سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :6

هن انڪساريءَ جي پُتلي ۽ خوش مزاج عالم جي گوناگون شخصيت جو تذڪرو قلم جي حاطي کان ٻاهر آهي. سندس روحاني قدر و منزلت کي تسليم ڪرڻ سان ئي سندس ڪارنامن تي حيرت زده ٿيڻ کان بچي سگهجي ٿو: مثال طور، پهرين گهرواريءَ جي وفات، تاريخ 19 مارچ 1904ع وقت، سندس قبر جي ڀرسان پنهنجي لاءِ هڪ خالي قبر جوڙائي، بعد هر جمعي جي ڏينهن ڪاري ڪفني پائي اُنهي قبر جي الحد ۾ وڃي ليٽندو هو. پوءِ پنهنجو ”قطه تاريخ وفات“ پاڻ لکيائين، جيڪو درست ثابت ٿيو. پاڻ تاريخ 3 جولاءِ 1929ع تي رات جو يارهين بجي وفات ڪيائين، جيڪو هجري سال 1348 هو، ۽ خودنوشت قطعه تاريخ جو آخري رديف: ”بخت موقر“ ابجد جي حساب سان سال 1348 ڏيکاري ٿو. مڪمل قطعه تاريخ جيڪو تربت تي لڳل آهي، هي آهي:

عمرم به همين سال چُو هفتاد شده هفت

آمد ملک الموت ز درگاههِ حق آخر

گفتا که بسي زيستي در منزلِ دنيا،

شو عازمِ عقبى که به بيني رُخ داور

ازفرطِ مسرت زدم آهي و بَمُردم

در عالمِ ارواح رسيدم دمِ ديگر

تاريخ وفاتم چوُدِلم خواسته از غيب،

هاتف زکَرم کَرد نِدا: ”بخت موقر“

                               1348هه

”بخت موقر“ معنى باوقار بخت، سو هو سنڌ جو ”آفتابِ ادب“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، جنهن ادب جي هر موضوع تي ڪتاب لکي سنڌي ادب کي مالامال ڪيو. هُن ساڍا چار سؤ کان مٿي تعداد ۾ ننڍا وڏا ڪتاب لکيا، جن کي سندس حياتي ۾ پذيرائي حاصل ٿي ۽ عام جام شايع ٿيا. سندس دوست راجرشي ڏيارام گدومل پنهنجي هڙان ان وقت جا ڏيڍ لک رپيا خرچ ڪري سندس متعدد ڪتاب ڇپرايا. هندو ناشرن، ميشرس پوڪرداس ائنڊ سنس شڪارپور، ميشرس ويڙهومل کٽڻمل ائنڊ سنس سکر ۽ ميشرس هريسنگ ائنڊ سنس سکر، پڻ سندس ڪتاب وڏي تعداد ۾ شايع ڪيا. آزادي بعد، سنڌي ادب بورڊ طرفان پنجاهه کن ننڍا وڏا ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن، جن مان ڪجهه ورائي ورائي شايع ڪيا ويا آهن. باقي ڪتابن جي تلاش ۾، مون سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جا فرائض ادا ڪندي، مرزا صاحب جي پوٽن مرزا اعجاز بيگ ۽ سندس ڀاءُ مرزا حبيب بيگ جي مهرباني سان مرزا صاحب جي مطالعي جي ڪمري ۽ ڪتبخاني جي معائني جو شرف حاصل ڪيو. چئن ڪنڊن ۾ چار ميز-ڪرسيون، هر هڪ مختلف موضوع تي مطالعي ۽ لکڻ لاءِ مخصوص، المارين ۾ ڪتابن جي ترتيب ۽ حفاظت، قلمي مسودا، ذاتي استعمال جون شيون ۽ سندس روزنامچه سال 1914ع کان تاريخ 10 جون 1929ع، يعني وفات کان 23 ڏينهن اڳ تائين مسلسل لکيل ۽ فئملي رجسٽر، جيڪو سندس اعلى تربيت يافته اولاد ۽ خاندان لاءِ هڪ ”ضابطه اخلاق“ ۽ ”خانداني قانون“ آهي، اهي مون ڏٺا. مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هن ادبي بهشت جو مالڪ مرزا قليچ مرحوم، بذات خود، هتي موجود آهي. پوءِ سندس ترجمو ڪيل حڪيم عمر خيام جي هيءَ رباعي ياد آيم:

هن دهر ۾ جتي هئي اسان جي منزل،

ٿيو ڪِينَ سواءِ غم جي ٻيو ڪي حاصل،

افسوس اسان جي حل نه ٿي هڪ مشڪل،

وياسين ۽ رهي هزار حسرت منجهه دل.

مرزا قليچ بيگ (متوفي 1929ع) ۽ حڪيم عمر خيام (متوفي 1123ع) جي اها ڪهڙي مشڪل ڳالهه هئي، جيڪا هزار حسرتون بڻجي سندن دل منجهه رهجي وئي؟ - مرزا صاحب پاڻ انهيءَ جي نشاندهي ڪئي آهي:

اسان جو ڪم گهڻو ۽ عمر ٿوري،

اجل ڪاهيو اچي پيو زوري زوري.

(سودائي خام)

سندن عزم ۽ صلاحيت اڻکٽ هئي. ڪاش جيڪڏهن حياتي به ابدي هجي ها.  جسماني نه سهي، سندن فڪري تحريري حياتي ابدي آهي، پويان ايندڙ ۽ هلندڙ انساني نسلن تي منحصر آهي ته هُو پنهنجي ڪاروان حيات ۾ انهي فڪر ۽ ادب کي ڪيتري قدر پاڻ سان گڏ کڻي هلن ٿا.

مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ پهريون دفعو، سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1965ع ٻن هزارن جي تعداد ۾ شايع ٿيڻ بعد ٻيهر ساڳي تعداد ۾ ڇپايو ويو. تاريخي اهميت کان علاوه هڪ بيحد دلچسپ مطالعو آهي. اسان جي تفريح طلب سماج ۾، مرزا قليچ بيگ مرحوم جا لکيل خاڪا اهم آهن: ”لوڀي ۽ ٺوڳي“ (1894ع)، انڪوائري آفيسر (1896ع)، نيم طبيب خطره جان، نيم مُلان خطره ايمان (1897ع)، شيخ چِلي ۽ اڱڻ مسخرو (1900ع)، ”رسائيءَ جو رنگ ۽ گشت ڪين ڪشٽ“ (1908ع) ”حرڪت مان برڪت“ (1911ع)، ۽ پرهيز جي ٽولي (1915ع)، اهي خاڪا، آپيرا ۽ ٽئبلوز: ”لبا خان درزي ۽ خليفو ڪُهنگ“، ”نيلو پکي“، ”طلسمي گڏي“، ”ٻه جاڙا ڀائر“، ”ٽي ديوَ يا راڪاس“، ”ستن شهزادن جي ڪهاڻي“، شيطان جي ناني“، ”ڪادمري“، ”دل جو آرام“ ۽ ”عجيب دوا“، ”دل وندرائيندڙ ڳالهيون“، ”هندستان جون ديسي آکاڻيون“، ”ڪريسس“ (يوناني تاريخي قصو)، ”گلابي جوڙو“، ٻاراڻا ”گل ڦل“ (جنهن تان سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ٻاراڻي رسالي جو نالو ”گل ڦل“ رکيو)، اهي سڀ قصا، ڪهاڻيون، خاڪا، آپيرا ۽ ٽئبلوز، اسان جي بي سڪون سماج ۽ نئين نسل جي بي رُخي تعليم جي اصلاح آهن. امرت ڌارا آهن. مرزا صاحب جو ناول ”زينت“ گهر کي بهشت بڻائڻ جي واٽ ڏسيندڙ ناول آهي، جيڪو نوان گهر ٺاهيندڙ نوجوان جوڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

