ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
مرزا قليچ
بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ
اُن کان اڳ جو مرزا قليچ بيگ جي سنڌ جي تاريخ لاءِ
ڪيل خدمتن تي گفتگو ڪجي، هڪ اڌ اهم نقطي متعلق
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لازمي آهي.
عام طرح مرزا صاحب جي جنم جي تاريخ 4 محرم 1271
هجري برابر 4 آڪٽوبر 1853ع چئي وڃي ٿي (1). اِها
تاريخ درست ڪانهي. 4 محرم 1271 هجري تي 27-
سيپٽمبر 1854ع جي تاريخ هئي، نه ڪي 4- آڪٽوبر
1853ع. هن نقطي جي وضاحت خود مرزا صاحب پنهنجي آتم
ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ ڪري ڇڏي آهي، جنهن
ڏانهن تمام گهٽ ماڻهن جو ڌيان ويو آهي. مرزا صاحب
لکي ٿو ته : ”آءُ ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾، پنهنجي پيءُ
واري جهوني گهر ۾ ڄائو هوس، اها سن 1270 هجري
(1853ع) جي محرم مهيني جي 4- تاريخ هئي (2) تقويم
هجري و عيسوي موجب (4 محرم 1270 هجري) تي ڄائو
هو. هي تاريخ خود مرزا صاحب جي لکت موجب ڪڍيل آهي
۽ ظاهر آهي ته هن راءِ جي ڀيٽ ۾ ٻي ڪنهن به راءِ
کي فوقيت نٿي ڏئي سگهجي. ان صورت ۾ اسان کي آئينده
”7- آڪٽوبر“ قليچ جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ کپي.
هڪ مستند خيال آهي ته شمس العلماء مرزا قليچ بيگ،
جدا جدا علمن تي، مختلف ٻولين ۾، ننڍا توڙي وڏا،
ڪُل 457 ڪتاب تيار ڪيا هئا (4). سنڌي نثر جي
ڪيترين ئي صنفن تي سڀ کان اول پاڻ قلم کنيائون.
سنڌي شعر جي تاريخ هجي يا سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس،
سنڌ جي تاريخ هجي يا شهرن جو احوال، شاهه لطيف جي
زندگي هجي يا قديم سنڌي جي لغت، سنڌي ڊرامو هجي يا
سنڌي ناول، مطلب ته سنڌي نثر جون اڪثر صنفون، مرزا
صاحب جي طفيل سنڌي زبان ۾ داخل ٿيون. ٻين علمن
وانگر مرزا صاحب سنڌ جي تاريخ تي به ڪم ڪيو ۽ ڪجهه
معياري توڙي مناسب ڪتاب تيار ڪيا. سنڌ جي تاريخ تي
پاڻ ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪتاب تيار ڪيا اٿن، اُن جو درست
جواب وري به سندن آتم ڪٿا ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾
موجود آهي. پاڻ سنڌ جي تاريخ تي ڪل اٺ ڪتاب تيار
ڪيائون.
(1) چچ نامو (انگريزي)
1900ع
(2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي)
1901ع
(3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان
1904ع
(4) سنڌ جي مختصر تاريخ
1915ع
(5) سنڌ جا
قديم شهر ۽ اُنهن جا مشهور ماڻهو
1921ع
(6) رياست خيرپور جي تاريخ
1922ع
(7) چچ نامو (سنڌي)
1923ع
(8) ٽالپرن جي صاحبي (انگريزي)
1928ع
في الحال هنن سمورن ڪتابن تي علمي ۽ تفصيلي گفتگو
ڪرڻ ممڪن ڪونهي. ڇو ته مون ڪجهه ڪتاب ڏٺا آهن، ۽
ڪن کي ڏسڻ جو موقعو نه مليو اٿم. هن وقت تائين
ميسر معلومات جي آڌار تي مرزا صاحب ۽ سنڌ جي تاريخ
بابت مختصر ڳالهه ٻولهه ڪجي ٿي.
