سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :21

جيجي سنڌيا شاهه      

چَريو کَريو

”ڪير آيو؟.....“

”مرشد آيو.....“

”ڪير آيو؟.....“

”ليڊر آيو.....“

”پير سائين سرڪار آيو.“

ايم.پي.اي مرشد گاڏين جي ڄڃ سان ڳوٺ جي دڳ تي لٿو ڪو نه ته اٻوجهه مريد ڳوٺاڻا در گهورڻ لاءِ آتا، گلن سان گڏ پاڻ نڇاور ٿيڻ لاءِ اٿليا ٿي آيا.

گاڏيون ڌوڙ اڏائينديون الم پاڪ واري ميدان ۾ لڳل شاميانن وٽ اچي ڳاهٽ ٿيون.

سائين مرشد گاڏيءَ مان ڇا لٿو ماڻهن جهُمريون هڻڻ شرو1ع ڪري ڏنيون. اونڌ دلا مٿي تي اهڙيون جهُمريون هنيائون جو واهه واهه ٿي وئي. ماڻهو بگليون هڻي هڻي ٿڪا ڪونه هئا جو غلامو (غلام رسول) چريو به الاءِ ڪٿان اچي ظاهر ٿيو. مرشد جي پيرين پئي هٿ وٺي چميائين ۽ نڙيءَ مان بي ڍنگو ٽهڪ ڏنائين ته گگ ڳڙي پيس.

قميص جي کليل ٻانهن سان گگ اگهندي مرشد کان پڇيائين:

”سائين، مان به جُهمر هڻان؟....“

مرشد پنهنجي سرڪاري ڪامورن ڏانهن فخر سان نهاريو ۽ چيو:

”پاڻ ڳوٺ موٽون ته چريا کريا به اچيو جُهمريون هڻن.“

مرشد جي پاسي ۾ بيٺل انتظام سنڀاليندڙ ماستر ڀڻڪيو:

”تڏهن ئي ته جُهمريون اچيو هڻن نه سائين.“

مرشد ڪنڌ ورائي گهوري ڏٺس ته ماستر ڦڪي مرڪ مرڪندي چيو:

”سائين جن جو مان مرتبو ايڏو آهي جو چريا کريا ته ٺهيو، اسڪول ۾ ٻڌل ڍور ڍڳا به رسا ڇنائي ڪُڏڻ لڳندا آهن.“

مرشد دٻيس: ”ميم ۾ ٿو ڳالهائين ماستر؟...“

ماستر هٿ ٻڌي ڪنڌ نِوِڙائيندي عرض ڪيو:

”ميم به اوهان مرشدن جو قبلا!.. ڄٽن ڄاموٽن جا ٻار به ته جهڙا ڍور ڍڳا ٿيا نه. توهان جي اچڻ جو ٻڌي خوش پئي ٿيا ته هاڻي ڪي هاڻي موڪل ٿيندي ۽ هڙئي هلي سائينءَ جو جلوس ڏسنداسين. هو ميدان ۾ چوڌاري ڏسو، جهنڊيون کنيون بيٺا،

توهان جا نعرا هڻن:

”جيئي مرشد... جيئي سائين سرڪار.“

”جي......ئي.....سا......ئين......سر......ڪار!.....“

غلامو چرئي ڍار ڏئي نعرو هنيو ۽ هڪ ٻانهن اڀي ڪري ٻي پاسيري ڪري بيٺو نچڻ.

نچڻ ڇا هيس، راڄن ۾ ٽهڪڙا وجهي ڇڏيائين.

دهلن وارن زپڪو لائي ڏنو، ڪير جهلي غلامو چرئي کي. نچندي مشڪريون ڪندي صبح ڪري ته به نه ٿڪجي.

ماستر ٻانهن کان وٺي شامياني کان ٻاهر آندس ۽ پيئڻ لاءِ بوتل ڏنائينس. بوتل ڏسي بي ڍنگو نڙيءَ مان ٽهڪ ڏيئي بوتل وات تي چاڙهيائين. اڌ وات ۾ اڌ واڇن کان هيٺ قميص تي.

همراهه خوش ته مرشدن جي سخا مان پيو ڍڪ ڀري.

بوتل پوري ڪيائين ته ماستر ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو ڏيکاري چيس:

”هاڻي وڃ مست، هتي تنهنجو ڪم نه آهي.“

چوڻ لڳو: ”ڇو؟...مان به مرشدن جو پاڻي ڀريندس.“

ماستر ٻانهن کان وٺي اڳتي ڪندي چيس:

”مرشدن جو پاڻي ڀريو پيو آهي، تون وڃ.“

”جائي وڃان؟...“ ميري بت تي بوتل هارجڻ ڪري پَٽَ ٿيڻ لڳي هيس.

بت کنهندي پڇيائين:

ماستر کي اندران سڏ ٿيو مرشدن جو تنهن ڪري اندر منهن ڪري ”هائو سائين“ چئي، وري منهن ٻاهر ڪڍي غلاموءَ کي دڙڪو ڏنائين:

”هاڻي بس، گولي ٿي وڃ.“

گولي لفظ ٻڌڻ جي دير هئي. غلاموءَ ائين وٺي ڊوڙ پاتي ڄڻ جائي به بندوق مان گولي ڇٽي هجي.

غلامو گهٽين مان رلندو، ڦاٽل اخبارون ۽ پرائمري اسڪول جي درسي ڪتابن جا پنا رستي تان ميڙي وجهندو هو کوهه ۾.

اڄ موڊ ٿيس سو ميڙيل پنا سڌا ڪري هڪ گهر جي ٻاهران ناليءَ جي دڪي تي چڙهي ويٺو پڙهڻ:

”ا= اما: پورو تڏو به ڪو نه ڪيائين....

”ب= بابو: مري ويو ....

”ک= کٽ: بابي جي چاچو کڻي ويو.....“

”ج= جوءِ بابي جي، چاچو ايوب پرڻجي ويو.“

”پ= پادر: مرشدن جو اسان جي مٿي تي.“

ٺهيل هئي پ= پڳ جا غلاموءَ کي لڳي پئي پادر.

هن اهو پنو کڻي مٿي تي رکيو ۽ دڪي تان لهي هٿ ٻڌي هلڻ لڳو.

