سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :11

هن جشن جو ٻيو اهم ناٽڪ ”انڪوائري آفيسر“ هو، جو پڻ ڏاڍو ڪامياب رهيو. اُن وقت تائين اڃا سنڌ اندر نه رڳو ڊرامي جا شائق موجود هئا پر اُن سان گڏ ڊرامي جي هڪ پوري دُنيا آباد هئي. ڪئين ڊائريڪٽر، ائڪٽر ۽ ليکڪ موجود هئا، جن هن دُنيا کي ئي پنهنجي دنيا مال متاع سڀڪجهه سمجهيو هو. اَڄ ڪٿي ڪٿي، ڪڏهن ڪڏهن، نوجوان ڪا نه ڪا ناٽڪ منڊلي ٺاهي ويٺا آهن پر ماڻهو ڪنهن ٻيءَ دُنيا ۾ غرق آهن، جو ’ڪئبل‘ جي زماني ماڻهن جو ذوق ئي بدلائي ڇڏيو آهي! ڇا به هجي، ڪڏهن نه ڪڏهن ”بابِ قليچ“ جو دَرُ وري کُلندو ۽ اُتان ئي ڪا تحريڪ هلندي ۽ سنڌي ناٽڪ وري جيئاربو.

[نوٽ: هي ”يادگيرين جا ورق“ اڻپورا آهن. هن جو موضوع عزيزم انعام شيخ ڏنو ۽ عزيزم ناشاد مٿان ويهي لکرايو، جنهن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان. ناٽڪن جون ساروڻيون اڃان ڳچ آهن. يار زندهه صحبت باقي.]

”… سنڌي شاعري اساسي ۽ ڪلاسيڪي دور کان وٺي ريڙهيون پائيندي رهي آهي. صدين کان پوءِ اُن ۾ معمولي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن، پر گذريل صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ ٻه ننڍا ۽ هن صديءَ ۾ ٻه وڏا ڇال ڏنا آهن، سچل سرسمت ۽ خليفي گل محمد جي شاعري، جنهن سنڌي شاعريءَ جي غزل ۽ فارسي وزن سان سڃاڻپ ڪرائي، ۽ ٻه وڏا ڇال آهن ’مرزا قليچ بيگ‘ جي شاعري، جنهن نظم ۾ مغربي لاڙن کي سنڌي ۾ آندو ۽ ٻيو شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير جي شاعري…“  - تنوير عباسي

 

مراد علي مرزا

مرزا قليچ بيگ

سنڌي ادب جو پهريون سماجي حقيقت نگار

ڊرامي جي حوالي سان قليچ جو ذڪر ڪندي منهنجي ذهن ۾ سندس لکيل ڊرامو ”انڪوائري آفيسر“ اچي ٿو. اِهو ڊرامو روس جي نامياري اديب نڪولائي گوگول جي تصنيف آهي، جنهن کي مرزا صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اُن باري ۾ ڪي دلچسپ حقيقتون ملن ٿيون، جن جي آڌار تي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ”انڪوائري آفيسر“ قليچ جي بلڪل اهڙيءَ ريت اصلوڪي تصنيف آهي، جيئن اِها روسي زبان ۾ نڪولائي گوگول جي تصنيف آهي.

اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ سن 1833ع ۾ روسي ادب جو هڪ معروف اديب ۽ شاعر اليگزينڊر پُشڪن ادبي مواد گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ روس جي ڪنهن پرانهين علائقي ۾ وڃي نڪتو هو. اُتان ٿي پشڪن اورين برگ وريو، جتي سندس دوست ڪائونٽ پيرو وسڪي گورنر ه و. پشڪن وٽس مهمان ٿي رهيو. هڪڙي ڏينهن صبح جو پشڪن اڃا اگهور ننڊ ۾ هو ته هن پنهنجي گورنر دوست جا وڏا وڏا ٽهڪ ٻُڌا ۽ هو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. سبب پُڇڻ تي گورنر پشڪن کي اُن علائقي جي گورنر جو ڏانهس موڪليل خط ڏيکاريو، جتان ڪي ڏينهن اڳ پشڪن موٽيو هو. خط ۾ لکيل هو:

”تازو پُشڪن هت آيل هو. اوهان کي خبر آهي ته هو ڪير آهي؟ اسان هن جي ڏاڍي خبرداري سان سار سنڀال لڌي. پر اسان کي يقين آهي ته هو ادبي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ اُن سفر تي آيل ڪونهي، پر سرڪاري بدعنوانين جي انگن اکرن هٿ ڪرڻ جي لاءِ هو خفيه سفر تي نڪتل آهي. اوهين ڄاڻو ٿا ته اوهان جي لاءِ اسان وٽ وڏي عزت ۽ احترام آهي. تنهن ڪري اسان اهو پنهنجو فرض سمجهي اوهان کي خبردار رهڻ جي صلاح ڏيون ٿا.“

پُشڪن ۽ گوگول پاڻ ۾ دوست هوندا هئا. پوءِ پُشڪن جڏهن گوگول سان گڏيو ته ساڻس اُن دلچسپ واقعي جو ذڪر ڪيائين ۽ کيس صلاح ڏنائين ته اُن مزيدار واقعي کي ڪنهن ادبي روپ ۾ آڻجي. گوگول پُشڪن کي هڪ اهڙي ٺڳ جي ڳالهه ٻڌائي جيڪو ڪنهن ننڍي شهر ۾ وڃي پاڻ کي سرڪاري ڪامورو ظاهر ڪري اُتي جي ننڍن ڪامورن کان پئسا ڏوڪڙ ڇڏائي ڀڄي ويو. بهرحال اُنهن واقعن کي ذهن ۾ رکي گوگول ”دي انسپيڪٽر جنرل“ جي عناون سان ڊرامو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو هن سن 1835ع ۾ لکي پورو ڪيو.

اُن وقت روس ۾ شهنشاهيت هئي ۽ ڪامورا شاهي جو زور هو. تحرير ۽ تقرير جي آزادي نه هئي. هر ڪتاب ڇپڻ کان اڳ يا ڊرامو ڏيکارڻ کان اڳ سينسر بورڊ وٽان منظور ٿيندو هو. ”انسپيڪٽر جنرل“ به سينسر بورڊ وٽ منظوريءَ لاءِ پهتو. سينسر بورڊ جي ميمبرن جڏهن مسودو پڙهيو ته ڏڪي ويا. اهڙي قسم جي تحرير هنن اڳ ڪڏهن به نه پڙهي هئي نه ٻڌي هئي. اُن ۾ ته شهنشاهيت جي انتظامي سرشتي تي ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ طنز ڪيل هئي. ميمبرن اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ڳالهه ڪنهن طريقي سان شاهي خاندان جي هڪ بااٿر شهزادي جي وسيلي خود روس جي شهنشاهه ”زار“ تائين پهتي. زار نه رڳو اجازت ڏني پر جڏهن اِهو ڊرامو پيٽرسبرگ ۾ اسٽيج تي ڏيکاريو ويو ته پهرينءَ ريت اِهو ڊرامو سينسر شپ جي ڪات ڪهاڙن هيٺان اچڻ کان بچي ويو. روسي ٻوليءَ ۾ اها پنهنجي قسم جي پهرين تحرير هئي، جنهن ۾ نه رڳو ڪامورا شاهيءَ جون بڇڙايون کولي بيان ڪيل هيون پر اُنهن تي مزاحيه انداز ۾ ٽوڪبازي به ٿيل هئي ته جيئن گوگول جي لفظن ۾ ”سماج تي سٺو اثر ٿئي.“

اهو ڊرامو ايترو ته مقبول ٿيو جو جلد دنيا جي وڏين ٻولين ۾ اُن جا ترجما ٿيا. قليچ اهو ڊرامو انگريزيءَ ۾ پڙهيو هو ۽ کيس اهو ايترو ته پسند آيو جو اُن کي سنڌيءَ ۾ آندائين. سندس ياداشتن مطابق قليچ اِهو ڊرامو سن 1897ع ۾ لکيو. ان وقت پاڻ ڊپٽي ڪليڪٽرهو.

