پڙهڻ سان گڏ ٻيا ڪي هنر به سکندا هئاسين. بابو
مرحوم ڳائي وڄائي ڄاڻندو هو. اسان سڀني کي به اِهو
شوق هوندو هو. ننڍي هوندي آئون ۽ ادو علي قلي بيگ،
سُرندائيءَ کي پيسا ڏيئي سُرندو وڄائڻ سکندا
هئاسين. وڏي هوندي ادو مرزا صادق علي بيگ جڏهن
شڪارپور ۾ هوندو هو، تڏهن احمد خان گويو پگهار تي
رکي اُنهيءَ کان ستار وڄائڻ سکندو هو. پوءِ اسين
به سکياسين، جڏهن آئون ڪاليج ۾ پڙهندو هئس، تڏهن
ستار پاڻ سان آڻيندو هوس، اسان جا ٻار اڃا تائين
اِهو ڳائڻ وڄائڻ جو شوق رکندا اچن.
ناني ۽ بابي جي سنگتين ۽ اُنهيءَ وقت [ارڙهين ۽
اوڻهين صدي] جي جن نامدار ماڻهن کي مون ڏٺو ۽ گهڻن
سان صحبت ڪيم، جيئن ته هز هائينيس مير حسين علي
خان، مير حسين علي خان، آغا زين العابدين شاهه،
ديوانن مان ديوان شوقيرام سان به صحبت ڪيم، جو آءُ
مسٽر تاراچند ۽ مسٽر نولراءِ جن وٽ ويندو هئس.
ديوان شوقيرام بابي جي گهاٽو دوست هو ۽ ننڍي هوندي
گڏ پڙهيا به هئا. ۽ شوقيرام به بابي جيان تمام چڱا
اکر لکندو هو. ديوان ڪيولرام سوکيءَ وارو به ڏٺو
هئم، ۽ ديوان اُڌارام ٿانورداس ۽ ديوان پرڀداس پڻ
مون ڏٺا.
10- آگسٽ 1917ع تي مُکي پريتمداس جي باغ ۾ شام جو
پارٽيءَ ۾ ويس. هوم رول ڪانفرنس وارا ماڻهو آيا
هئا. مسز سروجني نائيڊو ۽ مسٽر غلام علي چاڳلا،
يوسف علي ڀائي ۽ ٻين سان گڏيس. 5- آڪٽوبر تي مسٽر
پرڀداس جي چوڻ تي ايني بيسنت هال ۾ ڊاڪٽر هرنامداس
جو ليڪچر هو. اُن تي ويس. مون کي پريزيڊنٽ ڪيو
هئائون. مون کي وٺڻ لاءِ گاڏي تي ماڻهو آيا ۽
گاڏيءَ تي مون کي گهر پهچايائون.
24- فيبروري 1923ع تي مسٽر غلام علي نانا جي چوڻ
تي ٽريننگ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏنم. مضمون هو، ”دل ۽
دماغ جو جسم تي اثر“. 27- مارچ تي ڊاڪٽر رابندر
ناٿ ٽئگور سان گڏ وڃي چانهه پيتم ۽ صحبت ڪيم. چڱو
ماڻهو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
15- سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد ۾ گورنر صاحب
بمبئيءَ جي درٻار هئي. مون کي [شمس العلماء] جي
خطاب جي سند، تمغو، چُغو ۽ دستار ملي.
20- تاريخ مسٽر نُور محمد وڪيل (نور محمد هاءِ
اسڪول جو باني) جي دعوت تي وياسين ۽ 31- تاريخ
ڪانفرنس ۾ هن سان ملياسين. شام جو وري عظيم خان
سان گڏ منهنجي اوطاق تي آيو ۽ چانهه وغيره
پيتائين.
2- جولاءِ 1927ع تي ڪوآپريٽو سوسائٽي جو ساليانو
جلسو ٿيو. آئون پريزيڊنٽ هئس. جلسو هومسٽيڊ هال ۾
ٿيو. ماڻهو گهڻا آيا.
