گذارش
جنم جنم جي جيت ايازُ
هر سال، هن مهيني ۾، شيخ محمد مبارڪ اياز جي ورسي
شايانِ شان نموني سان ملهائي ويندي آهي. هن عظيم
شاعر جي وڇوڙي کي اڄ 14 سال وهامي ويا آهن، اهي 14
سال اڄ به ڪالهوڪو ڏينهن لڳن ٿا. اڄ به سنڌ جو
علمي ۽ ادبي حلقو سوڳوار آهي ۽ مهان ڪوي شيخ اياز
جو خال شدت سان محسوس ڪري ٿو. اداره ”مهراڻ“ سنڌي
ٻوليءَ جي هن نامور ۽ عظيم شاعر کي ورسيءَ جي
موقعي تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ ورسيءَ جي
مناسبت سان لائق پڙهندڙن جي خدمت ۾ ٻه- چار
ڳالهيون عرض رکي ٿو، جنهن ذريعي شيخ اياز جهڙي
آفاقي شاعر کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جون سرحدون انسان دوستيءَ جي
اعليٰ ترين قدرن سان ڳنڍيل آهن. هو سنڌ کي پنهنجو
وطن تسليم ڪندي به سڄيءَ ڌرتيءَ کي پنهنجو ديس
سمجهي ٿو. اهائي شاعراڻي خوبي سندس شعر کي
عالمگيريت ۽ آفاقيت بخشي ٿي. انهيءَ احساساتي هم
آهنگي ۽ هڪجهڙائيءَ سان گڏوگڏ شيخ اياز جي شاعريءَ
۾ عالمي سطح جي ڪيترن ئي مسئلن واقعن، شخصيتن،
تحريڪن ۽ انقلابن جا حوالا عام جام ملن ٿا، جن جو
واسطو ادب، سياست ۽ فلسفي سان آهي. شيخ اياز جا
نظم هيروشيما، چي گويرا جي موت تي، ويٽڪانگ جو
سائگان تي حملو، مزدور جي ٻار جو گيت، پورهيت لاءِ
پرديس به ساڳيو وغيره خاص طرح ذڪر جوڳا آهن.
انهيءَ کان علاوه شيخ اياز پنهنجي مختلف ڪتابن
جهڙوڪ: ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن (3 ڀاڱا)، ڇوليون
ٻوليون سمنڊ جون ۽ خاص ڪري نثري شاعريءَ جي ڪتابن
۾ ادب، آرٽ، سياست، فلسفي ۽ مذهب سان تعلق رکندڙ
ڪيترن ئي ناميارن ۽ عظيم شخصيتن سان تخاطبي انداز
پنهنجايو آهي، جن سان هو سندن ئي پيش ڪيل خيالن ۽
سوچن تي بحث ڪندو ۽ ويچار ونڊيندو نظر اچي ٿو.
دنيا جي هر ڪنهن عظيم شاعر وانگر شيخ اياز جي
شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جا گوناگون ۽ ڳتيل پهلو آهن ۽
سندس شاعريءَ جون وسعتون ۽ سرحدون هڪ لحاظ کان
ڇُهي نه ٿيون سگهجن. هر عظيم تخليقڪار وانگر شيخ
اياز جي فڪر ۽ فن جي پاتارن ۾ جيئن جيئن لهبو تيئن
تيئن نوان نوان موتي هٿ ايندا ۽ ان جي فن ۽ فڪر جي
وسعتن ۾ جيئن جيئن پري پري تائين وڃبو تيئن تيئن
نوان گرهه ۽ سيارا هٿ ايندا رهندا. شيخ اياز جي
شاعري جيتوڻيڪ پنهنجي موضوعاتي اعتبار کان گهڻي
ورهايل آهي، پر انهيءَ هوندي به ان جا ڪي خاص ۽
نمايان پهلون آهن: (1) انسان دوستي، (2) وطن
دوستي، (3) رومانويت، (4) فطرت پسندي ۽ (5)
عالمگيريت.
شيخ اياز هڪ اهڙي علائقي ۾ جنم ورتو، جيڪو صدين
کان وٺي ڌارين جي حملن ۽ قبضي هيٺ رهيو هو ۽ جنهن
غلاميءَ جا ڊگها دور ڏٺا هئا ۽ تاريخ جي ڊگهي
غلامي، اتان جي ماڻهن ۾ محرومي ۽ مظلوميت جي احساس
کي جنم ڏنو هو. شيخ اياز کي پڻ اهڙي محرومي ۽
مظلوميت ورثي ۾ ملي هئي، جنهن کان هن اڳتي هلي
بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي ماڻهن جي عزت نفس،
سماجي وقار، قومي سربلندي، ثقافتي سجاڳي ۽ سياسي
حقن جو آواز بلند ڪيو. هن مروج روايتن کان بغاوت
ڪئي ۽ مقامي سطح جي استحصالي قوتن کان وٺي رياستي
سطح تائين، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين
۽ ڏاڍ خلاف سگهارو آواز بلندو ڪيو. اها مظلوميت جي
پاسداري ئي هئي، جنهن جي ڪري هن جا شروعاتي ٽئي
ڪتاب- ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ۽
”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ضبط ڪيا ويا ۽ هن کي ڪيترا ڀيرا
زندان ڀيڙو ڪيو ويو.
