بهرحال، خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي چواڻي:
”سنڌ جي قديم خواه جديد اديبن ۾ مرزا صاحب جو درجو
ممتاز آهي. سنڌي ادب جي خدمت جيتري مرزا صاحب ڪئي
اوتري ڪنهن به ٻئي نه گذريل زماني ۾ ڪئي آهي ۽ نه
هلندڙ زماني ۾. هُو سنڌي نثر جو علمبردار هو. هن
کان اڳ ننديرام، ڪيولرام ۽ ڪوڙي مل سنڌيءَ ۾ با
محاوره ڪتاب، جدا جدا مضمومنن تي لکيا، پر جنهن
تيزي ۽ روانيءَ سان مرزا صاحب سنڌي ڪتاب تصنيف ۽
تاليف ڪيا، تن جو اندازو اُهي ڪري سگهندا، جنهن
اُهي ڪتاب نظر مان ڪڍيا هوندا.“(6).
خانبهادر ميمڻ اڳتي هلي لکي ٿو ته:
”هوُ ناول ۽ ناٽڪ نويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
ناٽڪ نويسيءَ ۾ مشهور انگريز ڊراما نويس
’شيڪسپيئر‘ جا ڪيترائي ڊراما ترجمو ڪري، سنڌي ادب
۾ کوٽ جي پورائي ڪيائين. اُنهن ناٽڪن ۾ مرزا صاحب،
پنهنجي شعر سان، اصليت به قائم رکي آهي. سنڌي
ناولن ۾ ’زينت‘ بلند پايي جو ناول آهي، جنهن جهڙو
مثال اڃا سنڌ ۾ ظاهر ئي ڪو نه ٿيو آهي.“(7)
خانبهادر ميمڻ اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:
”مطلب ته جهڙي سنڌ ادب کي نثر جي کوٽ هئي، اوتري
قلم ۽ جنبش آڻي سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو اٿس ۽ ائين
چوڻ به جائز آهي ته مرزا صاحب جي نثر جي عدم جي
موجودگي ۾ سنڌي نثر هڪ بيجان هستي آهي، مرزا صاحب
جي تصنيف ايتري ته گهڻي آهي ۽ بلند پايي جي آهي،
جو ماڻهو حيرت ۾ پئجي وڃي ته هن صاحب کي پنهنجي
منصب کان ايتري فراغت ڪيئن ملي جو هيترا گهڻا ڪتاب
لکيائين.“(8)
جڳ مشهور مستشرق عالم، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، پنهنجي
ڪتاب ’سنڌي ادب جي ارتقا‘ ۾، مرزا صاحب کي خراج
تحسين پيش ڪندي، فرمايو آهي ته:
”مرزا قليچ بيگ جي زندگي، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان کي
ارپيل هئي. سنڌي شعر توڙي نثر جو خال ڀرڻ لاءِ هن
مشرقي توڙي مغربي شاعرن، عالمن، اديبن، مفڪرن،
دانشورن، فيلسوفن ۽ صوفين جي مختلف ڪتابن جو گهرو
مطالعو ڪيو ۽ اُنهن مان شعر توڙي نثر جا جوهر
چونڊي، اُنهن جو آسان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، پنهنجي
پڙهندڙن آڏو رکيا. هن اهڙو ڪو به موضوع ڪونهي
ڇڏيو، جنهن تي سندس قلم نه وهيو هجي. کيس جيڪو سٺو
ڪتاب هٿ لڳو، تنهن کي جهول ۾ وڌائين. شيڪسپيئر جي
مشهور ڊرامن کي به سڀ کان اول نثري صورت ۾ آندائين
۽ بعد ۾ اهڙيءَ ته مهارت سان ترتيب ڏنائين جو ڄڻ
ته اُنهن ڊرامن ۾ پيش ڪيل واقعا ۽ حادثا مقامي سر
زمين ۾ ٿيل هجن، اُن سان گڏ شرلاڪ هومز جي جاسوسي
ناولن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. اڻ کانسواءِ
جرمنيءَ جي جنگ، چين ۽ اُتي جا ماڻهو ۽ يورپ جا
وڏا ماڻهو جهڙا ڪتاب به اُنهيءَ ساڳئي جذبي سان
ترجمو ڪيائين، جنهن جذبي سان جانورن، مقناطيسي
ڪشش، سائنس جي حيرتناڪ ڪارنامن ۽ سياسي اقتصاديات
بابت لکيائين.“ (9)
ڊاڪٽر شمل صاحبه اڳتي لکي ٿي ته:
”مرزا صاحب يورپ جي عظيم ناولن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيو. سندس ترجمو ڪيل ناولن ۾ ’وڪٽرهيوگو‘ جي تصنيف
’مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا‘ جي نالي ترجمو
مشهور آهي. مرزا صاحب پنهنجي هن ڪم لاءِ ڪتابن جي
چونڊ رڳو يورپ جي اديبن تائين محدود ڪانه رکي، پر
آمريڪي اديبن، فارسي جي ڪلاسيڪي ادب توڙي عربي ادب
کي به سنڌي ۾ آندائين. اُنهن ۾ امام غزالي، سعدي،
جامي ۽ مولانا روميءَ جي مثنوين کي به سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيائين.“ (10)
(ر) مرزا صاحب سنڌي نثر ۾ ٻارن جي ادب جي واڌاري
لاءِ به وڏو ڪم ڪيو. سنڌي ادب ۾ هيءُ موضوع به هر
لحاظ کان اهم آهي. مرزا صاحب جي هن خدمت جي باري ۾
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته:
”1890ع ۾، مرزا قليچ بيگ ’دلپسند قصا‘ جي عنوان
سان ”Lamb’s
tales from Shakespear“
جو ترجمو، ٻن ڀاڱن ۾ ڪيو. مرزا صاحب، سنڌي ادب جي
ٻين شاخن سان گڏ پڇاڙيءَ تائين آکاڻيون به لکندو
آيو، جن مان ڪي هي هيون: ’شيطان جي ناني‘ (1916ع)،
’دل وندرائيندڙ ڳالهيون‘ (1918ع)، ’ٻاراڻا گل ڦل‘
(1918ع)، ’ٻارن جي وندر ۽ پروليون‘ (1922)، ’ڪريس‘
(يوناني تاريخي ڳالهيون – 1923ع)، ۽ ’گلابي جوڙو‘
(1926ع).“ (11)
پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه، پنهنجي تحقيقي
مقالي ۾ مرزا قليچ بيگ کي ”بسيار نويس اديب“ سڏيو
آهي.(12)
پروفيسر لالسنگ اجواڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي
تاريخ“ (سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل) ۾، مرزا صاحب جي باري
۾ لکيو آهي ته:
”مرزا صاحب جو پهريون طبعزاد ناول ’دلارام‘ آهي ۽
سندس ٻيو طبعزاد ناول ’زينت‘ آهي. سندس اِهي ٻيئي
ڪامياب ناول آهن.“(13)
مطلب ته سنڌي نثر جي ڪابه اهڙي صنف ڪانه هئي، جنهن
لاءِ هن بزرگ قلم نه کنيو هجي. سندس اهڙيءَ ڪوشش
جو مثال اڄ به ملڻ مشڪل آهي. مرزا صاحب جي قلم
سنڌي نثر ۾ اهڙا ته جولان ڏيکاريا جو ٿوري ئي وقت
اندر سنڌي زبان جو ڳاٽ اوچو ٿي ويو. مرزا صاحب جي
ادبي مقام جي سلسلي ۾، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته:
”عموماً اسان جا محقق ۽ نقاد، مرزا قليچ بيگ کي
فقط هڪ مترجم ڪري ليکيندا آهن، ليڪن منهنجيءَ نظر
۾ هو اصلوڪو ليکڪ وڌيڪ هو. هڪ اوريجنل اديب هو ۽
طبعزاد شاعر هو، جنهن ادب ۽ زبان جي سلسلي ۾ تمام
وڏيون خدمتون بجا آنديون. هُو فڪشن، تنقيد،
لسانيات، سنڌ جي سياسي فڪر ۽ تاريخ جي سلسلي جو
محقق ۽ عالم هو. اُن بابت ’سنڌ جا قديم شهر ۽ اُن
جا ماڻهو‘ سندس مشهور تصنيف آهي. هُو پنهنجي وقت
جو ادبي محقق ۽ سوانح نگار به هو، جنهن آڳاٽن ۽
پنهنجي دور جي شاعرن جا ڪلام مرتب ڪيا. ’ثابت علي
شاهه جا مرثيا‘ چئن جلدن ۾، ’ديوانِ قاسم‘،
’ديوانِ فاضل‘ ۽ ’رسالو ڪريمي‘ وغيره هن ڇپايا.
’ميان حسن علي آفندي جي سوانح حيات‘، ’شعر جو شرف
۽ شان‘ ۽ ڪيئي سندس مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. ’سائو
پن يا ڪارو پنو‘ سندس آتم ڪهاڻي آهي. هُو پهريون
محقق آهي، جنهن سنڌي ۾ ’شاهه لطيف جو رسالو‘ تصحيح
۽ ترتيب سان ڇپايو، جنهن کي کانئس پوءِ هر ايندڙ
محقق شاهه لطيف جي مستند ماخذ طور استعمال ڪيو.
