زندگيءَ جو سفر تمام ڊگهو ۽ ڏاڍو اڻانگو هو ۽ اڏا
لَڪَ لتاڙيندڙ رُڃ جو راهي ئي ماڳ تي صحيح سالم
پهچي سگهي ٿو، پر جي هڪ آڱر سندس رهبر ۽ رهنما
هجي.
هن کي ڪو نه ڪو ڪتاب سدائين هٿ ۾ هوندو هو. علم،
ادب، شاعري ۽ فلسفي بابت ڳالهائيندو. پهرئين سال
سڀني کيس چُپ ۽ ماٺ ۾ ڏٺو. الاءِ ڪهڙي فڪر ڦرهي هٿ
۾ هئس ۽ سندس مطالعو ماٺ هئي. ماڻهن کي ته نه سندس
ماٺ آئڙي ۽ نه سندس بيباڪ گفتگو. گهڻا مرد کانئس
بِرُ هئا، هو ڪير هو، ڇو هو، ڇا هو، ائين ڇو هو.
سڀني کان مختلف. ان ڳالهه شهر ۾ سندس مخالفن ۾
اضافو ڪيو ۽ سندس دوست پنهنجي ئي بچاءَ ۾ پورا
هئا.
هن کي ائين گفتگو ڪندي ڏسي، هن ٻين کان پڇيو هو
ته، ”ڇا هو اصل کان ائين هو؟“
هنن ٻڌايو هوس: هو ماٺيڻو هو ۽ سدائين ڪمري جي
ڪُنڊ ۾ ويهي پڙهندو ۽ لکندو هو. الاءِ ڇا لکندو هو
هُو. هُن ادب ۾ ماسٽرس ڪئي هئي. هوءَ هن بابت اڃا
ڪا راءِ قائم نه ڪري سگهي هئي. هو سندس سمجهه کان
ٻاهر هو. سياري جي هڪ سرد ڏينهن جڏهن مينهن وسي
رهيو هو. هو هليا هئا مُهن جو دڙو گهمڻ، هو لنڊي
جي اوٺي ڪلر جو ڪوٽ پائي هليو هو. وئگن ۾ هُن جي
پوئين سيٽ تي ٿي ويٺو ۽ خوب دل کولي ڳالهائيندو
هليو. هُن کي پاتل هو پشم وارو، چمڙي جو اڇو ڪوٽ،
جيڪو کيس ڏاڍو سهڻو ٿي لڳو. هُن ڇوڪرين جي اسڪول ۽
ڪاليج مان ڊگري وٺي وڃي نوڪري ڪئي هئي. هي پهريون
نوجوان هو، جيڪو ساڻس ايترو گهڻو فري ٿي رهيو هو.
مُهن جي دڙي جي اسٽوپا تي چڙهي هن آسپاس ڏٺو. وري
هيٺ لهي آئي. پوءِ هن ڏٺم گريٽ باٿ ۽ پڪيون ناليون
هن کي پنهنجي شهر جي گندين نالين ۽ وهندڙ اگهاڙن
گٽرن تي ڏاڍي ڪِرڀ آئي. هن ڪِرڀ وچان تُڪ ڦٽي ڪئي،
جيڪا سياري جي سخت ٿڌ ۾ پتاشي وانگي ڄمي وئي.
پوءِ هوءَ ميوزيم ڏانهن آئي، جتي اڳ ۾ ئي عورتون ۽
ٻيا ماڻهو بيٺا هئا ۽ شو ڪيس ۾ رکيل قديم ۽ نادر
شين،
King Priest،
مُهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ بيل گاڏيون، قديم سِڪن،
زيورن ۽ هٿيارن ۽ ٺڪر جي ڀڳل ٽٽل ۽ جڙيل ٿانون کي
ڏسي رهيا هئا. هو ويجهو ئي ڪجهه عورتن کي انهن
نادر شين بابت ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. هو مارپيسا کي
عجب ۾ ڏسي ڏانهس وڌي آيو. مارپيسا ان وقت اگهاڙي
ناچڻي جي ٻانن ۾ پيل چُوڙن کي غور سان ڏسي رهي
هئي. هوءَ سوچي رهي هئي ته ڇا ان زماني جي ماڻهن
کي به چوڙيون ايڏو ئي موهينديون هيون! هُن کي
ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي ايڏو ويجهو ڏسي، هوءَ
ٿورو ڇِرڪي ۽ ٺهي بيٺي.
