سنڌي اسڪول ۾ پڙهندي، هڪڙي هندستاني ڇوڪري رستم
خان نالي سان منهنجي دوستي ٿي، هو منهنجي همعمر ۽
هم سبق هو. حسن خان جو پٽ هو. اصل سورت شهر جو هو
۽ محمد فاضل، منصف حيدرآباد، واري جو مائٽ هو.
اڪثر آچر جي ڏينهن هو اسان جي گهر ايندو هو ۽ ڪڏهن
آءُ به سندس گهر ويندو هوس ۽ هن جي ماءُ مون کي
گهڻو پيار ڪندي هئي، تيئن منهنجي ماءُ وري هن کي
پيار ڪندي هئي. اُنهن ڏينهن ۾ ڪرسين ميزن جو رواج
ڪو نه هو. ڪرسين جي بدراناڪثر پُٺ جي ٽيڪ واريون
منجيون ڪم اينديون هيون. ڪاٺ جي ڪرسي، واڻ سان
واڻيل کي ’گاديل‘ چوندا هئا. اهڙي هڪڙي ڪرسي، ميرن
جي صاحبيءَ واري اسان جي گهر ۾ هوندي هئي. اسڪول ۾
ڪرسيون ۽ ميزون ڏسندا هئاسين جڏهن رستم خان مون وٽ
ايندو هو، تڏهن آءُ ڀائيندو هوس ته گهر ۾ ڪابه ميز
ڪرسي رکي ويهون ۽ اُنهيءَ تي لکون پڙهون ته چڱو.
اسين هڪڙيءَ ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ ڌار ويهندا هئاسين ۽
اُها گاديل ۽ ڪا ٻي صندوق رکي ڪرسي ڪري ڪم آڻيندا
هئاسين ۽ميز جي لاءِ گهڙا منجي وچ تي رکي، اُنهيءَ
جي مٿان در جو طاق يا ڪو ٻيو تختو رکي، مٿس پڙو
وجهي، ميز ٺاهي اُنهيءَ تي ويهي لکندا هئاسين.
اٺن نورهين جي عمر ۾ سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ وقت هڪڙي
چوري ڪيم، سا اڃا تائين مون کي ياد آهي. نوڪر سان
گڏ، فقيري جي پڙ مان لنگهي، اسڪول ڏي ٿي وياسين.
هڪڙي هَٽ تي بيهي، نوڪر ڪا شيءِ ٿي ورتي. اکروٽن
جو ٿالهه ڀريو، هٽ جي ڪناري تي رکيو هو. واڻيو
نوڪر سان مشغول هو. مون کي شايد اکروٽن جي لالچ
ٿي. واڻئي نٿي ڏٺو. مون ٻه اکروٽ کڻي، پنهنجي کيسي
۾ وجهي ڇڏيا. پوءِ نوڪر سان گڏجي، بازار ڏيئي،
اسڪول ڏي هلياسين. جڏهن بازار جي اڌ ۾ سَرور جي
قبيءَ وٽ آياسين، تڏهن پُٺيان اُهو واڻيو به اچي
پهتو. شايد ڪنهن ٻئي مون کي اکروٽ کڻندي ڏٺا هئا،
تنهن ٻڌايس. مون کي چيائين ته ’اکروٽ کنيا اٿئي،
سي ڏي!‘ مون ماٺ ڪري، کيسي مان ٻيئي اکروٽ ڪڍي ڏنس
۽ هو هليو ويو. آءُ ڏاڍو ڦِڪو ۽ پشيمان ٿيس. اڄ
تائين، اُها چوري ياد ڪري پشيمان ٿيندوآهيان. جڏهن
ڪڏهن ڪي اکروٽ ڏسندو آهيان، تڏهن اُها ڳالهه ياد
پوندي اٿم۽ اُنهيءَ ڪري اکروٽ اصل ڪين کائيندو
آهيان ۽ وڻندا به نه اٿم. شڪر ڪندو آهيان ته اُهي
ٻه اکروٽ هڪدم کائي نه ڇڏيم ۽ اُها چوري به نه
ڦٻيم، ۽ حق مالڪ کي مليو.
جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي، سنڌي اسڪول جي پهرئين
ڪلاس يا مٿئين درجي ۾ آياسين، تڏهن ادو مرزا صادق
علي بيگ، جو تڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو سو اسان
ٻنهي کي گهر ۾ انگريزي پڙهائڻ لڳو. سگهوئي پوءِ
اسين به ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ وڃي ويٺاسين.
اسان اڳيئي ٻه ڪتاب انگريزي گهر ۾ پڙهيا هئا، تنهن
ڪري اسان کي هڪدم ٻئي ڪلاس ۾ رکيائون ۽ سگهوئي
پهرئين ڪلاس ۾ آياسين. هيڊ ماستر مسٽر لڪشمن وشنو،
مرهٽو هو. اُنهيءَ اسڪول ۾ اسان چڱو نالو ڪڍيو ۽
چال چلت اهڙي چڱي رکي سين، جو ماستر اسان جي تعريف
ڪندا هئا. مون کي ياد آهي ته آءُ هميشہ پهريون
نمبر ويهندو هوس ۽ ساري ڪلاس ۾ بلڪ ساري اسڪول ۾،
سڀني کان زياده هشيار ليکبو هوس. اُها ائنگلور
ورنيڪيولر اسڪول جي عمارت اُها آهي، جتي هاڻي هاءِ
اسڪول آهي. اُتان چڙهي، پوءِ اسين هاءِ اسڪول ۾
آياسين، جا تڏهن ڪلاڪ واري عمارت ۾ هئي. جتي هاڻي
ٽريننگ ڪاليج آهي. تڏهن هيڊ ماستر، مسٽر وهامن
اَباجي مووڪ هوندو هو. پوءِ مسٽر ڪيشوراءِ هيڊ
ماستر آيو ۽ مسٽر راماڪنٺ، پهريون اسسٽنٽ هو. گهڻي
پنڌ تان ايندا هئاسين ۽ شام جو دير سان موٽي گهر
ويندا هئاسين، تنهن ڪري سبقن ياد ڪرڻ جو چڱو وجهه
نه ملندو هو ۽ اسان جي ڪوشش اُها هئي ته سبق برابر
