سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :23

عبدالرزاق ڪلهوڙو

”کير ٿر تي صبح“- هڪ اڀياس

ڪهاڻي، ادب جي مقبول ترين ۽ خوبصورت صنف آهي. ڪهاڻيڪار لاءِ ڪهاڻي لکڻ يا سرجڻ محبوب ترين مشغلو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو ادبي ماحول ۾ هر هنڌ ڪهاڻيءَ کي وڏي چاهت، مڃتا ۽ پذيرائي ملي ٿي.

سنڌي ادب ۾ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻيءَ کي باقاعده ۽ سٺو ماحول مليو آهي. ادب ۾ انهيءَ گهرج کي نظر ۾ رکندي ڪنول پبليڪيشن قنبر، 23 ڪهاڻيڪارن جون چونڊ ڪهاڻيون ٻن ڪتابن- ”کير ٿر تان اڏار“، ۽ ”کير ٿر تي صبح“ ۾ يڪجاءِ ڪيو آهي.

”کير ٿر تي صبح“ ۾ جن به ڪهاڻيڪارن پنهنجون ڪهاڻيون سرجيون آهن، اهي موضوع جي اعتبار کان نيون ته ناهن پر انتشار ۽ ويڳاڻپ ۾ ورتل سماج جو عڪس ضرور آهن. ٻين لفظن ۾ ته سنڌي سماج ۾ نت نون پيدا ٿيندڙ اندروني ۽ بيروني خلفشارن سميت سنڌي سماج جي نفسياتي طرح حقيقي پاسن جي هڪ فوٽوگرافي ڪيل آهي.

ڪهاڻي علامتي هجي يا بياني پر ڪهاڻي ڪهاڻيڪار لاءِ لکڻ سؤلي به آهي ته دشوار به. پر ٻنهي صورتن ۾ تنقيدي پهلوءَ کان بچي وڃڻ مشڪل آهي، اهو ان ڪري جو ماڻهن جا مزاج ۽ خيال هڪجهڙا ناهن هوندا، تنهنڪري مختلف ماڻهن جي مختلف سوچ ٿئي ٿي. ان ڪري ڪن ماڻهن کي ڪي ڪهاڻيون پسند اچن ٿيون ته ٻين کي وري اهي ئي ڪهاڻيون نه ٿيون وڻن. ڪي علامتي ڪهاڻين کي ترجيح ڏين ته ٻيا وري تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪهاڻين کي محبوب رکن ٿا. ڪهاڻين جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا.

هيءُ ڪتاب، انهن مختلف قسمن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ڊائلاگ، مونولاگ، گهڻ مڪالمه آرائي تي مشتمل ڪهاڻيون آهن. فڪري حوالي سان اهي تاثراتي ۽ تخيلاتي آهن. ”کير ٿر تي صبح“ ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙي جي ڪهاڻي- ”پيار پرزا پرزا ٿي ويو“ خط جي اسٽائيل ۾ هڪ سٺي ڪهاڻي لکيل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي روانيءَ وارو سلسلو لڀائيندڙ ۽ من موهيندڙ آهي.

”پيارا امر!

اڄ اوچتو عيسيٰ جي ماءُ ملي وئي. چڱو وقت دل کولي حال احوال ۽ ڪچهريون ڪيائين، ٻيا سمورا باردانا ته مٽجي ويا هئس، پر جي نه مٽيو هئس ته سندس مٺڙو آواز ۽ سُرور ڏيندڙ نشيليون اکڙيون، جن کي ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو ٻئي جهان قربان ڪري سگهي ٿو. جيڪو ٽائيم گڏ هئي، اهو وقت اندر جي دنيا جا گل ڦولاريل رهيا ۽ سرمستيءَ ۾ هئس. توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيم. هاڻي ٽن ٻارن جي ماءُ هئي، تُنهنجي پڦي پئي لڳي.“

ڪهاڻي، ماحول جي اثر جي پيداوار هوندي آهي ڇو ته ماڻهوءَ جي زندگي ڪيترن اهنجن، تجربن ۽ واقعن جو نچوڙ ۽ مجموعو آهي، ڪهاڻيڪار انهن مان هڪڙو واقعو يا مسئلو کڻي ٿو ۽ ان کي پنهنجي فن ۽ ڪاريگريءَ سان لفظن جي پوشاڪ اوڍائي پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. ڪهاڻيڪار جي تخليق جو تخيل ئي ذهانت جو نچوڙ آهي. ذهني پيڙا جنهن پل به پرٽجي پئي ته ڪهاڻيڪار دلي طرح سان ان ۾ ويڙهجي سيڙهجي ڄڻ مقدم بڻجي وڃي ٿو.

ڏسو ڀائو درمحمد ٻرڙي جي لکيل ٻي ڪهاڻي- ”منهنجو ڀاءُ منهنجو دوست“:

”مان ڊوڙندو واپس اسپتال ۾ سندس ڪمري ۾ ويم، ۽ ڏٺم...! سندس پتڪڙا هٿ سيني تي ڄميل هئا. هو بيجان اڌ کليل اکين سان آڪاش ڏانهن نهاري رهيو هو، بلڪل ائين جيئن ڪهاڻي ”گل جو موت“ پڙهڻ کان پوءِ نهاريو هئائين. مان بيساخته سندس ڀر ۾ بيهي ڏٺم ته سندس پتڪڙن هٿن ۾ ’گل ڦل‘ رسالو کليل هو. ڪجهه سمجهي نه سگهيم. منهنجو وجود هوا ۾ بولاٽيون کائي پٽ تي ڪري پاش پاش ٿيندي محسوس ڪيم، منهنجو اندر ڦٽي ڦاڪون ٿي پيو، ڳوڙها ڳلن کان ٿيندا ترڪندا قميص ۾ جذب ٿي ويا ۽ مان رڙي پيس....!“

اهائي حساس ڪهاڻيڪار جي پنهنجي هڪ الڳ خوبي ۽ انوکائپ ٿئي ٿي. ڀائو ٻرڙي جي ٽئين ڪهاڻي- ”تون جي هجين ويجهڙو هوند نه هجان هيئن“ مرد جي بيوسي ۽ هڪ عورت جي ڪردار کي ڏيکاريو ويو آهي. هن ۾ پڻ اهو وائکو ڪيو ويو آهي ته عورت جو پيار ۽ حسن جي جهلڪ جڏهن ڪنهن مرد تي حاوي ٿي وڃي ٿي ته هو جوانيءَ کان وٺي جهور پوڙهي ٿي وڃڻ تائين ان کي وساري نه ٿو سگهي.