هن پڇيس: ”ڇا ڪنهن ماڻهوءَ بابت پهرين قائم ڪيل
راءِ آخري راءِ ٿيندي آهي؟“
هن وراڻيو: ”چيو ته ائين ئي ويندو آهي ته:
First impression is th last impression
هن چيو هو: ”ائين ناهي، گهٽ ۾ گهٽ توهان کي پنهنجي
راءِ بدلائڻي پوندي“
هن ٻاهر، ريسٽ هائوس جي ٻاهران ميدان تي بيهي هڪ
وار مُهن جي دڙي جي کنڊرن کي چتائي ڏٺو. کيس لڳو،
هي شخص هن ئي شهر جو ماڻهو آهي. ايڏو قديم، ايڏو
گهرو، ايڏو اُونهو، جيڏو مُهن جي دڙي جو کوهه،
واقعي، هُن کي هن جيِن ۽ اڌ ٻانهن واري شرٽ
پائيندڙ نوجوان بابت قائم ڪيل پنهنجي پهرين راءِ
کي بدلائڻو پيو. ڇو ته هن سوچيو هو ته هي نوجوان
به ٻين عام جوانن وانگر کيس دڙي جي سوڙهين گهٽين ۾
اڪيلو ڏسي ضرور پيار جو اظهار ڪندو ۽ سندس همدردي
حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پر هن ائين نه ڪيو، پر پُر
سڪون ۽ ماٺيڻو ڌيرج سان هلندو رهيو.
اُتي سندس هڪ ساهيڙيءَ هڪ ٽِرپ جو واقعو ٻڌايو،
جنهن ڳالهه هن کي ويتر عجب ۾ وجهي ڇڏيو، هن ٻڌايس
ته هو مذاق ۾ سدائين کيس ڊڄڻي ۽ بُزدل هجڻ جو طعنو
ڏيندو هو. چوندو هو، عورت نه رڳو ڪمزور آهي پر
ڊڄڻي به آهي. هوءَ ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهن جي ڳالهين
کان ڊڄندي آهي. هن چيو هو، دراصل وِهه نه
وِهاٽيندو آهي، پر ڳالهيون ڳڱاٽينديون آهن. هن
ٻڌايو هوس ته هو جڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو گهمڻ ويا
هئا، ته هوءَ ڄاڻي ٻُجهي قلعيجي مٿانهين حصي ۾
ٺهيل ڪال ڪوٺڙين مان هڪ قيد ڪوٺڙيءَ ۾ بظاهر گهمڻ
۽ ڏسڻ جي بهاني سان گهڙي وئي هئي. هو به سندس ڪڍ
اندر هليو ويو هو. هو ٻئي اڪيلا هئا ۽ هڪ ٻئي جي
تمام ويجهو هئا. ڇو ته ڪوٺيءَ ۾ فقط ايتري ئي جاءِ
هئي جو ٻه ڄڻا هڪ ٻئي سان لڳي بيهن. اُتي ويجهو
ڪنهن به ماڻهوءَ جو آاوز ته ڇا پر ڪنهن جي پير جي
کڙڪي جو آواز به ڪو نه هو. سندن موجودگيءَ تي هڪ
تمام وڏو ڀيانڪ چمڙو، جيڪو اُن ننڍڙي بند– ڪوٺيءَ
۾ صديون اڳ ڪنهن مري ويل قيديءَ جو ساکِي هو، اهو
پڻ هڪ نئين واقعي جي ٻي وڌيڪ شاهديءَ جي جوکم کڻڻ
کان بچڻ لاءِ هڪ ڀوائتي ۽ ڪرخت آواز سان پنهنجي
ڄڀ ٻاهر ڪڍندي، کين ڇرڪائي، پنهنجو دڳ ٺاهي ٻاهر
نڪري ويو. هن سوچيو هو ته ان موقعي ۽ مهل ۽
اڪيلائيءَ جو فائدو وٺندي، هو ضرور کيس ڀاڪر ۾
ڀريندو، ڇو ته سڀاويڪ ته اِهو هو ته اُن موقعي تي
ڪو تَنَ کي تپسيا ڏيندڙ ۽ بنواس ورتل سنياسي به
هجي ها، ته ٻيو نه ته ضرور سندس هٿ هٿ ۾ وٺي سندس
نبض چڪاسي ها ۽ هن جي دل تي هٿ رکي سندس دل جي
ڌڙڪڻ ٻڌي ها! پر هن هن جي لاءِ هڪ نئون مثال قائم
ڪيو هو. هو کيس ائين اڪيلو ڇڏي ٻاهر نڪري آيو هو ۽
هن جي من ۾ اُڀرندڙ اُمنگن ۽ هلچل کي ڄڻ سِرن جي
پراڻي ڀِتِ جي ڏَر مان ڪنهن نانگ ڏنگي وڌو هو! هن