[مٿيان اقتباس، مرزا صاحب جي مضمون: ”حيدرآباد جون
ساروڻيون“ مان ڪوريل آهن]
منهنجو وڏو ڀاءُ مرزا غلام رضا بگي، [مصنف: ڪتاب
علم منطق] ٽالپر بادشاهن جي ايامڪاريءَ ۾،
حيدرآباد جي ڪوٽ (قلعي) ۾ سن 1842ع ۾ ڄائو هو ۽
اُنهي کانپوءِ ننڍو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، سن
1845ع ۾ سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڄائو ۽ اسين سڀ ڀائر
ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ پيدا ٿياسين.
بابو مرحوم فريدون بيگ مرزا جيڪڏهن انگريز سرڪار
جي نوڪري ڪرڻ گهري ها ته بلڪل آبروءَ جهڙي جاءِ
مليس ها، جو سرڪار کيس منٿون ڪندي هئي پر ناني
[مرزا خسرو بيگ] ۽ بابي نوڪري ڪرڻ جو ارادو اصل
ڇڏي ڏنو هو. اسان جي والده [سڪينه] سن 1876ع ۾
وفات ڪئي. اُنهيءَ وقت اسين پاڻ ۾ ست ڀائر ۽ ٻه
ڀيڻون هئاسين ۽ سڀ پاڻ ۾ گڏ رهندا هئاسين.
امان جي وفات [1876ع] مهل منهنجا ٻيئي وڏا ڀائر
گهر هئا ۽ آئون بمبئيءَ جي ڪاليج ۾ هئس. امان جي
وفات کان ٽئين ڏينهن هتي (حيدرآباد) پهتس ۽ اچي
پٿر ۽ ٽيجهي جي مانيءَ ۾ شامل ٿيس. امان پهرين فقط
قرآن شريف پڙهي ڄاڻندي هئي، پر پڇاڙي جي ڏينهن ۾
فارسي ۽ سنڌي پڙهڻ جو شوق ٿيس ۽ لکڻ به سکي. شاهه
جو رسالو گهڻو پڙهندي هئي ۽ اسان ڏي خط به چڱا
لکندي هئي. امان ڏاڍي زبردست دهشت واري، آزمودگار
۽ سمجهه واري عورت هئي.
اسين اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئاسين ته پهرين جمعي
نالي ۽ پوءِ خميسي نالي ٻه ٻڍا نوڪر اسان سان گڏجي
هلندا هئا. هو سارو ڏينهن اُتي اسڪول ۾ ويٺا هوندا
هئا ۽ شام جو موٽي اسان سان گڏجي ايندا هئا.
بابي [مرزا فريدون بيگ] جي وفات 1871ع مهل آئون
حيدرآباد ۾ حاضر هئس. پر منهنجا ٻه وڏا ڀائر [مرزا
غلام رضا بگي ۽ صادق علي بيگ] بمبئي ۾ هئا. دم
نڪرڻ وقت منهنجي ڀائرن کي ڏاڍو ياد ڪيائين ۽ اشاري
سان سندن تصوير جا سامهون ڀت تي ٽنگيل هئي، سا
گهريائين. تصوير هٿ ۾ جهلي ڏسي، کِلي، هڪ دم ليٽي
پيو ۽ دم ڏنائين.
منهنجي ڇٺيءَ وارو پهريون پهراڻ اڃا موجود آهي، ۽
جڏهن ڪو مون کي ٻار ٿيندو آهي، تڏهن دعا لاءِ
پهرين اُنهيءَ کي ڍڪائيندا آهيون. [150 ساله اُهو
قديمي يادگار پهراڻ اڄ به مرزا صاحب جي خاندان
وارن وٽ محفوظ آهي].
امان چوندي هئي ته ننڍي هوندي آئون ڏاڍو معاملاتي
هوندو هئس ۽ ڏاڍي هوڏ ۽ تيسو ڪندو هوس ۽ معاملا به
اجايا ۽ بي معنى ڪندو هوس، پر ٻن ڀيڻن کانپوءِ
ڄائو هوس، تنهن ڪري مائٽن کي ڏاڍو پيارو هوس.