ياد ڪريون ۽ مٿي ويهون ۽ جيئن هيٺئين انگريزي
اسڪول ۾ نالو ڪيو هوسين، تيئن هاءِ اسڪول ۾ به
نالو ڪڍون، تنهن ڪري شام جو چئين وڳي موڪل ملڻ ۽
اسڪول بند ٿيڻ کانپوءِ اسڪول جي در وٽ دڪيءَ تي
ويهي، ٻئي ڏينهن جي سبق جون معنائون ڪڍي ۽ ياد
ڪري، گهڻو ڪم لاهي ڇڏيندا هئاسين. جڏهن اونداهي
ٿيڻ لڳندي هئي، تڏهن اُتان هلندا هئاسين ۽ ڏين ٻرڻ
مهل گهر ايندا هئاسين. پوءِ ماني کائي، ٿڪ ڀڃي وري
رات جو ويهي پڙهندا هئاسين. تڏو وڇائي وچ تي
شمعدان يا ڏياٽي رکي، يا دلو اونڌو ڪري انهيءَ تي
ڏيو رکي، ويهي پڙهندا هئاسين. تڏهن ڪروسن تيل ڪو
نه هو. ڪڙو تيل ٻرندو هو،؛ بتيون ۽ چمنيون به عام
نه هيون. اسان جون ڀيڻون به اُتي ويهي پڙهنديون
هيون؛ بلڪ پاڙي جون ڪي عزيز ڇوڪريون به اُتي اچي
پڙهنديون هيون؛ اُنهن کي امان پڙهائيندي هئي. اڪثر
قرآن ۽ سنڌي پڙهنديون هيون. صبح جو وري سياري ۾،
اُس تي تڏو وجهي، ويهي پڙهندا هئاسين ۽ جڏهن اسڪول
ڏي وڃڻ جو وقت ٿيندو هو، تڏهن سنبري هليا ويندا
هئاسين. ڪلاڪ گهڙيال عام نه هئا، هڪڙو وڄڻ وارو
وڏو ڪلاڪ، ناني مرحوم وٽ هوندو هو، جنهن کي اٺين
ڏينهن ڪنجي ايندي هئي، پهرين ڏينهن ۾ مون کي ياد
آيو ته ماستر وشنو گهنشام، آچر جي ڏينهن ايندو هو
۽ اُهو اُنهيءَ کي ڪنجي ڏئي، ڪوڪ ڪندو هو. بابي وٽ
هڪڙي سوني واچ هئي، جا بمبئي کان آندي هئائين ۽
اڪثر رات جو پنهنجي سيرانديءَ کان رکي سمهندو هو.
اسان ٻارن، وقت معلومڪرڻ لاءِ ڀت تي ڪاٺي کوڙي، ان
جي پاڇولي جا نشان ڪري ڇڏيا هئا. اُنهيءَ تي ڪلاڪ
شمار ڪندا هئاسين. ڇنڇر جي ڏينهن تمام سويل وڃڻو
ٿيندو هو، ۽ آرڙهه ۾، وقت ڦرڻ ڪري، هر روز صبح جو
سويري اُٿڻو ٿيندو هو. دائي گلچمن ويچاري، اڌ رات
جو اُٿي، اٽو پيهي، ماني پچائي ڏيندي هئي. سا انبن
سان يا مربي سان يا ڪنه نٻي شيءِ سان کائي، اسڪول
روانا ٿيندا هئاسين. چاءِ جو تڏهن رواج عام نه هو.
نانو ۽ بابو ڪڏهن ڪڏه پيئدنا هئا ۽ چاءِ بمبئي مان
گهرائيندا هئا جا سوکڙي ٿي ايندي هئي. چاءِ ۾ تڏهن
کير ڪين وجهندا هئا؛ ليکن کير کانسواءِ ئي لذت
جهڙي ٿيندي هئي. اهڙي لذت هينئر جي چاءِ مان نٿي
اچي.
گهر ۾، اسين سڀ گڏجي ماني کائيندا هئاسين. ماني،
هيٺ گلم يا تڏي تي کائيندا هئاسين. بابو، امان، ۽
ڀائر ڀيڻون سڀ گڏجي ويهندا هئاسين. بابي کي ڀڄي
گهڻي وڻندي هئي ۽ ليمو يا ٻي کٽاڻ به گهڻي وڻندي
هئي. گوبي ۽ سالڊ عام نه هئا. پر بابو سرڪاري باغن
مان گهرائيندو هو ۽ ”سالڊ“، جنهن کي ”ڪاهو“ سڏيندا
هئا، سو بابو شڪنجبين سان گڏي کائيندو هو. آچار ۽
مربا، بابو تمام چڱا ۽ گهڻا جوڙيندو هو، جي مانيءَ
وقت ڪم ايندا هئا؟ بلڪه سُرڪو به پنهنجن هٿن سان
پاڻ جوڙيندو هو. مَٽن ۾ ٺاهي، زمين ۾ پوري ڇڏيندو
هو ۽ چاليهن ڏينهن کانپوءِ ڪڍي، آچار يا کائڻ جي
ڪم ۾ آڻيندو هو.
آءُ اسڪول ۾ انگريزي پڙهند هوس، مگر گهر ۾ مون کي
بابو، فارسي ۽ عربي پڙهائيندو هو. شعر جا ڪتاب،
خاص طرح حافظ، صائب، بيدل جا ۽ شاهنامو وغيره پاڻ
پڙهندو هو ۽ آءُ ٻڌندو هوس. ڪٿي ڪٿي وري مون کي
سمجهائيندو هو، اُنهيءَ ڪري، گهر ۾، فارسي لکڻ
پڙهڻ جي مون کي استعمالي چڱي ٿيندي هئي. آءُ وري
گهر ۾ پنهنجيءَ وڏيءَ ڀيڻ کي فارسي پڙهائيندو هوس.
هوءَ گلستان، بوستان ۽ ٻيا ڪتاب پڙهي ۽ سنڌي ته
چڱيءَ طرح لکي پڙهي ويندي هئي وري جيئن ادو مرزا
صادق علي بيگ گهر ۾ پهرين اسان کي انگريزي
پڙهائيندو هو، تيئن آءُ وري اَدي جعفر قلي ۽ نجف
قليءَ کي گهر ۾ اڳواٽ انگريزي پيو پڙحائيندو هوس.
جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي، سنڌي اسڪول مان نڪري
انگريزي اسڪول ۾ وياسين، تڏهن ادو جعفر قلي ۽نجف
قلي، وري جوڙي ٿي، سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ لڳا، جن سان
خميسو يا يوسف يا ٻيو نوڪر ايندو ويندو هو.