(1) چچ نامو انگريزيءَ ۾:
جهڙيءَ ريت سنڌ جي تاريخ جو اولين ڪتاب ”چچ نامو“
آهي، ٺيڪ ان ريت مرزا صاحب پڻ سنڌ جي اتهاس تي ڪم
ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول هن ڪتاب جو انتخاب ڪيو. هن
ڪتاب ۾ سنڌ اندر راءِ ۽ برهمڻ خاندان جي حڪومت جي
احوال سان گڏ عرب فتوحات جو بيان آهي، ابتدا ۾
هيءُ ڪتاب عربي زبان ۾ لکيو ويو، جنهن کي پوءِ سن
1613هه/1216ع ۾، علي بن حامد ڪوفيءَ فارسي زبان ۾
ترجمو ڪيو. هيءُ فارسي ترجمو ئي پوءِ صدين تائين
اهل علم وٽ استعمال ۾ رهيو. ميرن جي دور جي بنهه
آخر ڌاري ٽي، پوسٽنس هن ڪتاب جا ڪي حصا انگريزي ۾
ترجمو ڪيا. اُهي حصا سال 1838ع ۾ 1841ع ۾ رايل
ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال جي جرنل ۾ ڇپيا. سال
1953ع ۾ وري ”چچ نامي“ جا ڪجهه اقتباس ايليٽ
انگريزي ۾ اُلٿو ڪيا، ۽ اُنهن کي هندستان جي تاريخ
بابت پنهنجي مطالعي جي جلد اول ۾ شايع ڪيو (5).
مرزا قليچ بيگ کي ”چچ نامي“ جي قدامت ۽ اهميت جو
ڀرپور احساس هو. ان پس منظر ۾ پاڻ هن سڄي ڪتاب کي
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. هي ترجمو ڪمشنر پريس
ڪراچيءَ ۾ سال 1900ع ۾ ڇپيو، ۽ اُن جو انتساب
ڪمشنر سنڌ جيمس صاحب
(H.E.M.James)
کي ڪيو ويو. هن ڪتاب جو سڄو نالوهن ريت آهي:
The Chachnamah, an ancient History of Sindh.
مرزا صاحب جي دوست ۽ سنڌ جي نهايت معروف شخصيت
ديوان ڏيارام گدومل ترجمي تي نظرثاني ڪئي ۽ اُن تي
هڪ عمدو تعارف لکيو، جيئن ته اُن وقت تائين ”چچ
نامي“ جو ڪو ڇاپي ۽ معياري ايڊيشنل موجود نه هو،
ان ڪري مرزا صاحب کي اُن جو ترجمو ڪندي ڏاڍي تڪليف
پيش آئي. پاڻ لکن ٿا:
”اُن بعد وڏيءَ محنت ۽ ڪشش سان ۽ عربي عالمن جي
مدد سان، عبارت جون درستيون ڪيون ويون ۽ جيترو به
ٿي سگهي خال ڀريا ويا. اُن بعد مون ڪتاب جو حتي
الامڪان لفظ به لفظ ترجمو ڪيو… مون اڪثر حوالا ۽
حاشيا به ڏنا آهن. جي مفيد ثابت ٿيندا. اُن کان
علاوه مشترڪه واقعن بابت مون تاريخ معصومي ۽ تحفة
الڪرام جي بيانن جا اقتباس به ڀيٽ خاطر ڏنا آهن.
قرآن مجيد جي آيتن لاءِ رڪوع ۽ سورتن جا حوالا مون
سيل
(Sale)
جي انگريزي ترجمي تان ڏنا آهن ۽ رچرڊ سن جي ٽيبل
تان مون هجري سالن جا مسيحي سال به درج ڪيا آهن“.
