه لاءِ رهڻ اسلام
جي برخلاف ۽ حرام ڄاڻو ٿا.... حضرات! خلافت جو
ميمبر ٿيڻ هن حڪومت جي نظر ۾ هڪ وڏو گناهه آهي.
مگر اسان لاءِ فخر آهي.“
آخر پشاور جي ڊپٽي ڪمشنر، هڪ نوٽس ذريعي جان محمد
جوڻيجي کي هڪدم پشاور مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو، جان
محمد جوڻيجو ڪجهه عرصو لاهور ۾ رهي، مارچ 1921ع ۾
لکنو اوڌ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانو ٿي پوءِ
ان ڪانفرنس ۾ به هن فارسي ۾ تقرير ڪئي. جنهن جو لب
لباب هو ته:
”اٽڪل 5 مهينا ٿيندا جو انجمن مهاجرين ڪابل جي
طرفان مهاجرين هندستان جي امداد لاءِ چندو گڏ ڪرڻ
لاءِ هڪ وفد منهنجي سرڪردگيءَ ۾ هندستان ۾ آيو
آهي. هتان پنجاهه هزار رپيا مرڪزي خلافت ڪميٽي
بمبئي جي طرفان امداد طور عطا ٿيا آهن، جي وصول
ڪري انجمن مهاجرين ڪابل ڏانهن روانو ڪيا ويا آهن.
هاڻي اسان جو پنهنجي وطن ڪابل موٽي وڃڻ جو ارادو
آهي ۽ برابر هڪ مهينو ٿيندو جو پريشان آهيون. مگر
جي حڪومت اسان کي سرحد پار ڪرڻ جي موڪل نه ٿي ڏئي.
وڌيڪ ناحق هي آهي جو مون کي سرحد صوبي مان هن
حڪومت نيڪالي ڏني آهي.
حضرات! ساري روءِ زمين جا مسلمان خلافت جا ميمبر
آهن ۽ منهنجي خيال ۾ ته جو مسلمان خلافت جو ميمبر
نه آهي. اهو مسلمان ئي نه آهي... اسان کي سارو
يورپ حوالي ڪري ڏين ته به اسان خلافت جي غلامي ڇڏي
نٿا سگهون. خلافت جي خدمت ٻنهي جهانن جي سعادت ۽
رُوءِ زمين جي بادشاهي کان بهتر ۽ عزيز آهي. ڪالهه
افغانستان ۾ آزاد ۽ خوشحال هئاسين ۽ اڄ هت قيد
فرنگ ۾ دوستن جي جدائي ۾ اڌ مئل نانگ وانگر وڪڙ
کائي رهيا آهيون.“
جان محمد جوڻيجي ان تقرير دوران ئي افغانستان جي
امير امان الله کي مخاطب ٿي گذارش ڪندي چيو:
”سڀ کان اول ته هيٺين ٻن سوالن تي غور ڪرڻ ضروري
آهي:
1. هن وقت ۾ حڪومت برطانيه سان دوستيءَ جو رستو
رکڻ مصلحت آهي ڇا؟
2. اها دوستي افغاني قوم ۽ دنيا جي قومن جي
آزادگي لاءِ مفيد آهي ڇا؟
هن وقت برطانيه سان دوستي رکڻ بدترين غلامي آهي ۽
شريعت موجب ناجائز. ڇاڪاڻ ته هن وقت هندستان ۾ ترڪ
موالات جي هل چل نهايت سرگرميءَ سان جاري آهي ۽
اهڙي طرح آئرلينڊ ۾ فساد کڙو ٿيل آهي. مصر ۽ عراق
عرب ۾ پڻ بي آرامي آهي. قومي ڌر وارا ترڪ، ڪو ماٺ
ڪونه ڪيو ويٺا آهن.... جيڪڏهن افغانستان ۽ سرحدي
قبيلا مخالفت ڪن ته گهڻو گوڙ ٿي پوي.“
ڇو جو ان هلندڙ خلافت تحريڪ دوران ئي افغانستان جي
امير امان الله جو انگريزن سان معاهدو ڪرڻ تي
خلافت تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن کي ڪافي نقصان پهتو هو.