انگريزي هاءِ اسڪول ۾ جيئن ادي مرزا صادق علي بيگ
پڙهڻ ۽ چڱيءَ چال ۾ نالو ڪڍيو ۽ پوءِ بمبئي ڪاليج
۾ ويو، تيئن وري مون پنهنجي واري ۾ اسڪول ۾ نالو
ڪڍيو ۽ هن وانگي امتحانن ۾ مٿي آيس ۽ وڏا وڏا
انعام کٽيم. ماستر ڪيشوراءِ هيڊ ماستر مون کي گهڻو
ڀانئيندو هو. اسين ٻيئي ڀائر صبح جو سويلو گهران
هلي ماستر جي گهر ايندا هئاسين. اُتي هو اسان کي
خانگي طور پڙهائيندو هو. ڏهين بجي ڌاري ساڻس گڏجي
اسڪول ۾ ايندا هئاسين. سڀ ڪنهن ڪلاس ۾ هميشہ مٿي
نمبر رکندو هوس ۽ اڪثر پهريون رهندو هوس. جڏهن ڪو
صاحبلوڪ يا ڪو وڏو ماڻهو اسڪول ڏسڻ ايندو هو، تڏهن
ماستر انهن سان منهنجي بابت ذڪر ڪندو هو ۽ جيڪي
مضمون منهنجا انگريزي ۾ لکيل هوندا هئا، سي هُنن
کي ڏيکاريندو هو. اسڪول ۾ پڙهندي، پادري مسٽر شرٽ
جي مڊم وٽ، انگريزي ميوزڪ يا راڳ پيو سکندو هوس.
مسٽر ۽ مسز شرٽ مون تي نهايت مهربان هوندا هئا ۽
پڇاڙيءَ تائين اهڙا هليا آيا.
پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ يعني سن 1887ع ڌاري، ادو مرزا
غلام رضا بيگ، هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر ٿيو هو ۽
پارسي پڙهائيندو هو. اسي رپيا پگهار ملندو هوس.
مون کي فارسي اڳ ئي ايندي هئي، تنهن ڪري
مئٽريڪيوليشن ۾ عربي وٺڻ جو ارادو ڪيم پنهنجي
منهن پيو پڙهندو هوس ۽ مشڪلاتون، حاجي قاضي احمد،
سنڌي اسڪول جي هيڊ ماستر کان حل ڪرائيندو هوس؛ پر
پوءِ سگهوئي، ادو مرزا غلام رضا بيگ، ميرپور خاص
جي ميرن جو ماستر مقرر ٿيو ۽ سندس جاءِ تي، اڌ
پگهار تي يعني چاليهن رپين تي مسٽر فلٽن ايڊوڪيشنل
انسپيڪٽر، مون کي پرشن يچر ڪري رکيو. آءُ پاڻ
پهرئين ڪلاس ۾ هوس ۽ ٻين ڪلاسن کي پارسي پڙهائيندو
هوس؛ پر اُنهيءَ سال مئٽريڪيوليشن امتحان ۾ ’ايلس
پرائز‘سٺ روپئي جي، سنڌي ٻوليءَ تي ٺهرائي ويئ
هئي. اُنهي جي لالچ تي، عربيءَ يا فارسيءَ جي
بدران سنڌي ورتيم ۽ اُها پرائز کٽيم، جا بمبئي جي
يونيورسٽي مان مون کي ملي ۽ اُنهيءَ جا ڪتاب اڃا
مون وٽ آهن ۽ ڪم پيا اچن.
آءُ اڃا مئٽريڪيوليشن جي لاءِ بمبئي نه ويو هوس،
جو اڳي اُهو امتهان اُتي ٿيندو هو ته بابي وفات
ڪئي، يعني 1288 هجري – 1871ع ۾. بابي کي پيچش جي
بيماري هئي، جنهن کي ڊسنٽري ٿا چون. دادا ڀائي
سامسن ۽ رحمان خان ڊاڪٽر، بابي جي دوا ڪرڻ ايندا
هئا ۽ آءُ هر رهوز اسپتال مان پاڻ وڃي دوا وٺي
ايندو هوس؛ پر آخر شفايابي نه ٿي ۽ بابي وفات ڪئي،
جيئن مٿي به چيو ويو آهي، بيماريءَ يا وفاتيءَ جي
خرچ لاءِ، اسان کي بابي جي سوني واچ نيڪال ڪرڻ جو
ضرور ٿيو ۽ اُها ڊاڪٽر امسن پاڻ ورتي. مون کي ياد
آهي ته آءُ واچ کيس گهر ڏيئي آيس ۽ هن مون کي ٽي
سؤ رپيا ڏنا. واچ عمدي، ميڪيب جي ڪارخاني جي هئي،
جا زياده قيمتي ۽ ڪامياب شمار ٿيندي هئي.
(3) منهنجي جوانيءَ ۽ مٿينءَ تعليم جو احوال
بابي جي وفات کانپوءِ ٻئي سال آءُ بمبئيءَ ويس ۽
ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيس. بمبئيءَ ڏي ويندي يا
موٽندي، ڪراچي ۾ آءُ پهرين قاضي محمد اشرف وٽ
ٽڪندو هوس؛ پوءِ مسٽر تاپيداس هاءِ اسڪول جي ماستر
وٽ؛ ۽ پڇاڙي ۾ مسٽر حسن عليءَ وٽ، جو سندس پٽ مسٽر
علي محمد به ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو هو. ادو مرزا
صادق علي بيگ تڏهن اڃا ڪاليج ۾ هو ۽ پرشن فيلو به
هو. اُنهيءَ سال ۾ به. اي. پاس ڪيائين، پهرين اسين
ٻئي گڏ رهندا هئاسين، ۽ هڪٻئي جي صحبت ۾ ڏاڍا خوش
هئاسين. تڏهن مسٽر چئٽفيلڊ پرنسپال هو ۽ جمولوي
عبدالفتاح عربيءَ ۽ فارسيءَ جو پروفيسر هو. ادي
صادق علي بيگ، عربيءَ ۾ بي. اي. پاس ڪيو، پر مون
فارسي کنئي. سگهوئي پوءِ ادو صادق علي بيگ
حيدرآباد آيو ۽ آءُ اڪيلو رهڻ لڳس. مولوي
عبدالفتاح جي جاءِ تي پروفيسر مرزا حيرت آيو ۽
پرنسپال پروفيسر ورڊ سورٿ آيو. اُنهيءَ کان پوءِ
پروفيسر اگز نهام آيو. مسٽر جائلس، جو پوءِ سنڌ ۾
آيو ۽ ڊائريڪٽر به ٿيو. سو ۽ پروفيسر هاٿارن ٿوبت
به اُتي پروفيسر هئا.
ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ تي مون کي سنڌ مان هڪڙي اسڪالر
شپ، ويهن رپين جي ملي، جا اڳي منهنجن وڏن ڀائرن کي
به ملندي هئي؛ بلڪ ادي جن کي ته ارڙهن رپيا نوڪر
جو پگهار به سرڪار مان ملندو هو. اُنهن ڏينهن ۾
مسٽر فلٽن، سنڌ ۾ ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ اُهو
اَدي جن تي ۽ مون تي تمام گهڻو مهربان هو ۽ اسان
کي هر طرح جي سهولت ۽ مدد موجود ڪري ڏنائين. جڏهن
هو بدلي ٿي بمبئي هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار ٿي آيو،
تڏهن بمبئي ۾ مون کي وقت بوقت اچي ڏسندو هو ۽
همٿائيندو هو. اُنهيءَ صاحب جا ڪي خط ٻارهين باب ۾
ڏجن ٿا. (نمبر 15 ۽ 16)
وقت جا پروفيسر يا فيلو سڀ مون منجهان راضي هوندا
هئا ۽ مون تي مهربان رهندا هئا؛ خاص پروفيسر مرزا
حيرت، جو مون کي نه فقط شاگرد وانگي پر پُٽ وانگي
سمجهندو هو ۽ محبت ڏيندو هو. منهنجي وقت ۾ ڪاليج
جا فيلو، مسٽر مودي ۽ مسٽر واڊيا ۽ مسٽر بابا
هوندا هئا. مسٽر واڊيا کي شعر جو محاورو هوندو هو
۽ مون کي شاعر جا قانون خانگي طرح سيکاريندو هو ۽
جيڪي انگريزي شعر آءُ ٺاهيندو هوس، تن جي اصلاح
ڪندو هو. مرزا حيرت وٽ آءُ هر روز شام جو ويندو
هوس؛ ۽ رات جو ڳچ تائين سندس صحبت ۾ رهندو هوس؛
صبح جو به ويندو هوس. آءُ ڪلارڪ وانگي، سندس
خانگي يا سرڪاري لکپڙهه به ڪندو هوس. ڪتاب جيڪي
وٽس راءِ ڏيڻ لاءِ ايندا هئا. سي به مون کي ڏسڻ ۽
راءِ ڏيڻ لاءِ ڏيندو هو. امتحانن ۾ سوالن ڪڍڻ ۽
جوابن ڏسڻ ۾ به آءُ خانگي طرح گهڻي مدد ڏيندو هو
سانس. پهرئين سال ئي هن کي معلوم ٿيو ته فارسي ۽
عربي آءُ زياده ڄاڻان ٿو. اسان کان جيڪي وقت بوقت
امتحان وٺندا هئا، تن ۾ فارسيءَ جي پيپر ۾ هو
هميشہ مون کي سَوَ مان سؤ مارڪون ڏيندو هو، جنهن
تي ٻيا سڀ پروفيسر کِلندا هئا ۽ مرزا حيرت جي هلت
تي حيرت ۾ پوندا هئا. خانگيءَ وقت ۾ هو مون سان
هزارين مضمونن تي گفتگو ڪندو هو ۽ جدا جدا شاعرن
جا شعر ٻڌائيندو هو. جيڪي مضمون، ٽرم جي پوري ٿيڻ
تي ڏيندا هئا ۽ جن تي انعام به آڇيل هوندو هو، تن
۾ هميشہ افرسيءَ ۾ مون کي انعام ملندو هو. فارسيءَ
۾ آءُ شعر جوڙي کيس ڏيکاريندو هوس، تن ۾ درستي
ڪندو هو ۽ علم عروض جا قانون چڱيءَ طرح سمجهائيندو
هو. پاڻ گهڻين ٻولين ۾ هوشيار هو. تُرڪي به ڄاڻندو
هو، تنهنڪري مون کي به ترڪي زبان سکڻ جو شوق ٿيو ۽
هن مون کي ايتري سيکاري، جو اُنهيءَ ٻوليءَ ۾ به
آءُ شعر چوڻ لڳيس ۽ اُنهن جي درستي به هو ڪندو هو.
سندس معرفت آءُ آغا خان وڏي ۽ سندس خاندان جي
ماڻهن سان واقف ٿيس ۽ اڪثر اُنهن وٽ وڃي ڏينهن
گذاريندو هوس ۽ ماني کائيندو هوس. آغا خان جو ننڍو
پٽ آغا اڪبر شاهه، خاص طرح منهنجو دوست هو ۽ همعمر
هو ۽ اُهو به مرزا حيرت وٽ ايندو هو ۽ اُنهيءَ کان
انگريزي سکندو هو. ترڪي قانصل، بمبئيءَ واري سان
به منهنجي معرفت ڪرايائين، جنهنڪري ترڪي ڳالهائڻ ۽
پڙهڻ جي مون کي زياده استعمالي ٿيڻ لڳي، مرزا حيرت
مرحوم جي گهڻن خطن مان چار خط (نمبر 8 کان 11
تائين) باب ٻارهين ۾ ڏجن ٿا.
ڪاليج ۾، پارسي قوم جي شاگردن، مرهٽن ۽ گجراتين
سان گهڻو واسطو رهندو هو ۽ اُنهن سان پڻ دوستي ٿي.
پروفيسر ڀنڊارڪر، سنسڪرت جو پروفيسر هو ۽ اڳي
حيدرآباد جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي ويو هو.
هو منهنجن ٻن وڏن ڀائرن جو استاد هو، تنهنڪري مون
تي به گهڻو مهربان ٿيڻ لڳو. مسٽر تلنگ، سندس
اسسٽنٽ هو. اُنهن جي سنگت ۾ مون کي سنسڪرت سکڻ جو
به ُشق پيدا ٿيو ۽ پهريان ٻه ٽي ڪتاب پڙهيم.