واٽ ويندي ڳوٺاڻي چاچي نورل ڏٺس ته پڇيائينس:

”ابا غلام، اهو پنو مٿي تي ڇو رکيو اٿئي؟.... اهي هٿ ٻڌي ڇو پيو هلين؟....“

غلامو مٿي تي پنو جائتو ڪري رکندي چيو:

”چاچا نورل، مرشدن جو پادر مٿي تي پيو آ تڏهن هٿ ٻڌيو پيو هلان.“

چاچو نورل وائڙو ٿي نهارڻ لڳس.

غلامو پنو هٿ سان سُڪ ڪري، هليو سڌ ۾. جا گهٽي جيڏانهن پئي ويئي هي به ويو اوڏانهن هلندو.

جنهن گهٽيءَ ۾ هليو پئي، تنهن دنگ ڪيو سم پاڻيءَ واري پلاٽ تي. پيسن تي ورتل پلاٽ تازي مينهن کان پوءِ سم اُٿلڻ ڪري تارون تار لڳا پيا هئا. سم اٿليل پلاٽن وچ ۾ ٺهيل تازا ڪچا پڪا گهر ائين ٻڏا بيٺا هئا ڄڻ ٻاراڻا کوکن جا گهر پاڻيءَ ۾ ٻڏي ڊهي پيا هجن. غلامو ٻڏل گهر ڏسي جوجڪيءَ مان ٽهڪ ڏنو. سندس مٿي تان پنو ڪري پيو ته اهو کڻي سم ۾ ٻڏل گهرن ڏانهن اُڇلي چوڻ لڳو:

”اچيوَ ٿو مرشدن جو پادر!....“

پنو اُڇلي تاڙي وڄائي کليو.

هوا جي ڪري پنو واپس پاڻ وٽ اچي ڪريس.

پنو کڻي سم ۾ ٻڏل گهرن ڏانهن اڇليائين ته وري به اچي پاڻ وٽ ڪريس، کڻي مٿي تي رکي ڇڏيائين ۽ چوڻ لڳو:

”مرشدن جو پادر منهنجي ئي مٿي تي پوڻو آهي!...“

مٿي تي پني کي جهلي بيٺو هو جو ٻي گهٽيءَ مان ٻارن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيس. مٿي تي پني کي سُڪ ڪري ڀڳو ان گهٽيءَ ڏانهن.

ٻارن ڊڪ ڊوڙ ٿي ڪئي. غلامو به گڏجي وينِ.

هڙئي ٻار سياڻا، هڙني گڏجي آڳ ڏني غلاموءَ کي.

هڙ اڳيان غلامو پويان. ڊڪڻ ڪري مٿي تان پنو ڪري ٿي پيس.

سو کڻي وري مٿي تي پئي رکيائين جنهن ڪري ٻارن جي راند پئي خراب ٿي، تنهنڪري صلاح ڏنائونس ته:

”هيئنءَ ڪر جو اهو پنو ويڙهي رک کيسي ۾. گهر وڃي وري مٿي تي رکي ڇڏجانءِ“.

صلاح وڻيس. پنو ويڙهي رکيائين کيسي ۾ ۽ ڀڳو ٻارن پويان.

ٻار تکا، وٺ کان زور. ڀڄائي ڀڄائي ساهه مُنجهائي وڌائونس.

ڪو ٻار پڪڙي به وٺي ته ٻار منٿ ڪريس: ”ڏس، هيءُ ڀيرو ڇڏ، ٻيو ڀيرو آڳ مون تي.“

غلامو چريو، نڙيءَ مان ٽهڪ ڏيئي راضي ٿيو وڃي.

ٻار اڳيان غلامو پويان.  ٻار گهٽيون مٽيندا ڊوڙندا ٿي ويا. ڪجهه بي سمجهڙا ٻار شاهن جي حويليءَ ۾ گهڙي ويا. غلامو به پويان پويان ٻارن جي کل کل ۾ هو به کلندو ’هي هي‘ ڪندو ٿي ويو. تان جو پاڪن ۾ ڀاڄ ۽ راڙو پئجي ويو:

”اَئي گهوڙا مڙسالو!....“

ڪمري اندران جوان مرشد نڪري آيو. ٻه ٽي ٿڦون وهائي ڪڍيائينس.

ٻارن کي ڌار ٿڦون هڻندي پڇيائين:

”انڌا ٿي ويا هُيئو جو هيڏانهن هليا آيئو؟...“

”ڪا مارَ پئيوَ، هن چرئي کرئي کي به وٺيو آئيو، انڌؤ.“

پراڻي ٻانهي ڀاڳل اٽو ڳوهيندي لُڙ ٻڌو ته ٿالهه ڍڪي اٿي ڀڳي آئي جوان مرشد ڏي ۽ هٿ ٻڌندي چوڻ لڳس:

”ابا مرشد، ڇڏينس اٻوجهه کي، چريو کريو آ هن کي ڪهڙي خبر.“

ٻارن پويان هليو آيو آهي گگدام.

جوان مرشد ڪاوڙ مان نهاريندي چيس:

”تنهنجي ڪري ڇڏيانس ٿو، نه ته اهڙا پادر رکانس ها جو...“

غلاموءَ دير ئي نه ڪئي. کيسي مان پنو ڪڍي مٿي تي رکندي چيائين:

”مرشدن جو پادر، اجهو مٿي تي...“

سائره غلام نبي

سنڌيڪار: سدرة المنتهيٰ جيلاني

ڪيلينڊر کان چورايل هڪ رات

فيبروري 2010ع جي چوڏهين رات

ساٿي پراڻا!

ڏس ته ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، ته برقي خطن جي هن دور ۾ اسان ٻئي اڪثر گذريل ڏينهن جي ترڪ ٿيل روايتن کي سڏيون ٿا.

۽ سادي ڪاغذ مٿان دل جو احوال درج ڪري پنهنجي هئڻ جو ڄڻ احساس ڏياريون ٿا.

توکي ته مون ٻڌايو ئي هو ته......

تنهنجي خط جي انتظار جي آهٽ تي منهنجا ڪن جاڳندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن انتظار جون اکيون سوليءَ تي لٽڪائي جڏهن هي وجود گهر کان ٻاهر نڪري ٿو. تڏهن واپسيءَ تي جيڪر تنهنجو خط جيڪو (ڪڏهن ڪڏهن) ئي ملندو آهي ته تنهنجي لمس جي خوشبوءَ ۾ رچيل تنهنجا لفظ منهنجي روح ۾ تازگي ڀري ڇڏيندا آهن.