کي اِن ڏنگ ڏاڍو مزو ڏنو. هن پنهنجو هٿ ڀِت جي
صدين پراڻين سِرن تان نه هٽايو. هن هڪ وار ٻيهر
پئي ڏنگجڻ چاهيو، هن سنهي سسَپ هٿان، پر سندس اِها
خواهش پوري نه ٿي سگهي هئي ۽ اها خواهش سندس من کي
اڃا تائين ڏنگي رهي هئي ۽ هُن اُن ماٺ، سنت ۽ ساڌ
جي مهاتما جي آتما، جي اننت شڪتي ۽ جوانيءَ جي ڪشش
تي نه موهجندڙ عجيب جي ان ارمان واري وارتا جو قصو
کيس ٻڌائي سندس ان وشواس کي ويتر پختو ڪيو، جنهن
جو مشاهدو هن مُهن جي دڙي ۾ پاڻ ڪيو هو. هن جو ڪال
– ڪوٺڙيءَ ۾ سندس ساهيڙيءَ کي ائين اڪيلو ڇڏي ٻاهر
نڪري اچڻ تي سنسد ساهيڙيءَ، هن کي ڳهِريل ڳاڙهين ۽
رت سان ڀريل اکين سان چتائي ڏٺو هو. سندس گهُور ۾
غضب جو غصو، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ هو. سندس اکيون جيرن جيان
ڳاڙهيون هيون ۽ اڱرن وانگر ڌڳي رهيون هيون. ائين
جيئن سندس اندر ۾ ڪنهن ڌنوڻيءَ سان ڌوڌا دُکايا
هجن. اُن جي برعڪس، جيئن سندس اُن ساهيڙيءَ ٻڌايو
هو، ته جڏهن هوءَ گووا جي سمنڊ ڪناري تفريح لاءِ
ويئي هئي. ته اُتي هڪ نوجوان کيس اڪيلو ڏسي، بوٽ
بيسن تي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو هو. ظاهري طرح هن ڪو به
اعتراض ڪو نه ڪيو هوس ۽ جڏهن ٻيڙي پاڻي ۾ ڇوليون
هڻندي هلڻ لڳي، ته هن کيس ڀاڪر پائڻ جي خواهش ظاهر
ڪئي هئي ۽ هن اهو سڀڪجهه چاهيندي به کيس انڪار ڪيو
هو. جڏهن ٻيڙي وچ سير ۾ پهتي ته هو کيس ڄؤر وانگر
چنبڙي پيو هو ۽ سندس جوانيءَ جو رتُ ستُ چوسي رهيو
هو. اِئين جيئن ڪو رسيل آلو بخاري مان رسُ
چُوسيندو هجي. هن گهڻي جدوجهد کانپوءِ کيس ڌڪي پاڻ
کان ڌار ڪيو هو ۽ الاءِ ڪيئن بوٽ کي سنڀاليندي
صحيح سالم ڪناري تائين پهتي هئي هن کيس ٻڌايو هو.
پر هي شخص ڏاڍو پراسرار آهي. هن جي آتما کي ڪيئن
ڇُهي سگهبو، اِهو ڏاڍو ڏکيو ڏانءُ هو. ڇا ڪڏهن ڪو
ان قابل ٿي به سگهندو ته هُن جي آتما کي ڇُهي
سگهي. هن جو پيار ماڻي سگهي.
هُو مُهن جي دي جي گهٽين ۾ ساڻس گڏ اڪيلو گهمندو
رهيو. نهايت پرسڪون، ماٺيڻو ۽ سانتيڪو. هن بظاهر
اهڙو موقعو وڃائي. شايد هن لاءِ هڪ موقعو پيدا ڪيو
هو. هن جي برعڪس هوءَ ڏانهس ڇڪجي وئي هئي هڪ اڄاتل
ڇڪ وچان، ڇو ته هن دنيا جي عظيم تهذيب جي مرڪز ۾
اُتان جي ئي هڪ مُهذب ماڻهو هجڻ جو مظاهرو ڪيو هو.
هو موٽي آيا هئا. پر هوءَ اڃا تائين قديم آثارن ۾
گُم هئي. دراصل هو ٻئي مُهن جي دڙي جي هڪجهڙين
گهٽين ۾ گم ٿي ويا هئا. کانئن دڳُ وڃائجي ويو هو.
هاڻي هوءَ گهر ڪيئن پُڄندي، ڇا ساڻس اکيون ملائي
سگهندي؟ ڇا هن کان اصل ڳالهه آلي سگهندي.
سندس ساهيڙي جي سوال جو جواب هن کي ملي ويو هو.
هُن پنهنجي آتما وڃائي هن جي آتما کي ڇهي ورتو هو.
ان ڳالهه جي شاهدي ماڻهن ته ڇا پر آسمان به ڏني
هئي.