گجراتي ٻولي به سکيس ۽ اُها چڱي طرح لکي پڙهي
ويندو هوس. ساڳيءَ طرح مرهٽي ٻولي به ٿوري گهڻي
سکيس ۽ اڃا تائين اُنهن ٻولين جي لکڻ پڙهڻ جي ٿوري
گهڻي استعمالي ڪندو اچان. اُنهيءَ شوق ۽ صحبت ڪري،
هندن ۽ پارسين جي مذهبي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽
اُنهن تي اُنهن مذهبن جي شاگردن سان بحث ڪرڻ جو به
چڱو وجهه ملندو هو، تنهنڪري تعصب نڪرندو ويو. ٻين
مذهبن جا اصول به پوريءَ طرح سمجهڻ ۾ اچڻ لڳا ۽
پسند ٿيڻ لڳا. مرزا حيرت تصوف مان واقف هو ۽ پڪو
صوفي هو؛ تنهن ڪري مون کي به تصوف جي پوري واقفيت
ٿي. مطلب ته جيئن ننڍي هوندي مون پنهنجي پيءُ جي
صحبت مان علمي مايو وڌايو ۽ گهڻو ئي ڪي پرايو،
تيئن بمبئي ۾ مرزا حيرت جي صحبت ان به گهڻو ئي ڪي
حاصل ڪيم. اُنهيءَ لاءِ آءُ سندس گهڻو شڪر گذار
آهيان ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين احسانمند رهندس.
فارسي ۾ هشياريءَ جي ڪري ۽ شاگردن جي تعداد زياده
هئڻ ڪري، مرزا حيرت جي لکڻ تي، مون کي ڪاليج ۾
فيلو مقرر ڪيائون، جو هيٺين ڪلاسن کي بلڪ ڪڏهن
مٿين ڪلاسن کي به فارسي پڙهائيندو هوس؛ جهڙي طرح
هاءِ اسڪول ۾ پاڻ پڙهندي ٻين کي فارسي پڙهائيندو
هوس. ڪاليج جي پرنسپالن جا ٻه خط، منهنجي ترقي
بابت هيٺ ٻارهين باب (نمبر 5 ۽ 6) ۾ ڏنا ويا آهن.
تن ڏينهن سنڌ جي شاگردن مان منهنجا ڪاليج جا
سنگتي، مسٽر هاسارام منگهر ملاڻي، مسٽر ٽيڪچند
واسواڻي، مسٽر ليلارام لالواڻي، مسٽر سهيانومل
ملڪاڻي ۽ مسٽر دولت رام هئا، جن مان فقط مسٽر
ليلارام اڃا حيات آهي، اُتي جا همسبق مسٽر داور،
مسٽر چندورڪر، مسٽر آدرجي دلال، مسٽر ڪائوسجي جيجي
ڀائي، مسٽر رستمجي پٽيل ۽ ٻيا ڪي هئا، جن مان گهڻا
مشهور ٿي گذريا آهن.
انهيءَ وقت جي هڪڙي ڳالهه ياد ٿي پوي، جنهن ۾ مون
تي پنهنجي نالائقي ۽ بيعقلي قبول ڪرڻي ٿي پوي:
سنڌي شاگردن مان هڪڙي کي، مرزا حيرت جي مهرباني
ڏسي، مون کي حسد پيدا ٿيو ۽ انهيءَ، ”ٽائمس آف
انڊيا“ اخبار ۾ ڪي خط وڌا، جن ۾ مرزا حيرت جي
شڪايت ڪيائين ۽ منهنجي فيلو ٿيڻ تي اعتراض
آندائين. اُهي خط گمنام هئا، جي ڏسي، مرزا حيرت کي
ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. آخر ٻيا سنڌي شاگرد، جي منهنجا
دوست ۽ زياده خير خواهه هئا، تن کي خبر پئجي وئي
ته لکندڙ اُهو بلڪ هُن هڪڙو ٻيو خط لکي ٽپال ۾
وجهڻ لاءِ پنهنجي نوڪر کي ڏنو، جو هنن ڪنهن تجويز
سان اُنهيءَ کان وٺي مون کي ڏنو. مون کي به ڏاڍو
ارمان ٿيو ۽ پنهنجن سنڌي دوستن جي چوڻ تي اُهو خط
مون وڃي مرزا حيرت کي ڏيکاريو، جنهن کي نهايت ڏک
ٿيو ۽ ڪاوڙ به لڳي، ڇالاءِ جو هو سڀني شاگردن تي
مهربان هوندو هو ۽ شاگرد وٽس گهڻو ويندڙ هو. هُن
اُهو خط چڙ ۾ ڦاڙي ڇڏيو، اُنهيءَ سنڌي شاگرد کي
گهڻو ڳالهايائين ۽ وري ڪڏهن به پاڻ وٽ اچڻ نه
ڏنائين. اُنهيءَ حرڪت ڪري آءُ بروقت پشيمان ٿيس ۽
اڃا تائين پشيمان آهيان ته ائين نه ڪريان ها ته
چڱو هو!
ڪاليج ۾ پڙهندي، مون لاڪلاس، يعني قاعدي جي اسڪول
۾ به پئي پڙهيو، اِنهيءَ خيال سان ته بي. اي.
کانپوءِ، ايل. ايل. بي. لاءِ وڃي سگهان. قاعدي جو
پهريون امتحان جو رس پروڊنس به پاس ڪيم.
ڪاليج ۾ مون کي سنڌ جي اسڪالر شپ ويهه رپيا ماهوار
ته ملندي هئي، پر اُتي ڪاليج جي امتحانن پاس ڪرڻ
ڪري ٻي اسڪالر شپ به ويهين رپئين واري جدا ملندي
هئي. اُنهيءَ کانسواءِ، خانگي طرح ڪي دولتمند
پارسي شاگرد، مون کان پارسي پڙهندا هئا ۽ اُنهيءَ
لاءِ پنج ڏهه رپيا ڏيندا هئا. جنهن ڪري منهنجو
گذران چڱي طرح ٿيندو هو. سنڌ مان آيل نوڪر به مون
سان گڏ رهندو هو. ٻي مدد پئسي جي پنهنجن وڏن اڀئرن
کان، خاص ڪري ادي مرزا صادق علي بيگ کان، وقت بوقت
ملندي رهندي هئي. ٽرم پوري ٿيڻ تي مهينو ڏيڍ
وئڪيشن ملندي هئي ۽ اُنهي ۾ اڪثر آءُ ڳوٺ ايندو
هوس. ايف اي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ جڏهن وئڪيشن
تي آيس، تڏهن ادو غلام رضا بيگ، جو اڃا ميرپور خاص
جي ميرن جو ماسٽر هو ۽ ادو صادق علي بيگ، ڪراچي ۾
ڊيپوءَ جو ڪوريٽر هو، ٻنهي وٽ وڃي ڪي ڏينهن رهيس.