قليچ جو ڪمال هيءُ آهي ته هن ”انسپيڪٽر جنرل“ جو لفظي ترجمو نه ڪيو آهي، پر اُن ڊرامي جو مرڪزي خيال يا مرڪزي واقعو کڻي، پنهنجي وقت جي نوڪر شاهيءَ جي نااهلين ۽ بدڪارين تي ڏاڍي مزيدار نموني ۾ ٽوڪبازي ڪئي آهي. قليچ ان جو عنوان ”انڪوائري آفيسر“ رکيو. اڻ ۾ ماحول ”سنڌ“ جو آهي ۽ سنڌ جو ئي هڪ تعلقه هيڊ ڪوارٽر آهي. ڪردارن جو مزاج ”نج سنڌي“ آهي. گفتگوءَ جو انداز ”خالص سنڌي“، ته سندن هلت چلت به سنڌي، جيڪڏهن مرزا صاحب ڪتاب ۾ گوگول جو نالو نه ڏئي ها ته ”انڪوائري آفيسر“ جا پڙهندڙ ائين ئي سمجهن ها ته اهو ڊرامو سندس ئي تخليق آهي.

قليچ پاڻ مختيارڪار ٿي رهيو هو ۽ کيس هڪ ننڍي انتظامي يونٽ جي اعلى عملدار هجڻ جي حيثيت ۾ اِنهن سڀني خرابين ۽ بڇڙاين جي گهري ڄاڻ هئي، جيڪي ڪامورا شاهيءَ جون خاص وصفون هونديون آهن. اُن ڊرامي ۾ هن انگريز دور جي سامراجي سرشتي جي اهڙي ته اثرائتي تصوير چٽي آهي، جنهن تي کانئس اڳ ڪنهن به اديب جي نظر نه ويئي هئي. عام ماڻهن تي ظلم ڪرڻ، کانئن ڦرون ڪرڻ، بيگناهن کي سزائون ڏيڻ، گنهگارن ۽ ڏوهارين کي ڇوٽ ڇڏي ڏيڻ، عورتن جي بي حرمتي ڪرڻ، مطلب ته سامراجي سرشتي هيٺ ڪامورن جي هر بڇڙائي ۽ برائي جو اُن ۾ ذڪر ڪيو اٿس ۽ اهڙي ته اثرائتي طريقي سان جو پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جي اڳيان اِهي سڀئي نام ڪٺيا ڪردار جن تي معتبريءَ جا پهراڻ پيل آهن، اُگهاڙا ٿي بيهن ٿا.

حقيقت ۾ جهڙيءَ طرح نڪولائي گوگول روسي ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو بنياد رکيو، بلڪل ان طرح سان قليچ به سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو پهريون سڄاڻ ليکڪ آهي، جنهن وقت جي حالتن کي ”انڪوائري آفيسر“ جهڙي عاليشان ڊرامي ۾ بيان ڪري پهريون ڀيرو ”سنڌي ادب ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ“ کي آدنو ۽ اُن جي ذريعي سماجي تنقيد جو بنياد رکيو.

سنڌي ڊرامي جي تاريخ ۾ قليچ جو اِهو ادبي ڪارنامو هميشه يادگار رهندو.

 

ڇو حسن جي بازار ۾ پيو سير ڪرين،

دلبر پنهنجو پاڻ سان لڪو لايو وتين؛

غيرت نه اٿئي، شرم نٿو توکي اچي،

هو توکي ڏسي ۽ تون ٻين کي پيو ڏسين.

