ڊاڪٽر سيد مخمور بخاري
قلندر لعل شهباز ؒ تي نئين سر تحقيق جي ضرورت
حضرت قلندر لعل شهبازؒ جي اسم گراميءَ کان سنڌ جو
هر فرد واقف آهي، کيس ”قلندر لعل شهباز“، ”سيوهاڻي
سرڪار“، ”سنڌڙي دا شهباز“ جهڙن لقب القابن سان ياد
ڪيو ويندو آهي. قلندر لعل شهبازؒ ڏانهن عقيدت جي
بنياد تي ئي ڏٺو وڃي ٿو. جيڪي سماج، سياسي ۽ معاشي
طرح پرسڪون نه رهندا آهن، انهن سماجن ۾ فرد اندر
يا ته بغاوت جا جذبا ڪَرُ کڻندا آهن يا اهي فرد
پنهنجي ورثي ۾ مليل برداشت کي سامهون رکندا آهن.
سنڌي سماج به اهڙي صورتحال مان اڄ به گذري رهيو
آهي. هن ڏکوئيندڙ صورتحال دوران عام فرد روحاني
سلسلن ڏانهن گهڻو راغب رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ
اندر تصوف جي تحريڪ هڪ جاءِ تي اچي پنهنجي اصل
صورت وڃائي ويٺي ۽ صوفي بزرگن جي پونئرن درگاهن کي
عام جي روحاني آسودگي، شعور ۽ ساڃاهه جي ڦهلاءَ جي
بجاءِ پنهنجن ذاتي ۽ مخصوص مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ
شروع ڪيو. نتيجي ۾ بزرگن ڏانهن هٿ ٺوڪيون
ڳالهيون/ڪرامتون منسوب ڪيون ويون، جنهن سبب
اولياءِ ڪرام، صوفين ۽ بزرگن جو اصل پيغام ۽ فڪر
ڌنڌ ۾ گم ٿيندو ٿو وڃي. مگر هن صورتحال ۾ مايوس
ٿيڻ جي بجاءِ شعور، ساڃاهه، سمجهه رکندڙ
فردن/محققن/اديبن/دانشورن کي پنهنجي قلم جي ڪرت
سان صوفياء ڪرام جي زندگين توڙي انهن جي فڪر کي
ڇنڊي ڦوڪي حقيقي رخ ۾ پيش ڪرڻو پوندو.
قلندر لعل شهبازؒ ناميارو عالمِ دين،
بزرگ، روحانيت جو صاحب، اهل علم ۽ اهلِ دانش شخص
هو. مگر اڄ تائين هن جي سوانح حيات، هن جي تعليم
تربيت، علم ۽ فهم جا معاملا، خانداني پس منظر، سنڌ
ڏانهن هجرت، سيوهڻ ۾ رهائش سميت ساڻن لاڳاپيل
ڪيترائي موضوع ۽ مضمون، مستند ۽ واضح نه ٿيا آهن.
سنڌ جي مشاهيرن توڙي تاريخ بابت ڄاڻ ڏيندڙ جن به
ڪتابن ۾ قلندر لعل شهبازؒ بابت معلومات درج آهي،
افسوس سان ٿو چوڻو پوي، اها سموري معلومات گهڻي
ڀاڱي تضادن سان ڀريل آهي.
ٻولي ۽ ادب جي شاگرد جي حيثيت ۾ هت مختصر
طور قلندر لعل شهبازؒ بابت ڪن نُڪتن جو ذڪر ڪندس
جنهن جو مقصد هن وقت تائين سيوهاڻي سرڪار بابت
لکيل مواد جي اهميت يا ان جي مستند هجڻ بابت اسان
ڪا حتمي راءِ جوڙي سگهون.
اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته قلندر لعل شهبازؒ،
آذربائيجان جي هڪ شهر ’مروند‘ مان سنڌ پهتو. تاريخ
جي ڪتابن توڙي مشاهيرن جي تذڪرن ۾ سندس نالو شيخ
عثمان مرونديؒ لکيل آهي. تحفة الڪرام،
حديقةالاولياء، تذڪره مشائخ سيوستان جي صاحبن اهو
ئي نالو ڄاڻايو آهي (1).