”ڪاري رات رت ڦڙا“، ”امان ڪاري ناهي“، ”شام جو پاڇولو“، ”غيرت جي گُرڙي“ معصوم سنڌيءَ جي هنن ڪهاڻين ۾ شڪي مزاج مردن جي ڪردار کي ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪي شڪ جي بنياد تي پنهنجي ونين ۽ پنهنجي ويجهن رشتن کي پنهنجي وحشي پڻي سان انتهائي بيدرديءَ ۾ اچي کين موت جي ننڊ سمهاري ڇڏين ٿا.

جيڪي ماڻهو ٻين کي سٺيون ڳالهيون ٻڌائن ٿا پر جهالت کي جهالت سمجهي پاڻ ان تي عمل نه ٿا ڪن، معصوم سنڌيءَ جي ڪهاڻي- ”ڪوڙو ڪامريڊ“ انهيءَ موضوع تي لکيل آهي. هن ڪهاڻيءَ جو سڄو تاثر ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته ماڻهو ڪهڙي به فيلڊ سان سلهاڙيل هجن جيڪڏهن ٻئي کي هدايت جي واٽ ڏسين ٿا ته پاڻ به ان واٽ جا پانڌيئڙا ٿي رهن.

”ٻٽو قتل“- مشتاق گوپانگ جي هيءَ ڪهاڻي مٿي ذڪر ڪيل معصوم سنڌيءَ جي ڪهاڻين جيئن سماج جي عڪاسي ڪري ٿي. ٻين ملڪن ۾ صفائي جو انتظام تمام سٺو آهي جنهن ڪري اتي اڪثر بيماريون ڪونه ٿين، جتي گندگيءَ جا ڍير اتي بيماريون به جام. اسان جي ملڪ جي بدنصيبي آهي جو شهرن ۾ صفائيءَ جو انتظام بهتر نموني ڪونه پيو ٿئي. ڪهاڻي ”صدمن جي پلصراط“ (از: مشتاق گوپانگ) ۾ خادم ۽ سندس گهرواري شهر جا مين گٽر ۽ ناليون صاف ڪندڙ ملازم ڏيکاريا ويا آهن، جن کي وقت سر پگهار نه ملڻ سبب بک، ڏک ۽ بيمارين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. کين پگهار به نه ملي آهي، آفيسرن جا دڙڪا به کائين ٿا. هو بک تي به ڪم ڪن ٿا، جنهن ڪري خادم ڪافي ڀيرا بيهوشيءَ واري ڪيفيت ۾ اسپتال به پهتو آهي پر ستت هن جو ننڍڙو وفات ڪري وڃي ٿو جنهنڪري هو فرسٽيشن جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

”خاموش صدا“ ڪهاڻيءَ جا اهم ڪردار ڪجهه مريض آهن جيڪي هڪ هاسپيٽل ۾ علاج جي آسري وارڊن ۾ داخل آهن. ڊاڪٽر وقت سر اسپتال اچن ڪونه، ٻيو صفائيءَ جو انتظام به ڊانوان ڊول هوندو آهي. هاسپيٽل ۾ ڪن مريضن جو موت ٿئي ٿو ته باقي مريضن جو به ساهه مٺ ۾ ٿي وڃي ٿو. هيءَ ڪهاڻي به مشتاق گوپانگ جي لکيل آهي. مشتاق ڪهاڻي لکڻ جو چڱو ڏانءُ رکي ٿو.

”جيون، هوءَ ۽ ڪروڌ“ مسيح مگسي جي هيءَ ڪهاڻي هڪ نفسياتي ڪهاڻي آهي جا تجريدي آرٽ جي فن سان مختصر لفظن ۾ لکي وئي آهي.

ڪهاڻي ”سرمئي سانجهيءَ جو سنگيت“ حساس ڀري ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيڪار مسيح مگسي هڪ غريب ۽ ڏتڙيل فرد کي غربت ۾ وڪوڙيل ڏيکاريو آهي جو بيمار ماءُ جي علاج لاءِ ڪنهن وڏي ڊاڪٽر ڏانهن وڃي نه ٿو سگهي. مريض تڙپي تڙپي گهر ۾ ئي پنهنجا پساهه پورا ڪري ٿو. ٻئي ڪردار جي حوالي سان ڪهاڻي ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته اسان جي معاشري ۾ غريبن سان همدردي نالي ماتر به ناهي. جنهن ماڻهوءَ جا لٽا ليڙون ليڙون، ڏسڻ واسڻ ۾ ڪوجهو، بي رونق يا سندس منهن مان لاچاري ۽ بي وسي بکندي هجي ته ان سان ڪوبه ماڻهو سٺي ۽ احترام واري رويي سان پيش نه ٿو اچي، پر ان سان ڌڪار ۽ جذباتي انداز ۾ ڳالهايو وڃي ٿو.

”بکيا کيسا“ (از- مسيح مگسي) هيءَ ڪهاڻي به ماڻهوءَ جي داخلي ڪردار ۽ نفسيات تي ٻڌل آهي.

”زور سهڻي“ ڪائنات ۾ عورت مرد جي لاءِ حسين تحفو آهي. مردن جي مقابلي ۾ عورتون وڌيڪ حساس ۽ نازڪ طبعيت ٿين ٿيون، تنهنڪري مردن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هر معاملي ۾ عورت سان سٺو ورتاءُ رکن. منصور ٻرڙي جي هيءَ ڪهاڻي هڪ عورت جي درد ڪهاڻي آهي جو کيس شروعاتي زندگيءَ ۾ محبت ۽ پيار ملي ٿو پر پوءِ اذيت ۽ مار موچڙي جهڙي زندگي گهاري ٿي.

منصور ٻرڙي جي ٻي ڪهاڻي- ”اڻ پوري آس“
آهي جا مهانگائي جي موضوع تي لکيل آهي.