”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۾ آهي ته:
”رئيس المهاجرين، جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻيءَ هيٺ
سنڌي مهاجر ڪابل جي شهر ۾ پهچي ويا پر افسوس جو
مسلمانن ۾ قوم جا غدار به هئا. انهن انگريزن سان
سازباز ڪري کين خبردار ڪيو. جنهن جي انگريزن هڪدم
افغانستان جي خودمختياري تسليم ڪري تڪڙ تڪڙ ۾ امير
امان الله سان صلح ڪري ورتو. صلح جو هڪ شرط اهو به
هو ته هندستان مان آيل مهاجرن کي پناهه نه ڏني
ويندي، ان ڪري صلح بعد جلدئي پٺاڻن، سنڌي مهاجرن
سان بدسلوڪي شروع ڪري ڏني. آخر ويچارا ڏاڍين
تڪليفن کان پوءِ دربدر ٿي اچي پنهنجي وطن پهتا.
مولانا امروٽي جو قافلو نمبر ٻيو، اڃا تيار ٿيڻ تي
هو ته هو ان کان اڳ ئي هجرت تحريڪ ختم ٿي وئي.
پٺاڻن جي اهڙي نازيبا ۽ نامناسب هلڻ تي امروٽي
صاحب کي ڏاڍو صدمو پهتو(22).“
ڊاڪٽر حميده کهڙو لکي ٿي ته:
”مهاجرين افغانستان وڃي ڏاڍا ڏکيا ۽ مجبور ٿي پيا.
انهن جي آجيان جو ڪوبه بندوبست نه هو ۽ نه ئي سندن
رهائش ۽ کاڌي خوراڪ جو بندوبست هو. جنهن ڪري انهن
مان اڪثر پنهنجون ملڪيتون وڃائي، واپس هندستان
موٽي آيا(23).“
جان محمد جوڻيجو هاڻي مختلف هنڌن تي تقريرن ذريعي،
پاڻ تي پيل بندش ڏي توجهه ڇڪائڻ سان گڏ، افغانستان
حڪومت جو برطانيه سرڪار سان مهاڏي ۽ ملائم رويي
خلاف پنهنجو موقف پيش ڪندو رهيو. اهڙي جستجو دوران
هن ڪڏهن به لاڙڪاڻي واپس ورڻ لاءِ نه سوچيو هو.
لکنو خلافت ڪانفرنس کان پوءِ، مولانا محمد علي سان
گڏ، اجمير جلسه خلافت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هليو ويو.
وفات:
اتي ڪانفرنس دوران کيس ٿورو بخار ٿي پيو ۽ جلسي ۾
اچي نه سگهيو، پر پنهنجي فارسيءَ ۾ لکيل تقرير
پڙهڻ لاءِ موڪليائين. سندس بخار وڌي وڃي خوفناڪ
بيماريءَ جي صورت اختيار ڪئي تان جو 27 رجب المرجب
1339هه، برابر 16 اپريل 1921ع تي مسافر ۽ مهاجر جي
حالت ۾ حضرت ولي المسند خواجه
معين الدين چشتي، غريب النواز جي درگاهه اجمير
شريف ۾، صبح جي وقت، قومي شهادت جو جام نوش
فرمائي، حياتي جاوداني حاصل ڪيائين. انا لله وانا
اليہ راجعون. سندس جنازي جي نماز خواجه صاحب جي
درگاهه ۾، مولانا حڪيم معين الدين اجميري پڙهائي.
سندس جنازي کي ساگر تلاءَ جي ڪناري مدفون ڪيو ويو(24).
جان محمد جوڻيجي جي ان اوچتو وفات متعلق هتان جي
ماڻهن ۾ دٻيل دٻيل ٻه ڳالهيون مشهور آهن. هڪ ته
جان محمد جوڻيجو هندستان جي ليڊرن کي ڪابل ۾ پهتل
مهاجرن جي مدد لاءِ آمادهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو
پر هن کي رڳو ٺلهن آسرن تي رکيو ويو. هو افغانستان
۾ ڦاٿل سنڌي مهاجرن لاءِ به ڪافي فڪرمند هو. جان
محمد جوڻيجو انهن جي بحالي ۽ سارسنڀال لاءِ اتان
جي اڳواڻن سان ڪافي وڙهيو. هن خلافت تحريڪ جي
سربراهن تي اهي الزام هنيا ته هو سندن اشاري تي
سنڌين جي پوري ريل ڀرائي وڃي افغانستان لٿو آهي
جيڪي هاڻي اتي بي يارو مددگار آهن. افغانستان جي
امير امان الله غداري ڪري انگريزن سان معاهدو ڪري
ڇڏيو آهي. ويتر هندستان ليڊرن جو به ساڻس واضح
موقف ۽ ڀرپور ساٿ نه ڏيڻ ڪري هو دل برداشت ٿي
ايترو ته بيمار ٿي پيو جو وڃي موت قبوليائين. هن
جي ناگهاني موت جي باري ۾ ٻي ڳالهه اها به مشهور
آهي ته باوجود ڪوششن جي جڏهن خلافت تحريڪ جا
سرڪرده رهبر، جان محمد جوڻيجي جو ساٿ نه ڏيندا هئا
ته هو سندن اڳيان سخت احتجاج ڪندو هو. جيڪو اڪثر
تلخيءَ ۾ تبديل ٿي ويندو هو. انڪري هڪ خيال اهو به
آهي ته هندستان جي ڪن سازشي ماڻهن سنڌ جي هن باغي
نوجوان مان جان ڇڏائڻ لاءِ کيس زهر ڏئي ماريو هو.