اُنهيءَ کانپوءِ وري جڏهن وئڪيشن تي آيس، تڏهن ادو
مرزا غلام رضا بيگ، ٽنڊي محمد خان جي ميرن وٽ هو.
۽ ادو مرزا صادق علي بيگ، شڪارپور جي هاءِ اسڪول
جو هيڊ ماستر هو. وري به ٻنهي وٽ وڃي اڳئين وانگر
ڪي ڏينهن گذاريم. هنن جي صحبت ۾ منهنجو هئڻ ڪري هو
به ڏاڍو خوش گذاريندو هئا.
آءُ بمبئيءَ ۾ هوس ته منهنجي غير حاضريءَ ۾، امان
سنه 1293هه (سنه 1876ع) ۾ وفات ڪئي. ترت آءُ به
وئڪيشن تي آيس. مون کي امان جي مرڻ جي خبر نه هئي.
ڳوٺ اچي ڏسان ته ٽيجهي جي ماني، اوطاق ۾ پئي هلي ۽
ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن. مون کي ماءُ جي مرڻ جو ٻڌي
ڏاڍو افسوس ٿيو. اُها سڄي وئڪيشن ماتم ۾ گذاريم،
پوءِ به لاچار بمبئي آيس، نه ته اچڻ جي مرضي نه
پئي ٿي. بمبئي ۾ به منهنجو حال خراب ٿيڻ لڳو ۽
نتيجو اِهو ٿيو ته بي اي ۾ فيل ٿي پيس؛ ۽ انهي ڪري
پاڻ دل زياده شڪسته ٿي، پر لاچار وري به محنت ڪرڻ
لڳيس. منهنجي فيل ٿيڻ تي جهڙو منهنجن عزيزن کي،
تهڙو ڪاليج جي پروفيسرن ۽ دوستن کي حيراني به لڳي
۽ ارمان به ٿيو. جيترو اڳي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ نالو
ڪڍيو هوم، اوترو هينئر زياده شرمندو ۽ ملول ٿيڻ
لڳس. پوءِ ته سگهو ئي بيمار ٿي پيس ۽ ڊسنٽري يا
پيچش ۽ سوري اچي ٿيم. ڪاليج ۾ منهنجي اڀياس ۽
ترقيءَ جون، ٻن پرنسپالن جون رپورٽون، باب ٻارهين
۾ ڄاڻايل آهن.
اُها بيماري مهينن جا مهينا هلي ۽ اهڙو بيمار ٿيس،
جو ڊاڪٽرن صلاح ڏني ته هلي اسپتال ۾ داخل ٿجي ته
جيئن اُتي ڊاڪٽر ذري ذري نظر ڪري، تنهنڪري لاچار
آءُ ڪاليج مان نڪري، مسٽر خورشيد جي ڪنٽراڪٽر ۽
مسٽر رستمجي گمي، جي گهر وڃي رهڻ لڳس. مسٽر
رستمجيءَ جو ڀاءُ، ڊاڪٽر تنجي گمي، منهنجي نظرداري
۽ دوا ڪندو هو. اُتي وڏو ڊاڪٽر به ڪڏهن ڪڏهن نظر
ڪرڻ لاءِ ايندو هو. هڪڙي ڀيري ته ميڊيڪل ڪاليج جو
پرنسيپال ڊاڪٽر ڪڪ به وٺي آيا ۽ پر اڃا به بيماري
جند نه ڇڏي. آخر هنن ڊپ ڏيايرو ۽ صلاح ڏنائون ته
بمبئيءَ جي گهمندو، ملتان تائين آيس ۽ اُتان وري
درياءَ جي رستي، آگبوٽ ۾ چڙهي، ڪوٽڙي آءيس؛ جو
تڏهن ملتان ۽ ڪوٽڙي تائين گڏهه گاڏي ڪانه هئي.
اُنهيءَ سفر جو بيان يا ڊائري مون ڌار لکي آهي ۽
اڃا موجود آهي. رستي ۾ البت سُواريءَ جي تڪليف
رهي، پر ڳوٺ اچڻ بعد ٺيڪ ٿي ويس. ساهي کڻڻ کانپوءِ
وري به بمبئيءَ ويس، اِنهيءَ لاءِ ته بي اي پاس
ڪريان. پر وڃڻ سان وري به بيمار ٿي پيس. اُنهيءَ
هوندي به وري ڪوشش ڪري امتحان ۾ ويٺس ۽ وري به فيل
ٿيس. اِنهيءَ وچ ۾ اسڪالر شپون به بند ٿي ويون ۽
ڪاليج جي بورڊنگ ۾ رهڻ جو به حق هليو ويو ۽ هوا به
ناموافق ٿي ۽ ذري ذري بيمار ٿيڻ لڳس ۽ دل شڪستو به
گهڻو ٿيڻ لڳس. تنهنڪري لاچار ٿي بمبئي توڙي ڪاليج
جي پچر ڦٽي ڪري هليو آيس ۽ اچي هوا بدلائڻ لاءِ
ادي مرزا صادق علي بيگ وٽ ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳس.
اُنهن پنهنجن مصيبتن جو ذڪر، انگريزي شعر ۾ به
لکيم، جو ”ليِيئر آورس“ ڪتاب ۾ موجود آهي.
تن ڏينهن، ادو مرزا صادق علي بيگ، اسان جي ڀيڻن ۽
داين سان اُتي اچي رهيو هو. اڳي اسان جي خاندان
مان ڪي به پنهنجا اصلوڪا گهر يا ڳوٺ ڇڏي ٻاهر نه
ويا هئا. هميشہ سخت پردي ۾ رهندا آيا. پهريون دفعو
اسان ائين ڪيو، تنهنڪري اوڙي پاڙي وارا البت خدندو
ڪرڻ لڳا، پر اسان اُنهن تي ڌيان ڪو نه ڏنو. مامو
مرزا علي محمد بيگ، ڊيپوٽي، به تڏهن ڪراچي ۾ رهندو
هو. تنهن ڪري اسين سڀ گڏ رهڻ لڳاسين. آءُ به اچي
ساڻن گڏ رهڻ لڳس. مامو عجيب انسان هو؛ تمام چڱي
طبيعت وارو ۽ خداپرست ماڻهو هو. مون سان گهڻي محبت
هوندي هيس ۽ آءُ سندس صحبت ۾ رهي. ڏاڍو خوش ٿيس.
