سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :23

ڪلام قليچ

حمد

ڪهڙو آئون شان ڳايان، اي ذوالجلال تنهنجو،

ڏسجي جمال هرجا، ايزد تعال تنهنجو.

عالم کان اڳ هوئين تون، هاڻ آهين اڳتي هوندين،

آهي وجود مُطلق، نِت ري جمال تنهنجو.

آهين رحيم و رحمان، هر ڪنهن تي تنهنجو احسان،

رحم ۽ ڪرم سدائين، ٿيو جڳ تي جال تنهنجو.

تون آهين عالم الغيب، ستار پڻ تون سڏجين،

عيبن تي سڀ جي پردو، اي ننگ پال تنهنجو.

بخشين گناهه تن جا، دل سان ٿين جي تائب،

ٿيو لطف نيڪ وَبد تي، يڪسانُ لالَ تنهنجو.

چمڪي ٿو نور تنهنجو. ارضَ و سما ۾ يارب،

پاڇو ’قليچ‘ تي هوئي، خاوند! شال تنهنجو.

نعت

عزيزو! حشر ۾ ڏوهن جو بخشيندڙ خدا آهي،

شفيع المذنبين ليڪن محمّد مصطفى ﷺ آهي.

جي رحمان ۽ رحيم آهي خدا سڀ خلق جو خالق،

ته يارو، رحمت للعالمين سرور سدا آهي.

احد احمد جي وچ ۾ فرق آهي ميم هڪڙي جو،

حديثِ من رانيءَ مان، اِهو ثابت صفا آهي.

نبي ٿيو نور مان پيدا، سو هو آدم کان اڳ موجود،

اُهو لولاڪ جو صاحب دوجڳ جو مقتدا آهي.

چڙهي بُراق تي م عراج ڪيو تنهن عرشِ اعلى تي،

لنگهي کان قاب قوسين اُن ڏٺو حق جو لقا آهي.

پڙهن جن ۽ ملائڪ ٿا، محمّد مير تي صلوات،

پڙهڻ انسان تي هر وقت واجب ۽ روا آهي.

’قليچ‘ آهي مٺي ماکيءَ کان وڌ صفت ۽ ثنا اُن جي،

سا مرضن جي شفا آهي، سا دردن جي دوا آهي.

غزل

ڪريان توتان سڄڻ! آئون سر فدا ڇا؟

محبت جو ڪو حق ٿيندو ادا ڇا؟

 

مرض نت عشق جو جنهن کي ٿيو مرغوب،

ڪندو سو درد اهڙي جي دوا ڇا؟

 

وڇوڙو جنهن ڏنو دلبر جو تنهن کي،

زماني جو ڪندو جور و جفا ڇا؟

 

تئين نازڪ بدن ۽ سنگلدل تون،

آءُ نازڪ دل ٿيس، منهنجي خطا ڇا؟

 

تصوف ٿيو رکڻ دل آئيني جان،

ڀڳل آئينو ڏس، رهندو صفا ڇا؟

 

آئون خاڪي، ڪيئن ٿيان نوري ۽ ناري،

ٿيان منصور سان آءُ همنوا ڇا؟

 

’قليچ‘ آهي جي رب مالڪ دلين جو،

ته پوءِ رب کان گهُران دل سان دعا ڇا؟

غزل

هي دؤر دنيا ۾ تنهنجو تمام ٿيندو نيٺ،

هي پُر سگهوئي حياتيءَ جو جام ٿيندو نيٺ.

 

اجل جي ڪوچي ۾ آخر به ٿيندو تنهنجو گُذر،

مڪان قبر ۾ تنهنجو مقام ٿيندو نيٺ.

 

يقين سمجهه ته منڪر نڪري سان هڪ ڏينهن،

جواب سوال ۾ تنهنجو ڪلام ٿيندو نيٺ.

 

هي تنهنجو نرم ۽ نازڪ بدن، مُئي کانپوءِ،

ڪِنن ڪينئن جو قبر ۾ طعام ٿيندو نيٺ.

 

چيئي جو حرف هتي ۽ ڪيئي هتي جو ڪم،

سو نيڪ و بد سو حلال ۽ حرام ٿيندو نيٺ.

 

هي وعظ تنهنجو وصيت، هي قول تنهنجو ’قليچ‘.

قبول پير و جوان، خاص و عام ٿيندو نيٺ.

غزل

ماڻا ڪري نه مار سڄڻ! تون ذري ذري،

پاڻان نه ڪر مون کي تون پيارا پري پري.

 

هيڪر نهار نيڻ کڻي ناز مان پرين،

وئي عمر انتظار ۾ آزيون ڪري ڪري.

 

هردم هنجون وهائي، ڪري ياد توکي دل،

ڳالهيون ڪري هزار ڳڻن جون ڳري ڳري.

 

مون ڪيو ڪسڻ قبول، مگر تون ڪو قياس ڪر،

خنجر وهاءِ خلق تي، قاتل! هَري هَري.

 

دلبر! اچي ڪو ڏيج دلاسو ’قليچ‘ کي،

محبت ۾ تنهنجي مُحب مٺا! پيو مري مري.

غزل

دل آهي عاقلن لاءِ هڪڙو حساب خانو،

پر آهي عاشقن لاءِ هڪڙو ڪباب خانو.

 

پڙلاءُ عشق جو پئي، پردن ۾ دل جي هردم،

ڪن راڳ ٿين رڳون سڀ، ڄڻ ٿيو رباب خانو.

 

طالب رهي ٿو جت ڪٿ، مطلوب جي طلب ۾،

زاهد ٿو ڳولي مسجد ۽ آءُ شراب خانو.

 

خلوت سڄڻ جي خالي، مَرُغير کان رهي نت،

ڪيسين ڪنداسين ڪوٺي، دل جي ڪتاب خانو؟

 

مون چيس، ”اکين جو خانو، آباد ڪر اچي يار“،

چيئين ”ڪير ٺاهي پنهنجو، اُن منجهه دُو آب خانو.

 

ويران ڪر وسينءَ ٻي، ويهي وَساءِ دل کي،

آهي ’قليچ‘ دنيا! ساري خراب خانو.

غزل

عجب چالون عجيبن جون،

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.

 

وِجهن حيرت ۾ جڳ کي ٿيون،

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.

 

اکيون تيغ ۽ ڀرؤن خنجر،

کڙا پنبڻين جا ٿيا لشڪر.

 

ڪيون مون سان اُنهن ڪارون،

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.

 

کِلي ڳالهائي ڪڏهن مون سان،

ڪڏهن بيزار ٿئي مون کان.

 

عجب مون سان هلي رمزون،

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.

 

ڪريان ڪهڙا ’قليچ‘ اظهار،

زماني جا عجب اسرار.

 

عجب ٻڌجن ٿيون خبرون،

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.

غزل

دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو،

آخر مليو نه جي رب، ٻيو سڀ مليو ته ڇا ٿيو؟

 

سِرُ هت هجيئي شاهي، لک لشڪر ۽ سپاهي،

ٿيندين عدم ڏي راهي، جڳ فتح ڪيو ته ڇا ٿيو؟

 

ٿئين علم ۾ جي ڪامل، ڪر پڻ عمل کي شامل،

عالم جي ٿيو نه عامِل، دفتر لکيو ته ڇا ٿيو؟

 

هٿ فقر جو فسانو، هت زر جو ٿئي زمانو،

هٿ ڪر تون هُو خزانو، هي مال ويو ته ڇا ٿيو!

 

دنيا جا سُک ڦِٽا ڪر، وٺ آخرت کي آخر،

سؤدي ۾ سود خاطر، نقصان پيو ته ڇا ٿيو؟

 

آهي ’قليچ‘ ارمان، ڪيو شرڪ توکي شيطان،

مَن جي نه ٿيو مسلمان، ڪلمو پڙهيو ته ڇا ٿيو؟

چونڊ رباعيون

آئون ٻانهوگنهگار، رضا تنهنجي ڪٿي؟

دل منهنجي ٿي بيمار، شفا تنهنجي ڪٿي؟

جي ڏين تون بهشت اسان کي اطاعت جي عيوض،

سودو ٿيو اِهو، پوءِ عطا تنهنجي ڪٿي.

--

دنيا به عجب سراءِ فاني آهي،

جا شيءِ اچي هت، ترت رواني آهي،

اچي نه وڃي وري، سا آهي پيري،

وڃي نه اچي وري، جواني آهي.

--

دنيا مان گهڻئي، صاحبِ اقبال ويا،

دولت نه وئي ساڻ، نه اطفال ويا،

پهچائي قبر تائين وري آئي خلقَ،

جي ساڻ ويا ته يارو اعمال ويا.

--

ڪنهن به علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،

نُڪتو نه رهيو جو اُن کي مفهوم نه ٿيو،

ستر کي قريب پهتو، تڏهن اُن کي،

معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.

--

 

پهراڻ جي بار کان ڪِري آئون ٿو پوان،

آواز جي واءَ سان ڪِري آئون ٿو پوان،

منهنجو ٿي ڪِريو پاڇو اڳي ڌرتيءَ تي،

هاڻ ضعف کان پاڇي جان ڪِري آءُ ٿو پوان.

--

تيشي جان نه آڻ سڀڪي، پاسي پنهنجي،

رندي جان اُڇل نه پاڻ کان سڀڪي پَري،

گُذران جو سِک سبق تون ڪارائيءَ کان،

ڪي پاڻ ڏي آڻ، ڪِي ٻينکي پڻ ڏي.

--

ٿو علم وڌي، جڏهن ٻين کي ٿو ڏجي،

خيرات زڪوات ڏي ته پوءِ مال وڌي،

کوٽڻ ۽ ڪڍڻ سان کوهه ڏئي وڌ پاڻي،

ڇانگڻ سان ٿو وڻ وڌي ۽ واڌو ڦر ڏئي.

ڪافي

ڪر ڌيان دنيا آهي فاني،

ڪنهن سان نه نڀائي جاني!

 

ٿيا سوين سڪندر دارا،

جن ڇوڙيا تخت هزارا،

سڀ خان ڇڏي ويا خاني.

 

هت نبي ولي لک آيا،

جي عرب عجم نت ڳايا،

سي گهوٽ اجل سڀ گهايا،

سي سورهيه سڀ سلطاني.

 

هِتُ دولهه دُريگانا،

ٿيا خاڪ اندر پناهانا،

ڪيئي رستم شير سهانا،

ڪيئي يوسف ماه ڪنعاني.