سنڌيءَ ۾ ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر جو سهرو به مرزا قليچ بيگ جي سِرَ تي آهي. سال 1880ع ۾ ”ليلى مجنون“ پهرين سنڌي ناٽڪ طور، اسٽيج تي آيو. پوءِ سنڌي نٽڪن جو سلسلو شروع ٿيو: خورشيد (1887ع)، بڪاولي (1894ع)، نورجهان ۽ جهانگير (1896ع) ۽ نادر شاهه (1897ع)، اهي سڀ سنڌي ناٽڪ، حقيقت پسندي (Realism) جي اصول ۽ معيار مطابق لکيا ويا ۽ روايتي فوق الفطرت ڪردارن کي خارج ڪيو ويو، جيئن نوجوان نسل جو ذهن تصورات بدران انساني حقيقتن طرف راغب ٿئي.

ڪاليداس جي ”شڪنتلا“، لارڊ لٽن جي انگريزي ڊرامي ”نائيٽ ائنڊ مارننگ“ جي اردو ترجمي ”ليل ونهار“ جو سنڌي ترجمو ”فيروز دل افروز“ (1905ع)، ”شريمتي منجري“ جو سنڌي روپ ”موهني“ جيڪو 1925ع اسٽيج ٿيو، ۽ هڪ ٻيو سنڌي ناٽڪ ”جمشيد حميده“ جيڪو 1918ع ڏيکاريو ويو، اهو شايد شيڪسپيئر جي ڊرامي ”ائز يُو لائيڪ اِٽ“ تان ورتل آهي.

وليم شيڪسپيئر جي ڊرامن کي سنڌي روپ ڏيڻ وارو به مرزا قليچ بيگ هو. ”حسنا دلدار“ (1897ع)، ”مرچنٽ آف وينس“ جو سنڌي ترجمو آهي. ”ڪنگ ليئر“ جي سنڌي ترجمي جو عنوان آهي: ”شاهه ايليا“ (1900ع). ”شمشاد مرجانه“ (1908ع)، ”سمبلائين“ ۽ ”عزيز ۽ شريف“ (1909ع) ”ٽوُ جيٽلمين آف ويرونا“ جو سنڌي ترجمو آهن. مشهور ڊرامي ”روميو ائنڊ جُوليٽ“ جو سنڌي روپ“ گُلزار ۽ گُلنار“ به 1909ع ۾ اسٽيج ڪيو ويو. شيڪسپيئر جي آخري ڊرامي ”هئمليٽ“ کي مرزا صاحب ”شهزادو بهرام“ عنوان ڏيئي سنڌي ادب ۾ داخل ڪيو (1914ع). ”نيڪي ۽ بدي“ (1911ع) ۾ بيحد دلچسپ ناٽڪ آهي، ۽ ڀائنجي ٿو ته شيڪسپيئر جي ڪنهن ڊرامي يا پلاٽ ۽ ڪردارن ۾ ردوبدل ڪري لکيو ويو آهي.

جديد سنڌي مضمون نويسي پڻ مرزا قليچ بيگ جي ”مقالات الحڪمت“ (1877) کان اوسر شروع ڪئي، پوءِ ”خود ياوري“ (1901ع). ٻيئي انگريزي ڪتابن جا ترجما هئا. ”بيڪنس ايسيز“ ۽ ”سمائيلس سيلف هيلپ“ انهن جا اصل ڪتاب هئا. اهو سلسلو 1877ع کان 1926ع تائين جاري رهيو، ۽ انهيءَ وچ ۾ 25 ڪتاب، مضمون نويسيءَ جي صنف ۾ سنڌي ادب جو حصو بڻيا، جيڪي اصل عربي، فارسي ۽ انگريزي ڪتابن جو ترجمو هئا. مرزا قليچ بيگ جو هڪ ٻيو ڪتاب: ”غلاميءَ مان مٿي چاڙهو“ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽيون ڀيرو سال 1979ع ۾ ٻن هزارن جي تعداد ۾ ڇپايو ويو. پهريان ٻه ڇاپا سال 1918ع ۾، سال 1961ع ۾ پڌرا ٿيا هئا. اهو بوڪر واشنگٽن جي انگريزي ڪتاب، ”اَپ فِرام سليوري“ جو سنڌي ترجمو آهي.

مغربي ادب کي سنڌي ادب ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪارنامو، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ادا ڪيو. 1911ع کان 11 سالن يعني 1922ع تائين 12 مشهور مغربي ادبي شاهڪار سنڌي ادب جو حصو بڻجي ويا. ”حاجي بابا اصفهاني“، ”گلن جي ٽوڪري“ ۽ ”شرلاڪ هومس“، ”عجيب و غريب ڪم“، سال 1911ع ۾، ايراني، جرمن ۽ انگريزي ناولن تان ترجمو ڪيا ويا. سال 1912ع کان 1914ع تائين پنج ٻيا سنڌي ناول پڙهڻ لاءِ مليا. ”ٽي گهر“، ”ايرڪ“، ”جولين هوم“، ”راحيل“ ۽ ”سچي محبت“، اڄ به پڙهڻ وٽان آهن. سال 1920ع کان 1922ع تائين، ٽن سالن ۾ چار وڌيڪ ناول سنڌي ادب جي زينت بڻيا. ”گليور جو سئر ۽ سفر“، ”سندباد جهازي“، ”رابنس ڪروزو“ ۽ ”سئنڊ فورڊ ۽ مرٽن“ پڙهي ڏسجن ته ڪيڏا نه دلچسپ آهن! ترجمي تي اصل جو گمان ٿئي ٿو. ”دِلارام“ (1880ع) کان سنڌي ناول نگاري جي ابتدا ٿي.

ساڳئي سال رستم پهلوان جو قصو سنڌيءَ ۾ عام ٿيو. انهن ناولن تي آڌاريل سنڌي فلمون سٺيون ٺهي سگهن ٿيون.

سنڌ جي تاريخ تي فارسي زبان ۾ لکيل ڪتابن جي تاليف ۽ ترجمي جو ڪم به مرزا صاحب پاڻ تي هموار ڪيو.

چچ نامو (1923ع)، سنڌي ۽ انگريزي ترجما ٻه ڀاڱا ۽ ”قديم سنڌ“ (1925ع) کان علاوه انگريزيءَ ۾ ”اَ هسٽري آف سنڌ“ (1902ع) اڄ به اسان جي محققن جي حوالي ۽ ماخذ جو بنياد آهن.