هڪ طرف ”چچ نامي“ جو ڪنهن به زبان ۾ ڇپيل هي
پهريون ايڊيشن هو ۽ ٻئي طرف هي انگريزي ٻوليءَ ۾
هو. ان ريت سنڌ جي تاريخ جو هي قديم ترين ماخذ،
سنڌ ۽ هند کان علاوه يورپ ۾ پڻ اسان جي تاريخ جي
مطالعي ۾ مددگار بڻيو. سال 1938ع ۾ هن ترجمي تان
”چچ نامي“ جو اردو ترجمو ٿيو. هي ترجمو بهاولپور
جي محمد حفيظ الرحمان ”حفيظ“ ڪيو (6). تازي دور ۾
(1980ع ڌاري) مرزا صاحب جي هن انگريزي چچ نامي جا
ٻه ايڊيشن نڪتا آهن. هڪ ڇاپو سنڌ ڪلاسڪس ڪراچي
ڪڍيو آهي، ليڪن اُن تي طباعت جو سال درج ڪونهي.
ٻيو ايڊيشن وين گارڊ لهور اپران 1985ع ۾ نڪتو آهي.
(2) سنڌ جي تاريخ انگريزيءَ ۾:
مرزا صاحب ان بعد سنڌ جي تاريخ جي مطالعي کي اڳتي
وڌايو ۽ اسلامي دور تي ڪم ڪيو. ”سنڌ جي تاريخ“
نالي هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ تيار ڪيو ويو. پهرئين حصي
۾ 15 باب آهن ۽ ان ۾ عربن کان وٺي مغل نوابن تائين
احوال ڏنو ويو آهي. هن حصي لاءِ ”تاريخ معصومي“ ۽
”تحفة الڪرام“ تان مدد ورتي ويئي. ڪتاب جي ٻئي حصي
۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي راڄ جي تاريخ ملي ٿي. هن حصي
لاءِ تحفة الڪرام کان علاوه مير عظيم الدين ”عظيم“
ٺٽوي جي “فتح نامه“ ۽ مير يار محمد جي ”فريئر
نامه“ کان به مدد ورتي ويئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ٽي
ضميما به ڏنا ويا آهن. هڪ ضميمي ۾ سنڌ – برطانوي
لاڳاپن بابت ڪي اهم اقتباس ملن ٿا. ٻئي ضميمي ۾
يارهن مکيه مشاهيرن جو احوال آهي. آخري ضميمي ۾
ڪجهه شجرا ڏنل آهن.
سنڌجي تاريخ بابت هن ڪتاب تي وري به راجرشي ديوان
ڏيارام گدومل نظرثاني ڪئي ۽ اُن تي تعارف پڻ لکيو.
مرزا صاحب هن ڪتاب تيار ڪرڻ بابت لکي ٿو:
”مون هي ڪتاب پنهنجي ليکي نه جوڙيو آهي. البته
فارسي ڪتابن جا ٽڪرا کڻي، ترجمو ڪري سلسليوار
تاريخ تيار ڪئي آهي. هڪ مستند تاريخ ۾ انتظامي
جوڙجڪ، جاگرافي، طبعي ۽ سماجي حالتن جو ذڪر لازمي
آهي. پر مون هتي رڳو بنيادي ڳالهيون ڏنيون آهن، جي
فارسي ڪتابن تان ورتل آهن. برٽش دور تي ڪم ڪندي اڄ
تائين لکڻ کانپوءِ هر دور جي حالتن تي بحث ڪيو
ويندو.“
جيتوڻيڪ هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ڪجهه بنيادي ماخذن
جي اتباسن جي ترجمي تي مشتمل آهي، ليڪن ان ۾ اصليت
جون سڀ خوبيون موجود آهن. مرزا صاحب هن ڪتاب
ذريعي، ان دور جي ماحول مطابق، پهريون ڀيرو سنڌ جي
تاريخ کي انگريزي زبان ۾ پيرائتي نموني بيان ڪيو
آهي. ان ريت سنڌ جي اتهاس جي مطالعي ۾ نه رڳو
آساني پيدا ٿي، پر اُن جو هڪ باقاعده خاڪو به
موجود ٿيو. هي ڪتاب سال 1901ع ۾ تيار ٿيو ۽ ڪمشنر
پريس ڪراچي ۾ سال 1902ع ۾ شايع ٿيو. هن جو انگريزي
مڪمل نالو آهي.