 

ڪيئه ڪانه ’قليچ‘ ڪمائي،

سڀ سوديئه هرس هوائي،

ائين آندئي عمر اَجائي،

نادان ڪيئه ناداني.

ڪافي

جنهن جي سُور وڌي دل سٽي سٽي،

• تنهن کي صبر اچي ڪيئن ياري ري.

عاشق سانگو سِر جو لاهي،

سوريءَ تي وڃي قصدئون ڪاهي،

ڪِين ڪڏهن مُنهن مٽي مٽي.

• دل ويچاري محبت ماري،

بار برهه جا تنهن تي باري،

دل دوست ڦِٽي ڪئي ڦٽي ڦٽي.

• ٿيو ’قليچ‘ فراق ۾ فاني،

جان جلايائين تولاءِ جاني،

گهار تنهن سان ڏينهن ٻٽي ٻٽي.

ڪافي

  تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي، تڪبير چوان.

مُنهن مُصحف تنهنجو عين اشارا،

ساري سڀ تقرير چئي تفسير چوان.

تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي…

 

• نيڻ   خُماري   قاتل   ابرو،

خوني خنجر ۽ تير چئي شمشير چوان.

تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي…

 

• زلف سياه سراسر خم خم،

رهزن سي رهگير چئي، زنجير چوان

تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي…

 

• سور ’قليچ‘ سڀئي سَههُ سِرَ تي،

ڪهڙي آئون تقدير اڳيان تدبير چوان.

تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي…

ڪافي

جس جوڳيئڙن کي آهي،

جي ويڙا توڙ نڀاهي.

جُنگ جوان لڏيا لاهوتي، ڪيائون سڱ ثبوتي،

خاڪ مَلي ڪيئون اَنگ ڀڀوتي،

ويس وڳا سڀ لاهي،

جس جوڳيئڙن کي آهي.

 

سفر سنڀريا سورهيه سامي، سانگ سٽي ٿيا نانگا نامي،

ديس ٿيا پرديسي مقامي،

ماڳ مٽيءَ جا ٺاهي،

جس جوڳيئڙن کي آهي.

 

ڪاپڙين جي ڪل نه ڪائي، ڳالهيون تن جون سڀ ڳجهائي،

واريئون ترت وڃڻ جي وائي،

سورن ساٿ سنڀاهي،

جس جوڳيئڙن کي آهي.

 

وس وڏي سامي سياڻا، سُڃ بيراڳن ڪيا سڀ ڀاڻا،

مارن تن جا محبت ماڻا،

ڳاهه اندر دل ڳاهي،

جس جوڳيئڙن کي آهي.

 

جن جا پنڌ ’قليچ‘ پُڇائين، ڳوڙها جن لئي ڳل وهائين،

سي جوڳيئڙا جُهد منجهائين.

قاف رسيا وڃي ڪاهي،

جس جوڳيئڙن کي آهي.
 

از: مرزا قليچ بيگ                    (آتم ڪهاڻي)

(1) منهنجو اصل نسل ۽ وڏن جو احوال

 

وڏا مائٽ ٻه ٿيندا آهن – هڪڙو ڏاڏو ۽ ٻيو نانو، يعني هڪڙو پيءُ جو پيءُ، ۽ ٻيو ماءُ جو پيءُ، منهنجي پيءَ جو نالو مرزا ”فريدون بيگ“ هو، مگر منهنجي ڏاڏي جي مون کي خبر ڪانهي ۽ نه منهنجي پيءُ کي اُنهيءَ جي نالي جي خبر هئي. منهنجي ناني جو نالو مرزا ”خسرو بيگ“ هو. منهنجي والد جو احوال، سندس زباني، مون فارسيءَ ۾ لکيو آهي ۽ منهنجي ناني جو احوال به فارسيءَ ۾ لکيل هو؛ جو مون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. اِهو احوال مختصر طرح، منهنجي ”سنڌ جي تاريخ“ انگريزي ۾ ڏنل آهي ۽ سرڪاري ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ به آهي (ڏسو باب 12 انتخاب نمبر 1)، ۽ سنڌ بابت انگريزن جي لکيل ڪتاب ۾ به آهي. هنن مان معلوم ٿيندو ته منهنجو نانو ۽ منهنجو پيءُ، ٻيئي اصل جارجيا يا گرجستان جي گادي جي هنڌ، ثفلس، شهر جا ويٺل هئا ۽ اُتي ڄاوا هئا؛ تنهن ڪري ”گُرجي“ يا ”جارجين“ سڏبا هئا، ۽ اسين سندن اولاد، اڃا تائين ”گُرجي مرزا“ سڏبا آهيون. ٻيا سنڌ يا هند جا مرزا، اڪثر مغل يا ٻيءَ ذات جا آهن. تن ڏينهن گرجستان، روس يا رشيا جي بادشاهه جي هٿ ۾ هو ۽ ايران جي بادشاهه جي، اڪثر هن سان جنگ رهندي هئي ۽ گرجستان تي ڪاهون ٿينديون هيون. اهڙيءَ هڪڙيءَ جنگ ۾، سن 1797ع ڌاري، منهنجي ناني ۽ بابي جا والد مارجي ويا ۽ هو پاڻ ٻين ڪيترن وڏن ننڍن گرجين- مڙسن ۽ زالن وانگي قيد ٿي ويا ۽ ايرانين پنهنجي ملڪ ايران ۾ آڻي ڪڍيا، جتي ڳچ مدت، هنن پرورش ۽ تعليم پاتي. هو ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ گرفتار ٿيا- نانو طهران ۾ رهيو ۽ بابو پهرين تبريز ۾ هو ۽ پوءِ اصفهان ۾ آيو. جن ڏينهن، سنڌ جي گاديءَ تي مير ڪرم علي خان ٽالپر هو، تن ڏينهن، هو ٻيئي سنڌ ۾ آيا. پهرين نانو آيو، جو مير صاهب جي وڪيل هٿان، ايران جي شاهه ۽ وزير جي معرفت تحفو ٿي، مير صاحب وٽ آيو، جنهن هن کي پنهنجو پُٽيلو يا گود جو پُٽ ڪيو، جو کيس ٻيو اولاد ڪو نه هو. نانو سن 1805ع ۾ حيدرآباد ۾ آيو؛ تڏهن سندس عمر 15 ورهيهه هئي ۽ بابو اُنهيءَ کانپوءِ ڀرو، ٻئي وڪيل سان آيو، جڏهن سندس عمر ڏهه ورهيه مس هئي. مير صاحب، هنن کي پالي وڏو ڪيو، ۽ گهڻو مانُ ڏيندو هونِ ناني وڏو درجو پاتو ۽ سندس مفصل احوال، ”سنڌ جي تاريخ“ ۽ سندس سوانحعمريءَ مان معلوم ٿيندو. آخر ناني انگيرزن جي صاحبيءَ ۾، سن 1860ع ۾، 70 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي؛ ۽ بابي سن 1871ع ۾، 57 ورهين جي عمر ۾. ناني جي وفات مهل، آءُ اٽڪل اٺن نَون ورهين جو هوس ۽ سندس مون کي چٽي يادگيري آهي.

اُنهيءَ وقت ڌاري، سنڌ ۾ ٻه ٽي ٻيا به گرجي آيا، جي مير صاحبن وٽ رهيا، جيئن ته مرزا محمد باقر بيگ، جو پوءِ مانجهوءَ ۾ اچي رهيو؛ ۽ مرزا قربان علي بيگ، جو پوءِ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ اچي رهيو؛ ۽ مرزا يوسف، جو حيدراباد ۾ مير صاحبن جي قُبن وٽ اچي رهيو.

نانو سنڌ ۾ اڳي آيو هو ۽ بابو پوءِ آيو ۽ کانئس ننڍو هو پر رهندو وٽس هو يعني ٻيئي گڏ رهندا هئا. هڪڙي وطن جا هئا ۽ هڪڙي ڌڻيءَ وٽوري به اچي گڏ ٿيا، تنهنڪري سندن هڪٻئي سان گهڻي محبت هوندي هئي. پڇاڙيءَ تائين، پاڻ ۾ گڏ رهندا آيا، ۽ هڪٻئي جي صحبت ۾ رهيا ۽ پڙهڻ لکڻ جو ڪم ڪندا رهيا. ناني پنهنجي نياڻي، بابي کي پرڻائي، جنهن مان اسين پيدا ٿياسين. ميرن جي صاحبيءَ ۾، هو ٻيئي حيدرآباد جي ڪوٽ جي اندر رهندا هئا، جتي مير صاحب ۽ سندن ديرا هئا. صاحبيءَ ڦِٽڻ وقت، يعني 1843ع ۾، اسان جن مائٽن کي وري تڪليف شروع ٿي- ميرن سان گڏ، پهرين ناني مرحوم کي به قي4د ڪري ڪلڪتي ٿي نيائون؛ پر پوءِ، ميرن جي ديرن جي سنڀال لاءِ، هُن کي هِتي ڇڏي ڏيڻ ضروري ٿين. جڏهن حيدرآباد جو ڪوٽ، انگريز سرڪار هٿ ڪيو، تڏهن اسان جا مائٽ، يعني بابو، نانو ۽ سندن ڪٽنب، سائينداد جي ٽنڊي ۾ وڃي ويٺا، اُنهيءَ ڀاڄ ۾، اسان جي توڙي ٻين ڪوٽ ۾ رهڻ وارن جي گهڻي دولت زيان ٿي؛ ڪجهه سامان اندران ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ ۾، ڪجهه ٻين وٽ امانت رکڻ؛ ۽ ڪجهه زمين اندر پورڻ ۾.

سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڪچن گهرن ۾ وڃي رهيا، جن کي هڪڙي ڏينهن اوچتو اچي باهه لڳي، جا ٽي ڏينهن برابر پئي ٻري؛ ڏاڍيءَ مشڪلات سان ماڻهن جان بچائي! ڪيترو قيمتي مال، ڪپڙا، جواهر ۽ موتي سَڙي چٽ ٿي ويا. سڙيل موتي، ڇڄن جا ڇڄ نڪتا، جن سان پوءِ اسين ٻار راند پيا ڪندا هئاسين. باهه کانپوءِ مير ڪرم علي خان جا ديرا ۽ ساڻن گڏ بابو ۽ نانو به لڏي اچي مير محمود جي ٽنڊي ۾، ڦليليءَ جي ڪناري تي، يعني آغا جي ٽنڊي ۽ يوسف جي ٽنڊي جي وچ تي اچي ويٺا؛ ۽ پوءِ اُتان ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ نواب محمد خان ٺوڙهي جي جاگير ۾، اچي ويٺا- جتي اڃا تائين اسين رهندا اچون. اُتي اڃا تائين هڪڙو ڦٽل ڪوٽ آهي، جنهن ۾ مير ڪرم علي خان جا ٽي ديرا رهندا هئا. نانو، بابو ۽ ٻيا سندن ماڻهو، ڪوٽ جي اولهه طرف، اُنهيءَ ساڳئي زمين تي رهندا هئا، جتي اڃا تائين رهندا اچن. منهنجو وڏو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ سن 1845ع ۾، سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڄائو هو ۽ اسين ٻيا سڀ ڀائر، ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ پيدا ٿياسين.

