سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :3

مومن جو انتخاب ٽئين حصي جي صفحي 230 تي آهي (افکار الابکار، 1906ع)

1.                  1سجع مير علي مراد ”از دو عالم علي مراد من است“

2.       سجع مير الهه يار ”بهر کار مرا الہ يار است“

3.                ’ماده‘ مير غلام علي ”غلام علي مئو“ (1227هه) (افکار الابکار، 1906ع)

4.       وفات مير فتح علي خان ٽالپر:

ٿي ارڙهين ورهيه عمر جڏهن ڪل حال

به شاهنشهي بر دهل زد دو دال

دگر ره چو بربيست افزود يست

چهل سال در دار دنيا بزيست

ڪيئين سلطنت سنڌ ايڪيهه سال

۽ ٿيو سال ٻاويهين ۾ انتقال

هو ايڪيهين رمضان جي ڄائو مير

جا هئي رات قتل جناب امير

۽ عاشوره جي رات جو از قضا

ڇڏي دار فاني ويو دارالبقا

.5   شهادت مير صوبدار ۽ شهداد خان:

مير بهرام و صوبدار امير

هر دودر ملک سندوالا دست

خلف نوجوان به پرپدر

شهادت فگند دربادست

زد دو ناخن بدل دو مصرعه سال

هر يکي زو بسال تنها دست

شده با مير صوبدار شهيد

زد بدامان شاه شهداد دست

6. ميرزا جانيءَ جو بيت:

عشقي خدا هم کي از خودي پاڪ کند

آب مزه که دهر نمناک کند

7. وفات قلندر       رحمت          648هه

وفات مخدوم نوح  فيض حق    998هه

وفات فتح فقير حيدرآبادي

وصال بود فراقش فراق بود وصال

ازانست سال وصالش: فراق فتح فقير (1209هه)

شهادت مير بجار         حاجي شهيد شد 1194هه

تاريخ وبا افتدان در سنڌ از قاضي عبدالغفور هالائي:

الموت کاسس کل الناس شاريه 1298هه

(از: ابکار، الافکا ر و گرجي نامه)

8. مرزا مئي 1909ع جو مڪليءَ جي قبرستان ۾ ويو هو، جتان جون ڪي تاريخون نوٽ ڪيون اٿائين. (اُهي هتي نٿيون ڏجن، ڇاڪاڻ ته ”مڪلي نامه“ ۽ ”مقالات الشعرا“ ۾ اُهي ڇپجي چڪيون آهن.)

9. مرزا صاحب پنهنجي ”يادگيرين“ ۾ هيٺيان انگ اکر ڏنا آهن:

اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ ڪڻڪ 9-4-0 في مڻ؛ چانور 0-8-0 في مڻ ؛ دال منڱ 9-7-0 في مڻ؛ ٻاجهر 6-5-0 في مڻ؛ لوڻ 3-6-0 في مڻ؛ کنڊ 3-6-1 في مڻ؛ بعد 6-2-0 في مڻ؛ گيهه 0-10-0؛ تيل 0-10-0؛ هيڊ 0-4-0؛ ڪڏهن ڪڏهن هڪ رپئي 24 سير گيهه ملندو هو ۽ کير 6 مڻ هڪ رپئي.

انگريز سرڪار جي راڄ ۾ جڏهن ڪمپنيءَ جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن هي اگهه هئا: ڪڻڪ رپئي جي 39 سير، چڻان رپئي جا ساڍا 16 سير، چانور رپئي جا ساڍا 8 سير، گيهه رپئي جو 4 سير، کنڊ رپئي جي چار مڻ.

انگريز سرڪار جي راڄ ۾ جڏهن ڪمپنيءَ جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن هي اگهه هئا: ڪڻڪ رپئي جي 39 سير، چڻان رپئي جا ساڍا 16 سير، چانور رپئي جا ساڍا 8 سير، گيهه رپئي جو 4 سير، کنڊ رپئي جي چار مڻ.

1857ع واري هنگامي کانپوءِ اگهه وڌيا. 1890ع ۾ هي اگهه هئا: ڪڻڪ رپئي جا 25 سير، چڻان 28 سير، چانور 12 سير، يگهه 2 سير، کير 9 پائين سير.

