فياض لطيف
فقير دل جي امير عادت
بُتن جي
پوڄا نه ٿي اسان کان
نه
ديوتائن جو دشت ڀوڳيو
عبادتن ۾
عمر گذاري
رهيو ڌرم
آ عشق پنهنجو
نه
مسجدون، نه مُلا موراڻا
نه مندرن
۾ ٺاهيا ٺڪاڻا
قلب
پنهنجي کي بڻائي ڪعبو
حسنِ خدا
کي ڪياسين سجدا.
يزيد جڳ
۾ حُسين وانگي
اسان
سموري حيات ڪاٽي
قنديل
پنهنجو وجود ڪيوسين
پتنگ جان
پڄري آ رات ڪاٽي.
قلندرن
جان آ روح پنهنجو
سرير
وانگي سموري ڌرتي
چپو چپو
آ چميءَ جي چاهت
سُڳنڌ
پرينءَ جي هي پوري ڌرتي.
نه
سياستن جي سُريت چاهي
نه ضمير
بدلي زر خريديو
فقير دل
جي امير عادت
جڏهن به
چاهي فقيري چاهي
سدا
سوالن جو صليب سامهون
مسيح
وانگي جواب مُرڪيا
اسان
گناهه عشق ڪيو ۽
ڏمرجي
ڏوهه ثواب جاڳيا.
ڏمر جي
ڏوهه ثواب جاڳيا!
کڻون، پر نيڻ کڻون ڪيئن!
جفائن جو
تِکو خنجر
وفائن جو
بدن زخمي!
کڻون، پر
نيڻ کڻون ڪيئن؟
نگاهن جو
بدن زخمي!
اسان جي
خوابن نيڻن ۾
روهيڙي
جا رتا گلڙا
خزائن جي
مگر موسم
اِڇائن
جو بدن زخمي!
ڊگهو آ
درد جو رستو
پِٿون
هِن پير پانڌيئڙا!
ڪيئن ڪو
سڏ وراڪو ٿئي؟
پناهن جو
بدن زخمي!
چپن تي
چين جون ڳالهيون
اچن جي
ڪيئن اچن آخر؟
اندر ۾
ٿيون چُڀن سارون
صدائن جو
بدن زخمي!
چوَنِ ٿا
آ لٿي موسم
هُڳائن
جي چڳون ڇوڙي!
پٿر جي
شهر ۾ ليڪن
هوائن جو
بدن زخمي!
کڻون، پر
نيڻ کڻون ڪيئن؟
نگاهن جو
بدن زخمي!
خالد احمداڻي
غزل
جو ديس جي مٽي جي، سرهاڻ نٿو ڄاڻي
سو چاهه جي جذبن کي، پڪ ڄاڻ نٿو ڄاڻي!
پوڄا جو پهر ڪوئي، مون کان نه قضا ٿيو آ،
هو منهنجي محبت کي، ڇاڪاڻ نٿو ڄاڻي!
بارش جيئن ڏسي ڳوڙها، اڄ سانجهه چيو آخر،
هو ڇا لئه نگاهن جي، آلاڻ نٿو ڄاڻي!
هي روپ ڏسي تنهنجا، آ چنڊ پشيمان پر،
هي من ڀي پاڳل آ، واکاڻ نٿو ڄاڻي!
ڪافر ڀي چوڻ لوڪو منظور آ پر هن کي،
ڪيئن پنهنجو چوان جيڪو مهراڻ نٿو ڄاڻي!
سو عاشق ئي ڪهڙو، جو گهرجي اڳيان پنهنجي،
محبوب جي قدمن جا، اهڃاڻ نٿو ڄاڻي!
جو ڀر مان ويو گذري، ڪنهن وقت ۾ او خالد،
هو دوست هيو منهنجو، پر هاڻ نٿو ڄاڻي!
غزل
زخم ڏين ٿو، ته ڪي شمارَ نه رَکُ،
منهنجي بي شڪ، تون ڪا سنڀارَ نه رَکُ.
مون کي ايندو مزو، ڇڻڻ ۾ آ،
منهنجي لاءِ تون، کڻي بهار نه رَکُ!!
خيال سڀ منتشر، ڪري ٿي ڇڏين،
شام ٽاڻي، سنواري وارَ نه رَکُ!
ٽهڪ ڏيئي نه کل، ڀلي مون سان،
اندر ۾ قرب ڪر، ڪي خارَ نه رَکُ!
شهر ماتم ۾، ٿي ڇڏين ٻوڙي،
نيڻ پنهنجا تون، اشڪبارَ نه رَکُ!
چنڊ هن جو اُلهي، انهي لاءِ ويو،
هَٽَ واري چيس، اُڌارَ نه رَکُ!
پنهنجا اڳواڻ، چونڊي ڏس جاچي،
پنهنجا اڳواڻ ڪي، غدارَ نَه رَکُ!!
تنهنجي ٻانهن جو، کوڙ آ مون لاءِ،
تون گهرائي گلن جا، هارَ نَه رَکُ!!
فاصلا جي رکيا، اٿئي سانئڻ،
پوءِ خالد تي ڪا، ميارَ نه رَکُ!!