جيسين نانو مرحوم حيات هو، تيسين بابو مرحوم گهڻو وقت سندس صحبت ۾ رهندو هو. مون کي ياد آهي ته نانو، ورهين جا ورهيه، بستر نشين هو، ۽ بيمار پيو هوندو هو. ناني جي وفات کانپوءِ، بابو اُٻاڻڪو گذاريندو هو، پر ٻيا سندس واقف ۽ دوست؛ جيئن آغا زين العابدين شاهه ۽ ٻيا حيات هئا ۽ ٻار ٻچا به هئس، تن سان وندر رهندي هيس. باغ رکڻ جو شوق گهڻو هوندو هوس. لکڻ پڙهڻ جو ڪم گهڻو ڪندو هو. ٻين به گهڻن هنرن جي مشغولي هوندي هيس. سندس اخلاق ۽ اوصاف جي خبر ٿوري گهڻي منهنجي تاريخي قصيدي مان پوندي، جو سندس وفات مهل لکيو هوم ۽ جو منهنجي ڪتاب ”سوادي خام“ ۾ ڏنل آهي. جيتوڻيڪ ڪا نوڪري ڪانه هيس، ۽ نه وري ٻي ڪا گهڻي پيدائش هيس، ته به اهڙيءَ تجويز سان گهر جو ڪارخانو هلندو هو، جو آبروءَ سان وقت پيو گذرندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ سُڪار هو، ۽ سڀ شيءِ سهانگي هئي. اڳوڻا رهيل زيور ۽ جواهر به نيڪال پيا ڪندا هئا، پر قرض کڻڻ کان بابو، گوشو ڪندو هو، جيڪڏهن انگريز سرڪار جي نوڪري ڪرڻ گهُري ها ته بلڪل آبروءَ جهڙي جاءِ مليس ها، جو سرڪار کيس منٿون ڪندي هئي. پر، ناني ۽ بابي نوڪريءَ ڪرڻ جو ارادو اصل ڇڏي ڏنو هو. اسان جي والده، سن 1876ع ۾ وفات ڪئي. اُنهيءَ وقت، اسين پاڻ ۾ ست ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون هئاسين ۽ سڀ پاڻ ۾ گڏ رهندا هئاسين. ادي، مرزا غلام رضا بگي جي شادي، بابي پنهنجي حياتيءَ ۾، پنهنجي پاڙيسريءَ، ميان ابراهيم جي گهران ڪرائي هئي. اُنهيءَ مائيءَ جي مرڻ کانپوءِ، سندس ٻي شادي، مرحوم مرزا قربان علي بيگ جي گهران، امان جي ڏينهن ۾ ٿي. امان جي حياتيءَ ۾، منهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ جي شادي مرزا رستم، قبي واري، جي گهران ٿي، اسان ٻين سڀني جون شاديون پوءِ ٿيون، پهرين منهنجا ٻيئي وڏا ڀائر، ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ آخوند محمد شفيع وٽ پڙهندا هئا، ۽ آءُ به اتي پڙهندو هوس. پوءِ صاحبلوڪن جي صلاح سان، ناني جي حياتيءَ ۾،، منهنجا ٻيئي وڏا ڀائر، انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريا ويا. مسٽر وشنو گهنشام مرهٽو، تڏهن هيڊ ماستر هو. ڪن ورهين کانپوءِ هو مئٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪري، بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ ويا ۽ اسين ننڍا وري پهرين حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ لڳاسين ۽ پوءِ انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وياسين. اُنهيءَ مان معلوم ٿيندو ته بابي کي، اسان جي تعليم جي ڪيتري ڳڻتي ۽ ڪوشش هوندي هئي! هو ڪم وسعتيءَ ڪري به اهو سڀ بندوبست پورو رکندو آيو. اُنهي وقت مسلماني خاندان اڪثر، نه فقط انگريزي تعليم کان پر سنڌي تعليم کان به عار ڪندا هئا. ماڻهن کي حيراني هوندي هئي ته گهڻيءَ پئدائش کانسواءِ، اِهو سڀ بندوبست اسين ڪيئن ڪري ٿي سگهياسين؟ اُنهيءَ وقت جا اشارا، منهنجي لکيل ناول ”زينت“ مان به معلوم ٿي سگهندا.

بابي جي وفات کان ٿورو اڳ، ۽ سندس بيماريءَ جي وقت ۾ ادو مرزا غلام رضا بگي ڪاليج ڇڏي آيو، ۽ فقط ادو مرزا صادق علي بيگ اُتي رهيو؛ پر اڃا نوڪري ڪنهن کي به نه هئي، رڳو ادو مرزا صادق علي بيگ ڪاليج ۾ پرشن فيلو هو. امان جي وفات مهل وري منهنجا ٻيئي وڏا ڀائر گهر هئا ۽ آءُ بمبئي جي ڪاليج ۾ هوس. امان جي وفات کان ٽئي ڏينهن هتي اچي پهتس ۽ اچي پٿر ۾ ۽ ٽيجهي جي ماني ۾ شامل ٿيس. امان پهرين فقط قرآن پڙهي ڄاڻندي هئي، پر پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ فارسي ۽ سنڌي پڙهڻ جو شوق ٿيس ۽ لکڻ به سکي. شاهه جو رسالو گهڻو پڙهندي هئي ۽ اسان ڏي خط پَٽ به چڱا لکندي هئي. امان ڏاڍي زبردست، دهشت واري، آزمودگار ۽ سمجهه واري زال هئي. منجهس جرئت ۽ همت، ناني مرحوم واري هوندي هئي. خانگي ڪمن توڙي رسمن راهن جي بجا آوري لاءِ، عزيز خويش ۽ ٻيا اوڙي پاڙي وارا، هميشہ سندس صلاح مصلحت پڇندا هئا ۽ ساڻس مشورا ڪندا هئا. جيتري محبت هن کي پنهنجي اولاد سان هئي، اوتري ڪنهن پيءُ ماءُ جي ٿوري هوندي! بابي جو به ساڳيو اهڙو حال هو. هنن کي شادي کانپوءِ اولاد ڪو نه ي بچيو. جڏهن ادو غلام رضا بيگ ڄائو، تڏهن اُنهيءَ جي لاءِ ڏاڍا سهج ۽ سڳڻ ساٺ ڪيائون، بلڪ سنڌ جي ماڻهن جي چوڻ تي، ننڍي هوندي هن کي ”نَتُو“ سڏيندا هئا، يعني نٿ وارو. جڏهن گهڻا ٻار ٿين، تڏهن سڀني سان هڪجهڙي محبت هين. ستن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن هوندي به پوءِ جڏهن هڪڙو پٽ ڄائو ۽ ستت ئي مري ويو، تڏهن هنن کي ڏاڍو ارمان ۽ ڏک ٿيو ۽ چيائون پئي ته اِهو به جيئرو رهي ها ته چڱو هو! امان جي محبت جو هڪڙو مثال مون کي ياد آهي: اسين اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئاسين ته پهرين جمعي نالي ۽ پوءِ خميسي نالي ٻه ٻڍا نوڪر اسان سان گڏجي هلندا هئا. هو سارو ڏينهن اُتي اسڪول ۾ ويٺا هوندا هئا، ۽ شام جو موٽي اسان سان گڏجي ايندا هئا. هڪڙي ڏينهن، ڪنهن سبب ڪري شام جو دير ٿي وئي ۽ اسين وقت تي گهر نه آياسين، ۽ سج به لهي ويو. رستي ۾ بازيگرن جي بازي ڏسندي، ڪنهن ڳنڍيءَ ڇوڙ منهنجي کيسي مان چار ٽڪا ڪڍي ورتا. اوڏيءَ مهل ڪنهن پوليس واري اُنهيءَ کي ڏسي ورتو، ۽ وڃي پڪڙيائينس ۽ اسان کي چاوڙيءَ تي وڃڻو پيو. اُنهيءَ تپاس ڪري دير ٿي وئي هئي. اِها خبر شايد اڳواٽ پڇا ڪندي گهر پئجي وئي. امان ويچاري، دير جي ڪري ۽ پوليس جو ٻُڌي، اهڙي بي آرام ٿي، جو جڏهن منهنجي اچڻ جو ٻڌائين، تڏهن پاڻ گهر کان ٻاهر بيهوشن وانگي، ٻاهرئين در وٽ اچي مون کي گڏي، ۽ چميون ڏيئي، ڀاڪر وجهي، اندر وٺي ويئي. ان وقت نوڪرن جو سماءُ به ڪو نه رهيس. اهڙا گهڻائي مثال پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي محبت جا جيڪر ڏيئي سگهان.