هڪ ڏينهن هن کيس سخت پريشان ڏٺو. ڪنهن ننڍي وڏي
سور کي هو صبر سان سهندو هو. اڄ ضرور ڪا ٻي ڳالهه
هئي. هن ڪنهن سان ڪجهه نه سَليو ۽ سائيڪل کڻي ٻاهر
هليو يوو. هن کان سندس اهڙي حالت برادشت نه ٿي
سگهي. هُن جي من ۾ اُڻ تڻ جاڳي ۽ هن کي ائين اداس
ڏسي سندس من به وياڪل ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن کيس
محسوس ٿيو ته هوءَ پنهنجي سموري شان، مان ۽
خانداني پسمنظر باوجود نه رڳو هن ڏانهن هڪ اَڄاتل
ڪشش وسيلي ڇڪجي وئي هئي پر هُن کيس کَٽي به
ورتوهو، جنهن جو اڻ مٽ ثبوت هن جي پريشاني ۽ ڏانهن
توجهه نه ڏيڻ سندس برداشت کان ٻاهر هو. هن هڪ ٻي
ساهيڙيءَ کان ان جو سبب پڇيو، هن ڪنهن ٻيءَ کان
پُڇي کيس اصل سبب ٻڌايو.
هوءَ اُن ساهيڙيءَ سميت شام جو اسپتال جي جنرل
وارڊ ۾ اُن عورت جي بستري مٿان بيٺي هئي، جنهن جي
نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وهي رهيو هو. کيس رَتُ جي
ٿيلهي چڙهيل هئي. هيءَ چوٿين ٿيلهي هئي. هن ڏٺو
هوڏانهن خون رڳن ۾ پيٽجي رهيو هو ۽ هيڏانهن نڪ مان
ڪنهن سير ڏنل ڪُڪڙ جيان ٺينڍيون ڪري وهي رهيو هو ۽
اهو سڀڪجهه اُها عورت اکين سان ڏسي رهي هئي ۽ رت ۾
ڀريل ڪپڙي جا ٽُڪر سندس سامهون ڦٽي ڪندا ٿي ويا.
هن جي اکين آڏو اندهه ڇنئجي وئي. کيس هن جي ئي نه
پر پنهنجي دنيا به اُجڙندي نظر آئي. ڊاڪٽر رائونڊ
تي آيو ۽ عورت جي اهڙي حالت ڏسي کين خطري کان
آگاهه ڪري ويو. هن ڏٺو، هُو ماءُ ڏانهن بنان ٻاهر
نڪري ويو ۽ شهر جي سڀ کان وڏي ڊاڪٽر کي وٺي آيو.
ڊاڪٽر نرس ۽ ڊيوٽيءَ تي حاضر ڊاڪٽر کي چيو: هن
عورت کي مارفيا جي انجيڪشن هڻي هڪدم بيهوش ڪيو.
هيءَ ويچاري پنهنجي رت ڏسي مري ويندي. بلڪل ائين
ئي ڪيو ويو، جيئن ڊاڪٽر ويو. ڊاڪٽر ويندي ويندي
کين سرجن کان نڪ جي پوري ٿيل رڳ جي ڳنڍڻ لاءِ
ڪاٽيري ڪرائڻ لاءِ صلاح ڏئي ويو. پيشن جو سرجن آيو
۽ نڪ جي پوري رڳ جوڙي هليو ويو. رت وهڻ هاڻي بند
ٿي ويو هو. پر هو ماءُ جي ويجهو نه آيو. هن کان
ماءُ جو درد سَٺو نٿي ٿيو. امڙ جي آزار ڏسڻ جي
منجهس طاقت ڪانه هئي.
هن کيس اسپتال ۾ ڳوليو پر هو اسپتال جي ٻاهرئين در
وٽ بيٺو هو ۽ ڪنهن سوچ ۾ ٻڏل هو. هن کي موت کان
نفرت هئي. هن زندگي ٿي پسڻ چاهي. ان ڪري اسپتال
کان ٻهر نڪري آيو هو. هن ٻاهر زندگي ڏٺي، رکي رکي
سندس اکيون آسمان ڏانهن کڄي ٿي ويون. آسمان کي رحم
آيو هو. هن ڏٺو، هڪ نه پر هزارين امڙيون بچي ويون
هيون. غم ۽ خوشيءَ جي گڏيل جذبن سبب هن جون اکيون
ڇُلڪي رهيون هيون.
اُن واقعي هن ٻي عورت جوناکيون کولي ڇڏيون هيون.
هن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي نه رڳو ڏک وارين فلمن جهڙي
هئي، پر ٽرئجڪ پڻ هئي. هن اُن شخص ۾، اڄ هڪ نئين
شيءِ ڏٺي، جيڪا اِها هئي ته هن شخص جي ٽرئجڊي
هئمليٽ کان به وڌيڪ دکدائڪ هئي. ائين کڻي چئجي ته
هُو ئي شيڪسپيئر جو ڪردار هئمليٽ هو. اڄ کيس
هئمليٽ جي ٽرئجڊي ۽ ڪرائيسس
Crisis
صحيح معنى ۾ سمجهه ۾ آيو هو. سر جان مارشل ۽ سر
مارٽيمر ويلر به مُهن جي دڙي جي هن اڪيلي شخص ۾
جيڪا ڳالهه دريافت ڪري ڪو نه سگهيا هئا. اُها هن
ڪري ورتي هئي. اِها هئي محبت سان سرشار، چشمي
وانگر اُٻڙڪا ڏئي وهندڙ دردمند دل، خلوص، صچائي ۽
ماڻهن لاءِ سندس بيپناهه الفت ۽ احترام، اها ڳالهه
هن پنهنجي دل جي دريافت ڪيل ڪتاب ۾ درج ڪري ڇڏي
هئي. جنهن کي دنيا جي ڪابه ڪاهه ۽ قدرتي آفت قيامت
تائين مٽائي نٿي سگهي.
