سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :19

محمد حبيب بيگ مرزا

قليچ ۽ قلمي مسودا

آسمان علم و ادب جو هميشه چمڪندڙ سج شمس العلماء مرزا قليچ بيگ پنهنجي ديس واسين ۽ علم جي جستجو رکندڙن لاءِ ڪيترائي ڪتاب جوڙي راس ڪري ويو، جيڪي سندس ياد کي سدائين قائم رکندا ۽ ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندا رهندا. ڪتابن جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق کين ننڍپڻ کان ئي هو، جيڪو آخري وقت تائين باقي رهيو. ڪنهن به ڪتاب لکڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب ڏسڻا ۽ پڙهڻا پون ٿا. اهو ڪتابي شوق ئي هو، جنهن ڪري گهڻائي ڪتاب اچي گڏ ٿيا. علم و ادب ۽ شعر و شاعريءَ سان پيار جي ڪري ئي پاڻ پنهنجي خاندان جي علمي خزاني جا اهل ۽ وارث ٿيا. سندن ذاتي ڪتب خاني جو نالو سندن ئي مبارڪ نالي سان منسوب آهي. هر هڪ ڪتاب تي لڳل مُهر، اُن جو واضح ثبوت پيش ڪري ٿي. ان ڪتب خاني ۾ پڪي ڪاٺ جا ٺهيل وڏا ڪٻٽ نوَ عدد موجود آهن، جن ۾ ڪتابن کي وڏي حفاظت سان محفوظ رکيائون ۽ انهن جي مڪمل فهرست پڻ ترتيب ڏنائون. سندن پراڻي اوطاق ۾ هڪ خاص وڏو ڪمرو هوندو هو، جنهن ۾ ويهي لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم ڪناد هئا. اُن وقت جا ورتل فوٽا ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا. ڪتابن وغيره جي حفاظت ۽ انهن جي سنڀال جي گهني ڳڻتي رکندا هئا. اڪثر چوندا هئا ته ”خدا ڄاڻي منهنجي مرڻ کانپوءِ ان خزاني جو ڇا حال ٿيندو!“ اها سوچ ۽ فڪر ايتريقدر ته اهم سمجهيائون جو اُن جو ذڪر پنهنجي وصيت نامي ۾ وضاحت سان ڪيو اٿن. ”ڪتابن بابت تجويز“ جي عنوان تحت لکن ٿا: ”جيڪي انگريزي ۽ ٻيا فارسي ۽ عربي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب آهن، جن جو تخمينو ٻه هزار روپيا ڪيو ويو آهي، سو پهرين نادر بيگ کي آڇڻ گهرجي، جي هو اُهي رکي ته انهن جي قيمت انهي کان مجرا ڪجي ۽ جي نه وٺي ته پوءِ منهنجا وصي، انهن جو مناسب نيڪال ڪري، وڪري جي پيسن جمع ڪرڻ لاءِ اختيار وارا آهن. لئبررين ۽ ڪتبخانن يا ڪتب فروشن کي اطلاع ڏيڻ سان موچاري رقم پيدا ڪري سگهندا. باقي جيڪي منهنجا جوڙيل ڪتاب ڇاپيل يا اڻ ڇاپيل آهن تن جي ڪاپي – رائيٽ جي وڪري يا ڪتابن جي وڪري مان جيڪا پيدائش ٿئي سا منهنجا وصي تعليم واري فنڊ ۾ شامل ڪري سگهن ٿا، انهن کانسواءِ جيڪي اڻڇاپيل يا قلمي ڪتاب م نهنجا جوڙيل مون وٽ رکيل آهن سي به منهنجا وصي حفاظت ۾ رکن يا پنهنجي معرفت مناسب هنڌ رکائين ۽ مناسب وقتن ۽ شرطن تي اُهي ڇاپائڻ لاءِ ڏين ۽ انهن مان جيڪا پيدائش ٿئي سا به مٿي ڏيکاريل فنڊ ۾ جمع ڪرائين. جيڪي منهنجا ڪتاب ڇاپيل هجن، تن مان هر هڪ جون ٻه ٻه ڪاپيون ضرور حفاظت ۾ رکجن ته وري ڇاپائڻ ۽ مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪمائتا ٿين. اهي ڪتاب اصل گم ٿي نه وڃن، جيڪي بابي ۽ ناني مرحوم ۽ مامي مرزا علي محمد بيگ جا قلمي يا ڇپيل عربي فارسي ڪتاب مون وٽ رکيل آهن، تن جي خاص طرح حفاظت ڪجي ۽ جي انهن مان ڪو ڪتاب ڪو ماڻهو ڇاپائڻ گهري ته ڇاپڻ لاءِ ڏجي. پوءِ وري وٺي رکجي. منهنجي ڇاپيلن ڪتابن مان گهڻن جا اصل منهنجن هٿن جا لکيل مسودا به مون وٽ موجود آهن، جي پڻ حفاظت هيٺ رهڻ گهرجن، جو اهي نئين ڇاپي وقت درستي ڪرڻ لاءِ ڪمائتا ٿيندا، جي اڻ ڇپيل آهن، سي به ڇپجڻ کانپوءِ اصل جنسي سنڀالي رکي ڇڏجن.“

ياد رهي ته مرزا صاحب کي الله سائينءَ گهڻو اولاد پڻ عطا ڪيو، جن ۾ يارهن فرزند ۽ ٽي نياڻيون هيون. جنهن ڪري پاڻ پنهنجي اولادجي تعليم ۽ تربيت لاءِ پڻ فڪرمند رهيا. سندن وفات مهل پوئينءَ گهرواريءَ جو اولاد اٺ فرزند ۽ ٻه نياڻيون هيون، جن ۾ زياده صغير ٻار هئا، تنهن ڪري اها ذميواري پنهنجن ٻن وڏن ڀائٽين مرزا منوچهر بيگ ۽ مرزا سڊني بيگ جي حوالي ڪيائون، جن پنهنجي امانتداري سان اهي فرض نباهيا. مرزا صاحب جو وڏو فرزند نادر بيگ و، پر اهو پنهنجي ذاتي مصروفيات جي ڪري اهو فرض ادا نه ڪري سگهيو. البت صلاح مشوري ۾ شامل رهيو. سندن اولاد ۾ مرزا اسد بيگ کي اها ذميواري ڏين وئي، جنهن اهو فرض خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيو. اصلي قلمي ۽ ڇپي،ل ڪتابن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ کين ڪيترين ئي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو، پر تنهن هوندي به هن پنهنجي والد جي اعلى شخصيت کي مدنظر رکي، ان علمي خزاني ۽ عظيم علمي خدمت کي ضايع ٿيڻ کان بچايو، جاءِ جي تنگي هئڻ سبب هڪ نئين اوطاق ٺهرائي، جنهن ۾ ڪتابن  رکڻ لاءِ ڀتين وارا ڪٻٽ پڻ ٺهرايا ويا ۽ اصل وڏا ڪٻٽ به محفوظ ٿيا. ڪتابن جي سار سنڀال سان گڏوگڏ مهمانن، اديبن، دانشورن ۽ عالمن جي خدمت پڻ انجام ڏيندا رهيا. قليچ جي نالي کي زنده رکڻ لاءِ پنهنجي سرڪاير نوڪريءَ تان استعيفى ڏئي. ”اداره قليچ“ جو بنياد رکيائون. 1952ع کان 1958ع تائين ”اداره قليچ“ جا مهتمم رهيا ۽ ماهوار رساله ”قليچ“ جو اجراءُ پڻ ٿيو. قليچ جا اهم ڪتاب ڇپجڻ لڳا، جنهن ڪري علمي ۽ ادبي حلقن جي گهڻي دلچسپي وڌي پر هڪ اوچتي حادثي ۽ مالي بحران جي ڪري اها سرگرمي سرد ٿي ويئي، تنهن جي باوجود به ان مشن جي تڪميل ۽ توسيع لاءِ ڪوشان رهيا.