امان جي وفات مهل، فقط منهنجو وڏو ڀاءُ نوڪريءَ ۾ هو؛ ۽ حيدرآباد جي هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر هو ۽ اَسي رپيا پگهار ٿي مليس، تنهن ڪري اسان سڀني جو گذر اُنهيءَ تي هو ۽ اُنهيءَ وقت جي نظر تي، اسان سُکيو پئي گذاريو. امان کي اسان جي ٻن ڀيڻن جي شاديءَ جي گهڻي ڳڻتي هوندي هئي. سندس گهڻي خواهش هئي ته جيئن پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾، پنهنجن ٻن پٽن جي شادي ڪئي هئائين، تيئن ٻنهي ڌيئرن جي به ڪري، پر قسمت ۾ ائين لکيل نه هو. اِهي ٻيئي شاديون کانئس پوءِ ٿيون. ٻي ڪابه ڳڻتي ڪانه هيس. هر طرح خدا ۾ اميد هيس ته سندس پٽن مان ڪي ساماڻا آهن، جي پاڻهي پوئيرن جي سنڀال ڪندا. ساڳئي طرح، بابو مرحوم به وفات مهل بلڪل خوش هو ۽ خدا ۾ اميد هيس ته وڏا پٽ صالح ۽ قابل ٿيا آهن. پاڻهي ننڍن جي ۽ گهر جي سنڀال ڪندا. بابي جي وفات مهل آءُ حاضر هوس ۽ منهنجا ٻه وڏا ڀائر بمبئي هئا. مون کي ياد آهي ته امان سندس مرڻ کان لحظو اڳ، گهڻي ڏک مان پڇيس ته ”اوهين پاڻ ته وڃو ٿا، مون کي ۽ ٻارن کي ڪنهن جي حوالي ڪري ٿا وڃو؟ پاڙي اوڙي ۽ عزيزن خويشن جو حال ته سڄو سُجهيوَ ٿو!“ تنهن تي چيائين ته ”اوهان سڀني کي خدا جي حوالي ٿو ڪريان، اُنهيءَ جي مون کي وڏي خاطري ۽ تسلي آهي.“ پڇاڙيءَ تائين هوش ۾ هو. دم نڪرڻ وقت، منهنجن ڀائرن کي ڏاڍو ياد ڪيائين ۽ اشاري سان سندن تصوير، جا سامهون ڀت تي ٽنگيل هئا، سا گهريائين، تصوير هٿ ۾ جهلي، ڏسي، کلي، هڪدم ليٽي پيو ۽ دم ڏنائين ۽ اِها کل به سندس چپن تائين رهجي ويئي، جا غسل ڏيڻ مهل به پئي ڏٺي. بابي يج محبت پنهنجي اولاد سان اِنهيءَ حد تي هئي، جو جڏهن منهنجا ٻه ڀائر بمبئي ايندا ويندا هئا، تڏهن پاڻ اڪثر هنن سان گڏ ويندو هو. ڪوٽڙيءَ ۾، ڪراچيءَ واري ريل گاڏي تڏهن تازي جاري ٿي هئي. پاڻ ڪڏهن وٽڙيءَ تائين ۽ ڪڏهن ڪراچي تائين ويندو هو ۽ هنن جي اچڻ مهل به سندن وٺڻ لاءِ اُتي ويندو هو ۽ هميشہ هنن جي خطن جو انتظار ڪندو هو ۽ خوشي سان هنن ڏي فارسيءَ ۾ خط لکندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري، ادي مرزا صادق علي بيگ جو خط، عربي ٻوليءَ ۾ لکيل، وٽس آيو، جو منهنجن ڀائرن ڪاليج ۾، عربي ٻولي ٿي پڙهي. آرڙهه جي ٻنپهرن جو وقت هو. اِهو خط پڙهي، اهڙو خوش ٿيو جو اکين ۾ پاڻي اچي ويس. هڪدم سنڀري، آخوند محمد شفيع وٽ ويو، جو ڳوٺ ۾ اسان جو مڪتب پڙهائيندو هو. آءُ به ساڻس هوس. آخوند عربي ڄاڻندو هو، تنهن کي خط ڏيکاريائين، جنهن پڙهي گهڻي تعريف ڪئي. پوءِ ٿوري وقت کان پوءِ موٽي گهر آيو ۽ عربيءَ ۾ اُنهي خط جو جواب لکي موڪليائين.

ادي مرزا غلام رضا بگي جي پهرينءَ شادي کان ٿورو اڳ، بابو بمبئيءَ ويو هو. تڏهن آگبوٽ ڪين هئا، جهاز ۾ ويو هو. نانو مرحوم تڏهن حيات هو. اُنهيءَ به بمبئي مان گهڻو سامان، ڪپڙو وغيره گهرايو هو، جو سندس پٽ مرزا غلام مرتضى جي شادي ٿيڻي هئي. هڪڙو نوڪر ساڻس هوس. ٻه- چار مهينا اُتي رهڻا پيس. سندس غير حاضريءَ ۾، ادو، جعفر قلي ڄائو هو (سن 1858ع ۾) جنهن جي مبارڪبادي ڏانهن لکي ويئي هئي.

ناني مرحوم جي امان سان توڙي سندس اولاد سان يعني اسان سان نهايت گهڻي محبت هئي؛ ڪنهين به طرح، پنهنجي اولاد کان گهٽ نه هئي. شئيءِ شڪل يا نوان تحفا جڏهن وٽس ايندا هئا، تڏهن اسان کي ۽ پنهنجن پٽن ۽ اُنهن جي اولاد کي سڏائي، روبرو ويهاري، اُهي وراهي ڏياريندو هو. جي باغن مان ڪو ميوو ايندو هو ته اُهو به اسان جي گهر موڪلي ڏيندو هو. اسان جي نانِي، ناني مرحوم جي بيمايرءَ ۾، سندس خدمت چاڪري ڪندي هئي. توشخانو سندس حوالي هو. نانو، قابل حڪيم هو ۽ مفت دوائون ڏيندو هو. دوائون ولايتن کان گهرائي، پاڻ وٽ موجود رکندو هو ۽ جوڙائيندو هو. اُنهيءَ ڪم ۾ ناني گهڻي مدد ڏيندي هئس ۽ سندس ڏنل نسخن تي قسمين قسمين جو معجونون، حلوا، موم، روغن ۽ عرق جوڙيندي هئي، جنهن ڪري هوءَ پاڻ به طبيبڻ ٿي پيئي. نماز ۽ قران جي گهڻي مشغولي هوندي هيس، ڳوٺ جون زالون دوا درمل لاءِ نانيءَ وٽ اينديون هيون. فرصت جي وقت، سُئيءَ جو ڪم به ڪندي هئي. ناني جي وفات کانپوءِ، نانِي اچي اسان جي گهر رهي، تڏهن به کاڌو پيتو، ڪپڙو گندي، پنهنجي خرچ تي ڪندي هئي ته متان ماڻهو چون ته ناٺيءَ جي در تي پيئي آهي، ۽ اُنهيءَ جو ٿي کائي.

مٿي چيو ويو آهي ته بابي ۽ امان وٽ گهڻي دولت نه هئي. بابي جي وفات کانپوءِ امان ۽ اسان جي وڏي ڀيڻ ۽ اسان جون ٻه ٻانهيون يعني دائي گُلچمن، جا حبشياڻي هئي ۽ دائي زعفران، جا شيدياڻي هئي، سي گهر جو ڪم ڪار ۾ رهنديون هيون. امان ۽ ادي، سُئيءَ ۽ زريءَ جو ڪم چڱو ڪنديون هيون؛ ۽ اُنهيءَ مان چڱي موچاري پيدائش ٿيندي هُين. اهڙي پورهئي ڪرڻ کي عيب نه ڄاڻنديون هيون. پنهنجن هٿن سان چرخو به ڪتينديون هيون. ڪپهه جي ڦٽين ٽاڻڻ جون آرٽڙيون به هلائينديون هيون؛ بلڪ ڪڏهن ڪڏهن جنڊ به پيهنديون هيون، ۽ ماني به رڌينديون هيون. ٿوريءَ پيدائش جي ڪري بابو ۽ امان، جيتري ڪفايت ۽ قناعت ٿي سگهندي هئي، اوتري ڪندا هئا. بابو پنهنجن هٿن سان ٻارن جي لاءِ ٽوپيون جوڙيندو هو ۽ پنهنجي لاءِ بعضي پاڻ ڪپڙا به سڀندو هو. ڪفايت ۽ قناعت جي ڪري، اسان جي ساديءَ هلت تي، ڪي پاڙيوارا ۽ عزيز کلندا ۽ ٽوڪون به ڪندا هئا، ته به اسان مان ڪو اُنهيءَ تي ڌيان نه ڏيندو هو. گهڻن کي ته حيرت لڳندي هئي ته ڪيئن هي اندر توڙي ٻاهر عزت آبروءَ سان پيا گذارين – اندر ٻاهر جي لاءِ نوڪر به رکن؛ صاف ڪپڙا به ڪن؛ ٻار به اسڪول ۾ موڪلين، بلڪ بمبئيءَ تائين به اُنهن کي موڪلين؛ ۽ شاديءَ مراديءَ وقت دستوري پئسو پنجڙ به ڏين وٺن، ۽ اُٿن ويهن! بابي کي پهرين ٻاهر هڪڙي اوطاق هي، جا ڊهي وئي، اُنهيءَ کانپوءِ ناني مرحوم جي دَرَ واريءَ اوطاق ۾ صبح جو ۽ شام جو اچي ويهندو هو ۽ ڪتاب پڙهندو هو ۽ ماڻهن سان ملاقات ۽ صحبت ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن، ميان عافيت حبشي ناظر جي اوطاق ۾، شطرنج ۽ چؤپڙ راند ڪندو هو. اُنهن ٻنهي راندين ۾ هُو ڏاڍو هوشيار هوندو هو. پري پري جا استاد رانديگر اچي ساڻس اها راند ڪندا هئا. مير حسين علي خان جي ڪلڪتي کان موٽي اچڻ کانپوءِ هو بابي کي ٽيهه رپيا درماهو ڏيندو هو، جا اُنهن ڏينهن ۾ معقول رقم شمار ۾ ايندي هئي ۽ بابو ڪڏهن ڪڏهن وڃي مير صاحب وٽان ٿي ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مير صاحب جو ڪو ڪتاب نقل ڪندو هو. ڪن ڏينهن کانپوءِ، بابي پنهنجي گهر جي اولهه طرف، نئين اوطاق ٺهرائي ۽ گهر جو دروازو به اُڀرندي پاسي کان بدلائي، اولهه ڏي ڪيائين. جتان اڃا تائين آهي. اِها اوطاق، ادي مرزا علي قلي بيگ، شادي ڪرڻ کانپوءِ ڦيرائي پنهنجو گهر ڪيو ۽ ادي غلام رضا بيگ ۽ صادق علي بيگ، انهيءَ جي اولهه ڏي، ٻي نئين اوطاق بنائي، جا اڃا هلي اچي.

