سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :22

شبير حسين ”شبير“               

بهار ۾ ڇڻيل پن

جڏهن هوائون بهار کي ڀليڪار ڪري رهيون هيون ۽ سيارو موڪلائي رهيو هو. جوان بدنن، سويٽر ويڙهي سيڙهي بريف ڪيسن ۾ بند ڪري ڇڏيا ۽ ٻارڙن ڪنن تائين ايندڙ مٿي جا ٽوپ لاهي گڏين جا ٿلها ڪپڙا مٽائڻ شروع ڪيا. گهرن اندر مائرن سوڙيون ۽ پٿرڙيون صندوقن ۾ وجهڻ لڳيون. مالهين نوان ٻوٽا پوکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاليجن جا ڇوڪرا ٽوئرن جا پروگرام جوڙي رهيا هئا.

هو اها ڳالهه ٻڌائي رهيو هو ته سپيءَ وچ ۾ ئي هن کان پڇيو: ”تون هر ڀيري مون کي ڳالهيون ڇو ٻڌائيندو آهين!؟

سپيءَ جي اهڙي سوال پڇڻ تي هو ائين بيهي رهيو ڄڻ ڊگهي سفر تي ويندڙ ويگن کي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان بريڪ لڳي هجي. سپيءَ جي ناسين اکين ڏانهن پنهنجي ڪارين اکين کي سڌو ڪندي وري ڳالهائڻ لڳو، سپي ڳالهيون منهنجي اکين کان ٿينديون ذهن جي ميموري ۾ ائين فيڊ ٿي وينديون آهن جو انهن کي ڊليٽ ڪري نٿو سگهجي ۽ جيسين آنءُ انهن کي ڪنهن سان شيئر نه ڪريان، اهي گهڙي گهڙي ننڍين مڇين وانگي واهه جي ڪپر تي اچي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مون سان ضد ڪنديون آهن ته اسان ماڇڻ جي انهيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجهه، جا گهر گهر وڃي مڇيون وڪڻندي آهي.

”ته پوءِ تون مون کي ڇو ٿو ٻڌائين!“ سپيءَ هن کان پڇيو ته وراڻيائين:

”سپي ڪافي ڏينهن کان نه اها ماڇڻ آئي آهي ۽ نه ئي هوءَ بنجهارڻ. نه ته هيءَ ڳالهه ته انهن کي ٻڌائي ڇڏيان ها پر مڇين جي ضد جي خلاف هيءَ ڳالهه مان توکي ٻڌائي رهيو آهيان.“

سپي سرڪي آيل رئي کي ڪلهن تي ويڙهي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويٺي.

”سپي هن جي دل جون ڀتيون حويليءَ جي ديوارين وانگي بلڪل نه هيون پر ايتريون ننڍيون هيون جو يارنهن مهينن جو پنڌ سکندڙ ٻار به ٽپندي ڏکيائي محسوس نه ڪري.“

”ائين کڻي سمجهجي ته ديواريون هيون ئي نه!“ سپيءَ وچ ۾ ڳالهائيندي پڇيس.

”نه ائين نه هو. هن دل جي چوڌاري ننڍيون ننڍيون ڀتيون اڏي ڇڏيون هيون، جيئن ڪي جيت جڻيا پري رهن ۽ وري سنهي اجرڪ جي پلوَ سان دل ڍڪي رکي هئائين جيئن گنديون هوائون به اثر انداز نه ٿي سگهن.“

”ڇا مطلب!“ سپيءَ ڪجهه نه سمجهندي کانئس پڇيو:

”هن هڪ ڪاڪ محل جوڙي رکيو هو جيڏانهن اچڻ جي دعوت سڀني ڪي هئي، تو ئي ٻڌاءِ سپي ڇا جيتن جهڙا ماڻهو انهيءَ محل جي چانئٺ به پار پئي سگهن ها ۽ گنديون هوائون ته سندس ڀرسان گذرڻ کان به ڪيٻائينديون هيون. هن ديوارون اڏي نه اڏيون هيون، هن دل سهڻي هندوري ۾ رکي ڇڏي هئي جيڪو سچي سٽ سان واڻيل هو. هن جي پائل جي ڇڻڪار آس وندي هئي. هڪ اهڙي آڳنڌ جي، جتي پيرن جي رقص کيس وجود جي ڌرتيءَ سان همڪلام ڪرائي. هن کي خبر هئي ته هيءُ دور مومل راڻي وارو نه آهي، پوءِ به ڪو مينڌرو ماڻڻ لاءِ اميد جو ڏيئو وجود جي جهوپڙي ۾ ٻاري رکيو هئائين هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ برٿ ڀري رهي هئي ته هن کي اکين جي درين تي ڪنهن جو پاڇو پيو، هن محسوس ڪيو ته اهو مينڌري جو پاڇو آهي، هن نيڻن جا در کولي ڏٺو ته هو واقعي مينڌرو هو جنهن جي سندس جيءَ کي ڳولها هئي. هن جي اکين معيار جي تارازيءَ ۾ کيس توريو ته هو ان تارازي ۾ تري پورو نڪتو، تڏهن دل جي چوڌاري ننڍڙيو ڀتيو به ڊاهي ڇڏيائين، دل جي اڱڻ جا گل ارپيائينس ته هو به ڀؤنر وانگي هن مٿان ڦرندو رهيو.“

”جيئن ڪجهه وقت اڳ تائين تون منهنجي پويان يونيورسٽي جي پيچرن تي ڦرندو هئين!؟“ سپي ڳالهه ۾ دلچسپي وٺندي منصور کان پڇيو:

”سپي منهنجو وجود ته يونيورسٽي جي دور کان به اڳ تو پويان خانا بدوش هو جڏهن روحن پاڻ ۾ رهاڻيون ٿي ڪيون، ان وقت کان مان تنهنجي وارن جو واس وٺندو رهيو آهيان.“

”منصور تنهنجون اهڙيون ڳالهيون ئي ته مون کان منهنجون شامون کسي ويون آهن ۽ پيرن جو پنڌ تو ڏانهن ٿي پيو آهي.“

سپيءَ جي اهڙي ڳالهه ڄڻ سندس روح جي گل کي پاڻيءَ جو گلاس پياري وئي. منصور ڳالهه جي ڌاڳن کي ويڙهيندي اڳتي وڌيو.

”سپي! هو اڃا جوانيءَ جي سرديءَ ۾ شادي جو سويٽر پائڻ وارا هئا ته سانوڻ اچي ويو، مومل جي من جو مان رکندي سندس ننڍي (ماٽيلي) ماءُ مڙس کان موڪلائي مينڌري جي ماءُ سان شاديءَ جون ڳالهيون پڪيون ڪيون. هڪ وات کان ٻي وات جو سفر ڪندي ڳالهه وڃي مومل جي مامي تائين پهتي ته هو گوڙ ڪري ويهي رهيو. چئي: مومل جي شادي ٿيندي ته منهنجي پٽ سان، منهنجي زال مومل جي ماءُ سان ڳالهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن هن کي ڌيءُ ڄائي ته هن کي ڪنوار ڪري ڏيندي ۽ جي هن کي پٽُ ڄائو ته مومل کي ڪنوار ڪري گهر آڻيندي، هُو ويچاري ته ويم کان پوءِ سُتت وڃي ڌڻيءَ در پهتي پر هاڻ ان جي ڳالهه کي ته پاڻي ڏجي نه!