ان ادبي خدمت لاءِ سندن ڀائرن مان گهڻو ساٿ مرزا همايون بيگ، مرزا افضل بيگ، مرزا اجمل بيگ ۽ ٻين ادب دوستن ڏنو. سندن وڏي فرزند، جنهن جو نالو قليچاصغر عرف مختيار علي رکيائون، تنهن پڻ ڪم عمريءَ هوندي ادب دوستي نباهي ۽ پنهنجي والد جي سرگرمين ۾ هميشه ساڻس گڏ رهيو. انهيءَ جي وفات پندرهن سالن جي عمر ۾ هڪ حادثي سبب ٿي، جنهن جو گهڻو نفسياتي اثر والد صاحب کي ٿيو.

مرزا اسد بيگ توڪل جو جيڪو تُرهو ٻڌو هو، سو آخرڪار بار آور ئي رهيو ۽ سندس اولاد ۽ خاندان وارن ۾ قليچ جي نالن کي روشن ڪرڻ وارين ڪوششن ڏاڍو رنگ لاتو. 63- 1962ع کانپوءِ قليچ جي وفات ۽ ولادت جا ڏهاڙا گهڻي اهتمام سان ملهايا ويا، جن ۾ ڪتابن ۽ نوادرات جون نمائشون ڪرڻ ۽ قبرستان تي مولودن ۽ منقبتن جون مجلسون سڏائڻ به شمال هو. خاندان طرفان ”لطيف لٽرري سوسائٽيءَ“ جي سهڪار سان ”باب قليچ“ آڏو وڏيون وڏيون ادبي ۽ ثقافتي محفلون مچايون ويون، جن ۾ شاهه صاحب جي سُرن جا ٽئبلا ۽ مرزا صاحب جا لکيل ڊراما اسٽيج ڪيا ويا.  اُنهن عاليشان ۽ يادگار ڪانفرنس ۾ ڪليچ کي عقيدت جو خراج پيش ڪرڻ لاءِ ناميارا عالم ۽ دانشور شريڪ ٿيندا هئا. جن مان ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“، مولانا غلام محمد ”گرامي“، شيخ علي محمد، ماسٽر عبدالله ”خواب“، مقبول احمد ڀٽي، ضياءُ الله غلام علي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، حافظ محمد ”احسن“ چنا، قاضي عبدالمجيد ”عابد“، قاضي محمد اعظم، ابن حيات پنهور، احسن الهاشمي، حميد سنڌي، امداد حسيني، شمشير الحيدري، جمال رند، رسول بخش خمار، محمد دائود بلوچ، پروانو ڀٽي، استاد جان محمد جمالي، ابن الياس سومرو، اسماعيل بن واصف، اسحاق اثر، محمد خان غني، منظور نقوي، مظفر حسين جوش، عبدالقيوم صائب، زيب عاقلي، ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، پروفيسر محرم خان، پروفيسر علي نواز جتوئي، الياس عشقي، ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو، علي محمد خالدي، مرزا عباس علي بيگ، ”رشيد“ لاشاري، مير محمد ڀيو، گل محمد آزاد صوفي، حاجي حقير ابن مڱڻ ۽ ”ناشاد“ خاص طور تي اسان کي ياد اچن ٿا. انهن ڪانفرنسن جي انعقاد ۾ هونءَ ته ڪافي علم دوست نوجوانن جي جاکوڙ شامل هوندي هئي پر روح روان سيد ”نثار“ حسيني هوندو هو، جيڪو ”قليچ سنگت جي نالي سان شمس العلماء جي ياد جي تند اڃا به ساڳئي خلوص سان توريندو ٿو اچي.

1951ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ مرزا صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيا، جن جا گهڻا ڇاپا اڄ تائين ڇپجندا رهن ٿا، ان ڪم ۾ خاص طور سان محترم محمد ابراهيم جويي جي دلچسپي ۽ جاکوڙ شامل رهي، جو ان وقت سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيندو هو. سندس اها جفاڪشي ڪڏهن به وساري نه سگهبي. سنڌ يونيورسٽي جي اداري ”سنڌالاجي“ ۽ ”لائبرري سائنس“ وارن شعبن پڻ خاطر خواه دلچسپي ڏيکاري. اوائل ۾ وائيس چانسيلر علامه آءِ آءِ قاضي صاحب پڻ مرزا صاحب جي ڪتابن ڇاپڻ جو ذمو کنيو ۽ ”احوال شاهه عبداللطيف“ ۽ ”يادگيريون“ ڪتاب يونيورسٽيءَ مان ڇپرايا، سنڌ يونيورسٽي جي نهايت محنتي ۽ معزز پروفيسر، ڊاڪٽر الله رکيي ٻُٽ صاحب وڏي عرقريزيءَ سان مرزا صاحب جي ڪتابن جي جامع ببليوگرافي مرتب ڪئي آهي. اهو تحسين جوڳو تحقيقي ڪم به انشاء الله ڇپجي منظر عام تي ايندو. سنڌ الاجيءَ واري شعبي مرزا صاحب جي مسودن جي مائڪرو فلم ڪڍڻ جي شروعات ڪئي پر ڪم اڌ ۾ ئي رهجي ويو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ ان سبب قلمي نسخن جي گهڻي حفاظت ٿي سگهي ها.