اهو به يقين اٿم ته توکي به ڪجهه ائين ئي لڳندو هجي.

مون جيان سرشاريءَ جي ڪا لهر توکي به ڀني ڇڏيندي هوندي.

وقت جي ديوار ڪجهه ائين ئي اسان کي پنهنجي قيد ۾ ڪري رکيو آهي.

۽ ڪجهه ته اها حقيقت به مڃڻي ئي پوندي ته هن قيد کان ڇوٽڪارو ناممڪن آهي.

پر ها، هن ظالم وقت کي به قيد ڪري سگهجي ٿو! ٻڌايانءِ ڪيئن؟ ائين، جيئن سال جي هن سرد موسم جي دم ٽٽل ٿڌ کي.....

۽ هن رات، گذرندڙ رات جي ساعتن ۾ ڦڙ ڦڙائيندڙ هوا کي جنهن کي پل لاءِ مون ڪاغذ تي وڇائڻ  جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هاڻ جنهن کي چونڊي کڻڻ تنهنجي اک جي هنرمندي هوندي. ائين ڪجهه صديون پراڻي لمحي کي ڳولهڻ شايد تنهنجي وس ۾ ٿي پوي.

۽ توکي منهنجي هٿن جو، جذبن جو لمس هن وقت به شدت سان محسوس ٿيندو هوندو. (ها… منهنجي تحرير سنڀالي رکي هوندي!)

۽ ائين به ته ٿي سگهي ٿو ته هن ويلي وقت جي مصروفيت توکي وڪوڙي وئي هجي ۽ ان مصروفيت ۾ اڄ جي ڳالهه توکي چريائپ لڳندي هجي پر اسان جو اڄ، جيڪو اسان لاءِ ڪيڏي نه قيمت رکي ٿو. شايد اسان جو اڄ سڀاڻي ائين نه هجي.

جنهن جي قيمت ئي ڪجهه ٻي هجي ۽ واٽن ۾ دل وڇائيندڙ اکيون به توکي شايد ئي ياد رهن، تولاءِ جاڳڻ ۽ سمهڻ واريون اکيون، جيڪي تنهنجي سوچ جو هاڻ شايد مرڪز ئي نه رهن.

خير ٿيڻ لاءِ ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

اڄ جي لفظن جو مطلب شايد ڪڏهن ٻيو هجي يا ته اسان ٻئي ئي مَٽجي ٻيا ٿي وڃون.

توکي ته خبر تي آهي نه، ته اندر ئي اندر ڪي ابتيون سبتيون ڳالهيون ڏاڍو شور مچائي رکن ٿيون.

ڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي سوچ من ۾ اڀرندي اٿم جڏهن ڪاغذ نه هئا، لفظ به نه هئا ۽ ٽپالي به ته نه هئا نه ئي پوسٽ باڪس هوندا هئا (جيڪي اڄ به ته ناهن) ته پوءِ دل جي موسمن جا صحيفا ڪهڙين ليٽرپيڊن تي درج ڪيا ويندا هوندا.

ڇاڪاڻ ته فطرت جو اظهار بي ساختگي چاهيندو آهي ۽ اها بي ساختگي ۽ سچائي سؤ سيڪڙو يقين اٿم ته نظرن جي ملڻ سان ان ئي ٽڪراءَ منجهان جهلڪي هوندي.

هاڻ ته منهنجون ڇا پر تنهنجون نگاهون به سارو ڏينهن مانيٽر جي اسڪرين تي ڄميل هونديون آهن. آڱريون سارو ڏينهن ڪِي بورڊ مٿان ٽِڪ ٽِڪ ڪن ٿيون.

جسم مان اڃا ٿڪ لهندو ئي ناهي ته اعصاب شڪست وچان چور چور ٿيو پون.

۽ شام تائين الائي ڪهڙن صحرائن جون واريون تنهنجي اکين ۾ پٿرن جي ذرڙين جيان چُڀنديون آهن.

تڏهن ئي من چاهيندو اٿم ته تنهنجي اکين مان واريءَ جا ڪڻا هڪ هڪ ڪري چونڊي کڻي وٺان. جيڪي تنهنجي ريشمي خوابن کي ميرو ڪري ڇڏيندا آهن.

مون کي يقين آهي تنهنجي من ۾ به ڪا اهڙي خواهش جنم وٺندي هوندي پر ڇا ڪجي اها ساڳي ئي مشينن سان ڳنڍيل مجبوري.... ٻيو ته سڀ ٺيڪ آهي. ڪم به پهرين کان سولا ٿي پيا آهن. فقط آڱرين جي بلن جي حرڪت تي پوري دنيا سان ڪنڪٽ ٿي سگهجي ٿو (۽ ٿيندا به آهيون).

ڪيڏا نه ڳجها اسرار ٿي پيا آهن ۽ ڪيڏيون حيران ٿيڻ جون ڪيفيتون آهن. ڇا توکي نٿو لڳي اهو سڀ.... لڳي ٿو ڄڻ مشيني انداز ۾ سوچڻ لڳا آهيون.

۽ اهو ڊپ ته اڪثر ڊيڄاريندو آهي ته ڪڏهن ائين نه ٿئي جو اسان پوري جا پورا مشيني ٿي وڃون!

بلڪل ائين جيئن ماضيءَ ۾ ڪڏهن جانور رهي چڪا آهيون.

ڀلا ٻڌ اسان پيرن تي هلڻ ڪڏهن سکيو!.....؟

ماضي، اونداهيءَ ۾ ٻڏل ٿو لڳي، پر اها ڳالهه ته ڪجهه ئي صديون اڳ جي آهي، ته دماغ جي استعمال ۾ ايڏي تيزي اچي وئي آهي ۽ دل جي باري ۾ لڳندو آهي ته ڄڻ ڪنهن تاڪ ۾ رکيل رهجي وئي هجي.

