گذريل صدين ۾ يا موجوده وقت ۾ ترجمي جي اهميت
هميشه قائم رهندي آئي آهي. ترجمي جي ڪري نوان نوان
خيال ۽ تصور معلوم ٿين ٿا ۽ ٻين ٻولين جي سماجيات،
ثقافت، فلسفي، نفسيات، فن
(Art)،
جمالياتي حس ۽ اُن کي سمجهڻ جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
ترجمو ڪنهن به فن پاري جي تخليق ۾ نواڻ جو پهلو يا
فڪري انگ جو سرچشمو ٿي سگهي ٿو. گلوبل وليج جي
صورت وٺندڙ هي دنيا اڃا به فڪري طرح سان ورهايل ۽
ڌار آهي ۽ انسانذات کي هڪ وڏو خطرو درپيش آهي، ان
خطري ۽ تباهي کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ادب جا
ترجما گهڻي انداز ۾ ٿين، ته جيئن ساري دنيا هڪ ٻئي
جي خيال کان واقف ٿئي ۽ ڪو اهڙو رستو نڪري، جو امن
۽ آشتي جي پکيئڙي کي ڪو زخمي نه ڪري سگهي.
مرزا صاحب جيڪي به ترجما ڪيا اُهي گهڻو ڪري
رومانوي ماحول تي ٻڌل هئا. پر اڻ سان گڏ اُنهن
ترجمن جي ڪري، آڳاٽن سماجن جي جوڙجڪ ۽ ثقافتي
زندگيءَ سان گڏ اُنهن جو فڪر ۽ سوچ پڻ ملن ٿا. اُن
سان گڏ مذهب ڪيتري قدر انساني زندگي تي اثرانداز
هو، تنهن کي پڻ پرکي سگهجي ٿو. مثلاً ”گلن جي
ٽوڪري“ ۾ مذهبي پس منظر ۽ فڪري ۽ عملي طرح اُن ۾
يقين ڪرڻ، طبقاتي ويڇن، اميري ۽ غريبي جي تضادن
سان گڏ، اِهو سنيهو ڏئي ٿو ته اُهوئي سماج ترقي
ڪري سگهندو، جنهن سماج ۾ ويساهه، سچائي ۽ اعتماد
آهي. اُهي ئي سماج روحاني ۽ مادي مرحلا طئي ڪندا
اڳڀرا ٿين ٿا.
مرزا صاحب جي ترجمن جي چونڊ پڻ وسيع مفهوم ۽ معنى
رکي ٿي. ”گليور جو سير ۽ سفر“ جو ترجمو به اهڙي
عڪاسي ڪري ٿو. اُن جو موضوع انسانيت جي حماقاتن،
بڇڙاين ۽ اخلاقي ڪمزورين کي وائکو ڪري ٿو، جنهن
دورن ۾ هي ڪتاب لکيو ويو، اُهو دور انگريزن جي
عروج ۽ طاقت وارو دور هو. انگريز دنيا جي گهڻن حصن
کي پنهنجون ڪالونيون بنائي چڪا آهن. اُهو دور
پنهنجن کي نوازڻ، سياسي چالبازين ۽ پارٽي بازي جو
دور هو، جنهن کي سئفٽ نوٽن
(Swift Notten)
پنهنجي علامتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. مرزا صاحب
ڊرامن ۽ ناولن سان گڏ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ترجمو
ڪيون. هتي مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل ٻن ننڍڙن ڪتابن
”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل
اکيون“ جو اڀياس ڏجي ٿو، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ
ڇپرايا آهن.
(1) ”پائي وائي ۽ پائي وزو“:
هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڇهه آکاڻيون ڏنل آهن، جن مان ٽن
جو تعلق يوناني ڏندڪٿا
(Greek Mythology)
سان آهي ۽ ٻن جو تعلق انگريزي ادب
(Fairy-tale)
سان آهي. پهرئين ڪهاڻي ”پائي وائي ۽ پائي وزو“ جو
واسطو ننڍي کنڊ جي ڏند ڪٿا سان آهي.
هي هڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ قصو آهي. هن ۾ عشقيه پهلو
نمايان طرح سان ناهي. ’پائي وائي‘ هڪ ننڍڙو نفيس
سُڀاءُ وارو نينگر ۽ ’پائي وزو‘ نالي هڪ پکي جو
ڪردار آهي، جو ’پائي وائي‘ لاءِ وڏي حادثي جو ڪارڻ
ٿئي ٿو. هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار آهي، پر
موسمن جي مٽجڻ سان پکي جي اڏار ۽ ڪيفيتن کي ننڍو
پائي وائي سمجهي نٿو سگهي. پنهنجي روزانه معمول
موجب هو ٻيلي ۾ پائي وزو سان راند ڪندو ۽ اڳيان
اُڏار ڪندڙ پکي سان هلندو رهي ٿو. جڏهن پائي وزو
کي پنهنجن ساٿي پکيئڙين جو ولر ملي ٿو، ته هو
پنهنجي دوست پائي وائي کي اڪيلو گهاٽي ٻيلي ۾ ڇڏي
وڃي ٿو. ننڍڙو پائي وئي رستو ڀُلجي وڃي ٿو ۽
باندرن جي ٽولي کي هٿ اچي ٿو. باندر کيس پالي وڏو
ڪن ٿا.
هن قصي جو ٻيو حصو پائي وائيءَ جو بادشاهه جي محل
تائين پهچڻ ۽ پوءِ سندس ذهانت ۽ فرمانبرداريءَ کان
هر ڪنهن جو متاثر ٿيڻ آهي. راڻي مٿس مهربان ٿئي
ٿي. پائي وائيءَ کي پنهنجي حاضري ۾ هڪ خاص خادم جي
حيثيت ۾ رکي ٿي. نيٺ ماحول جي تبديليءَ ۽ توجهه
سان هُو انساني قدرن ۽ سڀاءُ کي سمجهي ٿو ۽ سمجهي
ٿو ته هو انسان آهي. باندر نه. هندستان جو بادشاهه
اعلان ڪري ٿو ته جيڪو بنگال جي شينهن سان مقابلو
ڪري اُن کي ماري وجهندو ۽ مقابلو کٽندو، اُهو
منهنجي ڌيءَ سان لانئون لهندو. خوفناڪ درندن جي
انسانن سان خوني ويڙهه ماضي جي ظالمانه روايتن جي
ياد ڏياري ٿي. ابتدا ۾ غلامن جي ويڙهه طاقتور سان
۽ خوفناڪ درندن سان ڪرائي حاڪم خوش ٿيندا هئا. اُن
مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪمزور کي جيئڻ جو حق به حاصل
نه هو. وقت گذرڻ سان، پنهنجين حڪومتن کي قائم رکڻ
لاءِ هو شهزادين ۽ راڻين لاءِ طاقتور ۽ جنگجو ور
حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا مقابلا ڪرائيندا هئا. اهڙن قصن
۾ تجسس ۽ خوف وارو پهلو نمايان هوندو آهي، جنهن جو
مثال هيٺ ڏجي ٿو.