”بابي مرحوم جي کنڌي ۽ گهر جي حساب مان هيٺيان اگهه نڪرن ٿا: چانور سُڳداسي 0-8-4 رپيا في مڻ، ڪڻڪ 0-14-3 مڻ، چانور ڇڙيل 0-0-4 مڻ؛ چانور سنڌي ڳاڙها 0-9-3 مڻ، ٻاجهر 0-8-2 مڻ، گيهه هڪ رپيو سير، کنڊ رپئي 8 سير، ڪاٺيون هڪ اُٺ 8 آنا، تيل ڪڙو ساڍا ٽي سير هڪ رپئي ۾، صابن عمدو 6-1-0، ڦوٽا في سير 0-9-0، ڪپڙي جا اگهه هئا: ململ عمدي 0-12 تاڪيو، ڌماچ في گز 0-10-1 گز، ڪناري ريشمي 5 گز هڪ رپئي، بافتو ڪورو 0-13-5 تاڪيو، ڏوريو 0-4-2 تاڪيو، بخمل في وال، 0-12-0، الپاڪو في وال 0-12-0، ۽ ڇيٽ 3-3-0 وال.“

جاءِ جوڙڻ جا سامان: ڪچيون سرون 0-14-0 هزار، کڻائي 0-14-0 هزار، کڻائي 0-10-0 في هزار، پخال 6-0-0، بُهه 0-0-1، رازي جو روز 0-10-0 ۽ 0- 8-0، مزدور 0-4-0 ڇوڪرو 0-2-0 ۽ 6-1-0، نوڪر جو پگهار 0-0-5 رپيا.

1919ع جا اگهه مرزا صاحب هن طرح درج ڪيا آهن: اٽو في مڻ 0-10-0، کنڊ هڪ سير هڪ رپيو، گيهه في سير 0-2-0، ڪاٺيون ڏهه آنا مڻ، رازي جو روز ڏيڍ روپيو، مزدور تيرهن آنا، ڇوڪرو اَٺ آنا، واڍو ٻه رپيا، بُهه في مڻ ٻه رپيا، مٽيءَ جي گاڏي 0-8-0، نوڪر جو پگهار 12 رپيا، نوڪرياڻي 8 رپيا (يادگيريون).

10.    ڪي وڌيڪ تاريخون وفات جون:

وليد بن عبدالملڪ: ولد بيدين                   126هه

حجاج بن يوسف: بگو ابليس تاريخ وفاتش،

دگر فرما که بيدين بود حجاج                    103هه

(ياد هجي ته حجاج بن يوسف، سنڌ جي فاتح محمد بن قاسم جو سهرو هو ۽ محمد بن قاسم ذهني ۽ فڪري طرح سندس پروردو هو.)

نادر شاهه.: سيف اهل جلال قهر خدا             1160هه

رنجيت سنگهه: خورشيد جمله پنجاب            1256هه

ام حسن: واي واي هاي هي                      50هه

ام حسين: واي واي هاي هاي                    60هه

منصور حلاج: زهي فنا في الله                    306هه

حڪيم سنائي: سعادت                           535هه

نظام الدين اوليا: قطب ابدال هندستان           725هه

مخدوم جهانيان: مخدوم اهل جهان             785هه

شاهه خيرالدين بکري: مرشد کامل طريق احمدي 27 رمضان 1027هه

مسجد شاه حسيني درالور: درگاه اعلى           941هه

شاهه لطيف: رضوان حق                          1165هه

حاجي محمد قاسم: في جنات تجري           1157هه

مرزا صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي مختلف زبانن ۾ ڪتاب لکيا، اُنهن جا صفحا هيٺينءَ طرح شمار ٿيل آهن:

قلمي سنڌي                      9585

ڇپيل سنڌي                      11514

انگريزي                            1492

ڇپيل ناياب سنڌي               2390

فارسي                            1594

اردو                                369

عربي                             514

                                 27458

 

مرحوم مرزا قليچ بيگ 3- جولاءِ 1929ع جو 77 سال نهايت مصروف علمي ۽ عملي زندگي گذاري فوت ٿي ويو. ٽنڊي ٺوڙهي ڀرسان پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.

(نوٽ: تازو ٻڌو اٿم ته سندس پوٽي مرزا اعجاز علي بيگ، مرزا صاحب جي ڪتابن جي نئين سر ترتيب ڪئي آهي. ڪتبخانو درست ڪيو اٿائين ۽ مرزا صاحب جي هر هڪ شيءِ کي حفاظت سان سنڀالڻ شروع ڪيو آهي. هن تازو جيڪا فهرست مرتب ڪئي آهي، اُن مطابق مرزا صاحب جا جملي تصنيف ٿيل ڪتاب 457 ٿين ٿا. ڪراچي 3- نومبر 1972ع، رات 12 بجي)

[”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، 1980ع]

جڏهن حج جو آءُ ڪريان ارادو ٿو ادا،

مون وٽ ڪري پنڌ ٿو اچي ڪعبو سدا؛

تيئن ايندو بهشت نيٺ مون وٽ پاڻهي

جو ’اُز لِفَتِ الجَنةُ‘ فرمايو خدا.