ان تي ڳالهه ٿي ياد اچيم ته تو ڪجهه ڏينهن اول مون کي فيس بڪ تي ريڊ ڪرڻ جي ريڪويسٽ موڪلي هئي ۽ مون ايڊ A Friend تي ڪلڪ ڪندي تنهنجي Wall تي لکيو هو:

’اڄ جي تاريخ ۾ اسان ٻئي دوست ٿي وياسون.‘ ۽ تو وري جواب ۾ Wall تي لکيو هو:

”پر اسان ته دوستيءَ کان به وڌيڪ آهيون.“

۽ پوءِ اسان ٻنهي پنهنجي پنهنجي اسڪرين تي رومن ۾ لکيل ڪمنٽس پڙهي مسڪرائي ڏنو هو، پر اها مرڪ...... نه تو ڏٺي، نه مون ڏٺي. تنهنجي تصوير به ته سامهون رکيل هئي، جڏهن ته منهنجي تصوير به تو آڏو رکيل هئي..... ها پر اسان ٻنهي اها مرڪ محسوس ڪري ورتي هئي. ڀلا اهو ته ٻڌاءِ: هي جيڪي مشينون آهن، سي اسان جي لمس ۽ احساس کي بدلائي ڇو نه ٿيون سگهن ۽ ڇا توکي نه ٿو لڳي ته هيءُ ڪيڏو وڏو الميو ۽ ويچار آهي. چڱو وري به ان حساب سان ته اها مشين سٺي چئبي، جيڪا ماڻهن کي ماڻهن سان ته ملائي ٿي ۽ دوستيءَ تي مجبور به ٿي ڪري.

پر مشينون ڏسيانءِ ته ڪجهه اهڙيون به زندگيءَ ۾ اچي ويون آهن جيڪي سمورن احساسن کي پاڙان ئي پٽيو ڇڏين. جنهن جي استعمال کان پوءِ فضا ۾ فقط دانهون، رڙيون ۽ ڪوڪون رهجيو وڃن.......

بس ان حادثي واري جڳهه تي لڏو پيو يا نه...... اهو هڪڙو سوال ئي اهم ٿيو رهجيو وڃي.... ۽ ٻيا سڀ جواب..... بيانن جي صورت ۾ رهجيو وڃن ٿا.

هاڻ تون ئي ٻڌاءِ..... مان جي توسان ملڻ به چاهيان يا تون ئي چاهين:

۽ پوءِ اهڙي حالت ۾ اسان جي وچ ۾ فاصلن جي صورت، هنگامي مصروفيت ۽ گڏ خوف جي ديوار آڏو اچي بيهي ٿي رهي.

۽ جذبا جيڪي گهڻين شدتن سان اڀري انهن ڪارن ڏامر جي روڊن ۾ رُلي وڃائجي ويندا آهن. ۽ اهو به ڏس ته ...... شهر ڪيڏي تيزيءَ سان ٻهراڙين کي ميڙي ورتو آهي.

۽ پهريان اهي ٻهراڙيءَ وارا علائقا جيڪي هاڻي سِوِڪ سينٽرز بڻجي ويا آهن.

ڏسندي ئي ڏسندي پراڻي نمائش.... پراڻو ريڊيو اسٽيشن پاڪستان،.... پراڻي سبزي منڊي.... شهر جي نقشي مان ئي غائب ٿي ويون آهن.

۽ يادگار جي طور وري بس انهن جا خالي عنوان رهجي ويا آهن.

ساڳئي طرح جيئن فطري جذبن جا علامتي ڏينهن هوندا آهن.... سڀ ڪجهه ئي نئون نئون ۽ چمڪندڙ ٿو لڳي... پر؟

پر انهن رستن ۽ چوڪن تي ڊپ ۽ حراس پنهنجو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي.

توکي ته خبر ئي آهي ته....

هن شهر جي هڪ ڪنڊ سمنڊ جي پاڻين سان ٽڪرائجي ٿي.

گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ به ته پنهنجي حدن ۾ ئي محدود رهي ٿو. مون (ڪڏهن) وچ لگزري جي بينچ تي ويهي شهر جي گوڙ کي هلڪو هلڪو ٻڌندي ڏينهن جي روشنيءَ کي به اونداهيءَ ۾ گم ٿيندو ڏٺو هو.

سرخ ڪڪرين کي نيري آسمان تي ۽ ڏُور ڪنهن ديس کان آيل مهمان پکيئڙن جون ترتيب سان گذرندڙ قطارون فضا ۾ نمودار ٿيندي ڏٺيون آهن.

اهي مهمان پکيئڙا واهيري تي پنهنجي عارضي ٺڪاڻن ۽ آکيرن ڏانهن موٽندا پيا آهن.                                                     

پري پري تائين نگاهه جي حدن ۾ اونداهين ۾ ٻرندڙ پاڻي... ۽ نيٽي جيٽي جي لڏندڙ پل جون روشنيون.... يقين ڪنديئن؟..... هن پل توسان ملاقات ٿيڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا.

هتي ٿي سگهي ٿو ته تون فطرت جو حسن حاصل ڪري سگهين. شهر جي چمڪندڙ روشنين- اُجالن ۽ اونداهين جو فرق ته مٽائي ڇڏيو آهي.

ڏينهن ۽ رات جون سرحدون ڄڻ ختم ٿي ويون هجن....

ايستائين جو....

هاڻي مان توکي ڀلا ڇا چوان.....

مان تنهنجي جدائيءَ تي جيڪر سوچڻ به چاهيان.... تنهنجي هجر ۾ وڃائجي خاڪ ٿيڻ به چاهيان.... سچ چوان ۽ ته ان لذت کان محروم ٿي آهيان...

تون ڪٿي به هجين...

مان جتي به هجان....

منهنجي مٺ ۾ لڪل دٻيل تنهنجي آواز جي کڻڪار کڻي هلي ايندي آهي.

دل جدائيءَ جي شدت کان پهرين ئي شانت ٿيو وڃي. اڄ جي هلڪي ٿڌ ۾، رات وچ ۾ توسان مخاطب ٿيندي مسلسل ان سوچ ۾ آهيان ته 365 ڏينهن ۾ ڇا اسان کي ڪو اهڙو لمحو به ملندو؟

جنهن پل اسان کي سچو وصل نصيب ٿيندو يا ته هجر ئي صحيح پر ڪجهه ته عطا ٿئي....

تون به هاڻ سوچي وٺ.....

۽ مون کي به سوچڻ لاءِ مهلت ڏي.

رات ڏس ته ڪيئن گذرندي ٿي وڃي.