1971ع ڌاري حيدرآباد ۾ خانئه فرهنگ ايران کليو ۽ ان جي ڊائريڪٽر آقاي رشيد فرزانه پور جڏهن اهو علمي ۽ ادبي خزانو ڏٺو، ته ان پڪو ارادو ڪيو ته اهڙي اعلى شخصيت کي جيڪڏهن سنڌ واسين وساريو آهي ته آءُ ايران وارن جي طرفان انهي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندس. هن صاحب ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن کي ڇاپڻ لاءِ پنهنجا مفيد مشورا ڏنا. ادا وڏي اعجاز علي بيگ، سندس ان دلچسپي کي نظر ۾ رکندي، سمورن قلمي ڪتابن، ڊائرين، آلبمن ۽ اهم نوادرات کي محفوظ ڪرڻ جو عزم ڪيو. قلمي نسخن جي ضخيم ڪتابن کي بٽر پيپر ڪرايو ويو ۽ نئين جلد بندي ڪرائي وئي، ان کانسواءِ ڪتابن جي فهرست مڪمل ڪرڻ ۽ انهن کي مضمون وار ۽ سال وار ترتيب ڏنو ويو.

سال 1994ع ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه ڪتب خاني کي ڏسڻ لاءِ آيو ۽ ڪتابن جي ڇاپڻ لاءِ گهڻي دلچسپي ورتائين ۽ يقين دهاني ڪرائي ويو ته مرزا صاحب جو ڪو به ڪتاب ڇپجڻ کانسواءِ نه رهندو. ادبي ادارن يک ان ڪم لاءِ آماده ڪيائين، جن ۾ ”سنڌي لئنگويج اٿارٽي“ پيش پيش رهي. ان وقت جو چيئرمين ڊاڪٽر نواز علي شوق پنهنجن ساٿين سان گڏجي ڪتبخاني ۾ آيو ۽ سمورن قلمي (اڻ ڇپيل) ۽ ڇپيل ڪتابن جون فهرستون نئين سر مرتب ڪرايائين ۽ سنڌ حڪومت کي انهن جو تفصيل، خرچ جو تخمينو ۽ مفيد رايا پيش ڪيائين، جيڪي رڪارڊ تي اڄ به موجود آهن، پر افسوس جو سنڌ سرڪار پنهنجو وعدو نه پاڙيو. بعد جي چيئرمين جناب حميد سنڌي صاحب، جيڪو صاحب علم و ادب آهي، تنهن پنهنجي فرض شناسي ۽ علمي چاهت کي نباهيندي، سنڌي ادب جي هن مهان شخصيت مرزا قليچ بيگ جي نالي ۽ سندس علمي ڪاوشن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ جنم ڏينهن تي (4 آڪٽوبر 1997ع) هڪ شاندار ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ اداري جي ٽماهي رسالي ”سنڌي ٻولي“ جو خاص شمارو ”مرزا قليچ بيگ نمبر“ به شايع ڪيائين، جنهن کي اُن وقت جي سيڪريٽري مسٽر تاج جويي سليقي سان تريتب ڏنو. حميد صاحب جي انهيءَ خلوص کي سدائين ياد رکيو ويندو.

يقيني طور تي قليچ جي احسانن جي صحيح فرض ادائي تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن سندن سمورا ڪتاب ڇپبا ۽ اهي منظر عام تي ايندا، جنهن سان سندس غير فاني روح کي به ابدي آرام ۽ راحت نصيب ٿيندي. دنيا جون فقط اهي ئي قومون ڪامياب ۽ ڪامران هونديون آهن، جيڪي پنهنجن محسنن کي نه وسارينديون آهن. اُميد آهي ته قليچ جون ڪيل محنتون رائيگان نه وينديون ۽ انشاء الله العزيز هڪ ڏينهن ضرور ايندو، جو سندس روشن نالو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ورتو ويندو، جيڪو سنڌي قوم لاءِ پڻ هڪ وڏو اعزاز هوندو.

مرزا قليچ بيگ مرحوم مختلف زبانن ۾ جيڪي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا، تن جو مجموعي تعداد تقريباً 457 آهي ۽ انهن جو تفصيل ادا اعجاز پنهنجي مضمون ۾ ڏنو آهي.

مرزا صاحب جي ڪتابن جي مڪمل فهرست خانئه فرهنگ ايران حيدرآباد جي ڊائريڪٽر، ”قليچ رسالي“ جي نالي سان پڻ شايع ڪرائي هئي. ان کان علاوه ڪتب خاني ۾ مختلف زبانن جهڙُڪ عربي، فارسي، ترڪي، اردو ۽ سنڌي ۾ ٻيا به اڻ لڀ ڪتاب موجود آهن، جن جو مجموعي تعداد تقريباً چار هزار کن ٿيندو. مرزا صاحب پنهنجي دؤر ۾ مختلف لکپڙهه، خط وغيره پڻ فائيل ڪيا، جيڪي بابا مرحوم وڏيءَ جاکوڙ سان نئين سر فائيل ڪيا، جن مان گهڻي معلومات فراهم ٿئي ٿي. قليچ مرحوم جي قلمي ڪتابن کي سنڀالڻ جي گهڻي ئي ڪوشش جاري رهي، تنهن جي باوجود به سندس ڪيترائي ڪتاب دنيوي هٿ چراند سبب نظرن کان غائب آهن، جن جا مکيه سبب هيٺيان ٿي سگهن ٿا:

1- سندس گهڻو اولاد، جيڪو وارث هئڻ جي ناتي ڪتاب پاڻ وٽ رکندو هو يا پنهنجن دوستن وغيره  کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. ان جو هڪ مثال ڊاڪٽر دائودپوٽي کي سڀيئي قلمي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا ويا، جنهن پنهنجي وفات کان ڪجهه وقت اڳ اهي واپس ڪيا.

2- سنڌ ۽ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي گهرڻ تي ڪتاب ڏيڻ ۽ انهن جو نه ملڻ.

3- مختلف موقعن تي ڪتابن جي نمائش ڪرڻ سبب ڪيترن ئي ڪتابن تان هٿ ڌوئڻا پيا، جنهن جو هڪ مثال سندن انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Life of Shah Abdul latif Bhitai آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب جي لائبرريءَ مان دستياب ٿيو ۽ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ڪميٽي وارن ڇپيو. [1]مطلب ته ڪيترائي اهم ڪتاب دستبرد ٿيڻ سبب اڄ اسان وٽ موجود نه آهن، پر شايد ڪن ادب دوست شخصيتن جي ذاتي لائبررين يا گهرن ۾ دستياب ٿي سگهن.

اِها عام چوڻي آهي ته ”اهو شخص بيوقوف آهي، جيڪو پنهنجو ڪتاب ٻئي کي ڏئي ۽ وري اهو وڌيڪ بيوقوف چئبو، جيڪو واپس ڪري“، شايد انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکندي، جن اسان کان ڪتاب پڙهڻ يا ڏسڻ لاءِ ورتا، تن وري پاڻ عقلمند ثابت ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي ڪنهن کي به ڪتاب، چاهي اهو قلمي هجي يا غير قلمي، ڏيڻ ته ٺهيو پر رڳو ڏيکارڻ کان ئي دل دهلجي وڃي ٿي!