اڃا مون امان جو کير پئي پيتو ته ادو علي قلي
[مرتب: سچل سرمست جو رسالو] ڄائو. اُنهيءَ کي به
ماءُ جو کير پيئڻ جو حق ٿيو، پر آئون اهڙو
معاملائي هوس جو هُن کي امان وٽ اچڻ ئي نه ڏيندو
هئس. بلڪ جي انهيءَ جاءِ تي ڏسندو هوس ته معاملو
ڪري ڪڍائيندو هو سانس. امان، لِڪي ڇپي، هن کي کير
پياريندي هئي. اگرچه هن کي ٻي کير پيارڻ واري دائي
به هئي. سگهوئي پوءِ مون کي به کير ڇڏايائون.
امان چوندي هئي ته نانو ۽ بابو مون کي ڏاڍي دعا
ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن تي بادشاهه جو نالو
آهي ۽ هي هوشيار ۽ بخت وارو ٿيندو. اڃا ننڍڙو هوس
ته لکڻ پڙهڻ جو مون کي شوق ٿيو. ٻيا سڀ راند روند
ڪرڻ ويندا هئا، پر آئون ڪاغذ قلم ۽ مس کڻي ويهي
ليڪا ڪڍندو هئس. ماڻهن کي عجيب لڳندو هو ته هن کي
ٻين وانگي ڇو ٻي راند جو شوق ڪو نه ٿو ٿئي؟
جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيس، تڏهن پهرين پنهنجي ڳوٺ جي
خانگي مڪتب ۾ پهرين آخوند محمد شفيع وٽ ويٺس، جتي
منهنجا ٻه وڏا ڀاءُ ۽ ٻيا ماروٽ به پڙهندا هئا.
اسين سڀ ڀاءُ جوڙو جوڙو ٿي. گڏ پلياسين ۽
پڙهياسين. آئون ۽ ادو علي قلي بيگ پڙهياسين.
اسڪول ۾ اسان جو پهريون استاد آخوند ولي محمد هو.
اُن وقت استاد ڏاڍي عزت ۽ آبرو سان پڙهائيندا هئا
۽ اسين به شوق ۽ محنت سان پڙهندا هئاسين. آخوند
ولي محمد جي هڪڙي چماٽ ۽ هڪڙي چهنڊڙي ران ۾، اڃا
تائين ياد آهي مون کي.
مون کي ياد آهي ته ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ ڪوڙا
سچا بيت ٺاهي، ناني مرحوم (خسرو بيگ) وٽ کڻي ويندو
هوس. نانو بيمار هوندو هو، کٽ تي سُتو پيو هوندو
هو. مون کي گهرائي چوندو هو ته ابا مون کي پنهنجو
شعر ٻڌاءِ. پوءِ آئون پڙهي ويندو هوس. تنهن تي
ڏاڍو کلندو ۽ خوش ٿيندو هو. دائي قدم، جا سندس
خدمت ۾ رهندي هئي، تنهن کي چوندو هو، جا پستا،
ڪشمش، باداميون يا ڪو ٻيو اهڙو ميوو کڻي ايندي
هئي، اُهو هو مون کي ڏيندو هو ۽ شابس ڏيئي روانو
ڪندو هو.
ننڍي هوندي مون کي خوش طبعي ۽ مسخري ۽ چرچي بازي
ڪرڻ جي عادت هوندي هئي. مسخريون يا نقلون به تمام
عمديون ڪندو هوس، جنهن ڪري بابو ۽ ٻيا گهر جا
ڀاتي، توڙي ٻيا ملاقاتي، گهڻو کلندا هئا. ياد اٿم
ته بابو ايترو کلندو هو جو اکين ۾ پاڻي اچي ويندو
هوس. پوءِ چوندو هو ته هي ڇوڪر جڏهن وڏو ٿيندو ۽
پرڻبو، تڏهن پنهنجي زال ۽ ٻارن سان به چرچن ڪرڻ
کان نه رهندو. منهنجو هڪڙو ڪتاب ’هزليات‘ نالي
آهي، جنهن ۾ منهنجا سڀ چرچي ۽ ظرافت جا شعر لکيل
آهن. [هي ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل آهي ۽ قليچ جي ڪتبخاني
۾ موجود آهي].