ماهر لسانيات جي حيثيت ۾ هن سنڌي ٻولي جي وڏي خدمت
بجا آندي، ان سلسلي ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو ويا ڪرڻ،
’لغات لطيفي‘ ۽ ’لغات ڪريمي‘ لسانيات جي خيال کان
نهايت اهم اشاعتون شمار ٿين ٿيون. مطلب ته هن ادب
۽ ٻوليءَ جي هر فيلڊ ۾ ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ايترو
ذوق ۽ تجسس پيدا ڪيو، جو ٿوري ئي عرصي ۾ ٻيا لکندڙ
به سندس تقليد ڪندي، سندس نشانِ راهه تي هلڻ لڳا.“
(14)
(2) مرزا صاحب جي طرز تحرير ۽ اُسلوب بيان:
(الف) ادب جا نقاد اِهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته ادبي
اصولن جي لحاظ
کان ناول، ناٽڪ، ڪهاڻي ۽ مضمون توڙي ٻين ادبي صنفن
لاءِ جيڪي اصول ۽ ڳالهيون ضروري آهن، اُنهن ۾
موضوعن جو انتخاب، حسن بيانيءَ جي طرز يا طرزِ
تحرير، حقيقت بياني، سيرت نگاري، گفتگو ڪرڻ جو
انداز يعني مقالا نويسي، منظر ڪشي ۽ بامحاوره عام
فهم ۽ سليس ٻولي ۽ اهڙيون ٻيون خصوصيتون، مرزا
صاحب جي نثر نويسيءَ جون خاص خوبيون ۽ خصوصيتون
آهن. مرزا صاحب جي عبارت ۽ اُسلوب، سندس حسن بياني
سندس نثر نويسي ۾ مناسب صنعتن جي استعمال؛ تشبيهن،
استعارن، تجنيسن، مسجع ۽ مرصع اُسلوب بيان جهڙيون
سڀ خصوصيتون مرزا صاحب پنهنجي نثر نويسيءَ ۾ مناسب
صنعتن جي استعمال؛ تشبيهن، استعارن، تجنيسن، مسجع
۽ مرصع اُسلوب بيان جهڙيون سڀ خصوصيتون مرزا صاحب
پنهنجي نثر نويسيءَ ۾ ڪم آنديون. اُن کانسواءِ نثر
جي ڌار ڌار قسمن، عبارت آرائي ۽ انداز بيان جي ڌار
ڌار نمونن کانسواءِ فصاحت، بلاغت،، سلاست، جملن ۾
مناسب جاين تي چوڻين، پهاڪن ۽ اصطلاحن جي استعمال
کانسواءِ اشارا، ڪنايا، علامتون ۽ ٿثميلون ڪم آڻي،
مرزا صاحب پنهنجي عبارت جي اُسلوب ۽ حسن بيانيءَ
جا بهترين مثال پيش ڪيا آهن.
مرزا صاحب ناولن، ناٽڪن، مضمومنن ۽ ٻين صنفن ۾
جيڪي ڪتاب لکيا يا جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا، اُنهن جي
ترجمي ڪرڻ ۾ به پاڻ اهڙو ئي انداز بيان ۽ اُسلوب
ڪم آندائون جو اُهي ڪتاب ترجمو ٿيل گهٽ ۽ تبعزاد
يعني اصلوڪا لکيل ڪتاب وڌيڪ لڳن ٿا. اهڙو ثبوت
سندس ترجمو ٿيل ڪتابن جهڙوڪ: ’شاهه ايليا‘، ’حسنا
دلدار‘، ’فيروز دل افروز‘، ’گولن جا گوندر‘، ’گلن
جي ٽوڪري‘، ’انڪوائري آفيسر‘، ۽ ’شمشاد مرجانه‘
وغيره مان ملي ٿو.
(ب) مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته مرزا صاحب سنڌي نثر
۾ علم ادب، تهذيب جي ارتقا، علم الانسان، علم
اللسان، لطيف شناسي، سنڌ جي تاريخ، سنڌجي جاگرافي،
اقتصاديات، علم نباتات، حشرات الارض ۽ حيات بعد
الممات کان سواءِ سائنسي موضوعن تي به بيشمار ڪتاب
ترجمو ڪيا. مضمون نويسيءَ جهڙي مشڪل صنفن، جنهن ۾
اونهن ۽ ڳوڙهن خيالن ۽ سوچن کي ڳڻيو ويندو آهي،
انهيءَ صنف ۾ به مرزا صاحب برطانيا جي مشهور مفڪر
’بيڪن‘
(Bacon)
جي لکيل مضمونن
(Bacon’s Essays)
کي ’مقالات الحڪمت‘ جي عنوان سان سنڌي ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪيو.
(ت) اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته مرزا صاحب جي وڏي
ڪاميابي سندس طبعزاد ناول ”زينت“ آهي، جنهن ۾
ڪٽنبي ماحول جو حقيقي نقشو چٽيو اٿس. هن ناول ۾،
مرزا صاحب پنهنجي دور جي وچولي طبقي جي هڪ سنڌي
ڪٽنب جي جيوت جي تصوير پيش ڪئي آهي. هن ناول ۾،
مرزا صاحب سنڌ جي گهريلو سماج جي ماحول جا
اِصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا ڪم آندا آهن.
(ث) مطلب ته دنيا جي اُها ڪهڙي مشهور زبان نه
هئي، يا جڳ مشهور ناول نگار، ناٽڪ نويس ۽ فلسفي نه
هو، جنهن جي شاهڪار کي پڙهي، مرزا صاحب نه فقط پاڻ
محظوظ ٿيو هجي، پر پنهنجن پڙهندڙن کان سواءِ
پنهنجي همعصر اديبن، شاعرن ۽ مفڪرن کي، اُنهن جڳ
مشهور اديبن، عالمن ۽ مفڪرن جي شاهڪار لکڻين مان
مستفيض ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئائين.