قليچ

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مرزا قليچ بيگ ؒ کي مؤدبانه سلام

سنڌي ادبي بورڊ جي لائق سيڪريٽري جي سڏ سان گڏ، چند سٽون آءُ يوسف جي خريداري طور مرزا قليچ بيگ جي خدمتن کي ياد ڪندي لکان ٿو. مرزا صاحب سڀني کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ ادب، شعر، لغت، ڊراما وغيره موضوعن تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا. اُن کانسواءِ سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ تي ڪتاب لکيا. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ سنڌي صرف و نحو تي بنيادي ڪتاب لکيا. اُن دور ۾ سنڌي ٻولي صوبائي ٻوليءَ طور تسليم ٿي هئي ۽ ضرورت هئي ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌ بابت سنڌيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻو مواد مهيا ڪيو وڃي. اُن گهڻائي واري مقصد جي تعميل جو سهرو مرزا قليچ بيگ جي سر سونهي، کيس ڌڻيءَ طرفان ڄڻ اِنا اَعطَينَا کَا الکوَثَرُ مان ورڇ ملي ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ لاءِ گهڻي ۾ گهڻو ڪم ڪري ڇڏيان.

وسيع علمي ادبي مطالعي ۽ سالن جا سال تصنيف ۽ تاليف واري سندس ڪوشش ۽ اُن ۾ ڪاميابي ۾ اسان لاءِ هڪ وڏو سبق سمايل آهي ته انسان جي زندگي ۾ وقت جي کوٽ ڪانهي ۽ ٿوري وقت ۾ به گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو، پر جي گهڻي ۾ گهڻو ڪم ڪجي ته اُن لاءِ به وقت گهڻو آهي. مرزا قليچ بيگ سرڪاري نوڪري ڪئي ۽ اُن وقت جي سرڪاري نوڪري ۾ ڪم ڏانهن گهڻي ۾ گهڻو ڌيان لازمي هو. اُن وقت اُٺن تي سفر ٿيندا هئا ۽ تعلقي مختيارڪار جي حيثيت ۾ مرزا صاحب اُٺن تي وڏا سفر ڪيا ۽ سرڪاري ڊيوٽيءَ سان گڏ تاريخي ماڳن مقامن کي ڏٺائين. شروع ۾ ان وقت اليڪٽر سٽي ڪانه هئي، گرميءَ کان راحت لاءِ پکا ڪين هئا. باوجود اُنهن ڏکيائين جي مرزا صاحب وڏو ڪم ڪيو. اُن مان ظاهر آهي ته باوجود گهٽ سهوليتن جي به گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو. مرزا قليچ بيگ ؒ کي مؤدبانه سلام آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ فراغت وارو وقت سجايو صرف ڪيو ۽ محدود وقت ۽ محدود سهوليتن جي باوجود وڏو علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو.

”…هيءَ حقيقت آهي ته شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان بيحد عقيدت ۽ محبت هئي، تنهن ڪري مرزا صاحب وڏي محنت ڪري شاهه صاحب جو رسالو تيار ڪيو؛ جيڪو اُن وقت جي مشهور پبلشر، پوڪرداس، سن 1913ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيم، جيئن ته بمبئيءَ وارا ڇاپا اڳينءَ پراڻيءَ صورتخطيءَ ۾ ڇپيل هئا ۽ ٽُرمپ وري پنهنجي ڌار الف-ب ٺاهي هئي، تنهن ڪري اُهي رسالا عام پڙهندڙن لاءِ جيئن ته بمبئي وارا ڇاپا اڳينءَ پراڻي صورتخطيءَ ۾ ڇپيل هئا ۽ ٽُرمپ وري پنهنجي ڌار الف-ڀ ٺاهي هئي، تنهن ڪري اُهي رسالا عام پڙهندڙن لاءِ ڏکيا هئا. تعليم کاتي طرفان بمبئي ۾ ڇپرايل رسالو موجوده صورتخطيءَ ۾ ضرور هو، پر مرزا صاحب محسوس ڪيو ته اُن ۾ چُڪون آهن، ڪيترائي بيت ۽ وايون ڇڏيل آهن، تنهن ڪري هن ضروري سمجهيو ته اُنهن مڙني ڇاپن کي آڏو رکي، هڪ ’نئون رسالو‘ تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ شاهه سائينءَ جو سمورو ڪلام ڏنو وڃي. اُنهيءَ جذبي هيٺ مرزا صاحب هڪ نئون رسالو تيار ڪيو. مرزا صاحب واري رسالي ۾ سُرن جي فهرست ۽ فصلن جو تفصيل، اُهو ساڳيو سرڪاري رسالي وارو قائم رکيو ويو آهي. پر مرزا صاحب اُن ۾ وڌيڪ 846 بيت ۽ 15 وايون شامل ڪيون آهن. اُنهن نَوَن بيتن جو نمبر هر هڪ فصل لاءِ ڌار ٻن ڏنگين ليڪن ۾ ڏنل آهي. حاشيي ۾ بمبئيءَ واري رسالي جون پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن. ان لحاظ سان ائين چئي سگهجي ٿو ته مرزا صاحب واري رسالي ۾ بمبئي ڇاپي ۽ تعليم کاتي واري ڇاپي، ٻنهي رسالن جي ڪلام کان علاوه ڪجهه وڌيڪ به ڪلام شامل آهن…“ – ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“