نثر نويسيءَ جي بنيادي اصولن ۽ قاعدن قانونن بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو ”انشاءِ سنڌي“ شايع ٿيو، جيڪو نه مون وٽ موجود آهي ۽ نه سن معلوم اٿم. شاعريءَ ۾ پهريون سنڌي ڪتاب مرحوم محمد فاضل شاهه جو ”ميزان شعر“ (1875ع) هو، جنهن بعد مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”علم بديع“ نثر ۽ نظم جي فارسي مثالن تي مبني، ادب جي قسمن ۽ قاعدن متعلق هڪ مفيد ڪتاب آهي. سال 1913ع ۾ مرزا صاحب جو ڪتاب ”علم ادب“ شايع ٿيو. سال 1914ع ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽيءَ“ جي اجلاس ۾ سندس پڙهيل مقالو” سنڌي شعر جي قديم حالت ۽ پوءِ جو سڌارو“ سال 1920ع ۾ شايع ٿيو. انڪساري جي پُتلي، خوش طبعي جي ماڻڪ موتي ۽ اڻٿڪ محنت جي مالڪ، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بن فريدون بيگ جي شخصيت مڪمل احاطي کان ٻاهر آهي. مختصر کي مختصر ڪجي، پوءِ به هڪ پي ايڇ ڊي ٿيسز جيترو مواد لکجي وڃي. هن مقالي کي تمام ڪرڻ کان اڳ ڪجهه مخصوص تاريخي حقيقتن کي واضح ڪرڻ ضروري آهي:

1-        سنڌي زبان جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ؒ پنهنجي ڪلام ۾ عربي ۽ فارسي الفاظ، محاورا ۽ اصطلاح استعمال ڪيا ۽ قرآني آيتن ۽ حديثن جو عام فهم سنڌي منظوم ترجمو ڪيو. مرزا قليچ بيگ جي دؤر تائين اهو سنڌي ادب جو معيار رهيو. انهيءَ ڪري نج سنڌي ٻولي هڪ مستقل انداز ۾ پنهنجو رنگ ۽ ساخت مٽائي رهي هئي. مرزا صاحب هن تاريخي قديم زبان ”سنڌيءَ“ کي ٻيهر اُجاريو. ترجمو هجي يا اصلي تحرير، طرز بيان، مقامي، عام فهم ۽ سادن سنڌي لفظن ۾، اختيار ڪيائين: ”گيدي چکن موت، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾“. ”ٻاراڻي وهيءَ ۾ چون ٿا ته آءُ ٿلهو هوس، جنهن ڪري بادل فراشُ، جو چرچائي مشهور هو، سو مون کي گهوٻاٽو ڪري سڏيندو هو. امان ۽ ناني به چلم ڇڪينديون هيون. ناني ناس به ڏيندي هئي. (سائو پن…ص ص 12- 18).

2-       حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ؒ جي سوانح تي باقاعده جديد تحقيق جو آغاز مرزا قليچ بيگ جي ڪاوش سان ٿيو. ”شاهه ڀٽائيءَ جو احوال ۽ ”قديم سنڌ جا ستارا“ سنڌي سوانحي ادب جا اوائلي نمونا آهن. مير عبدالحسين سانگي جو ”لطائف لطيفي“ ڇپجي نه سگهيو هو، انهي کي ملائي مرزا صاحب جيڪو مزيد احوال ڪٺو ڪيو، اهو ديوان ليلارام جي حوالي ڪيائين، جنهن انگريزي ۾ پنهنجو ڪتاب ”د لائيف، رليجن ائنڊ پوئٽري آف شاهه لطيف“ 1890ع ۾ شايع ڪيو. جڏهن ته مرزا صاحب جي تحقيق ست سال پوءِ 1897ع ۾ شڪارپور مان شايع ٿي، انهيءَ ادبي انڪساري تعاون ۽ فراخدلي جو ٻيو ڪو مثال ورلي ملندو. شايد سنڌ جو هي ”آفتاب ادب“ زميني آلودگيءَ کان اُتاهون هو!.

3-       سنڌي زبان ۾ فارسي موزون شاعري جي جسارت اڄ به قابل اعتراض سمجهي وڃي ٿي. مرزا قليچ پنهنجي ديوان ۾ انهيءَ جي مڪمل پابندي ڪئي آهي ۽ سندس ڪلام ۾ غنائيت جي ڪمي جي به شڪايت ڪئي ٿي وڃي. تاهم سندس ڪلام جي هيءَ سِٽ اڄ به موسيقيءَ جي ڌُن تي روح ريجهايو ڇڏي ٿي:

”ماڻا ڪري نه مارِ سڄڻ، توُن ذري ذري،“

*

واريءَ کان به وڌ گناهه جو ڪِيا هئا مون،

ويٺس ڪري ڪنڌ هيٺ شرم ۽ ڊپ کون؛

آواز ٿيو غيبي ته غم کاءُ نه ”قليچ“،

لائق ڪيا پنهنجا تو، اسين پنهنجا ٿا ڪريون.