قليچ

ولي رام ولڀ

مرزا قليچ بيگ

سنڌي ترجمي جي هُنر جو محرڪ

گوئٽي (1749- 1832ع) ٻه صديون اڳ بلڪل صحيح چيو هو ته ”دنيا جي ادب جو تصور ترجمن جي چوڌاري ڦِري ٿو“ ۽ اِنهي ڳالهه ۾ ڪو وهم ۽ گمان به ناهي ته زبانن کي سمجهڻ جون رڪاوٽون رڳو ترجمن سان ئي دور ٿي سگهن ٿيون. اسان جيڪڏهن سنڌي ادب جي انگريزي دؤر جي اوائلي وقت تي نظر وجهنداسين ته سنڌي ادب ۾ جن ليکڪن ترجما ڪري بنيادي ڪم ڪيو، اُنهن ۾ مرزا قليچ بيگ (1853 – 1929ع) جو نالو مٿانهون ملندو. هن ڪيترين ئي ٻولين جي مختلف صنفن جي چونڊ ادب جو ترجمو ڪري، سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد 457 چيو وڃي ٿو، جن ۾ مختلف ڪتابن جا حصا پڻ شامل آهن، انهن ڪتابن ۾ رڳو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب 69 ڄاڻايا ويا آهن، پر اها خبر نٿي پوي ته هُن ٻين ٻولين مان ڪيترا ۽ ڪهڙا سڌا ترجما ڪيا آهن ۽ ڪهڙا ڪتاب اڻ سڌيءَ طرح ٻين ٻولين جا آهن. اهو ڪم محققن جي حوالي ڪندي، هتي آئون مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ادب ۾ هڪ مترجم جي حيثيت لاءِ اهو چوندس ته هُو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون اديب هو، جنهن سنڌي ادب ۾ مختلف ٻولين ۾ لکجندڙ ادب جي جديد ۽نون لاڙن کي روشناس ڪرڻ جو وڏي پيماني تي پهريون قدم کنيو. هُو ڪيترين ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين کان واقف هو، جن کيس اُنهن سان لاڳاپيل پس منظر، ڪلچر ۽ ٻين ڪُنڊن جي نقطئه نظر کان پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي مهارت بخشي، موضوعن جي چونڊ جي گوناگونيت مان سندس ذهني وسعت ۽ ترجمي جي ضرورت جي احساس جي سُڌ پوي ٿي. سندس محبت ڀري محنت جي وسيلي ٻين ٻولين جي حساسيت جي چشمن اتئين رسائي ٿئي ٿي ۽ اُنهن جي اُڃ اجهامي ٿي، جن کي اُنهن جي اظهار جي اڪيلي حوض کانسواءِ ٻئي ڪنهن وسيلي مان حاصل نٿي ٿئي. منهنجو خيال آهي ته ادب جي ترجمي جي لحاظ کان پهريون سڌو رابطو، وڌيڪ زبانن ذريعي حاصل ٿيل ڄاڻ کان بهتر ۽ باوفا ٿي سگهي ٿو.

چيو ويندو آهي ته هڪ ٻوليءَ جو ادب، اُن سان وابسته سوچ جو انداز ۽ ڪلچر مختلف هئڻ ڪري، ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ جوڳو نه هوندو آهي. پر وري به ٻولين جي پاڻ ۾ فاصلي گهٽائڻ جو وسيلو ترجمي کانسواءِ ٻيو ڪوبه ناهي. اڄ به چيو ويندو آهي ته شيخ اياز جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه جو رسالو نه اصل متن جي نزديڪ آهي ۽ نه باوفا، تنهن ڪري لطيف جو فن، فڪر ۽ پيغام اردوءَ ۾ اوتجي نه سگهيو آهي. ساڳيءَ ريت انگريزي ۽ ٻين علائقائي/ صوبائي ٻولين ۾ به ٿيل ترجمن لاءِ پڻ ساڳي راءِ جو اظهار ڪيو ويندو آهي.

اُردوءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيل ترجمن لاءِ ٻه ڳالهيون چيون وينديون آهن: هڪ ته اردو ڪاتبن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي لاڙي کي همٿايو نه وڃي، جو سنڌي پڙهندڙ اُهي ڪتاب اڳ ۾ ئي اردوءَ ۾ پڙهي وٺي ٿو ۽ ٻيو ته اردو ڪتابن جي بدران، ٻي ڪنهن ٻوليءَ جي ڪتابن جي ترجمي تي پورهيو ڪيو وڃي. پر ڏٺو ويو آهي ته اِهو لاڙو گهٽجڻ جي بدران پاڻ وڌيو آهي. خود سنڌي ليکڪ، پڙهندڙ جي حيثيت ۾، انگريزي يا ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي بدران، اردوءَ ۾ پڙهڻ ۾ آساني محسوس ڪري ٿو ۽ زباني جمع خرچ ۾ اردوءَ ۾ پڙهڻ کي نندي ٿو.

اهو دليل اسان جو ڌيان ڪهاڻيءَ جي ٻئي رخ ڏانهن موڙي ٿو. ارڙهين ۽ اڻويهين صدين دوران جرمن ٻوليءَ جي ليکڪن مشرق جي شاهڪار ڪتابن جا ترجما ڪيا هئا. گوئٽي خود ”ديوان حافظ“ جي ترجمي کان متاثر ٿيو هو. هندستان جي ڪلاسيڪي ادب جرمن ترجمن جي صورت ۾ گس ڳوليو هو ۽ نتيجي ۾ جرمن مستشرقين جا پوءِ جا نسل اُڀريا، جن يوروپي اسڪالر پيدا ڪيا  ۽ پوءِ يوروپي ادب جي تاريخ ۽ فڪر گهڻي ڀاڱي مشرق جي وري اُسرڻ جي نتيجي ۾ وڌيا ويجهيا. فرينچ انقلاب پنهنجي ورثي لاءِ عربي ادب ۽ فلسفي جو قرضي آهي. اها تاريخ جي پڄاڻي ناهي. آمريڪي انقلاب، فرينچ انقلاب جي By Product آهي، ڇا اسان هن سجاڳي (Renaissance) جي دور جي ترجمي جي ڪردار کان انڪار ڪري سگهون ٿا؟

نهايت ئي عجيب ڳالهه آهي ته ترجمي جي اهميت – ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ مان ٻين ٻولين ۾ - مرزا قليچ بيگ ۽ سندس دور ۾ ٻين ته محسوس ڪئي هئي، پر اها شدت هن ’معلومات جي ڌماڪي خيز‘ (Explosion of information) دور ۾ انسان محسوس نٿا ڪريون. اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو دنيا جي مفڪرانه ترقي ۽ واڌاري ۾ ڪيترو حصو يا ڪردار آهي؟ اسان هن وقت تائين پنهنجي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين لاءِ ضروري ۽ اڻٽر بڻائڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ انهن سوالن جي جواب ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته اسان سنڌي زبان ۾ ترجمي جو ڪم نالي ماتر ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمي جو نه جي برابر ڪيو آهي. اسان اهڙي غير اطمينان بخش صورتحال ۾ ائين چوڻ ۾ ڪيتري قدر حق بجانب آهيون ته سنڌ عظيم آهي؛ سنڌي ٻولي عظيم آهي؛ سنڌي قوم عظيم آهي؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو ادب سرجيو آهي، اُن کي بين الاقوامي ادب جي سامهون بيهاري سگهون ٿا؛ اسان دنيا جي ڀيٽ ۾ منفرد ۽ بي مثال آهيون. پر صحيح تناظر ۾ تجزيو ڪنداسين ته اهو چوڻو پوندو ته اسان کي اڃا تمام گهڻو فاصلو طئي ڪرڻو آهي. اسان ڪيترين ئي ڳالهين سان گڏ انگريزي، فرينچ، جرمن، رشين، اسپينش، ايتري قدر جو ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ سرجندڙ ادب جي ڀيٽ ۾ گهڻو پوئتي آهيون. چيني ۽ عربي ٻولين وٽ Information Units (جيڪي 15 بلين درڪار هوندا آهن) به ناهن، جيڪي ترقي ۽ واڌاري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ گهربل آهن. مثال طور جيڪي لکها لفظ سائنسي لفظن جي ڀنڊار (Vocabulary) سان لاڳاپيل آهن، اُنهن تي ڪم ئي نه ٿيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌي زبان اُنهن جا هڪ جهڙا/هم معنى لفظ به جوڙي نه سگهي آهي. اِنهيءَ ڪري جيڪڏهن انهيءَ ڏس ۾ اڳڀرو وڌڻو آهي ته ترجمي ۽ اُن جي هنر کي نظرانداز ڪرڻ سولو ناهي. حقيقت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اُن جي هڪ وڏي تعداد جي ضرورت آهي، جنهن ۾ موضُعن جي فراواني ۽ گوناگونيت هئڻ تمام ضروري آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ آءُ ته اهو به چوندس ته جنهن ٻوليءَ ۾ جيترا گهڻا ترجما ٿيندا، اُن ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري جا امڪان اوترا وڌيڪ روشن ٿيندا، پوءِ چاهي اُهي غير معياري، معيار جي سطح کان ڪِريل ۽ اردوءَ مان ڇو نه هجن، ڇو جو اُهي بهتر معيار لاءِ هڪ ڏاڪي جي حيثيت رکن ٿا.