”پر ادا ولو! تنهنجي ڀيڻ، مومل جي ماءُ ته پوءِ به ٻه ٽي سال جيئري هئي ان ته مون سان اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئي.“

مومل جي پيءُ ولوءَ کي چيو ته ولو ڀڙڪو کائي چوڻ لڳو: ”ته ڇا مان ڪوڙو آهيان، ڪوڙ ٿو ڳالهايان؟“

تڏهن ڀورل چيس ته نه ادا تو کي ڪير ٿو ڪوڙو ڪري، هنن مايُن پاڻ ۾ ڳالهه ڪئي به هئي ته اها وقت کان اڳ هئي ۽ هاڻ هو ٻئي ويچاريون هيءَ دنيا به ڇڏي چڪيون آهن، باقي اجايو ضد ڇو ڪجي!

”نه ڀورل تون چالاڪ نه ٿيءُ. مان ٻڌائي ٿو ڇڏيانءِ ته مومل منهنجي نهن بڻبي، مان پنهنجي ڀيڻ جي نشاني کي نه ڇڏيندس. ولو ڪاوڙ مان چئي ويو.

”ادا کڻي ڳالهه کي ٺاهجي به ها پر پنهنجي ڇوڪر جي عمر به ڏٺي اٿئي، هو ڇهن ستن سالن جو مس آهي“. مومل جي پيءُ ڀورل کي جواب ڏيندي ڳالهايو.

”ته پوءِ ڇا ٿي پيو، ٻه ٽي سال ٻيا وچ ۾ پيا ته جوان ٿي ويندو، اها به هڪ ڳالهه آهي ڇا!؟ نورل تون اجايا بهانا نه ٺاهه، مومل جي شادي ٿيندي ته منهنجي پٽ سان، ٻيو ڪنهن سان به نه، بس!“

ڀورل وري کيس سمجهائيندي چيس: ”ڌيءُ ڌڻ کي ائين ڪيئن ويهاري ڇڏيان تنهنجي پٽ جي جوان ٿيڻ تائين؟“

پر ولو مڙڻ جو نه هو، جيترو ضديرو اوترو بي سمجهه، سو کٽ تان اٿندي ڪلهي تي لڙڪندڙ اجرڪ کي مخصوص انداز ۾ ڇنڊي چيائين، مومل منهنجي پٽ سان نه پرڻي ته ڪنهن ٻئي کي به ان سان لائون لهڻ ڪونه ڏيندس.

ڀورل جي اوطاق جو در کولي چڪون جي ڳترن سان ڀريل پليٽ ڪڍي اچي سپيءَ جي سامهون رکي- سپيءَ، چڪونءَ جو ڳترو کڻندي منصور کان پڇيو: ”مينڌرو مومل جي پيءُ جو رشتي ۾ ڇا ٿئي!؟“

”سپي! لوڙهي کان پريان واري گهر ۾ رهندڙ مينڌرو ڀورل جو ڀائيٽو ۽ مومل جو سؤٽ هو.“

شاديءَ جون تياريون ٿيون. ڀورل ڀائيٽي کي موڙ ٻڌڻ ۽ مومل کي لائن ڏيڻ لاءِ راضي هُيو. ولوءَ جي ڳالهين کي سندس بي سمجهيءَ جون ڀڙڪيون سمجهي آيون ويون ڪري ڇڏيون هئائين. مينڌري جي ويڙهي ۾ سهرا تاڙين جي لئه تي هوا ۾ رقص جو رنگ ڀري رهيا هئا، نوجوانڻين جا ٽهڪ ۽ هڪٻئي سان ڀوڳ چرچا نون نظمن جون ڳنڍيون کولي رهيا هئا. (اڻ چيل رازن جو ڳنڍيون کولي ۽ ٻڌي رهيا هئا)، پر ولو اندر ۾ پچي رهيو هو. مومل کي پنهنجي گهر جي نهن نه ٿيندي ڏسي رهيو هو، ويتر پاڙي ۾ گونجندڙ ”راڻا تو مان راڄ ٿيندا راڻا تو مان لک ٿيندا“. سهري جا ٻول ۽ ڀورل جو کُتو جواب، هن جي ڪنن ۾ ٽوڪن جا گليلا هڻي رهيا هئا. هو ساڙ ۽ انا جي دوزخ ۾ سڙي ۽ پڄري رهيو هو. ٻُڪيءَ جو ڏينهن آيو. ٻنهي گهرن ۾ خوشيون هڪٻئي تي ريس ڪري رهيون هيون. ولوءَ جي من ۾ شيطان ٻڙڌڪ مچائي رهيو هو، سندس گڏهه جهڙي ضد کيس انسانيت جي ليڪي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، اکين تي اونداهه اچي چڪي هئس، هٿيار سان هٿ ملائي مينڌري جي گهر گهڙي مٿانئس گولين جو وسڪارو ڪيائين. مينڌرو، مومل کي ماڻڻ کان اڳ دنيا جو ڪاڪ محل ڇڏي ويو ۽ مومل جو من هميشه لاءِ مرجهائجي ويو. سندس وار هوائن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. سپي ڏٺو ته ان ڳوٺ مان بهار اوچتو غائب ٿي ويو، زندگين تي ڌاڙو لڳو ۽ سائي وڻ مان ٻه پن هيٺ ڪِري پيا.“

 

هن سڌريل زماني ۾ من جي بک، تن جي بک کان گهڻو سولائيءَ سان مٽائي ٿي سگهجي. گهٽين ۾ گهمندي گهمندي، وڏيون سٺيون جايون ڏسي، من سوچيندو ته اندر ڪهڙي نه سهڻي ڪمانگري هوندي، منجهن خوب صفائي وغيره به هوندي. اهڙا ٻيا به ڪيترا اوچا ۽ سکدائڪ خيال پيا من ۾ اُڀرندا. ماڻهو جيڪي رستي ۾ گڏبا، تن جو ڪپڙا سٺا سهڻا هوندا. هو ڏاڍيءَ فضيلت سان پيا هلندا، ڪنهن خاص ادا سان پاسو ڪندا هلندا، جيئن توهان جي هستيءَ جو دکدائڪ پاڇو مٿن نه پوي. سچ ته بکايل جو من، ڍاول جي من کان وڌيڪ قوت وارو ۽ صحتمند آهي. ان مان ڍاول جي باري ۾ به مزيدار اندازو لڳائي سگهجي ٿو!

 

مئڪسم گورڪي

سنڌيڪار: سندري اُتم چنداڻي

ڪهاڻي- ”سرءُ جي هڪ سانجهي“ تان ورتل ٽڪرو

”مهراڻ“ 2-3/1965ع، ص 113

هيءُ ڪتاب: ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو“ (تاريخ جي وهڪري ۾) جوان سال محقق ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ اديب، جناب دين محمد ڪلهوڙي جي ميڙا چونڊي، جاکوڙ ۽ تحقيق جو ثمر آهي.

2005ع ۾ ٻيو ڀيرو بلدياتي نظام کان اڳ مشرف جي هدايتن ۽ نگرانيءَ ۾، ان وقت جي سنڌ جي صوبائي سرڪار، سنڌ صوبي ۾ ڪي نوان ضلعا وجود ۾ آندا. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو ضلعو به اچي وڃي ٿو. تقسيم کان اڳ لاڙڪاڻو ضلعو ستن تعلقن تي مشتمل هو: لاڙڪاڻو، رتوديرو، ڏوڪري، قنبر، شهدادڪوٽ، ميروخان ۽ وارهه. جڏهن تقسيم ٿي ۽ ٻه ڌار ڌار ضلعا وجود ۾ آيا تڏهن ڪي نوان تعلقا به ٺاهيا ويا. معاملو ڪجھ هن ريت بيٺو:

لاڙڪاڻو ضلعو: لاڙڪاڻو، رتوديرو، ڏوڪري، باقراڻي.

قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو: قنبر، شهدادڪوٽ، ميروخان، سجاول جوڻيجو، قبو سعيد خان، نصيرآباد، وارهه.

ابتدا ۾ اعلان ٿيو ته نئون ضلعو ”قنبر“ هوندو ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر به اتي رهندو. بعد ۾ ان فيصلي کان انحراف ڪيو ويو. نتيجي ۾ قنبر جي عوام ۾ غم ۽ غصو پکڙجي ويو. پوليس ان کي ڪچلڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. ان جي رد عمل ۾ عوام وڌيڪ زوردار طرح سان قنبر ضلعي جي حق ۾ تحريڪ هلائي جنهن ۾ پوليس گوليون هلايون، نتيجي ۾ چار نوجوان شهيد به ٿي ويا. آخرڪار سرڪار نامدار ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو“ (ايٽ: قنبر) اعلان ڪيو ۽ پوءِ وڃي تحريڪ ختم ٿي. هيءُ نئون ضلعو 05 جولاءِ 2005ع تي وجود ۾ آيو.

جناب دين محمد ڪلهوڙي هن ضخيم ڪتاب کي چئن مکيه حصن ۾ تقسيم ڪري پيش ڪيو آهي:

• قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جو اڀياس          • ضلعي جو تاريخي ورثو

• شخصيتون                                     • ضلعي جي جھنگلي جيوت ۽ نباتات

هر هڪ حصي کي وري ڪيترن ئي ذيلي عنوانن ۾ تقسيم ڪري اڀياس هيٺ آندو ويو آهي.

پهرئين حصي جا ٻه ذيلي عنوان آهن. ٻيو عنوان ”هڪ نئين ضلعي جو جنم- ٻوڏ جو تجربو“ عنوان سان آهي. هيءَ دلچسپ تحرير 2010ع جي مها ٻوڏ بابت ضلعي جي اعليٰ عملدار جناب محمد ياسين شر صاحب جي لکيل آهي. ظاهر آهي ته هڪ اهڙي خطرناڪ ٻوڏ جنهن اڌ سنڌ کي مفلوج ڪري ڇڏيو، ۽ ان ۾ وڌيڪ ڌيان طلب حقيقت هي آهي ته ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو“ پوري طرح لپيٽ ۾ آيو، ان جي D.C.O جي زباني تباهڪاريءَ بابت رڪارڊ تي آندل مواد جي پنهنجي اهميت آهي.

ضلعي جو تاريخي ورثو، هونئن ته ڪافي ججھو آهي پر هتي پنج عنوان شامل ڪيا ويا آهن. 1. ضلعي جا جابلو سلسلا، تاريخي ماڳ، مڪان ۽ ڍنڍون 2. جمالي قبيلي جي قديم مقبرن تي ٿيل چٽسالي 3. خطاطي ۽ ڪتابت جي فن ۾ ’ڀاوندا لاکا‘ جي ڪلهوڙا گهراڻي جون خدمتون 4. قديم دريائي ڦاٽ ساروهه 5. ڏاڙهيارو جبل.

شخصيتون، ڪتاب جو ٽيون مکيه حصو آهي. قديم دور کان اڄ تائين هن علائقي، ڪيترن ئي نامور انسانن کي جنم ڏنو آهي. انهن امر ماڻهن مختلف ميدانن تي جدا جدا دورن ۾ لازوال ڪردار ادا ڪيو آهي. نه رڳو پنهنجي ضلعي جي لاءِ سندن وجود اهميت رکي ٿو، پر سنڌ ۾ مڃتا ماڻڻ سان گڏ کين بين الاقوامي سڃاڻپ پڻ ملي. ان ڏس ۾ مولانا
غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو نالو سرِ فهرست آهي. عرب دنيا کان پاڪستان، هندستان ۽ گڏيل سوويت يونين ۽ افغانستان توڙي ايران تائين، مولانا مرحوم جو نالو وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو ويندو هو. جديد علمن جي حوالي سان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به منفرد سڃاڻپ رکن ٿا. هن حصي جا سڀ عنوان پنهنجي جاءِ تي اهميت وارا آهن.

ڪتاب جو چوٿون حصو، ضلعي جي جهنگلي جيوت ۽ نباتات بابت آهي. سنڌ جي ميداني علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ هي موضوع ڪافي دلچسپ ثابت ٿيندو. ڇو ته ڪاڇو/ جبل جا حيوان ۽ ٻوٽا، سنڌ جي ميداني علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪي ته بِنهه مختلف نوان آهن.

ميان دين محمد ڪلهوڙي کي جس هجي، جنهن گهڻي محنت سان هيءُ ڪتاب تيار ڪيو.  اهڙي علمي جاکوڙ لاءِ هو مبارڪ باد جو مستحق آهي. قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، نالي ضلعي ۾ هڪ نئون ادارو ٺهيو آهي،
جناب درمحمد ٻرڙو هن اداري جو چيئرمين ۽ روح روان آهي. سندس خاص دلچسپيءَ سان هيءُ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي رهيو آهي.

- غلام محمد لاکو

(مهاڳ تان کنيل ٽڪرو)

’قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو

(تاريخ جي وهڪري ۾)

ڇپائيندڙ: قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2011ع

رئوف عباسي

طارق عالم ابڙو: سنڌي ادب جو شهزادو

 

موت برحق آهي، اُن کان فرار ممڪن ناهي، پر طارق عالم ابڙي جو ڪمهلو موت، سنڌ جي سموري ادبي حلقي، سندس ڪٽنب، ذاتي دوستن لاءِ ڪنهن وڏي المئي کان گهٽ ناهي.

طارق عالم ابڙو جنهن ڪڏهن منهنجي آٽوگراف بوڪ تي دهشتگردن لاءِ هيءُ ”هائيڪو“

لکيو هو ته:

ڪيڏا احمق آهن،
اَنُ پچائڻ بدران،
گوليون پيا پوکين.
 

طارق عالم ابڙي جي ناول ”رهجي ويل منظر“

جي حيثيت ڪلاسڪ ناول جهڙي آهي. اهڙو رومانوي ناول سنڌي ۾ گهٽ ئي لکيو ويو آهي. هو هڪ مشاهداتي ليکڪ هو. سندس فڪشن ۾ ته هُن جي خاص حيثيت هئي، پر شاعري ۽ مضمون/ڪالمن ۾ به هو ڏاڍو باريڪ بين ۽ گهري نظر رکندڙ ليکڪ هو. هن ٽنڊو بهاول سانحي تي، محترمه بينظير ڀٽو جي قتل تي، جاويد ميمڻ (سنڌالاجي جي ملازم) جي وفات تي سنڌ جي صورتحال تي جيڪي به مضمون ’افيئر‘ توڙي ’ڪاوش‘ اخبار ۾ لکيا، اُهي تمام ڀرپور ۽ شاندار انداز جا لکيل هئا. ٽنڊوبهاول سانحي ۽ محترمه جي شهادت وارا ليک ته اهڙا هئا جو پڙهندڙ جي لونءَ ڪانڊارجي وڃي.

طارق عالم هڪ گهڻ پاسائون ليکڪ ۽ آرٽسٽ هو. هُن T.V لاءِ اڪيچار ناٽڪ لکيا، ڪن ۾ پاڻ به اداڪاري ڪيائين. سندس هڪ ناٽڪ عرفان مهدي تي به لکيل هو. جنهن مان هن جي حساس پڻي جي خبر پوي ٿي. طارق عالم، 87-1986ع ۾ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ۾ پرڏيهه مان علاج ڪرائي موٽيو.

طارق عالم، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، مَلڪ آگاڻي، اهي سڀ همعصر ليکڪ هئا، سڀ وقت کان اڳ هليا ويا.