تجسس ۽ منظر نگاري جو مثال:
”ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا. ڏاڍي فڪر ۽ انتظار ۾ بيهي
نهارڻ لڳا. ويهه ڀيرا شينهن ۽ پائي وائي هڪ ٻئي تي
سانباها ۽ وار ڪيا، پر اڃا تائين ڪنهن به هڪڙي ٻئي
کي نه ضربيو. نيٺ پائي وزو کي چڱو وجهه مليو.
اوچتو ٽپ ڏيئي شينهن تي چڙهي ويٺو. کٻي هٿ سان ڪنڌ
جي وارن مان کڻي ورتائينس ۽ سڄي هٿ سان خنجر ڪڍي
هن جي ڪلهن جي وچان ڳن تائين لنگهائي ڏنائين.
شينهن ڪاوڙ ۾ سور کان قهر جون گوڙيون ڪرڻ لڳو.
ڏاڍي ڇوهه مان دشمن کي پٺن تي کڻي، ميدان تي ٽپي،
نيٺ ڦڙهه تي ڪري پيو ۽ مري ويو.“
احساسن جي اظهار جو مثال:
”گنگا ندي، جنهن کي ڏسي هن جي دل ٽپا ڏيڻ لڳي،
اُتي هن کي پنهنجا ننڍي هوندي جا وٿاڻ، اُهي
ساڳيون گاهن جون وِيون ۽ انبن جا گهاٽا وڻ ۽ گهاٽ
ڏسڻ ۾ آيا. ڀانيائين ته خواب ٿو لهان. هلندو هلندو
هڪي ڀنگيءَ وٽ آيو، جنهن جي اڳيان هڪڙو باغيچو هو.
اڃا انهيءَ ڀنگيءَ جي در وٽ آيو ته اُتي اکين مان
ڳوڙها ڪِري پيس.“
هن قصي ۾ سونهن ۽ فطرت جي ويجهو ٿيڻ جو اُتساهه
ملي ٿو ۽ احساس پڻ جاڳي ٿو.
سونهن ۽ فطرت نگاري جو مثال:
آکاڻي، داستان، قصي، ناول، ڊراما ۽ ڪهاڻي ۾ مٿين
عنصرن جو هجڻ لازم آهي، نه ته تخليقي عمل ٻُسو ۽
بي جان ٿي پوندو. ”گهر کان وٺي ندي تائين گاهه جي
ساوڪ لڳي پيئي هوندي هئي. اُن جي وچ ڌاري تمام
جهونن انبن جي وڻن جو جهرمٽ بيٺل هو، جنهن جي
هيٺان آرڙهه جي ڏينهن ۾ مزي جهڙي ٿڌي ڇانور رهندي
هئي.“
هن قصي ۾ گنگا ندي، گهاٽن ٻيلن، سهڻن پکين، مشهور
شهرن، بنگال ڪلڪتي جو ذڪر ملي ٿو. اصلوڪي سنڌي
ٻوليءَ جو هڳاءُ ۽ بيان جو انداز مرزا صاحب جي
تخليقي حسن ۽ ادبي دسترس کي ظاهر ڪري ٿو. ’سوني
سامونڊي پري‘، ’جنڙن جي ٽوپي‘ تصوراتي آهن. جادوءَ
جا ڪرشما، جن، سونو گهوڙو، حيرت انگيز واقعن، جيئن
بگهڙ مان انساني روپ وٺڻ وري مختلف روپ ڌاريندي
ٻيڙي ٿي پوڻ وغيره قصي ۾ نهايت دلچسپي پيدا ڪن ٿا.
پنڊورا ۽ عجيب پيتي:
دنيا جي ادب ۾ ’ڏند ڪٿا‘ جي اهميت ان ڪري آهي، جو
اُن ۾ انساني جذبن ۽ امنگن، اُڌمن ۽ آسن ۽ انيڪ
نفسياتي نڪتن جي اپٽار ملي ٿي. هن ڪٿا ۾ پنڊورا
اُها عجيب پيتي کولي ٿي ۽ دنيا ۾ مصيبت ۽ ڏک پيدا
ٿئي ٿو. هن ۾ ڪردارن جا نالا ۽ ماحول اُهوئي يعني
اصلوڪو آهي.
بادشاهه ميڊاز:
هن ڏند ڪٿا کي يوناني ۽ رومن ادب ۾ ڪلاسڪ جي حيثيت
حاصل آهي، جا بنيادي طرح يونان سان واسطو رکي ٿي.
هن جو موضوع لالچ ۽ حرص آهي، خاص طرح سان سون سان
پيار رکندڙ هڪ بادشاهه جي ڪهاڻي آهي، جا مرزا صاحب
اُلٿو ڪئي آهي. ڪردارن ۾ سون ٻائي ميڊاز جي ڌي
آهي. سون اِهڙي شيءِ ناهي، جنهن سان انسان جون سڀ
گهرجون پوريون ٿي سگهن. مٿيون مرڪزي خيال هن
ڪهاڻيءَ ۾ سمايل آهي.
کنڀن وارو گهوڙو پيگاسس:
هيءَ ڏند ڪٿا به عجيب واقعن ۽ مهم جوئيءَ تي ٻڌل
آهي. پيگاسس هڪ اهڙو خيالي گهوڙو آهي، جنهن جو
تعلق يوناني ميٿالاجيءَ سان آهي، جو حيرت انگيز ڪم
ڪري ٿو. هن گهوڙي کي بي مثال طاقت ۽ پَرَ آهن ۽ هو
اُڏامي سگهي ٿو. هن قصي ۾ هيرو بيليرافن پيگاسس جي
مدد سان گهنين سِسين وايرءَ بلا سان مقابلو ڪري ٿو
۽ اُن جو خاتمو آڻي ٿو. هن ترجمي ۾ اصلوڪي ماحول ۽
ڪردارن کي رکيو ويو آهي. هن کي پڙهي يوناني ڪٿا جي
تصوراتي پهلوءَ مان لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو.يورپ
وارن ته اُنهن آڳاٽن تصورن کي زنده رکيو آهي، جو
مٿن ڪيتريون ئي فلمون ٺاهيون آهن. اوائلي انسان جي
ادراڪ، شعور ۽ اوسر جي جهلڪ ننڍو توڙي وڏو ڏسي
سگهي ٿو.
(2) ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“:
هي ننڍڙو ڪتاب ٽن عنوانن سان قلمبند ٿيل آهي. هن
ڪتاب جي اڀياس ۽ منهنجي تحقيق موجب هڪ مضمون آهي،
آکاڻي ”سگهڙ پائي ۽ ڇيڳرائي“ ۽ ٽين آکاڻي ”مصيبت
جي وقت صبر ۽ تحمل“ جي نالي سان ڏنل آهي، جيڪي
انگريزي ادب تان ورتل آهن، جن جو اصل ڏنل نه آهي.