منهنجي سيرانديءَ کان رکيل Cell تي ڪجهه دير ۾ ئي: Message Tone ٿيڻ واري آهي.

Good Morning

Have a nice day

Inbox Message ۾ اچڻ وارا هي لفظ.

۽ هيءُ خط، شايد ڪجهه ڏينهن ۾ توکي پهچي به وڃن.....

يا مون وٽ ئي ڪٿي رکيل رهجي وڃن...

بهرحال تون پنهنجو خيال ڪجانءِ.

فقط

صرف ۽ صرف

پراڻي ياد

     فيبروريءَ جو چوڏهون صبح.

ميرزا دبير

پريم تُنهنجا پار

 

... مون کي اڄ به تنهنجي اُن ڳالهه تي ڏاڍي کِلَ ٿي اچي...

آءٌ کلڻ لڳس ۽ هُن حيرانگيءَ مان پڇيو:

ڪھڙي!؟

مون کل روڪيندي چيو:

او... تون ڏاڪڻ تان لٿينءَ پئي جو تنھنجو پير ڏاڪڻ تي ويٺل ٻليءَ تي اچي ويو ۽ ٻليءَ جي دانهن تي، تو کان به دانهن نڪري وئي ھئي... ۽ جڏهن تنھنجي نظر مون تي پئي، ته تو پنھنجي کليل وات تي ھٿ رکي ھيٺ ڪنڌ ڪري کِلي ڏنو...

آءٌ وري کِلڻ لڳس.

ھون! ان ڳالهه تان... اِھا ته پراڻي آھي ۽ تڏھن اڃا پنھنجي شادي به ڪو نه ٿيل ھئي!

ھا، پر مون کي اڄ به نه ٿو وسري تنھنجو مون کي ڏسي وات تي ھٿ رکي مسڪرائڻ... آءٌ ته تنهنجي هَر ادا جو ديوانو آهيان!

اڇا...!

ها... خاص ڪاوڙ ۾ ته تون تمام گھڻي ٿي سٺي لڳين. بلڪل ايئن جيئن سانوڻيءَ جي مند ۾ ھڪ پاسي ڪارونڀار ڪڪر ۽ وڏ ڦڙو مينھن، ته ٻئي پاسي وري ھانءُ ڏاريندڙ گوڙ ۽ کنوڻ! اڙي... ھا! مينھن تي اُھو منظر ياد پيو... واهه! ڇا ته اھو منظر ھو...

اِجھو! وري الائجي ڪھڙا اچي منظر ياد پيا اٿئي؟

اُھو منظر! جنھن ۾ تون ھُئينءَ... آءٌ ھئس... ۽ ٻيو سانوڻي جو مينھن... واهه! ڇا ته اُها موسم ھئي... ۽ ان ۾ ڪيڏو نه پيارو تنھنجو رقص ھو...!

منھنجو رقص!؟

ها... ياد ڪر جڏھن مينھن پئي وُٺو ۽ چوڌاري ڇانيل خاموشيءَ ۾ تون ڇت تي پنھنجون ٻئي ٻانھون کوليو منھن آسمان طرف ڪري گول پئي ڦرينءَ! مينهن جا قطرا تنهنجا ڳل چمي تنهنجي انگ انگ کي ڇُهي رهيا هئا... اهو منظر مون ڏٺو پئي، ته تو پنهنجون اکيون کوليون ۽ مون کي ڏسي تون شرمائي وڃي ڪنڊ ۾ لڪينءَ!

ھا! ھا! ياد اٿم ۽ تو مون کي چيو ھو ته، مون کي تو سان پيار ٿي پيو آھي. جڏھن کان توکي ڏٺو اٿم ته منهنجون ننڊون ئي حرام ٿي ويون آھن. جيڏانھن ٿو ڏسان، رڳو تون ئي تون ٿي نظر اچين! پوءِ تو پنھنجون ٻانھون کولي مون کي I love you چيو ھو پر جي ان وقت تون منھنجي ويجھو ھجين ھا ته، آءٌ توکي ھڪڙي زوردار چماٽ  ضرور هڻان ها!

چماٽ لاءِ منهنجو ڳل هينئر به حاضر آهي. پر اِهو ته ٻڌاءِ، ڇو چماٽ هڻين ها!؟

ان ڪري جو فقط ٽي لفظ چوڻ ۾ ايتري دير!

آءٌ ڪجهه چوڻ بجاءِ کلڻ لڳس ۽ کل روڪيندي چيم:

ڀلا توکي مون سان ڪيتري محبت آھي؟

شڪ سميت تمام گھڻي!

ڇا مطلب!؟

تنهنجي دل ته چوويهه ئي ڪلاڪ ڌڙڪندي ٿي رھي، ڇا خبر دل ڪنھن کي ڏئي وجھين

منھنجي دل! (مون حيرانگيءَ ۾ چيو) منھنجي دل ته تنھنجي سيني ۾ پئي ڌڙڪي!

اوھو... ڀلا بغير دل جي ڪو ھلي سگھي ٿو ڇا!؟

آءٌ ته تنھنجي دل تي پيو ھلان!

هُن کلي حيرانيءَ مان پڇيو:

يعني تنهنجي دل مون وٽ ۽ منھنجي دل تو وٽ آھي!؟

Yeah!

ھوءَ وري کلڻ لڳي ۽ چيائين:

مون کي به تنهنجي ھڪڙي ڳالهه ياد آھي، جنهن تي مون کي به گھڻي کل ايندي آهي.

ڪھڙي؟

هاڻي تون ياد ڪر... (مسڪرائيندي) جڏھن تنھنجي گھر جي لائيٽ خراب ٿي ھئي ۽ تون مين لائين وٽ اچي تارن کي ھيڏانھن ھوڏانھن ڪرڻ لڳينءَ، ته مون توکي دريءَ مان لِڪي چيو، مُئا مري نه پئين!

تنھنجا اھي لفظ اڄ به منھنجي ڪنن ۾ گونجي رھيا آھن...

ڀلا اھو ٻڌاءِ ته، جڏھن توکي بجليءَ جو ڪم اچي ئي نه ٿو، ته پوءِ تو بجليءَ جي تارن ۾ ھٿ اچي ڇو وڌو!؟

ھم م م... توکي امپريس ڪرڻ خاطر!

او... آءٌ ته اڳ ئي تو کان امپريس آھيان.

اڇا...!