ڄام شوري جي حوالي کان پهريون تاثر سنڌ يونيورسٽي، ٻيو تاثر طارق عالم، ٽيون تاثر سنڌالاجي آهن. طارق عالم جيڪو لکيو پر ڏاڍو سٺو ۽ برجستو لکيو. هو ’ٽه ماهي سارنگا‘ جو ريگيولر ليکڪ هو.

اپريل 2010ع ۾ حبدار سولنگي لاڙڪاڻي ۾ طارق عالم کي آجياڻو ڏنو هو پر مان اسلام آباد هجڻ ڪري، اُن تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس.

سندس ڪهاڻي ’پائلي‘ به ڏاڍي سُٺي ۽ اظهار تاثر، ڪردارنگاري ۽ منظرنگاريءَ جي حوالي کان هڪ اڻ وسرندڙ ڪهاڻي آهي.

طارق عالم جي اعزاز/مڃتا طور ’پرک‘
 

’طارق عالم نمبر‘ شايع ٿيو هو. اُن ۾ جيڪي به سندس انٽرويوز ڇپيا هئا، انهن ۾ تلخ، سچ ۽ حقيقتون سمايل هيون.

طارق عالم هڪ خوددار ۽ عزت نفس برقرار رکندڙ سنڌ جو يگانو ليکڪ هو. طارق عالم، آرٽسٽ، مصور، ڊرامه نويس، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ بهتر انسان هو. هُن زندگي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان گذاري. مرڻ ڪو مهڻو نه آهي پر هڪ معاشري ۾ ڪنهن قلمڪار جي زندگي/جياپي کي اهميت ناهي ته ان معاشري کي رول ماڊل يا آئيڊل معاشرو ته نه ٿو چئي سگهجي؟

ابڙو فيملي، سڄي ادب ۽ آرٽ جو حسين سنگم آ، دارا عالم، منصور عالم، شبير عالم، اياز عالم، قيس عالم، طارق عالم. اڃا ٿورو ئي وقت ٿيو جو آهي، منصور عالم هليو ويو. اُن جو غم ئي سندن ڪٽنب کان نه وسريو هو، ته وري طارق عالم جو وڇوڙو ٿيو.

ڪيسين رهي هيءَ بهاري بودِ،
 نيٺ ڌرتي گودِ، توکي موٽائي وٺي.
                                         (اياز)

ڀائو درمحمد ٻُرڙو

”سچل سرمستؒ ۽ ان جا همعصر شاعر“ ۽ ”سچل- ساڃاهه شعور“

(ڊاڪٽر مخمور بخاري جي تحقيقي ڪتابن جو تعارف)

”سچل سرمستؒ ۽ ان جا همعصر شاعر“ ۽ ”سچل- ساڃاهه شعور“ هي ٻئي ڪتاب، تحقيق جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ نوجوان محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري جي تحقيق جو ثمر آهن. ڊاڪٽر مخمور بخاري تحقيق جي حوالي سان نئين ٽهيءَ ۾ هڪ نمائنده محقق آهي. سندس اصل نالو سيد رشد الله شاهه بخاري، پاڻ هالن نون جو ويٺل آهي. پاڻ سنڌيءَ جو ليڪچرار آهي.

”سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر“ مخمور بخاري جو پي ايڇ. ڊي مقالو آهي جيڪو هن ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ لکيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ان تي کيس فيبروري 2008ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني.  ڊاڪٽر مخمور بخاري اهو پي ايڇ.ڊي ڊاڪٽر آهي، جنهن کي سڀ کان ننڍي عمر يعني 29 سالن ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي.

هيءُ ڪتاب عبدالعزيز عقيلي سيڪريٽري ثقافت کاتي حڪومت سنڌ 2011ع ۾ حضرت سچل سرمستؒ جي 190هين عرس جي موقعي تي خاص اشاعت هيٺ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي.

”سچل- ساڃاهه شعور“ حضرت سچل سرمستؒ تي لکيل مختلف تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي. جنهن کي مسٽر قربان منگي چيئرمن پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور آگسٽ 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي.

ٻئي ڪتاب، پڪي بائينڊنگ ۾ خوبصورت ٽائٽل ۽ ڪلر سان ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل آهن. پهريون ڪتاب 352 صفحن تي ۽ ٻيون ڪتاب 143 صفحن تي مشتمل آهي. هنن ٻنهي ڪتابن تي لائق محقق جي نهايت ڪٺن محنت ۽ عرق ريزي شامل آهي. هي ٻئي ڪتاب، خالص تحقيقي ڪتاب آهن. هنن ڪتابن جي تياريءَ ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ کي ڪيترن ئي ڪتبخانن ۽ شخصيتن کان استفادو ڪرڻو پيو آهي. ٻئي ڪتاب، حضرت سچل سرمستؒ جي حالات ۽ واقعات سميت سندن عملي زندگيءَ جو چڱيءَ پر احاطو ڪن ٿا. هتي ٻنهي ڪتابن جو مختصر تعارف پيش ڪجي ٿو:

سچل سرمستؒ ۽ ان جا همعصر شاعر:

هيءُ ڪتاب پنجن بابن تي ورهايل آهي ۽ هر باب مختلف عنوانن تي محيط آهي.

پهرين باب ۾ سچل سرمستؒ جي سوانح، سلسله نسب ۽ سندن آباء اجداد جو ذڪر ٿيل آهي. ٻي باب ۾ سچل سرمستؒ جي دور جو سياسي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ٽئين باب ۾ سچل سرمستؒ جي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو اڀياس هيٺ آندو ويو آهي. چوٿين باب ۾ سچل سرمستؒ جا همعصر شاعر، طالب، ٻالڪا، عقيدتمند ۽ دوست اڀياس هيٺ آندا ويا آهن.

پنجين باب ۾ سچل سرمستؒ جا همعصر شاعر- تقابلي اڀياس هيٺ آندا ويا آهن ۽ آخر ۾ ببليوگرافي پيش ڪيل آهي. جنهن ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب، رسالا ۽ 15 ڪتبخانا وزٽ ڪيل آهن.

هن ڪتاب بابت پبلشر عبدالعزيز عقيلي لکيو آهي ته:

”سچل سرمستؒ ۽ ان جا همعصر شاعر“ ڊاڪٽر مخمور بخاري جي Ph.D جي ٿيسز آهي. هن تحقيق ۾ سچل سائين جي سوانح، فڪر ۽ فن سان گڏوگڏ سندس ويجهو رهندڙ شاعرن جو تقابلي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سان يقيناً سچل شناسيءَ جي حوالي سان ڪي نوان پهلو اجاگر ٿيندا.“

پيش لفظ ۾ سچل سائين جي ڪلام بابت ڊاڪٽر مخمور بخاري لکيو آهي ته:

”سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن ۾ سچل سرمستؒ بنهه منفرد شاعر آهي. هن سنڌ ۾ شاعريءَ جي اسلوب ۾ تمام گهڻي حد تائين تبديلي آندي. سچل سائين نه رڳو شعر جي اسلوب ۾ تبديلي آندي پر هن سنڌي ڪافي جي گهاڙيتن ۾ پڻ تبديلي آندي، ان سان گڏوگڏ مسلسل بيت، جهولڻو، جهولڻو ڪافي ۽ گهڙولي جهڙيون صنفون به شاعريءَ ۾ مروج ڪيون.“

هن ڪتاب بابت هو لکي ٿو ته:

”سچل سرمستؒ ۽ ان جا همعصر شاعر“
درحقيقت منهنجي پي ايڇ.ڊي جو تحقيقي مقالو آهي، جيڪو نامياري محقق ۽ سچل شناس پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جي رهبريءَ ۾ 2007ع ۾ مڪمل ڪيو ويو.“