(ج) مٿي عرض ڪيو اٿم ته مرزا صاحب جي نثر
نويسيءَ جي هڪ وڏي خصوصيت هيءَ آهي ته سليس، آسان
۽ سلوڻي ٻولي ڪم آندي اٿس. ڪهڙيءَ به ٻوليءَ جو
ڪتاب، اصل کڻي ڪيترو به دقيق يعني ڏکيءَ ٻوليءَ ۾
لکيل ۽ ڳوڙهن خيالن وارو ڇو نه هجي، پر مرزا صاحب
اُن جو ترجمو نهايت ئي آسان ۽ سليس ٻوليءَ ۾ ڪيو
آهي. ’مقالات الحڪمت‘ اهڙن ڳوڙهن خيالن واري نثر
جو هڪ مثال آهي، جنهن کي مرزا صاحب نهايت ئي آسان
زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. اهڙي طرح امام غزالي جو
فلسفي تي لکيل اعلى ڪتاب ’ڪيميائ سعادت‘ به دقيق ۽
ڳوڙهن خيالن سان ڀريل آهي، مگر اُن جي ترجمي ۾
مرزا صاحب هميشہ جيان نهايت ئي سليس ٻولي ڪم آندي
آهي.
عبارت ۾ سلاست جي لحاظ کان مرزا صاحب کي انگريزي
زبان جي اديب ’گولڊ سمٿ‘ وانگر سنڌي جي عوام کي
سليس ٻوليءَ ۾ نثر ڏنو. سندس نثري جملن ۾ نزاڪت،
سلاست، سندرتا ۽ ڪوملتا کانسواءِ سندس عبارت ۾
رواني، ٻوليءَ ۾ رس ۽ ميٺاج ڀريل آهي. سندس ڪو به
ججملو تڪلف وارو نه آهي. مرزا صاحب جي عبارت آرائي
جي باري ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جو رايو آهي
ته:
”مرزا صاحب جي عبارت ۽ اُسلوب پڻ، سندس دستور موجب
نهايت ئي سليس ۽ دلپسند آهي ۽ گهريلو اصطلاحن ۽
پهاڪن سان ڀريل آهي.“ (15)
(ح) اڳ ۾ چيو ويو آهي ته مرزا صاحب موضوع مطابق
ٻوليءَ جي عبارت ۽ اُسلوب ڪم آندو، اُن لحاظ کان
هُن، سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان ڪرڻ جي انداز يعني
Style
(اُسلوب) ۽ عبارت آرائيءَ ۾ انقلابي تبديليون
آنديون. ان ڪري هن دعوى ڪرڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه
ٿيندو ته ديوان ننديرام ۽ اُڌارام جي سنڌي هڪ خاص
نموني ۾ اُسلوب واير هئي، جنهن کي ديوان ڪوڙي مل ۽
مرزا صادق علي بيگ سڌاري ۽ سنواري، ۽ کانئن پوءِ
واري زماني جي نثر نويسن لاءِ نوان دڳ گهڙيا ۽
انهيءَ دڳ کي شاهراهه بڻائڻ وارو شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ هو.
مرزا صاحب تن تنها سنڌي نثر جي هر موضوع تي ايترو
ڪجهه لکيو، جو اُن کي اُن دور يا موجوده زماني جي
ٻين سڀني اديبن جي گڏيل ڪوششن ۽ ڪاوشن سان ڀيٽي به
نٿو سگهجي. ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪتاب ۾، ’سنڌي نثر
جا چار ٿنڀا‘ جي عنوان هيٺ بيان ٿيل آهي ته:
”سنڌي نثر کي اول اول جن چئن بزرگن نثر نويسن
سنڀاليو هو ۽ ترقي ڏياري هئي، اُنهن ۾ ديوان ڪوڙمل
چندن مل، رشي ڏيارام گدومل، پرمانند ميوارام ۽
مرزا قليچ بيگ جا نالا وڏي عزت ۽ احترام سان ورتا
ويندا آهن.“ (16)
ديوان منوهرداس ڪوڙي مل ”ساهتڪ پشپ“ ۾ ديوان ڪوڙي
مل چندن مل کِلناڻي کي ’سنڌي نثر جو ابو‘ سڏيو
آهي. هو هن سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:
”سڀي ۾ وڏو، پهريون پهيرون اِنڊا ڀريندڙ، ترجما
ڪندڙ، جهنگ کي ڪٽيندڙ، سڙڪ ٺاهيندڙ، ديوان ڪوڙو مل
هو، جنهن کي ’سنڌي نثر جو ابو‘ چئي سگهجي ٿو.“
(17)
ديوان منوهر داس ڪوڙي مل جي اِنهيءَ راءِ کي مون
پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ حوالي طور پيش
ڪيو هو. سندس انهيءَ راءِ جو احترام ڪندي. آءُ
هيئن عرض ڪندس ته بيشڪ ديوان ڪوڙي مل، محنت ڪري،
سنڌي نثر لاءِ جهگ ڪاٽيا، واٽُن گهڙيون، اِنڊا
ڀريا ۽ راهون هموار ڪيون، پر جڏهن مرزا قليچ بيگ
جهڙي قداور نثر نگار جي قد ۽ نثر نويسيءَ جي ميدان
۾ سندس ڪيل خدمتن جو ڪاٿو لڳائجي ٿو، تڏهن ائين