وڌيڪ تعليم لاءِ، آئون بمبئي ۾ هوس ته منهنجي غير
حاضريءَ ۾ امان سن 1876ع ۾ وفات ڪئي. ترت آئون به
وئڪيشن تي آيس. مون کي امان جي مرڻ جي خبر نه هئي.
ڳوٺ اچي ڏسان ته ٽيجهي جي ماني اوطاق ۾ پئي هلي ۽
ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن. مون کي ماءُ جي مرڻ جو ٻڌي
ڏاڍو افسوس ٿيو. اُها سڄي وئڪيشن ماتم ۾ گذاريم،
پوءِ به لاچار بمبئي ۾ آيس، نه ته اچڻ جي مرضي نه
پئي ٿي. بمبئي ۾ به منهنجو حال خراب ٿيڻ لڳو ۽
نتيجو اِهو ٿيو ته بي. اي ۾ فيل ٿي پيس.
ترت پوءِ بيماري وارا ٻه ورهيه مون کي ڪراچي ۾
گذارڻا پيا. اُتي پنهنجي مُنهن ڪتاب مطالع پيو
ڪندو هوس. فريئر هال لائبرري ۽ گاڏي کاتي واري
هاءِ اسڪول جي ويجهو جنرل لائبرري ۾ ويندو هئس.
فريئر هال لائبرري جو لائبررين تڏهن مسٽر مُري
هوندو هو ۽ جنرل لائبرري جو مسٽر ڏيارام گدومل هو،
جو تڏهن صدر ڪورٽ جو رجسٽرار به هو ۽ کانئس پوءِ
مسٽر موترام شوقيرام لائبررين ٿيو. اُنهي وقت آئون
انگيرزي ’شعر‘ به جوڙيندو هوس ۽ انگريزي اخبار
’سنڌ نيوز‘ ۾ ڏيندو هوس. ۽ فارسي شعر جوڙي فارسي
اخبار ’مفرح القلوب‘ ۾ ڏيندو هوس، جنهن ۾ ٻين
شاعرن جا شعر به ڇپيا هئا. ’مفرح القلوب‘ جو مهتمم
مرزا مخلص علي هو.
ان زماني ۾ مسٽر ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج کوليو ٿي،
تڏهن اهڙي رٿ پيش ڪئي هئائين ته مون کي پارسيءَ جو
پروفيسر ڪري رکي. مسٽر حسن علي آنفديءَ تڏهن مدرسو
قائم ٿي ڪيو، تنهن کي به اُنهيءَ ڪم ۾ مدد ڏنيم.
اُهو وقت منهنجي جوانيءَ جو هو ۽ يورپين ماڻهن جي
گهرن ۾ وڃڻ جو گهڻو اتفاق ٿيندو هو ۽ جوان ڇوڪرين
سان صحبت ڪرڻي ٿيندي هئي، تنهن ڪري انگريزي پوشاڪ،
ڪالر، نيڪٽاءِ وغيره جي عادت پئي ۽ ڏاڙهي جي صافي
ڏيندو هوس. بلڪه انهيءَ وقت اهڙو به خيال پيدا ٿيڻ
لڳو ته اُنهن مان ڪنهن يورپين يا يوريشن ڇوڪريءَ
سان شادي جو بندوبست ڪجي. پر جڏهن اڃا ته ڪا نوڪري
ڪانه هئي ۽ نه وري ٻي يپدائش هئي، تڏهن في الحال
اِهو خيال معطل رهجي ويو. مگر انگريزي ٻولي
ڳالهائڻ ۽ انگريزي راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ بلڪ انگريزي ناچ
سکڻ جو به وجهه مليو. انگريزي ۾ منهنجو شعري
مجموعو ليئر آورس اُنهن ڏينهن جو يادگار آهي.
