ديدار ديوانو گاڏهي
غزل
اي بتي ڏي روشني، مان لکان محبوب تي،
ساٿ ڏي تون زندگي، مان لکان محبوب تي.
راهه ۾ قربن سندي، سجايل هِي رهي،
سون ٿي ساري مٽي، مان لکان محبوب تي.
تل نه ڪيان
مان سنڌ جو، ڇو نه ڪو شاهه هجي،
چمڪندي هر هڪ گهٽي، مان لکان محبوب تي.
آسري تنهنجي سان، هون سدا ويٺا سخي،
شاد ڪر آيل ڏکي، مان لکان محبوب تي.
وار ٿي کولي جڏهن، ٿا ڪڪر ڀي ڇانئجن،
چنڊ جهڙي ڇوڪري، مان لکان محبوب تي.
شل امڙ جي هيءَ دعا، رنگ ڪو لائي ڇڏي،
موٽ کائي سا خوشي، مان لکان محبوب تي.
گهاوَ ٿا هي روز شب، جاڳ کائن جيءَ ۾،
آ دعا ٿي دل سکي، مان لکان محبوب تي.
گيت
رستي جو پٿر، ڄڻ ٿي ويو هان،
نفرت جو شهر، ڄڻ ٿي ويو هان.
جذبا چور ٿي، ويڙا منهنجا،
ساٿي ڏور ٿي، ويڙا منهنجا،
زهريلي نظر، ڄڻ ٿي ويو هان.
ڪلٽي ديس ٿيو، آ سپنن جو،
هڪ لاش، نه مليو جذبن جو،
طوفاني لهر، ڄڻ ٿي ويو هان.
بارش بِن آ، ڪاڇو جيون،
زندهه هوندي، لاشو جيون،
دردن جي ڊگر، ڄڻ ٿي ويو هان.
غزل
اکين کي الائي، روئڻ ڇو وڻيو آ،
لڳي ٿو حصي ۾، نئون غم لکيو آ.
گذاري هميشه، جواني ڏکن ۾،
ڏکي ٿي گذاريم، ڏکن کي پڙهيو آ.
حقيقت اندر جي، خدا ئي ٿو ڄاڻي،
امان مون کي شايد، ڏکن لئه ڄڻيو آ.
نڀاڳي هيءَ قسمت، جنهن ٿئي روئاريو،
پراون سان گڏجي، پرين ڀي ويو آ.
ڏئي سيج سوڙهي، اتان ڏيهه موٽيو،
خبر ناهي اِتڙي، ثمر ڇا مليو آ.
نگاهون ترارون، لڪائي پرين گُهم،
اڳي ڏيهه سارو، وڍيو پيو وڍيو آ.
پروڪيون پچارون، پرين ڏي نه هاڻي،
کڻي وٺ حصي ۾، جو اڄ هت ڳڻيو آ.
سنڌي جديد ادب
سنڌي جديد ادب ۽ ان جو مقصد ۽ افادي پهلو هر خيال
سان توجهه جي قابل آهن. اهو فن ڪي اهڙيون خصوصيتون
رکي ٿو، جن ڏانهن اسان جي گهڻن دوستن جو ممڪن آهي
ته خيال نه ويو هجي. افسوس اهو آهي ته اڄڪلهه هن
فن جون رڳو اوڻايون ئي شمار ڪيون وڃن ٿيون، حالانڪ
”عيبِ مـﻶ جمله بگفتي، هنرش نيز بگو“ تي به خيال
ڪرڻ گهرجي.
سنڌي جديد ادب جي لساني خصوصيت اها آهي جو منجهس
زبان جي سلاست ۽ لطافت سان گڏ، هن ملڪ ۽ قوم جي
تهذيبي ۽ ثقافتي روح ۽ مزاج جي ترجماني موجود آهي.
ٻيو ته هن ادب ۾ اصليت ۽ پنهنجائپ آهي. ان جا
ڪردار، استعارا ۽ ڪنايا، سڀ هتي جي تاريخ ۽ تهذيب
مان ورتل آهن؛ هروڀرو ايران ۽ مغرب جي تقليد ڪانه
ڪئي ويئي
آهي.
هن فن جي اها به خصوصيت آهي جو ان ۾ فنڪار جي ذاتي
تجربي ۽ مشاهدي کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. رڳو
پٽيل ۽ ڪٽيل، زنگ آلوده ۽ فرسوده فن کي ورجايو نٿو
وڃي؛ نڪو ٻاهرين ۽ ڌارين استعارن سان اجنبي ۽
غيرمانوس ماحول پيدا ڪيو وڃي ٿو.
اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هلندڙ دور ۾ اسان
جي ڪلاسيڪي ادب مان سڀ کان اول ڪافي، وائي، بيت ۽
ڏوهيڙي کي جناب مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘
نئين زندگي بخشي آهي. سندن فن ۾ تجديد ۽ اجتهاد جا
ڪيئي سهڻا نمونا موجود آهن. ان سان گڏ، اها به
حقيقت آهي ته اسان جي جديد ادب ۾ به ڪافي ۽ وائي،
بيت ۽ ڏوهيڙي کي پيش ڪيو ويو آهي. ان جي هيئت ۽
اسلوب ۾ ڪابه بيجا هٿچراند نه ڪئي ويئي آهي.
جديد ادب ۾ خيال جي ندرت کي به وڏي اهميت حاصل ٿي
چڪي آهي. خيال پراڻو هجي يا نئون، ان کي ڪڏهن جديد
اسلوب پهرايو وڃي ٿو، ته ڪڏهن کيس هن نئين دور جي
ڪنهن نئين مسئلي سان ملايو وڃي ٿو، ۽ ان ۾ ندرت ۽
تازگي پيدا ڪئي وڃي ٿي.
سنڌي جديد ادب جي سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها به آهي
ته ان جي پرک ۽ ڄاڻ لاءِ جي به معيار قائم ڪري
سگهجن ٿا، اهي ڪي ڌاريا ۽ اڌارا نه آهن؛ انهن جون
پاڙون سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ کُتل آهن. جديد ادب وارن
نه فقط انهن سرچشمن سان پنهنجي فن جو ربط ۽
ڳانڍاپو قائم رکيو آهي، بلڪ ان ۾ پنهنجي زماني جي
تقاضائن جي ترجماني به ڪئي آهي. فني حيثيت سان اها
تجديد آهي، جا پائدار به آهي ۽ اصليت تي مبني به
آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ بيتن، ڏوهيڙن، ڪافين ۽
واين لکڻ وارا ڪامياب شاعر ٿورا آهن، ڇالاءِ ته
سندن فن کي پرکڻ وارا ماڻ ۽ توراڙا اڳيئي موجود
آهن. انهن جي مقابلي ۾، ٻيءَ شاعريءَ، غزل ۽ نظم
جي سلسلي ۾ جو ڪجهه لکيو وڃي ٿو، اهو پرکڻ کان
سواءِ ئي قبول ڪيو وڃي ٿو، ڇالاءِ ته انهن جا ماڻ
اسان جا ڪلاسيڪي ادب ۾ آهن ئي ڪين؛ اهي صنفون به
ڌاريون ۽ اڌاريون آهن، ته انهن جا ماڻ ۽ ماپا به
ڌاريا ۽ اڌارا آهن.