محمد ابراهيم جويو

مرزا قليچ بيگ – انسان دوست اديب

هونئن ته انسان جي انسان هجڻ لاءِ هن ۾ اُنس يعني دوستيءَ يا محبت جو هئڻ لازمي آهي – ايتريقدر جو نه فقط فڪر ۽ عمل جو سنگ انساني سماج جو بنيادي پٿر ليکيو وڃي ٿو، پر خود ”بقاي اصلح“ جي اصول مطابق، جو حضرت انسان سڀني ساهوارن تي فوقيت حاصل ڪري چڪو آهي، سا به باهمي تعاون يا سهڪار جي اصول تي عمل ڪرڻ سان ئي هن کي نصيب ٿي سگهي آهي، پر اُن هوندي به انسانن ۾ هر هنڌ ۽ هر دؤر ۾ ڪي اهڙا به ٿيندا آيا آهن، جي مرزا قليچ بيگ جي چوڻ مطابق:

”شيطان پرست جنگ پرست اصل کان ٿيا.“

۽ اُنهن شيطان پرستن جي جنگ پرستيءَ جو اصول بحيثيت هڪ خاص الخاص اصول جي اختيار ڪرڻو پيو.

انسان دوستيءَ جي اصول جو پهريون ۽ آخرين قدر علمي دنيا ۾ افلاطون جو هيءُ قول شمار ڪيو وڃي ٿو ته ”سڀني شين جو اصل ماڻ انسان آهي.“ اُن جي معنى هڪ طرف هيءُ ٿي ته انسان جي عزت ۽ انسان جو شرف ۽ شان ڪنهن به ٻيءَ اُڌاريءَ شيءِ، مثلاً ڪنهن به حيواني برتريءَ، رنگ، نسل، عقيدي يا دولت وغيره تي منحصر نه هئڻ گهرجي، پر اُن جو انحصار اصل ۾ انسان جي انسانيت تي ئي هئڻ کپي ۽ ٻئي طرف اُن جي معنى هيءَ بيٺي ته ڪنهن به شيءِ جي چڱي يا بُري، يا اُن جي قابل قبول هجڻ يا قابل ترديد هجڻ هن ڳالهه تي فيصل ٿيندو ته اُها شيءِ انسانن لاءِ يعني انسانن جي اڪثريت لاءِ ڪيتريقدر فائديمند آهي يا ڪيتريقدر نقصانڪار.

جيئن هڪ جنگي جوڌو ترار جو صاحب آهي، ۽ هڪ خطيب يا مقرر زبان جو صاحب آهي، تيئن هڪ اديب قلم جو صاحب آهي. زبان لاءِ چيو ويو آهي ته ”آهي ننڍڙي پر وهه جي ڳنڍڙي آهي.“ يا، ترار جي ڀيٽ ۾، اُن لاءِ چيو ويو آهي ته ”ترار جو ڦٽ ڇُٽي وڃي، زبان جو ڦٽ ڪو نه ڇُٽي“، ۽ اِنهيءَ ڪري چيو ويو ته ”زبان کي پنهنجي قبضي ۾ رکو ۽ اُن کي احتياط سان استعمال ڪيو.“ ظاهر آهي ته قلم، جنهن جو مار ترار توڙي زبان ٻنهي کان پري ٿيندڙ آهي ۽ جنهن جو اثر جو دائرو ترار توڙي زبان جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهڻو وسيع آهي، تنهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۽ تنهن جي استعمال احتياط وٺڻ جي ضرورت به ايتري قدر گهڻي آهي. ساڳئي وقت ائين به آهي، ته ترار حق ۽ انصاف جي بچاءُ ۾ به وهي سگهي ٿي ۽ زبان سان حق جي ڪلمي چوڻ کي اُن کان به ”افضل جهاد“ سڏيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن شيطان پرستن جي جنگ پرستين لاءِ قلم استعمال ٿي سگهي ٿو ته انسان دوستن جي هٿن ۾ اُهو صلح ۽ صفائي لاءِ ۽ انسانيت جي احترام واسطي پڻ هڪ بيحد ڪارگر بلڪ اڪثر حالتن ۾ بنهه فيصله ڪُن هٿيار به ثابت ٿي سگهي ٿو. بني نوع انسان جي هيءَ وڏي خوش نصيبي رهي آهي، جو سندن وڏي کان وڏا عالم ۽ اديب پنهنجي قلم کي شروع کان وٺي اڄ تائين انسان دوستيءَ جي عظيم مقصد لاءِ ئي استعمال ڪندا پئي آيا آهن. يعني نه رڳو سندن قلم انسان دشمن ڪاررواين کان باز پئي رهيو آهي، بلڪه هميشہ انسان دوستيءَ جي حمايت ۾ ئي اُهو استعمال ٿيندو پئي آيو آهي. اسان جي ٻوليءَ جي نثري ادب جو ابو، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، پڻ دنيا جي اُنهن عظيم انسان دوست هستين منجهان هڪ هو. ڪاش، اسان جا اڄوڪا اديب ڀائر محض صاحبِ قلم ئي نه رهيا، پر صاحب قلم هئڻ سان گڏ سنڌيءَ جي هن عظيم اديب جي حق شناس ۽ حق گو زندگيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي راهه ۾ سندس ڇڏيل روشن قدم کي سڃاڻن ۽ اُن تي هلڻ جي ڪوشش ڪن.

مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شخصيت، سندس عملي زندگي توڙي علمي ادبي خدمتن جي ڪنهن به هڪ پهلوءَ تي روشني وجهڻ الءِ هن قسم جي مختصر مضمون بلڪل ناڪافي آهي. هو شخصي طرح ايڏو سادو ۽ سٻاجهو، صاف دل ۽ سياڻو هو، جو ٻارن جي معصوميت، جوانن جي زنده دلي ۽ ٻڍڙن جي گنڀيرتا هڪڙي ئي وقت منجهس سمايل هيون. دنيا جي هر حال ۽ چال کان آگاهه، انسان ته انسان، هُو حيوانن سان به پيار ڪرڻ وارو هو. عملي زندگيءَ ۾ هو ايڏو مصروف، ايڏو محنتي، ايڏو محتاط ۽ ايڏو ديانتدار هو، جنهن جو اسان وٽ ٻيو مثال ورلي ملندو ۽ عملي ادبي ڪارنامن جي لحاظ کان سنڌي ادب ۽ زبان لاءِ ڪيل هن اديب اعظم جو پر خلوص پورهيو، حال ۽ مستقبل جي مڙني نسلن تي هڪ عظيم احسان آهي. سندس گوناگون صفتن جو الڳ الڳ بيان ڪرڻ انهيءَ ڪري به مشڪل آهي، جو سندس حياتيءَ جو ڪو به پهلو شخصي، علمي توڙي عملي زندگيءَ جي انهيءَ بنيادي شعور کان هٽيل ڪو نه هو، جيڪو ڪنهن به شاعر يا اديب، فيلسوف يا مفڪر جو مقصد ۽ منصب ٿو مقرر ڪري ۽ جنهن جي ذريعي پنهنجي عمل جي دائري اندر، اُهي هڪ مثالي ڪردار جي حيثيت اختيار ڪريو وٺن. اهڙن فردن جي قول ۽ فعل ۾ ٻيائي ڪانه هوندي آهي ۽ هو جيڪي سمجهندا آهن، سوچيندا آهن ۽ جيڪي چوندا آهن، سو ڪندا آهن. سندن ڏينهن ۽ رات ڪنهن خاص نصب العين لاءِ گذاريندا آهن ۽ اُن جي پورائيءَ لاءِ سندن زندگي خود به هڪڙو مقصد بڻجي ويندي آهي. دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجن، انسانن جي ڪنهن به نسل ۽ گروهه سان لاڳاپيل رهن، پر هو پنهنجي اعلى منصب تي فائز رهن ٿا، ۽ هر قسم جي ظاهري مت ڀيد، وير ۽ ويڇي کي نظرانداز ڪري، هو عام خلق جي ڀلائيءَ واري پنهنجي نصب العين جي پورائيءَ ۾ مشغول رهن ٿا. مرزا صاحب اهڙن ئي صاحبدل انسانن مان هو، جنهن جي نظر ۾ زندگيءَ جو خاص مقصد هو ۽ آخر عمر تائين اڻٿڪ ۽ اڻورچ بڻجي، هن پوري جوش ۽ جذبي سان اُن کي مڪمل ڪيو. سنڌي ادب ۽ زبان جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ بيشمار تصنيفون تيار ڪرڻ سندس زندگي جو زبردست ڪارنامو به آهي ۽ اُن جي ذريعي اسين سندس خالص انسان دوستيءَ جي جذبي جو اندازو به چڱي طرح لڳائي سگهون ٿا.