”ڳوڙهو“، ”ويچارو ڪلاس فيلو“ هنن ڪهاڻين ۾ ايترو پاورفل ڪلائيميڪس نظر نه ٿو اچي. نتيجن کي مبهم رکيو ويو آهي. ڪهاڻيون مڪمل ميسيج ۾ هئڻ گهرجن. اهي ڪهاڻيون به منصور ٻرڙي جون لکيل آهن.

”پهرين انام ڪهاڻي“، ”آءٌ تنهنجي پٽ سان“،
”مقتل گاهه“، ”اوهين، به سرِفهرست آهيو“، ”محبت ماضي ناهي ٿيندي“، ”سوشل ڪانٽريڪٽ“، ”انفرادي مفاد“، هي مختصر ڪهاڻيون عبدالستار هُليي جون لکيل آهن. ڪهاڻين جي ٻوليءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن تي مغربي ڪهاڻين جو وڏو اثر آهي.

”اک سان ڇوڏو ٻڌ،“ ”ووٽ جي موٽ“، ”روشني“،
”هٿن سان وڃائي پيرن سان ڳولڻ“، ايم اسماعيل ٻرڙي جون سرجيل ڪهاڻيون آهن. پهرين ڪهاڻي ۾ ٻار ڄڻڻ ۽ نه ڄڻڻ جي مسئلي تي هڪ مولوي ۽ عورت جو ضد ڏيکاريو ويو آهي. عورت پنهنجي مڙس سان ضد ڪري ٿي ته سندس آپريشن ڪرائي ڇڏي ڇو جو هوءَ نون ٻارن جي ماءُ آهي. هاڻ صحت ۽ غربت جي مسئلي کين منجهايو آهي پر مولوي کين ائين ڪرڻ نه ٿو ڏئي. آخر ۾ عورت نيٺ مولويءَ جي ڳالهه کي مات ڏئي ڇڏي ٿي ۽ مڙس مجبور ٿي نيٺ سندس آپريشن ڪرائي ٿو. ايم. اسماعيل ٻرڙي جون ٻيون ڪهاڻيون به اڄوڪي ماحول سان ٺهڪندڙ آهن.

علي صفدر کي ڪهاڻي کيتر ۾ چڱن ڪهاڻيڪارن جي لسٽ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. سندس لکيل ڪهاڻيون- ”سفر ٽڪرا ٽڪرا“، ”اڌ ۾ رهجي ويل سسڪيون“، ”ٻئي ڪَپَر“ سٺيون ڪهاڻيون آهن.

”منهنجو روشنيءَ تي ڪوبه اعتبار ڪونهي ڪو!

پر پوءِ به ڇو!؟

جنهن شيءِ جي ڪابه بقا ناهي، انهيءَ جي فنايت تي يقين ڪرڻ ويساهه گهاتي آهي. تون موٽي اچي صوفي تي ويٺينءَ ۽ مان ڪي پل ستارن جي جڳمڳائيندڙ جڳ ۾ چين پئي ڳوليو جيڪو تون ڪٿي وڃائي آئي هئينءَ. فراز.... تو سڏ ڪيو. مان ائين تڪڙو پوئتي مڙيو هئس ڄڻ ڪنهن رحم ڀري نينڍ ڏني هجي. تنهنجي ڀر ۾ اچي ويٺو هئس. تون اداسين جي طوفان ۾ اڏامندي محسوس ٿي هئينءَ.“

ڪهاڻي، ”ٻئي ڪپر“ تجريدي آرٽ جو شاهڪار نمونو ڀاسي ٿي. سندس ڪهاڻي ۾ اميجز ۽ عڪس پر اثر ۽ لطافت واري ٻوليءَ ۾ پيش ڪيل آهن.

”قابرو جون اکيون“، ”شور“، ”سرد ماڻهو“ ايس. سرمد سومري جون لکيل ڪهاڻيون آهن. ”قابرو جون اکيون“ ڪهاڻي ۾ ڪجهه اهڙا ڪردار ۽ پهلو آهن، جن ۾ ڪجهه ڪمزوريون محسوس ٿين ٿيون. ڪنهن اجنبي جو لاش لاوارثيءَ جي صورت ۾ هڪ اسپتال ۾ پيو رهڻ ۽ ان جي سارسنڀال، ڪفن دفن جو مسئلو بجاءِ پوليس کاتي جي، عوام ۽ شهرين کي ڪيئن ڪرڻو هو! ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي حوالي سان پوليس کاتي جي ڪجهه ڪاروائي ڏيکارڻ مناسب ۽ ضروري هئي ڇو ته اجنبي لاش جو مسئلو هو ۽ اهڙي لاش جي قانوني طور لک پڙهه ضروري هوندي آهي! لاوارث لاش جا هفتي ٻن کان پوءِ به ڪي وارث يا مٽ مائٽ ظاهر ٿي سگهن پيا. سندس ٻيون ڪهاڻيون ”شور“، ۽ ”سرد ماڻهو“ اسٽائيل ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان سٺيون ڪهاڻيون آهن.

”خواب جو پٽ“، ”انوکو فن“، ”سلجهيل شهر جا واهيات فرد“ ۽ ”اگهاڙا لفظ“. بيوس محرم مغيريءَ جون لکيل ڪهاڻيون آهن.

”خواب جو پٽ“ هن ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪافي غلطيون ڪيون ويون آهن. هڪڙي غلطي اها ته ننڍڙو ٻار چئن مهينن جو ڄميل، زندهه رهي نه ٿو سگهي ڇو ته چئن پنجن مهينن تائين جو عرصو ٻار کي جسماني بناوت ۽ مڪمل صورت ۾ لڳي وڃي ٿو. ٻي غلطي ته ٻار ٻين کان حرامي لفظ ٻڌي پريشاني محسوس ڪري ٿو. قلمڪار خود ڄاڻائي ٿو ته هو ايترو بي سمجهه به ناهي جو حرامي لفظ کي نه سمجهي. وضاحت جي لاءِ سموري ڪهاڻي ماءُ کان ٻڌي ٿو. ماءُ ٻڌائيس ٿي ته مان خواب ۾ شادي ڪئي ۽ اتان تنهنجو جنم ٿيو آهي ۽ ٻار خوشيءَ ۾ پاڻ کي خواب جو پٽ سمجهي کيڏڻ لڳي ٿو، اتي خواب جي لفظ کي الائي ڇو نه ٿو سمجهي ته خواب جو پٽ به ٿيندو آهي ڇا!؟

”انوکو فن“ حقيقت  واري واقعي جي هڪ ڪهاڻي آهي. ڪافي شهرن ۾ اهڙا پينو فقير ڏٺا ويا آهن جيڪي پنهنجي فن سان پاڻ کي معذورن کان به وڌيڪ معذور پيش ڪن ٿا. هنن جو سدائين وارو ڌنڌو ۽ معمول هوندو آهي. ميسيج ۽ فني حوالي سان هيءَ ڪهاڻي سٺو تاثر ڇڏي ٿي.