غلام محمد گرامي
ايڊيٽوريل تان کنيل اقتباس
ٽماهي ”مهراڻ“ 2-3/1964ع
ڊاڪٽر حافظ شبير احمد چنه
دعا جو اسلامي تصور ۽ شيخ اياز جي گهريل دعائن جو
مطالعو
شيخ اياز، سنڌ جو وڏو شاعر آهي، 10 جنوري 2007ع تي
سندس ادبي ڪارنامن تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪانفرنس
رکي وئي، ان مناسبت سان مون دعا جي اهميت، قرآن
پاڪ ۽ حديث شريف جي روشنيءَ ۾ بيان ڪئي ۽ ان سان
گڏ شيخ اياز جي دعائن ۾ جيڪا نفس ۽ سماج جي اصلاح
جي تڙپ موجود هئي، ان جي پيش نظر هيءُ مقالو تيار
ڪيو.
دعا جي اهميت:
الله تعاليٰ دعا جي باري ۾ فرمايو: ”وَقَالَ
رَبُّڪُمُ ادۡعُوۡنِيۡ اَسۡتَجِبۡ لَکُمۡ اِنَّ
الَّذِيۡنَ يَسۡتَکۡبِرُوۡنَ عَنۡ عِبادَتِيۡ
سَيَدۡخُلُوۡنَ جَهَنَّمَ دَاخِريۡنَ (1).
ترجمو: ”توهان جي رب فرمايو ته توهان مون کي سڏيو
ته توهان جي دعا قبول ڪريان، جيڪي منهنجي عبادت
کان وڏائي ڪن ٿا، اُهي جلد جهنم ۾ داخل ٿيندا.“
هن آيت پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته توهان مون
کان دعا گهرو ته توهان جي دعا قبول ڪريان ۽ ٻي
ڳالهه ته دعا کي عبادت فرمايو ويو آهي، ته جيڪي
الله جي عبادت کان وڏائي ڪندا ته جهنم ۾ ذليل ٿي
داخل ٿيندا. هتي دعا جو حڪم ملي ٿو ۽ هي ته دعا
عبادت آهي. دعا جي لغوي معنيٰ آهي- سڏڻ ۽ اصطلاحي
معنيٰ الله تعاليٰ کان عاجزي ۽ انڪساري جي حالت ۾
پنهنجي حاجت گهرڻ ۽ عرض ڪرڻ. هن آيت پاڪ مان دعا
جو حڪم ملي ٿو، ته دعا جي قبوليت جي خوشخبري به
ملي ٿي.
امتِ مسلمه جون 3 خصوصيتون:
قتاده بيان ڪندا هئا ته ڪعب الاحبار جيڪي وڏا
علماء يهود مان حضرت عمرؓ جي هٿ تي مسلمان ٿيا
هئا. سٺا مسلمان ٿيا، اهي بيان ڪندا هئا ته هن
اُمت کي گهڻيون ڪرامتون خاص عطا ٿيون، انهن مان 3
ڳالهيون هي آهن:
1. پهرين امتن ۾ جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن پيغمبر کي
موڪليو فقط ان جي واسطي هي ڪرامت
فرمائي ته تون پنهنجي امت تي شاهد ٿين ۽ هن امت
وارا شڪر ڪن ته توهان کي الله تعاليٰ سڀني امتن تي
شاهد عادل قرار ڏنو آهي.
2. پهرين امتن جي فقط پيغمبرن کي چيو ويندو هو ته
توکي دين ۾ ڪا تڪليف نه آهي. حالانڪه هن امت
محمديه جي واسطي عموماً فرمايو: ”مَاجَعَلَ
عَلَيۡکُمۡ فِي الدِّينِ مِنۡ حَرَجٍ“ يعني دين ۾
توهان تي حرج ۽ تڪليف نه رکيائين.
3. پهرين امتن ۾ صرف پيغمبر کي چيو ويندو هو ته
تون مون کان دعا گهر ته تنهنجي دعا قبول ڪندس.
حالانڪه الله تعاليٰ هن امت واسطي عام فرمايو:
”اُدۡعُوۡنِي اَسۡتَجِبۡ لَکُمۡ“ يعني توهان مون
کان دعا گهرو ته توهان جي دعا قبول ڪندس. (ابن ابي
حاتم) (2).
دعا جي فضيلت:
حضرت انسؓ کان روايت آهي ته حضور اڪرمﷺ جن فرمايو
”اَلدُّعُاءُ مُخُّ الۡعِبَادَةِ“ رواه الترمذي
(3)
ترجمه: دعاء عبادت جو مغز آهي. سلمان فارسيؓ کان
روايت آهي ته رسول اللهﷺ جن فرمايو: ”لَايَرُدُّ
الۡقَضَآءَ اِلَّا الدُّعَاءُ وَلَا يَزِيۡدُ فِي
الۡعُمۡرِ اِلَّا الۡبِرُّ“ (4)
ترجمه: تقدير دعا واپس ڪري سگهي ٿي گويا دعا جي
تاثير ۽ مصيبت جي ٽرڻ ۾ مبالغه آهي، تا ته جيڪڏهن
تقدير کي واپس ڪرڻ ممڪن ٿئي ها! ته اهو دعا کان
حاصل ٿئي ها! عمر ۾ نيڪي واڌارو ڪري سگهي ٿي.
هن حديث مان معلوم ٿيو ته دعا تقدير کي واپس ڪري
سگهي ٿي، جو تقدير مٽجي. دنيا جي ماڻهوءَ کان
توهان ڪابه شيءِ گهرندؤ ته ڪاوڙجي ويندو پر الله
تعاليٰ کان دعا نه گهرندؤ ۽ پنهنجي حاجت نه گهرندؤ
ته ناراض ٿيندو.
ابوهريره ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن
فرمايو ته: ”مَنۡ لَّمۡ يَسۡاَلِ اللهَ يَغۡضَبۡ
عَلَيۡہِ“ رواه الترمذي (5)
ترجمو: جيڪو شخص الله تعاليٰ کان حاجت نه گهرندو
ته الله تعاليٰ ان تي ناراض ٿيندو.
ابوهريرهؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو
ته: توهان الله تعاليٰ کان دعا گهرو ته توهان کي
قبوليت جو يقين هجي ۽ ڄاڻو ته الله تعاليٰ غافل دل
واري جي دعا قبول نه ٿو ڪري. ترمذي (6)
هن حديث مان معلوم ٿيو ته جڏن ماڻهو الله تعاليٰ
جي بارگاهه ۾ دعا گهري ته اهو يقين رکي ته منهنجي
دعا قبول ٿي ڇو ته غفلت سان دعا گهرندو ته اها دعا
قبول نه ٿيندي، پوري توجهه سان دعا گهري ۽ ائين نه
سوچي ته دعا قبول ٿيندي الائجي نه.