اڄ جڏهن هڪ طرف سنڌي زبان جو دامن هر قسم جي علمي ۽ ادبي سرچشن سان م الا مال آهي ۽ ٻئي طرف ساڳئي ئي وقت، پنهنجي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ حفاظت جي تقاضا عام طرح محسوس ڪئي وڃي ٿي، تڏهن به اهڙي دردمندي ۽ جفاڪشي نظر نٿي اچي جهڙي مرزا صاحب ۾ ٿي آهي، جڏهن اڄوڪيءَ حالت جو اندازو به نٿي لڳي سگهيو. هن جنهن رفتار ۽ مستعديءَ سان، نثر توڙي نظم ۾، هر طبقي ۽ هر خيال جي ماڻهن لاءِ، هر صنف ۽ هر موضوع تي ايڏا ڪتاب لکيا آهن، تنهن مان ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته هن ڪئين صدين تائين فقط پاڻ کي ئي موجود سمجهي، سموري ايندڙ عرصي جي نين نين ضرورتن جي پورائيءَ جو اڪيلي سر قصد ڪيو هو. جن موضوعن ۽ صنفن ۾ لکڻ جي هاڻي ابتدا ٿي آهي، بلڪ اڃا ڪجهه لکيو ئي نه ويو آهي، تن جا شروعاتي مثال به هو پيش ڪري ويو آهي. داستان، قصا، ناول، ناٽڪ، شعر، تنقيد، تاريخ، سوانح، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، صحت، لغت، سائنس، گرامر، موسيقي، مطلب ته علم ۽ ادب جي هر شاخ کي هن سيراب ڪيو. ذهن جي تمام بلنديءَ تي پهچي، هو علم و فڪر جا دقيق مسئلا به ويچاري ٿو، ته تمام هيٺ اچي ٻارڙن جي وندر جون ڪهاڻيون ۽ شعر به لکي ٿو. نوجوانن جي اخلاقي ۽ عملي زندگيءَ جي سڌاري لاءِ ناٽڪ ۽ ناول به لکي ٿو ته عورتن ۽ نينگرين جي تربيت ۽ تعليم لاءِ نصيحتون به قلمبند ڪري ٿو. اسلام ۽ تصوف جون سمجهاڻيون به پيش ڪري ٿو ته انجيل، توريت، زبور، بهائي ۽ هندو ڌرم جو فلسفو به بيان ڪري ٿو. ”حجت الشيعه“ به لکي ٿو، ته ”تحفته اسماعيليه“ به لکي ٿو ۽ وري عام مُلن لاءِ نصيحت نامو به تيار ڪري ٿو.

هڪڙو اُتاڇرو شخص ائين خيال ڪري سگهي ٿو ته مرزا صاحب کي جيڪا ڳالهه سامهون آئي آهي، سا لکي يا ترجمو ڪري رکي اٿس ۽ ائين ڪرڻ ۾ سندس اڳيان ڪو خاص مقصد ڪو نه هو، پر سندس تصنيفن تي مجموعي نظر وجهڻ سندس شاعريءَ ۾ سندس خيالن ۽ اصولن کي معلوم ڪرڻ ۽ سندس شخصي ۽ عملي زندگيءَ کي جاچڻ بعد، هڪڙي اهڙي دردمند دل انهن ۾ ڪارفرما نظر ايندي، جنهن ۾ هر وهيءَ ۽ ڄمار، هر طبقي ۽ خيال، هر مذهب ۽ عقيدي، هر درجي ۽ رتبي جي انسان لاءِ بيحد پيار ۽ اُنس ڀريل آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس تصنيفن جي وسعت ڪنهن خاص عمر، ڪنهن طبقي ۽ ڪنهن عقيدي تائين محدود نه آهي ۽ اهوئي بنيادي نقطه نظر آهي، جنهن کي هن پنهنجي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ورتل جدوجهد جو مقصد بڻايو آهي. پنهنجين تصنيفن کي اسان لاءِ هڪ لافاني ورثي طور ڇيڏ وڃڻ سان گڏ ادب جو اهو وسيع انسان دوستيءَ وارو مقصد به هُو اسان جي نئين نسل لاءِ مقرر ڪري ويو آهي. سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمتگار جي حيثيت ۾ مرزا صاحب بيشڪ هڪڙو مثال ڪردار آهي، جنهن جي تقليد تي هر سنڌي ادب ۽ قلمڪار فخر ڪري سگهي ٿو.

سندس وسيع قلبيءَ جا مثال سندس تصنيفن ۾ هر هنڌ موجود آهن. ”صلح ڪل“ سندس مذهب هو، انسانيت سندس ايمان هو، اخلاق سندس عقيدو هو. کيس نه پنهنجي شمس العلماء تي فخر هو ۽ نه پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي اعلى حسب ۽ نسب تي. جيترو علم وڌندو آهي، انسان اوترو ئي حليم ۽ نهٺو ٿيندو آهي. هو اُنهيءَ حقيقت جو صحيح معنى ۾ مثال هو. علم جي انتهائي ڄاڻ اِهائي آهي، جنهن سان نيوٽن جهڙي شخص به پاڻ کي سمنڊ جي ڪناري تي پٿريون ميڙيندي ڏٺو هو. قليچ جي هيٺئين اعتراف مان به سندس اهو بااعتماد نهٺائيءَ جو فهم ظاهر ٿئي ٿو:

ڪنهن علم کان پڻ ’قليچ‘ محروم نه ٿيو،

نڪتو نه رهيو، جو اُن کي مفهوم نه ٿيو،

ستر جي قريب پهتو، تڏهن اُن کي،

معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.

شعر ۽ سخن مرزا صاحب جي مقصد جي اظهار جو ذريعو آهن، جن تي کيس فخر آهي، ورنه هو پنهنجي نسل تي ناز ڪرڻ کي به جهالت ٿو ڀانئي:

اولاد منهنجو شعر سخن، فخر تن تي آهه،

جاهل نه آهيان، جو ڪريان، پيءُ ڏاڏي تي فخر.