هوءَ ڪچي ڌاڳي ۾ ٻَڌل ڏانهنس ڇڪجي آئي هئي. اِهو
منظر ڏسي هن جا دوست توڙي دشمن ۽ سندس ساهيڙيون سڀ
حيران ۽ دنگ رهجي ويا. اِن همدرديءَ ۾ وڏي بدنامي
هئي هن لاءِ. هن ان ڳالهه جي بنهه پرواهه نه ڪئي،
عقل، مت، شرم، سڀ ويچاري وڃائبا.
ايتير ڊڄڻي ۽ هيسيل وينگس، اوچتو ئي اوچتو ڪيئن
مارپيسا جهڙي دلير ٿي ويئي ۽ وقت جي ديوتائن سان
مهاڏو اٽڪائي بيٺي. هن کي يوناني ڏند – ڪٿا واري
مارپيسا وانگر انسانيت سان عشق هو.
چوندا آهن ته هر ڪامياب مرد جي پويان هڪ عورت
هوندي آهي، پر هن مرد جي ڪاميابي جي پويان هڪ نه،
پر ٻه عورتون هيون. هڪ هيءَ مُصلي تي روئي هن جي
ڪاميابي جي دعا گهرندڙ ۽ هڪ هوءَ اسپتال ۾ رت
ڳاڙيندي مارفيا جي اثر جي باوجود پوري عزم ۽ حوصلي
سان اکيون کولي ٻاهر آسمان ڏانهن چتائي ڏسندڙ.
مصيبتن جو اُبو ٽڪر ٽري ويو ۽ روهه رتيون ٿي ويو.
هُو اکين ۾ پيار ٽنگي ٽريننگ تي هليو ويو. اُتي
موجود سڀ سهڻيون سندس اکين ۾ اٽڪيل پيار جي نشي تي
ڀنڀلجي پيون، پر سندس اکين ۾ اڳواٽ ٽنگيل هڪ
مُرڪندڙ تصوير ڏسي ڇرڪي ۽ ٽهي ويون ۽ وڃي ٻين جي
خوابن جون راڻيون بڻيون.
هو واحد شخص هو، جيڪو ويو به اڪيلو، آيو به اڪيلو
۽ اڄ به اڪيلو هو. هوءَ سندس اوسيئڙي ۾ ويٺي رهي.
هن همت نه ڪئي، سندس اڳتي قدم کيس ماءُ جي محرومي
۽ هيڪلائيءَ جي ياد ٿي ڏياري ۽ هن به پنهنجي دنگي
درياهه منجهه ڇڏي ڏني. هاڻ خبر خاوند کي ته ڪي ٻڏي
ڪي اُپڙي.
هن ڪنهن لاءِ قرباني ڏني! هن ڇو سَٺو ايڏو سُور!
ڇا کيس مستقبل جي قيامتن جي اڳواٽ خبر هئي! هن
ڇونه هلڪو ڪيو دل جو بار ۽ غبار!
هن ڇو پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو!
ڇا کيس لسين ٻانهن ۽ وينگسي واسيل وارن جي ڇانو ۾
ساهه پٽڻ ۽ ٿڪ ڀڃڻ جو حق نه هو!
هن پنهنجي حياتيءَ جا حق ۽ واسطا ڪنهن جي لاءِ
محفوظ ڪري ڇڏيا هئا؟
ڇا هو گهڻو اڳتي ته نه نڪري ويو هو!
”سوري سڏ ڪري، اُڀي عاشقن کي.“
”سوري آ سينگار، اصل عاشقن کي.“
”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون!“
اهي ۽ اهڙا بيت کيس ڇو وڻندا هئا؟
ڇا اهي ڪنهن سڏ جو پڙاڏو هئا؟
”اگهي اگهائي، رنج پرينءَ کي رسيو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سوريءَ تان.“
هن سوريءَ تان سورانگهيو هو ۽ مرڻ کان اڳي مري ڏٺو
هو.
هوڏانهن ٽرين ڌڏڪي سان بيهي رهي.
هن اُتاولو ٿي ڪنڌ کڻي شيشي کان ٻاهر ڏٺو. هو سيٽ
تي ليٽيل هو، تنهنڪري کيس ڪنڌ مٿي کڻڻ ۾ ڏاڍي
تڪليف محسوس ٿي. هي سندس نئين زندگيءَ جو پهريون
سفر هو. هن کي سفر جي اڌ پنڌ جو ڏاڍو بيچينيءَ سان
انتظار هو.