”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ هڪ سهڻو مضمون آهي،
جنهن جو موضوع سنڌ جي فطري سونهن آهي. هي مضمون
استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ مڪالمو آهي ۽ اُهو مڪالمو،
جنهن جي فني هيئت مضمون واري آهي. هن ۾ مڪالمن جي
هئڻ ڪري دلچسپيءَ جو پهلو نمايان آهي. اهڙي علمي ۽
سائنسي موضوع رکندڙ مضمون کي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح
تي سنڌيءَ جي ڪورس تي رکي سگهجي ٿو. هن مضمون ۾
پکين، ساين ولين، جهنگلي گُلن گاهن، جبلن ۽ ٽڪرين،
نانگن، ڪوڏين، ڪڪرن ۽ سنڌو درياءَ جي ڪنارن جي
ساوڪ جو ذڪر ٿيل آهي.
هن مضمون جو تت هي آهي ته ”دنيا ۾ هڪڙو ماڻهو
اکيون پٽي ٿو هلي ۽ ٻيو اکيون پوري ٿو هلي. هڪڙو
گهڻو ئي ڪي ڏسي وائسي سگهي ٿو ۽ ٻيو ڪجهه به ڪين
ٿو ڏسي ۽ ڄاڻي.“
هن مضمون ۾ موضوع کي جنهن ترتيب سان تحرير ڪيو ويو
آهي، اُهو مرزا صاحب جي اظهار جي قوت جو مظهر آهي.
هن ۾ ڪتب آندل نج ٻوليءَ، اُن جي ذريعي اُڀاريل
سونهن جو احساس، تشبيهن ۽ چونڊيل لفظن ۾ برملا
محسوس ڪري سگهجي ٿو.
مضمون مان چند ورتل سٽون ٻوليءَ جي اصلوڪي رنگ ۽
سادگيءَ ۽ رنگينيءَ کي پيش ڪن ٿيون.
”اُها بي پاڙي ول اَٿئي. اِها اُن لاءِ مشهور آهي
ته پنهنجي منهن نه ٿيندي آهي، پر ٻين وڻن تي ٿيندي
آهي. اُنهن جي پنن ۽ ٽارين مان رس ۽ پاڻي پي وڌندي
۽ پکڙندي ويندي آهي، جنهن ڪري اُهو وڻ سڪي ويندو
آهي، پر پاڻ تازي رهندي ايندي آهي. پاڻيءَ جي
بدران اُها هوا تي به جي سگهندي آهي. عشق پيچ به
اِنهيءَ قسم جي هڪڙي ول آهي.“
هن ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي ”سگهڙ پائي ۽ ڇيڳرائي“ هڪ
نصيحت ڀريل آکاڻي آهي. هن جا ڪردار مقامي آهن. هن
۾ تصوراتي ڪردار پڻ آهن، جيئن پريون وعيره.
ٽين ڪهاڻي آهي ”مصيبت جي وقت صبر ۽ تحمل“ هن ۾
ڪردارن جا نالا ۽ ماحول اصل ترجمي وارا آهن. هي
ڪهاڻي انساني جاکوڙ ۽ محنت جي ڪاهڻي آهي. انگلينڊ
جي ٻهراڙيءَ جي پس منظر ۾ هي آکاڻي لکيل آهي، جنهن
۾ انگريزن جي سامونڊي سفر سان رغبت ظاهر ٿئي ٿي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ ڀونچ سمنڊ جي مسافري، موراڪو شهر ۽
جبرالٽر جو ذڪر اچي ٿو. هن آکاڻي جو مقصد مصيبت ۾
ڪيئن صبر ڪجي. تنهن جي باري ۾ نصيحت ٿيل آهي. ننڍن
وڏن لاءِ هن ۾ وڏو مقصد سمايل آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ٻاراڻين آکاڻين کي ڌار ڪري ۽
معلوماتي مضمون کي جدا ڪري ڇپائجي. هونئن به مرزا
صاحب ڪيترائي مضمون ترجما ڪيا آهن، جن جو تعداد
ٽيويههه آهي ۽ اُهي منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب
”سنڌينثر جي تاريخ“ ۾ (ص 188) تي درج ڪيا آهن.
مرزا صاحب جي ڪيترين ئي تحريرن کي اهڙي نموني ۾
ڇپرايو ويو آهي، جو تاثر اهو ملي ٿو ته اِهوئي
ٻارن الءِ ڇپيل مواد آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي.
مثلاً ”شهزادي قدم برگ“ ۽ ”وامق عذرا“ جي ڪتابڙن
اڳيان ۽ پويان هڪ ننڍي نينگر، لالٽين کنيو گوڏن ڀر
ويٺل آهي ۽ پويان رسالي ”گل ڦل“ جو اشتهار ڏنل
آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اِهي ٻارن لاءِ آهن،
پر حقيقت ۾ اِهي عشقيه موضوع رکندڙ قصي نما
آکاڻيون آهن، تنهن ڪري اهڙي مواد جي لاءِ ويچار جي
ضرورت آهي، ته جيئن موضوعن جي حوالي سان مواد کي
پنهنجن پنهنجن خانن ۾ رکي سگهجي.
ماخذ
1.
مرزا قليچ بيگ: ”پائي وائي، پائي وزو“، سنڌي ادبي
بورڊ.
2.
مرزا قليچ بيگ: ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“، سنڌي
ادبي بورڊ.
3.
مرزا قليچ بيگ: ”سائو پن يا ڪارو پنو“، سنڌي ادبي
بورڊ.
4.
منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“.
5.
Greek Mythology
(wwb:
www.mathology-greek.com)
ڊاڪٽر نور افروز خواجه
مرزا قليچ بيگ
هڪ علمي، ادبي ۽ سماجي ادارو
مرزا قليچ بيگ سنڌي زبان جو اعلى پايي جو اديب،
شاعر، نثر نويس، ناول نويس، ڊرامانگار ۽ تنقيدنگار
هو. هو انهيءَ دؤر ۾ هڪ نئين ذهن، نئين فڪر ۽ نئين
سوچ رکندڙ پهريون عالم هو. هن سنڌي ادب ۾ هر جديد
صنف تي طبع آزمائي ڪئي، بلڪه ڪيترين صنفن جو ته
باني به پاڻ هو. هن سنڌي زبان کي هر قسم جي ڪتابن،
قصن، آکاڻين، ناولن، ڊرامن، تنقيد، سوانحعمري ۽
مذهبي ڪتابن سان نوازيو.
مرزا صاحب سنڌي علم و ادب ۾ نئون رجحان پيدا ڪيو.