بابو، اَسُر جو سوير اُٿندو هو ۽ نماز ۽ قرآن ۽ وظيفن پڙهڻ کانپوءِ، اٺين نائين بجي ڌاري سنبري، پنهنجيءَ جاءِ کان ٻاهر ايندو هو. گهر ۾، هڪڙي جاءِ خلاصي، سندس رهڻ جي هوندي هئي. پهرين ڏينهن ۾ هو سنڌي ميراڻي ٽوپي ڍڪيندو هو؛ ۽ پوءِ لُنگيءَ جو پَٽڪو ٻڌڻ لڳو. وارن جي ڏاڍي سنڀال ڪندو هو. آرسيءَ تي ڦڻي ڏيندو هو ۽ سامهون پَٽي ڪڍندو هو. وچ مٿي تي گهڻو وار نه هوندو هوس، اڇا ٿورا پيا هئس.، پر اُهي نه ڪڍائيندو هو، نه ڪيس ڪندو هو ۽ نڪي وار ڪترائيندو هو، گهڻو ڪري ٻاهر نڪرڻ مهل ڪو ڪتاب پاڻ سان کڻي نڪرندو هو، جو ويٺو مطالعو ڪندو هو. باغ رکڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس. پراڻي ڦليليءَ جي ڪناري تي، ڳوٺ جي ڏکڻ ڏي، هڪڙو باغ رکيائين، جنهن ۾ ڏيهاڙي وڃي هٿن سان ڪم ڪندو هو ۽ باغائي کان به ڪم وٺندو هو، - ڏاڍو عمدو باغ ٿيو، جو پوءِ وڪامي ويو ۽ اهاڻي اُتي ٻني آهي، جنهن ۾ اڃا اُنهيءَ باغ جا ڪي وڻ، نشانيءَ وانگي بيٺل آهن. اُنهيءَ جي ويجهو پوءِ واري ادي مرزا صادق علي بيگ، ٻيو نئون باغيچو رکيو، جو اڃا هليو اچي.

ٻنپهرن کان ٿورو اڳي، بابو وري گهر ايندو هو. آرڙهه جي ڏينهن ۾، مانيءَ کانپوءِ سمهي آرام ڪندو هو. اڳينءَ جي وقت اُٿي، نماز پڙهي، وري به ٻاهر ويندو هو ۽ وري شام جو گهر ايندو هو. سومهڻيءَ تائين نماز ۽ وظيفي ۾ گذاريندو هو؛ ۽ پوءِ ماني کائي سمهندو هو. سمهڻ مهل حقو ڇڪيندو هو؛ پر حقي جي ڏاڍي صفائي ۽ پوشيدگي رکندو هو. پنهنجي هٿ سان ڳڙاڪو ٺاهي، ٽانڊو چاڙهي ڇڪيندو هو. امان ۽ ناني به چلم ڇڪينديون هيون. ناني ناس به ڏيندي هئي. بابي کي ڪبوترن ۽ ٻين پکين رکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. عمدا عمدا ڪبوتر هٿ ڪري رکندو هو – پکي، قمريون، چيها، چتون ۽ نوريون رکندو هو. ناني مرحوم کي به اهڙو ساڳيو شوق هو. بابي کي هنرن جو گهڻو شوق هوندو هو. سبڻ ڀرڻ ته ڄاڻندو هو پر واڍڪي ڪم مان به واقف هو ۽  اُهي سڀ اوزار وٽس رهندا هئا. جنڊيءَ جو ڪم به سکيو ۽ دٻليون، گنج، پيچڪون ۽ ٻيون شيون به جوڙيندو هو. کيس ڏسي، جنڊيءَ جو ڪم ادو مرزا غلام رضا به سکيو، ۽ پوءِ آءُ به سکيس. باغ ۾ ننڍا ڪدو پوکي، اُنهن مان ننڍيون ناس جي لاءِ بلاغون ٺاهيائين ۽ اُنهن تي وَلين ۾ بيٺي، لوهه جي تار جا کوپا چاڙهي، ڦاڪدار ڪيائين ۽ پوءِ ڇني، اُنهن تي نقش نگار ڪڍي، رنگ ڏئي، عمديون سوکڙيون ڪري هلايائين. نقاشيءَ ۽ ڪمانگري جي ڪم ۽ ڪينچيءَ جو نهايت عجيب ڪم رکيل هو – وچ ۾ هڪڙو وڏو مور ڪتريل ۽ چنبڙيل هو، جو مٿان پڇ ٽيڙي بيٺو هو. سڄي پتنگ تي پنن ۽ گلن جو نازڪ ڪم ٿيل هو. اهڙو چڱو ڪم هو، جو مير صاحب اُڏائڻ نه ڏنو، ۽ پنهنجي بنگلي ۾ ٽنگائي ڇڏيائين، جتي ماڻهو اچي ڏسندا هئا ۽ تعريف ڪندا هئا. بابو راڳ جو به شوقين هو ۽ چڱو ڳائي ڄاڻندو هو. جواني ۾، طنبور ۽ڪن ٻين سازن وڄائڻ جو به شوق هئس. اکر فارسي ۽ عربي، تمام چڱا لکندو هو؛ اگرچ لکڻ مهل، رعشي کان سندس هٿ پيو ڏڪندو هو، ته به تمام چڱو خوشنويس هو. سندس لکيل قرآن ۽ ٻيا ڪتاب اڃا موجود آهن. طبابت جو شوق هئس ۽ طب جا ڪتاب ڏسندو هو ۽ دوائون ڪندو هو. رمل جو علم ڄاڻندو هو. ۽ فالون وجهندو هو ۽ تعويذ پڻ لکندو هو. شعر پڙهڻ جو گهڻو شوق هئس. ساري عمر اُنهيءَ ۾ گذاريائين. گهڻن شاعرن جا ڪتاب پڙهيائين ۽ اڪثرناني مرحوم سان گڏ اُهي پڙهندو هو ۽ مشڪل شعرن جي معنى تي پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا. خود سندس چيل فارسي شعر به اسان وٽ موجود آهي. سندس فارسي شعر توڙي ناني ۽ ڪن ٻين گرجي مرزائن جو شعر، مون ”گرجُي نامہ“ ۾ گڏ ڪري آندو آهي. ناني مرحوم جي وفات جو تاريخي قصيدو، جو سندس مقبري جي ڇٽيءَ تي اُڪريل آهي، سو بابي جو چيل آهي. بابي ۽ ٻين عزيزن جي وفات جون تاريخون، اڪثر منهنجون چيل آهن، جي منهنجي ڪتاب ”سوادي خام“ ۾ ڏنل آهن. بابو، خوشطبع هوندو هو ۽ سڀني سان خوش خلق رهندو هو. مهمانن جي گهڻي تلافي ڪندو هو؛ خاص تُرڪن ۽ ايرانين جي، جن سان گهڻي صحبت پسند ايندي هئس. گولڊ سمڊ صاحب، جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ جاگيرات جو صاحب هو ۽ تعليم اکتو به سنڀاليندو هو، تنهن سان خاص دوستي هئس ۽ اُنهيءَ سان لکپڙهه ڪندو هو. ناني مرحوم جي حياتيءَ ۾ اُهو صاحب، توڙي ڪمشنر صاحب، تروٽ صاحب ۽ راس بورن يا فلپس صاحب ڪليڪٽر ۽ ٻيا صاحبلوڪ ناني وٽ ايندا هئا، اُنهن سان بابو به گهڻي صحبت ڪندو هو. اُنهن جي صلاح سان ته بابي، منهنجا ٻه وڏا ڀائر پهرين انگريزي پڙهڻ ويهاريا. هندن ديوانن مان، گهڻن سان خاص رستو هئس؛ جيئن ته ديوان چنديرام، ٽلٽيءَ وارو؛ ديوان شوقيرام، حيدرآباد وارو؛ ۽ ديوان ٽوپڻ مل، آغا جي ٽنڊي وارو ۽ ڪي ٻيا.

بابو جيتوڻيڪ اصل ڪرسچن، يعني يعسئي مذهب وارو هو، پر پوءِ مير صاحبن وٽ رهي مسلمان ٿيو ۽ بي تعصب رهندو هو. مذهب، اثنا عشري شيعو هئس ته به يارن ۽اصحابن کي بد نه چوندو هو. تصوف ڏي سندس گهڻو ميل هوندو هو. محرم جي ڏينهن ۾ ماتم ڪندو هو ۽ مرثيا به پڙهندو هو. پهرين ترڪي ٻولي ڳالهائيندو هو، جيئن نانومرحوم به ڳالهائيندو هو؛ پوءِ ٻيئي ايران ۾ فارسي سکيا ۽ هتي فارسيءَ ۽ عربيءَ جو خوب محاورو ڪيائين. سنڌي ٻولي هتي سکيا ۽ چڱي ڳالهائيندا هئا؛ اگرچ ڪي ڪي نج سنڌي حرف پوريءَ طرح نه چوندا هئا، ۽ گهڻن هنڌن تي مذڪر ۽ مؤنث جو غلط استعمال ڪندا هئا. ٻانهن ۽ ٻانهين سان ڳالهائيندي، بابو ۽ امان، شيدڪي ٻولي به ڳالهائيندا ۽ سمجهندا هئا، ۽ مون کي به ٿوري گهڻي اڃا ايندي آهي. وڌيڪ احوال ناني جو توڙي بابي جو، سندن سوانحعمريءَ ۾ ڏسڻ گهرجي.

منهنجن ڀائرن مان سڀني کان وڏو، مرزا غلام رضا بيگ، پهرين پرشن ٽيچر، حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ هو؛ پوءِ ميرپور خاص ۽ ٽنڊي محمد خان جي ننڍن ميرن جو ٽيچر ٿيو ۽ پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. هن عهدي تي اوچتو ڪراچيءَ ۾، 1895ع ۾ وفات ڪيائين، ۽ سندس لاش حيدرآباد آڻي دفن ڪيو ويو.

منهنجو ٻيو ڀاءُ، مرزا صادق علي بيگ، جو ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهي، پهريون مسلمان بي. اي. ٿيو، سو پهرين شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو؛ پوءِ ڪراچي ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر ۽ ايڊوڪيشنل ٽرانسليٽر ۽ سرڪاري ”سنڌ سڌارا“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي ڪتاب، تعليم کاتي لاءِ کيائين. ٽيهن ورهين کانپوءِ پينشنر ٿيو، ۽ ”خانصاحب“ جو لقب مليس. مرزا حيرت جي وفات تي، ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پرشن پروفيسريءَ جي آڇ ٿيس، پر بمبئيءَ وڃي رهڻ قبول نه ڪيائين. آخر 1912ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين.

منهنجن ٻن وڏن ڀائرن جي نسبت ۾ هيترو هتي لکڻ ضروري آهي ته ادو مرزا غلام رضا بگي فارسيءَ ۾ هشيار هو، ۽ راڳ ۽ شعر جو گهڻو شوق هئس ۽ سنڌي شعر ۽ ڪافيون گهڻيون چيائين ۽ زمينداريءَ جو شوق به گهڻو هئس ۽ گهڻي زمين هٿ ڪيائين ۽ اباد ڪرائيندو هو ۽ پنهنجي سر اُنهيءَ تي محنت ڪندو هو. ادو مرزا صادق علي بيگ، ننڍي هوندي کان نقاشي جي ڪم جو شوقين هوندو هو ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي بمبئيءَ جي آرٽس اسڪول ۾ ڊرائنگ ۽ نقاشي سکيو. پکين جو به گهڻو شوق هوندو هئس. ڪڪڙ، ڪبوتر، قمريون، مور، بدڪون، تتر رکندو ۽ پاليندوهو ۽ پکين ۽ جانورن جي شڪار جو به شوقين هو ۽ چڱو بندوقچي هو.