”سلجهيل شهر جا واهيات فرد“ پريشانيءَ جهڙي حالت ۾ ورتل شخص تي لکي وئي آهي جيڪا هڪ حقيقت آهي ڇو ته جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ تي ڊپريشن اثرانداز ٿئي ٿي ته دنيا جو سمورو ڪاروهنوار ۽ ڪار گذاري کيس اڻ وڻندڙ پئي ڀاسندي آهي. شهر جا ماڻهو کيس واهيات پئي نظر ايندا آهن.

هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙو جملو آهي ته انگريز وڃي چنڊ تائين پهتا آهن ۽ اسان جا جاهل ماڻهو زمين سان چنبڙيا ويٺا آهن، ۽ اها عام چوڻي به آهي ته دنيا چنڊ تي پهتي آهي ۽ اسان اڃا اتي ئي آهيون.

هتي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته چنڊ ڏانهن اهي ماڻهو وڃي سگهن ٿا جيڪي چنڊ ڏانهن وڃڻ جي جستجو ۽ ڪوشش ڪن ۽ اهي چنڊ تي وڃي پهتا به، پر اولهه وارا سمورا انگريز چنڊ گهمي آيا هوندا، اهو ته ممڪن ڪونهي. عام اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته مغربي ملڪ اسان جي ملڪن کان گهڻو مٿي  آهن. ترقيءَ جو مطلب هروڀرو به اهو ڪونهي ته ترقيءَ جي ڪري ڪميون ڪوتاهيون، ظلم، انڌير سڀ جو سڀ اتان ختم ٿي ويا هجن. اسان سنڌين جي تهذيب شاندار رهي آهي. قديم تاريخ ۾ اهڙا کوڙ مثال آهن، تنهنڪري اسان پاڻ کي ٻين کان گهٽ ڇو سمجهون.

”وائرس“، ”ديڳ دنيا جي“، ”قصور“ جمال ڪوريجي جون لکيل هي ٽئي ڪهاڻيون اڄوڪي دؤر ۾ ٿيندڙ سماجي براين ۽ ماڻهن جي اندر ۾ لڪيل منافقتن تي هڪ زوردار چماٽ آهي.

هن مجموعي جي آخري ڪهاڻي آهي- ”صليبن جي آڏو“ جيڪا الطاف امر جي لکيل آهي. هن قلمڪار به قلم ذريعي حقيقتن کي کولي بيان ڪيو آهي. هيءَ ڪهاڻي ٻولي، پلاٽ ۽ مقصديت جي حوالي سان سٺي ڪهاڻي آهي.

حمير جاني

’غيرت جي نالي تي قتل ۽ پوليس ذميواريون‘: هڪ تعارف

 

نه صرف سنڌ ۾ بلڪه پوري پاڪستان ۾ پوليس محڪمي جو ڪردار مشڪوڪ ۽ تشويشناڪ بڻجي چڪو آهي. هيءُ محڪمو پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ سبب عوام ۾ پنهنجو اعتبار وڃائي ويٺو آهي. اها حقيقت آهي ته وڃايل اعتبار ۽ ڀروسو ٽٽڻ کان پوءِ انهن جو ٻيهر جڙڻ ذرا دشوار ۽ ڪٺن عمل آهي. ادارن کي صحيح رخ ۾ هلائبو ته اهي ضرور هلندا، ادارن ۾ ويٺل اهلڪارن جي تربيت ڪبي ته ان جو خوش آئين نتيجو ضرور نڪرندو. اها اڻ ٿيڻي ڳالهه نه آهي، پر انهيءَ خير جي ڪم ۾ ڪير هٿ وجهي ڇو ته هر چڱو ڪم شروع ۾ بظاهر ايذائيندڙ هوندو آهي، پر ان جو تاثير ان ايذائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ سفر کي سهنجو بڻائي ٿو. سائنس ۽ مذه اڃا ان ڳالهه جا قائل آهن ته موجودات ۾ ڪابه اڻ ٿيڻي چيز موجود نه آهي ۽ هر مونجهاري جو علاج موجود آهي. هر ڏکي ۽ پيچيده ڪم کي عام فهم ۽ عوام لاءِ ڪارآمد بڻائي سگهجي ٿو. ان لاءِ فردن ۽ ادارن کي سنجيده ٿي اڳتي اچڻو پوندو. سٺين روايتن جا بنياد رکبا ته ان مان ضرور لاڀ حاصل ٿيندو.

ڪو ماڻهو ڄمندي ڄام نه هوندو آهي پر هو پنهنجي آسپاس واري ماحول کي ڏسي ان مطابق هلندو آهي. شروع ۾ فرد کي بهتر ماحول مليو هوندو ۽ ان جي تربيت به سٺي ٿي هوندي ته اهو فرد سماج لاءِ اڳتي هلي ڪارآمد ثابت ٿي سگهندو. پوليس محڪمي جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ فرض شناس عملدارن پاران ڪوششون ورتيون پيون وڃن. هن سلسلي ۾ هن اداري لاءِ هڪ تربيتي ڪتاب ڇپايو ويو آهي. جيڪو ’غيرت جي نالي تي قتل ۽ پوليس ذميواريون‘ جي عنوان تي UNOPS وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جا لکندڙ عبدالخالق شيخ، شهاب اوستو ۽ اقبال ڏيٿو آهن. هنن صاحبان ۾ عبدالخالق شيخ ڊي.آءِ.جي سنڌ پوليس آهي.

هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۽ اٺن ليڪچرن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ 3 ۽ ٻي ڀاڱي ۾ 4 ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ 2 ليڪچر آهن. ليڪچرن جا عنوان هن طرح آهن:

1.   آنرڪلنگ جا محرڪ: سماجي- سياسي نُڪته نگاهه کان.