دعا جي مقبوليت جا وقت:
1. شَبِ قدر
2. نائين ذوالحج جو ڏينهن
3. ماهه رمضان المبارڪ
4. جمع جي رات
5. جمع جو ڏينهن
6. هر رات جي آخري ٽهائي رات
7. جمع جي ڏينهن ۾ هڪ گهڙي (7)
اقوال صحابه ۽ تابعين مان ٻن وقتن کي ترجيح ثابت
ٿئي ٿي.
1. جنهن وقت امام خطبه لاءِ ويهي، نماز کان واندي
ٿيڻ تائين.
2. ٽيپهري کان بعد سج لهڻ تائين (الخ) (8).
دعا جي مقبوليت جون جايون:
مَڪہ مڪرمه ۾ قبوليت جون (15) جايون آهن:
1. طواف ۾
2. ملتزم وٽ
3. ميزابِ رحمت
4. بيت الله جي اندر
5. زم- زم جي کوهه وٽ
6. صفا
7. مروه تي
8. صَفا مَروه ڊوڙڻ جي ميدان ۾
9. مقامِ ابراهيم جي پٺيان
10. عرفات ۾
11. مزدلفه
12. مَنيٰ ۾ ۽ ٽن جمرن وٽ (9).
شيخ اياز جون دعائون:
شيخ اياز دعا گهري ٿو:
منهنجي دشمن تي به رحم ڪر. ص 19
ٻئي تي رحم ڪرڻ ايستائين جو دشمن لاءِ ڀلائي جي
دعا ڪرڻ اهو نيڪوڪارن جو ڪم آهي، ان طرح سماج مان
ڪينو، بغض، نفرت ختم ٿيندي ۽ مسلمانن ۾ ڀائپيءَ جو
جذبو پيدا ٿئي ٿو جو حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو:
”اَلۡمُسۡلِمُ اَخُو اۡلمُسۡلِمِ“ (10). ترجمو:
مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آهي. حضور ﷺ جن فرمايو:
”اَلۡمُسۡلِمُ مَنۡ سَلِمَ اۡلمُسۡلِمُوۡنَ مِنۡ
لِّسَانِہٖ وَيَدَهٖ“ (11). ترجمو: مسلمان اهو آهي
جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان سلامت رهن.
حديث ۾ آهي: ”اَلرَّاحِمُوۡنَ يَرۡحَمُهُمُ
الرَّحۡمٰنُ اِرۡحَمُوۡا مَنۡ فِي اۡلاَرۡضِ
يَرۡحَمُکُمۡ مَّنۡ فِي السَّمَاءِ“(12). ترجمو:
رحم ڪرڻ وارن تي الله تعاليٰ رحم ڪري ٿو، توهان
زمين وارن تي رحم ڪريو ته آسمان وارو توهان تي رحم
ڪري.
حضورﷺ جن فرمايو: ”مَنۡ لَّايَرۡحَمُ
لَّايُرۡحَمُ.“ يعني جيڪو ٻئي تي رحم نه ڪندو، ان
تي رحم نه ڪيو ويندو(13).
يارب!
تون منهنجي ويريءَ تي، ڇپر ڇانوَ ٿيءُ جي مان توکي
چوان ته هن تي پهاڙ پَٽي اُڇلاءِ ته مون کي نه
ٻُڌ! منهنجي روح کي پنهنجي اٿاهه رحمت جي لهر
بڻاءِ سڀ تي ٻاجهه ڪر تون جو ٻاجهارو آهين. ص 19
هن دعا ۾ شيخ اياز، حضور اڪرم ﷺ جن جي دعا جي
اقتدا ڪئي آهي، جو امام مسلم صحيح مسلم ۾ ابوهريره
ؓ کان روايت ڪئي آهي ته حضور ﷺ کي چيو ويو ته
توهان مشرڪن تي بددعا نه ٿا ڪريو؟ پاڻ فرمايائون
ته مان لعنت ڪندڙ ڪري نه موڪليو ويو آهيان، مان ته
فقط رحمت ڪري موڪليو ويو آهيان(14). امام احمد بن
حنبل ؒ سلمان فارسي ؓ کان روايت ڪئي آهي ته رسول
الله ﷺ جن خطبو پڙهيو ۽ چيو ته جنهن شخص کي مون
پنهنجي امت مان بُروچيو يا لعنت ڪئي پنهنجي ڪاوڙ
جي حالت ۾ ته مان هڪ ماڻهو آهيان، اولاد آدم مان
جيئن ماڻهو ڪاوڙجن ٿا، مان به ڪاوڙجان ٿو. الله
تعاليٰ مون کي جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي ته
الله تعاليٰ منهنجو چوڻ اُنهن جي حق ۾ قيامت ڏينهن
رحمت ڪجانءِ. (ابودائود) (15)
الله تعاليٰ حضور ﷺ جن جي اخلاق ۾ فرمايو: ”وَمَا
اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا رَحۡمَةً
لِّلۡعَالَمِيۡنَ(16).“
ترجمو: اسان توهان کي جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو
آهي.
ان ڪري صوفياءِ ڪرام حضور ﷺ جي تابعداريءَ ۾ دشمنن
سان به ڀلائي ڪندا هئا.
شيخ سعديؒ فرمائي ٿو:
شنيدم که مردانِ راهِ خدا
دلِ دشمنان هم نه کردند تنگ
ترا کي ميسر شود اين مقام
که بادو ستانت خلاف ست و جنگ (17).
ترجمو: ٻڌو اٿم ته خدا وارا دشمنن کي به تنگ،
پريشان نه ڪندا آهن. توکي ولايت جو مقام، مرتبو
ڪيئن حاصل ٿيندو جو تون دوستن سان به وڙهين ٿو.
يارب!
مون کي حسد جي باهه کان پناهه ڏي، هر حاسد کي
پنهنجي دوزخ مان ڪڍ! هن جي دل تان زنگ مِٽائي اُن
کي آئيني وانگر صيقل ڪر. ص 12
هن دعا ۾ شيخ اياز اصلاح معاشره ۽ سماج جي طرف قدم
وڌايو آهي.
پهريائين ته اصلاح نفس جي طور تي حسد کان پناهه
گهري آهي جو الله تعاليٰ انسان کي حاسد جي شر کان
پناهه جي تعليم فرمائي آهي. فرمايو ويو آهي ته:
”وَمِنۡ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ“ يعني حاسد جي
شر کان پناهه گهران ٿو جڏهن حسد ڪري.
شيخ اياز دعا گهري ٿو: حاسد کي حسد ڪرڻ کان بچاءِ
جو حسد معاشري لاءِ تباهه ڪرڻ وارو مرض آهي جو
حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو: وَلاَتحاسَدُوۡا (18)
ترجمو: حسد نه ڪريو.
حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو: ”اِيَّاکُمۡ وَالۡحَسَدَ
فَاِنَّ اۡلحَسَدَ يَاۡکُلُ اۡلحَسَنَاتِ ڪَمَا
تَاۡکُلُ النَّارُ اۡلحَطَبَ.“ (رواه ابو دائود)
(19)
ترجمو: توهان حسد کان بچو، حسد نيڪين کي ائين ٿو
کائي جيئن باهه سُڪين ڪاٺين کي کائي ويندي آهي.
هن دعا سان شيخ اياز حسد کي سماج مان ڪڍڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي.
يارب!
مون کي معافي ڏي! نقصان مون پنهنجو ڪيو آهي، جي
مان اڳ ۾ تنهنجي اڳيان سِر جهُڪايان ها! ته هيل
تائين سوين رسالا لکي وڃا ها! تنهنجي سخاوت سانوڻ
کان وڌيڪ آهي (ص25). ۽ تون بار بار قوس قدح کي
منهنجي جهوليءَ ۾ اُڇلائي رهيو آهين.
مان ڪير جو تنهنجو احسان لاهي سگهان پر مون کي
مهلت ڏي، مون کي مهلت ڏي ته مان ....... آمين ثم
آمين. ص 26
شيخ اياز هن دعا سان توبهه جو سبق سيکاريو آهي، ته
جيترو ٿي سگهي جلد ماڻهو الله تعاليٰ ڏي توبهه
تائب ٿئي. الله تعاليٰ طرف متوجهه ٿيڻ سان اصلاح
نفس آهي ۽ سماج جي به اصلاح ٿيندي.
انسان تي واقعي الله تعاليٰ جا احسان گهڻا آهن،
اهي ٿورا لاهڻ ته ڇا! ڳائي به نه ٿا سگهجن. الله
تعاليٰ فرمايو: ”وَاِنۡ تَعُدُّوۡا نِعۡمَةَ اللهِ
لَا تُحۡصُوۡهَا“(20). ترجمو: جيڪڏهن توهان الله
تعاليٰ جون نعمتون ڳڻيندئو ته ڳڻي به نه ٿا سگهو.
يا رب العالمين!
مون کي اها استطاعت ڏي ته ڪاري ۽ ڪوجهي لاءِ دل ۾
ڌڪار نه رکان ۽ ڪنهن کي نٻل ۽ نڌر ڏسي ان جو ساٿ
نه ڇڏيان. اڳتي آهي ته مون کي سگهه ڏي ته مان هن
جون ڪمزوريون لنوايان ۽ جڏهن به هو کڏ ۾ ڪري تڏهن
هن کي هٿ ڏئي ٻاهر ڇڪي وٺان ۽ ان وقت ۾ ان ۾ تميز
نه ڪريان ته هو منهنجو دوست آهي يا دشمن. (ص 26)
شيخ اياز هن دعا ۾ سبق ٿو ڏئي ته رنگ ۽ نسل جو فرق
نه هئڻ کپي، انڪري حضور ﷺ جن مساوات جو درس ڏنو.
حديث حبيب بن خراشؓ ۾ آهي ته مسلمان پاڻ ۾ ڀائر
آهن، ڪنهن کي ٻئي تي ڪا ئي فضيلت نه آهي، مگر
تقويٰ سان (الطبراني) (21).
حديث ابوذرؒ ۾ آهي ته تون پاڻ ڏي نظر ڪر ته ڪنهن
اڇي يا ڪاري کان ڀلو نه آهين مگر جڏهن ته توکي
الله تعاليٰ جي تقويٰ ۾ ان تي فضيلت هجي.(22)
حديث ۾ آهي: ”اَلنَّاسُ کُلُّهُمۡ بَنُوۡ آدَمَ وَ
آدَمُ مِنۡ تُرَابٍ“(23). يعني ماڻهو سڀ آدم عليه
السلام جي اولاد آهن ۽ آدم عليه السلام مٽيءَ مان
پيدا ٿيو. مٽيءَ جي خاصيت تواضع، جهڪائي آهي.
انسان نوڙت ڪري، تڪبر، وڏائي نه ڪري.“ وڏائي الله
جي ذات لاءِ آهي.
الله تعاليٰ فرمايو: ”اِنَّ اَڪۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ
اللهِ اَتۡقٰکُمۡ“(24). ترجمو: توهان مان الله
تعاليٰ وٽ وڌيڪ عزت وارو وڌيڪ پرهيزگار آهي.
نوڙت سان مسلمانن ۾ ڀائپي پيدا ٿيندي ۽ هر هڪ
انسان ٻئي جي ڪم اچي سگهي ٿو. هي سهڻيون خصلتون
جيڪڏهن سماج ۾ اينديون، ته سماج روحاني طرح ترقي
ڪندو. جن جي شيخ اياز دعا گهري ٿو ته اهو سماج
نهايت بهترين ٿيندو، جنهن ۾ تڪبر، وڏائي نه هجي.
دعا جو ٻيو حصو ته غريب، مسڪين جو ساٿ نه ڇڏيان.
غريب ۽ مسڪين جي همدردي ڪرڻ جو وڏو ثواب آهي ۽
الله تعاليٰ جي رحمت چاهي ٿي ته غريب ۽ مسڪين جي
حاجت روائي ٿئي، انڪري اهو شخص الله تعاليٰ جو
دوست بڻجي ٿو.
حديث ۾ آيو آهي ته: ”مَنۡ کَانَ فِيۡ حَاجَةِ
اَخِيۡه کَانَ اللهُ فِيۡ حَاجَتِہٖ مَنۡ فَرَّجَ
عَنۡ مُسۡلِمٍ کُرۡبَةً فَرَّجَ اللهُ بِہٖ
کُرۡبَةً مِّنۡ کُرۡبِ يَوۡمِ اۡلقِيٰمَةِ.“ (25).
ترجمو: جيڪو شخص پنهنجي ڀاءُ جي حاجت پوري ڪرڻ جي
پٺيان آهي ته الله تعاليٰ ان جي حاجت پوري ڪندو.“
ٽئين حصي ۾ آهي ته انسان جون ڪمزوريون، خطائون
معاف ڪريان. ٻئي جي خطا معاف ڪرڻ به وڏو ثواب آهي
۽ ٻئي مسلمان جو عيب ڍڪڻ به وڏو ثواب آهي.
حديث ۾ آهي ”مَنۡ سَتَرَ مُسۡلِمًا سَتَرَهُ اللهُ
يَوۡمَ اۡلقِيٰمَہۡ“(26). ترجمو: جنهن شخص مسلمان
جو عيب ڍڪيو، قيامت ڏينهن الله تعاليٰ ان جو عيب
ڍڪيندو.