چند دلچسپ واقعا
…ڇالاءِ جو پنجويهين ورهين جي عمر ۾ نوڪري شروع
ڪئي هيم، ۽ شاديءَ جو خيال به اڳيئي پيدا ٿيو هو،
تنهنڪري راڌڻ جي اسٽيشن ماستر، مسٽر مري
(Murray)
جي وڏيءَ ڌيءَ سان منهنجي گهڻي محبت ٿي وئي.
انهيءَ جو نالو ائلس هو ۽ مون کان ننڍي هئي. آخر
اُنهيءَ سان شادي ڪرڻ جو خيال ڪري، اُنهيءَ جي
ماءُ پيءُ تائين ڳالهه پهچايم. (اِها شادي نه ٿي
سگهي هئي).
هڪڙي ڀيري ته هڪڙي هنڌ ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾، جنهن جو
نالو نه وٺندس، منهنجي منزل هئي. آئون تنبوءَ ۾
ستل هوس. اَڌ رات ڌاري پيرن کي ڪنهن شئي لڳڻ ڪري،
آئون جاڳي پيس. ڏسان ته منهنجي کٽولي تي پيراندي
کان هڪڙي جوان زال ويٺي آهي. ٽپ ڏيئي اٿس ۽
پڇيومانس. معلوم ٿيو ته اُتي جي زميندار جي ڌيءَ
آهي ۽ منهنجي تعريف ٻڌي، پرپٺ ملاقات جو خيال پيدا
ٿيو هوس. اُنهيءَ زميندار سان منهنجو چڱو رستو هو.
جيتوڻيڪ اُنهيءَ مهل جوانيءَ جي مستيءَ سببان ٻن
باهين جي وچ ۾ هوس، ته به مون کي ڏاڍو ڏک ۽ حيا
ٿيو. مون ڇوڪريءَ کي سمجهايو ۽ موٽايومانس.
1888ع ۾ منهنجي پهرين شادي خيرپور اسٽيٽ جي وزير
[سردار بهادر] شيخ محمد يعقوب جي خاندان مان ٿي.
تنهن زال آخر 9 مارچ 1904ع ۾ وفات ڪئي. سندس فوٽو
اڳيئي ورتل هو، بلڪ سندس آواز به فونوگرام ۾ ورتل
هو، جو ڪڏهن ڪڏهن ٻڌي هن کي ياد ڪندو آهيان.
[افسوس جو اُهو رڪارڊ ڪيل آواز هاڻي دستياب ناهي –
2003ع].
منهنجي عادت آهي ته جڏهن ڪو ڪتاب لکڻ شروع ڪريان،
تڏهن پهرين صفحي جي چوٽيءَ تي هڪڙي ڪنڊ تي سنهڙن
اکرن ۾ ’بسم الله‘ لکي پوءِ ڪجهه لکان ۽ پوري ٿيڻ
تي پوئين صفحي جي پاڙ ۾ هڪڙي ڪنڊ تي ’الحمدالله‘
لکي ڇڏيان، ۽ ٻنهي هنڌن تي شروع ڪرڻ ۽ پوري ڪرڻ جي
تاريخ به لکي ڇڏيندو آهيان.
هڪڙو ئي ڪتاب لکڻ مون کي ٿڪائي ڇڏيندو آهي، گهڻو
ڪري اڪثر ٽي ڪتاب گڏ شروع ڪندو آهيان. هڪڙو صبح جو
لکان ۽ ٻيو ٻنپهرن جو ۽ ٽيون رات جو. ڪلاڪ ٻن کان
وڌيڪ هڪ وقت لکڻ ڪري ٿڪجي پوندو آهيان.