شيخ اياز هڪ آزاد روح هو، جنهن ڪنهن به طور تي
غلامي قبول نه پئي ڪئي ۽ نه ئي هن پنهنجو پاڻ کي
غلام ڄاتو هو. سندس نظر ۾ جسم جي غلامي ڪڏهن به
حقيقي غلامي نه هئي، هو پاڻ کي روحاني ۽ ذهني طور
هڪ آزاد انسان سمجهندو هو، ۽ اهڙي اظهار ڪرڻ جي
منجهس خداداد سگهه هئي، هو ويهين صديءَ جو تمام
وڏو ذهين ماڻهو هو. هن جڏهن شعور سنڀاليو، تڏهن هن
کي ڪيتريون ئي صعوبتون سهڻيون پيون، هن کي ڪافر ۽
ملحد ڪوٺيو ويو، هن کي غدار ۽ ڏوهي قرار ڏنو ويو،
هن پنهنجي روحاني آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ وڏي
قيمت ادا ڪئي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مظلوميت جي
پاسداريءَ جو دائرو پنهنجي وطن ۽ وطن واسين کان
شروع ٿئي ٿو۽ آهستي آهستي اهو وڌندو سڄي دنيا کي
پنهنجي پاڻ ۾ سمائي ڇڏي ٿو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن
عظيم شاعر جو فڪر مظلوميت جي پنڌ ۾ سڄيءَ دنيا
تائين وڃي پهچي ٿو. سندس شاعريءَ جو اهو پهلو هن
کي هڪ آزاد عالمي شهريءَ جي حيثيت ڏئي ڇڏي ٿو.
شيخ اياز جي شاعريءَ کي هيٺين وڌيڪ پهلوئن ذريعي
بيان ڪري سگهجي ٿو:
(1) احساسن ۽ خيالن جي عالمگيريت
(2) تحريڪون، انقلاب ۽ عالمي واقعا
(3) شخصيتون
(4) فطرت پسندي
شيخ اياز جيئن ته هڪ جديد دنيا ۾ اک کولي هئي،
تنهنڪري سندس مشاهدي ۽ مطالعي ۾ سڄي دنيا هئي،
انهيءَ ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اعليٰ انساني قدرن
کي جائتو ڪيو ۽ سڄي دنيا جي مظلومن ۽ محڪومن سميت
مڙني وطنن، سماجن ۽ قومن جي احساسن ۽ جذبن کي شدت
سان اظهاريو. هو غلاميءَ ۽ مظلوميت جو مقامي توڙي
عالمي لقائن ۾ ڪوبه فرق نه ڀائيندو هو، ان لاءِ
سنڌي ماڻهن سميت دنيا جا سڀ مظلوم ۽ محڪوم ماڻهو
ڄڻ ته هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي هئا. هن کي مقامي سطح جي
ڪنهن ظالم، ڦورو، ڌاڙيل ۽ عالمي سطح جي ڪنهن
استحصالي قوت ۾ ڪوبه فرق نظر نه ايندو هو. انهيءَ
اعتبار کان اسان چئي سگهون ٿا ته شيخ اياز جي
شاعري پنهنجي جوهر ۾ وڏيءَ حد تائين احساساتي
هڪجهڙائيءَ جي طور تي عالمگيريت جي طرفدار هئي.
شيخ اياز پنهنجي همعصر دور ۾ هلندڙ عالمي تحريڪن،
انقلابن ۽ واقعن کان چڱيءَ ريت واقف هو، جڏهن ته
تاريخ جي مختلف دور جي تحريڪن، انقلابن ۽ عالمي
واقعن کان به کيس ڀليءَ ڀت واقفيت هئي. سندس اهڙي
همعصر دور ۽ تاريخ جي شعور هن جي فڪر ۽ تخليقي عمل
کي وڏيءَ حد تائين متاثر ڪيو ۽ هڪ نئين فڪري ڌارا
بخشي. اهوئي سبب آهي جو اسين ڏسون ٿا ته دنيا جي
مختلف انقلابي ۽ قومي تحريڪن سميت مظلوم ۽ محڪوم
ماڻهن جي بغاوتن سان گڏ دنيا جي ڦورو، لٽيرن ۽
ڌاڙيل قوتن جي سازشن جا ڪيترائي مثال ۽ حوالا سندس
شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين پکڙيل نظر اچن ٿا.