مجموعي طرح هيءُ ڪتاب، حضرت سچل سرمستؒ، ان جي همعصر شاعرن سميت ان دور جي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي حالات تي تحقيق انداز ۾ گهڻي طرفي روشني وجهي ٿو. حضرت سچل سرمستؒ جي پيدائش 1739ع ۾ ٿي. هن ئي دور ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي حڪومت وارو دور هو، جڏهن ڪلهوڙن جو دور پڄاڻيءَ کي رسيو، تڏهن سچل سائين جي عمر 45 سال هئي ۽ هو ان دور ۾ علمي طرح پڪو پختو ٿي چڪو هو ۽ گڏوگڏ هن دور جي حالات جو کيس چڱيءَ طرح مشاهدو ۽ مطالعو هو ۽ هيءُ دور ئي سندس شاعريءَ جو عروج وارو دور هو. هن ئي دور ۾ سچل سرمستؒ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ انقلاب آندو. جهولڻو گهڙولي، ريخته، جهولڻو ڪافي وغيره ترقي ڪري عروج ماڻيو. حضرت سچل سائينؒ نه رڳو فڪري طور وڏو شاعر آهي پر هن سنڌي شاعريءَ جي فن ۾ وڏي وسعت پيدا ڪئي. هڪ طرف بيت، ڪافي، ڏوهيڙي، مرثيي، غزل ۽ مثنوي جهڙين صنفن کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو پر ساڳئي وقت جهولڻو، جهولڻو ڪافي، ۽ گهڙولي جهڙيون نيون صنفون به سنڌي شاعريءَ ۾ متعارف ڪرايون.

تحقيق جي فن ڪلهه جي ڀيٽ ۾ اڄ ترقي ڪئي آهي، اڄ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ نيٽ جو دور آهي. هن دور ۾ ٻين فنونن سميت تحقيق جي فن به تڪڙيون ٻرانگهون ڀريون آهن. ڪلهه اسان جا اسڪالر حضرات تحقيق جي خام مال گڏ ڪرڻ ۾ سالن جا سال لڳائيندا هئا، پر اڄ فقط نيٽ تي ويهي ڪلڪ ڪرڻ سان دنيا جي ڪنهن به خطي بابت پوري ڄاڻ ملي وڃي ٿي. ڪلهه اسان جا اسڪالر حضرات تاريخي ماڳن، مڪانن، شهرن ۽ شخصيتن بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سوين ميل سفر ڪري انهن تائين ڪهي ويندا هئا پر اڄ اهي سمورا ڪم گهر ويٺي نيٽ تان حاصل ڪيا وڃن ٿا.

تحقيق جي حوالي سان موجوده نئين ٽهي وڏي خوشنصيب آهي جو هن کي هاڻي ايڏا وڏا ڪشالا ۽ ڪشٽ ڪرڻا نه ٿا پون جيڪي ڪالهه اسان جي سينئر اسڪالرن کي درپيش ايندا هئا.

سچل- سڃاهه شعور:

هيءُ ڪتاب به ڊاڪٽر مخمور بخاري جي تحقيق جو ثمر آهي. ڪتاب تي مهاڳ خواجه فريد چيئر اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي انچارج ڊاڪٽر جاويد چانڊئي صاحب لکيو آهي. هو ڊاڪٽر مخمور بخاري جي تحقيقي ڪم بابت لکي ٿو ته:

”هيءُ ڪم جيستائين ڇپبو تيستائين ڊاڪٽر مخمور سچل شناسيءَ جي واٽ تي هلي ٿو پيو. رستي مان ڊڀ ۽ ڪنڊا صاف ڪندو نوان موضوع، نوان خيال، تاريخ جي غلط فهمين جي ڌُڌڙ ڌوڙ ۾ لڪل سچائين کي صاف ۽ اجرو ڪري اسان جي آڏو پيش ڪري رهيو آهي. اهڙن نون خيالن سان ڀرپور انهيءَ جا 8 تحقيقي مضمون، جيڪي منهنجي نظر ۾ سچل شناسي ۾ ”هشت بهشت“ برابر آهن، هن ڪتاب جي روپ ۾ اسان جي هٿن ۾ آهن.“

ڊاڪٽر جاويد چانڊئي صاحب مهاڳ ۾ لکيو آهي ته:

”شعر ۾ صوفيانه روايت جا وڏا مرڪز ملتان ۽ اُچ رهيا آهن، جيڪي سرائڪي ٻوليءَ جا وڏا مرڪز آهن. پهريون صوفي شاعر، جنهن هند سنڌ کي متاثر ڪيو، اهو هو- بابا فريدؒ. بابا فريد جي ٻولي شاهه حسين، بلهي شاهه، علي حيدر ملتاني، قاضي قادن ۽ شاهه لطيفؒ تائين پنهنجا اثر ڇڏيا.“

ڊاڪٽر مخمور بخاري سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جي رواج جي حوالي سان ڳالهه ڪندي ٻڌائي ٿو ته:

”انهن سمورن شاعرن جي اردو ’دڪني اردو‘
آهي جنهن ۾ ”سين“، ”سُون“ ۽ ”ڪون“ وغيره لفظ ملن ٿا. ان کان سواءِ سچل جي اردو ۾ جمع جو طريقو به دڪني زبان وانگر الف نون اضافي وارو آهي، مثلاً: فريادان، بهاران، هزاران، پڪاران وغيره.“

ڊاڪٽر جاويد چانڊئي هن ڪتاب بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر بخاري جي مضمونن جي انهيءَ مالا ۾ اهڙا چمڪندڙ موتي آهن جيڪي سچل سائينؒ جي شاعري جي حُسن کي آشڪار ڪرڻ لاءِ اسان کي سوجهرو ڏين ٿا. سچل سائين جي ڪلام جي گهڻ پاسائين تحقيق مان هر شاندار پهلو اسان جي سامهون اچي ٿو.

منصور کان غلام حيدر گودڙئي فقير تائين سچل جا پيشرو ۽ پوءِ لڳ سچل جو دور، سياسي، ادبي ۽ سماجي تاريخ، سچل جي حوالي سان سنڌ، سنڌي ثقافت، سنڌي زبان ۽ سنڌي شاعريءَ جي اثرن جو بلوچستان ۽ سرائڪي علائقي تائين ڪيترائي موضوع آهن جيڪي هن ”هشت بهشت“ يا اٺ ڪنڊي هيري ۾ جرڪن ٿا.“

ڊاڪٽر مخمور بخاري پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته:

”سچل- ساڃاهه شعور“ جي نالي سان هن مختصر ڪتاب بابت آءٌ ڪا وڏي دعويٰ نه ٿو ڪريان ۽ نه ئي ڪنهن خوشفهمي ۾ پاڻ کي سچل شناس سمجهان ٿو. مون شعوري طور هيءُ ڪتاب نه لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سچل سرمستؒ متعلق ڪجهه مضمون آهن جن کي ترتيب سان پيش ڪيو ويو آهي. هي مضمون لڳ ڀڳ چئن سالن جي عرصي ۾ لکيا ويا.“

هن ڪتاب ۾ ڪل نو (9) مضمون شامل آهن جن مان هڪ اردو مان ترجمو آهي. هنن سمورن مضمونن ۾ سچل سائين جي فڪر جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ڪن اهڙن موضوعن کي به ڇُهيو ويو آهي جن تي اڳ اهڙي انداز سان نه لکيو ويو هو. خاص طور ”منصوري روايات ۽ سرمستي آواز“ ۽ ”سچل سرمست ۽ سامي جي فڪري مماثلت“. سچل ۽ منصور بابت ته لکيو ويو آهي پر هن مضمون ۾ حسين منصور جي عربي شعر سان سچل جي شعر جي ڀيٽ ڪيل آهي. ”سچل سرمست هفت زبان شاعر يا چئن ٻولين جو شاعر“ مضمون ۾ دليلن سان واضح ڪيو ويو آهي، ته سچل سائين سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي.