ترجمي کي فروغ وٺائڻ لاءِ ڪنهن باقاعده اداري جي سخت ضرورت آهي. اهي ادارا غير سرڪاري ۽ سرڪاري سطح تي هئڻ گهرجن، جن ۾ دنيا جي شاهڪار ادب جي چونڊ کي ترجيحي طور ڇپايو وڃي. ترجمي جي اجوري جا نرخ دنيا جي سطح مطابق هجن، جيئن مترجم پنهنجي زندگي معاشي طور تي اطمينان سان گذاري سگهي. سائنسي لغات ۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ اردو سائنس بورڊ جي سطح جو ”سنڌي سائنس بورڊ“، سنڌي سائنسي ادب لاءِ ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيندو، انهيءَ سموري ڪم لاءِ رٿابندي، انفرا اسٽرڪچر ۽ صحيح ڪم لاءِ صحيح ماڻهوءَ جي چونڊ ڪئي ويندي ته يقيناً بهتر نتيجا حاصل ٿيندا.

پڇاڙي ۾ اهو چوندس ته اها ڳالهه بي معنى آهي ته ڪا خاص ٻولي ترجمي جي مقصد لاءِ سڻائي ۽ آدرشي حيثيت رکندي آهي. دنيا ۾ اهڙي ڪابه ٻولي ناهي، جنهن پنهنجيون خوبصورتيون ۽ راز مترجمن سان نه ونڊيا هجن، دنيا جي سموري ادب جي وڏي حصي کي اسين تڏهن پڙهي ۽ پسند ڪري سگهنداسين، جڏهن اُهو اسان کي ترجمي جي صورت ۾ مهيا ٿيندو. اِهو ڪم اُهي اهلِ قلم ۽ لائق ليکڪ ڪري سگهندا، جيڪي ٻين ٻولين تي عبور رکندا هوندا ۽ کين اُهي ٻوليون ترجمو ڪرڻ ۾ آسان لڳنديون هونديون. ترجمي ۾ مهارت جو درجو، هڪ مترجم جو ٻئي مترجم کان بهتر ٿي سگهي ٿو، پر سڀ کان اوچي چوٽيءَ تي وري به جاءِ خالي هوندي آهي. ائين برابر آهي ته هڪ غير معياري ترجمي جي ڀيٽ ۾ معياري ترجمو پسند ڪيو ويندو آهي پر ادب هڪ اهڙو ميدان آهي، جتي خوش آئيند حادثا اهو ياد ڏياريندا آهن ته مقصد کي ڇڏي ڏيڻ بدران ڪوشش ڪرڻ ۽ ناڪام ٿيڻ بهتر آهي.