الله تعاليٰ فرمايو: هَلۡ جَزاءُ اۡلاِحۡسَانِ
اِلَّا اۡلاِحۡسَانُ (27) ترجمو: يعني نيڪيءَ جو
بدلو نيڪي آهي.
الله تعاليٰ فرمايو: ”خُذِ اۡلعَفۡوَ وَاۡمُرۡ
بِاالۡعُرۡفِ“(28). ترجمو: معاف ڪر ۽ نيڪيءَ جو
حڪم ڏي.
جيڪو شخص ٻئي مسلمان جا گناهه معاف ڪندو ته الله
تعاليٰ به ان جا گناهه معاف ڪندو.
شيخ اياز دعا گهري ٿو ته کڏ ۾ ڪري ته ان کي ڇڪي
ڪڍان.
هن ۾ سبق آهي ته ڪنهن اٻوجهه کي هدايت ڪرڻ، انڌي
کي رستو ڏيکارڻ ۽ گناهه ڪرڻ واري کي هدايت ڪرڻ، جو
گناهن کان بچي، ان جو به وڏو ثواب آهي.
جيڪڏهن هدايت نه ڪندو ته گنهگار ٿيندو، جيئن ڪنهن
فارسي شاعر فرمايو آهي:
اگر بينم که نابينا و چاه است
اگر خاموش بنشينم گناه است
ترجمو: جيڪڏهن ڏسان ته انڌو کوهه وٽ آهي، ڪِرڻ
وارو آهي، ان وقت ماٺ ڪري ويهان ۽ ان کي هٿ کان
وٺي پري نه ڪريان ته گنهگار ٿيندس.
هن اخلاق اپنائڻ سان سماج جو سڌارو آهي.
يارب!
تون ڪنهن به انسان کي منهنجي ڪري سزا نه ڏي!
مون کي اها قوت عطا ڪر ته مان پنهنجي همسائي کي
پاڻ وانگر پيار ڪريان. ص 36
هن دعا ۾ شيخ اياز عرض ٿو ڪري: ياالله! جيڪڏهن ڪو
مون کي تڪليف پهچائي ته منهنجي ڪري ان شخص کي سزا
نه ڏي.
جيڪڏهن ڪو شخص ٻئي کي ان جو گناهه معاف ڪري ته اهو
سٺو اخلاق آهي، ان طرح سماج جو سڌارو ٿيندو، نه ته
دشمني ۽ وير وڌي تباهي ۽ برباديءَ جو اسباب
بڻجندي. شيخ اياز دعا ٿو ڪري ته يا الله! مون کي
توفيق ڏي ته مان پنهنجي پاڙيسريءَ سان پيار ڪريان.
پاڙيسريءَ سان پيار ڪرڻ ۽ ان سان نيڪي ڪرڻ ان جي
حقن مان آهي، ان کي تڪليف نه پهچائي بلڪ ان سان
نيڪي ڪري.
قرآن، حديث ۾ پاڙيسريءَ جي حقن جي سخت تاڪيد ڪئي
وئي آهي.
جو حديث ۾ آهي: ”لَايُؤۡمِنُ مَنۡ لَّا يَاۡمَنُ
جَارُهء بَوَائِقَهٗ.“ (29) ترجمو: اهو مومن نه ٿو
ٿي سگهي جنهن جي تڪليفن کان ان جو پاڙيسري نه ٿو
بچي.
يارب!
تون انسان مان حرص، هوس مِٽاءِ ص 50
هن کي هدايت ڪر ته هو، جيڪي پنهنجي لاءِ چاهي ٿو،
اُهو ٻئي جي لاءِ به چاهي.
حرص ۽ هوس انسان لاءِ وڏو نقصانڪار آهن.
شيخ اياز، الله تعاليٰ کان دعا ٿو گهري ته ياالله!
انسان مان حرص، هوس مِٽاءِ. انسان کي حرص هوس ئي
تباهه ڪيو آهي، اهو ئي نفس ۽ سماج لاءِ تباهه ڪُن
آهي پر جي انسان حرص کان پاڪ آهي ته اهو خدا جو
ولي بڻجي وڃي ٿو ۽ ان سان نفس ۽ سماج جو سڌارو
آهي. الله تعاليٰ فرمايو: ”اَلۡهٰکُمُ
الۡتَّکَاثُرُ.“
ترجمو: انسان کي مال جي گهڻائيءَ جي حرص ۽ لالچ،
آخرت کان غافل ڪيو. حَتّيٰ زُرۡتُمُ الۡمَقَابِرَ.
يعني ايستائين جو انسان قبر ۾ پهتو.
ان ڪري حديث ۾ آهي ته: ”لَوۡکَانَ لِابۡنِ آدَمَ
وَاِدِيَانِ مِنۡ مَالٍ لَاۡبۡتَغَيٰ ثَالِثًا
وَلَايَمۡلاُ جَوۡفَ ابۡنِ آدَمَ اِلاَ التُّرَابُ
وَيَتُوۡبُ اللهُ عَلَيٰ مَنۡ تَابَ“ متفق عليه
(30). ترجمو: جيڪڏهن ماڻهوءَ کي مال ۽ پيسي جون ٻه
واديون هجن ته ٽينءَ جي خواهش ڪندو ۽ انسان جي پيٽ
کي مِٽي (قبر جي) ڀري سگهي ٿي.
جيڪو شخص الله تعاليٰ ڏي موٽندو، الله تعاليٰ به
ان ڏي موٽندو.
دين اسلام جو ڪم آهي ته انسان کان بريون خصلتون
حرص ۽ هوس ڪڍي اعتدال تي آڻي جو ان جي دل ۾ خدا جو
خوف پيدا ٿئي.
ٽئين جملي ۾ به شيخ اياز سهڻي اخلاق جو درس ٿو ڏئي
ته جيڪو پنهنجي لاءِ چاهي ٻئي جي لاءِ به اهوئي
چاهي. جيئن حديث ۾ آهي: ”وَالَّذِيۡ نَفۡسُ
مُحَمَّدً بِيَدِهٖ لَايُؤمِنُ عَبۡدٌ حَتّيٰ
يُحِبَّ لاخِيۡہِ مَايُحِبُّ لِنَفۡسِہٖ“ متفق
عليه (31)
ترجمو: حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته ان ذات جو قسم
جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته ماڻهو مومن نه ٿو
ٿي سگهي. تان جو پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ اهو پسند ڪري
جو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو.
اهڙن سهڻن اخلاقن سان نفس ۽ سماج جو سڌارو ٿئي
ٿو.
يارب!