A History of Sind, Volume II (in two parts)
ڪجهه لکندڙن هن کي ”چچ نامه“ جلد ٻيون به سڏيو
آهي. سال 1982ع ۾ سنڌ ڪلاسڪس ڪراچي پاران هن جو
ٻيو ڇاپو پڻ نڪتو آي.
(3) سنڌ جي تاريخ، تصويرن سان:
مرزا صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ ڪتاب ”سنڌ جي
تاريخ، تصويرن سان“ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته
اُهو سال 1904ع ۾ تيار ٿيو. سنڌالاجي جي ريسرچ
لئبرريءَ ۾ ”سنڌ جي تاريخ“ عنوان سان هڪ ڪتاب
موجود آهي، جو سال 1903ع ۾ لکيو ويو ۽ ساڳئي سال ۾
قيصر به پريس حيدرآباد مان ڇپيو. ڪتاب ۾ ننڍا ننڍا
ڪل 33 باب آهن. ابتدا ۾ سنڌ جي جاگرافي، قديم قومن
۽ اصلوڪن رهاڪن (هندن) جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پوءِ
راءِ سهرس کان وٺي ڪمشنر جائلس ۽ ڪمن صاحب
(A. Cumine)
تائين، سنڌ جي تاريخ اختصار سان، نهايت سادي
ٻوليءَ ۾ بيان ڪيل آهي. جيئن ته هن ڪتاب ۾ تصويرن
جو به مناسب تعداد آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته
هيءُ اُهو ئي ڪتاب آهي، جنهن جو ذڪر مرزا صاحب پاڻ
”سنڌ جي تاريخ تصويرن سان“ عنوان تحت ڪيو آهي.
مصنف هن ڪتاب جي لکجڻ جي پس منظر تي هن ريت روشني
وڌي آهي:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ جي چڱي تاريخ جي گهڻي گهرج
هئي. اسڪولن جي ڪم ۾ هڪڙي مختصر سنڌي تاريخ آهي،
مگر وڌيڪ مفصل تاريخ جا ٻارن کي توڙي وڏن کي پڙهڻ
۾ ڪم اچي سا ڪانه هئي. تنهن ڪري مون هي ڪتاب
مارسڊن صاحب واري هندستان جي انگريزي تاريخ جي
نموني تي لکيو. انهي ۾ گهڻو ۽ ضروري احوال مختصر
طرح سليس عبارت ۾ ڏنل آهي. اهو گهڻو ڪري پارسي
ڪتاب مان ورتل آهي. اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي
اهو ڪتاب گهڻو ڪمائتو ٿيندو ۽ پسند ايندو“(7).
ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 191 صفحا آهن، جنهن
۾ ميرن حاڪمن ۽ انگريز عملدارن جون 24 عدد تصويرون
به آهن. هي ڪتاب سال 1903ع ۾ لکيو ۽ شايع ڪيو ويو.
(4) سنڌ جي مختصر تاريخ:
سنڌ جي تاريخ بابت هي مختصر ڪتاب سال 1915ع ۾ لکيو
ويو. مرزا صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ”سائو پن يا ڪارو
پنو“ ۾ هن جو ذڪر ڪيو آهي. في الحال هن ڪتاب جي
باري ۾ مون کي وڌيڪ ڄاڻ نه ملي سگهي آهي.