ان کان علاوه ٻيا هيٺيان مقالا هن ڪتاب ۾ شامل آهن:

* سچل سرمستؒ جو پنهنجي دور تي اثر

* سچل سرمستؒ جو وطن دوستيءَ وارو ڪردار

* سچل سرمستؒ وٽ پاڻ سڃاڻڻ جو فڪر

* غلام حيدر گولڙو دم درازي ديد (فقير غلام حيدر گودڙئي جي ڪلام جو جائزو)

* رمز رنديءَ جو عجائب روهڙيءَ ۾ راز هو

* بلوچي براهوي عارفانه شاعريءَ ۾ سچل سرمستؒ جو رنگ

مجموعي طرح هيءُ ڪتاب، سچل سرمستؒ جي صوفيانه فڪر جو چڱي پر احاطو ڪري ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ڊاڪٽر جاويد چانڊئي جي لکيل عالمانه مهاڳ سبب هيڪاري وڌي وئي آهي. هيءُ ڪتاب نون تحقيق ڪندڙ اسڪالرن سميت استادن ۽ شاگردن سميت عام و خاص لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. هر لکيل پڙهيل ماڻهوءَ جي ڪتبخاني ۾ سچل شناسيءَ جي ڪارنر طور هي ٻئي ڪتاب اهميت رکن ٿا.

هنن ٻنهي ڪتابن کان علاوه ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جو هڪ ڪتاب هالا جي ادبي تنظيمن تي 2004ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، ان ڪتاب جو ٽائٽل آهي- ’هالا جي ادبي تنظيمن جو تنقيدي جائزو‘. هيءُ ڪتاب- سيف بخاري اڪيڊمي هالا ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر بخاري 2007ع ۾ ماهوار ’مٽياري‘ ميگزين جو شاهه لطيف اسپيشل ايڊيشن پڻ ترتيب ڏنو آهي.

ڪتابي دنيا کان علاوه مخمور بخاري ”مرزا قليچ بيگ انٽرنيشنل ڪانفرنس“ جيڪا 2009ع ۾ منعقد ڪئي وئي، ان ۾ پنهنجو مقالو پڙهيو، انهيءَ سال ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران سڏايل ”نيشنل ڪلهوڙا ڪانفرنس“ ۾ به پنهنجو پيپر پڙهي چڪو آهي. ازان سواءِ شاهه لطيف، سچل سرمست، بيدل فقير، قلندر شهباز وغيره جهڙن صوفي شاعرن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پڻ پنهنجا تحقيقي ۽ علمي پيپر پڙهندو رهي ٿو.

عبدالقيوم صائب

چمنستان حسين

مرتب: مرزا فياض علي بيگ

هي چمنستان ميرزا حسين علي حسين جي شاعراڻي فڪر جو نتيجو آهي. هي ميرزا 26- مئي 1890ع تي ميرزا غلام حيدر ’قنبر‘ جي گهر ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو ۽ 7- جولاءِ 1915ع تي قريباً 25 سالن جي ننڍيءَ وهيءَ ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ دفن به ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ميرزائن جي مقام ۾ ٿيل آهي. هنن ميرزائن جي گهراڻي ۾ شعر و شاعري، مرثيه خواني ۽ امامن جي مجلسن جو عام رواج هو، جيڪو امام بارگاهه علي آباد ٽنڊي آغا ۾ اڄ ڏينهن تائين، صدق دل سان هُو هلائيندا پيا اچن.

ٿيو هيئن جو امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا ۾ مولوي سيد ابوالحسن جي اچي رهڻ ۽ گدا شاهه جي شرڪت جي ڪري هڪ ادبي ماهول جُڙي پيو، جنهن کان متاثر ٿي، حسين عليءَ شاعري شروع ڪئي.

ميرزا حسين علي نه رڳو اهڙي ماحول ۾ پرورش پاتي، پر مرثيا ۽ مجلسون به پڙهيون. هن مير محمد حسن خان ۽ مير نورمحمد خان جي قائم ڪيل مجلسن ۾ مرثيه خواني ڪندي، حيدرآباد ۾ جتي به جهڙوڪ ميرن جا قبا، ڪمانگر محلو، گنج بخش شاهه جو پِڙ، قدم شريف وغيره تي پڻ مجلسون پڙهندي ۽ مرثيه خواني ڪري پنهنجي عقيدي ۽ شاعريءَ جي تسڪين  ڪندو رهيو. هن سنڌيءَ توڙي اردوءَ ۾ سخن آرائي ڪئي. هن سنڌيءَ ۾ گدا شاهه ۽ اردوءَ ۾ مولوي ابوالحسن لکنويءَ کان اصلاح سخن ورتي. هي ٻئي ڄڻا ان زماني ۾ ٽنڊي آغا ۾ اچي رهيا. گدا شاهه جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هن پنهنجي سوٽ قربان عليءَ کان شعر جي اصلاح ورتي.

هن جي سنڌي توڙي اردو شاعريءَ ۾ روانگي، پختگي ۽ فني خوبيون موجود آهن. هن شاعريءَ جي مختلف صنفن جهڙوڪ حمد، نعت، منقبت، مرثيه، سلام، نوحه ۽ غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جي ادبي محنت جو ثمر، اڄ سندس ئي خاندان جي فرد ميرزا فياض علي، مرتب ڪري عوام جي آڏو آندو آهي.

حمد و نعت

خدائي عزوجل جي ساراهه ڪير نه ڪندو، سو حسين علي به رسم نباهيندي رب تعاليٰ جي ثنا ۾ ڪلام چيو آهي ۽ ساڳئي وقت حضور سرورِ ڪائنات جي حُسنِ اخلاق جي صفت سان ڪندي، قدسيءَ جي مشهور ۽ مقبول نعت جي تضمين ڪئي آهي. هو ڌڻي سڳوري جي حمد ڪندي لکي ٿو:

ڪنهن جو ڄڻيو نه آهي، ڄڻيو ڪنهن کي ڪين جنهن،

هي خاص رتبو آهي، خدا ذوالجلال جو.

 

جيڪي ڪريم توکي آ ڏيڻون، ڏي بي طلب،

شيوه سندم نه آهه، ڪڏهن ٿيو سوال جو.

 

يا ربّ ذوالجلال والاڪرام هر گهڙي،

سائل ’حسين علي‘ آهي رزقِ حلال جو.

تضمينٖ نعتٖ قدسي جا چند بند پيش ڪجن ٿا:

جڏهن مڪي مان ويو مسجدٖ اقصيٰ ۾ نبي،

ڪئي مرڪب هئي اتي، پاڻ عجيب تيز روي،

چيو هرهڪ ٿي نبيءَ انهيءَ منظر کي ڏسي،

مرحبا سيدٖ مڪي مدني العربي-

دل و جان باد فدايت چه عجب خوش لقبي.

 

حامل وحئ خدا، شان نزول لولاڪ،

حور و غلمان و ملڪ کان به ٿئين طاهر و پاڪ،

نور جي واسطي زيبا جو نه هو مسڪن خاڪ،

شبِ معراج، عروج تو، گذشت از افلڪ-

بمقام ڪه رسيدي، نه رسد هيچ نبي.