2.  آنرڪلنگ جا سماجي- ثقافتي محرڪ

3.  آنرڪلنگ جا سماجي- اقتصادي محرڪ

4.  بنيادي انساني حق (حصو- الف)

5.   بنيادي انساني حق شرڪاء جو هينڊ آئوٽ (حصو- ب)

6.  جنس ۽ صنف جو ادراڪ

7.  عورتن تي تشدد

8.   جاچ ۾ عام رواجي ڪوتاهيون ’تسليم ڪيس‘ مان پرايل سبق

9.  ڪاروائي ۽ جاچ لاءِ هدايتون

 

هيءُ ڪتاب، پوليس محڪمي جي بگڙيل ڪارڪردگيءَ کي اطمينان جوڳو ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ ورتل پهرين ڪوشش آهي. هن تربيتي ڪتاب جي پڌري ٿيڻ کان اڳ ۾ اهڙا اقدام نظر نه ٿا اچن.

هن تربيتي ڪتاب جي سرورق تي صلاح الدين بابر خٽڪ آءِ.جي سنڌ پوليس جو پيغام آهي. جنهن ۾ بابر خٽڪ هن طرح لکيو آهي ته:

”مون کي اهو ڏسي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته سنڌ پوليس پاران ڪاروڪاري جي واقعن کي روڪڻ لاءِ شروع ٿيل پراجيڪٽ هڪ جامع تربيتي ڪتاب `Training Manual` ترتيب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

سنڌ پوليس جي انتظامي سربراهه جي حيثيت ۾ پوليس ٽريننگ منهنجي انتهائي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. هڪ سٺي پوليس جي جوڙجڪ لاءِ بهترين ٽريننگ بنيادي شرط جي حيثيت رکي ٿي. پوليس ٽريننگ جي انيڪ موضوعن مان انساني حقن بابت ٽريننگ هڪ ضروري اهم سمجهيو وڃي ٿو. اسان جي اها شعوري ڪوشش آهي ته پوليس عملدارن کي انساني حقن جي ڄاڻ ۽ انهن جي حفاظت لاءِ پوليس جي ڪردار بابت جامع معلومات ڏني وڃي. جڏهن انساني حقن جي لتاڙ جا واقعا سامهون اچن ٿا، ته انهن ۾ عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد نمايان ڏسجي ٿو. ساڳي ريت ڪاروڪاري يا غيرت جي نالي ۾ ٿيندڙ قتل جي واقعن کي روڪڻ لاءِ پوليس عملدارن جي تربيت جي اشد ضرورت آهي. هيءُ تربيتي ڪتاب، ان سلسلي جي اهم ڪڙي آهي.“

عبدالخالق شيخ ڊي. آءِ. جي سنڌ پوليس جيڪو هن ڪتاب جي ليکڪن منجهان پڻ آهي، ڪتاب تي پنهنجي راءِ ۾ لکيو آهي ته:

هيءُ تربيتي ڪتاب، انهن پوليس عملدارن جي فائدي لاءِ لکيو ويو آهي جيڪي پنهنجن فرضن کي نڀائڻ دوران غيرت جي نالي تي ٿيل قتل جي ڪيسن جي جاچ ڪن ٿا يا اهڙن واقعن کي سري کان روڪڻ لاءِ اُپاءَ وٺن ٿا. ماضيءَ ۾ پوليس جا ڪجهه آفيسر جنهن ريت ڪاروڪاري جي ڪيسن کي غير مهاراڻه طريقي سان هلائيندا رهيا آهن ۽ جاچ ۾ ڇڏيل خامين سبب ڏوهاري جنهن آسانيءَ سان غير ضروري فائدو وٺندا رهيا آهن، ان مان ان امر جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ڪاروڪاري جي واقعن کي ڪاميابي سان روڪڻ ۽ اهڙن قتل جي ڪيسن جي بهترين ۾ معياري جاچ لاءِ هڪ جامع تربيتي پروگرام جوڙڻ کپي. هيءُ مختصر ڪتاب اهڙي احساس، سوچ ۽ ضرورت سبب لکيو ويو آهي.“

انساني حقن جي تصور، عورت جي سماج ۾ حيثيت، انساني حقن جا بين الاقوامي معيار ۽ عورتن مٿان تشدد جي مختلف پهلوئن تي به مواد شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي مواد پڙهڻ سان تربيت هيٺ پوليس عملدار کي اهو احساس ٿيندو ته معاشري ۾ مرد ۽ عورت جو ڪهڙو مقام آهي، عورتن جي حقن جي احترام جي ضرورت ڇو آهي ۽ ان ڏس ۾ رياست جي مختلف ادارن خاص ڪري پوليس جو ڪهڙو ڪردار ٿئي ٿو. ان ضروري ڄاڻ کان پوءِ هن ڪتاب ۾ ڏوهن جي جاچ خاص طور تي غيرت جي نالي ۾ ٿيندڙ قتل جي ڪيسن ۾ ناقص جاچ ۾ جيڪي خاميون رهجي وڃن ٿيون، انهن تي بحث شامل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ مشهور ڪيس ”تسليم سولنگي قتل ڪيس“ جو اڀياس شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان مان سکڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آهي. آخر ۾ پوليس آفيسر پاران پنهنجون ذميواريون معياري ۽ بهترين نموني نڀائڻ لاءِ هدايتون شامل ڪيون ويون آهن.

هيءُ ڪتاب نه رڳو پوليس محڪمي سان لاڳاپيل اهلڪارن جي رهنمائي ڪري ٿو بلڪه عام ماڻهن لاءِ به ڪارائتو آهي. تنهنڪري هيءُ ڪتاب جيترو پوليس محڪمي سان وابسته اهلڪارن کي پڙهڻ گهرجي اوتروئي عام پڙهيل لکيل ماڻهن کي به مطالعو ڪرڻ گهرجي تان ته هو به هن اهم مسئلي جا بنيادي ۽ معروضي سبب ڄاڻي سگهن.