(5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن جا مشهور ماڻهو:
سنڌ جون اڪيچار تاريخون جوڙڻ ۽ ترجمن ڪرڻ کانپوءِ،
مرزا صاحب سنڌ جي شهرن جي تاريخ ۽ اُنهن شهرن جي
مکيه ماڻهن جي اتهاس تي توجهه ڏنو. مير معصوم
پهريون ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب (تاريخ معصومي)
۾ سنڌ جي مشاهيرن تي مختصر مواد لکت ۾ ڇڏيو. ان
بعد مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ سنڌ جي مکيه
ماڻهن سان گڏ اڪثر شهرن جو احوال به لکيو. سال
1874ع ۾ هيوز صاحب ”سنڌ گزيٽيئر“ تيار ڪيو، جنهن ۾
سنڌ جي شهرن جو احوال الف- بي موجب ڏنائين.
سنڌي زبان ۾ مرزا صاحب سڀ کان اول سنڌجي شهرن ۽
مشاهيرنيت قلم کنيو. هن ڪم لاءِ پاڻ فارسي ڪتابن
کان علاوه هيوز جي سنڌ گزيٽيئر تان به مدد
ورتائين. پاڻ هن ڪتاب جو نالو ”سنڌ جا قديم شهر ۽
اُنهن جا مشهور ماڻهو“ رکيو اٿس. هن ڪتاب ۾ ڪل 15
باب آهن، جي وري مختلف حصن ۽ ڀاڱن ۾ تقسيم ٿيل
آهن. ابتدا ۾ ملتان جو احوال آهي ۽ بعد ۾ ٺٽي جو
ذڪر ٿيو آهي. ملتان کان وٺي ٺٽي جو ذڪر نون بابن
تي مشتمل آهي. ٺٽي کي ڪل پنج باب مليا آهن. هنن
بابن ۾ ابتدا ۾ شهرن جي تاريخ ۽ پوءِ اُتان جي
مشاهيرن جو احوال ڏنل آهي. ڏهون، يارهون ۽ ٻرهون
باب، سمن کان ٽالپرن تائين، مکيه مکيه اميرن ۽
عملدارن بابت آهي. تيرهون باب وري به سنڌ جي قديم
شهرن بابت آهي، جن کي الف – بي وار بيان ڪيو ويو
آهي. چوڏهين باب ۾ اُنهن قومن جو ذڪر آهي، جن سنڌ
تي حڪومت ڪئي. آخري يعني پنڌرهون باب، سنڌ جي قديم
قومنجي باري ۾ آهي، ۽ الف- بي موجب رٿيل آهي، جنهن
۾ جدا جدا مذهبي فرقا به اچي وڃن ٿا.
سنڌ جي تاريخ ۾ هر لحاظ کان هن ڪتاب جي اهيمت آهي.
خاص ڪري شهرن ۽ مشاهيرن تي لکندي هن ڪتاب تان مدد
وٺڻ لازمي ٿيو وڃي. هي ڪتاب صحيح معنى ۾ سنڌ جي
تاريخ بابت مرزا صاحب جو پنهنجو ”اصلوڪو ڪتاب“
آهي. هي ڪتاب لکندي رڳو ”تحفة الڪرام“ يا ”سنڌ
گزيٽيئر“ تي ڀروسو نه ڪيو ويو آهي، پر اُن مقصد
لاءِ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ پنهنجي وسيع
مشاهدي ۽ عيني گواه طور به ڪيئي اهم نقطا ۽
ڳالهيون لکي محفوظ ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ جديد شهرن
جو ذڪر به آهي،جي مير علي شير قانع کانپوءِ وجود ۾
آيا. يا وري ”تحفة الڪرام“ ۾ اُنهن جو ذڪر نه اچي
سگهيو آهي. هي ڪتاب سال 1921ع ۾ تيار ٿيو. مرزا
صاحب پاڻ ڪتاب جو نالو ان ريت ڏنو آهي، جيئن مٿي
ذڪر ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، نئين
سنڌ لئبرري حيدرآباد 1925ع ۾ پڌرو ڪيو. سال 1966ع
۾ اُن جو نئون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو، تڏهن
ان جي آخر ۾ ليکڪ جو هڪ ٻيو مختصر ڪتابڙو ”قديم
سنڌجا ستارا“ به ان ۾ شامل ڪيو ويو. بورڊ واري
ايڊيشن جو نالو مرزا صاحب جي تجويز ڪيل نالي جي
برعڪس ”قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ رکيو
ويو.