محسوس ٿئي ٿو ته اسان جا ٻيا سڀ نثر نگار، شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ جي ادبي معيار جي مقابلي ۾
ايترا قداور نه آهن. مرزا صاحب سنڌي نثر نويسيءَ
جي ميدان ۾ ايترو ته وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ايتري ته
محنت ۽ جاکوڙ ڪئي اٿن جو هن جي محنت ۽ جاکوڙ، سنڌي
ٻوليءَ کي اُن وقت جي جدد ادب ۾ دنيا ۾ وڏي مقام ۽
معيار تائين پهچائي ڇڏيو هو. پروفيسر منگهارام
ملڪاڻي انهيءَ سلسلي ۾ فرمايو آهي ته:
”مرزا صاحب جي خدمت نه رڳو نثر نويسيءَ تائين
محدود آهي، پر هُو آئيندي جي نسل لاءِ اها رهنمائي
ڪري ويو آهي، جنهن جو شڪريو قوم کي هر موقعي تي
ادا ڪرڻو پوندو. بي. اي. ۽ ايم. اي جي نصاب ۾ سنڌي
هجي ئي نه ها، جيڪڏهن سنڌ جو هيءُ علمبردار
رهنمائي نه ڪري ها.“ (18)
يقيناً مرزا صاحب بين الاقوامي سطح جو سنڌي
نثرنگار هو. هن بين الاقوامي ادبي نظرين ۽ ادبي
فلسفن کي ذهن ۾ رکي، دنيا جي مشهور ۽ قداور نثر
نويسن جي شاهڪارن کي سنڌي زبان ۾ آندو ۽ سنڌي ادب
۾ جديد رجحانن ۽ جديد لاڙن کي آڻڻ کانپوءِ سنڌ جي
نئين نسل جي ذهنن ۾ جديد رجحانن وارن جذبن کان
جاڳائي، همعصر نوجوان اديبن ۾ نئين سوچ، نئين
سمجهه ۽ جدت جي جاڳرتا آڻي. سنڌي نثر ۾ انقلابي
تبديليون آڻي ڇڏيون، ۽ سنڌي نثر جي هر صنف تي
شاهڪار ڪتاب تخليق ۽ ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي
ادب ۽ سنڌي نثر کي جنهن معيار، جنهن مقام ۽ جنهن
بين الاقوامي منزل تي پهچائي ڇڏيو، تنهن جو مثال
ملڻ مشڪل آهي.
سنڌي نثر جي ههڙي اعلى مقام ۽ اهڙي اعلى معيار جي
تجزئي کانپوءِ آءُ هن دعوى ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس
نٿو ڪريان ته شمس العلماء مرزا قليچ بيگ نه فقط
پنهنجي دور جي، پر سنڌي ادب جي هر دور جي هڪ يگاني
اديب نثر نگار، تخليقڪار ۽ جديد سنڌي نثر توڙي نظم
جي بانيءَ جي حيثيت ٿو رکي.
سنڌ جي سر زمين مردم خيز آهي. شال هن سرزمين جي
پيٽ مان وري ڪو ’قليچ‘ پيدا ٿئي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ
۾ سنڌي ادب کي ايندڙ نسل لاءِ، هر دور ۾ جديد ۽
نون لاڙن سان قائم ۽ دائم رکندو اچي.
حوالا
(1)
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي نثر جي تاريخ،
حيدرآباد، سنڌي ساهت گهر، 1999ع، ص، 30.
(2)
محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر: بلبل سنڌ، جمعيت
الشعراءِ سنڌ، حيدرآباد، 1951ع، ص 12.
(3)
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: حوالو پهريون، ص 124.
(4)
ايضاً، ص ص 30، 31 ۽ 32.
(5)
ايضاً، ص 24 ۽ 25.
(6)
محمد صديق ميمڻ، خانبهادر: سنڌي ادب جي تاريخ،
ڀاڱو 2، سنڌ يونيورسٽي پبليڪيشن، 1957ع، ص ص 428 ۽
429.
(7)
ايضاً، ص 429.
(8)
ايضاً، ص 429.
(9)
ائنيمري شمل، ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي ارتقا، مترجم:
(غلام حيدر ٻرڙو، ڊاڪٽر): مورو، شهيد عبدالرزاق
اڪيڊمي، 1989ع، ص 92.
(10)
ايضاً.
(11)
منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ،
حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1977ع، ص 30.
(12)
نور افروز خواجه، ڊاڪٽر: ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول
جي اوسر، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، 1999ع، ص 99.
(13)
اجواڻي، لالسنگ، پروفيسر: سنڌي ادب جي تاريخ،
سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل، 1990ع، ص 142.