پهريون مقدمو جو مئجسٽريٽ ٿي مون هلايو، سو مون کي
ياد آهي ته هڪڙي ٻڍڙيءَ زال جهنگ مان ڪلر کڻي لوڻ
جوڙيو هو، تنهن کي پوليس رجوع ڪيو ه و. هن تي ڏنڊ
وڌم. پر زال جي غريبي ڏسي، ڏاڍو رحم آيو، جو هوءَ
پئسي نه هئڻ ڪري جيل ۾ ٿي وئي. تنهنڪري لِڪ چوريءَ
۾ نوڪر کي ڏنڊ جا پئسا ڏنم ته هن کي وڃي ڏئي. ٽڪيٽ
کانسواءِ، ريلوي ۾ چڙهڻ واري هڪڙي فقير سان به هڪ
ٻه دفعا ائين ڪيو هوم ۽ سندن ڏنڊ جا پئسا مون
ڀريا.
اسين گهر ۾ سڀ ننڍا وڏا گڏجي هڪڙي دسترخوان تي
ويهي کائيندا آهيون. ٿورن ورهين کان وٺي يعني
نوڪريءَ جي وقت کان وٺي آئون ڪانٽي ۽ ڇري سان ٽيبل
تي ويهي کائيندو آهيان ۽ شادي کانپوءِ به اڪثر
سڀئي ڀاتي ميز تي ويهي کائيندا آهيون.
شراب کي حرام سمجهندا آهيون ۽ اسان مان ڪو به ڪو
نه پيئندو آهي، تماڪ يعني حقو به اسان مان ڪو ڪونه
پيئندو هو، سواءِ بابي ۽ امان جي. هاڻي ٿورن ورهين
کان اسان مان ڪي ڇوڪرا سگار ڇڪيندا آهن، سي به مون
کان لڪائي، جو آئون پاڻ اصل نه ڇڪيان.
آرڙهه ۾، پار ڦليلي ۾ وڃي وهنجندا آهيون، آئون پاڻ
تري نه ڄاڻان، ليڪن ٻار گهڻو ڪري تري ڄاڻندا آهن.
ڪراچي ۾ مسٽر مچي، مشهور فوٽو گرافر هو، مون ۽
منهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ تنهن کان فوٽو ڪڍڻ
جو هنر سکيو ۽ پنهنجا اوزار ورتاسين ۽ تصويرون
ڪڍيوسين. امان ۽ پنهنجين ٻنهي ڀيڻين (زيب النساء ۽
شرف النساء) ۽ ٻنهي داين جي ڪڍيل تصوير اڃا اسان
وٽ موجود آهي. اڳي اسان ۾ ڪنهن به زال جي تصوير
نڪتل ڪانه هئي. بلڪه بابي ۽ ناني جي تصوير به اسان
وٽ ڪانهي، جنهن جو اسان کي گهڻو افسوس آهي.
عزت ظاهر ڪرڻ لاءِ ماڻهن منهنجي تصوير ڇاپائي
ڪتابن ۾ يا پوسٽ ڪارڊن تي يا جنتريءَ تي يا ٻي طرح
پڌري ڪئي هوندي، هڪڙي ڪراچيءَ جي سيٺ منهنجي وڏي
تصوير حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ رکڻ لاءِ موڪلي.
هڪڙي تصوير بمبئي ٽائمس آف انڊيا ۾ ڏني وئي، جنهن
جي هيٺان شيڪسپيئر آف سنڌ لکيو ويو هو، جن جلسن ۾
پريزيڊنٽ ٿيندوآهيان تن جي گڏيل تصوير ڪڍندا آهن.
سڀني وقتن جي نماز برابر پڙهندو اچان ۽ صبح جو هر
روز قرآن به ضرور پڙهندو اچان. اسر جو ٽين چئين
وڳي ڌاري ضرور پاڻهين جاڳندس ۽ اُٿندس. ۽ هٿ منهن
ڌوئي وضو ڪري تهجد جي نماز پڙهان.
هڪڙي ڀيري نوڪري جي وقت، گهوڙي تي چڙهي نڪتو هوس.