موجوده وقت ۾ سڀني ڪتابن، خاص طرح هٿ جي لکيل ڪتابن جي پائوڊر واري فوٽو ڪاپي ڪرائي وئي آهي ۽ وري اُنهن کي نئين سر جلدبند ڪيو ويو آهي. مون کي چڱيءَ طرح سان ياد آهي ته جڏهن ”ڪيميائي سعادت“ وارو قلمي نسخو جنهن جا ٻه هزار صفحا ٿيندا، مون پنهنجي سر فوٽو ڪاپي ڪرائي. سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو، جيڪو قومي هجره ڪاميٽي اسلام آباد وارن جي تعاون سان ڇاپيو ٿي ويو. ڪاش ان جو آخري ڀاڱو به ڇپجي سگهي.

جيستائين اسان جا ادبي ادارا اها ڪوشش نه وٺندا ته مرزا صاحب جا بقايا قلمي ڪتاب ڇپجن، تيسين اسان خاندان وارا ضرور فڪرمند رهنداسين. هيءَ دنيا فاني آهي، جنهن ۾ ڪتاب فقط ڪاغذ جي سيني تي لکيل آهي. آخر انهن جو ڪو مدو ضرور آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ انهن جو ضايع ٿي وڃن هڪ ادبي سانحو ٿيندو.

بادل ٿي بنائي اُٻ، سمنڊ ساري کي،

پاڻي ٿو ڪڪر مٺو ڪري کاري کي،

توبهه جو روئڻ ڪري گناهن کي ثواب،

برسات اڇو ڪري ڪڪر ڪاري کي.

قليچ

قزلباش مرزا

ماهنامه ”قليچ“

لِڪِل بُلندي اسان جي ٿي خاڪساريءَ ۾،

زمين کوٽين اسان جي ته آسمان لهين

- -

رهان ٿو مست مگر ٿو رکان حواس تِکا،

قليچ لفظ ۽ معنى ۾ آهيان آءُ تلوار.

ماهنامه ”قليچ“ رسالو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي لائق فرزند الحاج اسد بيگ مرزا ”اسد“، همايون بيگ مرزا ”فائق“، اجمل بيگ مرزا ”اجمل“ الحاج افضل بيگ مرزا، اڪمل بيگ مرزا ۽ ڪجهه قريبي عزيزن ۽ دوست احبابن جي ڪوششن سان منظر عام تي آيو. 40 صفحن تي مشتمل رسالو ”قليچ“ جنوري 1952ع کان شروع ٿيو. مگر باضابطه ڊڪليئريشن فيبروري 1952ع ۾ منظور ڪيو ويو. هي ماهنامه رسالو پنجتني پرنٽنگ پريس اسٽيشن روڊ حيدرآباد ۾ هر ماهه بقاعدگي سان هر انگريزي مهيني جي 14 تاريخ تي ڇپجي منظر عام تي ايندو رهيو ۽ هر مشهور ڪتب فروش ۽ بڪ اسٽال تي دستياب هو.

محترم الحاج مرزا اسد بيگ ”اسد“ هن رسالي جا ايڊيٽر هئا ۽ محترم مرزا محمد نواز بيگ [قليچ بيگ صاحب جي ماروٽ مرزا علي نواز صاحب جو فرزند ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف] هن ماهنامه جا مئنيجر مقرر ٿيا. هن رسالي جو خوبصورت ٽائيٽل محترم مرزا همايون بيگ ”فائق“ جن جو مرتب ڪيل هو.

هن رسالي ذريعي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي اڻ ڇپيل تصنيفات مان چونڊ مضمون، ڊراما، ناول، تواريخ، سائنس، شعر، عجيب تواريخي واقعا، مثنوي، پروليون ۽ چيستانا باقاعدگيءَ سان ڇپرائي سنڌي علم ۽ ادب جي ذوق رکندڙ صاحبن کي علمي طور سيراب ڪرڻ سان گڏوگڏ مرزا صاحب جي ڪيل علمي خدمتن جي ڪنهن حد تائين حق ادا ڪرڻ جي قابلِ قدر ڪوشش ڪئي وئي هئي.

هن رسالي ۾ شمس العلماء جي لکيل مضمونن سان گڏ سندس فرزند مرزا همايون بيگ ”فائق“ ۽ قليچ“ رسالي جي مئنيجر مرزا محمد نواز بيگ جا اشعار ۽ مضمون پڻ ڇپيل نظر اچن ٿا.

ادارهء قليچ طرفان هن رسالي جي اشاعت ذريعي مرزا صاحب جي خدمتن تي روشني وجهڻ لاءِ چند سالن تائين اِهو نيڪ سلسلو هليو، پر افسوس جو هي رسالو ڪن اڻٽر مجبورين سبب وڌيڪ عرصي تائين جاري رهي نه سگهيو ۽ غالباً 1955ع جي اوائل تائين اُن جا آخري پرچا نڪتا.

بهرحال، هن رسالي ذريعي شمس العلماء جي ڪثير تصنيفات جي علمي خزاني مان انمول موتي ۽ جواهر عام جي اڳيان پيش ڪيا ويا، جن مان علم ۽ ادب جي شائقين يقيناً ڀرپور فيض حاصل ڪيو هوندو.

انهيءَ دؤر ۾ هڪ ”قليچ لٽرري ٽرسٽ“ پڻ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هيٺيان ارڙهن حضرات ٽرسٽي مقرر ڪيا ويا، جن شمس العلماء جي ڪيل علمي خدمتن کي جوڳي ۽ گهربل پذيرائي ڏيڻ لاءِ مختلف علمي پروگرامن ۾ هڪ ٻئي سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ قبول ڪيو. سندن اسماء گرامي هيٺ ڏجن ٿا:

1-        جناب مرزا علي نواز بيگ صاحب

2-       جناب خانبهادر مرزا سڪندر بيگ صاحب

3-       جناب مرزا علي حسن بيگ صاحب

4-       جناب الحاج مرزا افضل بيگ صاحب

5-       جناب مرزا قمبر علي بيگ صاحب

6-       جناب مرزا شمشاد بيگ صاحب

7-       جناب مرزا اسد بيگ صاحب

8-       جناب مرزا محمد نواز بيگ صاحب

9-       جناب خانبهادر محمد صديق ميمڻ صاحب

10-   جناب ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل صاحب

11-    جناب خانصاحب محمد اسلم شيخ صاحب

12-   جناب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب

13-   جناب عثمان علي انصاري صاحب

14-   جناب آءِ آءِ قاضي صاحب

15-   جناب سيد عطا حسين شاهه موسوي صاحب

16-   جناب آغا تاج محمد صاحب

17-   جناب سيد سجاد حسين شاهه صاحب

18-   جناب ميوو خان صاحب.

 

پيري آئي ۽ عضوا سڀ چُور ٿيا،

سڀ يار جواني جا ڀڄي دور ٿيا،

هر وقت قبر جي يادگيري ٿي رهي،

مشڪي جي هئا وار، سي ڪافور ٿيا.