هن ادب ۾ جدت آندي ۽ نون نون خيالن جي روشني
پکيڙي. هو پنهنجيءَ پر ۾ هڪ مڪمل علمي، ادبي،
تهذيبي ۽ سماجي ”ادارو“ هو. هو نهايت محنتي ۽
ديانتدار هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ايمانداري ۽
ديانتداريءَ سان سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ
جاکوڙ ڪرڻ هو. هن پنهنجي زندگي ۾ ايترا ته ڪتاب
لکيا جو اڄ ڏينهن تائين ٻئي ڪنهن به اديب جا لکيل
نٿا ملن. کيس 1924ع ۾ سرڪار طرفان سندس بي مثال
ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ”شمس العلماء“ ۽
”خانبهادر“ جا لقب مليا. ڊاڪٽر غلام علي الانا
صاحب، مرزا صاحب لاءِ بلڪل بجا فرمايو آهي ته:
”سنڌي ادب ۾ مرزا صاحب جو ڪو به ثاني ڪو نه ٿيو
آهي.“
مرزا صاحب جو والد فريدون بيگ ۽ نانو مرزا خسرو
بيگ پنهنجي دؤر جا وڏا عالم هئا، جن جو اثر مرزا
صاحب تي ننڍي هوندي کان ئي ٿيو، انهيءَ ڪري هو
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو هڪ وڏو عالم بڻجي ويو.
مرزا صاحب ننڍپڻ ۾ پنهنجي ابتدائي تعليم مختلف
مڪتبن ۾ حاصل ڪئي. پوءِ هو هڪ سنڌي اسڪول ۾ داخل
ٿيو ۽ 1865ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽
اتان 1872ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هتي
مرزا صاحب کي نهايت ئي ذهين ۽ قابل استاد مليا، جن
جي تربيت سان سندس تعليم جي پيڙهه پختي ٿي، انهيءَ
کانپوءِ هو بمبئي الفنسٽن ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ
ويو ۽ واپس اچي جڊيشنل امتحان پاس ڪري شڪارپور ۾
مختيارڪار مقرر ٿيو. ان طرح جلد ئي ترقي ڪندو ڊپٽي
ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز ٿيو. کيس سندس ايمانداري،
قابليت ۽ ذهانت جي ڪري وڏي عزت ۽ احترام حاصل ٿيو
۽ آخر سينئر ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.
سندس محنت ۽ جفاڪشيءَ جي ڪري کيس ”قيصر هند“ جو
تمغو ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليو. ان طرح ”خانبهادر“ ۽
”شمس العلماء“ جا خطاب مليا.
مرزا قليچ بيگ ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز رهي
وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. سرڪاري لٽريچر ڪميٽي
جو ميمبر رهيو. سرڪاري ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽيءَ جو ميمبر
به هو. بمبئي ۾ پراونشل ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽيءَ جو ميمبر
رهيو. سنڌ جي انجمن اسلاميه جو ميمبر رهيو. انجمن
اماميه حيدرآباد ۽ آل انڊيا شيعا ڪانفرنس جو ميمبر
هو. مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ سنڌ جي پبلسٽي ڪميٽي
جو ميمبر هو. هو سرڪاري ڊپارٽمينٽل امتحانن وٺڻ يا
يورپي آفيسرن جو سنڌي جو امتحان وٺڻ لاءِ ممتحن
مقرر ٿيل هو. عربي، فارسي ۽ اردو جا جيڪي نوان
ڪتاب ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن وٽ ايندا هئا،
انهن تي به سندس راءِ کي اهم سمجهيو ويندو هو. هو
سرڪار طرفان سرڪاري ڪانفرنسن ۽ خانگي ڪانفرنسن ۾
شرڪت ڪندو هو.
مرزا صاحب کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ، پڙهڻ، شعر چوڻ ۽
ڳائڻ جو شوق هوندو هو. آتمڪٿا ۾ هو پاڻ لکي ٿو ته
”ٻيا ٻار راند رود ڪرڻ ويندا هئا ۽ آئون قلم، ڪاغذ
۽ مس کڻي ويهي ليڪا ڪڍندو هوس.“
هڪ ٻئي هنڌ هو لکي ٿو ته: ”اسڪول ۾ پڙهندي راڳ جو
شوق پيدا ٿيو ۽ سُرندائين کان سرندو وڄائڻ سکيس ۽
ڳائڻ به. پوءِ ستار وڄائڻ سکيس ۽ ڳائڻ به. پوءِ
ستار وڄائڻ سکيس.“
مرزا صاحب ننڍي هوندي کان ئي عربي، فارسي، سنڌي ۽
ترڪي ٻولين جو ماهر هو. هن پنهنجي لکڻ ۽ شعر چوڻ
جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي هئي. سندس انهيءَ
ننڍپڻ جي شوق ئي کيس پنهنجن همعصرن ۾ نهايت ممتاز
۽ مٿانهون درجو عطا ڪيو.
مرزا صاحب سنڌي ادب کي ڪيترين ئي نين صنفن کان
متعارف ڪرايو، يعني هو انهن صنفن جو باني هو. هن
ڪيترن ئي اهڙن موضوعن تي به ڪتاب لکيا، جن تي هن
کان اڳ ڪنهن به سنڌي اديب لکيو ئي ڪو نه هو. سندس
گهڻا ڪتاب ته سندس حياتيءَ ۾ ئي ڇپجي ويا هئا.
باقي سندس وفات بعد شايع ٿيا ۽ اڃا به ڪيترائي اڻ
ڇپيل موجود آهن. سرڪار سندس ڪتاب مختلف ڪورسن تي
پڻ رکيا، جنهن سان تعليمي نصاب ۾ معيار پيدا ٿيا.
مرزا صاحب جي دؤر انگريز حڪومت جو دؤر هو. انگريزن
سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا سڌارا آندا هئا، جن کي هتي جي
ماڻهن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو. انگريزن ملڪ
۾ ڪيتريون ئي سياسي، سميجي ۽ معاشرتي تبديليون
آنديون هيون، جيڪي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ هيون ۽
ماڻهن به انهن کي پنهنجو ڪري فائدو حاصل ڪيو. مثال
طور معياري سنڌي رسم الخط جو ٺهڻ، سرڪاري ۽ خانگي
سطح تي استعمال ٿيڻ ۽ سنڌي پريسن ۽ اشاعتي ادارن
جو قائم ٿيڻ. نون اسڪولن ۽ ڪاليجن جي کلڻ ڪري ۽
نون سائنسي علمن ۾ واڌاري ٿيڻ جي ڪري عام ماڻهن ۾
ذهني بيداري پيدا ٿي، جنهن ڪري سنڌي ادب، تعليم ۽
صحافت ۾ به ترقي ٿيڻ لڳي. انهيءَ کان علاوه انهي
زماني ۾ سر سيد احمد خان جي ”رفاهي تحريڪ“ به زور
ورتو هو، جنهن جو اثر به سنڌ تي گهڻو ٿيو. مسلمانن
۾ انگريزي تعليم ۽ جديد تهذيب اختيار ڪرڻ جو چاهه
به پيدا ٿيو، انهيءَ دؤر ۾ ڪيترو اصلاحي ادب پيدا
ٿيو هو، جنهن ۾ معاشري جي خامين جي نشاندهي ٿيل
هئي.