هو سفر تي اُسهڻ کان اڳ مٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن
اسٽيل جي ٽراءِ پاڊ (اسٽيل مان ٺهيل ٽه پيري لٺِ،
جنهن جي سهاري تي هو هلي رهيو هو) وسيلي مٿي ڏاڪڻ
چڙهي ويو هو. هو ٻن اڍائي سالن کانپوءِ ڪمري ۾ آيو
هو. هن ڪمري جي شين جو جائزو ورتو. اسٽروڪ ٿيڻ کان
اڳ سمهڻ وقت هن جُوتا لاهي پلنگ جي پيرن واري پاسي
کان رکيا هئا. هِن اُن شام اُنهن سان خوب واڪ ڪئي
هئي، بيڪن هائوس اسڪول واري سڙڪ ۽ پاسن کان ڪچي
مٽيءَ ۾ جوتن جون کُڙيون کَهه ڀُڪليون هيون ۽مٿي
چمڙي تي پاڻيءَ ڦڙا ماڪ جي موتين وانگر ڄميا پيا
هئا. ڇا جوتن کي منهنجي رڙين تي پگهر آيو هو. غسل
خاني ۾ ڪؤنرو اڃا تائين اونڌو پيو هو. نلڪي جي
ٽونٽيءَ مان اڃا تائين ڦڙ ڦڙ پاڻي وهي رهيو هو، ڇا
هو اُن واقعي تي اڃا تائين ڳوڙها ڳاڙهي رهيو هو!
اسٽيل جو گلاس هن گهڙيءَ به پلنگ جي پاسي کان
ليٽيل هو. اُن رات کان کيس ننڊ نه آئي هئي، دريءَ
جي ڄاري تي اٽڪيل ڪوريئڙي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي ۽
سندس لاش هوا ۾ لڙڪيل هو. انسان ڇو انڌا هئا! ويڄ
ڇو کل کانئي رهيا هئا! ڀِت تي ٽنگيل گهڙيال جا
ڪانٽا اڃا تائين رات جا ٻه وڄائي رهيا هئا. ويڄڇو
کل کانئي رهيا هئا! اهوئي وقت هو اسٽروڪ جو.
گهڙيال کي به برين – اسٽروڪ ٿيو هو ۽ اُن جي دل جي
ڌڙڪڻ دهشت وچان بيهجي ويئي هئي. هولڊر ۾ اٽڪيل بلب
ڦاٽي پيو هو. اُن جي دماغ جون اندريون تارون نظر
اچي رهيون هيون. هيٺ پٿر جي اچي فرش تي شيشي جا
ٽڪرا وکريا پيا هئا. پلنگ جي پاسي کان ڪافڪا جو
ڪتاب ”ٽرائيل“ اونڌي منهن ستو پيو هو. رات جو پڙهڻ
کانپوءِ پلنگ جي پاسي واري ٽپائيءَ تي رکيو ويو هو
۽ ڦٿڪڻ وقت ڪري پيو هو ۽ اُن اڌ رات جي ارمان ۾
اڃا تائين اونڌي مُنهن پيو هو. آرام جون گوريون ۽
بلڊ پريشر جون گوريون پلنگ جي پويان پنهنجي ڪئي تي
پشيمان هيون. لُڇ پُڇ ۾ هو پوئتي رڙهي ويون هيون ۽
هاڻ پنهنجي ايجاد ڪندڙ جي ارمانن تي ماتم ڪري
رهيون هيون.
والِٽ (ٻٽونءَ) تي پگهر جا نشان تازا هئا. اهي
شرمساريءَ جا ڳوڙها هئا. زيرو جو نيرو بلب اڃا
تائين جيئرو هو ۽ ٻري رهيو هو. راڪِنگ چيئر (ڪرسي)
اڃا تائين لُڏي رهي هئي. ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني ۾
رات جي ٻين کان چئين وڳي وارو عڪس فوٽوءَ جي ڪاري
ڪاپيءَ وانگر ڄميو بيٺو هو. دروازي جي هئنڊل جا
پيچ در ڀرسان ڪرونڊڙا ٿي ستا پيا هُئا.
هو هيٺ لهي آيو هو. ٻاهرئين در تي اُن رات وارا،
هٿ جي آڱرين سان پڪڙڻ جا، نشان اڃا تازا هيا. هن
ليٽر باڪس کوليو. اندر ويٺل هڪ ڪِرڙي پنهنجي اکين
جا ڇپر هيٺان کان مٿي کڻي، کيس چمڪندڙ اکيون
ڏيکاريون ۽ وات ڦاڙي ڄڀ ڪڍي سندس چيٻارا ڪڍندي کيس
چيڙايو ۽ کانئس اويلو بي آرام ڪرڻ جو ڪارڻ پڇيو.