قليچ

نصير مرزا

مرزا قليچ بيگ

سنڌي شاعري ۾ نَون لاڙن جو ترجمان

ڪجهه ماڻهن جي ڄمار بس صرف ”موت“ تائين هوندي آهي ۽ اُن کانپوءِ اُن جي واڌ ويجهه ختم… جڏهن ته ليجينڊ ماڻهن جي ڄمار طبعي موت کانپوءِ به وڌندي رهندي آهي ۽ سٺي ”شعر“ جي حياتيءَ وانگر اُن ۾ اضافو ئي ٿيندو رهندو آهي. سنڌ جي اهڙين ئي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙين ليجينڊ شخصيتن مان ”سدا اَمر“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ به هڪ آهي، سندن پيدائش کي (هن وقت 2003ع ۾) هڪ سؤ پنجاهه سال ۽ وفات کي چوهتر سال گذري چڪا آهن، ۽ مسلسل ناقدريءَ جي باوجود هُو پنهنجي حياتيءَ ۾ به هڪ تاريخ ساز شخص ۽ عمعصرن ۾ ”شمس العلماء“ شمار ڪيو ويو؛ ۽ جي عام معافي ملي ته گڏوگڏ ائين چوڻ جي به جسارت ڪندو هلان ته سنڌي ادب ويهين صديءَ ۾ جيڪي ٻه ٽي نهايت وڏيون ”ٽرينڊ سيٽر“ ادبي شخصيتون پيدا ڪيون، اُنهن مان نثر ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ شاعريءَ ۾ صرف شيخ اياز جو ئي نالو وٺي سگهجي ٿو. نقادن سندس بي پناهه نثري تحريرن جي بنياد تي هن بزرگ کي سنڌي جي ”نثر جو شاهه لطيف“ جو قرار ڏنو آهي ته اُنهن اِهو ڪو گهڻو غلط به ڪو نه چيو آهي؛ جو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف جهڙي شاعر کانپوءِ – سنڌ، سنڌي نثر لاءِ جنهن شاندار ليکڪ جو سپنو ڏٺو هو. مرزا قليچ بيگ ئي بالآخر اُن جي ساڀيا ثابت ٿيو.

اگرچه نثري تحريرن جي ڀگيٽ ۾ هن جي بي پناه شعري سرمايي جي مُلهه – ڪٿ گهٽ ٿي آهي، جنهن کي جيڪڏهن ٻن ٻن سٽن جي شعر طور به ڳڻپ ۾ آڻجي ته اُنهن شعرن جو تعداد به ڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ وڃي ٿئي ٿو، جيڪي سندس طبعزاد ۽ ترجمي طور ڪيل ڪتاب مان ”ديوانِ قليچ“، ”چندن هار“، ”املهه ماڻڪ“، ”موتين جي دٻلي“، ”گلدستهءِ قليچ“ ۽ ٻين ڪيترن ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل شعري مسودن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن ۽ جيڪي دراصل مرزا صاحب جي بي پناهه شهير قوت جا مظهر به آهن. چون ٿا ته ڊائمنڊ (هِيري) جي وڏي ۾ وڏي وصف ئي اِها آهي ته اُن کي جنهن پاسي کان ڏٺو وڃي، اُهو ڊائمنڊ ئي نظر اچي. مرزا صاحب بلاشبه سنڌ جي صدين جي کاڻ مان نڪتل اهڙو ئي ڊائمنڊ آهي، جنهن جي نثري توڙي شعري تحريرن کي هر رُخ کان مقصديت، امرتا، پنهنجي چمڪ ۽ دائميت آهي، جديد سنڌي شاعر ۽ جديد شاعريءَ سرواڻ اڀياسيءَ، تنوير صاحب جي راءِ آهي ته، ”سنڌي شاعري اساسي ۽ ڪلاسيڪي دؤر کان وٺي ريڙهيون پائيندي رهي آهي. صدين کانپوءِ اُن ۾ معمولي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن پر گذريل صديءَ ۾ سنڌي شاعري ٻه ننڍا ۽ هن صديءَ ۾ ٻه وڏا ڇال ڏنا آهن: ننڍا ڇال آهن- سچل سرمست ۽ خليفي گل محمد جي شاعري، جنهن سنڌي شاعريءَ جي، غزل ۽ فارسي وزن سان سڃاڻپ ڪرائي ۽ ٻه وڏا ڇال آهن – مرزا قليچ بيگ جي شاعري، جنهن نظم ۾ مغربي لاڙن کي سنڌيءَ ۾ آندو ۽ ٻيو شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير جي شاعري…“

مرزا صاحب، شاعري دراصل پنهنجي والد فريدون بيگ مرزا ۽ ناني خسرو بيگ جي ادبي صحبت ۾ رهندي محض ستن اٺن ورهين جي ڄمار ۾ ئي ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي، جنهن جي اصلاح هو باقاعده پنهنجي ناني خسرو بيگ مرزا کان وٺندو هو، جيڪو هر دفعي خوش ٿي، همت افزائي طور کيس انعام ۾ داد سان گڏ، پستا، ڪشمش ۽ باداميون پڻ ڏيندو رهندو هو، بعد ۾ 1870ع ڌاري هن پنهنجي اُن ئي سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ٻاراڻي شاعريءَ جو پهريون مجموعو به سهيڙيو هو ۽ اُن وقت سندن ڄمار صرف سترهن ورهيه مس هئي. بقول مرزا صاحب جي، شعر اُن زماني ۾ جن ٻن قسمن سان چيو ويندو هو، اُنهن مان هڪڙو اوائل واري نج سنڌي شعر جي طرز يا نموني تي، يعني بيتن ۽ ڪافين ۾ - ۽ اهو هو شاهه لطيف جي تتبع يا پيرويءَ تي ۽ ٻيو پارسي شعر جي طرز تي، يعني، قصيدن، مثنوين، غزلن وغيره ۾، اُهو سيد ثابت علي شاهه جي تتبع تي. اُنهن ٻنهي قسمن جي شعرن جا اُستاد، اُن زماني ۾ اِجهو اِهي ئي ٻه صاحب سمجهيا ويندا هئا – يعني شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽سيد ثابت علي شاهه سيوهاڻي. 1887ع ۾ مرزا صاحب جڏهن 25 سالن جو ڳڀرو ترڪ زادو ۽ حسين نوجوان هو، ۽ نصيرآباد تعلقي مختيارڪار مقرر ٿيو هو ته پنهنجي اُن دؤر جي يادگيرين بابت لکي ٿو ته: ”جوانيءَ جي مستيءَ ۾ خام خيال پيدا ٿيڻ لڳا هئا ۽ شادي جو خيال ٿيڻ لڳو هو. اُن ئي زماني ۾ مون کي ڪافين لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ گهڻيون ڪافيون ٺاهيم، جي مقامي فنڪار ڳائيندا هئا ۽ شڪارپور ضلعي ۾ ائين منهنجيون ڪافيون ۽ غزل پکڙجڻ لڳا ۽ ڳائبا هئا“.