انهيءَ کانپوءِ 1905ع ۾ بنگال جو ورهاڱو ۽ هلچل
شروع ٿي ۽ قوميت جي تحريڪ جي اثر هيٺ ماڻهن ۾ لکڻ
پڙهڻ جو شوق گهڻو وڌي ويو. ان طرح ”هوم رول تحريڪ“
جو اثر به سنڌي ادب تي تمام گهڻو پيو. ”خلافت جي
تحريڪ“، ”پنگتي يا سماجي سڌاري جي تحريڪ“ ۽ سياسي
۽ قومي سجاڳيءَ جي تحريڪن جو اثر به سنڌي ادب تي
ٿيو، انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ ڪيترائي نثر ۽ نظم جا
ڪتاب شايع ٿيا. هن دؤر جي سنڌي ادب بابت ڊاڪٽر
الانا صاحب لکي ٿو ته:
”هي اهوئي دؤر هو، جنهن ۾ سنڌ ۾ سنڌيت جي لهر پيدا
ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان کي
نئين قوت حاصل ٿي ۽ ماڻهن ۾ سنڌي زبان ۾ ڇپيل علم
و ادب جي پڙهڻ ۽ لکڻ جو چاهه پيدا ٿيو. ڪيترن ئي
هندن توڙي مسلمانن سَوَن جي تعداد ۾ ڪتاب لکي،
سنڌي ادب لاءِ گهڻي کان گهڻو شوق پيدا ڪيو.“ (سنڌي
نثر جي تاريخ)
مرزا صاحب روشن خيال اديب ۽عالم هو. هن پراڻي رهڻي
ڪهڻي ۽ رسم و رواج جي بدران معاشرتي ادب سکڻ جي
تلقين ڪئي. هن نئين دور جي حالتن ۽ نظام مان فائدو
حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سٺي معاشري جون خصوصيتون بيان
ڪيون. هن زناني تعليم کي همٿائڻ، پردي جي پابندي
ختم ڪرڻ، عورت لاءِ شاديءَ وقت هم خايل ساٿيءَ جو
چونڊڻ، زال ۽ مڙس جا سٺا تعلقات قائم رکڻ، هڪ ٻئي
جي جذبن ۽ خيالن کي سمجهڻ، هڪٻئي جي عزت ۽ احترام
ڪرڻ وغيره جي گهڻي تلقين ڪئي.
مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول ۽ ناٽڪ جي صنف جي
شروعات ڪئي، يعني انهن صنفن جو باني هو. هن نه صرف
سنڌيءَ ۾ ناول جي صنف کي متعارف ڪرائيندي. ڪيترائي
طبعزاد ناول کيا، پر ڪيترا ناول ٻين ٻولين تان
ترجمو به ڪيائين. سندس سڀيئي اصلي توڙي ترجمو ڪيل
ناول بنيادي طفور اصلاحي ۽ تعليمي آهن. سندس ناولن
جو مقصد اخلاقي ترغيب ڏيڻ، اعلى قدرن ۽ آدابن تي
روشني وجهڻ ۽ خوشگوار ماحول ۽ ڪامياب زندگيءَ جو
نقشو چٽڻ آهي.
مرزا صاحب پنهنجن ناولن ۾ سنڌي قوم جي زندگيءَ جي
خارجي ۽ داخلي پهلوئن جي عڪاسي پڻ ڪئي آهي. هن
انهن جي معاشرتي ۽ سياسي زندگيءَ، تهذيب ۽ تمدن ۽
سنڌي ماحول جي منظر ڪشي ڪئي آهي. پنهنجي ناول لکڻ
بابت پاڻ لکيو اٿس ته:
”ناول جي ڪتاب جي گهرج سنڌ۾ تمام گهڻي آهي. سنڌي
ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب بلڪل ڪامياب آهن. نڪو
ڪنهن کي انهن جي لکڻ يا پڙهڻ جو شوق ٿو ڏسجي، تنهن
ڪري اهڙي شوق پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ مون هي ڪتاب
لکيا آهن.“
مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ناول نگار آهي،
جنهن پنهنجن ناولن کي ايتري فني ۽ ادبي وسعت ڏني.
سندس سڀني ناولن مان بهترين ۽ ڪامياب ناول ”زينت“
آهي.
مرزا صاحب کي عورت لاءِ نهايت عزت ۽ احترام هو. هن
عورت کي بهادر ۽ باوفا پيش ڪندي ”زينت“ ناول لکيو.
هي ناول حقيقت تي ٻڌل آهي. هن ناول ۾ مرزا صاحب
عورت جي گهريلو زندگي، تعليم ۽ تربيت، سليقي مندي
۽ خانداني ماحول، زال مڙس ۽ گهر جي ڀاتين جو هڪٻئي
سان سٺو سلوڪ، پاڙي وارن ۽ خاندان وارن سان
لاڳاپا، عورت جي ڪمزوري، سچائي، صداقت ۽ قربانيءَ
کي ناول جو موضوع بڻائي پيش ڪيو آهي. مرزا صاحب جو
هنناول لکڻ جو ٻيو مقصد هو، تعليمي ۽ اخلاقي ترغيب
ڏيڻ. هن ”زينت“ ناول ۾ اخلاقي قدرن تي روشني وجهي
هڪ خوشگوار ماحول ۽ ڪامياب زندگيءَ جو نقشو
چٽيوآهي.
انهيءَ کانسواءِ مرزا صاحب ”ڊراما“ جي صنف کي پڻ
سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو. هن سنڌيءَ ۾ ڪيترائي
طبعزاد ڊراما لکيا ۽ترجمو ڪيا آهن. سندس پهريون
ڊرامو ”ليلى مجنون“ 1880ع ۾ لکيل آهي ۽ پوءِ 1885ع
۾ ”خورشيد“ ڊرامو لکيو ۽ انگريزي ۽ ٻين ٻولين تان
ڊراما ترجما ڪري شايع ڪرايا. سندس ڊرامن ۾ پنهنجي
عمل ۽ ڪوشش سان پنهنجي تقدير ٺاهڻ جهڙا موضوع
نمايان نظر اچن ٿا. محمد اسماعيل عرساڻي سندس
ڊرامن جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”ڊراما ترجمو ڪرڻ جو آغاز پڻ مرزا قليچ بيگ ڪيو
هو. پهرئين دؤر ۾ سندس نظريو هو ته انسان پنهنجي
تقدير تي ڀاڙي ويهي ٿو ۽ ان کي هر شيءِ تي غالب
سمجهي ٿو، مگر ٻئي دؤر ۾ سندس نظريو بلڪل بدليل
نظر اچي ٿو. اُن موجب انسان سعي، ڪوشش ۽ تدبير سان
پنهنجي تقدير ٺاهي سگهي ٿو ۽ علي الاعلان چئي ڏئي
ٿو ته قسمت انسان جي فعلن جو نتيجو آهي. جيڪڏهن
فعل ٺيڪ آهن ته سندس قسمت به چڱي آهي. اهو نظريو
هن انگيرزي زبان تان ترجما ڪندي حاصل ڪيو.“ (”چار
مقالا“)
اهڙيءَ ريت مرزا صاحب جي مضمونن جا به ڪيترائي
ڪتاب شايع ٿيلآهن. مثال طور 1888ع ۾ علامات
القرآن، 1895ع ۾ باغ ۽ باغباني، حشرات الارض، زمين
پوکڻ جو علم ۽ هنر، 1895ع حقائق الارواع، 1906ع ۾
حاجتمندي مان طاقتمندي، 1907ع ۾ انجيل، 1909ع ۾
اشعار القرآن، 1912ع ۾ تحفه النسوان، مسلمان عورتن
جو حال، علم تصوف ۽ ٿياسافي، 1914ع ۾ ايمرسن جا
عجيب نڪتا، 1921ع ۾ قديم سنڌ، 1923ع ۾ استاد جي
قدمن وٽ، 1966ع ۾ جواهر الانسان (يورپ جي مشهور
شخصيتن جو ذڪر). اخلاق النساءِ، هدايت النساءِ،
زالن جا فرض، زناني تعليم جون ڳالهيون، سنڌ
جاگرافي وغيره. ان طرح سندس مضمونن جي مجموعي
”مقالات الحڪمت“ کي گهڻي اهميت حاصل آهي.