اهوئي سبب آهي جو هن سنڌ ڄائي جي قتل جا نشان ڊاهڻ
لاءِ اتان جي اڳواڻن، هن امير، پڙهيل ڳڙهيل
بئريسٽر جو لاش سنڌ موڪلڻ بجاءِ تڙ تڪڙ ۾ اتي ئي
دفن ڪري ڇڏيو. ان ڪري اڄ ڏينهن تائين جان محمد
جوڻيجي جو موت هڪ ڳجهارت آهي.
جان محمد جوڻيجي جي عملي زندگي، سياسي جدوجهد ۽ ان
المناڪ موت مان ثابت ٿئي ٿو ته هو هڪ جذباتي ۽
حقيقت کان هٽيل نوجوان هو. جان محمد جوڻيجو هونءَ
ته تمام اڪابر، تعليم يافته، سياسي طور سجاڳ ۽ محب
وطن ليڊر هو. سنڌ ۾ غلام محمد ڀرڳڙي کان پوءِ هيءُ
ٻيو بئريسٽر هو جنهن عوامي ڪمن ۾ بهرو ورتو پر
غلام محمد ڀرڳڙي ٻين ڪيترن سوشل ۽ قومي ڪمن ۾
متحرڪ ۽ مصروف ٿي ويو. ان جي ابتڙ جان محمد جوڻيجو
مذهبي رنگ ۾ وڌيڪ رڱيل هو. ان وقت جي هندو توڙي
مسلمان سياستدانن جو اهو خيال هو ته سياست کي
مذهبي رنگ ڏئي هو عوام جي ويجهو وڃي کين متحرڪ ڪري
سگهن ٿا. اهو ئي سبب هو جو ان دور جي مسلمانن توڙي
هندو ليڊرن، ايتري قدر جو نهرو، گانڌي ۽ ٻين
اڳواڻن به عوام کي متحرڪ ۽ انهن جي دلين ۾ جايون
ٺاهڻ لاءِ خلافت تحريڪ جو ساٿ ڏنو. ان ڪري اهي سڀ
ليڊر ٿوري ئي عرصي ۾ هند ۽ سنڌ ۾ مقبول ٿي ويا. جن
۾ اسان جو جان محمد جوڻيجو به شامل هو.
خلافت ۽ هجرت تحريڪ جي باري ۾ پڙهندي اهو به محسوس
ٿئي ٿو ته خلافت ۽ هجرت تحريڪون هڪ جذباتي،
رومانوي ۽ تخيلاتي تحريڪون هيون. ان دور ۾ انگريز
سرڪار کان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ غير فطري ۽ غير حقيقي
رستو اختيار ڪيو ويو. جنهن تحت پنهنجي ئي جنم
ڀوميءَ کي جنهن جيجل جي هنج ۾ ماڻهو بانبڙا پائي
وڏو ٿيو هجي، ان کي رڳو هڪ فتوا ذريعي ”دارالحرب“
قرار ڏنو وڃي. صرف ترڪي جي خليفي جي بحاليءَ لاءِ
پنهنجي ابن ڏاڏن جون ملڪيتون تين وال ڪري، پنهنجا
گهر، تڙ ۽ ويڙها ويران ڪري لڏو ڪلهي تي رکي هڪ اڻ
ڄاڻ ۽ اڻ ڏٺئي ديس ۾ وڃي ڌڪا ٿاٻا کائجن، اها
دانشمندي نه هئي.