ڪنهن به شخصيت بابت ڄاڻڻ وقت سندس جنم
تاريخ، خانداني نسب توڙي علمي مرتبو اسان جي
سامهون رهندو آهي، مگر قلندر لعل شهبازؒ متعلق
اهڙي معلومات اختلافن سان ڀريل آهي، جنهن جو هت
مختصر مطالعو ضروري آهي.
ولادت:
قلندر لعل شهبازؒ جي ولادت جي تاريخ مختلف تذڪرن ۾
جدا جدا ڄاڻايل آهي. مولانا دين محمد وفائي،
”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۾ سندن ولادت جي تاريخ ”قلندر
نامه“ جي حوالي سان 538ھ ڄاڻائي آهي(2). ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي اردو ڪتاب ”پاکستان
مين صوفيانه تحريکين“ ۾ لکي ٿو ته.... قلندر جي
ولادت جي سن ۾ اختلاف آهي، تذڪرن ۾ سندن ولادت جو
تاريخون 538ھ، 552ھ ۽ 573ھ ڄاڻايل آهن(3). ”لُب
تاريخ سنڌ“ ۾ 583ھ ”سوانح قلندر“ ۾ 565ھ، ۽
"Hazrat Lal Shahbaz Qalandar of Sehwan
Sharif"
ڪتاب ۾ 573ھ جا سنه ڄاڻايل آهن. البت مشاهيرن جي
تذڪرن ۽ تاريخ جي مکيه ڪتابن: تاريخ معصومي، چچ
نامه، حديقة الاولياء، تذڪره مشائخ سيوستان ۽ تحفة
الڪرام ۾ قلندر لعل شهبازؒ جي ولادت جو سن ڄاڻايل
ناهي.
نسب نامه:
قلندر لعل شهبازؒ جا نسب نامه به مختلف ملن ٿا.
مولانا دين محمد وفائي، اخبار الاولياء و گنج
تاريخ جي حوالي سان هڪ شجرو ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾
درج ڪيو آهي. جنهن موجب نائين پيڙهي ۾ قلندرؒ جو
تعلق حضرت امام جعفر صادق سان جڙي ٿو(4). جڏهن
ته ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي صاحب هڪ ٻيو شجرو درج
ڪيو آهي، جنهن موجب يارنهين پيڙهيءَ ۾ قلندرؒ جو
تعلق حضرت امام جعفر صادق سان جڙي ٿو(5). جڏهن
ته وچ وارن پيڙهين جا نالا ٻنهي شجرن ۾ تبديل آهن.
”لب تاريخ سنڌ“ ۾ پڻ ”تذڪره مشائخ سيوستان“ وارو
شجرو درج ٿيل آهي. ”تحفة الڪرام“ ۾ پڻ قلندرؒ جو
نسب حاشيي ۾ ڄاڻايل آهي(6).
تعليم و تربيت:
قلندرؒ جي تعليم ۽ تربيت بابت ڪابه خاطر خواهه ڄاڻ
نه ٿي ملي. البت مختلف ڪتابن ۾ کيس قرآن پاڪ جو
حافظ ۽ عربي، فارسي جي ڄاڻ رکندڙ ڄاڻايو ويو آهي.
مريدي اختيار ڪرڻ:
هن سلسلي ۾ پڻ ڪا حتمي راءِ موجود ناهي. ”تذڪره
مشائخ سيوستان“ جي لکت موجب قلندر لعل شهبازؒ سنه
بلوغت کي رسڻ بعد خواجه منصور جي خدمت ۾ رهي فيض
پرايو. جنهن کان پوءِ حضرت جمال مجرد (مريد شيخ
ابراهيم) جي بيعت ڪري هڪ سال جو عرصو وٽس گذاري
ڪماليت تي پهچي اجازت ورتائين (7)، پر ڪن جاين تي
قلندرؒ، بابا شيخ ابراهيم جو مريد ته ڪن جاين تي
حضرت شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو مريد ڏيکاريل
آهي(8).
سير و سياحت:
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي لکت موجب ڪماليت تي
پهچڻ بعد سيروسياحت لاءِ نڪتو، اسلامي دنيا جا
گهڻائي ملڪ گهُمي ڏٺائين. ڪعبةالله وڃي حج ادا
ڪيائين. بغداد مان ٿيندو ڪيچ مڪران جي رستي کان
سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ سنڌ جا مختلف علائقا گهمي
ڏٺائين. ان کان سواءِ دين جي تبليغ لاءِ ملتان،
گجرات ۽ برصغير پاڪ و هند جا مختلف حصا پڻ گهمي
ڏٺائين(9).