مرزا صاحب جو ڪتاب ”عجيب ڳالهيون“ سنڌي ادبي بورڊ
1961ع ۾ شايع ڪيو هو. هن ڪتاب جي باري ۾ مرزا صاحب
خود لکن ٿا ته:
”سنڌي زبان ۾ اصلاحي آکاڻين جي گهني قدر ڪمي آهي،
جنهن ڪري سنڌي دان طبقو ٻين زبانن مان استفادو
ڪندو رهي ٿو. ضرورت هئي ته نوجوان طبقي جي فلاح و
اصلاح لاءِ اصلاحي آکاڻين جو مجموعو سنڌيءَ ۾ شايع
ڪيو وڃي ته جيئن ان مان نصيحت حاصل ڪري پنهنجي
اصلاح پاڻ ڪندا رهن.“
مرزا صاحب لغت، صرف و نحو، علم منطق، علم طب، علم
معاشرت، اخلاقيات، فلسفي، اسلاميات، تنقيد،
انشاءَ، علم ادب، علم بديع، مزاحيه نگاري، تاريخ،
مذهب، سوانح، لطيفيات، سير ۽ سياحت تي به ڪيترائي
ڪتاب لکيا. انهيءَ کانسواءِ مختلف مذهبن ۽ تصوف جي
باري ۾ ۽ اخلاق جا ڪتاب، مثلاً: اخلاق القرآن و
الحديث، ڪيميائي سعادت، نصيحت المسلمين جواهر
الاخلاق، تحفه السالڪين، عجائبغرائب، علمي گلدسته،
جنگ نامو، خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي سوانح
عمري، امام غزالي ۽ ابو علي سينا وغيره تي ڪتاب
شايع ٿيل آهن.
مرزا صاحب سنڌي زبان جي اعلى پايي جي نثر نگار هئڻ
سان گڏوگڏ هڪ وڏو شاعر پڻ هو. سائين جي ايم سيد،
مرزا صاحب جي باري ۾لکي ٿو ته:
”هن گهڻائي ڪتاب مختلف مضمونن تي لکيا آهن، جن مان
ڪيترا ته ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيا هئائين ۽ ٻيا
گهنا ته پاڻ به لکيائين. تقريباً هر مضمون تي ڪتاب
لکيا هئائين. مذهب، فلسفي، تاريخ، قصن، ناول،
ناٽڪ، تصوف وغيره تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا
هئائين.هو اعلى پايي جو شاعر به هو ۽ شعر تي به
ڪيترائي ڪتاب لکيا هئائين. هو اديب ۽ شاعر سان گڏ
صاحب دل به هو.“
مرزا صاحب واقعي صاحب دل، نهايت ئي حليم، بردبار،
خاموش طبيعت رکندڙ، صاف دل ۽ مستقل مزاج رکندڙ
شخصيت جو مالڪ هو، هو انسانن توڙي حيوانن، ٻارن
توڙي پوڙهن، عورتن توڙي مردن وغيره، هر ڪنهن جي
حال کان آگاهه هو. هن زنزني تعليم ۽ بالغن جي
تعليم تي به گهڻائي ڪتاب لکيا آهن. نه صرف اهو
بلڪه هن زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هر مسئلي تي
روشني وڌي آهي.
مرزا صاحب غزل، قصيدي، مثنوي، رباعي، قطعي، ترڪيب
بند، مسدس، مخمس وغيره صنفن تي طبع آزمائي ڪئي
آهي. سندس شعر جامع، عام فهم ۽ سادي زبان ۾ هڪ
خصوصي انداز ۾ چيل آهن. سندس ڪلام ۾ صوفيانه،
حڪيمانه، فلسفيانه، اصلاحي ۽ خيال ۽ نفسياتي نڪتا،
فطرت جا مظاهر، حسن وغيره خاص خوبيون نظر اچن
ٿيون.
مرزا صاحب شاهه ڀٽائيءَ کان گهڻو متاثر ٿيل آهي.
هن شاهه سائينءَ جي خيالن جو اثر گهني قدر قبوليو،
جنهن ڪري سندس ڪلام ۾ اهو اثر هر هنڌنظر اچي ٿو.
هن لطيفي ڪلام ترتيب ڏيئي رسالو ڇپرايو ۽ رسالي جي
خاص لغات ”لغات لطيفي“ نالي شايع ڪرائي، ۽ هڪ ٻيو
ڪتاب ”شاهه جي رسالي جي ڪنجي“ نالي سان به
لکيائين، ۽ ”لطيفي لات“ به لکيائين. هن ڪتاب ۾ هن
شاهه جا اهي بيت شامل ڪيا آهن، جيڪي سنڌ۾ پهاڪن يا
ضرب المثل طور ڪم اچن ٿا.
هن شاهه جي رسالي جي مختلف سُرن جون جدا جدا
تشريحون به لکيون آهن ۽ شاهه سائينءَ جي حياتيءَ
جو مڪمل احوال سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ به لکيو.
سندس شعر تي شاهه جو اثر نمايان آهي.
سندس شاعريءَ جا ڪتاب، تحفه اماميه، ليلى مجنون،
رباعيات، موتين جي دٻلي، چندن هار (ٻه ڀاڱا)،
املهه ماڻڪ (ٻه ڀاڱا)، زبور، روشنائي نامو، سعادت
نامو، عمر خيام، هزليات کان علاوه سنڌي شعر جي
تاريخ، ديوان گل جي شرح، مومل راڻي جي شرح، ثابت
علي شاههجو احوال ۽ مرثيا وغيره آهن.
مرزا صاحب پنهنجي حياتيءَ جي ظاهري ۽ باطني پهلوئن
تي هڪ جرئتمند نقاد وانگر حقيقت بياني ڪئي آهي.