 ”گلزارِ صديق“ جي رونمائي تقريب

سنڌ- هند ۾ هالا جي مخدوم سروري گهراڻي جون علمي ۽ ادبي خدمتون اظهر من الشمس آهن. هيءُ گهراڻو سنڌ ۾ هڪ ممتاز ۽ يگاني حيثيت رکي ٿو. هن گهراڻي جون غوث الحق حضرت مخدوم نوح سرورؒ کان وٺي جناب مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ تائين وڏيون علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنل آهن جن جا مفصل تفصيل ڏبا ته مضمون طويل ٿي ويندو. هن گهراڻي جا فرد هر دور ۾ علم و ادب ۽ شعر و سخن سميت خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ هميشه پنهنجي وڏن جي نقشِ قدم تي هلندا اچن ٿا.

’طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا‘ سنڌ جو مايه ناز ۽ هاڪارو علمي ۽ ادبي ادارو آهي، هن اداري جو بنياد
قبله حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن رکيو هو، جيڪو اڄ به علمي ۽ ادبي خدمت ڪري رهيو آهي. هن وقت هيءُ ادارو جناب مخدوم جميل الزمان ’جميل‘
جن جي سرپرستيءَ ۾ علمي ادبي ڪم ڪار نهايت شاندار انداز ۾ ڪري رهيو آهي. تازو هن اداري طرفان جناب مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ جو ڪتاب
”گلزارِ صديق“ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي مهورت 11- ڊسمبر 2011ع تي هن ئي اڪيڊمي طرفان مخدوم شفيق الزمان آڊيٽوريم هالا ۾ ٿي، جنهن جي مختصر رپورٽ هن طرح پيش ڪجي ٿي:

هيءَ تقريب 5:00 وڳي شروع ٿي، تقريب جي صدارت مخدوم گهراڻي سان تعلق رکندڙ نامور اسڪالر ۽ عالم ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب ڪئي، خاص مهمان پاڪستان پيپلز پارٽي صوبي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري جناب تاج حيدر هو. اسٽيج تي محفل صدر ۽ مهمانِ خاص سان گڏ مخدوم جميل الزمان صاحبِ ڪتاب، جناب محمد يعقوب مغل، جناب سرفراز راڄڙ، جناب نظر محمد ڳاهو، محترمه ناهيد تاج، جناب اختر مرزا، جناب ناز لطيفي، ڊاڪٽر مشتاق ڦُل، جناب ممتاز شاهه، جناب عبداللطيف انصاري، جناب پير ياسين شاهه راشدي، جناب ممتاز شاهه ويٺل هئا. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض محترم سهيل ابڙي ڏنا. تقريب جي ابتدا، ڪلامِ پاڪ سان ڪئي ويئي، جنهن جي سعادت
حافظ عبدالخالق کي نصيب ٿي. شهيد محترمه بينظير ڀُٽو کي ايصال ثواب پيش ڪرڻ لاءِ دعا گهري وئي ۽ گڏوگڏ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر جناب آصف علي زرداري جي صحتيابيءَ لاءِ پڻ دعا گهري وئي. ان بعد ڪتاب- ”گلزارِ صديق“ جي رونمائي رسم ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ’طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا‘ جي چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ تقريب ۾ آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي آجياني ۾ فرمايو ته:

منهنجي هن ڪتاب ۾ حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي حضرت ابوبڪر صديقؓ، ان کان پوءِ مخدوم نوح سرورؒ جي معرفت اسان تائين شجرو ڏنل آهي. هن ڪتاب جي گهربل مواد جي ڳولها ۽ تحقيق لاءِ مان شام، ايران ۽ عربستان به ويس. مخدوم صاحب جن چيو ته اسلام جا خليفا اول حضرت ابوبڪر صديقؓ جن حضور پاڪ ﷺ جن کان پوءِ وڏي هستي هئا، کانئن پوءِ سندن نسل تي صحيح نموني سان تحقيق نه ٿي آهي، ٻين نسبدانن حضرت مخدوم نوح سرورؒ جن جو شجرو حضرت ابوبڪر صديقؓ جن جي فرزند عبدالرحمانؓ سان ملايو آهي، پر اها تحقيق درست نه آهي، پر حضرت مخدوم نوح سرورؒ جو مورث اعليٰ حضرت محمد بن ابوبڪر صديقؓ آهي. مخدوم صاحب جن وڌيڪ فرمايو ته: آءٌ هيءُ شجرو خانداني فخر جي لائق نه لکيو آهي، پر هر ماڻهوءَ کي پنهنجي سڃاڻپ هئڻ گهرجي ته آءٌ ڪير آهيان. هن چيو ته: آءٌ عرب بجاءِ سنڌي سڏائي فخر محسوس ڪريان ٿو، منهنجو ڏاڏو، پڙڏاڏو ۽ تڙڏاڏو به سنڌي هئا، ۽ اسان به سنڌي آهيون. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ذات تي فخر هئڻ گهرجي. مخدوم صاحب جن چيو ته آءٌ حضرت عباس علمبردارؓ ۽ سندن خاندان تي به هڪ ڪتاب تحقيق ڪري تيار ڪيو آهي، جيڪو به انشاءالله جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ ايندو. مخدوم صاحب جن هالا جي حوالي سان فرمايو ته هالا مختلف دورن ۾ علم، ادب ۽ سياست جو مرڪز رهيو آهي. هتي علم، ادب ۽ سياست جي پرورش ٿي آهي. جنرل ضياء جي مارشل لائي دور ۾ هالا آمريت جي عتاب ۾ رهيو، پر اسان ۽ اسان جي هالا جا باشعور ۽ بهادر ماڻهو آمريت جي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪيا. جناب محمد يعقوب مغل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: ”گلزارِ صديق“ هڪ لاجواب ڪتاب آهي، هن ۾ سيدنا حضرت ابوبڪر صديقؓ جي اولاد جا شجرا وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق کان پوءِ پيش ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ مخدوم جميل الزمان بيشڪ داد جي لائق آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ نسبنامن تي ڪوبه تحقيقي انداز ۾ ڪم نه ٿيو آهي ۽ جيڪو ڪم ٿيو آهي، اهو گهڻي ڀاڱي ڌُڪي، قياس آرائي ۽ مفروضن تي ٻڌل آهي، پر ”گلزارِ صديق“ خالص تحقيقي ۽ سائنسي انداز ۾ ڇنڊي ڇاڻي لکيو ويو آهي. جناب نظر محمد ڳاهي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: شاعر، اديب ۽ محقق سماج جا سونهان هوندا آهن. اديبن، ڪلاڪارن، شاعرن ۽ سماج سڌارڪن جي محنتن سان قومون ٺهنديون آهن. هن چيو ته: مخدوم جميل الزمان صاحب به اهڙن ئي شخصيتن ۾ ڳڻجي ٿو، سندن تحقيق ڪيل ڪتاب بهترين آهي. ”گلزارِ صديق“ رڳو شجرو نه آهي، پر هيءُ تاريخ جو هڪ ڀنڊار آهي، هيءُ ڪتاب 51 ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ديني ادب ۾ مولانا غلام محمد گرامي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جون وڏيون خدمتون آهن، پر جيڪي خدمتون هالا جي مخدوم گهراڻي جون آهن، اهي به ذڪر جوڳيون آهن. هالا علمي ۽ ادبي خدمتن سميت ديني خدمتن ۾ پاڻ ملهايو آهي. جناب سرفراز راڄڙ چيو ته: هيءُ ڪتاب مخدوم صاحب جن وڏي محنت ۽ جذبي سان تحقيق ڪري تيار ڪيو آهي. هن چيو ته هالا علم و ادب جو مرڪز آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته هالا وارا خوش نصيب آهن جو هنن جي سياست سان گڏوگڏ علم و ادب جي پرورش ٿي آهي. هن چيو ته ”گلزارِ صديق“ قابلِ تحسين ڪتاب آهي. شجري جي حوالي سان مخدوم صاحب وڏي عرق ريزيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. خاص مهمان تاج حيدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ڪلچر تي سنڌ ۾ مخدوم گهراڻي جون ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. هن چيو ته هالا سياست سميت علم و ادب جي حوالي سان به وڏو مرڪز رهيو آهي. هالا تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو به اثر رهيو آهي. صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب چيو ته: حضرت ابوبڪر صديقؓ جن کي حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي پاڻ تائين شجرا برزبان ياد هوندا هئا. شجرا سازي هڪ فن آهي، اهو فن هر ڪنهن وٽ نه هوندو آهي. هن چيو ته: مون کي تعجب آهي ته مخدوم جميل الزمان صاحب گهڻو مصروف هوندي به تحقيق جهڙي محنت طلب ڪم لاءِ ڪيئن وقت ڪڍي ٿو. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ به سرڪاري مصروفيت هوندي به علمي ۽ تحقيقي ڪمن کي وقت ڏيندو هو. اها تمام وڏي ڳالهه آهي. هن چيو ته ”گلزارِ صديق“ مخدوم جميل الزمان صاحب جي لازوال تحقيق جو ثمر آهي، هيءُ ڪتاب شجرن لاءِ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.