قليچ

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

مرزا قليچ بيگ: هڪ نئين ادبي روايت

مون 1973ع ۾ پنهنجي تاليف ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ مرزا قليچ بيگ بابت عنوان قائم ڪيو هو: ”مرزا قليچ بيگ – هڪ ادبي اُٿل.“ هن عنوان هيٺ مون سندس نثري ۽ نظمي ڪاوشن بابت هڪ باب تحرير ڪيو هو. وري هڪ موقعو آيو جو مون 2001ع ۾ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو مطالعو“ ۾ مرزا قليچ بيگ کي هڪ ”قابل هنرمند“ سڏيو. ائين سندس ادبي ڪاوشن، ترجمن ۽ شاعريءَ جو جائزو وٺندي کيس هڪ قابل هنرمند (Craftsman) طور ڏٺم. مرزا قليچ بيگ سچ پچ ته سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي اُٿل طور اچي پنهنجي حيثيت مڃائي ورتي. بلڪل ائين، جيئن آب اُڇلَ اچي ٿي ۽ ڊٻون ڊانگا کڏون کوٻا به ڀري ٿي ڇڏي ۽ ملڪ کي سيراب ڪري ٿي ڇڏي. اهڙيءَ طرح ادب جي اهم ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ، نظم جي مختلف هيئتن ۽ موضوعن تي طبع آزمائي ڪرڻ، مرزا صاحب جي علمي هنرمنديءَ جو مثال آهي. مجموعي طور هن هڪ ”نئين ادبي روايت“ جو بنياد رکيو. هونئن سنڌ ۾ اڪثر ليکڪ فقط هندو جاتيءَ کي ئي مخاطب ڪري رهيا هئا. اُنهن ۾ سماجي ۽ ڌرمي سڌار جي ڳالهه ڪري رهيا هئا. مرزا قليچ بيگ جون ڪاوشون سڀني لاءِ هيون. ترجمن ذريعي سنڌي زبانن کي نثر جي دنيا ۾ سرخرو ڪيائين، سندس خدمتون ڀرپور آهن. هتي آءُ سندس اهميت هڪ ”هنرمند شاعر“ جي هجڻ واري پهلوءَ کان ظاهر ڪرڻ گهران ٿو، جيڪا ”ديوان قليچ“ کان وٺي ”اَملهه ماڻڪ“، ”چندن هار“، ”موتين جي دٻلي“، ”سوادي خام“، ”عجيب جواهر“ ۽ ٻين ڪتابن تائين موجود ۽ نمايان آهي. هتي مرزا صاحب جي قابليت ۽ هنرمنديءَ جا مثال فقط چئن ڪتابن مان پيش ڪريان ٿو. اڪثر نون ڇاپن جي شعري ڪتابن جا مهاڳ مرزا صاحب جي قابل فرزند مرزا اجمل بيگ لکيا آهن ۽ فرزنديءَ جو حق ادا ڪري ڇڏيو اٿس، تنهن سان گڏ صنفن، موضوعن ۽ وزنن جي پوري سمجهاڻي به ڏني اٿس. اڪثر علم عروض ۽ عرب ايران جي اهميت کي اجاگر ڪندي، مرزا اجمل بيگ قديم بيت ۽ ڪافيءَ واري شعري نظام کي نالي وٺڻ کانسواءِ اشارتاً گهٽ ڄاتو آهي، سو هونئن ئي عروض پسند عالمن جو پسنديده موضوع رهيو آهي. اجمل بيگ ”املهه ماڻڪ“ جي تعارف ۾ لکي ٿو: ”اسان جي سنڌ جو اڪثر پڙهيل ڳڙهيل طبقو خود نظم يا شعر جي ظاهري دل آويزيءَ ۽ رنگينيءَ جو قائل نظر اچي ٿو. اُهي اڪثر اهڙي ئي قسم جي نظم يا شعر جا دلداده نظر اچن ٿا، جنهن جي عمارت فقط عاميانه لفظن ۽ سوقيانه خيالن جي بنياد تي اَڏيل آهي، جو فقط ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ ٽپڻ لاءِ هجي. جتي شعر ۾ ڪا اعلى رمزيت ۽ اشاريت، معنويت ۽ مقصديت پيدا ٿي، اُتي سندن عقل ۽ فهم جو فقدان ٿيو (1).“ اهڙيون ڳالهيون ڊاڪٽر خليل ”رهنماءِ شاعري“ ڀاڱو ٽيون ۾ به ڪيون آهن. جي اُنهن جو اشارو عام شاعر ۽ سگهڙ جي ڪلام ڏانهن آهي ته مڙيئي خير آهي، پر جي سنڌ جي بيت ۽ وائي ڪافي جي وڏن شاعرن ڏانهن آهي، ته افسوسناڪ آهي. قليچ کي خود سنڌ جي ماڻهن کان شڪايت رهي.

ٿيس آءُ حيدرآباد سنڌ هندستان ۾ پيدا،

چڱو ٿئي ها ٿيان ها روم يا ايران ۾ پيدا.

هتي جا ماڻهو اڪثر خام منهنجو قدر ڇا ڄاڻن،

ڄمان ها اڳ ٿيان ها مصر يا يونان ۾ پيدا.

وطن آهي برابر هي لڳي پيارو مُنکي بيشڪ،

ٿئي البت سدا حب الوطن ايمان ۾ پيدا.

اڪثر شاعرن جي پوين کي به اِها شڪايت رهي ٿي ته قدر نه ڪيو ويو. مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب اڃان ڪيترا اڻ ڇپيل رهجي ويا، جيڪي ڇپجڻ کپن، ادبي تاريخن ۾ سندس باري ۾ باب لکيا ويا ۽ رسالن ”قليچ نمبر“ به شايع ڪيا آهن. بهرحال، جيئن عرض ڪيم ته قليچ سنڌي زبان جي علم و ادب ۾ هڪ نئين روايت جو باني ۽ هڪ ”قابل هنرمند“ آهي، اُنهيءَ لحاظ کان جائزو وٺڻ کپي.

”املهه ماڻڪ“: قليچ جي شعري مجموعن مان ”املهه ماڻڪ“ ۾ طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل فرد (جمع مفرادات) ڏنل آهن. هي ٻن سٽن جي شعر واري صنف آهي، جنهن ۾ مڪمل خيال سمايل هوندو آهي. قليچ بيگ اُنهن تي مقرر وزن به ڏنو آهي. نه رڳو هڪ موضوع موجود آهي، پر مختلف صنعتون به فردن ۾ سمايل آهن. هن مان شاعر جي علم، عروض ۽ علم بديع جي مڪمل ڄاڻ جو به اظهار ٿئي ٿو. مفرادات ۾ مختلف معنوي ۽ لفظي صنعتون ڪم آندل آهن ۽ مفرادات جو وزن به هٿان لکيو ويو آهي.

علم بديع جا چند مثال هي آهن:

تجنيس زايد

ماڻهوءَ ۽ جانور ۾ آهي دل جي اک جو فرق،

انعام ۽ انام ۾ ٿيو، فرق عين جو.

تجنيس خط

عيادت شڪل ۾ آهي عبادت،

مگر اَٺ ڀيرا ٿي اُن کان زيادت.

 (ابجد ۾ عيادت جو ماده 485 آهي ۽ عبادت جو 477 آهي).

سفر اگرچ سقر کان ٿيو هڪڙو نقطو گهٽ،

مگر عذاب سفر جو سقر کان واڌُو آهه.

صنعت ردالعجز علي الصدر

رباب عشق جو اوزار آهي ۽ اسباب،

اِنهيءَ ڪري ٿا ڪڪر کي عرب سڏين ارباب.

 (عربيءَ ۾ رباب معنى ڪڪر)

سوال و جواب

خبر اٿئي ته هي زاهد ٿيو ڇو گوشه نشين؟

سگهيو جهلي نه ويچارو پَري رُخن جو تاب.

حُسن تعليل

ڇو گُڪو ٿي گهمان ٿو پيريءَ ۾؟

آءُ جواني، مٽيءَ ۾ ٿو ڳوليان.

فرد، جيڪي طبعزاد ۽ ترجمو آهن، تن ۾ معنويت ئي بنياد عنصر آهي. موضوع عاشقانه، ناصحانه ۽ حڪمت آميز آهن. بحر رمل (مثمن) وارن مفردات ۾ ’حسن‘ بابت هيئن ٿو فرمائي:

خط وڌيو، پڻ زلف ۽ ڪاڪل وڌيا،

حُسن جي سرڪار ۾ جيڪي وڌيا، هندو وڌيا.

 

سير چانڊوڪيءَ جي تي ڪهڙي طرح نڪري پرين،

ڪيئن ڏسڻ چنڊ جي تماشي لئه ڀلا نڪري ٿو سج.

حڪمت ۽ اخلاقيات جا نُڪتا قليچ جي مفردات ۾ هنڌ هنڌ آهن. هڪ هڪ ڳالهه نزاڪت سان چوي ٿو:

ڇو ٿا ماڻهو زر جي لاءِ بيرحم ٿي ڪن خون مفت،

آءُ ته پارو ڀي نه ماريان ڪيميا جي واسطي.