در تي بيل وڳي. هوءَ در کولڻ وئي ۽ ڪجھه دير کان پوءِ آئي.

ڪير ھو؟

الائجي ڪير در تي گلدستو ڇڏي ويو آهي!؟

گلاب جي گلن جو گلدستو... ڏس ڪيڏو نه پيارو آهي!

ھا... پر توکي ڪيئن خبر پئي!؟

مون دل تي ھٿ رکي چيو.

تنھنجي دل منھنجي سيني ۾ پئي ڌڙڪي.

ھوءَ کِلي ۽ چيائين:

بڪواس بند ڪر.

آءٌ بند ٿو ڪريان، تون شروع ڪر!

ھوءَ وري کِلڻ لڳي.

ڏٺئي ڪونه، ته ڪير هو؟

نه!؟

آءٌ سمجهان ٿو ته گلدستي ۾ خط رکيل ھوندو؟ ان ۾ ئي ڏسي وٺ!

ها خط ته رکيل آهي، پر تون ئي ڏسجئين!

ڏس نه! منھنجو قسم اٿئي.

هُن گلدستي ۾ رکيل خط کڻندي چيو.

الائجي ڪنھن موڪليو آھي ۽ توکي اچي رڳو مذاق سُجھي آھي... لکيل آھي ته: ”اوھان کي جڏھن کان ڏٺو اٿم تڏهن کان دل بيقرار ٿي پئي آھي. ھر وقت، ھر گھڙي اوھان جي ياد ۽ اوھان جا ئي خواب پيو ڏسان. تنھنڪري پيار جي اوھان وانگي خوبصورت سوکڙي پيش ِ خدمت آهي، اميد ته قبول پوندي! __ اوھان جو اڻ ڏٺو چاهيندڙ“ اَئي... شل مُئي کي ڪا مار پوي رب جي...! چٽ ٿي نڀاڳو...! چنڊو...!

آءٌ کلڻ لڳس... ۽ چيم:

حِنا ڪٿي تنھنجو ڪو پراڻو عاشق ته ڪونھي! ٿي سگھي ٿو ته ھُو تنھنجو پيڇو ڪندو اچي ھتي نڪتو ھجي... صرف تو سان ملڻ خاطر!

مون کي لڳي ٿو ته تنهنجو دماغ خراب ٿي پيو آھي!

پر آءٌ محسوس ڪريان پيو ته تون پنھنجي اڻ ڏٺي چاهيندڙ سان ملڻ لاءِ بيقرار ٿي رھي آھين!

تو جي ھاڻي پنھنجي بڪواس بند نه ڪئي ته آءٌ توکي مار ڏينديس.

آءٌ خاموش رھيس ته وري چيائين:

الائجي ڪير آهي... ڪير گل ڇڏي ويو آهي...! مون کي ته ڊپ پيو لڳي! تون وري ڇو خاموش آهين!؟ ڇا ٿيئي، ڪجهه ڳالھائين نه ٿو

پھرين ڳالھائڻ تي ٿي ٽوڪين ۽ پوءِ وري خاموش رھڻ تي!

مون بڪواس بند ڪرڻ لاءِ چيو ھو، ڳالھائڻ نه!

بڪواس!

ھا! هي جيڪي تون اجايون سجايون ڳالھيون پيو ڪرين نه، ان تان! (در تي بيل وڳي) اجھو وري الائجي ڪھڙو نڀاڳو آھي!؟

حِنا اھو نڀاڳو تنھنجو اڻ ڏٺو چاهيندڙ آهي ۽ تنھنجو ديدار ڪرڻ آيو آهي!

مھرباني ڪري تون پنھنجي بڪواس بند ڪر، مان وڃي ڏسان ته اهو آهي ڪير!

هُن وڃي در کوليو ۽ ڪجھه دير کان پوءِ اندر ڀڻڪندي آئي...الائجي ڪير مئو آهي، جيڪو پهرين گلدستو ڇڏي ويو ۽ هاڻي وري هي پئڪيٽ ڇڏي ويو آهي...‘

ڪير ھو؟

الائجي...؟

ڇا آهي پئڪيٽ ۾!؟

الائي؟ __ پر توکي ڪيئن خبر پئي!؟

تنھنجي دل منھنجي سيني ۾ پئي ڌڙڪي!

مون دل تي ھٿ رکي چيو ۽ هُن پريشانيءَ مان چيو:

توکي ته رڳو اچي مذاق سُجھي آهي...

ڀلا ڏس ته ڪنھن موڪليو آھي!؟

هوءَ پئڪيٽ تي لڳل ڪارڊ پڙهڻ لڳي:

”اُڪير مان اوهان لاءِ پيار جي ٻي سوکڙي (ساڙهي) پيش ِ خدمت آهي، قبول فرمائيندا. __ اوھان جو اڻ ڏٺو چاهيندڙ.

مُئي کي مار پويس... هيءُ چنڊو آهي ڪير!؟

ڪير وري ڪير!؟ تنهنجو اڻ ڏٺو چاهيندڙ آهي، جيڪو اڄ پڪ توسان اچي ملندو!

تون ڪو نه سڌرندين...! آءٌ ته پريشان ٿِي پئي آهيان!

آءٌ جي سڌران ها ته پوءِ تون پريشان ڇو ٿين ها...

آءٌ وڏو ٽهڪ ڏئي کليس ۽ زوردار آواز ۾ چيم:

هلو!!

توکي وري ڇا ٿيو، جو زور سان ھلو چيئي!!؟

توکي تنگ ڪرڻ لاءِ...! ياد ڪر شاديءَ کان پهرين پنھنجي ملڻ جو پروگرام ھو، جو مون توکي فون ڪئي هئي ۽ تو رسيور کڻي خار مان ”ھلو“ چيو ھو.

ھُن کلي چيو:

ھا... مون لپ اسٽڪ پئي ھنئي ته اوچتو فون جي گھنٽي وڄڻ تي آءٌ ڇرڪي پيس ۽ سڄي لپ اسٽڪ ڦِٽي وئي... ۽ وري جيسين آءٌ اچان، تيسين فون جا ٻرڙاٽ پئي پيا! ان تان خار لڳم... پر تنهنجو آواز ٻڌي سڄو غصو پيار ۾ تبديل ٿي ويو.

ھم م م... منهنجو آواز يا پنهنجي اڻ ڏٺئي چاهيندڙ جو آواز!