شيخ اياز بنيادي طرح هڪ عظيم تخليقڪار ۽ مفڪر هو،
ان ڪري هن پنهنجي احساساتي دنيا ۾ هڪ خارجي برادري
۽ هڪ داخلي برادري به ٺاهي هئي، جنهن سان هو
پنهنجي تخليقن ۾ ڪچهريون ڪندو نظر اچي ٿو. هن جي
داخلي برادريءَ ۾ دنيا جا عظيم سورما، باغي
فلاسافر، عالم، آرٽسٽ، تخليقڪار، تاريخدان ۽ ٻيا
اهم ماڻهو اچي وڃن ٿا. هو سنڌ ۾ ويهي پنهنجي تخليق
وسيلي ڪڏهن ڪنفيوشس سان ڪچهري ڪندو هو ته ڪڏهن
هومر سان، ڪڏهن ارسطوءَ سان، ڪڏهن افلاطون سان،
ڪڏهن مائوءَ سان ته ڪڏهن لينن ۽ مارڪس سان. اهي ۽
انهن جهڙا ٻيا انيڪ ڏاها ۽ عظيم ماڻهو سندس ذهني ۽
داخلي زندگيءَ جو حصو هئا. اسين شيخ اياز جي
شاعريءَ ۾ انهن مڙني غير معمولي ماڻهن سان ڪچهرين
جا احوال پڙهون ٿا. ان لحاظ کان پڻ اسين اهو چئي
سگهون ٿا ته شيخ اياز جي ذهني ۽ روحاني اٿا ويٺي
سڄيءَ دنيا جي عظيم انسانن ۽ غير معمولي ڏاهن
ماڻهن سان هئي.
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم پهلو فطرت پسندي به
آهي، دنيا جي هر ڪنهن عظيم تخليقڪار وانگر شيخ
اياز جي شاعريءَ جون موضوعاتي حدون- زندگي، سماج ۽
فطرت تائين پکڙيل آهن. شيخ اياز جي فطرت پسنديءَ
جا ٻه حصا آهن. هڪ حصي ۾ هن پنهنجي ديس جي ندين،
وڻن ٽڻن، فصلن، ماڳن مڪانن، ۽ لڳ ڀڳ هرهڪ شيءِ ۽
لقاء سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته سندس
فطرت پسنديءَ جو ٻيون حصو هن جي سيرن ۽ سفرن جو
تخليقي اظهار آهي ۽ هن جي تخيل جي آڌار جو نتيجو
پڻ آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اسان جو دنيا جي
مختلف علائقن، شهرن ۽ ماڳن مڪانن ۾ موجود فطري حسن
جو بيان پڻ جهجهو ملي ٿو، جنهن مان اهو ثابت ٿئي
ٿو ته هن جي تخليقڪار اک صرف پنهنجي ديس ۾ فطري
حسن کي ئي نه ٿئي ڏٺو پر دنيا جهان جي خوبصورتي پڻ
کيس متاثر ڪيو ۽ ان جو بيان هن پنهنجي شاعري توڻي
نثر ۾ خوب ڪيو آهي. سندس اها فطرت پسندي سندس
لاشعور ۽ تحت الشعور جو اهڙو حصو هئي، جيڪا سندس
تخليقي عمل ۾ هر طرح سان دخلڪار ٿيندي هئي ۽ ان جي
شاعريءَ کي وڌيڪ معنائون ۽ حسناڪيت بخشيندي هئي.
شيخ اياز پنهنجي تخليقن ۾ عالمگيريت ۽ انسانيت جو
وڏو پاسدار ۽ علمبردار هو، تنهنڪري اها ضرورت هر
وقت محسوس ڪئي وئي ته سندس شاعريءَ جا ترجما
انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪيا وڃن ته جيئن اها جهڙيءَ
طرح سنڌي ماڻهن لاءِ اتساهه جو ذريعو بڻي آهي ۽
جهڙيءَ ريت اها انهن جي ارادي جي مضبوطي ۽ عزم جي
بلنديءَ جو ڪارڻ بڻي آهي ۽ جنهن نموني اها پنهنجي
وطن ۽ وطن واسين لاءِ غلاميءَ سان نفرت ۽ آزاديءَ
سان محبت جو وسيلو بڻي آهي، تهڙيءَ ريت اها سڄيءَ
دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ پڻ اتساهه،
ارادي جي مضبوطي، عزم جي بلندي ۽ غلاميءَ مان
ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ مددگار ثابت ٿِي سگهندي
۽ اهڙيءَ ريت اسان جي هن عظيم شاعر جو تعارف ٻين
خطن ۽ ملڪن جي عظيم ۽ انسان دوست شاعرن ۾ ٿي
سگهندو.
شيخ اياز پنهنجي تخليقي جوهر ۾ وطن دوست ۽ انسان
دوست شاعر هو ۽ انسان دوستيءَ جي تشريح، جديد ۽
عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جوڳن قدرن سان ممڪن آهي،
ٻي معنيٰ ۾ انسان دوستيءَ جي اصلاح ترقي پسند فڪر
سان ويجهو واسطو رکي ٿي. ترقي پسند فڪر جون مختلف
ڌارائون آهن. يورپ جي سماج ۾ صدين جي اٿل پٿل ۽ ان
جي نتيجي ۾ بهتريءَ جي امڪانن پيدا ٿيڻ سان گڏ
دنيا جي تبديلين ۽ انقلابن جي ظهور پذير ٿيڻ سان
هن معاملي جو سڌو تعلق آهي. اسين ائين به چئي
سگهون ٿا ته انسان دوستيءَ جو عمل ترقي پسند فڪر
جي لاڳاپي کان سواءِ اڌورو آهي.