- -

ٿي اچي روزي اسان جي غيب مان مهمان سان،

در حقيقت تنهن ڪري مهمان آهي ميزبان.

- -

تنهنجا چپ ۽ ڏند ڏسي شرمندگيءَ کان اي سڄڻ،

لعل پاهڻ ۾ لڪي، موٽي وڃي پاڻيءَ ۾ پيو.

بحر هزج (اخرب يا مقبوض) ۾ مفردات مان ڪي مثال هي آهن، جيڪي حڪمت ۽ بذله سنجي ظاهر ڪن ٿا:

سمجهي نه سگهي مرڻ جو مذڪور،

جيسين نه ٿئي ڪو زنده درگور.

- -

ڪم ڪهڙو منهنجو عيد سان يا عيدگاهه سان،

منهنجي ته عيد ٿي وئي تنهنجي نگاهه سان.

- -

عورت جي مرد کي نه هجي ها نوشت ۾،

آدم به بيقرار هجي ها بهشت ۾.

غرض ته فرد جهڙي هڪ مختصر ٻه سٽي صنف ۾ مرزا قليچ بيگ اردو، فارسي ۽ عربي جي خيالن سان گڏ پنهنجا طبعزاد خيال به ظاهر ڪيا آهن ۽ اُنهن ۾ علم بديع ۽ عروض جو پورو پورو خيال رکيو اٿس (2).

”چندن هار“ ۾ مختلف نُڪتا شعري روپ ۾ آهن. ڪن نظمن تي عنوان به ڏنل آهن ۽ بحرن جي نشاندهي به ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف اصناف سخن شامل آهن، جن ۾ قليچ جي قابليت ۽ شاعرانه بلند خيالي ظاهر آهي. بيشتر شعرن جو مضمون فارسيءَ جي شاعرن تان ورتل آهي. اُهو حڪمت جو خزانو سنڌيءَ ۾ آڻڻ جو جذبو ئي هن ڪتاب جي لکجڻ جو محرڪ بڻيو. هي ڪتاب ڪُل ٻاويهن بحرن تي آڌاريل آهي، جن جي فهرست شروع ۾ به ڏنل آهي. هي نظم ڪيترن ئي عنوانن هيٺ ورهايل آهن. اُنهن ۾ حڪمت جا نُڪتا ۽ سوچ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. اڪثر ڪي مناسبتون به آندا آهن. هڪڙو عنوان آهي ’زالن جا ظلم‘:

ڪن ڏيئي ٻُڌ ظلم جي زالن ڪيا،

۽ ڪتابن ۾ بزرگن جي لکيا.

نڪتو آدم پهرين ڪيئن جنت منجهان،

جڏهن حوا همراز ٿي شيطان سان.

قتل جو پهريون ٿيو هابيل هو،

اُن جو قاتل زال لاءِ قابيل هو.

هُود پيغمبر کي آڏو زال ٿي،

۽ به يحيى جي نڙي اُن لاءِ وڍي.

زال لاءِ ماريو عليءَ کي پڻ پليد،

۽ حَسن پڻ زال سببان ٿيو شهيد.

زال هڪڙيءَ هئا نبي ستر ڪُٺا،

عاري اُن کان انبيا ۽ اوليا.

مڪر زالن جي ڪيا خانا خراب،

ظلم زالن جي ڪيا سينا ڪباب،

زالون بد آهن بلائون بيگمان،

اَلامان! آهي اُنهن کان الامان.

راز فاش نه ڪجي

درگاهه ۾ خدا جي هي شبليءَ ڪيو سوال،

منصور ڇو تو سوريءَ چاڙهيو اي ذوالجلال،

هاتف چيس ته دوست ڏنو اُن کي پنهنجو راز،

ظاهر ڪري جو راز، ٿئي تنهن جو اَهڙو حال.

ڏک ۽ سک

نت طرب سان مقابل آهي ڪَرب،

گنج جا نت محافظ آهن مار،

هڪ خوشيءَ جي پٺيان هزارين غم،

هڪڙي گل سان رهن هزارين خار،

آهي ڍاري جي هڪ طرف هڪ ٻه،

ٻئي طرف اُن جي آهن ڇهه ۽ چار

اهڙيءَ طرح مختلف عنوانن هيٺ قليچ هن ڪتاب ۾ قطعا مثنويون، رباعيون ۽ مسدس توڙي مخمس تي آڌاريل شعر ڏنا آهن، جي پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا(3).

”موتين جي دٻلي ۾ رباعيات آهن، قليچ جون طبعزاد ۽ سندس ڪيل ”رباعيات عمر خيام“ جو ترجمو هن ڪتاب ۾ يڪجا ڪيل آهي. عمر خيام جي فارسي رباعين هڪ طرف ايران جون حدون ٽپي مشرق جي علم وارن کي پنهنجو گرويدو بنايو ته اولهه ۾ انگريزي ترجمي وسيلي پنهنجو مقام حاصل ڪيائون. ”رباعيات عمر خيام“ جو مطالعو ايڏو اثرانگيز رهيو جو پڙهڻ وارن مان يڪ خود رباعي جا شاعر ٿيا. مرزا قليچ بيگ اُنهن مان هڪ هو. ترجمي جو به حق ادا ڪيائين ته طبعزاد رباعين ۾ منفرد مقام حاصل ڪيائين.

قليچ جي رباعين تي سندس فرزند جناب اجمل بيگ تعارف لکيو آهي، جو رباعين جو وڏو ڄاڻو هو. هي مڪمل مقدمو آهي، جنهن ۾ اجمل بيگ رباعين جي وصف سان گڏ اُنهن جي معيار بابت نهايت سير حاصل بحث ڪيو آهي.

رباعي هڪ چئن سِٽن جو شعر آهي، پر فقط چار سٽون ئي رباعيءَ جي سڃاڻپ نه آهن، هڪ مخصوص وزن ۽ حڪمت جا نُڪتا هن صنف جو محور آهن. عربي زبان جي لفظ ’ربع‘ يعني چئن سٽن، چوٿين پتي يا چوٿون حصو، هن جي بنيادي معنى آهي. هن صنف ۾ جيئن ته ٻه بيت آهن، اِن ڪري هن کي دوبيتي، چار مصرعي يا ترانه به چيو اٿن. فني لحاظ کان بحر هزج چئن جُزن مان مرڪب آهي ۽ هزج جي چوويهن وزنن مان ڪنهن تي به رباعي لکڻ جائز آهي. هيءَ ئي هڪ عروضي صنف آهي، جنهن جو وزن مقرر آهي (6). رباعيءَ جو اصل رڪن ”مفاعيلن“ آهي. مزو وري هي ته هر مصرع اُنهن مقرر وزنن مان ڪنهن تي به ٿي سگهي ٿي(5). مرزا اجمل بيگ هن سلسلي ۾ وزن جي تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي (6). هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر خليل سان سندس علمي بحث به ٿيو. رباعيءَ ۾ ٽين مصرع جو هم قافيه هجڻ ضروري نه آهي. مضمون جي مدنظر اُن ۾ هڪ نُڪتو چٽو ڪيو ويندو آهي.