انسان تنهنجو پرتو آهي، ان ۾ اوصاف خداوندي پيدا
ڪر، جا ڳالهه رياست جي رٿابندي نه ٿي ڪري سگهي، هن
کي انهيءَ دڳ تي آڻِ جو تو پيغمبرن لاءِ ٺاهيو،
جنهن جي پهرين منزل تسخيرِ نفس هئي. (ص 51)
هن دعا ۾ شيخ اياز هن ڳالهه جو سبق ٿو ڏئي ته
انسان ۾ اوصاف خداوندي پيدا ٿيڻ کپن. رحم، عفو،
درگذر، سخا، جود و ڪرم. الله تعاليٰ حضور اڪرم ﷺ
جن جي سهڻي اخلاق جي تعريف فرمائي: ”وَاِنَّکَ
لَعَلَيٰ خُلُقٍ عَظِيۡمٍ“ (32) يعني بيشڪ توهان
وڏي اخلاق تي آهيو. شيخ سعديؒ الله تعاليٰ جي عفو،
درگذر جي تعريف فرمائي ٿو:
اگر باپدر جنگ جويد کسي.
پدر بيگمان خشم گيرد بسي
جيڪڏهن ڪو پيءُ سان وڙهي ته پيءُ کي گهڻي ڪاوڙ
ايندي.
وگر خويش راضي نه باشد ز خويش
چو بيگان گانش براند ز پيش
جيڪڏهن ڪو مائٽ، مائٽ کان ناراض ٿئي ته ڌارين
وانگر مائٽ کي اڳيان تڙيندو، ڌڪاريندو.
وگر بنده چابک نيايد ز کار
عزيزش ندارد خداونگار (33)
جيڪڏهن غلام ڪم ۾ سستي ڪندو ته ان کي مالڪ پيارو
نه رکندو.
وليکن خداوند بالاء و پست
بعصيان دِر رزق بر کس نه بست (34).
يعني: مائٽ ۽ دوست ٻئي کان رُسندو ته ان کي تڪليف
ڏيندو پر الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ وڏو مهربان آهي جو
ڪنهن ٻانهي جو رزق گناهن ۽ نافرماني ڪري بند نه ٿو
ڪري، ان کي روزي ملندي رهي ٿي.
ٻئي حصي ۾ شيخ اياز دعا ٿو گهري ته يا الله اسان
کي پيغمبرن وارو هدايت جو رستو عطا فرماءِ.
حديث ۾ آهي: ”اِنَّ مِنۡ اَحَبِّکُمۡ اِلَيَّ
اَحۡسَنُکُمۡ اَخَلَاۡقاً“ بخاري(35). ترجمو:
توهان مان مون کي پيارو اهو شخص آهي جيڪو سهڻن
اخلاقن وارو هجي.
ٻي حديث ۾ آهي: ”بُعِثۡتُ لاُتَمِمَّ مَکَارِمَ
اۡلاَخۡلَاقِ(36).“ ترجمو: مون کي ماڻهن جي تڪميل
اخلاق لاءِ موڪليو ويو آهي.
ان سان گڏ شيخ اياز دعا ٿو گهري ته انسان پنهنجي
نفس تي قابو لهي جو پهرين منزل اصلاح نفس آهي، جو
نفس اماره کي الله تعاليٰ جي حڪم جو مطيع ڪري.
يارب!
اندلس جي ممتاز خليفي معتمد عليٰ الله جي والد
بزرگوار خليفي المعتضد جي باري ۾ چيو ويو آهي ته
هڪ ڏينهن هو مشهور عالم ثابت قره الحرافي جو هٿ
وٺي باغ ۾ گهمي رهيو هو ته اوچتو هن پنهنجو هٿ
پٺتي هٽائي ڇڏيو. ان تي ثابت پڇيو يا امير
المومنين ڇا ٿيو؟ کيس جواب مليو ته: منهنجو هٿ
اوهان جي هٿ مٿان هو جيتوڻيڪ علم مٿي ٿيندو آهي،
ان تي بلندي حاصل نه ٿيندي آهي.
يارب!
ابوريحان بيروني جو تعلق خوارزم شاهه جي دربار سان
هو. هن کي دربار ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو.
هڪ ڀيري خوارزم شاهه، البيروني جي گهر وٽان لنگهيو
۽ هن ڏانهن نياپو موڪليو ته هو ٻاهر اچي. البيروني
کي ٻاهر اچڻ ۾ ڪجهه دير لڳي ته خوارزم شاهه پنهنجي
گهوڙي جي واڳ موڙي ۽ اتان لهڻ چاهيو ته ايتري ۾
البيروني گهر مان ٻاهر آيو ۽ هن کي قسم ڏنائين ته
هو گهوڙي تان هيٺ نه لهي! ان تي خوارزم شاهه هڪ
عربي جو شعر پڙهيو ته علم بادشاهه آهي، سڀ کان
معزز آهي، سڀئي ان وٽ ايندا آهن، اهو ڪنهن وٽ نه
ويندو آهي. ص 105.
هن واقعي مان عالم جو قدر ۽ منزلت معلوم ٿئي ٿي.
يارب!
تنهنجي ڪائنات يادگيرين جو خزانو آهي، جنهن ۾ ڪيئي
ڳالهيون زر ۽ جواهر وانگر جَرڪن ٿيون.
مٿيون ڳالهيون به انهيءَ اکٽ انبار ۾ ڪٿي
هونديون.
يارب!
تون اسان جي نئين نسل کي ساڃاهه ڏي ته هو علم جي
عزت ڪن، علم ئي ميراث آهي، جا ڪو ڪنهن کان کسي نه
ٿو سگهي.
علم سان ئي بقول علامه اقبال:
ستارن تي ڪمند اُڇلي سگهندا آهن.
يارب!
تون اسان جي نئين نسل کي ساڃاهه ڏي ته هو استاد کي
استاد سمجهي! ان جا احسان مند رهن ۽ کانئن اهو نه
وسري ته انهن کي استاد جو احسان ڪڏهن نه ڪڏهن
لاهڻو آهي. ص 105
هن دعا ۾ شيخ اياز علم جي فضيلت بيان ڪئي آهي. علم
جي ذريعي سان ئي سماج مان جهالت جي اوندهه ڪڍي
روشني آڻي سگهجي ٿي، جا سماج جي اصلاح ٿيندي.
ان ڪري علم حاصل ڪيو وڃي ۽ استاد جي عزت ڪرڻ به
ضروري آهي، جيئن حضرت لقمان حڪيم عليہ السلام
فرمايو آهي ته استاد جو مقام ۽ مرتبو پيءُ جي
مرتبي کان به مٿي آهي، جنهن استاد روحاني زندگي
عطا ڪئي ۽ ان کي علم جي نور سان منور ڪيو.
يارب!
آکيري تي ڪنهن وقت تارا چراغ جلائيندا آهن ۽ ڪنهن
وقت چنڊ جو فانوس جلندو آهي ۽ پکي رين بسيري کان
پوءِ اُڏامي ويندا آهن، هنن کي اُهي چراغ ۽ فانوس
ياد نه رهندا آهن.
يارب!