ان رومانوي تحريڪ دوران ٻارن ٻچن جا رولڙا پنهنجي
جاءِ تي، پوليس جو مار موچڙو ۽ رهزنن جي ڦر مار،
جيل خانن جي ڪال ڪوٺڙين کان سواءِ سوين شاگرد
پنهنجون پڙهايون ڇڏي ڏنيون جيڪي ويچارا نه دين جا
رهيا، نه دنيا جا.
ان تحريڪ ڪري سڀ کان گهڻو نقصان اسان جي سنڌ جي
سادن سٻاجهڙن ماڻهن جو ٿيو. جان محمد جوڻيجو جهڙو
پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو جذبات جي وهڪري ۾ وهي هتان جي
ڪيترن مسڪين ماڻهن کي سبزباغ ڏيکاري، ريل تي چاڙهي
افغانستان جي سنگلاخ پهاڙن ۾ وڃي سنگدل ماڻهن جي
حوالي ڪري آيو. جان محمد جوڻيجي پوءِ اتان جو
اڻسهائيندڙ حالتون ڏسي، انهن جي مدد لاءِ وتي پيو
چندا ڪندو، ايتري قدر جو ان دربدريءَ دوران
هندستاني ماڻهن جي بي رخي ڏسي، پاڻ به دل برداشته
ٿي ديارِ غير ۾ ئي دم ڏنائين يا ماريو ويو. بهرحال
اڳتي هلي مسلمان توڙي هندن جي مذهب جي آڙ ۾
انگريزن خلاف هلايل هلچل هندستان جي سياست تي ڪافي
منفي اثر وڌا. جيئن ڊاڪٽر حميده کهڙو لکي ٿي:
”گانڌي جي انهن عوامي تحريڪ جا ملڪي سياست تي تمام
منفي اثرات پيا. مذهب جي سياست ۾ داخل مسئلن جي
سچي سڃاڻ نه ڪرڻ ڏني. گانڌي ۽ خلافتن جي زبان
مذهبي هئي. جنهن مستقل ۾ سياست کي مذهبي ڪري
سيڪيولرازم کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. رام رواج، سدا راج،
ونڌي ماترم جهڙا ترانا ۽ ان سان گڏ دارالحرب ۽
دارالاسلام وارا نظريا تمام حساس هئا. اهي لفظ ۽
نظريا ماڻهن جي دماغ ۾ ويهي ويا ۽ مذهبي بنيادن تي
سياست شروع ٿي وئي. ان جي نتيجي ۾ 1920ع کان 1930ع
واري ڏهاڪي ۾ مذهبي نفرت ۽ فساد شروع ٿي ويا. انهن
تحريڪن جي ٽڪراءَ جو اثر مذهبي فرقن ۽ لاڳاپن تي
به برو پيو(25).“
لاڙڪاڻي ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي نالي
سان منسوب روڊ |
اها حقيقت آهي ته سياست ۾ بيجا مذهب جي استعمال
ڪري سيڪيولر ۽ روشن خيال قوتون پوئتي هٽنديون
ويون. آهستي آهستي هن خطي ۾ انتها پسندي پاڙون
پختيون ڪندي وئي. جنهن آخر ۾ وڃي هندو- مسلم نفرت
جو روپ اختيار ڪيو. ان نفرت جي بنياد تي ئي برصغير
جو ورهاڱو ٿيو.
***
جان محمد جوڻيجي سان هجرت واري قافلي هڪ شاعر
”شيرل“ به شريڪ هو. جنهن ان هجرت جي باري ۾ شاعري
ڪئي آهي.
هي بيت ”شيرل“ جي شعر جي ڇپايل چؤپڙي ’عشق جو
رسالو نينهن ۾ نرالو‘ عرف ”فراق نامو حسيني“ تان
ورتل آهن.
جان محمد جوڻيجو، سورهيه سامايو،
راضي تنهن تي رب ٿيو، تنهن کي واحد وڌايو
سخي هو سخاوت ۾، ڪيائين روح اندر رايو،
ڳالهه اها ڳايو، مرد تَنهن ملوڪ جي.
*
مرد تَنهن ملوڪ کي، ڏاتر ڏنا ڏاڻ،
عهدو وڪالت بئريسٽريءَ جو، ورتائين همت ساڻ،
علم پڙهي عالم ٿيو، هيس انگريزي اهڃاڻ،
هاڻ ڪيان روح رهاڻ، ساراهه سپرين جي.