اجمل بيگ لکي ٿو: ”رباعيءَ جي مٿين تشريح مان معلوم ٿيندو ته شعر جون جيڪي به صنفون آهن، تن ۾ رباعيءَ جي صنف، اُن جي بحر ۽ مختلف وزنن ۽ ٻين شرطن شروطن ۽ بندشن جي نقطه نگاهه کان نهايت مشڪل آهي. در حقيقت سنڌي زبان ۾ رباعي لکڻ فارسيءَ کان به وڌيڪ دشوار سمجهڻ گهرجي“ (7). مرزا اجمل بيگ جي خيال ۾ مرزا قليچ بيگ اڪيلو شاعر آهي، جنهن رباعيءَ جا سڀ لوازمات پورا ڪيا، هوڏانهن مير علي نواز ’ناز‘، ’رباعيات عمر خيام‘ جو ترجمو ڪيو ته اُنهن ۾ وزن ۽ بندشن جون خاميون آهن. اهڙيءَ طرح محمد بخش ”واصف“ جي رباعين ۾ سڀ مصرعون هڪ تي وزن تي هجڻ ڪري عيب واريون آهن(8).

مرزا قليچ بيگ جي رباعين ۾ جذبن جو هڪ اُٿاهه سمنڊ موجود آهي. هر مضمون کي سهڻي نموني نباهيو اٿس: خدا جي توحيد ۾ هيئن بيان ڪري ٿو:

تو لطف سان بخشيو بادشاهن کي تاج،

پنڻن جان ٿيا بادشاهه تنهنجا محتاج،

صنعت ۾ مخمس ٿيا هي پنج حواس،

قدرت ۾ مربع ٿيا هي چار مزاج.

- -

سڀ ڳالهه مُوحَد ته محقق چوندو،

حق ڌارا ٻين کي ترڪ مطلق چوندو،

ڪن اُن کي جي حق جي راهه ۾ سؤ پرزا،

هر پُرزو اُنهن مان سؤ انالحق چوندو.

جوانيءَ کانپوءِ پيري ٿي اچي. شاعر ڪيئن ٿو محسوس ڪري، اُن بابت رباعين ۾ دل کي سمائي ٿو ڇڏي:

ٿيو آهين ٻُڍو، اڇيون ٿيئي ڏاڙهي مڇون،

ڇڏ حرص هوس، نه وڃ تون شهوت جي پٺيون،

عينڪ جو ٿئين محتاج، اکيون کول سنڀال،

گهُر جن اي انڌا، اڄ ٿيون اکين کي به اکيون.

- -

محتاجي عجب، بُري فقيري پيري،

بيشڪ آهي وڏپڻ ۾ صغيري پيري،

ڏاڏي کان پڇيم، خراب پيري يا موت،

اُن دانهن ڪري چيو ته پيري پيري!

- -

جنهن مان جواني تنهن کي پيري نه وڻي،

پيريءَ وڌو مون کي هاءِ منجهه فڪر گهڻي،

ٿئي زال جڏهن پير ڄڻڻ کان ڪري بس،

هر لحظي هزار عيب پيري ٿي ڄڻي.

ڳالهه مان نُڪتو پيدا ڪرڻ ۾ رباعي هڪ ڪامياب صنف سخن آهي. قليچ هيئن رقمطراز آهي:

فرياد آهي منهنجي قلم تي فرياد،

جو راز اندر منهنجي جو ڪيائين برباد،

مون چيو وڍي زبان گُنگو آءُ ڪريانس،

ٿيو پاڻ وڍڻ سان وڌ فصيح ۽ آزاد

- -

هُن سنگتراش کي ٿي دل ياد ڪري،

نت سنگدليءَ کان اُن جي فرياد ڪري،

ڪو چئيس ته تيشو ڇو هڻي پهڻ تي ٿي،

شيرين ٿي ڪيئن ڪم سندو فرهاد ڪري.

حُسن و عشق جو بيان ته سڄي شاعريءَ جو موضوع آهي. رباعيءَ ۾ اُن جا رنگ نوان نوان آهن. قليچ چوي ٿو:

سهڻا سڀيئي دنيا جا ٿا سڀني کي وڻن،

ڇا چيني ڇا ڪشميري تاتاري هجن،

ٿئي حُسن فرنگيءَ منجهان ثابت هي ڳالهه،

هُت دوزخي هِت بهشت ٿا نقد رکن.

- -

 

جي ڀانئين ته دلبر رهي راضي تومان،

تيئن چؤ تون ۽ ڪر، حڪم ڪڍي جيئن واتان،

’رت رو‘ جي چَوَئي ته چئو ته تون ڪهڙي سبب،

ڏي ساهه چَوَئي جي، چئو نه تون ڇاکئون ڏيان.

- -

اڄ اوچتو منهنجو يار آيو مون ڏي،

ايندي سان ڏنئين چميون اکين منهنجين تي،

هُن منهنجيون اکيون اچي انهيءَ لاءِ چميون،

جو هُنن ڏٺو منهن پنهنجو اکين ۾ منهنجي.

۽ عشق حقيقي ڇا ٿو ڪري؟ اُن جو بيان رباعيءَ ۾ اچي ٿو:

مجبور ڪيو عشق رومي ۽ جاميءَ کي،

معذور ڪيو عشق ڪوفي ۽ شاميءَ کي،

بهلول ۽ تبريزي ڪيائين مجذوب،

ڪافر ڪيئين منصور ۽ بُسطاميءَ کي.

رات ٿوري ڳالهه گهڻي، عاشق ڇا ڪري؟ اِن نُڪتي کي قليچ هيئن بيان ڪري ٿو:

هُس رات اڪيلو ٻيو سڄڻ بنده نواز،

مون ڪيو پي نياز ۽ ڪيو هُنَ پي ناز،

وئي رات لنگهي ٿيون نه ڳالهيون پوريون،

هو رات جو ڏوهه ڪو نه، قصو هو دراز.

پنهنجا خيال ته پنهنجا آهن، پر پراون خيالن کي به پنهنجي زبان ۾ شعري جامو پهرائڻ وڏي شاعر ۽ وڏي هنرمند جو ڪمال چئبو. قليچ ترجمي ۾ به اصل جو رنگ آڻي ڇڏيو آهي. عمر خيام جون رباعيون پڙهي هن پنهنجون به لکيون ته عمر خيام کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ ۾ به اوتروئي ڪمال ۽ اصليت رکيائين. هيءَ هڪ وڏي ذميداري به هئي جو عمر خيام جون رباعيون دنيا کان داد حاصل ڪري چڪيون هيون. قليچ هِن طرح اِن ڪم کان عهده برا ٿيو جو اصل جو ترجمي ۾ پورو پورو حق ادا ڪري ڇڏيائين. خيام جا خيال سنڌيءَ ۾ مڪمل زور شور، سليقي ۽ پوري بندش سان آندائين:

آءُ دوست ته هڪ ٻئي کي در آغوش ڪريون،

سڀ فڪر ۽ وسوسا فراموش ڪريون،

جوڙين مٽيءَ منجهان اسان جي ڪُوزو،

اڳ تنهن کان شراب ڪُوزي مان نَوش ڪريون.