شوڪت حسين شورو

مرزا قليچ بيگ

جديد سنڌي ادب جو بنياد رکندڙ

سنڌ جي اِها وڏي خوش نصيبي هئي ته سنڌي صورتخطي يا لپيءَ جي مسئلي تي سنڌي مسلمان ۽ هندو يڪراءِ ٿي ويا. اُهو سنڌجي لاءِ نهايت اهم ۽ نازڪ دور هو. سنڌي زبان جي مسئلي تي اُن قومي ٻڌيءَ جو نتيجو اِهو نڪتو، جو سنڌي عالمن، اديبن ۽ شاعرن (جن ۾ هندو ۽ مسلمان شامل هئا) سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي شاهوڪار ۽ مالا مال ڪري ڇڏيو. اُن جاکوڙ ۾ جيتوڻيڪ هر ڪنهن پنهنجي وس يا وت آهر قابل قدر ڪوششون ڪيون، پر اُنهن عظيم جاکوڙين ۾ سڀ کان مٿانهون نالو ”مرزا قليچ بيگ“ جو آهي، ٿوري دير لاءِ سوچجي ته جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي عمارت جي پيڙهه رکڻ ۽ تعمير شروع ڪرڻ واري اُن دور ۾ مرزا قليچ بيگ موجود نه هجي ها ته ڇا ٿئي ها! اِن ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي زبان ۽ ادب جي اڄ جيڪا عاليشان عمارت اسان جي اڳيان آهي، جنهن کي ڏسي پاڪستان جي ٻين زبانن پنجابي، بلوچي ۽ پشتو جا ڳالهائيندڙ رشڪ کائين ٿا، سا اڌوري رهجي وڃي ها.

سنڌي صورتخطي جو اُن دور ۾ ٺهڻ ۽ مرزا قليچ بيگ جو به اُن دور ۾ موجود هجڻ ظاهري طور ته هڪ اتفاق آهي، پر اُن اتفاق سنڌي ٻوليء ۽ ادب جي قسمت بدلائي ڇڏي. اهو برابر آهي تنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪل شاعري جو ذخيرو اڳ ۾ ججهو هو، پر اُها نثر ۾ صفا سُڃي هئي. نثر جي نه هجڻ سبب اُها تعليمي ۽ علمي زبان بڻجي ڪانه پئي سگهي. سنڌي کي تعليمي زبان بنائڻ جي لاءِ مرزا قليچ بيگ نثر ۾ هر موضوع تي ايترا ڪتاب ڏنا، جن ٿوري وقت ۾ اُن کوٽ کي پورو ڪري ڇڏيو. سنڌي زبان ۽ ادب جي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪانه هئي، پر اهڙا معجزا ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿيندا آهن.

ڪنهن به زبان جو ادب تيستائين ترقي نٿو ڪري سگهي، جيستائين اُن ۾ عالمي ادب جي اهم ڪتابن جا ترجما ٿيل نه هجن، اِهو ئي سبب آهي ته دنيا جي ڪنهن به زبان ۾ ڪو سٺو ڪتاب ڇپجندو آهي ته ٿوري ئي وقت ۾ اُن کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪيو ويندو آهي. عالمي ادب جو ڪو اهڙو شاهڪار ڪتاب ڪونهي، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو نه ٿيو هجي، ترجمي جي اُن اهميت کي دنيا جي ٻين وڏين زبانن به تسليم ڪيو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌي نثري ادب جي شروعاتي دور ۾ ترجمن جي اهميت کي سمجهندي جيڪو ڪم ڪيو، سو اڄ تائين لاثاني آهي.

سنڌيءَ جو موجوده جديد ادب (ڊراما، ڪهاڻيون، ناول ۽ شاعري) مرزا قليچ بيگ جو مرهون منت آهي، هن انگريزي مان عالمي ادب جا شاهڪار ڪتاب ترجمو ڪري جديد سنڌي ادب جو بنياد رکيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com