رستي ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ ڪنهن گهر ۾ قضيو ٿيو هو ڪا زال
مُئي هئي. مڙس ماڻهو ڪو نه هو، ٻارن ڏاڍو پي رنو.
آئون بيهي رهس. پڇا ڪرڻ تي جڏهن حقيقت معلوم ٿي،
تڏهن لهي پيس. پنهنجي نائڪ ۽ ارادليءَ جي مدد سان،
اُنهيءَ زال جي دفن ڪفن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ ماني
ٽڪي لاءِ مناسب پئسا ڏنا ويا ۽ ٻارن کي گهڻو دلاسو
ڏنو ويو. هُنن کي روئندو ڏسي مون به گهڻو رنو.
اُنهيءَ دل جي ميل جي ڪري آئون اڪثر موت کي گهڻو
ياد ڪندو آهيان.
منهنجي نوڪري اپر سنڌ ۾ گهڻي رهي. اتي جا جيڪي
مشهور ماڻهو ٿي گذريا ۽ جي مون ڏٺا، اُنهي مان ڪن
ٿورن جا نالا هي آهن. پير حزب الله شاهه ڪنگريءَ
وارو، پير غلام محي الدين راڻيپور وارو، پير رفيع
الدين شڪارپور وارو، مير علينواز علي، ميان محمد
حسين، محمد شعبان، عبدالخالق وڪيل شڪارپوري، سرائي
ٺارو خان، سرائي راڻو خان، فيض محمد خان کهاوڙ،
وڏيرو غيبي خان چانڊيو، سردار قيصر خان مگسي،
وڏيرو امام بخش، سيد اَلهندو شاهه. اِهي سڀ وفات
ڪري ويا آهن. انهن جو مون سان خاص رستو هو ۽ آئون
به هنن کي عزت ڏيندو هوس ۽ هو به مون کي گهڻو پسند
ڪندا هئا.
رياست خيرپور جي مير علي مراد خان ۽ مير فيض محمد
خان سان به منهنجو گهڻو رستو هو. شمس الدين ’بلبل‘
ميهڙ وارو شاعر به منهنجو دوست هو.
سرڪاري نوڪريءَ جي عرصي ۾ گهڻن وقتن تي وڏا ۽ مشڪل
واهه کڻايا هوندم ۽ مشڪل کنڊ ٻَڌايا هوندم. جيئن
ته ڪشمور بند، ناري ۽ درياءَ جهڙا… ڪيترا مشڪل
تڪرار معاملا بلوچن جي جرڳي ۾ يا مئجسٽريٽي ڪورٽن
جي رستي فيصلا ڪيا هوندم. هڪيترا اسڪول ۽ مڪتب
کوليا ۽ کولايا هوندم. رستن تي سُڃ ۾ وڻ باغ رکايا
هوندم.
منهنجا اڪثر ڪتاب ماستر پوڪرداس شڪارپور واري ۽
ماستر هريسنگهه سکر واري پئي ڇپايا. پوءِ ٻيا
پريسن وارا پيدا ٿيا، جيئن ته ’الحق‘ پريس يا
وڪٽوريا پرنٽنگ ورڪس ۽ پريميئر پريس، حيدرآباد
وارا ۽ ٻيا.
پيري ۽ خانه نشينيءَ جي حالت ۾ گهڻن ڪتابن لکڻ ۽
گهڻي اولاد هئڻ جي حالت ۾ منهنجو دوست، ديوان
ڪوڙومل چرچي مان مون کي ”ڪتابن جوڙڻ جي ڪل“ سڏيندو
هو.