هي انسان اهو ڇو نه ٿا سمجهن ته هيءَ دنيا گذر جو
مڪان آهي، گهر نه آهي، هر ڪو سراءِ ۾ رات ڪاٽي
ويندو رهندو، ڪي ان کي سجائن ٿا، ان لاءِ شمع دان
آڻن ٿا ۽ ڪي زيب آرائش جا ٻيا انتظام ڪن ٿا.
يارب!
ڇا هيءَ دنيا سراءِ وانگر نه آهي؟
ماڻهو اهو نه ٿا سمجهن ته ڏکي يا سکي رات گذاري
وڃڻي آهي ۽ ڪو گهوڙي سوار در ٻاهران سندن انتظار
ڪري رهيو آهي.
يارب!
هن سراءِ ۾ ايتريون روشنيون ڇو ٿا ڪن؟ ايترو سازو
سامان ڇو ٿا وجهن؟ هر شيءِ هتي رهجي ويندي ۽ انهن
کي سار به نه هوندي ته ڪلهه هتي ڪير ترسيو. ص 108
يارب!
مون کي پکيءَ وانگر ساڃاهه ڏي، ته چوڳو چُڳي، ان
کي نيٺ اُڏامي وڃڻو آهي... مون کي نه رڳو سڀاڻ جي
اُلڪي پر اڄ جي اوني کان به آزاد ڪر! ص 109
شيخ اياز هن دعا ۾ دنيا جي فاني هجڻ جو درس ٿو
ڏئي. انسان جڏهن يقين رکندو ته دنيا فاني آهي ته
آخرت لاءِ ڪمائيندو ۽ دنيا جا جهڳڙا ڇڏيندو، جنهن
سان سماج جي اصلاح آهي.
حديث ۾ آهي ته: ”کُنۡ فِي الدُنۡيَا کَاَنَّکَ
غَرِيۡبٌ اَوۡ عَابِرُ سَبِيۡلِ(37). ترجمو: تون
دنيا ۾ ائين رهه گويا مسافر آهين يا واٽهڙو. ٻي
حديث ۾ آهي: ”اَلدُنۡيَا مَزۡرَعَةُ اۡلاٰخِرَهۡ“
ترجمو: دنيا آخرت جي پوک آهي. ٻي حديث ۾ آهي:
اَلدُّنۡيَا سِجۡنُ الۡمُؤمِنِ وَسَنَہٗ وَاِذَا
فَارَقَ الدُنۡيَا فَارَقَ السّجۡنَ وَسَنَہٗ“
(38) ترجمو: دنيا مومن لاءِ قيد ۽ ڏُڪر آهي، جڏهن
اهو دنيا کي ڇڏيندو ته قيد ۽ ڏُڪر کان به آزاد
ٿيندو.
پير فضل علي قريشي ؒ نصيحت فرمائي ٿو:
فرشته روز کرتاهي منادي چار کونون پر
محلان اونچيان والي تيرا گوري ٺکاناهي
عزيزو دوستو يارو يه دنيا دار فاني هي
دل اپنا مت لگائو تم لحد مين جابناني ه
يارب!
مون کي انسان ۽ هن جي جدوجهد ۾ ڪيترو اعتبار هوندو
هو. ص 143
شيخ اياز اڳتي چوي ٿو: اها واٽ جا تنهنجا پيغمبر
ڏيکاري ويا آهن، اهائي منزل تي رسائي ٿي، باقي
واٽون ته ڪنهن اونهي کڏ تي کُٽن ٿيون. ص 143
هن ۾ شيخ اياز الله تعاليٰ کان انسان جي هدايت جي
دعا گهري ٿو ته يا الله! انسان کي پيغمبرن جي رستي
تي هلاءِ.
پيغمبرن جي رستي تي هلڻ سان سماج جي اصلاح آهي،
انسان جي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي به ان ۾ آهي. شيخ
سعديؒ فرمائي ٿو:
خلافِ پيمبر کسي ره گزيد
که هرگز بمنزل نه خواهدرسيد
مپندار سعدي که راهِ صفا
توان رفت جز برپئي مصطفيٰ
ترجمو: حضور ﷺ جي رستي کي ڇڏي ڪو ٻيو رستو وٺندؤ
ته منزل مقصود تي ڪڏهن به نه پهچي سگهندؤ.
اي سعدي! هدايت جو رستو حضور ﷺ جي رستي کان سواءِ
ٻئي کي نه سمجهه، حضور ﷺ جي تابعداريءَ ۾ هلڻ سان
ئي هدايت ملندي.
يارب!
جيئن رات جو رابيل ڦُٽي پوندا آهن ۽ ڀنڀرڪي جو ماڪ
ڦُڙا انهن جي خوشبوءِ ڦهلائي ڇڏيندا آهن، تنهنجا
پيغمبر به ائين آهن، انهن تي آيل وحي ساڳي ريت
ڦهلجي وئي آهي. تنهنجو نبي اڪرم ﷺ ته سدا گلاب هو،
جو سج جي پهرين ۽ پوئين شعاع ۾ نظر ايندو آهي.
تنهنجا ٻيا پيغمبر به ڇاڇا نه چئي ويا آهن؟ انهن
جو هر گفتگو ڄڻ شعر ۽ ادب جو آبدار موتي آهي. ص
164
حضرت ادريس عليہ السلام چيو هو: دل جي زندگي علم ۽
حڪمت سان آهي.
سيدنا نوح عليہ السلام کي آدم ثاني چون ٿا، ان چيو
هو: هي ءَ دنيا ائين لڳي جيئن هڪ جاءِ هجي، جنهن
کي ٻه دروازا هجن هڪ اندر اچڻ لاءِ، هڪ ٻاهر وڃڻ
لاءِ.
مٿئين قول مان سبق ملي ٿو ته جسم جي زندگيءَ کان
روح ۽ دل جي زندگي بهتر آهي. انبياءَ عليهم السلام
واري وحي جا علم ۽ حڪمت سان حاصل ٿيندي آهي ۽ اصل
روح ۽ دل جي زندگي آهي. ٻئي قول مان دنيا جي فاني
هجڻ طرف اشارو آهي.
انسان جڏهن دنيا کي فاني سمجهندو ته آخرت لاءِ نيڪ
ڪم ڪندو، جنهن سان نفس ۽ سماج جي اصلاح آهي. حضرت
يوسف عليه السلام جنهن لاءِ قرآن مجيد ۾ سوره يوسف
لٿي آهي. انهيءَ چيو: جو گناهن کان بچي ٿو ۽
مصيبتن تي صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺي ٿو، الله تعاليٰ
ان جي سعي ۽ عمل کي ضايع ٿيڻ نه ٿو ڏئي.
هن قول مان تقويٰ ۽ صبر، تحمل جو سبق ملي ٿو.
انسان گناهن کان بچي ۽ صبر، بردباري ڪري ته الله
تعاليٰ ان کي ان جو بدلو ڏيندو، ان جو ثواب نه
وڃائيندو.