قلندر لعل شهبازؒ جو ڪيچ مڪران رستي سنڌ ۾
داخل ٿيڻ واري روايت جي پٺ ڀرائيءَ ۾ مولائي
شيدائيءَ جي لکت مان نقل ڪجي ٿو ته: ”عام مؤرخين
اهو ڏيکاريو آهي ته قلندر لعل شهبازؒ عراق کان
ايران رستي سڌو ملتان پهتو پر اهڙو بيان غلط آهي.
درحقيقت قلندر لعل شهبازؒ ايران کان ملتان ڏانهن
ويندي مڪران جي ماٿري پنجگور جي ميدان ۾ ڪجهه وقت
چلو ڪڍيو هو. انهي ڪري ئي پنجگور جو ميدان هن وقت
به ”دستِ شهباز“ ڪوٺجي ٿو(10).“ تحفة الڪرام جي
صاحب جي خيال موجب قلندر لعل شهبازؒ سنه 662ھ ۾
ملتان کان سنڌ پهتو آهي(11).
سيوهڻ ۾ آمد/رهائش:
قلندر لعل شهبازؒ جي سنڌ ۾ آمد توڙي
سيروسياحت ۽ پوءِ اچي سيوهڻ ۾ رهائش بابت ڪي مستند
سنه موجود ناهن. ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي صاحب،
قلندرؒ جي سيوهڻ اچڻ واري سال جي تاريخ لاءِ جيڪا
سٽ پيش ڪئي آهي. ان بابت نامور تاريخدان سيد حسام
الدين راشدي ڪتاب جي حاشيي ۾ اعتراض واريو آهي ۽
”لُب تاريخ سنڌ“ جو حوالو ڏيندي قلندرؒ جو سيوهڻ
اچڻ جو سنه 648ھ يا 649ھ ڏيکاريو آهي(12). حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي پڻ 649ھ جي سنه تي متفق نظر اچي
ٿو(13). پوءِ جي لکندڙن اهو ئي سنه ڄاڻايو آهي،
البت قلندرؒ جو سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ
وارن تذڪرن ۾ سندس ڪرامتن ۽ سيوهڻ ۾ موجود بزرگن
جي اعتراض جهڙو ذڪر پڻ موجود آهي. جيڪو بيان قلندر
جي شخصيت، بزرگي جي خلاف نظر اچي ٿو. بزرگن بابت
هٿ ٺوڪيون روايتون/ڪرامتون گهڙي منسوب ڪيون
وينديون آهن، اهڙي عمل سان انهن بزرگن جي مرتبي ۾
ڪو به اضافو نه ٿيندو آهي.
وفات:
قلندر لعل شهبازؒ جي سموري حياتي جي انگ اکرن جيان
سندس وفات جو سنه به شديد اختلافن جو شڪار آهي.
مختلف تذڪرن ۾ سندن وفات جو سنه جدا جدا ڄاڻايل
آهي: ’سير قلندري‘ ۾ سندس وفات بابت لکيل آهي:
”خميس ڏينهن عصر جي وقت 21 شعبان سنه 688ھ ۾ وفات
ڪيائين (14). ”حيات قلندري“ ۽ ”تذڪره مشائخ
سيوستان“ ۾ سنه 650ھ لکيل آهي. مفتي غلام سرور
لاهوري ”گنج تاريخ“ ۽ ”خزينة الاصفياء“ ۾ 724ھ جو
سنه ڄاڻايو آهي (15) ”حديقة الاولياء“ ۽ ”تحفة
الڪرام“ جي صاحبن 673ھ ڄاڻايو آهي (16).
علمي مرتبو:
قلندر لعل شهبازؒ با عمل عالم هو. مختلف
جاين تي سندس فارسيءَ ۾ نثري ۽ نظمي تصنيفن جي ڄاڻ
ملي ٿي. رچرڊ برٽن، قلندر لعل شهبازؒ جي فارسي
تصنيفن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي گرامر جا ڪتاب آهن ۽
ڪنهن وقت تائين سنڌ جي ديني مدرسن ۾ پڙهايا ويندا
هئا. برٽن جي بيان موجب اهي تصنيفون هي آهن: (1)
ميزان الصرف (2) قسم دويه (3) عقد (فارسي ۽ عربي ۾
گڏيل)(17). هنن ڪتابن مان ”ميزان الصرف“ اڄ به
مدرسن ۾ پڙهايو وڃي ٿو.