هن مايوسيءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ سان ڪيئي ڀيرا
ڳالهايو. رات جو وقت آ، گاڏي اڌرات کان به دير سان
پهچندي. هوءَ نه اچي سگهندي، توکي سندس مجبوري
سمجهڻ گهرجي. انسان لاءِ وقت ۽ حالتون ساڳيون
نٿيون رهڻ ڏين.
ٽرين ٻه ٽي ڀيرا غلط اسٽيشن تي بيٺي ۽ ٻه ٽي غلط
مسافر چڙهيا ۽ لٿا. ڪي خوشنصيب مسافر جن کي دير
سان منزل تي پهچڻو هو، اُهي غلط ٽرين ۾ چڙهي صحيح
وقت تي منزل تي پهتا. ٽرين به انسان جي قسمت وانگر
آهي، ڪنهن کي سوير صحيح سالم منزل تي پهچائي، ڪنهن
کي ملائي، ڪنهن کي کلائي، ڪنهن کي وڇوڙي ۽ ڪنهن کي
وري رڻ ۾ رولي ڇڏي!
بتين جي روشني ويجهو اچڻ سٽ، ٽرين جو پريشر بريڪ
حرڪت ۾ اچي ويو. گهڻائي در کُليا. گهڻائي ماڻهو
لٿا ۽ چڙهيا.
هن پنهنجيءَ دل سمجهايو، تنهن جو انتظار تمام ڊگهو
۽ پيڙيندڙ آهي. ننڍڙا انتظار ڇڏي ڏي!
پر جي اچي به وئي ته…؟ هن صورتحال ۾ ڪيئن کيس فيس
ڪندو، ڇا ساڻس اکيون اکين ۾ ملائي به سگهندو! هوءَ
اچي ويئي، در کولي سامهون واير سليپر جي سيٽ تي
ويهي رهي. سليپر ۾ مٿين سيٽن تي سُتل ماڻهو عورت
ڏسي ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺا.
هو اڳ ۾ ئي اُٿي ويٺو هو ۽ ٺهي ويهڻ جي ڪوشش پئي
ڪيائين. ٽراءِ پاڊ سندس ڀر ۾ رکي هئي. انتظار سالن
جو ۽ ملاقات منٽن جي. هن ان سڄي وقت ۾ هن ڏانهن
رڳو هڪ وار نهاريو. هوءَ کيس بيحد حسين لڳي. هن جي
دل مان آهه نڪتي ۽ دماغ ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته
بيشڪ هن کان غلطي ٿي وئي هئي.
اهو افسوس هو يا ارمان! هو موٽندي اڌ پنڌ تي لهي
پيو. هوءَ ٻاهران موٽندي گهر اندر گهڙي. هن ڏٺو هڪ
منظر، جيڪو روزانو خواب ۾ ڏسندي هئي. هوءَ هن
ڏانهن ڇڪجندي ٿي وئي. سدنس گوڏن تي ڪنڌ رکي سمهڻ
الءِ پر هڪ طاقت کيس زوريءَ ڇڪي هميشه وانگر کانئس
ڌار ڪري رهي هئي.
اڄ جو خواب سچو هو.
وڇڙيل اکين چيو: ”تو مون کي پنهنجو نه ڪيو“.
”منهنجو حال ڏِسين ٿي!“
”تون هر حال ۾ منهنجو آهين“.
آلين اکين چيو: ”تو ڇو اڪيلو رهڻ ۽ ڀوڳڻ جو فصلو
ڪيو.“
چمڪندڙ اکين چيو: ”تو حال کي جنهن تننجي پاند ۾
پناهه ٿي ڳولي، پنهنجو نه ڪيو. تون ڪجهه گهٻرائجي
وئينءَ. تو اڄ جو فيصلو اڄ نه ڪيو. تو هروڀرو
سونهري مستقبل جا خواب ڏٺا. تو حال قبول نه ڪيو.
خواب ته خواب آهن، پوءِ کُليل اکين سان ڏسجن يا
مٺڙي ننڊ ۾! اُنهن کان سجاڳي ڀلي آهي، جنهن ۾ دُک
آهي، درد آهي، ڀوڳنا آهي. اڻ کٽ مشقت آهي. توکي
شايد خبر ناهي ته ڪنهن به متنفس کي اها خبر ناهي
ته سڀاڻي هو ڪهڙو ڪم ڪندو ۽ سندس موت ڌرتيءَ جي
ڪهڙي حصي تي ٿيندو.“ جيڪي آهي اڄ سو سڀاڻ نه هوندو
سپرين. تون مومل جي ڪاڪ ۾ ڇو ويٺي خواب لهڻ
لڳينءَ. تنهنجي ٻُڏتَر ۽ هٻڪ راڻي کي رُسايو، ڇو
ته سڄڻ ته گهڻو ريسالرو هوندو آهي.