(14)
شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر: مرزا قليچ بيگ، سنڌ جو
قومي عالم ۽ اديب، حيدرآباد، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ،
1996ع، ص ص 13 ۽ 14.
(15)منگهارام
ملڪاڻي، ڊاڪٽر: ڏسو حوالو نمبر 11.
(16)
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ڏسو حوالو نمبر پهريون، ص
ص 26 ۽ 27.
(17)
منوهرداس ڪوڙومل: ساهتڪ پشپ، ساهتيه اڪيڊمي، نئين
دهلي، 1960ع، ص 4.
(18)
منگهارام ملڪاڻي، پرويفسر: ڏسو حوالو 11، ص 43.
مظهر الحق صديقي
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ: ڪامل اديب
”قليچ“ آهي ته ترڪي ٻوليءَ جو لفظ ۽ لُغوي معنى
اٿس ”ترار“، مگر جڏهن اِهو سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا
قليچ بيگ جي نالي جي نسبت سان تصور ۾ اُڀري ٿو،
تڏهن پنهنجي اصل معنى جي برعڪس، اصطلاحي معنى ۾
”قلم“ ۽ ”لکڻ“ جو مفهوم ٿو قائم ڪري. ڇاڪاڻ ته
مرزا قليچ بيگ جي هستي پنهنجي علم اورچائيءَ ۽
قلمي ڪمال جي ڪارڻ هڪ عالم ۽ اديب جي حيثيت ۾ اسان
جي علمي ۽ تعليمي ماحول ۾ جا دائمي روشني پکيڙي
آهي، تنهن ”قليچ“ لفظ جي مفهوم کي اسان جي سماج ۾
اُن ئي مبارڪ معنى سان قائم ڪيو آهي.
دنيا جا حڪيم ۽ عظيم انسان پنهنجي مقصد حيات ۾
ڪاميابي ماڻڻ لاءِ محنت ۽ مشقت جي طاقت آهر
تبديلين جو ڪارڻ بڻبا آهن. مگر اُهي عالم ئي اعلى
۽ ارفع انسان هوندا آهن، جي قومن جي شعور جا ٻوٽيل
در کولي، چؤطرف روشني پکيڙيندا آهن. مرزا قليچ بيگ
جي هستي لاشڪ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اُها لافاني هستي
آهي، جنهن اسان جي معاشري ۾ نسل در نسل شعور جا
اهڙا سورج اُڀاريا آهن، جن جي روشني زمان ۽ مڪان
جي قيد و بند کان مستثنى آهي.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ۽ قلمي جدوجهد
سبب ڇڏيل اثاثي مان کانئس پوءِ ڪهڙي فرد ۽ نسل
استفادو حاصل نه ڪيو هوندو؟ يقيناً علم ۽ تعليم
سان وابستگي رکندڙ هر هڪ فرد پنهنجي بصيرت سارو
انيڪ فائدا حاصل ڪيا هوندا. اِهو سلسلو جاري ٿيڻ
کانپوءِ ڪٿي به ساڪت ۽ جامد نظر نٿو اچي، جو مرزا
صاحب جون مختلف تصنيفون هر هڪ تعليمي اداري ۽
دانشگاهه جي نصاب ۾ موضوع جي مطابقت موجب مستند
طور اڄ به مروج آهن.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي دؤر کي مدنظر رکي،
سندس گهڻ پهلو علم ۽ تصنيفات ڏانهن نگاهه ڪجي ٿي
ته عجب وچان ڏندين آڱريون اچيو وڃن ٿيون. هڪدم
اِهو احساس ٿئي ٿو ته هُو دنيا جي اُنهن
بسيارنويسن مان هو، جن پنهنجي ذات گراميءَ ۾ اڪيلي
هئڻ جي باوجود اعلى ادارن سان همسري ڪئي ۽ فن توڙي
علم جا مينار کڙا ڪري مثال قائم ڪيو. شاهه صاحب
فرمايو آهي ته:
سُٽ اُنهن جو سڦرو، جي پَر ۾ پِڃائين،
آواز اَرٽ جو، ساهه نه سُڻائين،
جي ماڻڪ موٽائين، ته به مُلهه مهانگو اُن جو.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي حياتيءَ جي مطالعي
مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ گهڻو خود – انتظام هو،
جيتوڻيڪ سرڪاري ملازمت ۾ اعلى عهدن ۽ منصبن تي
فائز رهيو ۽ پنهنجي فرائض سرانجام ڏيڻ ۾ ڪابه
ڪوتاهي نه ڪندو هو. ان جي باوجود به وقت جي پابندي
۽ قدر دانيءَ جو قائل هو. پنهنجي مقرر وقتن تي
مقرر ڪيل ڪم ڪندو رهندو هو. عبادت الاهي، مطالعي ۽
تصنيف و تاليف کان ڪڏهن به غفلت نه ڪيائين. اِهوئي
سبب هو جو پاڻ نهايت ڪاميابي سان پنهنجي حياتي
گذاريندو هو. پنهنجي مادري ٻوليءَ کان علاوه ٻين
به ڪجهه ٻولين تي عبور حاصل هوس، جن ۾ مطالعي ڪرڻ
کانسواءِ تصنيف و تاليف به آساني سان ڪيائين.