هڪڙي ڀيري، بندوق هڻندي، ڳچيءَ وارو هڏو ڀڄي پيس، جو ڊاڪٽرن ڳنڍيو. ستار به وڄائيندو هو. تعليم کاتي ۾ اهڙي انصاف سان ڪم ڪيائين جو هندو مسلمان ماستر کيس پسند ڪندا هئا ۽ انسپيڪٽر توڙي ڊائريڪٽر مٿس هميشہ مهربان رهيا.

منهنجو چوٿون ڀاءُ، مون کان ننڍو، مرزا علي قلي بيگ به تعليم کاتي ۾ پهرين پرشن ٽيچر هو، پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، ۽ نيٺ 1904ع ۾، پينشن وٺڻ کان اڳ وفات ڪيائين.

اُنهيءَ کان ننڍو مرزا جعفر علي بيگ هو، جنهن پهرين بمبئي ميڊيڪل ڪاليج جو امتحان ايل. ايم. ائنڊ ايس. پاس ڪيو ۽ اُتي هوشياريءَ ۾ نالو ڪڍيائين ۽ پوءِ لنڊن ۾ وڃي، ٻه – ٽي ٻيا به امتحان ڏنائين ۽ اُتي شادي ڪيائين. موٽي سنڌ ۾ اچي ڪراچي ۾ اسپتال کوليائين ۽ نالو ڪڍيائين. ٻيو ڀيرو به ولايت ويو. آخر سن 1898ع ۾، پليگ جي ڪري وفات ڪيائين. ادي جعفر قلي بيگ جي نسبت ۾ هيترو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، ته اسڪول ۾ پڙهندي، هڪڙي ڀيري بيمار ٿي پيو. ڳل تي ڦرڙي نڪتس، جا ڦاٽي پيئي ۽ آرپار ٽنگ ٿي پيس. مهينن جا مهينا بيمار پيو هو ۽ ڊاڪٽرن علاج پئي ڪيس. اُنهيءَ بيماريءَ تي جيڪو خرچ ٿيو ۽ جيڪا تڪيلف هن ڏٺي، تنهن جي ڪري ارادو ڪيائين ته وڏي هوندي آءُ ڊاڪٽري ڪم سکندس ۽ ٻين جا علاج ڪندس. آخر مئٽريڪيوليشن ۾ پاس ٿيڻ ۽ ”ايلس پرائيز“ کڻڻ کانپوءِ، ميڊيڪل ڪاليج ۾ ويو ۽ نالو ڪڍيائين ۽ پوءِ ولايت ويو. ڊاڪٽر مرزا ۽ سندس ڪٽنب جو ٿورو احوال مسٽر هيرانند جي انگريزي سوانحعمريءَ ۾ ڏنل آهي، جو اُنهن ٻنهي گڏجي ڪراچي ۾ اسپتال کولي هئي ۽ پاڻ ۾ گهرا دوست هئا. اها سوانحعمري، مسٽر ڏيارام، گدومل جي لکيل آهي. ڊاڪٽر مرزا به نقاشي چڱي ڄاڻندو هو ۽ انگريزي ۽ ديسي راڳ چڱو ڄاڻندو هو ۽ ٻنهي قسمن جا ساز چڱا وڄائيندو هو.

اُنهيءَ کان ننڍو، مرزا نجف قلي بيگ، انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ اوورسيئر، هو ۽ ڏاڍو آزمودگار ۽ هوشيار ماڻهو هو. آخر ۾ نوڪري ڪندي، قنبر ۾ نمونيا جي ڪري بيمار ٿي پيو ۽ هتي آندو ويو ۽ سن 1891ع ۾ وفات ڪيائين. ادو نجف قلي ڏاڍو همت ڀريو جوانمرد هو. ڳريون ڳريون پڃريون کڻندو هو. واڍي ۽ لُهر جو ڪم ڄاڻندو هو. لوهه تي مينا جو ڪم، اٻاوڙي جي پاسي سکيو. ڳائيندو به چڱو هو.

انهيءَ کان ننڍو، يعني ستون ڀاءُ، مرزا حيدر قلي بيگ، پهرين ڊاڪٽر مرزا جو اسسٽنٽ هو ۽ سندس اسپتال هلائيندو هو، پوءِ ميهڙ جو جيلر ٿيو ۽ پوءِ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو ۽ سن 1891ع ۾ نمونيا جي ڪري وفات ڪيائين. حقيقت ڪري اِنهن پوين ٻنهي ڀائرن هڪڙي هفتي جي اندر ساڳيءَ بيماريءَ جي ڪري وفات ڪئي – پهرين ننڍي حيدر قليءَ ۽ پوءِ وڏي نجف قليءَ، جنهن کي ڀاءُ جي سنڀال ڪندي ساڳي بيماري ٿي، اُنهن ٻنهي شادي نه ڪئي ۽ عين جوانيءَ ۾ مري ويا.

منهنجي وڏي ڀيڻ، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هشيار هئي ۽ سُئيءَ جو ڪم تمام چڱو ڄاڻندي هئي. سندس شادي مامي مرزا علي محمد بيگ جي پٽ مرزا ڪلب علي بيگ سان ٿي، جنهن ڊيپوٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تي رهي، سن 1919ع ۾ وفات ڪئي. هوءَ شعر به چوندي هئي. سنسد نالو زيب النساء هو. زيب النساء شهزادي شاعره، تخلص ”مخفيءَ“، جي غزل جي جواب ۾ سندس هڪڙو چڱو فارسي غزل چيل آهي (ڏسو باب 11 نمبر1).

منهنجي ٻيءَ ڀيڻ جي شادي، مامي مرزا ولي محمد بيگ جي پٽ، مرزا حسين قلي بيگ سان ٿي، جنهن محالڪاريءَ جي عهدي ۾ بيمار ٿي، رخصت ورتي ۽ سن 1911ع ۾ وفات ڪيائين.

ناني مرحومجي پٽن مان وڏو خانبهادر مرزا علي محمد بيگ، ڊيپوٽي ڪليڪٽر، پينشن کان اڳي سن 1904ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس ٻيو پٽ مرزا محمد رحيم بيگ مختيارڪار هو ۽ پوءِ جاگيردار ٿي رهيو  سن 1905ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪڙو پٽ مرزا علي نواز بيگ ڊيپوٽي ڪليڪٽر آهي. ناني جا ٻيا به ٻه پٽ ننڍا هئا. ناني ۽ بابي جي اولاد جو شجرو هيٺ ضميمي ۾ ڏنل آهي. ٻيو سندن مفصل احوال، سندن احوال مان معلوم ٿيندو. (باب 11 ۾ شعر نمبر 21 به ڏسو.)

(2) منهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۽ ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم جو احوال

آءُ ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾، پنهنجي پيءُ واري جهوني گهر ۾ ڄائو هوس. اها سن 1270 هجري (1853ع) جي محرم مهيني جي 4- تاريخ هئي. ناني، منهنجو نالو ”قليچ خان“ رکيو، جو وڏي هوندي قليچ بيگ ٿيو. ايلفنسٽن ڪاليج ۾ وڃڻ کانپوءِ پروفيسر مرزا حيرت، مون کي  ”قليچ بيگ“ سڏڻ لڳو. اُنهيءَ کانپوءِ ”خان“ جي بدران ”بيگ“ نالي ۾ قائم ٿي ويو. منهنجي ڄمڻ جي تاريخ جو مادو ابجد ۾، ناني ۽ بابي جو چيل ۽ اُنهي بابت ڪجهه ذڪر، منهنجي هڪڙي شعر ۾ آهي، جو باب 11 ۾ ڏنو ويندو. (ڏسو شعر نمبر 3 باب 11)

امان چوندي هئي ته جڏهن آءُ ڄائس ته تڏهن منهنجون اکيون اهڙيون اَڇيون هيون، جو اکين جا تارا ڏسڻ ۾ ئي نٿي آيا؛ جنهن ڪري شڪ پين ته ڏسي نٿو سگهان. نانو مرحوم، جو بيمار پيل هو، تنهن کي اِها ڳالهه ٻڌايائون، تنهن چيو ته سج ڏي منهن ڪري ڏسوس ته اکيون پوري ٿو يا نه؟ ائين ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته ڏسان ٿو ۽ مادرزاد انڌو ناهيان. ٻاراڻي وهيءَ ۾ چون ٿا ته آءُ تمام ٿلهو هوس، جنهن ڪري بادل فراش، جو چرچائي مشهور هو، سو مون کي ”گهوٻاٽو“ ڪري سڏيندو هو. ڏهين ٻارهين ورهين کانپوءِ ٻين ڀائرن وانگي، هاٺِي ڦري، سنهي ٿيڻ لڳي. اڳوڻي دسوتر موجب، ڄمڻ سان ڪا کير پيارڻ واري دائي رکندا هئا، مون کي شروع کان ڀاڳل نالي پخالڻ کير پياريو هو، منهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا علي قليءَ کي شريفان حجامڻ کير پياريو هو، جڏهن ننڍي هوندي آءُ ڪا حرڪت ڪندو هوس تڏهن زالون چونديون هيون ته هن پخالڻ جا بُبا ڌاتا آهن، تڏهن ٿو ائين ڪري. اِهي پخالي، مهاڻا هوندا هئا. جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي، راند ڪندي پاڻ ۾ تڪرار ڪندا هئاسين، تڏهن هو مون کي ”ڀاڳل“ يا ”مهاڻي“ چئي چيڙائيندو هو ۽ آءُ هن کي ”شريفان“ يا ”حجامڻ“ چئي چيڙائيندو هوس. دائي مريم، حيدرآباد واريءَ، مون کي ڄڻايو هو، جا تمام پيرسن زال هيئ ۽ اسان جي ڪٽنب جي دئي هئي. ننڍي هوندي، جڏهن آءُ دائيءَ کي چيڙائيندو هوس ۽ سندس هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو نقل ڪندو هوس، تڏهن ڪاوڙجي چوندي هئي ته ”ماٺ ڪر، نه ته جتان آندو اٿمئين، اوڏي وري روانو ڪنديسئين.‘ منهنجو ڇٽيءَ وارو پهريون پهراڻ، اڃا موجود آهي ۽ جڏهن ڪو مون کي ٻار ٿيندو آهي، تڏهن دعا لاءِ پهرين اُنهيءَ کي ڍڪائيندا آهن.