هيءَ تقريب 7:00 وڳي پنهنجي اختتام تي پهتي. آخر ۾ آيل مهمانن جو شڪريو مڃيو ويو.

(رپورٽ: خليل الرحمان مٽياروي

شمس العلماء مرزا قليچ بيگؒ ۽  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي سالگره تقريب

شمس العلماء مرزا قليچ بيگؒ ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سنڌي ادب جا ٻه اهڙا صد احترام نالا آهن، جن جي تذڪري کان سواءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب اڻپورو ۽ بي سواد رهجي ويندا. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ساري حياتي لکندي ۽ پڙهندي گذري، هن ساڍن چئن سؤن کان به مٿي ڪتاب لکيا. افسانوي ادب ۽ تحقيقي ادب سميت سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي به قابلِ تحسين ڪم ڪيو. اهڙي نوعيت ۽ معيار جو ڪم ورلي ڪنهن عالم ڪيو هوندو. مرزا صاحب جي علمي ڪارنامن ۽ خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سرڪار طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”مرزا قليچ بيگ چيئر“ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جتي مرزا صاحب جي ڪيل علمي، ادبي ۽ تحقيقي پورهئي تي ڪم ٿي رهيو آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن جو به سنڌي ادب ۾ تمام وڏو نالو ۽ مقام آهي. پاڻ پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ نه رڳو اديب، شاعر، ماهر لسان ۽ لغت نويس هئا، پر ان کان وڌيڪ هو شفيق ۽ بردبار طبعيت جا مالڪ هئا. پاڻ ڪيترائي ادارا ٺاهي هلايائون. شاعريءَ ۾ به پاڻ يڪتا هئا، ڪافيءَ تي کين ملڪو حاصل هُئنِ ۽ هو جديد ڪافيءَ جا پڻ باني هئا. ازان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ۽ لغت نويس به هئا. سندن ترتيب ڏنل ڪتاب- ”لغاتِ سنڌي مخففات“، ۽ ”يادِ رفتگان“ علمي حلقن ۾ نهايت قدر جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. سندن ٻن ڊزن کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان انهن نامور شخصيتن جا جنم ڏهاڙا سندن جنم تاريخ 4- آڪٽوبر تي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري ۾ سادگيءَ واري انداز ۾ ملهايا ويا. هن پروقار تقريب جي صدارت بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ۽ بورڊ جي فنانس ڪاميٽيءَ جي چيئرمن جناب نظر محمد ڳاهي صاحب ڪئي. خاص مهمان بورڊ آف گورنرس جو ميمبر جناب سرفراز راڄڙ صاحب هو. ان موقعي تي آجياڻي تقرير ڪندي بورڊ جي سيڪريٽري (نگران) جناب الهڏتي وگهئي صاحب چيو ته: شمس العلماء مرزا قليچ بيگؒ ۽ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سنڌي علم و ادب جا اهي چمڪندڙ ستارا آهن، جيڪي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ڪڏهن به نه اُجهامندا، جيستائين هن ڪائنات جو وجود باقي هوندو تيستائين هي نالا به ادب جي افق تي پيا جگمگائيندا رهندا. هن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي حوالي سان چيو ته قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ اسان سڀني بورڊ واران لاءِ ڇپر ۽ ڇانءُ هئا، قبله سانئن جي دعائن سان آءٌ اڄ هن ڪرسيءَ تي پهتو آهيان. هن چيو ته 90 واري ڏهاڪي کان وٺي قبله سانئن جو ڪوبه ڏهاڙو نه ملهايو ويو آهي پر اسان بزرگن جي ڏهاڙن ملهائڻ جي شروعات ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ڪاوشن تي ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي، مرزا صاحب جو ڪم تمام وڏو آهي. بورڊ مرزا صاحب جو قرضي آهي. سنڌي ادبي سنگت ڄام شوري جي جوائنٽ سيڪريٽري محترم محمد يوسف جويي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ اهڙو تحقيقي ادارو آهي جيڪو سنڌ جي علم، ادب، تاريخ، ٻولي، ڪلچر ۽ لغت تي ڪم ڪري ٿو ۽ عالمن اسڪالرن کي مان بخشي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ کي جن به شخصيتن ٺاهيو انهن جا به ڏينهن ملهائڻ گهرجن، ڇو ته اهي هن اداري جا باني هئا ۽ هيءُ ادارو انهن جو مقروض آهي. هن چيو ته 90 واري ڏهاڪي کان پوءِ هن اداري ڪابه ذڪر جوڳي ترقي نه ڪئي آهي. اهڙن اسڪالرن، عالمن ۽ ذهين ماڻهن جي مقرري نه ٿي آهي، جنهنڪري بورڊ تحقيق جي حوالي سان ڪي نيون شيون ميدان تي نه آنديون آهن. موجوده بورڊ آف گورنرس کي اُن طرف غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ادب، ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ وسيع موضوع آهن، انهن تي ان معيار جا اسڪالر، عالم ۽ محقق هتي هئڻ گهرجن ته جيئن بورڊ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو وڃايل عالمي معيار بحال ڪري سگهي. صحافي حاڪم علي چانڊئي ٻنهي نامور شخصيتن تي مقالو پڙهندي چيو ته: اهي ٻئي نالا ادب جي دنيا تي حاوي رهيا آهن. هن چيو ته مرزا قليچ بيگؒ جنهن دور ۾ ڪتاب لکيا، انهن ڏينهن ۾ پريسون به نه هيون، پر هن جيترا ڪتاب لکيا، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اديب ايترا ڪتاب نه لکيا آهن. ماهوار ”سرتيون“ جي ايڊيٽر محترمه گلبدن جاويد مرزا چيو ته شمس العلماء مرزا قليچ بيگؒ جون علم و ادب ۽ تحقيق ۾ وڏيون خدمتون آهن. سندن ڪم تي نئين سر تحقيق ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ ۽ منهنجا والد بزرگوار ٻئي هڪٻئي جا جگري دوست هئا. منهنجو والد بزرگوار شهيد احمد خان آصف مصراڻي وڏي پايي جو شاعر هو، هن وڌيڪ چيو ته ”سرتيون“، رسالو منهنجي ڪري ئي سنڌ جي عورتن کي تحفي ۾ مليو آهي، هن چيو ته اسان گهڻو عرصو آمريت واري دور ۾ رهيا آهيون، جنهنڪري پنهنجي قومي رهبرن جا ڏهاڙا ملهائي نه سگهيا آهيون.