انسان جي دنيا پنهنجي داخلي ۽ خارجي اوسر جي عمل ۾
مختلف دورن مان گذري آهي، ان غلاميءَ جو دور به
ڏٺو آهي ۽ جاگيرداريءَ جا وڍ به سَٺا آهن ۽ جديد
صنعتي دور جي اعمالن مان به گذري چڪي آهي ۽ ڪٿي
ڪٿي ته انهن ٽنهي غلام داري، جاگيرداري ۽ صنعتي
دورن مان پڻ گذري رهي آهي. تاريخ جي انهيءَ سڄي
سفر ۾ انسان ذات تمام گهڻو سَٺو ۽ ڀوڳيو به آهي،
ته انهيءَ سان گڏ هڪ استحصال کان پرڀري ۽ انڪاري
سماجن جي تخليق جي لاءِ ڪن بنيادي نتيجن تي پڻ
پهتي آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ تي انهيءَ عالمگير
فڪر جا اثر نمايان آهن، جن جا مثال سندس شاعريءَ ۾
گهڻن ئي هنڌن تي ملن ٿا.
اين.جي مجمدار- هڪ بي ڊپو مُهم جُو:
سنڌوسڀيتا جي قديم آثارن جي کوٽائيءَ جي حوالي سان
جڏهن به کوجناڪارن جي ڳالهه نڪري ٿي تڏهن سرجان
مارشل کان پوءِ اين.جي مجمدار جو نالو ضرور کنيو
وڃي ٿو. اين.جي مجمدار انهن بهادر ۽ ذهين مُهم جُو
اسڪالرن ۽ کوجناڪارن ۾ هڪ هو، جيڪي پنهنجي ذميداري
۽ مشن ۾ مثالي ۽ يڪتا هوندا آهن، ۽ هو فرض شناسيءَ
۾ پنهنجي سر جو به سانگو نه ڪندا آهن.
اين.جي مجمدار جو اصل نالو نيني گوپال مجمدار هو،
سندس پِتا جو نالو برادا پراسنا مجمدار ۽ ماتا جو
نالو ساروجني هو. هو 1- ڊسمبر 1897ع تي جيسور
(موجوده بنگلاديش) ۾ ڄائو. اين.جي مجمدار ننڍپڻ
کان ئي ذهين هو. هن 1918ع تي ڪلڪتي ۾ هڪ سنسڪرتي
ڪاليج مان بي.اي (آنرز) جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ پاس
ڪئي،
جنهن تي ڪلڪته يونيورسٽيءَ هن کي سلور ميڊل ۽
اسڪالرشپ سان نوازيو. 1920ع ۾ هن ساڳئي
يونيورسٽيءَ مان ”اينشنٽ انڊين هسٽري اينڊ ڪلچر“
جي مضمون ۾ ايم.اي فرسٽ ڪلاس ۽ فرسٽ پوزيشن ۾ پاس
ڪئي، جنهن تي کيس گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.
ماسٽرس جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ هن ساڳئي يونيورسٽيءَ
مان 1923ع ۾ ”اي لسٽ آف خروشٽي انسڪرپشنس“ جي
عنوان تي ٿيسز لکي، سندس نگران پريم چندراءِ چند
هو. هن ٿيسز تي به اين.جي مجمدار کي گولڊ ميڊل سان
نوازيو ويو. يونيورسٽيءَ جي تعليم کان فارغ ٿي هن
’سنچالتا مکرجي‘ نالي هڪ سندريءَ سان شادي ڪئي،
جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ’دپتي‘، ’اِلا‘ ۽ هڪ پٽ
’تپاس‘ ڄائو.
اين.جي مجمدار 1923ع ۾ ڪلڪته يونيورسٽيءَ ۾
”اينشنٽ انڊين هسٽري اينڊ ڪلچر“ شعبي ۾ ليڪچرار
مقرر ٿيو. 1924ع ۾ ”وريندرا ريسرچ سوسائٽي راجشاهي
بنگال“ جي هڪ ريسرچ ميوزيم ۾ ڪيوريٽر طور مقرر ڪيو
ويو، ان دوران هن ”انسڪرپنش آف بنگال“ (واليوم-III)
ڪتاب لکيو. 1925ع ۾ گڏيل هندستان جي آثارِ قديمه
کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سرجان مارشل پاران هن کي
قديم آثارن جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو، جتي هو
سرجان مارشل جي نگرانيءَ ۾ نومبر 1925ع کان مارچ
1926ع تائين موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ ۾ مصروف
رهيو. اين.جي مجمدار نومبر 1926ع کان مارچ 1927ع
تائين راءِ بهادر ديارام سهني جي سرپرستيءَ ۾،
موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ ۾ ٻيون ڀيرو بهرو ورتو.