(6) رياست خيرپور جي تاريخ:
مرزا صاحب هيءُ ڪتاب رياست خيرپور جي حاڪم مير علي
نواز خان ”ناز“ جي فرمائش تي سن 1922ع ۾ لکيو.
سال 1943ع ۾ انگريزن سنڌ کي فتح ڪري ان کي هندستان
سان ملائي ڇڏيو، ليڪن مير علي مراد خان سان قريبي
لاڳاپن سبب، انگريزن خيرپور جي رياست کيس مرحمت
ڪري ڏني. ان وقت جي هندستان ۾ جيڪي ٻيون رياستون
هيون، اُنهن جون جدا جدا تاريخون لکيون ويون هيون.
ان پس منظر ۾ مرزا صاحب هيءُ ڪتاب مير علي نواز جي
خواهش تي تيار ڪيو. هن ڪتاب ۾ جملي ويهه باب آهن،
جنهن ۾ رياست جي جاگرافي، طبعي ۽ قديم اتهاسڪ
احوال کانپوءِ خيرپور جي ميرن حاڪمن جو احوال مير
علي نواز جي دور تائين ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب
تفصيلي آهي ۽ اُن ۾ ميرن جي تاريخ، هر حاڪم جي دور
جي سماجي حالتن ۽ انتظامي بندوبست سميت ڏني وئي
آهي. اُن کان علاوه حاڪمن جي گهرو جهيڙن جهٽن جو
احوال به درج ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪجهه انگريز
عملدارن، رياست جي ٽالپرن حاڪمن ۽ وزيرن جا فوٽو
گراف به ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب فيض پريس خيرپور ۾
سال 1924ع ۾ ڇپيو ۽ اُن جو نالو ”رياست خيرپور“
رکيو ويو.
(7) چچ نامو سنڌي:
هي ڪتاب اصل ۾ مٿي ذڪر ڪيل ”چچ نامي“ جو سنڌي
ترجمو آهي. ان بابت مرزا صاحب لکي ٿو: ”قديم سنڌ
جي تاريخ، هندو راجائن جي بابت ۽ عربن جي فتح
تائين ٽن فارسي ڪتابن ۾ لکيل آهي، چچنامي، تاريخ
معصومي ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾. پويان ٻه ڪتاب پهرئين
تان ورتل هئا ۽ انهن ۾ گهڻو احوال نه هو. تنهنڪري
چچ نامي جي پهرين مون انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، جو
سرڪار ڇاپايو ۽ هاڻي ڪن دوستن جي فرمائش موجب مون
سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو قديم سنڌ جي
تاريخ جو مفصل احوال معلوم ڪن.“
چچ نامي جو هي پهريون ڀاڱو آهي، جنهن ۾ فقط چچ جي
راڄ تائين احوال ڏنل آهي. هي ڪتاب 60 صفحن تي
مشتمل ڪرائون سائيز ۾، بليوٽسڪي پريس حيدرآباد مان
ڇپيو، ۽ اُن کي سال 1923ع ۾ نئين سنڌ لئبرري وارن
ڇپرائي پڌرو ڪيو. چچ نامي سنڌيءَ جو ٻيو حصو ڪٿي
ڇپيو يا نه، ان بابت مون کي معلومات ملي نه سگهي
آهي. ياد رهي ته سال 1923ع ۾ مرزا صاحب ”چچ نامي“
جو سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو هو.
(8) ٽالپرن جي صاحبي:
هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي آهي. ان جو ذڪر مرزا صاحب
پاڻ پنهنجي ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ ڪيو آهي.
هي ڪتاب انگريزي زبان ۾ سال 1928ع ۾ لکيو ويو.
ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ هن ڪتاب جو نالو
(Rules of Talpur)
ڄاڻايو آهي (8).*
مرزا
صاحب ”اي هسٽري آف سنڌ“ جلد ٻيو جي پيش لفظ ۾
اشارو ڏنو آهي ته پاڻ برٽش دور تي ڪتاب لکندو ۽
اُن جي آخر ۾ هر دور جي سماجي توڙي طبعي حالتن تي
به روشني وڌي ويندي. اُن جو مطلب ته مرزا صاحب
زندگيءَ جي بنهه آخر ۾ هن عنوان تي قلم کنيو ۽
ٽالپرن جي صاحبي (انگريزي) نالي ڪتاب لکي تيار
ڪيو. منهنجي خيال ۾ سنڌبابت لکيل هي ڪتاب وڏي
اهميت رکي ٿو، ڇو ته مرزا صاحب کي ميرن بابت خاطر
خواه ۽ مستند ڄاڻ هئي ۽ انگريزن جو دور سندس
سامهون پئي هليو. انگريزي زبان ۾ لکيل هن ڪتاب کي
مرزا صاحب پارن سنڌ جي تاريخ جو ٽيون جلد سمجهڻ
کپي. هن اهم ڪتاب بابت سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن
توڙي سنڌ ثقافت کاتي کي هن ڪتاب جي ڇپائي طرف
توجهه ڏيڻ کپي.
مرزا صاحب جنهن وقت سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو، اُن
وقت نه ته ماخذن تائين پهچڻ آسانهو ۽ نه وري تحقيق
جا جديد معيار اڃا رائج ٿيا هئا. اڄ جڏهن اسين سنڌ
جي تاريخ بابت مرزا صاحب جي لکيل ڪتابن جو جائزو
وٺنداسين تڏهن اُنهن ۾ اسان کي ڪي اوڻايون ۽ عيب
به ڏسڻ ۾ ايندا. ان هوندي به پنهنجي لکجڻ واري وقت
کان وٺي اڄوڪي دور تائين هنن ڪتابن جي نهايت وڏي
اهميت آهي. شهرن ۽ مشاهيرن بابت مرزا صاحب جو ڪم
اهميت جوڳو آهي. ان کان علاوه انگريزي زبان ۾ سنڌ
جي تاريخ بابت مٿي ذڪر ڪيل سندس ٻه ڪتاب مستقل
اهميت رکندڙ ڪتاب آهن، ڇو ته اُهي هڪبين الاقوامي
(انگريزي) ٻوليءَ ۾ آهن. اهوئي سبب آهي جو برطانوي
انسائيڪلوپيڊيا کان وٺي هند جي تاريخي مطالعي ۾،
مرزا قليچ بيگ جا هي ڪتاب حوالي طور ڪتب آيا آهن.
حوالا ۽ حاشيا
(1)
مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد
اول، حاشيو 1، ص 236، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد،
1985ع.
(2)
مرزا قليچ بيگ: ”سائو پن يا ڪارو پنو“، ص 18، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1988ع.
(3)
ابوالنصر محمد خالدي: ”تقويم هجري و عيسوي“، انجمن
ترقي اردو پاڪستان ڪراچي، 1974ع.
(4)
سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص
776، انجمن تاريخ سنڌ، 1981ع.
(5)
”فتح نامہء سنڌ عرف ”چچ نامو“، مقدمو ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، ص ص 58- 59، ۽ ص 61، سنڌي ادبي بورڊ
1976ع.
(6)
حفيظ الرحمان سنڌ بابت هڪ ٻئي ڪتاب جو به اردو ۾
ترجمو ڪيو. هيڪ تاب هدايت علي تارڪ سنڌ جي شاعرن
بابت لکيو هو، جنهن کي حفيظ الرحمان ”تاريخ شعراءِ
سنده“ جي نالي سان 1365هه/1945ع۾ بهاولپور مان
شايع ڪيو هو.