اهڙي ريت قلندرؒ جي فارسي شاعري پڻ ٻڌي وڃي ٿي.
نامور عالمِ دين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي
تصنيف ”مدح نامه سنڌ“ ۾ کيس فارسيءَ جو شاعر تسليم
ڪيو آهي. ان کان سواءِ اهم سوانحي ۽ تاريخي تذڪرن
”فتاويٰ واحدي“، ”مقالاة الشعراء“، ”سند
الموحدين“، ”رموز العارفين“، ”لبِ تاريخ سنده“ ۾
قلندر کي فارسي جو شاعر تسليم ڪري سندس ڪجهه
فارسي شاعري پڻ آندي وئي آهي. ڊاڪٽر هرومل
سدارنگاڻي
"Persian Poets of Sindh"
۾ کيس سنڌ جو پهريون فارسي شاعر تسليم ڪيو آهي.
ويجهڙائيءَ واري دور ۾ قلندر لعل شهبازؒ
جي نالي سان ٻه فارسيءَ جا شعري مجموعا ڇپجي نروار
ٿي چڪا آهن.
1. شهباز نامه:
هيءُ ڪتاب مخدوم غوث محمد گوهر ڪوٽڙي ڪبير
واري ترتيب ڏئي سنڌي ترجمي سان سنه1993ع ۾ شايع
ڪرايو آهي. جنهن بابت مخدوم صاحب لکي ٿو ته:
”اسان جي خانداني لائبريريءَ ۾ مختلف قلمي نسخن ۾
قلندرؒ جو ڪلام لکيل هو جنهن کي هڪ هنڌ يڪجا ڪري
پيش ڪيو پيو وڃي(18).“
2. ديوان قلندر مست:
درگاهه خوش خير محمد فقير (ضلع
خيرپورميرس) جي صوفي ظفر علي فقير مختلف جاين تان
قلندرؒ جي نالي منسوب فارسي شعر هڪ هنڌ يڪجا ڪري
شايع ڪرايو آهي پر پنهنجي ماخذ بابت ڪابه ڄاڻ نه
ڏني اٿس.
راقم خود به فارسي شاعري جي هڪ قديم قلمي
بياض ۾ قلندر لعل شهبازؒ، حضرت بهاؤالدين زڪريا
ملتانيؒ، حضرت جلال الدين حيدر سرخ بخاريؒ ۽ حضرت
فريد گنج شڪرؒ جي نالي هڪ فارسي شعر ڏٺو آهي. اٺن
سٽن جي ان شعر جون ٻه ٻه سٽون هر هڪ بزرگ جي نالي
منسوب ٿيل آهن.
قلندرؒ جي فارسي شاعريءَ جا شايد ڪي ٻيا
به قلمي نسخا موجود هجن. اهڙي ريت قلندرؒ جي نالي
منسوب ملفوظات جي قلمي نسخي جو ذڪر نياز همايوني
ڪندي چئي ٿو ته: خانپور لڳ ڳوٺ ۾ ملا ڄام نالي شخص
وٽ قلندرؒ جي ملفوظات جو قلمي نسخو موجود آهي جيڪو
ملا ڄام کيس (نياز همايوني) سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي
خيال سان ڏيڻ لاءِ چيو هو (19). قلندرؒ جي ملفوظات
وارو اهو نسخو مذڪوره شخص کي حضرت فريد شڪر گنجؒ
جي درگاهه تان هٿ آيو هو.
قلندر لعل شهبازؒ بابت مٿي ڪجهه اهم نُڪتن
بابت ذڪر ڪيو ويو آهي. گڏوگڏ انهن جي اختلافن
ڏانهن به ڌيان ڇڪايو ويو آهي. قلندر لعل شهبازؒ جي
ولادت جا سنه توڙي وفات جا سنه اختلافن جي نظر آهن
ته گڏوگڏ سندس سنڌ اچڻ جا سنه پڻ مستند نه آهن.