حضرت عيسيٰ عليه السلام جو قول ته سڀاڻي جو اونو
نه ڪر سڀاڻي پنهنجو اونو پاڻ ڪندو، تون اڄ جو اونو
ڪر. ص 166
هن قول ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام نصيحت فرمائي ٿو
ته: سڀاڻي جي رزق جو فڪر نه ڪر، اڄ جو فڪر ڪر، ڇو
ته رزق جو ذمو الله تعاليٰ پاڻ کنيو آهي. فرمايو
ويو آهي ته:”وَمَامِنۡ دَابَّةٍ فِي اَلاَرۡضِ
اِلاَّ عَلَيٰ اللهِ رِزْقُهَا“ ترجمو: هر چُرندڙ
شيءِ جي روزي الله تعاليٰ جي ذمي آهي. حضرت لقمان
عليه السلام جي حڪمت ۽ دانائي مشهور آهي. قرآن
ڪريم ۾ ان جو ذڪر آهي، فرمائي ٿو:
ڪو اهر جي داڻي جيترو به عمل ڪندو ته اهو ان جي
سامهون ايندو. ص 167
هن قول مان سبق ملي ٿو ته ڪهڙو به عمل نيڪ يا بد،
گهڻو يا ٿورو، اهو الله تعاليٰ جي اڳيان آهي، ان
کان الله پاڪ ڳجهو نه آهي، هو ان جو حساب وٺندو.
جيئن سوره زلزال ۾ فرمايو ويو: ”فَمَنۡ يَّعۡمَلۡ
مِثۡقَالَ ذَرَّةٍ خَيۡرًا يَّرَهۡ. وَمَنۡ
يَّعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهً.“
ترجمو: جيڪو شخص ذري برابر نيڪ عمل ڪندو، ان کي
ڏسندو يعني ان کي ان جو بدلو ملندو ۽ جيڪو ذري
برابر برو عمل ڪندو ان کي به ان جو بدلو ملندو.
آخر ۾ شيخ اياز، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ٿو
گهري ته ان انبياء عليهم السلام جي علوم مان مون
کي به ذرو عطا ڪر. ص 167
يارب!
هي ڳالهيون آهن يا جواهر آهن جي اونداهي رات ۾
جرڪن ٿا.
اهي سڀ انهيءَ لدني علوم جو اظهار آهن جو تو کين
ڏنو هو، انهيءَ ڪيچ مان ڪجهه ڪڻا منهنجي جهوليءَ ۾
وجهه.
مون تي رحم فرماءِ. (آمين ثم آمين.)
تحقيقي تجزيو:
هن پوري مقالي ۾ بيان ڪيل شيخ اياز طرفان گهريل
دعائن مان پتو پوي ٿو ته مرد ڪامل ۽ مرد مومن اهو
آهي جنهن کي پنهنجي توڙي سماج جو اونو هجي ۽ جنهن
کي به رب، اهڙي ڏات عطا ڪري ٿو ته اهو ئي انسان
لافاني ۽ لازوال ٿي وڃي ٿو. کيس پنهنجا توڙي
پراوا، سٺن لفظن سان ياد ڪندا رهن ٿا، هر عام توڙي
خاص انسان لاءِ سندس گهريل دعائن ۾ اونها سبق
موجود آهن.
حوالا
1.
القرآن. سوره المومن آيت نمبر 60
2.
تفسير مواهب الرحمٰن 7 پارو 24 ص 184- 185
3.
مشڪاه المصابيح ص 194
4.
ايضاً، ص 195
5.
ايضاً، ص 195
6.
ايضاً ص 195
7.
خلاصه احڪامِ دعا- مفتي محمد شفيع ص 63
8.
ايضاً، ص 62
9.
ايضاً، ص 64- 65
10.
مشڪاه المصابيح ص 422
11.
صحيح البخاري ج 1 ص 6
12.
جامع ترمذي ج 2 ص 14
13.
ايضاً، ج 2، ص 13
14.
تفسير مواهب الرحمٰن ج 5 ص 182
15.
ايضاً، ج 5 ص 184
16.
القرآن. الانبياء آيت نمبر 107
17.
گلستان سعدي باب 2 ص 72
18.
رياض الصالحين. ص 389
19.
ايضاً، ص389
20.
القرآن. النحل. آيت نمبر 18
21.
تفسير مواهب الرحمٰن ج 8 ص 281
22.
ايضاً، ص 282
23.
مشڪاه المصابيح ص 418
24.
القرآن، الحجرات آيت 13
25.
رياض الصالحين. ص 81
26.
ايضاً، ص 81
27.
القرآن. الرحمٰن آيت نمبر 60
28.
القرآن. الاعراف. آيت نمبر 199
29.
مشڪاه المصابيح. ص 422
30.
ايضاً، ص 450
31.
ايضاً، ص 422
32.
القرآن. القلم. آيت نمبر 4
33.
بوستان ص 1
34.
ايضاً، ص 3
35.
مشڪاه المصابيح ص 431
36.
ايضاً، ص 432
37.
مواعظِ حسنه ج 4 ص 489
38.
مشڪاه المصابيح ص 448
مددي ڪتاب
1.
قرآن ڪريم.
2.
صحيح بخاري. ابو عبدالله محمد بن اسماعيل بخاري
وفاقي وزارتِ تعليم اسلام آباد سنه 1985ع
3.
جامع ترمذي، ابو عيسيٰ محمد بن عيسيٰ بن سوره بن
موسيٰ الترمذي الحافظ- وفاقي وزارت تعليم، اسلام
آباد سنه 1985ع
4.
رياض الصلحين الامام ابو زڪريا يحييٰ بن شرف
النووي، اسلامي اکادمي، اردو بازار لاهور سنه
1981ع
5.
تفسير مواهب الرحمٰن- علامه سيد امير علي مليح
آبادي، قرآن ڪمپني لميٽڊ اردو بازار لاهور.
6.
مشڪاه المصابيح- شيخ ولي الدين محمد بن عبدالله
الخطيب، نور محمد اصح المطابع قريب جامع مسجد دهلي
سنه 1932ع.
7.
احڪامِ دعا- مفتي محمد شفيع- اداره المعارف ڊاڪ
خانه ڪراچي.
8.
مواعظِ حسنه- پير ڪرم الله الاهي (دلبر سائين)
درگاهه فضل آباد ماتلي بدين، ناشر بوعلي پرنٽرز
سنه 1427هه
9.
تون ڇپر تون ڇانوَ- سن 1994ع جي روزاني برسات
اخبار ۾ شايع ٿيل نثري دعائون- سرجڻهار، شيخ اياز،
سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ 1186 پيپلز ڪالوني لطيف
آباد نمبر 4 حيدرآباد.
10.
گلستان سعدي مطبع صفدري بمبئي سنه 1888ع علامه
آءِ.آءِ. قاضي لائبريري سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو.
11.
بوستان- شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي، حاجي ملک دين
محمد اينڊ سنز وتاجران کتب اشاعت
منزل بُلروڊ لاهور، کشميري بازار چوک انار کلي. |