اُنهن ٻولين مان چيده تصنيفن جو ترجمو به ڪيائين،
جنهن ڪري هو سنڌي ٻولي جي وڏن ترجمي نگارن ۾ شمار
ٿئي ٿو. سندس طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل تصنيفن جو تعداد
ڪو ٿورو نه آهي، بلڪ گهڻو ئي آهي، تاريخ، ادب،
مذهبيات، سخنوري، ڊراما نگاري، ناول نويسي، فلسفي
۽ سوانح نگاري جي موضوعات ڏانهن سندس خاصي رغبت
هئي. سندس خيالات پاڪيزه ۽ فڪر همه گير هو. کيس
هميشه اهوئي اونو رهندو هو ته پنهنجي سنڌي ٻولي جي
علم و ادب کي اعلى فڪر ۽ فن سان همڪنار ڪجي.
انهيءَ ڪري پاڻ ڪيترن ئي موضوعن جي ابتدا ۽ آبياري
ڪيائين. سندس حياتيءَ جي مختلف دورن ۾ مٿس جيڪي
ڪيفيتون طاري ٿينديون رهيون آهن، تن جو احساس سندس
ڪلامجي مطالعي مان بخوبي ٿئي ٿو، جيئن جوانيءَ ۾
مجاز جي مهميز ملي ته هن جي رڳ رڳ رباب بڻجي پيئي
۽ پيريءَ ۾ تصوف ڏانهن مائل ٿيڻ ۽ ان جي مطالعي
توڙي مشاهدي جا رنگ نظر اچن ٿا.
سفيد منهن ٿيو سڄڻ جو اکيون سياهه عجب!
۽ لعل اُن جا ٿيا لب ۽ ڳل به واهه عجب!
- -
چون دل کي ٿا بيت الله صوفي،
ادب ان جو سڄڻ آڻين بجا ڇا؟
تصوف ٿيو، رکڻ دل آئيني جان،
ڀڳل آئينو ڏس، رهندو صفا ڇا؟
صوفيانه خيالات جڏهن پوري جوش سان مٿس طاري ٿين
ٿا، تڏهن هو اُن جي ترنگ ۾ اچي پنهنجي ڪيفيت جي
اظهار ڪرڻ کان ڪيٻائي ڪو نه ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي:
رهي ٿو عجب منهنجي دل ۾ اُمنگ،
ته ظاهر ڪريان نينهن پنهنجو نِسنگ.
اچي دل ۾ مون کي ته لاهي لباس،
ڍڪيان فقر جي ڪفني، ساڙي پلنگ.
مَلڪي خاڪ بُت کي، ٿيان آءُ ڀڀوت،
ڇڏي شهر پٺتي، وسايان آءُ جهنگ.
محبت جو مچ آءُ مچائي ڪٿي،
پوان ڪاهي، جئن شمع ۾ پئي پتنگ،
اڪيلو وڃي يا جبل ۾ رهان،
کڻان پاڻ سان ڪين ڪو ساٿي سنگ.
اُن جو هرگز اِهو مفهوم ڪو نه آهي ته هُو رهبانيت
جو درس ڏئي ٿو، مگر هو نفس جي نفي ڪرڻ ڏانهن ٿو
اشارو ڪري. جيئن اُن جي لاءِ هڪ هنڌ چوي ٿو:
سورهيه! ڏکو ڏيکاريئي، ويري سچو وساريئي،
پنهنجو نه نفس ماريئي، دشمن دَسيو ته ڇا ٿيو؟
مرزا صاحب وحدت الوجود جو پرچارڪ ٿو ڏسجي. وڏا وڏا
صوفي ۽ اولياء اُن نظريي جا قائل هئا. حضرت فريد
الدين عطار اُن جي شرح ۽ بسط لکڻ وارن ۾ مٿانهون
مقام رکي ٿو. ”منطق الطير“ سندس لکيل مثنوي اُن
عنوان تي هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ هڪ هنڌ
فرمائي ٿو:
چشم بکشاک جلوه ديدار،
متجلي است ازدر وديوار،
او به پيش، تو ايستاده چو سَرو،
سِر فرو برده تو نرگس وار.
[اک کول ۽ يار جو جلوو هر درو ديوار کان ڏس. هو تو
اڳيان سَرو وانگر کڙو آهي ته تون نرگس وانگر بند
اکين سان سِر جهڪايو بيٺو آهين.]
مرزا صاحب اُن مفهوم کي جنهن نزاڪت ۽ باريڪيءَ سان
پيش ڪيو آهي، سو قابل تحسين آهي.
جيڪي رهي ٿو دل ۾، هوئي نت اکين ۾ پڻ سو،
مجنونءَ کي خود خدا پڻ، ليلى نظر اچي ٿو.
تو ۾ سچي طلب جي مطلب کي ترت پهچين،
معشوق عاشقن کي هرجا نظر اچي ٿو.
دل جون اکيون جي کولين، پل پل جي حق کي ڳولين،
پوءِ راز ڪو به مخفي، پيدا نظر اچي ٿو.