مرحوم خان محمد پنهور جي بيوهه محترمه نسيم پنهور چيو ته آءٌ ٻنهي شخصيتن کي ننڍپڻ کان پڙهندي آئي آهيان، هو ٻئي علم، ادب ۽ تاريخ جي حوالي سان وڏا عالم ۽ اسڪالر هئا، سندن خدمتون وسيع آهن. هن چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي علمي خدمتن تي تحقيق يا پي ايڇ.ڊي وغيره ٿيڻ گهرجي. خاص مهمان جناب سرفراز راڄڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سنڌ جي نهايت ئي اعليٰ شخصيت ۽ فقير منش ماڻهو هو، جنهن زندگيءَ جو آخري حصو سنڌي ابي بورڊ کي ارپيو. مخدوم صاحب بورڊ ۽ بورڊ جي ملازمن لاءِ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. مخدوم صاحب ڄام صادق علي جهڙي سخت گير ماڻهوءَ کان بورڊ لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ورتا. هن چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سنڌي ادبي بورڊ کي ٻيهر جيئاريو. هن وڌيڪ چيو ته مخدوم جميل الزمان صاحب جن پنهنجي ڏاڏي سانئن جا تسلسل آهن ۽ هو به بورڊ ۽ بورڊ جي ملازمن لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. هن مرزا قليچ بيگؒ بابت پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مرزا صاحب اڻويهين صديءَ جو وڏو اديب ۽ وڏو داناء ماڻهو هو. هن جهڙا ماڻهو اسان وٽ تمام گهٽ پيدا ٿيا آهن. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو مرزا صاحب جا قرضي آهن. آخر ۾ جناب نظر محمد ڳاهي صاحب صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ امڙ پنهنجي گود ۾ تمام وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن جا ڪارناما تمام وڏا آهن ۽ انهن تي صديون فخر محسوس ڪنديون. هن چيو ته مرزا قليچ بيگ ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ پاڻ ته وڏا اديب ۽ عالم هئا پر سندن نسل ۾ به ادبي ۽ علمي سلسلو ڇڏي ويا. هن چيو ته جديدي سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڪم ٿيل آهي. هن ڊرامي، ناٽڪ، ناول، ڪهاڻي سميت ٻاراڻي ادب تي لاجواب ڪم ڪيو. هو رڳو اديب نه پر ادبي معمار به هو. هن چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سان منهنجون رهاڻيون ڪافي ڀيرا ٿيون. مخدوم صاحب هر طرح سان عظيم ڪردار هو. هن جناب ذوالفقار علي ڀُٽي کان گورنري نه ورتي پر سنڌي ادبي بورڊ گهُري ورتو. هن چيو ته زنده قومون، پنهنجي هيرن کي ياد ڪنديون آهن، اڄ اسين سنڌي ادب جي ٻن هيرن کي ياد ڪري دلي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون.

هيءَ تقريب، شام جو 6:00 وڳي شروع ٿي ۽ رات جو 8:00 وڳي پنهنجي اختتام تي پهتي. هن تقريب جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄام شوري جي سيڪريٽري محترم محمد علي گهانگهري صاحب هلائي. هن تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄام شوري پڻ سهڪار ڪيو.

(رپورٽ: سعيد احمد سولنگي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com