اسان ڏسون ٿا ته قلندر لعل شهبازؒ جي ولادت مروند
شهر ۾ ٿي ۽ وڏي ڄمار ۾ سنڌ پهتو. تنهنڪري سندن
حياتي، تعليم، تربيت، خانداني پس منظر سميت سندن
طرزِ رهائش، سيروسياحت، علمي مرتبي تائين پهچڻ جي
مرحلن سميت ڪيترائي پهلو اندازاً، گمانن ۽ شڪن جي
ور چڙهيل آهن، جن کي اسان جيئن جو تيئن نه قبول
ڪري سگهون ٿا ۽ نه ئي انهن کي رد ڪري سگهون ٿا.
قلندر لعل شهبازؒ بابت هن مطالعي دوران
منهنجي سامهون ڪجهه سوالن جنم ورتو جن جا جواب
ڳولڻ اسان جي ذميواري آهي:
·
قلندر لعل شهبازؒ وڏي ڄمار ۾ آخر ڇو مروند کان سنڌ
جو سفر ڪيو؟ هيءَ اها ڄمار هئي جنهن ۾ سلوڪ جو
راهي ڊگهي روحاني سفر، مشاهدن، مجاهدن کان پوءِ هڪ
هنڌ سانتيڪو ٿي ويهندو آهي. قلندرؒ جي هن سفر جو
جواز ان وقت جون سياسي حالتون، معاشي يا سماجي
صورتحال يا ڪو ذاتي پس منظر به ٿي سگهي ٿو؟
·
سنڌ ۾ اچڻ بعد هن ٺٽي، بکر، ملتان ۽ سنڌ، پنجاب جي
ٻين حصن جو سير ڪيو ۽ حضرت جلال الدين حيدر سرخ
بخاريؒ، حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتانيؒ، حضرت فريد
گنج شڪرؒ سان سندس دوستي وڌي ۽ تذڪرن ۾ چار يار
طور مشهور پڻ ٿيا. حضرت جلال الدين حيدر سرخ
بخاريؒ پڻ ”بخارا“ (افغانستان) کان سيروسياحت
ذريعي سنڌ پهتو ۽ بکر مان سيد بدر الدين بن سيد
صدرالدينؒ جي نياڻيءَ سان عقد ڪيائون ۽ پوءِ اُچ
شريف ۾ رهائش اختيار ڪيائون. برصغير ۾ بخاري سادات
سندن ئي اولاد آهن. سنڌ ۾ قلندرؒ جي انهن بزرگن
سان ڏيٺ ويٺ/تعلق ڪهڙي ريت جڙيو؟
·
قلندر لعل شهبازؒ جي ميلي جي موقعي تي ڪا ڇوڪري
مقبري اندر ويهاري ۽ مينديءَ جون رسمون ادا ڪيون
وڃن ٿيون. قلندرؒ کي ميندي ۽ ڪنوار ڏيڻ جي قلندرؒ
جي زندگيءَ سان آخر ڪهڙو تعلق آهي؟ اها رسم قلندرؒ
جي جنهن به عقيدتمند جنهن به دور ۾ شروع ڪئي، ان
جو ڪو ته جواز هوندو، جيڪڏهن اها رسم محض ان لاءِ
شروع ڪئي وئي ته قلندرؒ سڄي ڄمار مجرد (ڇڙو) رهيو
ته ان پس منظر ۾، پوءِ اها رسم مناسب ناهي، قلندرؒ
خود پنهنجي مرضي ۽ منشا سان مجرد رهيو هوندو، ته
پوءِ ساڻس عقيدت رکڻ وارن وٽ کيس ڪنوار ڏيڻ يا
ميندي ڏيڻ جو ڪهڙو عقلي جواز موجود آهي؟
·
قلندرؒ جي فارسي تصنيفن، فارسي شعر ۽ فارسي
ملفوظات جي باري ۾ اها ڄاڻ ملي ٿي جيڪا سنڌ اندر
آهي. جنهن مان هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته قلندرؒ نه
رڳو ”وحدة الوجود“ واري فلسفي تي شعر چيو مگر هن
فارسي گرامر جون به تصنيفون ڇڏيون جنهن بنياد تي
اسان کيس دنيا کي ترڪ ڪندڙ، ماڻهن کان پري رهندڙ
شخص نه ٿا چئي سگهون، هو صرف و نحوَ ۽ لسانيات جو
وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو.