منزل سڄي انسانذات جي هڪ آهي، البته طريقا جدا جدا ٿين ٿا. حق پرستيءَ جي طلب تي مسجد توڙي مڙهيءَ، ٻنهي هنڌان پوري ٿي سگهي ٿي. خدا جو گهر ٻيئي آهن:

تون گبر، يهود يا نصارا کان نه لڪ،

جت رات پويئي، خدا جو گهر ڄاڻي ٽڪ،

مسجد ۽ مڙهيءَ مان حق پرستي طلب،

گهرَجي ٻه ٿيا، ته گهر – ڌڻي آهي هڪ.

مذهب جي باري ۾ هو ”صلح ڪل“ جو طالب آهي. اصل مطلب ته ”يار“ سان آهي، سڀيئي واٽون اوڏانهن ئي وڃن ٿيون:

وري پڇو جي ته ڇا تنهنجو مذهب و مشرب؟

چوان ٿو آءُ ته ٿيو منهنجو ”صلح ڪل“ مطلب.

”صلح ڪل“ سان، جو مطلب ٿيو، ته پوءِ ڪنهن کان رنجش ڇاجي ۽ ڪنهن کي رنجائڻ ڇا جو، ۽ سڀني سان ميٺ محبت سان گذارڻ ئي ته انسانيت آهي:

رهان سڀني سان سنئون ۽ رکان سڀني سان رس،

رنجايان ڪنهن جي نه دل، جيترو پڄيم ٿو وس.

ايڏي رتبي واري هستيءَ جا تجربا لامحدود ۽ مڙني ٻنڌڻن کان آجا آهن. ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، پر هو پاڻ کي پاڻيهي زنجيرن ۾ جڪڙي ٿو.“ عظيم فرينچ فيلسوف ’روسو‘ جو اِهو مقولو اِتي ئي بس ڪو نه ٿو ٿئي، پر ڪي ڪي غير معمولي شخص اهڙن سڀني خود ساخته انساني زنجيرن کي ٽوڙي، وري به پنهنجي جنمي آزاديءَ جي حق کي حاصل ڪري ٿا وٺن، ۽ پوءِ هو گروهن ۽ جماعتن جي ٻوساٽيندڙ دائرن منجهان نڪري، انسانيت جي صحيح شاهراهه تي هلڻ لڳن ٿا. ۽ ٻين کي به اُن آزاد فضا ۾ آزاديءَ سان ساهه کڻڻ جا ڏس ڏيندا رهن ٿا. مرزا قليچ بيگ تحقيق هڪ ”صوفي منش“ ۽ لاڪوفي هو، يعني هن ڪنهن به جماعت ۾، ڪنهن به دائري ۾ قيد رهڻ بدران ساريءَ دنيا کي پنهنجو گهر سمجهيو ۽ ساريءَ دنيا کي پنهنجي قوم سمجهيو، محبت ۽ انسان دوستيءَ کان سواءِ ٻيو سندس مذهب ڪو به ڪو نه هو.

جنهن دل پُر ڪر پيتا جام،

سا  دل مستو  مست مدام.

(سچل)

مرزا صاحب جا پهريان ڪتاب ”دالارام“ ۽ ”زينت“ ڏسون، يا آخري ڪتاب تصوف ۽ روحانيت تي لکيل پڙهون- - مطلب ته هر هنڌ اسان کي سندس اِهو ئي ”انسانيت“ جو سبق ڏسڻ ۾ ايندو - - انسانيت، جا لافاني آهي، ۽ جنهن ۾ ”ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.“

مرزا صاحب جي آخر عمر ۾ سندس فرزند مرزا نادر بيگ ولايت مان اعلى تعليم پرائي آيو ۽ اچي ”صوفي سماگم“ ۽ ”روح رهاڻ“ جا رنگ رچايائين. ”برونو“ جهڙن اعلى انسانن جو احوال شايع ڪرايائين. ياد رهي ته گئارڊوئو بونو کي سنه 1610ع ۾ اٽليءَ جي ملڪ ۾ جيئري باهه ۾ اڇلايو ويو هو. مٿس ڏوهه هي هو ته هن چيو ٿي ته ڌرتي گول آهي ۽ عيسائين جي پاڪ ڪتاب بائيبل ۾ اُن جي ابتڙ لکيل هو ۽ اُن زماني ۾ عيسائي پادرين اهڙيءَ هر ڳالهه کي ڪفر ۽ الحاد ٿي سمجهيو، جيڪا بائيبل ۾ آيل ڪنهن ڳالهه جي خلاف هئي. مرزا قليچ بيگ بهرحال پنهنجي لائق پٽ جي هن جدت پسنديءَ تي منهن ڪو نه گهنجايو، بلڪ هر قدم تي ساڻس شامل رهڻ لڳو، توڙي جو اُن وقت جي هڪ ٻن تعصبي ۽ تنگدل اخبارن ٻنهي پيءُ پٽن تي زهريلا لفظ لکيا، ۽ کين ”گندم نما جؤ فروش“ جهڙا دل ڏکوئيندڙ لقب ڏنا. پر مرزا صاحب اِهي ئي نغما جهونگاريندو رهيو ته:

سي ئي سڀاڳا، جي رکن دل ٿا صاف،

سي ئي ڏسن حق کي، سندن ڏوهه معاف.