 

ٿو ڪري عرض اوهان کي هي، اي عالم جا نبيؐ،

ٿيو ’حسين علي‘ خادم سندءِ اي مطلبي،

ڪر مدد جڳ جا اجها، جلد سندم هاڻ اچي،

سيدي انت حبيبي و طبيبِ قلبي-

آمده سوئي تو قدسي پئي درمان طلبي.

ازانسواءِ هي شاعر، پنهنجيءَ پر ۾ هن ريت رطب اللسان آهي:

خدا جي ٿيو خدائي ۾ بيشڪ،

آهي گنجينهءِ گوهر ﷴؐ،

 

آيو قدم مديني ۾ دُرّ يتيم جو،

رتبو مليو مديني کي عرشِ عظيم جو.

هن شخص نه رڳو قدسي جي تضمين ڪئي، پر گدا شاهه ۽ ميرزا قربان علي جي تتبع تي پڻ ڪلام چيو آهي:

گدا شاهه جو تتبع:

ماهه روين جي عشقبازيءَ ۾،

مون وڃائي سڄي ڄمار عبث،

بس ڪندس ڪين عشقبازيءَ کان،

گرچ هي آهي ڪاروبار عبث،

سچ ’حسين علي‘، ’گدا شاهه‘ چو،

ذات تي آهي افتخار عبث.

ميرزا قربان عليءَ جو تتبع:

اڱڻ آيو سندم مس مس، هنئين جو هار، بسم الله،

اکيون منهنجون، لتون ان جون، چوان صد بار بسم الله.

 

’حسين علي‘ علي المرتضيٰ جي مدح ۾ هردم،

لکان ’قربان عليءَ‘ جي فيض سان اشعار بسم الله.

حسين عليءَ جي سڄي شاعري عقيدت تي ٻڌل آهي، جنهن جي هر صنف ۾ ورجاءُ آهي، جيڪو اهلِ تشيع لاءِ سهڻو تحفو ۽ عقيدت جو گلدستو اهي. ان هوندي به ان ۾ شاعراڻيون خوبيون پنهنجي جاءِ تي خوب نظر اچن ٿيون.

مرثيي ۾ ڪربلا جي واقعي جي چترنگاري ته هوندي ئي آهي، پر ان ۾ واقع نگاري ۽ منظرنگاري جا نظارا به نظر ايندا آهن. هن شاعر پڻ هڪ واقعو بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته هڪ شخص، پنهنجي عقيدت جا گل نثار ڪرڻ لاءِ پنهنجي نياڻي به وڪڻڻ لاءِ بازار ۾ آڻي ٿو. هي هڪ دلدوز واقعو آهي، جنهن جي، سهڻي منظرنگاري ڪئي وئي آهي. پڙهندڙ به ان جو ساءُ وٺن:

هڪ محب هو تعزيه دارٖ شهيدٖ ڪربلا،

تعزيه هر سال ڪڍندو هو، محبٖ باصفا،

هڪڙو سال اهڙو اچي ان شخص تي ٿيو رونما،

ٿي ويو محتاج و مفلس، خادمِ شاههٖ هُدا،

روئي روئي ٿي چيئين، آءٌ ڪيئن عزاداري ڪريان-

ڪير ڏيندو مون کي جو آءٌ تعزيه داري ڪريان.

 

پوءِ چيئين دختر کي پنهنجي سڻ سندءِ ماءُ چئي ٿي ڇا،

پنهنجي دل جي تون ٻڌائج، مون کي ساري ماجرا،

ماءُ سان پنهنجي محبت، توکي پڻ آهي روا،

ياڪه تنهنجي دل ۾ آهي، الفتٖ شيرِ خدا،

سچ ٻڌائج، توکي هي بابو سندءِ پيارو ٿيو-

يا پسر خاتونِ جنت جو توکي پيارو ٿيو.

 

تڏ چيئين آءٌ فاطمه جي نام تان آهيان نثار،

جنهن طرح چاهين، مون کي شبير تي بابا تون وار،

واحسينا واحسينا چئي تون ڪر سينو فگار،

تعزيه شبير جو يڪبار گهر تون ڪر تيار،

جي محب شه جا اچن، تن جي ته مهماني ڪريو-

ڪو خريدي مون کي ورنه، پوءِ قرباني ڪريو.

 

هي سخن دختر جو ٻڌندي، ٿيو روئڻ هو ديندار،

هڪڙي چادر ۾ پوءِ ويڙهي نڪتو باصد دلفگار،

واسطي وڪڻڻ جي آندي، ڌيءَ اٿم هي نيڪوڪار،

پهچندي بازار ۾ هن طرح چيئين باچشم زار،

ڪو خريدڻ وارو آهي، هڪ ڇوڪري آندي اٿم-

تعزيه داري جي خاطر سان ته آءٌ وڪرم ڪندم.

پر جڏهن سمجهئين، ڏسڻ منهن کان سواءِ وٺندو نه ڪو،

ڪن ۾ دختر جي چوڻ هن طرح سان مومن لڳو،

منهن ڏسڻ چاهي ٿو تنهنجو، هت خريدار آهي جو،

تڏ چيو ان سر تان چادر بابا اَئين لاهي ڇڏيو،

مون ۾ بس طاقت نه ٿي، هن کان سوا چارو نه آهه-

زينب و ڪلثوم جي منهن کان، هي منهن پيارو نه آهه.

 

ڏيئي ڪجهه دينار آخر، هو وٺي نينگر هليو،

صبح ٿيندو عقد آءٌ هن سان ڪندس دل ۾ چيو،

ڳالهه هيءَ سوچي وٺي، گهر پنهنجي ڏي ان کي ويو،

رات ساري محو انهيءَ ڳالهه ۾ هو پڻ رهيو،

پيءُ ان نينگر جو پهتو گهر ۾ بارنج و بلا-

تعزيو شبير جو تيار ڪيو صاحب عزا.

 

ان محب اي مومنو! ائين ڪئي عزاداري مگر،

جنهن وتي نينگر هئي، دينار ڏيئي از پدر،

خواب ۾ ناگاهه ان کي، هي پيو منظر نظر،

پنج شخص آيا سندس گهر ۾ ته آهن چشم تر،

هڪڙو بادندان شڪسته، ضعف کان بيحال آ،

هڪڙي جا ٿيا سبز ڪپڙا، ٻي جا ڪپڙا لال ها.

 

تن چيو اي شخص هي نينگر خريدئي ڪنهن بها؟

ڪيتري هن جي رقم آهي ڀلا تو ڪئي ادا،

ڪين ٻانهي ڄاڻ هن کي، هيءَ ته آهي پارسا،

هن محبِ سبطٖ پيغمبر جا رتبا ٿيا وڏا،

آخرش جو ڏنو هُئين، ان کي سو واپس مليو-

نينگري پيءُ سان ملي نينگر کي پنهنجو پيءُ مليو.

هن واقع نگاريءَ ۾ نه رڳو منظرنگاري آهي، بلڪ هي هڪ دلدوز واقعو، انسان جي هردي تي وڏو اثر ڪري ٿو. ان ريت مرثيه نگاريءَ ۾، نظم نگاريءَ جي نشاندهي پڻ ٿئي ٿي ۽ مرثيو، نظم جي صورت اختيار ڪري ٿو وڃي، جنهن ۾ بيان جي اهڙي رواني آهي جو پڙهندڙ جي ڪٿي به زبان هٻڪي ڪانه ٿي.

تغزل:

تغزل، غزل جي جان ۽ جاذبيت آهي. حسين عليءَ غزل ٿورو چيو آهي، پر ان ۾ عزل جي جزئيت جو واسو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

يار آيو زلف کولي، ان ڪري،

گهر ته منهنجي جابجا ٿي چاندني.