مرزا صاحب جي شعور ۽ فڪري ارتقا جا پرتوا سندس
تحريرن ۽ تصنيفن مان چٽا پسي سگهجن ٿا، جن تي وڌيڪ
کوجنا جي ضرورت آهي. اڄوڪي تحقيق ۽ تجسس جي دور ۾
مرزا صاحب جي فن ۽ فڪر تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت شدت
سان محسوس ڪئي وڃي ٿي. منهنجي ادنى راءِ ۾ شمس
العلماء جي سنڌ جي علمي ۽ ادبي اُفق تي طلوع ٿيڻ،
ٻين حقيقتن کان علاوه عورتن لاءِ اذهان ۽ قلوب
لاءِ روشني جو سبب بڻيو. منهنجي خيال ۾ عورتن جي
جديد ادب ۽ سائنس جي تعليم جو باب مرزا قليچ بيگ
جي تصنيفن جي زور سان کُليو. محققن ۽ نقادن کي
جڳائي ته اُهي ان طرف ڌيان ڌري قدرداني ۽ اعتراف
ڪن. بيشڪ مرزا صاحب جي جدوجهد ۽ جانفشانيءَ جي ڪري
معاشرتي تعمير جي ابتدا ٿي، جنهن جي ڪري اسان جو
ڳاٽ اوچو ٿيو.
مرزا صاحب جي فرزند ارجمند مرزا اجمل بيگ صاحب جي
هنن خيالن سان اتفاق ڪري سگهجي ٿو ته: ”مرزا صاحب
مرحوم سنڌي علم و ادب جو مجدد اعظم، جديد رنگ جو
باني ۽ نئين عصر جو معمار آهي. سندس قادرالڪلامي ۽
هم داني مسلم ۽ سندس شمار سابقون الاولون ۾ آهي،
جو هن ايندڙ نسلن لاءِ جديد راهه ۾ هدايت جي شمع
روشن ڪري ڇڏي. سندس ادب جي فيض جا دروازا هرڪس و
ناڪس لاءِ هميشه کُليل هئا.“
پنهنجي پويان هن ڪامل اديب ۽ شاعر، ايترو اٿاهه
خزانو ۽ ابدي نغمو ڇڏيو آهي، جو عرصه دراز تائين،
جيسين سنڌي ادب، سنڌي زبان، سنڌي قوم ۽ سنڌي شعر و
شاعري باقي آهي، ”قليچ“ جو نالو دنيا ۾ استحسان
سان ورتو ويندو.
”…قليچ بيگ کي هُن جي وسيع ذوق پنهنجي دور جي
گوناگون ادب سان روشناس ڪرايو. قليچ بيگ اسان جي
ادبي ذوق ۽ انقلاب جو باني هو. ڪڏهن ڪڏهن مان
پنهنجي شعور جا قالين اُکيليندو آهيان ته اُنهن ۾
ٻه ٽي رنگين ڌاڳا قليچ بيگ جا به ملندا آهن.
منهنجي عمر ڏهه ورهيه هئي، جڏهن مون قليچ بيگ کي
پڙهڻ شروع ڪيو هو. هُن تصنيفات منهنجي ذهن کي
کنهبي ۾ ويڙهي، اُن جي چوڌاري هزارها رنگين پوپٽ
اُڏاري ڇڏيا هئا. شاهه لطيف کان پوءِ، قليچ بيگ،
سنڌ جي عظيم ترين ادبي شخصيت آهي……“ - شيخ
اياز
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
سنڌ جو آفتابِ ادب: مرزا قليچ بيگ
مَ چؤ مون کي، حياتي خواب آهي،
مَ ڀُل دنيا، عجب اسباب آهي،
نه ٿيندو قبر ۾ آدم اوطاقي،
بدن فاني مگر ٿيو روح باقي.
(قليچ)
”سائو پن يا ڪارو پنو“ سندس خود نوشته سوانح حيات
جو عنوان آهي، لکي ٿو ته: ”آءُ ٺوڙهي جي ٽنڊي
(حيدرآباد) ۾، پنهنجي پيءُ واري جهوني گهر ۾ ڄائو
هوس. اها سن 1270 هجري (1853ع) جي محرم مهيني جي 4
تاريخ هئي.“ (ص 18) تاريخي تقويم مطابق عيسوي
(شمسي) سال جي تاريخ 7 آڪٽوبر 1853ع تي، مرزا قليچ
بيگ حيدرآباد سنڌ جنم ورتو، ۽ اُتي ئي تاريخ 3
جولاءِ 1929ع تي وفات ڪئي. سندس مني صديءَ جي
ڀرپور زندگي، سنڌ جي ادبي ۽ سماجي تاريخ جو ”ڪارو
نه پر ”سونهري پنو“ آهي، جنهن تي ايم. فل ۽ پي.
ايڇ. ڊي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پنهنجي آتم ڪهاڻي پاڻ لکي شعر چيائين:
عجب احمق بدست خود بنوشت
مدح و ذم، نيڪ وبد، سوانح خويش.
(ص 12) |