- -

ٿيان فوت جڏهن شراب سان غُسل ڏجوم،

پيالي ۽ صراحيءَ سندي تلقين ڪجوم،

جي ڀانيو ته حشر ۾ لهو منهنجو نشان،

ميخاني جي در سندي مٽيءَ ۾ ڏسجوم.

- -

جنهن وقت اچي اَجل وڃان آءُ مري،

۽ خاڪ ٿئي جسم سڄو منهنجو ڳري،

جوڙين صراحي جا مٽيءَ مان منهنجي،

جڏهن پُر ٿئي مي سان، جِي پوان آءُ وري.

قليچ جڏهن ’ماهمہ لعبتانيم و فلڪ لعبت باز‘ جو ترجمو ڪيو ته رنگ ٿي ويا. جيئن ترجمو پڙهان، تيئن منهنجو فارسيءَ جو اُستاد آقاي رشيد فرزانه پور اکين اڳيان اصل رباعي پڙهندو پيو نظر اچي. قليچ سچ ته خوب حق ادا ڪري ڇڏيو. اجمل بيگ سچ لکيو آهي ته ”قليچ هن ميدان جو اڪيلو شهسوار آهي.“

آهيون اسين پُتليون ۽ فلڪ بازيگر،

هي آهي حقيقي ۽ مجازي منظر،

پيا ناچ ڪريون وجود جي فرش مٿان،

هڪ هڪ ٿي ڪريون عدم جي پيتي ۾ گذر.

عمر خيام گناهه کان معافيءَ جو ڪهڙو جواز ٿو ڳولهي، چي ڪنهن گناهه نه ڪيو آهي؟ گناهه جي سزا ڏيندين ته تو ۾ ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق رهندو:

ڪهڙو آهي جو گناهه ۾ ناهي غرق،

لڀندو نه ڪو بيگناهه منجهه غرب نه شرق،

جي آءُ ڪريان بڇڙي، ڏينم تون بڇڙو عوض،

پوءِ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ٿيو ڪهڙو فرق؟(9)

غزل جي صنف شاعريءَ جي سرموڙ صنف آهي. مشرقي شاعرن، خاص طور عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي وارن پاڻ موکيو آهي. قليچ بيشڪ نظم جو شاعر آهي، ته به غزل ۾ هن جو پنهنجو انداز آهي ۽ ”ديوان قليچ“ اهڙي ساک ڀري ٿو، فارسي غزل سنڌ هند جي غزل جو منبع آهي. ’حافظ“ خاص طور ڇانيل آهي. ڪٿي ’روميءَ‘ جو غزل به پنهنجو رنگ ڏيکاري ٿو. رومي چوي ٿو:

باز شيري باشکر آميختند،

عاشقان را با يکدگر آميختند.

حافظ چيو:

در کُوي نيکنامي مارا گذر نه دادند،

گر تونمي پسندي تغير کن قضارا.

نظاميءَ چيو:

مارا به غمزه کشت و قضا را بهانه ساخت،

خود سوءِ ما نه ديد و حيا را بهانه ساخت.

رفتم به مسجدي که بينم جمالِ دوست،

دستش به رخ کشيد و دعا را بهانه ساخت.

بيدل سائين آسان فارسيءَ ۾ فرمايو:

ببزم آمد آن شوخ به نازي عجبي،

او بنازي عجبي دل بنيازي عجبي.

سنڌي غزل ۾ جو شاعر جذبات ۽ فن جي بلندين کي پهتو، اُهو مير عبدالحسين ’سانگي‘ آهي. سانگي – قليچ دؤر جي ’بزم مشاعره‘ به نهايت مؤثر ۽ مقبول رهي. هن ۾ گدا، سانگي، قليچ، ماتم، حامد، مرتضائي ۽ فاضل کانسواءِ ٻيا شاعر شامل رهيا. سانگي عشق جي معاملات کي پوري زورِ بيان ۾ آندو. اُن جا ڪئين مثال ”ڪليات سانگي“ ۾ موجوده آهن. ديوان قليچ ڏانهن اچڻ کان ءاڳ ٽي شعر سانگيءَ جا حاضر آهن:

چيو مشاطه زلفِ نازنين آهن ننڍا آخر،

بلائي جان تڏهن ٿيندا جڏهن هي پيچ پائيندا.

- -

نه بگڙي دل گهريو دلدار منهنجو لقا مون کان،

رقيبِ رُوسياه جهڙا هزارين مروَتن بگڙيا.

- -

آوارگي پسند جڏهن منهنجي توکي ٿي،

گهاريندي ڪو گهرن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.

”ديوان قليچ“ ۾ ڪي غزل حقيقت ۾ نظم آهن، اُنهن تي ۽ غزلن تي عنوان به لکيل آهن ۽ وزن جي چِٽائي به ٿيل آهي. قليچڇ جي شاعرانه قابليت ۽ هنرمندي (Craftsmanship) ”ديوان قليچ“ ۾ به نمايان آهن، جيئن عرض ڪيم ته غزل ۾ قليچ، سانگي- سنگت جو شاعر هو. هن سنگت جا شعري معرڪا ۽ طرحي مشاعرا قاضي امام عليءَ جي اوطاق تي ٿيندا هئا. مرزا قليچ بيگ جي غزل جي مختلف دورن ۾ ورهاست ڪندي، مرزا اجمل بيگ لکي ٿو: ”ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ پاڻ عام شاعرن وانگي رسمي موضوعن تي طبع آزمائي ڪندو هو. ٻئي دور ۾ علمي، ادبي، اصلاحي فلسفيانه، حڪيمانه ۽ صوفيانه خيالات سندس شاعريءَ ۾ جاءِ پذير ٿيا. ٽئين دور ۾ سندس اڳيان هڪ وسيع ڪائنات هئي“(10).

قليچ غزل ۾ معامله بندي ۽ نُڪته آفريني منفرد ۽ مؤثر انداز ۾ ڪري ٿو، جو سندس ڪيل نئين ڳالهه پُرڪشش بڻجي ٿي وڃي. روز محشر جو توشو ڪهڙو هوندو:

محشر ۾ اچن سڀ کڻي تحرير بغل ۾،

آڻيان آءُ کڻي يار جي تصوير بغل ۾.

بازار خدا جيءَ ۾ ڪندس ڪهڙو آءُ سؤدو،

هٿ هُن جي ۾ بخشش، مون کي تقصير بغل ۾.

سراپا نويسي غزل جي بنيادي عنصرن مان آهي، تشبيهون سراپا نويسيءَ جو حسن وڌائين ٿيون. قليچ وٽ اهڙا ڪيئن مثال آهن:

دلبر جي قد – بت جو ڏيان توکي آءُ نظير،

هڪ سرو جيئن بلند ۽ ٻيو بدر جيئن منير.

- -

چشم ميگون مثالِ نرگس مست،

تنهنجي خوني خمار تان صدقي.