مرزا صاحب مرحوم جي انسان دوستيءَ جو هڪڙو اهو ثبوت ئي ڪافي آهي ته سندس تصنيف تاليف، ترجمن ۽ شعرن جي مجموعن ۾ هڪ به اهڙو ڪتاب ڳوليو نه لڀندو، جنهن ۾ ڪو نفرت جو پرچار هجي، يا انسانيت جي بُلند آدرش خلاف ڪو اکر لڀي، پاڻ چوي ٿو ته:

ڪيو تعصب ڌار، ٻاهر هندو ۽ مسلم جو ٿانءُ،

نه ته اندر ميخاني ۾ ساقي به هڪ، پيالو به هڪ،

- -

گل ڏيئي خوشبو، ڪري خوش ٿو سڀن کي ري فرق،

دوست، دشمن، مومن ۽ ڪافر سان اُن جو آهي ڇا؟

شمع ڏئي ٿي سوجهرو، مسجد اندر يا منجهه مڙهي،

فيض بخشيءَ ۾ سڀ ماڻهو هڪجهڙا ٿيا،

- -

اسين انسان جي آهيون، رهون شل پاڻ ۾ سڀ خوش،

اسان جي وچ ۾ ڪنهن سببان، پوي شل نه ڪا گهاري!

- -

طريقا سک چڱا هن جڳ ۾، عجز ۽ انڪساري ڪر؛

چڱا اخلاق رک ۽ خلق جي لئه خير جاري ڪر!

مرزا صاحب جي اِنهيءَ انسان دوستيءَ جي وسعت نيٺ اِنهيءَ حد تائين پهتي، جو پاڻ اِها به هدايت ڪيائين ته:

تون نه چئو دهريي کي ڪافر اي ادا،

دهريو پڻ عابد خدا ٿيو سدا؛

ڪامل آهن دهر جا دانا سڀيئي،

عارف آهن دهر جا بينا سڀيئي؛

لفظ آهن ظاهري ڏيک ۽ مجاز،

رب کي دل جو سوز گهرجي، دل جو ساز!

۽ اِها دعا گهريائين ته:

يارو، جو منهنجو نه هوئي، شل رب انهيءَ جو يار هوئي!

جو ڏيئي ڏُک مون کي، سک سان شل ٽمٽار هوئي!

دشمنيءَ مان واٽ منهنجيءَ تي ڪنڊا جو ٿو رکي!

باغ اُن جي عمر جي گل جو سدا بي خار هوئي!

(ٽماهي ”مهراڻ“ – 1974ع)

مرزا قليچ بيگ کي سنڌي نثر جو معمار ڪوٺيو ويو آهي، انگريز سرڪار کيس ”شمس العلماء“ جو خطاب ڏنو، جنهن جو موصوف هر وجہ مستحق هو. اسان سڄيءَ عمر ۾ چار سو مضمون ڪو نه لکيا آهن، پر مرزا صاحب چار سؤ ڪتاب لکيا، جن ۾ ڪي ته يورپ جي اعلى اديبن، مفڪرن ۽ شاعرن جا ترجما آهن. ائين، پنهنجيءَ ٻوليءَ کي عالمي ادب جي شهپارن سان به سينگاريائين.

اعلى ادب انسان کي اعلى اخلاق سيکاريندو آهي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ پنهنجي اعلى اخلاق وسيلي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي عوام ۾ خواص ۾ وڏو مان حاصل ڪيو. هو پنهنجي مذهب تي پوريءَ پابنديءَ سان عمل ڪندو هو، پر هر قسم جي تعصب کان پري هو، ايتريقدر جو ٻين مذهبن وارا ماڻهو – هندو، سک، پارسي ۽ ڪرستان – کيس پنهنجا ڌرمي ڪتاب لکڻ لاءِ ڏيندا هئا ۽ هو خوشيءَ سان سندن عرض پورا ڪندا هئا.

سنڌ ۾ مرزا قليچ بيگ علم ادب ۽ اخلاق جو هڪ اهڙو روشن منارو آهي، جنهن جي روشنيءَ ۽ رهبريءَ ۾ سنڌ جا نوان نسل پنهنجي زندگي بهتر بڻائي سگهن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ کي اِنهي ڳالهه تي بجا طور خوشي آهي ته اُن مرزا قليچ بيگ جا سڀ کان گهڻا ڪتاب شايع ڪيا آهن. انشاءَ الله، بورڊ آئينده پڻ پنهنجو اِهو فرض ايمانداريءَ سان سرانجام ڏيندو رهندو.

– غلام رباني آگرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com