*
ٻڌ ساراهه سپرين جي، جنهن کي مولا ڏنو مان،
هٿ هوس حاڪمن جو، شاهي جنهن جو شان،
ڪامل ٿي ڪورٽون ڪيون، ٻڌي بات بيان،
جيءَ اندر آهن جولان، سڪ تَنهنجي ساهه کي.
*
سڪ تَنهنجي ساهه کي، اندر نه آهي آرام،
کائڻ نه آهي خوشيءَ جو، چش نه ڏئي طعام،
هجرت تي سنڀري هليو، ڪري اهو انجام،
اڳ ۾ ٿي امام، قافلو ڪيائين ڪيترو.
*
قافلو ڪيائين ڪيترو، لکين خرچ کڻي،
جيڪا رضا رب، واهه تنهن کي وڻي،
مهاجرن جي محبت ۾، پاڻ ڪيائين پڻي،
لاڙڪاڻي تي لقب هڻي، ريل تي چڙهي رڪن ڏي هليا.
*
ريل تي چڙهي رڪن کؤن، ٿيا سکر روانا،
عرض ڪيائين الله کي، اسين آهيون تنهن جا ٻانها
داڻي پاڻي نصيب جي، آهي انهن ۾ معنا،
اچي ملتانا، ڏپهرو ڪيائين ڏينهن جو.
*
ڏپهرو ڪيائين ڏينهن جو، هليا چڙهي لاهور،
اتي عزت ملي امير کي، سرڪيائين گهور،
کائڻ آندائون خوشي مؤن ڏنائون زور،
اهڙي دستور، راولپنڊي رڙهي هليا.
*
راولپنڊي رڙي هليا، ڪانولپور ڪاهي،
واڳ وس ته پنهنجي، ڏور وڌي ڏاهي،
گاڏي ڇٽي ڇوهه مؤن، ڏس ڇا منجهؤن ڇاهي،
پشاور ۾ لاهي، ڏينهن ۾ ڇڏيائون ڪيترا.
**
اتي ڏينهن رهي ڪيترا، هليا پيادا ڪلي پنڌ،
رفيق ٿياسون راهه مون، راهي مٿي رند،
رکيائون ناسڪ سرير ۾، خودي ڪيائون بند،
اچي ٿياسي هڪ هنڌ، بيني ڪوٽ جنهن کي چون.
*
بيني ڪوٽ جنهن کي چون، رکيائون جلال آباد جوش،
عقل ڇڏي ويو اڳ ۾ ڪونه رهيو هوش،
ڪونه وڙهي ڪنهن سان، دشمن توڙي دوس،
مڙني ڪئي خاموش، محبت رکي من ۾.
*
محبت رکي من ۾، ڪابل ڪيائون ڪاهه،
دونهان درد دکايا، عشق اندر آڙاهه،
پنڌ اڙانگو پٽيون، رهي آيا راهه،
اهڙو ئي آهه الله، امير صاحب ڏٺائون اکين سان.
*
امير صاحب عزت ڏني، مولوي عبيدالله صاحب سڏائي،
دعوت کاڌائون دل سان، راتيون رهائي،
سِنڌن چيو هڪ مان، آيا آهيون سرڙا لهرائي،
توڻي وجهي ڪهاڻي، جان محمد چيو جوش مان.
*
امير کي ائين نه گهربو هو، ڏنائين مهاجرن کي موڪل،
سي رکيائين سرير ۾، نه ڪيائين توڪل،
ڳجهه اندر جون ڳالهيون، تون جوش اندر ۾ جل،
واهي ٿيا رلمل، موٽي پنهنجي ملڪ تي.
*
موٽي پنهنجي ملڪ تي، آيو جان محمد جائي،
رات ڏينهان روح ۾، هيس وات اها وائي،
دانهون ڪريان درد مؤن، ڪونهي حال ڀائي،
نصيب داڻو پاڻي، کائي هليا آيا هندستان ۾.
*
هندستان ڏي روانا ٿيا، خواجه اجمير شريف،
سڪ رکيائين ساهه ۾، ڪهڙي ڪريان تعريف،
ملڪ ڇڏي مسافر ٿيو، سهي گهڻي تڪليف،
اکيون ڪڪوريون ڪيف، مانجهيءَ تنهن ملوڪ جون
*
مانجهي تنهن ملوڪ جي، هئي عمر ٽيهه ورهيه پوري
رضا تي راضي رهيو، ڪيائين صبوري،
مرڻ مهل تي موت، رکيائين منصوري،
آيا ملائڪ صفوري، سڪرات ڏٺائين ڪانه ڪا.