اين.جي مجمدار کي بهتر ڪارڪردگيءَ ۽ اهليت جي
بنياد تي 18 جون 1927ع تي گڏيل هندستان جي قديم
آثارن واري کاتي ۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ طور مقرر ڪيو
ويو. هن ٽيون ڀيرو 1927ع کان 1928ع تائين
اي.جي.ايڇ مئڪي سان ٻانهن ٻيلي جي حيثيت ۾ موئن جي
دڙي ۽ جُهڪر جي دڙي جي ٻن مهينن تائين کوٽائي
ڪرائي. هو آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا کاتي ۾ 22
اپريل 1929ع کان سپرنٽينڊنٽ آرڪيالاجسٽ آف سينٽرل
سرڪل رهيو، جتان کيس بدلي جري 11- مئي 1929ع تي
ڪلڪتي ۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آرڪيالاجيڪل سروي آف
انڊيا مقرر ڪيو ويو. 16- جولاءِ 1929ع تي کيس بدلي
ڪري شملا ۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ ايڪسپلوريشن جي عهدي
تي مقرر ڪيو ويو، جتي هو 1931ع تائين سنڌ ۾ تاريخي
آثارن جي کوجنا ۾ رُڌل رهيو. اين.جي مجمدار سنڌ ۾
کوجنا ڪري تقريباً 65 قديم آثار ڳولي هٿ ڪيا، انهن
مان اڪثر ماڳن جو تعلق ٽامي واري دور سان ٻڌايو
وڃي ٿو.
1- آڪٽوبر 1938ع تي اين.جي مجمدار کي سنڌوماٿريءَ
جي تاريخ کان آڳاٽي واري دور جي تهذيب بابت وڌيڪ
کوجنا ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. هن سنڌ ۾ کيرٿر واري
جابلو پٽيءَ سميت ڪاڇي ۽ ميداني علائقي ۾ مُهم
جُوئي شروع ڪئي، ۽ مهيني اندر ڏهاڪو کن ٽامي جي
دور وارا ماڳ دريافت ڪري ورتا. اڃا هو پنهنجي
مُهم جُوئيءَ ۾ رُڌل ئي هو ته کيرٿر جي پسگردائيءَ
۾ رهندڙ اوباش ماڻهن هن کي سون جي کاڻ ڳوليندڙ
سمجهي قتل ڪري ڇڏيو. هيءُ واقعو 11- نومبر 1938ع
تي پيش آيو. قتل وارو هنڌ، کيرٿر لڳ گاج نئن جي
ساڄي ڪناري تي واقع ’روهيل‘ نالي هڪ آڳاٽو ماڳ
ٻڌايو وڃي ٿو.
اين.جي مجمدار جي سڃاڻپ هڪ مڃيل ۽ ذهين آرڪيالاجسٽ
طور ٿئي ٿي. هو نهايت ئي بي ڊپو مُهم جُو ۽ سڄاڻ
اسڪالر هو. هن جي نس نس ۾ دفن ٿيل قديم تهذيبن کي
نروار ڪرڻ وارو جذبو مؤجزن هو. هو سنڌ ۾ دفن ٿيل
قديم تهذيبن تي مُهم جُوئي نه ڪري ها ته شايد سنڌو
تهذيب جا لڪل گوشا ۽ راز پڌرا نه ٿين ها ۽ اسان جي
تهذيب اڃا تائين دفن ئي هجي ها. اهڙي بهادر ۽ لائق
کوجناڪار جو دکدائڪ موت به هڪ جاهلاڻي سوچ مطابق
سنڌ ۾ ٿيو، اها اسان سنڌ وارن جي وڏي بدقسمتي
ليکبي!
اين.جي مجمدار سنڌ جي قديمي تهذيبن جو اهو پهريون
کوجناڪار هو، جنهن ٻڌايو ته سنڌو تهذيب سميري،
بابلي، مصري، نال، ميهي ۽ عراقي وغيره وارين
تهذيبن کان ڪنهن به طرح پوئتي نه آهي بلڪ انهن کان
به آڳاٽي ۽ شاهوڪار رهي آهي. اين.جي مجمدار جو اهو
تحقيقي ڪم ساراهه جوڳو آهي ۽ اهو ڪم هميشه ياد رهڻ
وارو به آهي.
تاريخ جي ورقن ۾ دفن ٿيل اهڙي لازوال ڪردار کي
ڀيٽا ڏيڻ ٽماهي ”مهراڻ“ سٿ تمام ضروري سمجهي ٿو،
ان لاءِ هن اداريي ۾ سرڳواسي اين.جي مجمدار کي
ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪجهه وستار ڪيو ويو آهي، ته جيئن
لائق قارئين، نومبر مهيني ۾ ورسي واري تهوار طور
سرڳواسي اين.جي مجمدار کي ياد ڪري سگهن.
’گامون سچار‘- تاريخ جو هڪ وساريل ڪردار:
انساني حيات ۾ اهڙا به ڪردار پيدا ٿين ٿا جي
پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي طرزِ زندگيءَ ۾ لازوال ۽
آخرين هوندا آهن ۽ انهن کي وس ڪري تاريخ به مِٽائي
نه سگهندي آهي، پر هڪڙا اهڙا به ڪردار هوندا آهن،
جن کي شعوري طور افسانوي ۽ هٿ ٺوڪيو بڻايو ويندو
آهي جو اُهي اڳتي هلي ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ افسانوي
بڻجي پنهنجي امر ۽ حقيقي حيثيت به وڃائي ويهندا
آهن.