حبدار سولنگي
طارق عالم تون
منهنجي ڪنهن سپني جي خوشبو،
منهنجي من جي ڳالهه پراڻي،
منهنجي نيڻن جو ڪو سندر،
ريشم ريشم اُجرو منظر،
بلڪل منهنجي ڪويتا جهڙو،
دل جي اُوشا، آشا جهڙو،
ٻاروتڻ جي ٻوليءَ جهڙو،
عيدن جهڙو، هوليءَ جهڙو،
گج ڀريل ڪنهن چوليءَ جهڙو،
ڪنهن صوفياڻي محفل جهڙو،
مستُ الستُ ٿيل دل جهڙو،
پهرين پيار جي يادن جهڙو
ڳهريل ڳهريل ڳالهين جهڙو
خوشبو خوشبو ڀاڪر جهڙو
يا جيئن ڪنهن ٻالڪ جي مک تي
مهڪن ڪي مرڪون،
مون کي ائين ئي لڳندو آهين
طارق عالم تون!!
رحمت الله پيرزادو
”رات ته هن جي نيري پوتي!“
(نظم)
شاخ وهي ٿي شام شفق ۾،
ڪيڏا رنگ پکيڙيا آهن.
پريان هو جا نار اچي ٿي،
جنهن جي سر تي ٻهڙو آهي!
ڏاڙهونءَ ۾ گُل ڀي ٿيندا پر،
ڏاڙهون خود گل جهڙو آهي.
سرد سپن جيئن پاپي اکڙيون،
هن کي روز تڪن ٿيون ويٺيون.
هن جي سرمائي انگيءَ ۾،
آڙو ڄڻ چورايل آهن!
بُولي بيشڪ سهڻي آهي،
پر ڪي سهڻا پايل آهن!
جن جي ڇنن ڇنن جي ڌُن تي،
ڳوٺ سمورو رقص ڪري ٿو.
شاخ وهي ٿي ڊاک ولين مان،
هن جا چپ ڦُٽي پيا آهن!
ساري تر جي مئخانن مان،
سارا جام کُٽي پيا آهن.
رات ته هن جي نيري پوتي،
جنهن ۾ تارن جا تجلا هن.
سرد سياري منجهه انهيءَ جو،
نُور نسورو ناسي آهي.
پر هن پنهنجي تر ۾ ڪنهن لئه،
جنمي ڪونه اداسي آهي.
”هر منظر ۾ سمنڊ سڏي ٿو!“
(نظم)
تصويرون خاموش پيون هن،
دردُ رنگن ۾ رهجي ويو آ،
ڪنهن ماڻهوءَ جي دک جو منظر،
زرد رنگن ۾ رهجي ويو آ.
کُليل کڙڪيون هن چوڌاري،
ڄڻ تن ۾ تصويرون آهن!
هر منظر ۾ سمنڊ سڏي ٿو،
ان ۾ ڪي ئي ويرون آهن.
هر تصوير ۾ هڪڙي عورت،
۽ ٻيون ڪئي ڌارائون آهن،
هر منظر ۾ ٽاڪ منجهند آ،
۽ ڪي ڇپ جون ڇائون آهن.
هر منظر ۾ اوٺي آهن،
۽ ڪي تن جا توڏا آهن،
هر منظر ۾ چپ به آهن،
ليڪن ڇوڏا ڇوڏا آهن.
هر منظر ۾ قصا آهن،
۽ ڪائي تاريخ رهي ٿي،
هر منظر ۾ مرده خانو،
پر ڪا زندهه چيخ رهي ٿي.
هر منظر ۾ يادون آهن،
۽ جهنگل جو رقص رهي ٿو،
هر منظر ۾ ڪي ئي چهرا،
پر هُو هڪڙو شخص رهي ٿو.
وفا سولنگي
غزل
هوائن ۾ هر سو، تلاشي پئي،
امن، پيار، خوشبو، تلاشي پئي.
دوا ڪاڻ ڪوڙو، مسيحا سهي،
وري درد دوکو، تلاشي پئي.
هتان ڪَڪ ٿيندين، مٿي ماڳ کي،
جيئڻ ڪاڻ لوڪو، تلاشي پئي.
نه تعبير ٿيندڙ، ڪٿان کان ڪٿان،
وري سونهن سپنو، تلاشي پئي.
اکيون اوجاڳن ۾، اوَاڳيون وفا!
کڻي خواب سپنو، تلاشي پئي.
غزل
حياتي جو سورج، لهي ٿو وڃي،
يا پاڻي هٿن مان، وهي ٿو وڃي.
وڏو بدبخت آ، مقدر ميان!
سدا دشمنن سان، ٺهي ٿو وڃي.
وڏيون مشڪلاتون، اڪيلو هي سِرُ،
سوين سور سختيون، سهي ٿو وڃي.
سندس وار واسيل، ۽ مهڪيل ائين،
اچي واءُ خوشبو، ڇُهي ٿو وڃي.
بنا پيار جيون، ۾ هيکل وفا!
وٺي حيرتون ڪيئن، رهي ٿو وڃي.
غزل
سوچون سپنا، نظامايان ٿو،
آسون اڌما، نظامايان ٿو.
خوف ئي خوف، ڪلاشنڪوف،
خوف ۽ خدشا، نظامايان ٿو.
هيءُ آ هاري، هيءُ آ رئيس،
حيثيت شعبا، نظامايان ٿو.
وفا سولنگي، ڇا ڇا آشا!
من جي منشا، نظامايان ٿو.
غزل
سپنن کي آ، ڌارا پنهنجي،
نيڻن کي آ، ڌارا پنهنجي.
توڙي ترار، ته ناهن،
لفظن کي آ، ڌارا پنهنجي.
رستن جا هِن، راهي ماڻهو،
پيرن کي آ، ڌارا پنهنجي.
وفا سولنگي، عرض ڪري ٿو،
شعرن کي آ، ڌارا پنهنجي. |