(7)
منهنجي خيال ۾ مرزا صاحب سنڌي زبان ۾ لکيل جنهن
”سنڌ جي تاريخ“ ڏي اشارو ڪيو آهي، اُهو ڪتاب سيٺ
آلومل جو لکيل هو ۽ اُن جو اولين ڇاپو 1862ع ۾
نڪتو هو. سيٺ صاحب جي هن درسي ڪتاب جا لاتعداد
ايڊيشن نڪتا هئا.
(8)
ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
جي ببليوگرافي“ (اڻ ڇپيل)، ص ص 58- 59، ص 65.
(نوٽ: مرزا صاحب جي هڪ وڌيڪ انگريزي ڪتاب
The Principal Tribes of Tharparkur
جو ذڪر به ملي ٿو، جنهن سان سنڌ جي مطالعي ۽ خاص
ڪري ٿر جي اڀياس ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي. هي ڪتاب
اڃا نه ڇپيو آهي).
•
”… اِهي هئا منهنجا سرڪاري ڪم، پر، جن ڪمن تي آءُ
فخر ٿو ڪريان ۽ جي منهنجي طبيعت ۽ دل جي ميل پٺيان
آهن سي آهن خانگي ڪم، جي هڪڙيءَ معنى سان سرڪاري
طرح به شمار ۾ اچي سگهن ٿا، يعني اُنهن جو واسطو
سرڪاري تعليم کاتي سان آهي ۽ اُنهن مان خلق کي
علمي، اخلاقي ۽ روحاني فائدو پهچي سگهي ٿو، اُهو
آهي جدا جدا مضمونن تي ڪتاب ۽ ليک لکڻ، اِهي ڪم
ننڍي هوندي کان مڪتبن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندي
مون پئي ڪيا آهن. اسڪولن ۾ پڙهندي ڪتاب لکڻ شروع
ڪيم ۽ ڪاليج جي عرصي ۾ به لکندو رهيس، بيڪنس،
ايسيز ۽ مسز فاسيٽس جو پوليٽڪل ايڪانمي اُنهن
ڏينهن ۾ ترجمو ڪيم، جن لاءِ مون کي تعليم کاتي مان
چڱي رقم انعام م لي، ڪاليج ۾ پڙهندي اُتي جي
شاگردن لاءِ علم عروض ۽ فارسي اشتقاق ۽ صرف نحو تي
ننڍڙا ڪتاب لکيم جي ڇپيا ۽ اُتي ڪم آيا، اُنهيءَ
کانپوءِ ڪراچي ۾ رهي ڪي ڪتاب لکيم ۽ ڪي انگريزي ۽
اردو تان ترجمو ڪيم. جي سنڌ مدرسي وارن ۽ ٻين سنڌ
جي پريسن يا ڇاپخانن ڇپايا. نوڪريءَ جي ساري عرصي
۾ ڪتاب لکندو ۽ ترجمو ڪندو رهيس، جن مان ڪي سرڪار
جي حڪم پٺيان لکيم جن جي لاءِ مون کي انعام مليل ۽
ڪي ايڊوڪيشنل کاتي ٽيڪسٽ بُڪ، پرائيز بُڪ يا
لئبرري بڪ ڪري منظور ڪيا. مُلن جي مڪتبن جاري ٿيڻ
کانپوءِ ڪيترا ڪتاب، خاص مُلن ۽ سندن شاگردن جي
لاءِ لکيم ۽ ڇپايم. ڪيترا ڪتاب زنانن مڪتبن لاءِ
ڪيترا خاص مسلماني مذهب بابت لکيم، جو مسلمانن ۾
تعليم جو شوق گهٽ هو ۽ اُنهن جي ترغيب جي ضرورت
هئي. سندن فرمائش موجب لکيم، اُنهن مان گهڻا نثر ۾
آهن ۽ گهڻا نظم ۾ آهن…“.
- مرزا قليچ بيگ
|