”سوادئ خام“ شعري مجموعي ۾ سهيڙيل ڪلاسيڪل رچاءَ ۾ رچيل ۽ موسيقيءَ جي اُبٽڻ ۾ ڳوهيل مرزا صاحب جي اُنهن ڪافين کي سچ ته اڄ به زوال ڪونهي ۽ اُهي اڄ به سنڌ جي ٻهگڻ فنڪارن جي انڊلٺ – ڳلي مان ٻُرنديون آهن ته، واهه واهه ٿي ويندي آهي:

مثال طور:

جنهن جي سُور وڌي دل سٽي سَٽي

تنهن کي صبر اچي ڪيئن يار ري؟!

*

ٿيو قليچ فراق ۾ فاني،

جان جلايائين تولاءِ جاني،

گهار تنهن سان ڏينهن ٻٽي ٻٽي

جنهن جي سور وڌي دل سٽي سَٽي.

يا، اُستاد محمد جمن جي آواز ۾ - ’فنا‘ جي احساس سان ڀرپور هيءَ ڪافي:

ڪر ڌيان دنيا آهي فاني

ڪنهن سان نه نباهي جاني.

يا هي غزل نما ڪافيون ڏسو:

دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو،

آخر مليو نه جي رب، ٻيو سڀ مليو ته ڇا ٿيو

- -

دل آهه غافلن لئه هڪڙو حساب خانو،

پر آهه عاشقن لئه هڪڙو ڪباب خانو.

جيتوڻيڪ جيئن مون مٿي چيو، قليچ پنهنجي سرشت ۾ تُرڪ زادو هو ۽ سنڌ ۾ آمد وقت هن جو نانو مرزا خسرو بيگ ۽ والد فريدون بيگ تُرڪي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ بعد ۾ جيتوڻيڪ هو سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين کان آگاهه ٿي چڪا هئا. پر اُن جي باوجود، بقول مرزا صاحب جي، سنڌي ڳالهائڻ وقت اڪثر مؤنث ۽ مذڪر جي غلطي ڪري ويندا هئا. پر اُنهن جي ابتڙ قليچ جنهن ڪُک مان جنم ورتو هو، اُها سنڌ جي ئي مِٽي هئي. سندن والده اگرچه مرزا خسرو بيگ جي ٻيو نمبر نياڻي هئي، پر سندن نانِي جلباڻي راڄ جي هئي ۽ اُهو خاندان صدين کان وٺي هتي سنڌ جي هوائن ۽ هڳائن ۾ پساهه کڻي رهيو هو ۽ باقاعده سرائڪي ۽ نج سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ هو. مرزا صاحب جو والد فيردون بيگ مرزا ڳائڻ سان دلچسپي رکندو هو ۽ سُرندو به وڄائي چاڻندو هو. بقول مرزا صاحب جي سندس ڀائر خوش گُلو هئا ۽ هو پاڻ ڪافيون جهونگارڻ سان گڏوگڏ ستار پڻ وڄائيندو هو، ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ سان ۽ سنڌ جي مقامي شاعريءَ جي هيئت سان اُن والهانه لڳاءُ سبب هن جيڪي اُهي شاهڪار ڪافيون لکيون آهن، اُهي ڄڻ نوجوان قليچ جي روح جي شاخن تي ٽڙيل ”سدا بهار“ جي گلن سمانُ آهن، جيتوڻيڪ اُن دؤر جي اڪثر شاعري، فارسي شاعريءَ جي هيئتن ۽ عروض جي بار هيٺان دٻيل آهي، پر قليچ جي ”ڪافيءَ“ جو رنگ، نج سنڌي شاعريءَ وارو نظر اچي ٿو.

ٿيا سوين سڪندر دارا،

جن جوڙيا تخت هزارا

وهه واهه وڄائي وارا

سڀ خان ڇڏي ويا خاني

ڪر ڌيان دنيا آهي فاني!

هت نبي ولي، لک آيا،

جي عرب عجم نت ڳايا،

سي گهوٽ اجل سڀ گهايا،

سي سورهيه سڀ سلطاني

ڪر ڌيان دنيا آهي فاني!

-         -

تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي، تڪبير چوان.

سور قليچ سڀئي سهه سِرَ تي.

 

ڪهڙي آءُ، تقدير اڳيان تدبير چوان.

زلف سياهه سراسر خم خم،

رهزن سي رهگير، ظالم سي زنجير چوان،

تنهنجي سهڻي سڄڻ…

- -

ماڻا ڪري نه مار، سڄڻ تون ذَري ذَري،

پاڻا نه ڪر تون مون کي پيارا پري پري!

- -

مون ڪيو ڪُسڻ قبول، مگر تون ڪو قياس ڪر،

خنجر وهاءِ خلق تي، قاتل هري هري.

گويا مرزا صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ اُن دؤر ۾ مروج ٻنهي هيئتن کي استعمال ڪيو آهي – لوڪ ڪلاسيڪل صنفن کي به ۽ روايتي عروضي هيئتن کي به هتي مثال طور مان مرزا صاحب جي ڪتاب ”املهه ماڻڪ“ ۾ آيل سندس لکيل سوين بتن مان صرف هڪ بيت مثال طور پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن کي هر لحاظ کان پورو ڪلاسيڪل رچاءُ حاصل آهي ۽ صاحبِ ديوان، عروضي شاعر جي شاعريءَ جو هيءُ لهجو نج سنڌي شعري صنفن ۽ هيئت سان هن جي بي مثل محبت جو دليل پڻ آهي:

حُسن هوت پنهونءَ جو، جيڏيون ڏسو جي،

ڳوڙها ڳلن ڳاڙيو، حال منهنجي تي

ڪِني ڪيئن ڪري، لکيو لوڙڻ آئيو.

عورت جي واتان پنهنجي معشوق جي حسن ۽ ڦوڙائي کي بيان ڪرڻ جي اِها روايت، مرزا صاحب پڪ سان ته ننڍي کنڊ جي هندي ۽ سنڌي لوڪ ڪلاسيڪل شاعري مان حاصل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته فارسيءَ شاعريءَ ۾ عاشق به مرد آهي ۽ معشوق به، ايستائين جو حافظ جهڙي غزل گو شاعر جو محبوب به ڇوڪرو آهي ۽ سعديءَ جو به.

ٻئي پاسا مرزا صاحب سنڌي شاعريءَ ۾ ته ڇا، پنهنجي اردو شاعريءَ ۾ به اُن وقت جي ”ماڊرن عورت“ کي محبوبيت جي اک سان پئي ڏٺو آهي. اگرچه اُن لهجي ۾ مزاح جو ٽچ ڪجهه وڌيڪ آهي:

ديکو ديکو ناز ادا سي پياري مئڊم آتي هي

دور سي اپنا هئنڊ اُٺا ڪر مجهه ڪو ادهر بلاتي هي.