نالي [خسرو بيگ مرزا] ۽ والد [فريدون بيگ مرزا]
کانسواءِ ناني ۽ بابي جي سنگتين ۽ انهيءَ وقت جي
جن نامدار ماڻهن کي مون ڏٺو ۽ گهڻن سان صحبت ڪيم،
جيئن ته مير حسين علي خان، مير حسين علي خان [مير
نصير خان ٽالپر جا پٽ] مير محمد خان، آغا زين
العابدين شاهه، آغا صادق علي شاهه، آغا جعفر شاهه،
آغا گدا علي شاهه. جڏهن حيدرآباد جي اسڪول ۾ ٿي
پڙهيس، تڏهن جي استاد ڏٺم: هيڊ ماستر ميان محمد
مخدوم، قاضي حاجي احمد آخوند، ولي محمد، ماستر
وشنو گهنشيام، مسٽر ڀنڊارڪر، مسٽر رانادي، مسٽر
ڪيشوراءِ، مسٽر راما ڪنٺ، مسٽر ڪوڙومل، مسٽر غلام
علي، مسٽر تاراچند شوقيرام، مسٽر چوهڙ مل، مسٽر
جهمٽ مل، حيدرآباد جي جن بزرگن جي زيارت نصيب ٿي،
اُهي هئا: سيد قطب علي شاهه جهانيان، سيد قاضي
يوسف شاهه، سيد فاضل شاهه (شاعر) سيد محمد علي
شاهه، سيد ثابت علي شاهه (ثاني) سيد تقي شاهه،
آخوند محمد قاسم هالائي، اميد علي نقاش، ديوانن
مان ديوان شوقيرام سان صحبت به ڪيم. ديوان مولچند
منسکاڻي، مسٽر اُڌارام، مسٽر عيدن مل: ديوان
ڪيولرام (سوکڙيءَ وارو)، ديوان اُڌارام ٿانورداس،
ديوان پرڀداس، ديوان ڀوڄراج، ديوان خوشيرام ۽ ٻيا.
جيتوڻيڪ مون ٽيهه ورهيه سرڪاري نوڪري ڪئي ته به
مون کي دل ۾ اها خواهش رهندي هئي ته نوڪري پوري
ڪري، پينشن وٺي ويهان ته پنهنجي دل جي خواهش موجب
ڪتابن مطالعي ڪرڻ ۽ لکڻ جي مشغولي ڪريان ۽ عبادت ۽
رياضت ۾ زياده وقت گذاريان.
گهڻو ڪري صبح جو اڪيلو گهمڻ نڪري ويندو هوس ۽
قبرستانن، قبن يا ڦٽلن ڳوٺن ۽ دڙن ۾ وڃي ويهندو
هوس. زماني جي گردش ۽ وقت جي گذرڻ ۽ انسان جي حالت
۽ خدا جي قدرت جي نسبت ۾ خيال پهچائيندو هوس.
پينشن وٺڻ مهل (1910ع) منهنجي عمر 55 ورهيه هئي ۽
پنجويهن ورهين جي عمر ۾ نوڪري شروع ڪئي هئم.
سرڪاري لٽريچر ڪميٽيءَ جو ته ننڍي هوندي کان وٺي
ميمبر رهيو آهيان ۽ ورهين کان سرڪاري ٽيڪسٽ بڪ
ڪميٽي جو ميمبر آهيان. ساڳي طرح بمبئي جي پراونشل
ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽي جو به ميمبر آهيان. عربي، فارسي ۽
اردو جا نوان ڪتاب، جيڪي ڊائريڪٽر آف پبلڪ
انسٽرڪشن وٽ ايندا آهن ۽ هو موڪليندا آهن، تن تي
راءِ ڏيندو آهيان. اُنهيءَ کانسواءَ علمي يا
اخلاقي يا پنگتي سوسائٽين يا جماعتن ۾ ليڪچر ڏيڻ
يا اُنهن لاءِ ڪن مضمون لکڻ لاءِ چوندا آهن ته
اُهو به لکندو آهيان. سرڪاري ڊپارٽمينٽل امتحان يا
يورپين آفيسرن جي ’سنڌي امتحان‘ لاءِ اڪثر ڪمشنر
صاحب مون کي چوندو آهي ۽ سڏيندو آهي ته اُهو ڪم به
وڃي ڪندو آهيان. |