پليز... ھاڻي پنھنجي بڪواس بند ڪر ۽ اھو ٻڌاءِ ته ڪڏھن ايندين؟

پھرين تون پنھنجي اڻ ڏٺئي چاهيندڙ جو ته حال احوال وٺ!

منھنجو واسطو فقط تو سان آھي ۽ تون ڪڏھن ايندين؟

ڀلا گيلريءَ مان ئي کڻي نھاريس!

آءٌ ڇو نھاريان!؟

پليز... توکي پنھنجي شاديءَ جي ھڪ سال، ٽي سؤ چوھٺ ڏينھن، ٽيويھن ڪلاڪن، اوڻھٺ منٽن ۽ پنجاھه سيڪنڊن جو قسم اٿئي... تون ان کي گيلريءَ مان ئي ھڪ دفعو نھار!

ھوءَ موبائيل ڪن تي رکيو گيلري طرف وڌي ۽ چيائين:

تنهنجون به عجيب فرمائشون آهن...، آءٌ ان چنڊي کي ڏسان ٿي ۽ ھاڻي تون ٻڌاءِ ته ڪڏھن ايندين؟

ھُن گيلريءَ ۾ اچي ھيٺ نھاريو، آءٌ گاڏي مان لٿس ۽ مٿي گيلريءَ ۾ هُن ڏانهن نهاري چيم:

سرڪار اُڪير مان موڪليل پيار جون سوکڙيون قبول پيون...

تون ڪونه سڌرندين!!

آءٌ ڇا ڪريان... آءٌ ته تنهنجي هَر ادا جو ديوانو جو آهيان...

بهادر ٽالپر

هڪ صبح جي ڪهاڻي

ان کان اڳي جو آءٌ اوهان کي هنن وڻن ٽڻن، برن باغيچن، درن ديوارن، پکين، سمنڊن، ڍنڍن ڍورن، جبلن ٽڪرين، شهرن جي روڊن رستن، ڳوٺن جي پٽن پيچرن، جهوپڙين لانڍين، محلن ماڙين، ميل فيميل ڪلبن ۽ ٻين شين سان هڪ صبح جي ڪهاڻي شيئر ڪريان پر مون کي الائي ته ڇو يقين آهي ته اها ڪهاڻي رات ۽ رات جي ڪاري وجود کان پنهنجي شروعات چاهي ٿي.

رات جيڪا رعنائي ۽ حسن به رکي ٿي. ستارن جو فراڪ پهريل اها رات ڪڏهن ڪڏهن چانڊوڪيءَ جو چولو به پائي ٿي وٺي ۽ جمالياتي حس رکندڙن کي حيران ڪرڻ لاءِ هر جتن ڪري ٿي ۽ اهڙا جتن هوءَ ان لاءِ به ڪري ٿي ته جيئن ماڻهو پنهنجا هڙئي خواب وٽس ئي گروي رکي ڇڏين... رات ڏينڀو جيان ڏنگي به ٿي ته ڪن ماڻهن جي مٿن تي ڪنهن مهربان ماءُ وانگر هٿ به رکي ٿي! ان ئي رات ۾ ڪڏهن ستارا پنهنجي سموري سونهن وڃائي ويهندا آهن ۽ ان ئي رات جون چانڊوڪيون ڪڏهن ڪاراٽجي وينديون آهن...

رياست جو قانون- جنهن ۾ هڪ اُجري صبح جي دلفريب نويد هوندي آهي سو رات جو همنوا بنجي بيهندو آهي ۽ اوهان ۽ اسان سڀ پنهنجي گهر جي چار ديواري اندر سڪون جي ننڊ سمهي نه سگهندا آهيون. اکين جي آڪاس ۾ امن آشائن جا اڇا ڪبوتر اڏامندي ئي ساهه ڏئي ويندا آهن. نه رڳو ايترو پر ان رات ۾ وڏا وڏا بازيگر پيدا ٿيندا آهن.... جن زندگيءَ لاءِ پوءِ ڪڏهن به ڪا بازي هارائي نه هوندي آهي. اهي رياست جي قاعدي قانون توڙي ٻي هر شيءِ کي شڪست ڏيندا آهن. اهي محفلن جا اهڙا ته مور هوندا آهن جو هوند هنن بنا محفلون ئي ٻُسيون ٻُسيون رهجي وڃن... هونئن ته ڪيترائي ڪم ڪري سگهندا آهن ۽ انهن تاريخ ۾ اهڙا ڪافي ڪم ڪيا به آهن جن جي ڪري هو هر وقت ۽ هر دم ياد رکيا پيا وڃن... ۽ اڳتي لاءِ به ياد رکيا ويندا... پر هنن جو وڏو ”ڪارنامو“ رات جي رعنائي ۽ حسن ۾ ويتر وڌيڪ اضافو ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهو موهجي ان رات سان گڏجي رقص ڪن! ڪهڙو اڀاڳو چاهيندو ته اهڙي رات سان رقص نه ڪري!؟ ۽ ڪهڙو سڀاڳو پوءِ چاهيندو ته ان رات کان پوءِ ڪو سُهاڻو صبح به ٿئي!؟

اهي بازيگر ڊاڪٽرن جي روپ ۾ عام ماڻهن جي مسيحائي ڪندي به ڏسبا آهن ته جيئن سندن مرض جي تشخيص ڪري ان لاءِ ڪا مناسب مرهم تجويز ڪري سگهن.... اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن جي ئي تجويز ڪيل دوا سان مرڳو سندن مرض ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي وڃي ۽ نيٺ وڃي مريضن جو موت واقع ٿئي.

اهي اٽڪلي بازيگر ڪيتريون ئي اٽڪلون ڄاڻندا آهن ۽ ايئن معاشري جي برک حڪيمن جي حڪمت به سندن اڳيان هيچ بڻجي پوندي آهي. ٻن آڱرين جي ٺڪاءَ سان هو ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري سگهندا آهن. هو هن ڳالهه ۾ اڃا به وڌيڪ داناء آهن جو هو ماڻهن کي پنهنجو ديوانو بنائي ڇڏيندا آهن. سندن باري ۾ جيڪڏهن ڪو شخص گٿو لفظ ڪڍندو ته ماڻهو کيس مارڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا....