جب مين سئڊ اور سائلينٽ بيٺون

مائوٿ سي مائوت لگاتي هي

لافنگ لافنگ بڙي مزي سي

پيانو فورن بجاتي هي.

اوڻهوين صديءَ جي وچ ڌاري انگريزن جي سنڌ تي تسلط ۽ اُن کانپوءِ اُنهن سان گڏ يورپ جي شاعريءَ ۽ ادب جو سنڌ ۾ اچڻ جهڙوڪر سڀاويڪ ڳالهه هئي. بعد ۾ 1853ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ جي جديد صورتخطيءَ جو ٺهي ته سنڌيءَ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جي فضا کي وري جهڙوڪر وڏي هٿي ملي پئي.

سنڌ ۾ اُهو دؤر دراصل عروضي شاعريءَ جي عروج جو دؤر هو ۽ فارسي زده غزل سڄيءَ سنڌ جي شاعرن يج ”واهه واهه“ جي داد تي محو رص هو. مير عبدالحسين خان سانگي، قاسم، فاضل، گدا ۽ ليلارام خاڪي ان دؤر ۾ مرزا قليچ بيگ صحب جا اهم همعصر هئا ۽ بهرحال روايت پسند هئا ۽ جيتوڻيڪ اُنهن سڀني مان سانگيءَ کي غزل جو ’سر موڙ شاعر‘ سمجهيو ويو آهي. پر اُنهن سڀني هڪ جيڏن ۽ عمعصرن ۾ جدت طرازيءَ، گهڻ رخي ۽ گهڻي پڙهئي هجڻ واري حيثيت صرف مرزا قليچ بيگ کي ئي حاصل هئي.

گهڻا پڙهيل لکيل اُن دؤر ۾ ڪي ٻيا به گهٽ ڪو نه هوندا، پر مرزا صاحب دراصل اُنهن ۾ پاڻ کي هر لحاظ کان جديد سوچ رکندڙ ۽ مستقبل پسند ليکڪ جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ۽ اهائي خوبي هن جي عمعصرن جي ٻئي ڪنهن حصي ۾ ڪانه آئي هئي.

روس جي ’آواز‘ ٻوليءَ جي شاعر رسول حمزه توف جي سٽ آهي ته، ”مڇي مخالف رخ سان هلندي آهي، جهرڪي پڻ اُڏام جي مرحلي ۾ هوا جي سامهون واري رُخ سان منهن مقابل هوندي آهي ۽ ائين پنهنجي دؤر جا سجاڳ ذهن ليکڪ به هميشه روايتن جي طوفان ۾ ائين ئي اڳتي وڌندا آهن.“

لطيف سرڪار به ته فرمايو آهي:

”لهوارو لوڪ وهي……تون اوچتو وهه اوڀار……“

قليچ بيگ صاحب جي سوچ ۽ شاعريءَ جو مجموعو لهجو به بنهه ساڳيءَ ريت اُن دؤر جي شاعرن جهڙو مروج لهجو قطعي ڪونهي. هن جي سرشت ۾ روايت جي پاسداري برابر هئي پر هن جي نگاهه مستقبل تي هئي ۽ هن پنهنجي شعر ۾ نثري روايتن ڏانهن جي ڏٺو پئي ته اُن سان گڏوگڏ هن وک اڳتي ڏانهن به کنئي پئي ۽ ائين هن هر سطح تي پنهنجي دؤر جي غزل گو، قطعه ويسي مسدس ۽ مخمس لکندڙ شاعرن ۾ پاڻ کي هڪ مختلف دؤر جو شاعر ثابت ڪيو آهي، يعني جي مرزا صاحب جي عمصعرن پاڻ کي نئين واٽ جو شاعر پئي ثابت ڪيو ته مرزا صاحب وري پاڻ کي نئين واٽ جو مسافر پئي ظاهر ڪيو. حيرت جهڙي ڳالهه هتي هيءَ به آهي ته هن وقت قلم ته هڪڙو ئي هو، پر اُن ذريعي هن وٽ ڪيئي صنفن لکڻ جي ڏات هئي – ناٽڪ، ناول، افسانا، لغت، ٻاراڻو ادب، گرامر، تاريخ، تحقيق، لطيف شناسي، زراعت، باباني، مزاحيه ۽ سنجيدي شاعري وغيره.

نثر سان گڏ خاص ڪري شاعري لکڻ جي به هن وٽ تمام وڏي سگهه هئي ۽ هن وري اُن کي استعمال ڪرڻ جا مختلف رستا ڳوليا هئا. هن طبعزاد شاعري به ڪئي ۽ ترجمي جي صورت ۾ مغرب ۽ مشرق جي جديد قدرت ۽ روشن خيالي کي به سنڌي ٻوليءَ جي خمير ۾ ڳوهيو ۽ اُهو محض جدت طرازي جي شوق ۾ نه پر هُن ان خيال سان به اِهو ڪم ڪيو پئي، جيئن مستقبل ۾ موضوعن جي سطح تي سنڌي شاعريءَ جو چارو اڃا وڌيڪ روشن ٿئي. ظاهر آهي ته ٻج ڇٽڻ کان اڳ هاري زمين جي زرخيزي کان خوب آگاهه هوندو آهي ۽ انب جي ککڙيءَ کي هو ڪڏهن به ڪلر ۾ ناهي هڻندو. بس ته بنهه ساڳيءَ ريت مرزا صاحب به سنڌي ٻوليءَ جي سڀاءُ کي وسعت ڏيندي، اُن ۾ نت نين نثري ۽ شعري صنفن جا ٻج ڇٽيندو رهيو آهي )۽ جنهن جو ڦل اڄوڪو نئون نسل کائي رهيو آهي)

1880ع ۾ هو ستاويهن سالن جي ڄمار جو هو، جو هن سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون آپيار ناٽڪ (Opera drama) شاعري ۾ لکيو هو. ”ليلى مجنون“ ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم ناٽڪ جي اهڙي ڪابه روايت موجود ڪانه هئي. 1887ع ۾ ساڳيءَ ريت هن ٻارن جي وندر ۽ سکيا لاءِ ”قصو هرڻيءَ جو“ منظوم لکيو، جنهن کي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان اڄ به لافاني حيثيت حاصل آهي. اهڙن ئي ڪجهه بي مثل نظمن مان هيءَ چونڊ ڏسو:

گلن ۽ گلابي مزيدار گل،

چنبيلي ۽ مرتئي جو مهندار گل.

- -

ڪوڏر کڻ تون ڪوڏر يار،

ڪوڏر آهه عجب اوزار!

- -

واپار ڪريو، واپار ڪريو،

خود پاڻ نبيءَ واپار ڪيو.