اها شعوري سازش انڪري ئي ڪئي ويندي آهي ته جيئن
اُن قوم جا تاريخي هيرا پنهنجي ڪلاسيڪل ۽ ڪلچري
حيثيت ماڻڻ کان اڳ ئي تاريخ جي ورقن تان مسخ ٿي
وڃن، ڇو ته چور دروازي کان ايندڙ لوڌون ۽ رولاڪ
ٽولا اهو چاهيندا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان
وارث قوم جي تاريخي ورثي ۽ ڪلچر کي تباهه ڪري اتي
پنهنجا هٿ ٺوڪيا هيرا ٺاهيا وڃن، ته جيئن اها ديس
ڌڻي قوم پنهنجي مستقبل لاءِ اڳتي وڌي نه سگهي ۽
جامد ٿي وڃي. سنڌ ۾ ’گامون سچار‘ جهڙي لازوال
تاريخي ڪردار سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو آهي.
’گامون سچار‘ لاءِ مشهور ۽ عام زد ڳالهه اها آهي
ته اهو هڪ ڊرامائي ۽ افسانوي ڪردار آهي، جنهن کي
ليکڪن پنهنجي قلم ذريعي پيدا ڪيو آهي، پر اها
ڳالهه بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي،
’گامون سچار‘ تاريخ جو جيئرو جاڳندو هڪ ڪردار رهيو
آهي. سندس اصل نالو عزيزالله والد جو نالو پيراڻو،
ذات جو ٻگهيو هو. هو 6- نومبر 1863ع تي ڳوٺ ’آباد
ٻگهيو‘ تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده ضلعو
قنبر- شهدادڪوٽ) ۾ ڄائو، مٿس ’گامون سچار‘ نالو،
سڀ ڪنهن کي مُنهن تي بي ڌڙڪ سچ چئي ڏيڻ تان پيو.
’گامون سچار‘ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم وارهه مان
مولوي علي محمد کهاوڙ کان حاصل ڪئي، پاڻ اڃا
ننڍوئي هو ته سندس والد صاحب گذاري ويو، پوءِ هيءُ
ڳوٺ جي وڏيري جون مينهون چارڻ لڳو، جڏهن جوان ٿيو
ته هارپو ڪرڻ لڳو، ان دوران هو پنهنجي ڳوٺ ۾ مسجد
جي پيش امامي به ڪندو هو. هو مذهبي لحاظ کان نهايت
ئي پڪو پختو مسلمان هو. هو ڪٿي به، ڪنهن سان به
ظلم ۽ زيادتي ٿيندي ڏسندو هو ته سهي نه سگهندو هو
۽ هڪدم جذباتي ٿي، ان خلاف آواز بلند ڪندو هو.
انگريزن جو ته هو مُنهن ڏسڻ به گوارا نه ڪندو هو.
هو انگريزن جو سخت خلاف هو. هن کي قدرت طرفان سچ
ڳالهائڻ جي سُتي پيل هئي جو هو سڄي ڄمار سچ ئي
ڳالهائيندو رهيو. بي ڌڙڪ سچ چوڻ جي حوالي سان هو
ايڏو ته مشهور ٿيو جو سنڌيءَ ۾ اها چوڻي عام ٿي
وئي ته: ”تون ته ڪو گامون سچار آهين.“
’گامون سچار‘ خلافت تحريڪ جي اڳواڻ پير تراب علي
شاهه راشديءَ جو ويجهو دوست ۽ صحبتي هو. پير صاحب
جي ساٿ ۾ خلافت تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور بهرو ورتائين.
پير صاحب جي حڪم تي 1920ع ۾ لاڙڪاڻي مان مسلمانن
جي نڪتل اسپيشل ٽرين ذريعي افغانستان ڏانهن هجرت
ڪئي، اتي افغانستان جي حاڪم امان الله خان ۽
مولانا عبيدالله سنڌي سان پڻ ملاقات ڪئي، انهن
تي’گامون سچار‘ جي شخصيت جو ايڏو اثر پيو جو هنن
گامونءَ کي هڪ هزار مسلمانن جي جٿي جو منهدار مقرر
ڪيو. ’گامون سچار‘ افغانستان ۾ ڪجهه وقت رهڻ کان
پوءِ اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ 9- نومبر 1921ع تي دم
ڌڻيءَ در حوالي ڪيو. افغانستان جي سرڪار کي
گامونءَ جي اوچتي لاڏاڻي تي، وڏو صدمو رسيو ۽ سندس
مڙهه کي وڏي تعظيم ۽ تڪريم سان ڪابل ۾ ”شهيدن واري
قبرستان“ ۾ دفنايو ويو.