”سائو پن يا ڪارو پنو“، جنهن ۾ مرزا صاحب پنهنجي
اصل نسل ۽ وڏن مائٽن جي ذڪر، پنهنجي ننڍپڻ ۽ تعليم
جي احوال، پنهنجي جواني، شادي، نوڪري، پيري ۽ گوشه
نشيني جي ذڪر کان علاوه پنهنجي دؤر جي ڪن معزز
شخصيتن ۽ دوستن مثلاً مير حسن علي خان، آغا زين
العابدين شاهه، ڪوڙي مل، تاراچند شوقيرام، جهمٽمل،
سيد ثابت علي شاهه، آخوند قاسم هالائي، هِز هائينس
آغا خان وغيره جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي مصنفن ۽ مضمون نگارن،
عالمن ۽ اديبن ۽ تذڪره نويسن مرزا صاحب جي حياتيءَ
جو ذڪر ۽ سندس ڪيل خدمتن ۽ سندس لکيل ڪتابن تي
تبصرا، سندس وفات کانپوءِ مختلف زبانن ۾ مختلف
ڪتابن ۽ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪيو آهي. محمد صديق
”سمافر“ جو لکيل ”قرب قليچ“، مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد ڇپايو هو، انهيءَ کانپوءِ مرزا همايون
بيگ جو لکيل ”حيات قليچ“ 1937ع ۾ شايع ٿيو.
پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀُٽو
مرزا قليچ بيگ
هڪ اعلى ڪردار
”سچ چوڻ“ تمام وڏي ڳالهه آهي، خاص ڪري پنهنجي بابت
حقيقت بيانيءَ کان ڪم وٺڻ هڪ وڏو ڪارنامو آهي. شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ پنهنجي خاندان متعلق پنهنجي
سوانحعمري ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ جيڪو احوال
نهايت سچائيءَ سان بيان ڪيو آهي، تنهن کي پڙهڻ سان
مرزا صاحب لاءِ دل ۾ احترام جي جذبن ۾ واڌارو اچي
ٿو ۽ سندس عظمت جو اعتراف وڌي اٺوڻو ٿئي ٿو.
مرزا صاحب جو والد مرزا فريدون بيگ، سنڌ جي
فرمانروا مير ڪرم علي خان ٽالپر جي محل ۾، اولاد
جي حيثيت ۾، دنيا جهان جي سمورين آسائشن جي وچ ۾
پَليو ۽ وڏو ٿيو. سندس ساٿي مرزا خسرو بيگ، جو عمر
۾ کانئس چند سال وڏو هو. پڻ ساڳيءَ طرح سنڌ جي
امير جي محلاتن ۾ ساڳئي ئي پيار ۽ وقار سان پَليو.
ظاهر آهي ته سنڌ جي دارالحڪومت حيدرآباد جي قلعي
اندر، وقت جي حاڪم جي محل ۾ اُنهن کي سموريون
دنيوي راحتون ميسر هيون. پر سَڀرن جي مٿان
بدقسمتيءَ سان ڏولاون جا ڏينهن به ڏکوئيندڙ هوندا
آهن!
جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن اُنهن نه صرف
سفاڪيءَ سان اميرن جي محلن کي لُٽيو، پر سمورن
حاڪمن کي گڏڪري ڪلڪتي جي ڏورانهين هنڌجلاوطن به
ڪيو ۽ ٽالپرن جي ديرن کي نهايت تڪليف واير حالت ۾،
بنهه خالي هٿين قلعو ۽ محل ماڙيون ڇڏڻيون پيون،
جڏهن خود بادشاهن ۽ راڻين سان اها ويڌن ٿي، ته
اُنهن سان لاڳاپيل معتمد اميرن ۽ دربار جي مصاحبن
سان ڪهڙو نه ناحق ٿيو هوندو. ان پس منظر ۾ ٽالپري
دربار سان وابسته، سنڌ جي ٻن نامور امير خاندانن –
مرزا خسرو بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ – کي به ڏکين
ڏينهن سان مُنهن ڏيڻو پيو، پر گهڻو ڪجهه لُٽجي وڃڻ
کانپوءِ به اُهي نهايت همت ۽ حوصلي، صبر ۽ جرئت
سان وري پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ جتن ڪري رهيا
هئا. اهڙي صبر آزما آزمائش دوران، مرزا صاحب جي
خاندان جنهن سليقه مندي ۽ سگهڙپائي، سُچيتائي ۽
سيبتائيءَ سان ڏکين ڏينهن کي قابو ۾ آندو، سچ ته
اِهو سندن ئي خوبين جو خاصو آهي. ٻئي طرف اسان جي
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي اعلى اخلاق ۽ سچ
گوئيءَ کي ته ڏسو، ته پنهنجي والد ۽ ناني تي آيل
ڏکئي وقت کي بيان ڪرڻ کان ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي
اٿس. پنهنجي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾
مرزا صاحب جن پاڻ پنهنجي اوائلي دؤر کي هن طرح
بيان ڪيو آهي.
”ميرن جي صاحبيءَ ۾، هو ٻيئي حيدرآباد جي ڪوٽ جي
اندر رهندا هئا، جتي مير صاحب ۽ سندن ديرا هئا.
صاحبيءَ ڦِٽڻ وقت، يعني 1843ع ۾،اسان جن مائٽن کي
وري تڪليف شروع ٿي، ميرن سان گڏ، پهرين ناني مرحوم
کي بي قيد ڪري ڪلڪتي ٿي نيائون. پر پوءِ ميرن جي
ديرن جي سنڀال لاءِ هُن کي هتي ڇڏي ڏيڻ ضروري ٿين،
جڏهن حيدرآباد جو ڪوٽ انگريز سرڪار هٿ ڪيو، تڏهن
اسان جا مائٽ، يعني بابو، نانو ۽ سندن ڪٽنب،
سائينداد جي ٽنڊي ۾ وڃي ويٺا. اُنهيءَ ڀاڄ ۾ اسان
جي توڙي ٻين ڪوٽ ۾ رهڻ وارن جي گهڻي دولت زيان ٿي.
ڪجهه سامان اندران ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ ۾ ۽ ڪجهه ٻين
وٽ امانت رکڻ ۾؛ ۽ ڪجهه زمين اندر پورڻ ۾.
سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڪَچن گهرن ۾ وڃي رهيا، جن کي
هڪڙي ڏينهن اوچتو اچي باهه لڳي، جا ٽي ڏينهن برابر
پئي ٻري. ڏاڍيءَ مشڪلات سان ماڻهن جان بچائي.