امان چوندي هئي ته ننڍي هوندي آءُ ڏاڍو معاملائي هوندو هوس ۽ ڏاڍي هوڏ ۽ تيسو ڪندو هوس ۽ مون معاملا به اجايا ۽ بي معنى ڪندو هوس؛ پر ٻن ڀيڻن کانپوءِ ڄائو هوس، تنهنڪري مائٽن کي ڏاڍو پيار هوس؛ ۽ اُهي منهنجا ناز ۽ انگل کڻندا هئا ۽ ڪنهن به طرح مون کي رنج ڪرڻ نه گهرندا هئا. چون ٿا ته بعضي، اڌ رات جو اُٿي، معاملو ڪندو هوس ۽ ڌمچر مچائيندو هوس. هُل تي نانو مرحوم، پنهنجي گهران ماڻهو موڪلي پڇندو هو ته ’ٻار کي ڇوٿا رئاڙيو، جيئن چوي تيئن ڪريو يا جيڪي گهُري سو ڏيوس؛ پر گهڻو روئڻ نه ڏيوس.‘ خواب ڏسي اُٿندو هوس ۽ رپيا يا ڪا ٻي راند جي شيءِ، جا خواب ۾ ڏٺي هونديم، سا گهرندو هوس. آڻي ڏيندا هئا ته چوندو هوس ته ’اِها نه ٻي!‘ انهيءَ طرح ڪيتريون ئي شيون اچي گڏ ٿينديون هيون؛ پوءِ ماٺ ڪندو هوس. وڏي هوندي تائين مائٽ مون کي ”اها نه ٻي“ چئي ٽوڪيندا هئا. مائٽ ۽ اولاد جي مثال لاءِ منهنجو هيءُ شعر آهي:

چيو ميوي کي پنهنجي هڪڙي وڻ هيئن:

ته تنهنجي لاءِ ٽڙيون مکڙيون ۽ گل ڪيئن؟

پچي، تون راس ٿين مون مان اي دلبر!

ڪچو آءُ ٿو رهان، ٿَم حال ابتر.

اِهو مائٽ جو ۽ اولاد جو حال،

رهن خوشحال نِت هي، ۽ هُو بدحال.

بعضي، رات جو سيءَ ۾ هنگڻ ايندو هو ته چوندو هوس ته امان، ڪپڙا لاهي، ٻاهر ميدان ۾ هلي ويهي هنگائي: ڪيترو ئي سمجهائيندا هئا ته به نه مُڙندو هوس. آخر لاچار ٿي، امان ويچاري، مون کي راضي رکڻ لاءِ، ائين به ڪندي هئي. اڃا مون امان جو کير پئي پيتو ته ادو علي قلي ڄائو. اُنهي کي به ماءُ جي کير پيڻ جو حق ٿيو. پر آءُ، اهڙو معاملائي هوس، جو هن کي امان وٽ اچڻ ئي نه ڏيندو هوس. بلڪ اجي انهيءَ جاءِ تي ڏسندو هئس ته معاملو ڪري، ڪڍائيندا هوسانس. امان، لڪِي ڇپي، هن کي کير پياريندي هئي؛ اگرچ، هن کي ٻي کير پيارڻ واري دائي به هئي. سگهوئي پوءِ مون کي به کير ڇڏايائون.

ننڍي هوندي، منهنجي حرڪتي هئڻ جو مثال هڪڙو هيءُ بس آهي ته هڪڙي ڀيري سياري ۾، اسين سڀيئي بخاري وٽ، باهه تي ويٺا هئاسين. مون، سنهڙيون ڪاٺيون يا تيليون، باهه ۾ دکائي، هٿ سان پئي لوڏيون ۽ ٻين ڀائرن کي پئي هنيم. باهه وٽ ڪو وڏو ويٺل نه هو. اوچتو، ادي مرزا غلام رضا بگي جي ڪپڙن کي باهه لڳي وئي ۽جيسين دانهن ڪوڪ تي، ڪو وڏو ڊوڙي آيو، تيسين هن کي باهه وڪوڙي ويئي. مشڪلات سان باهه اُجهايائون، ليڪن ادي مرحوم جا پُٺا تمام سَڙي پيا. ۽ اُنهيءَ ڪري، هو مهينن جا مهينا بيمار پيو هو ۽ ڊاڪٽرن علاج پئي ڪيس. ڇُٽڻ کانپوءِ به سندس سڄا پُٺا سڙيل رهيا ۽ پڇاڙي تائين، پهراڻ لاهڻ مهل، اُهي داغ ڏسڻ ۾ پيا ايندا هئا.

امان چوندي هئي ته نانو ۽ بابو، مون کي ڏاڍي دعا ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن تي بادشاهه جو نالو آهي ۽ هيءُ هوشيار ۽ بخت وارو ٿيندو. اڃا ننڍڙو هوس ته لکڻ پڙهڻ جو مون کي شوق پيدا ٿيو. ٻيا سڀ ٻار، راند روند ڪرڻ ويندا هئا، پر آءُ ڪاغذ، قلم ۽ مس کڻي، ويهي ليڪا ڪڍندو هوس. ماڻهن کي عجب لڳندو هو ته هن کي ٻين وانگي ڇو ٻيءَ راند جو شوق ڪو نه ٿو ٿئي؟ اُنهيءَ شوق وڌائڻ لاءِ، امان، مون کي رنگ برنگ جا پنا ۽ قلمدان ۽ ڪمانگري فرهي وٺي ڏيندي هئي. هڪڙا ڪاغذ پيو لکندو هوس ۽ ٻيا پيو ڦاڙيندو هوس. جڏهن ٿورو وڏو ٿيس، تڏهن ياد پويم ٿو ته ادو مرزا علي قليءَ سان توڙي ٻين ٻارن سان لڪ لڪوٽي يا ڪنگر ڪلوٽو يا تيزي جي راند يا کينهون ۽ چڌن جي راند ڪندو هوس؛ پر سو به اڪثر گهر ۾؛ ٻاهر بلڪل ٿوري راند ڪندو هوس. پتن سان به راند ياد اٿم. وڏي هوندي، ٿوري شطرنج سکيس؛ بس، ٻي راند ڪانه ڪيم. پر وڏي هوندي اصل ڪنهن ه راند يا شڪار جو شوق ڪو نه رکيم، جو منهنجن ٻين ڀائرن کي گهڻو هو. باقي لکڻ پڙهڻ جي راند ۽ ڪتابن لکڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق ۽ مشغولي، ننڍي هوندي به هئي ۽ اڃا تائين هلي اچي.

جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيس، تڏهن پهرين پنهنجي ڳوٺ جي خانگي مڪتب ۾، پنهنجي آخوند محمد شفيع وٽ ويٺس، جتي منهنجا وڏا ٻه ڀاءَ ۽ ٻيا ماروٽ به پڙهندا هئا. جڏهن منهنجا وڏا ڀاءَ انگريزي اسڪول ۾ ويهاريا ويا ۽ مون به قرآن پورو ڪيو، تڏهن مون کي ۽ ادي مرزا علي قليءَ کي حيدرآباد جي سنڌي سڪول ۾ ويهاريائون. اسين سڀ ڀاءُ، جوڙو جوڙو ٿي، گڏ پلياسين ۽ پڙهياسين؛ تنهنڪري اسان جي جوڙي جوڙي جي سنگت، پڇاڙي تائين هلي آئي. ادو مرزا غلام رضا ۽ ادو مرزا صادق علي گڏ پڙهيا؛ آءُ ۽ ادو علي قلي گڏ پڙهياسين؛ ادو مرزا جعفر قلي ۽ نجف قلي گڏ پڙهيا. فقط ادو حيدر قلي اڪيلو پڙهيو؛ پر پوءِ سگهوئي وري هو ۽ ادو نجف قلي گڏ رهڻ لڳا ۽ گهاٽا سنگتي ٿيا.

اسين سڀ واري سان، شهر حيدرآباد جي اسڪولن ۾ پڙهياسين. اسان جو ڳوٺ شهر کان ٻه اڍائي ميل پنڌ جا هو. اهو پنڌ ننڍي هوندي کان ڪندا آياسين. صبح جو سويل، هڪڙي ماني کائي، ٻي ٻنپهرن لاءِ، مزورن وانگي، ساڻ ٻَڌي گهران نڪرندا هئاسين. هڪڙو ڪراڙو نوڪر اسان سان گڏ هلندو هو. پهرين اسان جو استاد آخوند ولي محمد هو. صبح جو سوير، اسين هن جي اوطاق تي ويندا هئاسين ۽ اُتي پڙهندا هئاسين؛ پوءِ ڏهين بجي ڌاري آخوند صاحب سان گڏجي سنڌي اسڪول ۾ ويندا هئاسين: ٻنپهرن جو اُتي ماني کائيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن، نانوائن کان ٻوڙ گهرائيندا هئاسين باورچي ڪوفتائيءَ کان يا ڇَتي دال واري کان ڪوفتا ۽ دال وٺي، پنهنجي مانيءَ سان کائيندا هئاسين. سڄو ڏينهن پڙهي، وري شام جو نوڪر سان نڪرندا هئاسين ۽ سج لٿي ڌاري ڳوٺ ايندا هئاسين. اُها اچ وڃ، اُنهيءَ عمر ۾ به پيادا ڪندا هئاسين – پوءِ آرڙهه جي گرميءَ، سياري جي سيءَ واءَ ۾ ۽ سانوڻ جي مينهن ۾ به ڪندا رهندا هئاسين. ڪيترا دفعا، مينهن ۾ ڀڄي، گهر پهتا هونداسين. نوڪر ساڻ هوندو هو، تنهنڪري مائٽن کي انتظار ڪو نه رهندو هو. ڪن ڏينهن کان پوءِ وري قاضي حاجي احمد، مٽيارپن وارو مخدوم، سنڌي اسڪول ۾ اسان جو هيڊ ماستر ٿيو، جو سنڌي ۽ ٻيا درجي جا ڪم سيکاريندو هو. تڏهن اسڪول ۾ فارسي به پڙهائيندا هئا ۽ گلستان، بوستان، انوار سهيلي ۽ سڪندر نامو ۽ ٻيا فارسي ڪتاب اسان اُتي پڙهيا؛ بلڪ، قاضي حاجي احمد وٽ آءُ عربي به پڙهيس. اسان کي آخوند يا قاضيءَ يا ٻئي ماستر، ڪڏهن به مار ڪانه ڏني. هو ڏاڍي عزت ۽ آبروءَ سان پڙهائيندا هئا ۽ اسين به شوق ۽ محنت سان پڙهندا هئاسين. آخوند ولي محمد جي هڪڙي چماٽ ۽ هڪڙي چهنڊڙي ران ۾، اڃا تائين ياد آهي. قاضي صاحب تاڪيد سان نماز پڙهائيندو هو ۽ روزا رکائيندو هو ۽ قرآن جي ختمي وقت حاضر رهڻ جو تاڪيد ڪندو هو، جنهن ڪري ننڍي هوندي کان قرآن، نماز ۽ روزي جو تاڪيد رهندو هو ۽ گهر مائٽن جو به سعيو هوندو هو، جو اُهي پاڻ به اُها مشغولي رکندا هئا، انهيءَ طرح ننڍي هوندي کان اسان کي نماز جي عادت پئي، ۽ پنڌ ڪرڻ ۾ به چالاڪ ٿياسين. سنڌي اسڪول ۾ فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ آءُ ڏاڍو هشيار هوندو هوس ۽ گهڻا انعام مليم، جي گولڊ سمڊ صاحب ۽ مور صاحب ۽ پوءِ نارائڻ جگنناٿ هٿ سان ڏنا، جن ۾ بابو به حاضر رهندو هو.