’گامون سچار‘ هن وقت اسان وٽ موجود نه آهي، پر
تاريخ جي ورقن ۾ ضرور ساهه کڻي رهيو آهي. اڄ سندس
ورسي ۽ سالگره وارو مهينو آهي. ’گامون سچار‘ جون
ورسيون ۽ سالگراهون نه ٿيون ملهائجن، پر اسان
”مهراڻ“ جي اداريي ذريعي قارئين لاءِ اهڙي لازوال
ڪردار بابت ڪجهه ويچار پيش ڪري دلي خوشي محسوس
ڪريون ٿا.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگؒ ۽ مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰؒ جن جو جنم ڏهاڙو تقريب:
4- آڪٽوبر 2011ع تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان بورڊ جي
پارڪ ۾ شام جو 6:00 وڳي سنڌي ٻوليءَ جي ٻن نامور
اديبن- شمس العلماء مرزا قليچ بيگؒ ۽ مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰؒ جي يومِ پيدائش جي حوالي سان
’جنم ڏهاڙو‘ ملهايو ويو، تقريب جي صدارت بورڊ آف
گورنرس جي ميمبر ۽ بورڊ جي فنانس ڪاميٽيءَ جي
چيئرمن جناب نظر محمد ڳاهي صاحب ڪئي، خاص مهمان ۾
بورڊ آف گورنرس جو ميمبر جناب سرفراز راڄڙ صاحب
هو. تقريب ۾ سنڌي ادب جي ٻن محسنن جي علمي ڪارنامن
تي تفصيلي روشني وڌي وئي. هن تقريب ۾ سنڌي ادبي
سنگت ڄام شوري پڻ سهڪار ڪيو.
بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جو دکدائڪ وڇوڙو:
شهيد جناب ذوالفقار علي ڀُٽو جي وني، شهيد محترمه
بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز
ڀٽو جي والده ماجده ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي
صدر جناب آصف علي زرداري صاحب جي مشفق سَسُ بيگم
نصرت ڀٽو صاحبه گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد 82 سالن
جي ڄمار ۾ آچر جي ڏينهن 23- آڪٽوبر 2011ع تي دبئي
۾ هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ در حوالي ڪيو. (اِنالله و
اِنا اليہ راجعون)
بيگم نصرت ڀٽو صاحبه بلند حوصلي ۽ مضبوط ارادن جي
مشرقي عورت هئي، جا آمريت جي خلاف زندگيءَ جي
آخرين گهڙين تائين جهيڙيندي رهي، ايستائين جو سندس
ور جي شهادت کان پوءِ سندس ننڍو فرزند شاهنواز
ڀٽو، پوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ آخر ۾ سندس وڏي نياڻي
محترمه بينظير ڀٽو هڪٻئي پٺيان شهادت واريءَ مسند
تي سرفراز ٿيا، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي قرباني هوندي
جا بيگم ڀٽو صاحبه نه ڏني هجي، ايڏين قربانين کان
پوءِ به مضبوط ارادن واري مشرقي عورت آمريت جي آڏو
هٿيار ڦٽا نه ڪيا ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ ملڪ
جي استحڪام لاءِ جدوجهد ڪندي رهي. پاڪستان نه پر
پوري دنيا ۾ اهڙي حوصلي واري خاتون شايد ئي پيدا
ٿي هجي، جنهن ايڏين حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو هجي.
بيگم ڀٽو صاحبه جون ملڪ جي استحڪام ۽ جمهوريت جي
بحاليءَ لاءِ ورتل ڪوششون بي مثال آهن. سندس وڇوڙو
ملڪ، قوم ۽ جمهوريت جو وڏو نقصان آهي، ۽ ان جي
تلافي ڪرڻ مشڪل آهي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 4 ورسي:
27- ڊسمبر تي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي 4
ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو تعلقي رتي
ديري ۾ نهايت شايانِ شان طريقي سان ملهائي وئي.
تقريب ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي قاتلن کي
وائکو ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين رسائڻ جا عزم
ڪيا ويا، ۽ گڏوگڏ شهيد محترمه جي شاندار جدوجهد کي
خراج تحسين پيش ڪئي وئي ۽ سندس انهي پيغام کي پڻ
ورجايو ويو، جنهن بابت شهيد محترمه اڪثر پنهنجين
تقريرن ۾ بار بار اظهار ڪندي هئي. اهو پيغام هو
ملڪ ۾ جمهوريت جو استحڪام ۽ ملڪ جي سالميت. شهيد
محترمه جو ايمان هو ته هيءُ ملڪ جن قربانين ذريعي
حاصل ڪيو ويو آهي، ان کي اهڙين ئي قربانين ذريعي
مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. هن ملڪ ۾ جمهوريت
جون پاڙون مضبوط ٿينديون ته هتان جا ادارا به
مضبوط ٿيندا ۽ پنهنجي اصل جوهر ۾ ڪم ڪندا، ادارا
مضبوط ٿيندا ته هتان جو غريب عوام به خوشحال
ٿيندو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو خواب هو ته
پاڪستان ۾ جمهوريت پنهنجي اصل جوهر ۾ قيام پذير
ٿئي ۽ عوام کي ان جو حقيقي ميوو چکڻ لاءِ نصيب
ٿئي. انهيءَ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو رڳو
پاڪستان جي ليڊر نه هئي پر هوءَ ته هڪ وڏي عالمي
ليڊر هئي. محترمه جي گهڻ رُخي شخصيت ۽ قيادت جا
ڪئين پهلو هئا ۽ محترمه هر پهلوءَ ۾ اڪيلي ۽ يڪتا
هئي. اسان موجوده قيادت مان پُراميد آهيون ته هو
اهڙي عالمگير ۽ ٻهڳڻي ليڊر جي خون سان انصاف ڪندي
قاتلن ۽ انهن جي گروهه کي جلد بي نقاب ڪري انهن کي
ڪيفر ڪردار تائين رسائيندي.