شعر ۽ ڪتابن جي مطالعي جو به شوق هوندو هوس، جنهن
۾ آءُ ساڻس شامل ٿيندو هوس.
سگهوئي پوءِ سنه 1877ع ۾، ادي مرزا صادق علي بيگ
جي، مامي مرزا علي محمد بيگ جي گهران شادي ٿي ۽
اُنهيءَ کانپوءِ اسان جي وڏي ڀيڻ جي شادي، مامي
مرحوم جي پُٽ، مرزا ڪلب علي بيگ سان ٿي، جنهن پوءِ
ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي وفات ڪئي، اسان جي ننچي ڀيڻ جي
شادي، مامي مرزا ولي محمد بيگ جي پٽ مرزا حسين قلي
بيگ سان ٿي، جنن نيٺ محالڪار ٿي وفات ڪئي. اُنهي
جو مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي. ادو مرزا صادق علي
بيگ، پنهنجا ٻار ٻچا وٺي، اچي ڪراچي رهڻ لڳو.
انهيءَ طرح ٻارن ٻچن کي ساڻ وٺي، ٻاهر نوڪريءَ
واري هنڌ ڏانهن وڃڻ جي اسان ۾ رسم شروع ٿي، جا اڳي
سخت پردي جي ڪري نه هوندي هئي. گهران ڏوليءَ ۾ ٻار
نبا هئا ۽ اسٽيشن تي خلاصو گاڏو ڪري، قنات بيهاري،
گاڏي ۾ ويهاربا هئا ۽ ساڳي طرح، وري لهبو هو،
اُنهيءَ ۾ البت پئسو خرچ ٿيندو هو ۽ تڪليف به
ٿيندي هئي، پر عزت آبروءَ جي خيال کان لاچار ٿيندو
هو ۽ سڀني گهر جي ڀاتين گڏ رهڻ ڪري کاڌي پيتي
وغيره جو خرچ گهٽ ٿيندو هو ۽ غير حاضري جي ڪري،
ٻارن ٻچن جي انتظار کان ڇٽي پيو هو.
انهيءَ طرح، ڪراچي ۾ مون کي ٻه ورهيه گذارڻا پيا،
ٻيو ڪم ڪار ڪو نه هوندو هو. بيماري گهڻي ڪاٽي هيم،
تنهن ڪري هوا بدلائڻ، ۽ آرام وٺڻ ۽ تندرستيءَ
وڌائڻ جو چڱو وجهه مليو. پنهنجي منهن ڪتاب مطالع
پيو ڪندو هوس. فريئر هال لائبرري ۽ گاڏي کاتي واير
هاءِ اسڪول جي ويجهو جنرل لائبرري ۾ ويندو هوس.
فريئر هال لائبرري جو لائبررين تڏهن مسٽر موتيرام
شوقيرام لائبررين ٿيو، اُنهيءَ وقت، آءُ انگريزي
شعر به جوڙيندو هوس ۽ انگريزي اخبار ”سنڌ نيوز“ ۾
ڏيندو هوس ۽ فارسي شعر جوڙي فارسي اخبار ’مفرح
القلوب‘ ۾ ڏيندو هوس، جنهن ۾ ٻين وقت جي شاعرن جا
شعر به ڇپبا هئا. انگريزي اخبار جو ايڊيٽر، مسٽر
جيفريز، هوندو هو، جو هوشيار ماڻهو هو؛ مگر شراب
گهڻي پيئڻ جي عادت هوندي هيس. اُنهيءَ سان ۽
اُنهيءَ جي گهر جي ڀاتين سان، منهنجي گهڻي دوستي
هوندي هئي. جڏهن هو شراب پي مست ٿيندو هو، تڏهن
اخبار لکڻ جو هوش نه هوندو هوس؛ تنهنڪري سندس مڊم
۽ ڌين جي چوڻ تي آءُ اخبار ڪڍندو هوس ۽ ليڊنگ
آرٽيڪل يا ٻيو مضمون ڏيندو هوس. آخر مسٽر جيفريز،
مئو به شراب پيئندي. اخبار ”مفرح القلوب“ جو مهتمم
پهرين مرزا مخلص علي هو ۽ پوءِ سندس پٽ مرزا محمد
شفيع هو، جنهن جو ننڍو ڀاءُ مرزا محمد جعفر، پوءِ
ڪراچي جي سنڌ ڪاليج جو پروفيسر ٿيو، اُنهن سان،
توڙي ڪراچي جي ٻين ڪن هندو ۽ مسلمان معزز ماڻهن
سان، منهنجو آمدرفت جو رستو ٿيو – خاص ڪري مسٽر
حسن علي، مسٽر ڏيارام ۽ اُڌارام، مسٽر بينرجي، آغا
پوليس انسپيڪٽر ۽ ڪن ٻين سان پوءِ جڏهن مسٽر
ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج کوليو ٿي، تڏهن اهڙي رٿ
پيش ڪئي هئائين ته مون کي پارسيءَ جو پروفيسر ڪري
رکي؛ پر مون پسند نه ڪيو، جو ارادو هوم ته روينيو
کاتي ۾ نوڪري ڪريان ۽ مسٽر حسن علي، تڏهن مدرسو
قائم ٿي ڪيو، تنهن کي به اُنهيءَ ڪم ۾ مدد ڏنيم.
جنهن جو ذڪر سندس سوانحعمريءَ ۾ مفصل لکيو اٿم.
اُنهن ڏينهن ۾، مامو مرزا علي محمد بيگ، مراد خان
پٺاڻ جي اسٽيٽ جو هلائيندڙ مقرر ٿيو هو ۽ حب نديءَ
تي رهندو هو ۽ پٺاڻن سان گهڻو واسطو هوندو هوس.
آءُ به وٽس ڏينهن جا ڏينهن حَب تي وڃي رهندو هوس.