سڪرات ڏٺائين ڪانه ڪا، ساهه ڏنائين سهنجو،
”شيرل“ چوي شهيد ٿيو، وطن ڇڏي پنهنجو،
سوال ڪريان توکي، ٿيندا ڪر نه ڪانيارو ڪنهن جو،
هٿ آهي منهنجو، دامن دستگير جي.
*
جان محمد جوءِ مان ويو، ڪست منجهان ڪاهي،
مال مڏيون ڦٽي ڪري، ويو لاڳاپا لاهي،
جنهن کي سڪ سرير ۾، ڏور وڌي ڏاهي،
اجمير ۾ آهي، مقبرو ملوڪ جو.
*
مقبرو ملوڪ جو، جوڌؤن جوڙيائون،
جهنڊ تنهن جواب جا، خوب کوڙيائون،
ماتم ڪيائون من ۾، ڳل ڳوڙها ڳاڙيائون،
پريت پاريائون، جو صوبو هو سنڌ جو.
*
صوبو هر سنڌ جو، ملڪن جو مير،
صاحب ٿي صاحبي، ڪٿي جو بادشاهي وزير،
شهيد ٿيو شوق مان، نيڻن وهايان نير،
اتر وارا پير، پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي.
*
پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي، جنهن صدقي ڪيو ساهه،
ميڙي محمد ﷺ ڄام جي، توکي آڻيندو الله،
حضرت ٿيندءِ حامي، ڪندءِ واهه،
باري آهين بيپرواهه، سام اوهان جي ٿيندا(26).“
حوالا
1. سيد محمود شاهه بخاري، آزادي جو امام، مولانا
تاج محمود امروٽي- (ٽيون ڇاپو) 2003ع سنڌيڪا
اڪيڊمي ڪراچي صفحو 187.
2. ڏسو حوالو-1
3. مولوي دين محمد وفائي، يادِ جانان 1340 هجري.
حڪيم محمد عبدالحق ڪتب فروش سکر- صفحو 5
4. قربان بگٽي- لاڙڪاڻي ضلعي جي بلوچن جي مختصر
تاريخ- لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو 1984ع صفحو 56
5. حميده کهڙو، محمد ايوب کهڙو، جراءتمندانه
سياسي زندگي- عاقل ٽرسٽ ڪراچي 1999ع صفحو 44
6. محمد موسيٰ ڀٽو ”پيرن جي پچار“ صفحو 66 بحوالو-
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو 1984ع صفحو 57
7. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا (جلد- 2) تحريڪِ خلافت
سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد 2010ع.
8. ڊاڪٽر محمود شاهه، لاڙڪاڻي جو هجرت ۽ خلافت ۾
حصو- لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو 1984ع صفحو 369
9. ڏسو حوالو-4 صفحو 57
10. ڏسو حوالو-8 صفحو 370
11. ڏسو حوالو-5 صفحو 45
12. ڏسو حوالو-7 صفحو 210
13. ڏسو حوالو-3 صفحو 15
14. ڏسو حوالو-3 صفحو 16
15. مقامي اخبار ”لاڙڪاڻي گزيٽ“ ايڊيٽر- ديوان
ٽهلرام 17 جولاءِ 1920ع
16. ڏسو حوالو-8 صفحو 372
17. رئيس جان محمد جوڻيجي جي ڀاءُ پير بخش خان ڳوٺ
ڌامراها تعلقي لاڙڪاڻي جو زباني احوال جيڪو سيد
محمود شاهه بخاري ورتو هو.
18. اخبار الوحيد پرچو- 29 آگسٽ 1920ع (بحوالو
مولوي دين محمد وفائي)
19. ڏسو حوالو-.... صفحو 23
20. ڏسو حوالو-3 صفحو 31
21. ڏسو حوالو-3 صفحو 33
22. ڏسو حوالو-8 صفحو 373
23. ڏسو حوالو-5 صفحو 46
24. مهراڻ ’سوانح نمبر‘ 1990ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو صفحو 286
25. ڏسو حوالو-5 صفحو 49.
26. ڏسو حوالو-24 صفحو 287 |