سازن جي وڄت جي آاوزن بابت هي مزيدار ٻول ڏسو:

نغارو چوي ٿو ته، ڌيرج پَڪڙ

تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ.

- -

ٿا ڌُڪڙ ۽ طبلا وڄڻ ۾ چون

ته ڌَڪ ڌڪ ٿا ڌڪ ڌڪ اسان کي لڳن.

47 سالن جي ڄمار ۾ 1900ع ڌاري مرزا صاحب عمر خيام جي فارسي رباعين کي اُنهن جي هيئت سميت اُن وقت سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، جنهن وقت ”رُباعيات عمر خيام“ جهڙي جڳ مشهور ڪتابن جو ترجمو اڃا پوري هندستان ۾ ڪنهن به ٻولي ۾ ۽ ڪنهن به شاعر نه ڪيو هو؛ ۽ تيستائين اُهو صرف يورپ جي ڪن ٿورين ٻولين ۾ ئي ترجمو ٿيو هو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ اِهو هيئت جو تجربو بلڪل ائين هو، جيئن شيخ اياز نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسي جپاني صنف هائيڪو کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ بعد ۾ شيخ اياز صاحب هائيڪن جو سڄو سارو ڪتاب ”مينهن ڪڻيون“ لکيو آهي. مرزا صاحب به ”رباعيتا عمر خيام“ کانپوءِ اُتساهه وٺي 1914ع ڌاري طبعزاد رباعين جو مجموعو تيار ڪيو هو ”موتين جي دٻلي“. عظيم سنڌي شاعر نارائڻ شيام جي 1955ع ڌاري پڌري ٿيل رباعين جي مجموعي ”پنکڙيون“ کي، مرزا صاحب جي اُن مٿئين ڪتاب جي ئي تسلسل ۾ سمجهڻ گهرجي.

مرزا صاحب جي نج سنڌي لهجي واري هڪ رباعيءَ مان لطف ماڻيو:

پهراڻ جي بار کان ڪري آءُ ٿو پويان،

آواز جي واءُ سان ڪِري آءُ ٿو پوان؛

منهنجو ٿي ڪِريو پاڇو اڳتي ڌرتيءَ تي،

هاڻ ضعف کان پاڇي جان ڪِري آءُ ٿو پوان.

ڪتاب ”عجيب جواهر“ ۾ مرزا صاحب وري يورپ جي جديد شاعريءَ کي سنڌي ويس ڍڪايو آهي ۽ اُن ۾ خيال جي وسعت پيدا ڪئي آهي. ”عجيب جواهر“ ۾ هن يورپ جي شاعريءَ کي سنڌي ۾ الٽو ڪيو آهي، اُنهن مان ڪجهه چونڊ شاعرن جا نالا ڏسو… شيڪسپيئر، لارڊ بائرن، ڪالرج، ڪيٽس، ورڊ سورٿ والٽر اسڪاٽ، ٽينيسن ۽ ايليٽ وغيره. ايليٽ جي خوبصورت خيال کي، قليچ، سنڌي ۾ آڻيندي اُن کي صفا ڄڻ پنهنجو نظم بنائي ڇڏيو آهي. ننڍڙيون شيون نظم جو عنوان آهي:

ننڍڙا پَل ڏينهن رات بنائن

ننڍڙا خيال ڪتاب –

ننڍڙا ٻج درخت اپائن

ننڍڙا ڦڙا سيلاب-

ننڍڙيون چڻنگون باهيون ٺاهن

ننڍڙيون ذريون پهڻ-

ننڍڙيون ٻوليون راڳ ٿيون ٺاهن،

ننڍڙيون ڇيليون ڌڻ-

ننڍڙو تحفو دوست سڄي جو

نت ٿو جئي جياري-

ننڍڙو لفظ، مُنهان جو نڪري

ٺاري ٿو يا ماري-

مرزا اسد بيگ صاحب جن جو چوڻ آهي ته، ”قليچ بيگ جي شاعري ڄڻ مختلف موضوعاتي نظمن جي ڊڪشنري آهي، جنهن ۾ مهد کان وٺي لحد تائين دنيا جي لڳ ڀڳ هر موضوع تي گهٽ ۾ گهٽ ٻه شعر يا وڌ ۾ وڌ هڪ پورو نظم ضرور موجود آهي. ڪٿي اُهو سندن پنهنجو طبعزاد آهي ۽ ڪٿي وري ترجمي جي صورت ۾- ۽ اِهو سڀ ڪجهه پاڻ اِن ڪري ڪيو اٿن، جيئن گل گل جي سرهاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ مستقبل جي پڙهندڙن کي موجود ملي“. مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل شاعريءَ بابت مرزا صاحب جي هڪٻئي فرزند ۽ سندس نقاد مرزا اجمل بيگ صاحب جن جو خيال آهي ته: ”مرزا صاحب اخذ ڪرڻ جي وڏي صلاحيت رکندڙ شاعر هو. سندن سڀ کان وڏي انفرادي خصوصي تقليد ۽ انتخابيت آهي- يعني ٻين جي اثرات کي اخذ ڪري پنهنجي رنگ ۾ اهڙيءَ طرح رنگي ٿو ڇڏي، جو ڪنهن قسم جو امتياز ڪري نٿو سگهجي.“ مرزا صاحب خود پاڻ به پنهنجي اُن تخليقي عمل بابت فرمايو آهي ته:

موتي مضمون جا ڪڍان ڳولي،

شعر جي بحر جو آهيان غواص.

پنهنجي شعر لکڻ واري صورتحال کي به پاڻ نهايت تخليقي انداز ۾ منظورم ڪري ڏيکاريو اٿن.

ڌيان ڏئي منهنجي شعر سازي ڏس

سنهڙي ڌاڳي تي، ترڪ تازي ڏس

ڪيئن آءُ ڪوريئڙي وانگي ڊوڙان ٿو

تار تي بيهي راند کيڏان ٿو.

اڄ هتي پهريون دفعو اِهو انڪشاف ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ”نثري نظم“ جهڙي جديد ترين صنف جو موجد به اسان جو هيءُ ”صاحبِ اختراع“ مرزا قليچ بيگ صاحب ئي آهي- ۽ پاڻ اِها صنف اُن وقت سنڌي ۾ متعارف ڪرائي هئائون، جڏهن 1898ع ۾ پاڻ ٿرپارڪر جا ڊپٽي ڪليڪٽر هئا - ۽ اهڙا نثري نظم سندن اڻ ڇپيل شهري مجموعي ”هزليات“ ۾ موجود آهن، جيڪو پاڻ 1929ع ۾ مرتب ڪيائون ۽ جنهن جي مٿان رقم ڪيو اٿائون ته ”هيءُ ڪتاب صرف بزرگ پڙهن.“


[1]  راشدي صاحب کي اهو مسودو ڪريم بخش خالد وٽان مليو هو - ايڊيٽر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com