اهي بازيگر هروڀرو نائٽ ڪلبن ۾ وڃي نازنينن جا نخرا نه کڻڻ چاهيندا آهن البت نازنينون سندن ئي درن تي پاڻ وڃي دستڪ ڏينديون آهن ۽ پوءِ اسپتالن ۾ ايبارشن جو عمل هلي يا ڄم روڪ جا ڪي اُپاءَ ٿين... انهن سان بهرحال اهڙن بازيگرن جو ڏور جو واسطو به نه ٿو هجي!!

هو فٽ پاٿن تي ويٺل گداگرن جي تريءَ تي ڪجهه ڏوڪڙ رکڻ ڪاڻ پنهنجي گاڏيءَ مان لهندي به دير نه ڪندا آهن، اهو سڀ ڪجهه ڪندي هو عام ماڻهن جي نظر ۾ وڏا سخي محسوس ٿيندا آهن. هونئن به هنن جون سخاوتون ڪي لڪل ته ڪونهن. سندن گاڏيءَ جو ڊرائيور ڪڏهن ڪو اتفاقي حادثو ڪري اچي ته زخمي ٿيل يا مري ويل جي پونيرن وٽ همدردي ۽ عذر خواهيءَ لاءِ اصل نه مڙندا... ۽ پونيرن جي کيسي ۾ ڪجهه ڏوڪڙ به وجهي پوءِ ورندا... ان سان سندن اميج اڃا به وڌيڪ اتساهڪ ۽ معاشري لاءِ مثال بنجيو وڃي ۽ ان کان به وڌ هو. ”همدرد انسان“ جي روپ ۾ اڳيان اچيو وڃن!!

ميڊيا ته هونئن به سندن محبت جي سڳي ۾ سوريل ئي هوندي آهي، اها ڇو ڀلا ساڻن لاڳاپيل معاملن ۾ مداخلت ڪندي؟ ۽ ننڍين خبرن کي وڏو ڪري پيش ڪندي.... ها! البت ايترو ضرور آهي ته ميڊيا جو جتي به پنهنجو فوري مفاد هوندو ته پوءِ ”ڪک ڪانا“ هڪ ننڍي خبر کي وڏي بڻايل خبر واري تيليءَ مان ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪي اٿندا....

اهي بازيگر تعليمي ادارن جي طالبن ۾ ڪا وڏي طمع نه رکندا آهن، پر سندن لاءِ اها ڳالهه اهم ۽ بنهه نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي، ته هو انهن جي ڊسيپلين ۽ نظم و ضبط ۾ پنهنجو اثر رسوخ ضرور چاهيندا آهن. اهو ضروري ناهي ته سندن اولاد ان ڊسيپلين ۽ نظم و ضبط جو حصو هجي... هو ساڃاهه وارا اهڙا سڄڻ آهن جو ڄاڻي واڻي پنهنجي ئي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ پنهنجي اولاد جي داخلا نه ڪرائيندا آهن.

هو غريبن جي اولاد جا ته وڏا هڏ ڏوکي هوندا آهن. هو نه ٿا چاهين ته غريبن جا ٻار دَر دَر جا ڌڪا کائين. جهوپڙي نما اسڪولن يا وڌ ۾ وڌ ڪاليج يا يونيورسٽين تائين ڪي ريڙهيون پائي مس پهچن... ڪنهن غريب جو ڪو هٺيلو ٻار شعور جي ڪا چڻنگ جاڳڻ ڪري هروڀرو به اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ سندرو ٻڌي بيهي ته اهڙن شاگردن لاءِ هو اسڪالرشپن جي انتظام ۾ جنبي ويندا آهن. اهڙي ريت هو معاشري ۾ صفا اوندهه به نه ٿا چاهين... کين اها سڌُ بخوبي هوندي آهي ته ”سنئين راند سونٽي جي“. سدائين هلڻي ڪانهي... ۽ ٻيو ته هو پنهنجن خود ساخته قدرن ۾ هڪ قسم جو توازن به چاهيندا آهن ته جيئن سماج ۾ سندن اصل ڪردار جي وائکائي نه ٿي وڃي!!

هو غريب غربي جي نياڻيءَ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڏاج وغيره جي مدد ڪري انسان ۽ سماج دوستي جو ثبوت ڏيندا آهن. اهڙا بازيگر خيراتي اسپتالن، اين. جي. اوز ۽ ٻين مخير ادارن جا زبردست سرپرست ٿي بيهندا آهن. هو بيمار اديبن ۽ صحافين جي علالت ۾ وڃي نه رڳو دلجوئي ڪندا آهن پر رياست پاران اديبن ۽ صحافين لاءِ ٺاهيل ٽرسٽن پاران انهن جي ترت امداد ڪرائڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين اديبن ۽ صحافين جي قلم جي طاقت جي چڱي پر ڄاڻ هوندي آهي...

هو مسجدن، مندرن، گرجا گهرن ۽ ٻين عبادتگاهن ۾ وڃي وڏيون وڏيون عبادتون ڪندا آهن. عام ماڻهو کين عبادتن ۾ محو ڏسي حيران ٿي ويندا آهن. هونئن سندن مٿي بيان ٿيل مشغوليون به ته عبادت ۾ ئي شمار هونديون آهن. ڇاڪاڻ ته ”خدا جي خلق خدمت کان نه ڀانيان بندگي بهتر“ جهڙي چوڻيءَ کان هو بخوبي آگاهه هوندا آهن. پر پوءِ به الائجي هو مطمئن نظر نه ايندا آهن!!

هو بازيگر پنهنجين گهروارين جا ٻين عام ماڻهن وانگر جيتوڻيڪ مجازي خدا هوندا آهن پر پوءِ به هو هر معاملي ۾ ڪوشش ڪري انهن کي اوندهه ۾ رکڻ جو عاليشان ڪارنامو سرانجام ڏيندا رهندا آهن. بلڪه هو هر شيءِ کي ويندي ماڻهوءَ جي شعور کي به چٽو ڏسڻ جا هروڀرو مطمئن نه هوندا آهن....

اهڙي ريت اها رات جاري رهندي آهي جنهن کان هڪ ڪهاڻي شروع ٿي صبح تائين پهچڻ گهرندي آهي پر پهچي نه سگهندي آهي ۽ بازيگرن جي بازي ۽ اٽڪل حاوي ئي رهندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com