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

چهرو منهنجي دلبر جو، شبِ زلف سيه ۾،

بجليءَ جي طرح، ابرِ گُهر بار ۾ چمڪيو.

پهرئين شعر ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته منهنجي گهر ۾ چوڌاري چانڊوڪي آهي، تنهنڪري منهنجو يار زلف کولي، منهن تي وجهي منهنجي گهر ۾ آيو آهي. هيءَ شرم و حيا جي نهايت لطيف تصويرڪشي آهي ۽ ٻئي شعر ۾ وري اها ڳالهه ڪئي وئي آهي ته اهي ڪڪر جن مان موتين جهڙيون بوندون وسي رهيون آهن، تن ۾ دلبر جو چهرو ائين پئي جرڪيو ڄڻڪ ڪارن وارن جي ڪري رات جو سمو پيدا ٿي پيو ۽ ان ۾ کنوڻ وانگر پئي چمڪيو. هنن شعرن ۾ تشبيهون ته نيون ڪونهن، پر نڀايون دلبردانه انداز ۾ ويون آهن. شاعري انهيءَ کي چئبو آهي.

اڃا به اڳتي وڌو:

مهر ۾ ڳوليندو ٿو توکي وتي،

داغ تنهنجي عشق جو ٿيو ماهه ۾.

چنڊ ۾ جيڪو داغ آهي سو به تنهنجي عشق جي سوز جي ڪري پيدا ٿيو آهي، اهوئي سبب آهي جو ويچارو عاشق پنهنجي محبوب کي ڏينهن ڏٺي جو ڳوليندو وتي.

ٻئي هنڌ چيل آهي:

خالِ سيه کي هُن جي ته سجدو ٿا ڪن ’حسين‘،

ڪافر نوان نوان ته مسلمان نوان نوان.

ڪاري تِر جي فضيلت اها آهي جو نت نوان نوان انسان، هندو توڙي مسلمان، ان کي سجدو ٿا ڪن. قديم انسان جي سيہ پرستي ته پنهنجي جاءِ تي آهي، پر نئين دؤر وارا روشن خيال ماڻهو به انهيءَ سيہ پرستي کان منهن موڙي نه سگهيا آهن. هي شعر عقيدت جي جان آهي.

ڪجهه اڳتي وڌو:

گل و لاله ٽڙيا ٿي ائين چمن ۾،

عقيقِ سرخ هئي جيئن ڪو يمن ۾.

 

سندءِ ڪاڪل ٿيا ائين مشڪ افشان،

جو شهرو جن جو ٿيو چين و ختن ۾.

 

نزاڪت ۾ سڄڻ ٿيو غنچهء گل،

شڪايت جو نه لفظ آيو دهن ۾.

يمن جو سرخ عقيق پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي، پر يار جي ديس جا گل و لاله ائين ٽڙي ۽ کڙي پيا آهن جو يمن جي عقيق جو ڏيک پيا ڏين.

ٻئي شعر ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته چين ۽ ختن ملڪن جي مشڪ مشهور آهي. پر يار جي ڪاڪل جي مشڪ جي مهڪ، انهن ملڪن ۾ به پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي.

گل جي مُکڙي ڏاڍي نفيس ٿيندي آهي، پر يار جو دهن ايڏو ته نزاڪت وارو ۽ نازڪ آهي جو ان مان شڪايت جو لفظ نڪري ئي نه ٿو.

اهو سمورو تغزل جو ڪمال آهي جو عام تشبيهه ۽ ڪنايه پڻ پنهنجي ڪمال تي پهچيو وڃن ۽ اهڙا شعر پڙهڻ لاءِ دل سرڪندي رهي ٿي.

هي هو حسين عليءَ جي سنڌي شاعريءَ جو نقش ۽ نقشو. پر سوا صديءَ جي اڳ واري دؤر کي سامهون رکي، سنڌ جي هڪ فرد جي اردو نويسيءَ جو رخ ڏسو:

کہا جو آنے کا میں نے تو اس نے ہنس کے کہا،

یہ بات ساری حسینا‘ ہے آب و دانے کی.

 

جو اپنے اپ کو بھی فیض خود نہیں دیتا،

کوئی امید نہیں، اس سي فيض پانے کی.

 

یار پہلو میں ہے، اور مئے بھی ہے،

اب نہ آوے، خدا کرے کوئی.

حُسنٖ غزل جو هڪ شعر آهي:

اس نے ستم دکھایا، جس کو کیا تھا اپنا،

جس کو کیا تھا اپنا، اُس نے ستم دکھایا.

هي پورو عزل اهڙوئي پيارو آهي، جنهن مان سنڌ جي ذهانت ۽ ذهنيت پيئي بکي.

حسين عليءَ جي سلام ۾ به منظرنگاريءَ جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا:

سڀني بيبين ها ڍڪيا منهن، پنهنجي وارن سان،

چؤطرف جڏهن نظر، مجمعِ اغيار آيو.

 

غش ٿي زمين تي زوجهء عباس پئي ڪِري،

عباس جهڙو غازي، جو ان کان جدا ٿيو.

مطلب ته حسين عليءَ جي شاعري پڙهڻ ۽ پُرجهڻ وٽان آهي.

استادن جي مڃتا:

گدا شاهه

آهي جو گدا شاهه ٿيو سيد و سادات،

استاد سو بهتر ٿيو مددگار اسان جو.

 

سندم ڇو شعر ۾ تاثير ٿي، اهڙو نه اي يارو،

گدا کان شعر پنهنجي تي جا اصلاح ڪرائي هئي.

 

دعا هي درگہِ داور ۾ ٿي صبح و شام منهنجي،

سدا سر تي رهي سايو، گدا شاهه جهڙي شاعر جو.

گدا شاهه جي وفات بابت قطعه:

هردم ٿي اسان سان رهيو، همراهه گدا شاهه،

هر وقت اسان سان ٿي رکيو چاهه گدا شاهه.

گلشن جي مثل آهي ٿيو، ديوان گدا جو،

جيڪو ٿو پڙهي سو ٿو چوي واهه گدا شاهه.

بزمِ شعرا ۾ ٿو هلي، ذڪر اهوئي،

ويو وڇڙي اسان کان ناگاهه گدا شاهه.

عاجز چئي مصرع هي، ’حسين علي‘ آهه خوب،

شعرا جو لڏي هاءِ ويو شاهه، گدا شاهه.

سانگي چوي، صاحبڏنو، مخلص ۽ چوي دوست،

ويران ڪري ويو محفلون، صد آه! گدا شاهه،

ميرزا قربان علي:

’حسين علي‘ فيض قربان کان،

سندم خوب طبع رسا ٿي وئي.

 

ڇو نه ٿئي شعر پُراثر منهنجو،

جڏ ٿيو قربان علي سندم استاد.

 

قربان علي برادر، استاد ٿيو سندم،

ناصر انهيءَ جو حضرتِ مشڪلڪشا ٿيو.

سيد ابوالحسن لکنوي:

اپنی مثال آپ ہیں، خود بے مثال ہیں،

عالم ہیں، خوش نویس و سخنور ابوالحسن.

آخر ۾ پنهنجي خاندان وارن لاءِ دعا جا به ٻه لفظ:

دشمنن جي ضد حسد کان تون ٻڍل کي ڏي پناهه،

توسوا ناهي، اسان جي ٻي واهر نه واهه.

 

آهي غلام حيدر صفدر سندم پدر،

ان تي سدائين لطفِ شہِ ڪربلا ٿيو.

 

آهي علي نواز برادر هي نيڻ ٺار،

اُن جو محافظ آهي سدا مرتضيٰ ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com