ڪيترو قيمتي مال، ڪپڙا، جواهر ۽ موتي سَڙي چٽ ٿي
ويا. سڙيل موتي ڇڄن جا ڇڄ نڪتا، جن سان پوءِ اسين
ٻار راند پيا ڪندا هئاسين. باهه کان پوءِ مير ڪرم
علي خان جا ديرا ۽ ساڻن گڏ بابو ۽ نانو به لڏي اچي
مير محمود جي ٽنڊي ۾، ڦليليءَ جي ڪناري تي، يعني
آغا جي ٽنڊي ۽ يوسف جي ٽنڊي جي وچ تي اچي ويٺا؛ ۽
پوءِ اُتان ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ نواب محمد خان ٺوڙهي
جي جاگير ۾ اچي ويٺا.“ (ص 3)
جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي، ڏکين حالتن کي مرزا
صاحب جي خاندان نهايت هوشمندي ۽ سليقه شعاريءَ سان
مُنهن ڏنو، تنهن جو نقشو مرزا صاحب هنن لفظن ۾
چٽيو آهي:
”مٿي چيو ويو آهي ته بابي ۽ امان وٽ گهني دولت نه
هئي. بابي جي وفات کانپوءِ امان ۽ اسان جي وڏي ڀيڻ
۽ اسان جون ٻه ٻانهيون، يعني دائي گُلچمن، جا
حبشياڻي هئي ۽ دائي زعفران، جا شيدياڻي هئي، سي
گهر جي ڪم ڪار ۾ رهدنيون هيون. امان ۽ ادي، سُئيءَ
۽ زريءَ جو ڪم چڱو ڪنديون هيون ۽ انهيءَ مان چڱي
موچاري پيدائش ٿيندي هُين. اهڙي پورهئي ڪرڻ کي عيب
نه ڄاڻنديون هيون. پنهنجن هٿن سان چرخو به
ڪتينديون هيون. ڪپهه جي ڦٽين ٽاڻڻ جو آرٽڙيون به
هلائينديون هيون: بلڪ ڪڏهن ڪڏهن جنڊ به پيهنديون
هيون ۽ ماني به رڌينديون هيون. ٿوريءَ پيدائش جي
ڪري بابو ۽ امان، جيتري ڪفايت ۽ قناعت ٿي سگهندي
هئي، اوتري ڪندا هئا. بابو پنهنجي هٿن سان ٻارن جي
لاءِ ٽوپيون جوڙيندو هو ۽ پنهنجي لاءِ بعضي پاڻ
ڪپڙا به سڀندو هو. ڪفايت ۽ قناعت جي ڪري، اسان جي
ساديءَ هلت تي، ڪي پاڙيوارا ۽ عزيز کِلندا ۽ ٽوڪون
به ڪندا هئا ته به اسان مان ڪو اُنهيءَ تي ڌيان نه
ڏيندو هو. گهڻن کي ته حيرت لڳندي هئي ته ڪيئن هي
اندر توڙي ٻاهر عزت آبروءَ سان پيا گذارين. اندر
ٻاهر جي لاءِ نوڪر به رکن: صاف ڪپڙا به ڪن: ٻار به
اسڪول ۾ موڪلين، بلڪ بمبئيءَ تائين به اُنهن کي
موڪلين: ۽ شاديءَ مراديءَ وقت دستوير پئسو پنجڙ به
ڏين وٺن، ۽ اُٿن ويهن!“ (ص 9)
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو والد فريدون بيگ
(اصل نالو ”سڊني“) پڙهيل ڳڙهيل، شاعر ۽ مطالعي جو
شوقين هوندو هو ۽ ساڳي طرح سندس نانو مرزا خسرو
بيگ به عالم ۽ فاضل ۽ شاعر هو. سندن وڏا جارجيا
(روس) جي امير گهراڻي مان هئا، جي ايراني ۽
گرجستان جي وچ ۾ هڪ جنگ (1797ع) دوران مارجي ويا ۽
فاتح ڌُر ايران، اُن زماني جي دستور موجب وڏي
تعداد ۾ جنگي قيدين کي آڻي ايران پهچايو، ته اُنهن
قافلن ۾ اِهي ٻيئي نينگر به شامل هئا، جي اُن وقت
صغير سن هئا. اِها صورتحال مرزا صاحب پنهنجي آتم
ڪهاڻيءَ ۾ هيئن بيان ڪئي آهي:
”…نانو تهران ۾ رهيو ۽ بابو پهرين تبريز ۾هو ۽
پوءِ اصفهان ۾آيو. جن ڏينهن، سنڌجي گادي تي مير
ڪرم علي خان ٽالپر هو، تن ڏينهن هُو ٻيئي سنڌ ۾
آيا. پهرين نانو آيو، جو مير صاحب جي وڪيل جي
هٿان، ايران جي شاهه ۽ وزير جي معرفت تحفو ٿي مير
صاحب وٽ آيو، جنهن هن کي پنهنجو پُٽيلو يا گود جو
پُٽ ڪيو، جو کيس ٻيو اولاد ڪو نه هو. نانو سن
1805ع ۾ حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن سندس عمر 15 ورهيه
هئي ۽ بابو اُنهي کانپوءِ ڀرو، ٻئي وڪيل سان آيو،
جڏهن سندس عمر ڏهه ورهيه مس هئي. مير صاحبن، هنن
کي پالي وڏو ڪيو ۽ گهڻو مانُ ڏيندو هونِ. ناني وڏو
درجو پاتو…“
شمس العلماء جي بزرگن، ٽالپرن حاڪمن جو مسلڪ اثنا
عشري اختيار ڪيو، پر يارن ۽ اصحابن جي تمام گهڻي
عزت ڪندا هئا. تصوف ڏي ججهو لاڙو هوندو هون.
فريدون بيگ پهرين تُرڪي ٻولي ڳالهائيندو هو، جيئن
سندس سهرو خسرو بيگ ڳالهائيندو هو. بعد ۾ ايران ۾
فارسي سکيا هئا. سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي ٻولي
سکيا. مرزا خسرو بيگ پنهنجي نياڻي مرزا فريدون بيگ
سان پرڻائي ۽ هي خاندان حيدرآباد جي ڪوٽ ۾ عزت
آبروسان رهڻ لڳا.
جڏهن انگريزن جي ملڪ گير حوص افغانستان کي تاڙڻ
لڳي، تڏهن سنڌ جي سرسبز زمين ۽ دولت سندن نگاهن کي
هرکايو. آخر عقابي اکين واري انگريز جنرل، سرچالس
نيپئر 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ حيدرآباد جي قلعي
تي بيدرديءَ سان هلان ڪئي. مرزا صاحب جي ڪٽنبن کي
به ٻين اميرن ۽ مصاحبن سان گڏ ڏاڍي تڪيلف آئي.
مرزا صاحب جو هڪ ڀاءُ مرزا غلام رضا بيگ حيدرآباد
جي ڪوٽ ۾ سن 1842ع ۾ ڄائو هو. باقي سڀ ڀائر ۽
ڀينرون ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پيدا ٿيا، سواءِ مرزا صادق
علي بيگ جي، جيڪو 1845ع ۾ سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڄائو
هو.
مرزا قليچ بيگ سن 1270 هجري محرممهيني جي 4 تاريخ
مطابق 1853ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڄائو. سندس ناني هن جو
نالو ”قليچ خان“ رکيو، جيڪو اڳتي هلي ”قليچ بيگ“
جي نالي سان مشهور ٿيو. هن جا والدين جيئن ته ڏاڍا
محنتي ۽ هڪ اعلى دؤر ۽ ماحول جا تربيت يافته هئا،
جنهن ڪري هنن پنهنجي خاندان جي عزت، ناموس ۽ وقار
جو ڏاڍو خيال رکيو. سندس والد فريدون بيگ کي
انگريز سرڪار پنهنجي حڪومت ۾ نوڪري ڪرڻ جي آڇ به
ڪئي، پر هن اِنڪار ڪيو. |