تلميح جو استعمال شعر ۾ نه رڳو هڪ دليله مثل آهي، پر ورثي جي نشاندهي به ڪري ٿو. تاريخ ۽ اسلام ورثي ڏانهن اشارا آندا ويا آهن. حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل جو حوالو هيئن اچي ٿو:

حق ڏي هوئي هڪ منهون ٿي ابراهيم،

نفس ڪُش نِت رهي، ٿي اسماعيل.

عاشق جي شڪسته دل جو بيان غزل ۾ عام جام آهي. شاعرن اها ڳالهه ۽ درد جي شدت جو بيان پوري زور ۽ انهماڪ سان ڪيو آهي:

ڪريان توتان سڄڻ آءُ سر فدا ڇا؟

محبت جو ڪو حق ٿيندو ادا ڇا؟

مرض نت عشق جو جنهن کي ٿيو مرغوب،

ڪندو سو درد اهڙي جي دوا ڇا؟

وڇوڙو جنهن ڏٺو دلبر جو تنهن کي،

زماني جو ڪندو جور و جفا ڇا؟

حسن جو بيان ڪرڻ ۽ اُن ۾ جماليات جو حق ادا ڪرڻ ۾ قليچ پوئتي نه آهي. حديث حُسن ۾ تشبيهه جو رنگ هيئن ڀري ٿو:

وات تنهنجو ڏس ڪڏهن عيش سندم آهي تنگ،

قد تنهنجو ڏسي ڪڏهن ڪمر سنديم آهي دراز.

مولانا جاميءَ جي مشهور نعت جي قافين ۾ غزل سرائي ڪندي چوي ٿو:

گُلَ هٿ ڪئي منهن تنهنجي کان نازڪ بدني ڏس،

بلبل سکي ڄڀ تنهنجي کان شيرين سخني ڏس.

لب لعل ڏٺا تنهنجا جنهين دل ۾ چيو تنهن،

دٻلي هيءَ رکي واه عقيق يمني ڏس.

جامي ٿو وڃي توکي قليچ، او ڪري همراه،

ٿي خوش وڃي درگاه رسولِ مدني ڏس.

”بزم مشاعره“ جي مشهور طرح مصرع: ”مون کي مخوار ڪيو، ڪنهن ڪيو دلدار ڪيو“ تي گدا، سانگي ۽ ٻين شاعرن به غزل لکيا ۽ پيش ڪيا. قليچ هن طرح تي 28 شعرن تي مشتمل غزل لکيو:

لُعبتَن چين جي کي جلوو ڏيکاري پنهنجو

نقشِ ديوار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

زهد و تقوى ۾ ته آءُ هوس نه صنعان کان ڪم،

ڪفر ۾ تار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

ڪالهه هُس خاڪ ۾ آءُ خار ۽ خس کان به ذليل،

اڄ ڳلي جو هار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

دولتِ عشق مرحمت ڪري مون مفلس جو،

بخت بيدار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

طبع منهنجيءَ کي ته سانگيءَ سندي سنگت ۾ قليچ،

تيز رفتار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

شڪوه شڪايت غزل جي مضمونن ۾ هڪ اهم مضمون آهي. عاشق جي دردن جو دفتر، آه و فغان ۽ داد خواهيءَ لاءِ آه و بُڪا عام آهي:

جي ڪريون عرض ته هڻي تير تفنگ،

داد خواهن سان ڀلا اهڙو ڪو بيداد ڪجي!

زماني جي شڪايت شعر ۾ غمِ دوران طور ظاهر ٿئي ٿي. قليچ به زماني جي چال بدلجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هُو ڇٽ پٽن تي ڏسي ٿو. سکيا ستابا ڏُلجي وڃن ٿا ۽ جيڪي ٽڪر ڀور لاءِ پريشان هئا سي جاوا پيا ڪن. هر ڪنهن جو وارو آهي.

اڄ عجب آيو زمانو ۽ وريو واري جو واءُ،

بک مُئا جي ڪالهه ٿي، سي اڄ ٿا کائن هِت پُلا.

دنيا ۽ عقبى جي ڀيٽ هيئن ڪري ٿو:

ڪي چون دنيا ۽ عقبى ٿيون پهاڄون پاڻ ۾،

هڪ رهي راضي مگر پرڻو ٻنهي جو ٿيو مباح.

علم بديع جي صنعتن جو استعمال به قليچ وٽ گهڻو آهي. صنعت سوال جواب ۾ هي ٻه شعر سلاست جو به نمونو آهن:

چيئين: ڇو روئين ٿو؟ چيم هجر ۾ هُس،

چيئين: هاڻ خوش گهار! چيو مون اکين سان.

چيو يار ڏس نه ڪنهن ڏي، مون ري، چيم اکين سان،

پڻ نظر کڻ نه چوريءَ مون ڏي،  چيم اکين سان.

غم جانان ۽ غم دوران بيان ڪرڻ جا ڪئين رنگ روپ ۽ اشارا آهن. دنيا جي چال ڪيئن آهي، وقت هڪجهڙو نٿو رهي. ڪڏهن ٻڏڻ لاءِ ارادو ڪجي ته پاڻي به نه ملي. اُنڪري هر حال ۾ خوش رهڻ کپي، متان اِن کان به بُرو حال نه ٿي پوي:

ٿئي جي بخت برگشتد،

وڃي جي بحر ڏي ته بر ٿي پوي.

خوش هرحال ۾ رهڻ گهرجي،

متان اِن کان به بتر ٿي پوي.

قليچ بحيثيت هڪ قابل ليکڪ جي ڪنهن شڪ شبهي کان مٿي آهي. هُو پنهنجي دور ۾ هڪ اُستاد شاعر ۽ هنرمند (Craftsman) جي ڄاتو وڃي ٿو. جذبن جي لفظن ۾ تبديليءَ لاءِ هن ڇيڻيءَ ۽ تيشيءَ جو سهڻو استعمال ڪيو. وفات جي 73 سال گذرڻ کانپوءِ به هُن جو ڪلام اڄ به تازو ڪلام آهي. ڪي فرسوده ۽ مدي خارج سٽون نه آهن، بلڪه جيئرا جاڳندا جذبا ۽ خيال آهن، جيڪي اسان جي رهنمائي ڪن ٿا(11).

حوالا

(1)     مرزا قليچ بيگ: ”اَملهه ماڻڪ“، سنڌي ادبي ب ورڊ، 1968ع، (مرزا اجمل بيگ جو لکيل تعارف ص 7).

(2)    مفردات جا مثال ”املهه ماڻڪ“ مان ورتل آهن.

(3)    نظم جا مثال ”چندن هار“، (سنڌي ادبي بورڊ 1959ع) مان ورتل آهن.

(4)    قليچ بيگ: ”موتين جي دٻلي“، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع، ص 7 (تعارف)

(5)    ايضاً، ص 8.

(6)    ايضاً، ص 8.

(7)    ايضاً، ص 16.

(8)    ايضاً، ص 17.

(9)    سڀ مثال ”موتين جي دٻلي“ مان ورتل آهن.

(10)         مرزا قليچ بيگ: ”ديوان قليچ“، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص 60 (مقدمو)

(11) سڀ مثال ”ديوان قليچ“ مان ورتل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com