قلندر لعل شهبازؒ جون اهي تصنيفون ڪهڙي سال ۾
تحرير ٿيون، ڪٿي تحرير ٿيون، اهي ڪهڙي ريت، ڪهڙي
سن ۾ مدرسن جي نصاب جو حصو بڻيون ۽ ان ساري پس
منظر مان اهو به گمان اٿي ٿو ته قلندر لعل شهبازؒ
سنڌ اچڻ کان اڳ به تصنيف و تاليف جو ڪم ڪندو رهيو
هوندو. اهي تصنيفون ڪهڙيون آهن جيڪي هن سنڌ اچڻ
کان پهرين تحرير ڪيون ۽ انهن جا نسخا دنيا ۾ ڪٿي
ته محفوظ هوندا؟
• صرف و نحوَ ۽ لسانيات جهڙن دقيق موضوعن ۾ ڪنهن
جي شاگردي اختيار ڪيائين؟
·
قلندرؒ جي سنڌ اچڻ وقت ڪنهن به تذڪره نويس يا اڄ
تائين قلندر لعل شهبازؒ تي لکندڙ اهو نه ٻڌايو آهي
ته ساڻس ڪيترا فرد سنڌ ۾ آيا، انهن فردن ۾ سندس
عزيز، دوست يا عقيدت مند يا پيروڪار هئا. ”تحفة
الڪرام“ جو صاحب لکي ٿو ته: مڪلي ٽڪري تي شيخ جيئي
جي مقبري جي اوڀر ۾ دفن ”ميان لال“ قلندر لعل
شهبازؒ جو ڀاءُ يا سؤٽ چيو وڃي ٿو(20). هن لکت مان
اسان جو شڪ ويتر وڌي وڃي ٿو ته قلندر لعل شهبازؒ
سان گڏ سنڌ ۾ ٻيا به فرد ان جي جماعت جي صورت ۾
آيا، جي ائين آهي ته پوءِ اها جماعت سنڌ ۾ منظم ڇو
نه رهي يا ائين ٿي سگهي ٿو ته قلندر لعل شهبازؒ
سان گڏ هڪ ٻه فرد سنڌ ۾ آيا هجن جن ۾ ميان لال به
هجي يا هو پوءِ سنڌ آيو هجي يا ميان لال به مروند
طرف جو هجڻ ۽ قلندرؒ سان ويجهڙائپ هجڻ سبب عام طرح
ان کي شيخ عثمان مروندي جو عزيز سمجهيو ويو هجي.
قلندر لعل شهبازؒ جو سنڌ ۾ اچڻ جي پس منظر ۾ هڪ
راءِ اها به آهي ته هو ننڍي وهي کان پيءُ سان گڏ
سنڌ ايندو ويندو هو، سندس هڪ ڀيڻ سنڌ ۾ پرڻايل
هئي، ڪن شهرن ۾ سندس ڪي سؤٽ يا ڀائر رهندا هئا
جيڪي اتي دفن ٿيا(21).
شيخ عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهبازؒ بابت
اسان وٽ جيڪو به مواد آهي، اهو علمي حوالي سان
اسان جي اُڃ نه ٿو اُجهائي بلڪ ڪيترائي علمي
مونجهارا پيدا ڪري رهيو آهي. شيخ عثمان قلندرؒ
پنهنجي وقت جو جيد عالم، بزرگ ۽ صاحبِ فضيلت شخص
هو مگر افسوس جو اڄ تائين سندس شخصيت، فڪر ۽ علمي
ڪارنامن بابت اسان ڪو مستند ۽ تضادن کان آجو ڪم،
نه ڪري سگهيا آهيون.
قلندر بابت مٿي ڪيل گفتگو کان پوءِ ان نتيجي تي
پهچي ٿو ته اڄ قلندر لعل شهبازؒ تي هڪ اهڙي تحقيقي
اداري قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو قلندر لعل
شهبازؒ جي شخصيت ۽ علمي مرتبي سميت سمورن پهلوئن
تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪري اسان سامهون ڪي نوان
۽ نرالا نُڪتا ۽ پهلو اجاگر ڪري ۽ اهو تڏهن ئي
ممڪن ٿي سگندو جڏهن اسان ان رستي ذريعي ”مروند“
پهچنداسين، جنهن رستي ذريعي سير سفر ڪندو ضعيفي جي
ڄمار ۾ شيخ عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهبازؒ
سنڌ پهتو.