تنهنجين سرتين توکي ڀنڀلايو سٺي وقت جي انتظار
الءِ. تو هنن جو حشر نه ڏٺو. هڪ عمر (جواني) وڃائي
نيٺ ماڻهن جي توقع کان به گهٽ ماڻهوءَ کي پاڻ
ارپيو، جيڪو بِنهه کيس ماڻڻ لائق نه هو. ٻيءَ پڻ
ويندڙ وقت واريءَ وانگر هٿ مان نڪرندو ڏسي، هڪ
نالائق ۽ خبيث جي حق ۾ ”ها“ ڪئي. اُن کيس سُتت ئي
موت جي اَڏيءَ چاڙهي قبر داخل ڪيو، خبر ڪانه پيئي
ته ڏاج ڏنائينس ڪيترو!
پيار هاڻ هڪ ٻي صديءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي. زندگي
کيس هڪ نئين صديءَ ڏانهن گهِلي آئي هئي. هوڏانهن
هن پڻ ٻه صديون ماڻهن جا مِهڻا سٺا.
ڏينهن ڏم سين، رات ساڻ ميهار
تنهنجو ڪهڙو ميهار سان ڪم.
اٿئي ڏاڍو درياهه ۾ دم،
عقل، مت، شرم! ٽيئي نينهن نهوڙيا.
زندگيءَ کين هڪ ٻي صديءَ جي مُهلت ڏني هئي. پيار
کين ٻه صديون جيئاريو هو. هوءَ کيس اسٽيشن تي ڇڏڻ
آئي. هنن هڪ دفعو ٻيهر هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڏٺو. هنن
پنهنجي عمرين جي جوڙ (+) ڪئي ۽ ان مان ڪجهه ڪَٽَ
(-) ڪيو. اڃا وٽن پوري صدي پيئ هئي. پيار نئين سِر
ڪر موڙيا، شايد هاڻ جوان ۽ سگهارو ٿي ويو هو.
هو گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو ۽س يٽ تي ويهي، دريءَ مان هٿ
ڪڍي کيس الوداع چوڻ لاءِ هٿ مٿي پئي ڪيائين ته
اوچتو سندس ذهن تي هڪ ڏاهي جو زندگيءَ بابت چيل
جملو تري آيو.
“Live
this moment of your life and there will be
hundred years to live.”
ريل هلڻ واري هئي. هُو الاءِ ڪيئن همت ڪري اچي
گاڏيءَ جي در تي بيٺو.
۽ هن کيس پهريون ڀيرو لهڻ ۾ مدد ڪئي.
منظور جوکيو
ٻِه – واٽي تي بيٺل اڻپورو ماڻهو
هُو هڪ عجيب شخص هو. هن کي هڪ شخص چوڻ مناسب ناهي،
ڇو ته هن جي شخصيت جا ايترا ته مختلف پهلو هئا جو
هن کي هڪ شخص چوڻ بجاءِ هن کي جيڪڏهن شخصيتن جو
مجموعو چئجي ته بهتر ٿيندو. هو مختلف وقتن ۾ مختلف
ماڻهن جي ڏک ڏيندو هو. هن جي شخصيت ۾ مختلف رنگ
موجود هئا. مختلف اسٽائيل هئا، مختلف جذبا هئا ۽
مختلف طريقا هئا. هن جي اهڙي گهڻ رخي شخصيت جي ڪري
هن کي اڄ ڏينهن تائين ڪو سمجهي نه سگهيو هو. وڏي
ڳالهه ته هو جڏهن پنهنجي مُنهن ويهي پنهنجي ذات
متعقل سوچيندو هو ته هو پاڻ کي به سمجهي نه سگهندو
هو ته هو آخر آهي ڪهڙي شيءِ! اِها ڳالهه سوچي هو
دل ئي دل ۾ مُرڪي ڏيندو هو. هو جڏهن پاڻ تي
سوچيندو هو ته هن کي اُنهيءَ ڏاهي جو چوڻ سچ لڳندو
هو، جنهن چيو هو ته انسان ڏاڍو عجيب
(Strange)
آهي. هو سدائين پاڻ کي عجيب
(Strange)
سمجهندو هو.
ننڍپڻ کان وٺي هُن جي زندگي ڪجهه حادثن جو شڪار
رهي هئي ته ڪڏهن وري هن جي زندگي ڪجهه معجزن مان
گذري هئي. پيءُ جي هوندي سوندي هن ڇني ڇوري
(Fatherless Child)
جي زندگي گذاري هئي. هن زماني جي عورتن ۾ صرف ماءُ
کي پنهنجي قريب ڏٺو هو، جيستائين هُو سمجهه ڀريو
ٿيو هو ته هن جي سڀني ڀينرن جي شادي ٿي چڪي هئي،
اُنهيءَ ڪري هن ڀينرن سان ننڍي لاءِ راند روند به
نه کيڏي هئي، اهوئي سبب هو جو هُو عورتن جي سامهون
ويندي شرمائيندو هو ۽ اڪثر ڪري
Nervous
ٿي ويندو هو.
|