سنڌي ٻوليءَ جي نامور ۽ بي باڪ شاعر شيخ اياز جي
14 ورسي:
28- ڊسمبر تي شيخ اياز فائونڊيشن ۽ يادگار ڪميٽيءَ
پاران سنڌي ٻوليءَ جي مهان ڪَوي شيخ اياز جي 14
ورسي سندس مزار ڀٽ شاهه تي نهايت عقيدت ۽ احترام
سان ملهائي ويئي. سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب،
دانشور، نقاد، ڏاهي ۽ شيخ اياز سان گهڻو عرصو
ويجهو رهندڙ شخصيت سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب
جي سرواڻيءَ ۾ اديبن جي وڏي انگ برصغير جي وڏي
شاعر جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون
۽ فاتحه پڙهي. ان موقعي تي هڪ ميڙاڪو به ٿيو، جنهن
کي خطاب ڪندي سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب چيو ته
شيخ اياز کي اسان کان وڇڙندي 14 سال ٿي ويا آهن،
پر سندس شاعري، فڪر ۽ يادگيريون زندهه کان زندهه
تر ٿينديون پيون وڃن ۽ اهو سچ آهي ته شيخ اياز ۽
ڀٽائيءَ جهڙيون هستيون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سائين
جوئي صاحب جن جو چوڻ هو ته اڄ هتي گڏ ٿيڻ جو مقصد
اهو آهي ته هنن عظيم هستين پنهنجي ڪلام ۽ شاعريءَ
ذريعي جيڪو پيغام ڏنو آهي، ان کي نه صرف ياد ڪريون
۽ ويچاريون پر اُن کي وڌايون به. ميڙاڪي کي محترم
علي قاضي، محترم نصير مرزا، محترم پروانو ڀٽي،
محترمه زيب نظاماڻي، محترم ڊاڪٽر مخمور بخاري،
محترم پير عبيد راشدي، ۽ ٻين اديبن پڻ خطاب ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي وفد جي شيخ اياز جي مزار تي
حاضري:
جناب مخدوم جميل الزمان صاحب، چيئرمن سنڌي ادبي
بورڊ جن جي خصوصي هدايتن تي 28- ڊسمبر تي بورڊ جي
هڪ وفد جناب الهڏتو وگهيو سيڪريٽري (نگران) جي
اڳواڻيءَ ۾ شيخ اياز جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي
چادر چاڙهي فاتحه پڙهي. وفد ۾ دين محمد ڪلهوڙو
ايڊيٽر ٽماهي ”مهراڻ“، محترم سيد سڪندر علي شاهه
پبليڪيشن آفيسر، محترم حافظ احمد الدين انڍڙ پبلڪ
رليشن آفيسر ۽ ٻيا شامل هئا.
مڃوتي:
مالڪِ ڪائنات جا شڪر آهن جو ٽماهي ”مهراڻ“ تي به
هاڻي الله پاڪ جا احسان ٿيا آهن ۽ رسالو
باقاعدگيءَ سان وقت اندر ڇپجي پڌرو ٿيڻ لڳو
آهي.”مهراڻ“ جي وقت تي ڇپائي ۽ پڌرائيءَ لاءِ سڀ
کان اول بورڊ جي هردلعزيز چيئرمن جناب قبله مخدوم
جميل الزمان صاحب جن جي پنهنجي تندهي ۽ دلچسپي
ڪارفرما آهي. تنهن کان پوءِ بورڊ جو سيڪريٽري
(نگران) الهڏتو وگهيو صاحب آهي، ان کان پوءِ
ڪمپيوٽر ليب جي انچارج سليم اختر پيرزادي ۽ سينئر
آپريٽر محترم عبدالصمد ٻٻر جون محنتون پڻ قابلِ
داد آهن. پريس منتظمين ۾ محترم محمد رحيم نوحاڻي،
محترم سڪندر علي شاهه، محترم علي رضا شاهه جنرل
سپروائيزر محترم گل حسن درس سروري وغيره پڻ مبارڪن
جا مستحق آهن، جيڪي رسالي سان پنهنجو رشتو ۽ ناتو
نڀائيندا پيا اچن.
دين محمد ڪلهوڙو
ايڊيٽر ”مهراڻ“
|