حوالا
1. مير علي شير قانع، تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو:
مخدوم امير احمد، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
ص349، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع
عبدالغفور بن حيدر، تذڪره مشائخ سيوستان، سنڌي
ترجمو: نياز همايوني، ايڊٽ ۽ مرتب: پير حسام الدين
راشدي، ص315، شامل: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، مرتب:
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
1992ع - سيد عبدالقادر بن سيد هاشم، حديقة
الاولياء، ص39، ايڊٽ ۽ مقدمو: پير حسام الدين
راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.
2. مولانا دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ (جلد
ٻيو)، ص300، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1985ع
3. ...اکڻر ميمن عبدالمجيد سندهي، پاکستان ۾
صوفيانه تحريکين، باب طريقه قلندري، سنگِ ميل
پبليکيشرز لاهور 1994ع
4. تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو) ص295
5. تذڪره مشائخ سيوستان، ص315
6. تحفة الڪرام، ص349
7. تذڪره مشائخ سيوستان، ص315
8. تذڪره مشاهير سنڌ، 296، - قلندر لعل شهبازؒ: هڪ
مطالعو مرتب: نفيس احمد شيخ، ص26-25، شهباز ميلا
ڪاميٽي ڄام شورو، 2007ع
9. ڏسو حوالو 3.
10. مولائي شيدائي، قلندر لعل شهبازؒ بابت ڪجهه
حقيقتون، (مقالو)، ماهوار نئين زندگي، قلندر لعل
شهبازؒ نمبر 1975ع
11. تحفة الڪرام، ص349
12. تذڪره مشائخ سيوستان، ص315
13. عابد مظهر، قلندر لعل شهبازؒ جي آمد وقت سيوهڻ
شهر جون سياسي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي حالتون، مقالو
ص32، فڪر قلندر، اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتو حڪومت
سنڌ، 2008ع
14. تذڪره مشاهير سنڌ، ص300
15. تذڪره مشاهير سنڌ، ص301، تذڪره مشائخ سيوستان
ص314
16. حديقة الاولياء، ص42 – تحفة الڪرام ص350
17. رچرڊ برٽن، سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون،
سنڌي ترجمو: محمد حنيف صديقي، ص8-127، سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو 1995ع
18. مخدوم غوث محمد گوهر (مرتب ۽ سنڌي ترجمو)
شهباز نامه، ص17، الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي ڪبير، 1993ع
19. شهباز نامه، ص6
20. تحفة الڪرام، ص611
21. غلام رباني آگرو، سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ،
ص354، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1997ع
قاضي مقصود احمد
سمن جي نسب نامي جون روايتون
شجرا ڇا آهن؟
ماڻهن جي نالن تي مشتمل ان چارٽ کي شجرو يا نسب
نامو چئجي ٿو، جنهن ۾ پيڙهي در پيڙهي انسانذات جي
نسلي ارتقا جو سلسليوار رڪارڊ جمع ڪيل هوندو آهي
پر جيئن ته اهو ڪم انسان جي وجود ۾ اچڻ سان شروع
ٿيل نه هوندو آهي ان ڪري نسلي ارتقا جي تحقيق جي
سلسلي ۾ اهڙي ڪنهن به چارٽ کي مڪمل نه ٿو چئي
سگهجي. البته شجرا مختلف قبيلن ۽ قومن جي هڪٻئي
سان نسبت بابت ضروري معلومات ضرور ڏين ٿا. ان
معلومات جي آڌار تي مختلف قومن جي عروج ۽ زوال جو
اندازو ڪرڻ سان گڏ انهن شجرن مان انسانذات ۾
ڀائيچارو پيدا ڪرڻ جو ڪم به وٺي سگهجي ٿو، جيئن
اسان جي رسول حضرت محمدﷺ سموري انسانذات کي آدم
عليہ السلام جو اولاد هئڻ جي نسبت ياد ڏياري ڀائپي
۽ انسان دوستيءَ جو سبق ڏنو. شجرن جي مطالعي دوران
جيڪي ذڪر لائق نُڪتا محسوس ڪيا ويا، اهي هتي
ڄاڻائڻ ضروري سمجهجن ٿا.