پٺاڻن سان ڳالهائيندي ۽ صحبت ڪندي ۽ هنن جا شعر
ٻُڌندي، مون کي پشتو سکڻ جو شوق ٿيو. گرامر ۽
ڊڪشنري خريد ڪري، پٺاڻن جي مدد سان پشتو سکڻ لڳس ۽
گهڻا شعر به ياد ڪيم. سگهوئي پوءِ سردار شير علي
خان، قندهار جو والي ۽ سردار محمد حسن خان ۽ سردار
حيدر خان ۽ ٻيا ڪي سردار به نظربند ٿي، ڪراچي اچي
رهڻ لڳا، تن سان به گهڻي صحبت ٿي. اِنهيءَ طرح،
فارسي ۽ پشتو جي چڱي مشغولي ٿي، آغا خان جو وڏو پٽ
آغا علي شاهه به تن ڏينهن ڪراچي ۾ رهندو هو ۽ مسٽر
حسن علي به وٽس گهڻو ويندڙ هو. منهنجو به ساڻس
رستو هو، جو سندس والد آغا خان وڏي ۽ سندس ڀائن ۽
ٻين عزيزن سان گهڻي وافقيت هوندي هئي. آغا خان ۽
سندس مريدن خواجن جي مذهب جو ذڪر ”تحفه اسماعيليہ“
۾ ڏنو اٿم، جو خود خواجن ڇاپايو آهي.
منهنجو ڀاءُ مرزا جعفر قلي بيگ به پوءِ ولايت مان
ڊاڪٽر ٿي آيو ۽ ڪراچي ۾ اسپتال کوليائين. مسٽر
هيرانند، سندس سنگتي هو ۽ اسپتال جي ڪم ۾ گهڻي مدد
ڏيندو هوس ۽ ڪمپائونڊر ٿي ڪم ڪندو هو. مسٽر گپتا ۽
مسٽر بادشاهه پروفيسر به تڏهن ڪراچي ۾ هوندا هئا،
اُنهن سان به سنگت رهندي هئي.
مون کي ياد آهي ته اسين سڀيئي گڏجي، رات جو اڌ رات
تائين، ڪراچيءَ جي شهر، بغدادي ۽ ٻين جاين تي ويس
بدلائي گهمڻ لاءِ ۽ ملڪ ۽ ماڻهن جي خبر رکڻ ويندا
هئاسين، ۽ اُنهي جي حقيقت ۽ سُڌاري جي نسبت ۾
مسٽر گپتا ۽ مسٽر هيرانند، اخبار ”فنيڪس“ ۾ ليک
لکندا هئا، چنڊو خانن، قهوه خانن، ڪڃرين، چڪلن ۽
جوا خانن ۾ ويندا هئاسين ۽ اُنهن جون ڳالهيون ۽
راڳ ۽ شهر جون ٻيون خبرون ٻڌندا هئاسين، جن جي ٻڌڻ
جو ٻيءَ طرح امڪان نه هو. هڪڙي ڀيري ته مون کي
پٺاڻ بڻائي، بغدادي جي هڪڙي دلال کي چيائون ته ”هن
خان جي لاءِ ڪنن سکر گهري جي ڇوڪري گهرجي، نه
بازاير زال.“ هن اسان کا چڱا گراهڪ ڄاڻي، ٽن چئن
سکرن جا نالا ٻڌايا، جتان ڇوڪريون آڻي سگهيو ٿي.
پوءِ هڪڙي جي آڻڻ لاِ چيو ويو. هو اوڏانهن ويو ۽
پٺيان اسين سڀ ڀڄي هليا ويا سين. ويچارو موٽي اچي
پشيمان ٿيو هوندو ۽ شايد ويچاري ڇوڪري کي به
رُلايو هوندائين ۽ اسان کي به خوف گاريون ڏنيون
هوندائين.
اُهو وقت منهنجي جوانيءَ جو هو، ۽ يورپين ماڻهن جي
گهرن ۾ وڃڻ جو گهڻو قتفاق ٿيندو هو ۽ جوان ڇوڪرين
سان صحبت ڪرڻي ٿيندي هئي؛ تنهنڪري انگريزي پوشاڪ،
ڪالر، نيڪٽاءِ وغيره جي عادت پئي ۽ ڏاڙهي جي صافي
ڏيندو هوس. بلڪ اُنهيءَ وقت اهڙو به خيال پيدا ٿيڻ
لڳو ته اُنهن مان ڪنهن يورپين يا يوريشن ڇوڪريءَ
سان شادي جو بندوبست ڪجي پر جڏهن اڃا ته ڪا نوڪري
ڪانه هئي ۽ نه وري ٻي پيدائش هئي. تڏهن في الحال
اهو خيال مهمل رهجي ويو، مگر انگريزي ٻولي ڳالهائڻ
۽ انگريزي راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ بلڪ انگريزي ناچ سکڻ جو
به وجهه مليو. اُنهن ڏينهن ۾، جيڪي انگريزي شعر
چيم، يا اخبار ۾ ڇپايم، يا اُنهيءَ کان اڳي جيڪي
ڪاليج ۾ ٺاهيا هئم، سي سڀ هڪڙي ننڍڙي ڪتاب جي صورت
۾ هڪڙي منهنجي فارسي دوست ڇپايا، جنهن ڪتاب جو
نالو ”ليئر آورس“ آهي. اُهو ڪتاب مون پنهنجي
استاد، پرنسپال ورڊ سورٿ جي اجازت سان، کيس معنون
يا ڊيڊيڪيٽ ڪيو. اُنهي ڪتاب ۾ منهنجي ڪاليج جي
ڏينهن بابت ۽ امتحان ۾ فيل ٿيڻ بابت ۽ ڪاليج جي
ڊرامئٽڪ سوسائٽي ۾ شامل هئڻ بابت ڪراچي جي ڪن
ڳالهين بابت به ڪي شعر آهن.
تڏهن ڪراچي ۾ مسٽر مچي، مشهور فوٽو گرافر هو، تنهن
سان ۽ تنهن جي گهر جي ڀاتين سان به دوستي ٿيم ۽
اڪثر اُنهن وٽ ايندو ويندو هوس. مون ۽ منهنجي ڀاءُ
مرزا صادق علي بيگ، تنهن کان فوٽو ڪڍڻ جو هنر سکيو
۽ پنهنجا اوار ورتاسين ۽ تصويرون ڪڍيونسين. امان ۽
پنهنجين ٻنهي ڀيڻن ۽ ٻنهي داين جي ڪڍيل تصوير اڃا
اسان وٽ موجود آهي. اڳي اسان ۾ ڪنهن به زال جي
تصوير نڪتل ڪانه هئي؛ بلڪ بابي ۽ ناني جي تصوير به
اسان وٽ ڪانهي، جنهن جو اسان کي گهڻو افسوس آهي.
اِهو هنر اڳي سکون ها ته بهتر هو.
[”سائو پن يا ڪارو پنو“ مان شروعاتي ٽي باب] |