اسڪول ۾ پڙهندي، راڳ جو شوق پيدا ٿيو ۽ سُرندائين کان سُرندو وڄائڻ سکيس ۽ ڳائڻ به. پوءِ، ستار وڄائڻ سکيس، جا ڪاليج ۾ پڙهندي به پيو وڄائيندو هوس. محرم ۾ شهر منجهه چڱا مرثيا پڙهندا هئاسين، ماڻهو شوق مان ٻڌندا هئا.

مٿي چيو ويو آهي ته ننڍي هوندي مون کي راند جو گهڻو شُق نه هو، پر پڙهڻ لکڻ ۽ ڪاغذن ڪارن ڪرڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. رڳو لکڻ پڙهڻ جو نه، مگر خاص طرح شعر چوڻ جو به شوق هوندو هو. مون کي ياد آهي ته ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ ڪوڙا سچا بيت ٺاهي، ناني مرحوم وٽ کڻي ويندو هوس. نانو بيمار هوندو هو. کٽ تي سُتو پيو هوندو هو. مون کي گهرائي، چوندو هو ته ”ابا، مون کي پنهنجو شعر ٻڌاءِ.“ پوءِ آءُ پڙهي ويندو هوس. تنهن تي ڏاڍو کلندو ۽ خوش ٿيندو هو. دائي قدم، جا سندس خدمت ۾ رهندي هئي، تنهن کي چوندو هو، سا پِستا، ڪشمش، باداميون يا ڪيو ٻيو اهڙو ميوو کڻي ايندي هئي. اُهو، هو مون کي ڏيندو هو ۽ شابس ڏيئي، روانو ڪندو هو. جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويس، تيئن تيئن سمجهه جهڙا سنڌي شعر چوندو هوس، ڪڏهن فارسي به چوندو هوس. گهڻو ڪري کل مسخريءَ ۽ ڌرڌي جهڙا شعر چوندو هوس. اڪثر گهر جي ڳالهه بابت چوندو هوس جن ۾ بابي ۽ امان ۽ ڀائُرن ڏي اشارن ڏيڻ کان به نه رهندو هوس. ڏينهن جو ٺاهي رکندو هوس؛ رات جو، جڏهن سڀ ماني کائي ويهندا هئا، تڏهن آءُ ويهي پڙهندو هوس ۽ بابو، امان ۽ ٻيا سڀ ويهي ٻڌندا هئا ۽ ٽهڪ ڏئي کلندا هئا. انهن ڏينهن جا ڪي شعر اڃا مون وٽ موجود آهن ۽ ظاهري ڪري وزن ۾ پورا ۽ موچارا چڱا آهن. ڪي غزل ۽ مرثيا به ننڍي هوندي جوڙيم، جي بابي کي پسند ايندا هئا ۽ اُنهن ۾ پاڻ اصلاح ۽ درستيون به ڪندو هو. جڏهن مرحوم مير حسين علي خان يا آغا زين العابدين شاهه يا ڪو ٻيو معزز ماڻهو، ملاقات لاءِ يا مهمان ٿي ايندو هو، تڏهن بابو مون کي اُنهن جي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو ۽ هُو تعريف ڪندا هئا ۽ مون کي شابس ڏيندا هئا. بابي کي تعويذ لکندو ۽ فالون وجهندو ڏسي، مون کي به اهڙن ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو. ياد اٿم ته ڪيترن ماڻهن کي تعويذ لکي ڏيندو هوس ۽ اهڙو ويساهه اُنهن ۾ پيدا ٿيو ته اُهي لڳن ٿا، جو تعويذن لاءِ پنج پئسا يا پائي پئسو ضرور نذر ڏيندا هئا؛ اُها خرچي به نڪرندي هئي. بعضي ماڻهو ته اُنهيءَ اڳوڻيءَ عادت جي نظر تي، اڃا تائين فال وجهڻ يا چڱي ڏينهن ڪڍڻ يا تعويذ لکڻ لاءِ چوندا آهن. بابو مون کان فارسي ڪتابن نقل ڪرڻ جو به ڪم وٺندو هو، جو پاڻ به ڪندو هو ۽ اُنهيءَ ۾ آءُ هن کي چڱي مدد ڏيندو هوس. اُنهيءَ ڪم ڪندي، منهنجا اکر تمام چڱا ٿيڻ لڳا. مطلب ته گهر جي خانگي منشگيري، ننڍي هوندي کان منهنجي حوالي هوندي هئي؛ بلڪ پاڙي اوڙي ۾ به جي ڪنهن کي خط پٽ، مرثيو، منقبت يا مدح لکائڻي هوندي هئي ته مون کان اچي لکائيندو هو؛ اُنهيءَ ڪري منهنجو علمي مايو يا خوشخطي زياده ٿيندي ويئي.

بابي جي مون سان ايتري محبت هئي ۽مون کي به سندس صحبت ايتريقدر وڻندي هئي، جو اڪثر ساڻس گذاريندو هوس. ڏينهن جو به فرصت وقت، سندس جاءِ ۾ سندس ڪتاب ويٺو لکندو هوس ۽ شام جو، جڏهن پاڻ ٻاهر ويندو هو ۽ ٻيا ٻار راند تي ويندا هئا، تڏهن آءُ ساڻس گڏ ويندو هوس. جي پاڻ، ميان عافيت جي اوطاق ۾ شطرنج راند ڪرڻ ويندو هو، ته آءُ به ساڻس گڏ ويندو هوس ۽ هنن جي راند ڏسندو هوس ۽ جيڪي ساريون ماري رکندا هئا، اُنهن سان ويٺو راند ڪندو هوس. رات جو بابي سان گڏ هڪ کٽ تي سمهندو هوس. سندس وفات تائين ائين ڪندو هوس. رات جو جڏهن بابو اچي ليٽندو هو، تڏهن آءُ ويهي کيس زور ڏيندو هوس؛ پوءِ جڏهن ننڊ ايندي هيم، تڏهن سندس پاسي ۾ سمهي رهندو هوس، ڏينهن جو آرڙهه ۾ جڏهن بابو آرام ڪندو هو، تڏهن کيس پکو ويهي هڻندو هوس يا جَهلِي ڇڪيندو هوس يا وري به زور ڏيندو هوس. اِنهيءَ ڪري، بابو مون کي گهڻو ڀائيندو هو ۽ دعائون ڪندو هو، ۽ ڪيتريون ڪتابن جون ڳالهيون يا بيت ٻڌائيندو هو؛ يا پنهنجي وطن جو احوال ۽ ننڍي هوندي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. اِنهيءَ بابت، منهنجو هيءُ بيت آهي:

فيض جيڪي مون کي ٿيو حاصل، سو پنهنجي پيءُ کان ٿيو،

رات جو ٿي گڏ سُتس جنهن سان، ۽ ويٺس ڏينهن جو.

ننڍي هوندي مون کي خوشطبعي ۽ مسخري ۽ چرچي بازي ڪرڻ جي عادت هوندي هئي. مسخريون يا نَقلُون به تمام عمديون ڪندو هوس؛ جنهنڪري بابو ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي، توڙي ٻيا ملاقاتي، گهڻو کلندا هئا. ياد اٿم ته بابو ايترو کلندو هو جو اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هوس؛ پوءِ چوندو هو ته ڇوڪر جڏهن وڏو ٿيندو ۽ پرڻبو، تڏهن پنهنجي زال ۽ ٻارن سان به چرچن ڪرڻ کان نه رهندو. منهنجو هڪڙو ڪتاب ”هزليات“ نالي آهي، جنهن ۾ منهنجا سڀ چرچي ۽ ظرافت جا شعر لکيل آهن، جيئن شيخ سعديءَ جو رسالو ”مضحڪات“ آهي. نه رڳو زباني چرچا ڪندو هوس. پر ٻين ماڻهن جون نقلون سانگ ۽ ناٽڪ به ڪندو هوس ۽ ڪپڙا بدلائي ٻي صورت ڪندو هوس. هڪڙي ڀيري ڪنهن فقيرياڻي کي خيرات ڏنيم؛ اُها خوش ٿي بابي ۽ امان جي روبرو مون کي دعا ڪيائين ته ’ابا، شل تو منجهان گهڻا ڏار ٽار نڪرندا!‘ هن جي وڃڻ کانپوءِ، لڪي وڻن جون ٽاريون، پنهنجي سڄي بُت تي تجويز سان اٽڪائي، لِڪي، اوچتو نِڪري، اچي سندن اڳيان بيٺس ۽ چيم ته ’ڏسو، مون کي فقيرياڻيءَ جي دعا جهٽ ۾ لڳي آهي!‘ اهڙين مسخرين ۽ چرچن جي ڪري ڳوٺ ۾ مشهور ٿي ويو هوس ۽ وڏي هوندي به جڏهن ڪا دوستن ۽ عزيزن جي مجلس ٿيندي هئي ۽ آءُ ايندو هوس، تڏهن چوندا هئا ته هاڻي سڀئي کلنداسين يا چوندا هئم ته هاڻي اسان کي کلاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com