1. انسانذات جي نسل بابت مختلف روايتون، مختلف
قومن ۽ قبيلن جي روايتي تاريخ ۾ ڏند ڪٿائي صورت ۾
محفوظ آهن.
2. شجرا قبائلي، جاگيرداري سماج جي ضرورت رهيا
آهن، جنهن ۾ قبائلي عصبيت ۽ برادريءَ جو تعلق
انسان جي تحفظ ۽ روزگار جو ذريعو بڻبو رهيو آهي.
3. شجرا بنيادي طور تي حڪمرانن/ قبائلي سردارن يا
علمي گهراڻن سان تعلق رکن ٿا.
4. شجرا لازمي طور تي ڪنهن مشهور شخصيت کان شروع
ٿيل هوندا آهن ڀلي پوءِ ان شخصيت جو احوال وقت جي
دز ۾ لٽجي ڇو نه ويو هجي.
5. نسب نامن جي روايتن ۾ اصل ذات، منجهانئس ڦٽي
نڪتل ذاتين تي تقديم جي لحاظ کان فوقيت رکندي آهي.
جيستائين مک ذات اهميت واري رهندي آهي، تيستائين
ان مان ڦٽي نڪرڻ واريون ننڍيون ذاتيون ساڻس نسبت
جي دعوا ڪنديون آهن ۽ ان نسل مان هئڻ تي فخر به
ڪنديون آهن، پر اڳتي هلي ننڍين ذاتين جي اهميت
اختيار ڪرڻ، مذهبي تفرقو پوڻ، سياسي يا ٻئي ڪنهن
به قسم جا تضاد پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ ننڍيون ذاتيون،
وڏيءَ ذات کان پنهنجو تعلق لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي به
نظر آيون آهن.
6. ننڍين ذاتين (يا پاڙن) جا نالا جيئن ته مشهور
ابن ڏاڏن جي نسبت سان جڙيل هوندا آهن، ان ڪري جنهن
نسل ۾ جيترا ڀيرا وڌيڪ ذات جي تبديليءَ جو قدرتي
عمل ٿي گذريو هوندو آهي، اها ذات مشاهير جي تعداد
جي ڪري اوتري ئي فوقيت واري ليکي سگهجي ٿي.
7. نسل جو وڌڻ، ذاتين جي وڌڻ جو ڪارڻ بڻبو آهي ۽
اهي ذاتيون گروهن جي شڪل اختيار ڪري وينديون آهن.
سمن جا اهڙا وڏا ۽ قديم گروهه: سهتا، چنا، ڀٽي،
چاوڙا (چوڙا سما)، ابڙا (آبڙ)، جاڙيجا وغيره اسان
جي علم ۾ آهن، جيڪي سما سڏيا ويا آهن، سماٽ ۾ شامل
آهن ۽ هاڻي پاڻ به وڏا نسلي گروهه بڻجي چڪا آهن.
8. نسب نامن ۾ ساڳيا نالا ورجائبا رهندا آهن. هڪ
ئي نسل ۾ ساڳي ذات مختلف ابن ڏاڏن سان منسوب هئڻ
ممڪن آهي. نسب نامن جون پيڙهيون ياد نه رهڻ جي
صورت ۾ عام طور تي انهن مختلف ذاتين کي هڪڙي ئي
ذات سمجهيو ويندو آهي.
9. اڪثر حالتن ۾ ائين به نظر اچي ٿو ته شجرا ياد
ڪرڻ وارن راوين مٿين پيڙهين کي مشهور معروف سمجهي
انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري نه سمجهيو آهي ۽ پنهنجو
شجرو نئين نالي سان قائم قبيلي جي ڏاڏي کان شروع
ڪرڻ کي ڪافي سمجهيو آهي، يا جيتريون پيڙهيون ياد
رهيون آهن، انهن کي وڏي ڏاڏي سان سڌيءَ طرح ملائي
ڇڏيو آهي. راويءَ جو مقصد ڄاڻي واڻي مونجهارو پيدا
ڪرڻ نه هوندو آهي، پر اڳتي هلي وقت گذرڻ سان اهي
ڳالهيون نسب نامن جي سلسلي ۾ پيڙهين ۽ دور جي
حوالي سان مغالطي جو ڪارڻ بڻجي وينديون آهن.
|