سڀ کان پهريائين اي ڊي لالواڻي ۽ ايم ايڇ
رامچنداڻي گڏجي ”ويهين صدي جي انگريزي – سنڌي
ڊڪشنري“ بمبئي مان 1952ع ۾ شايع ڪئي (74). اي ڊي
لالواڻي جي ”انگلش – سنڌي پاڪيٽ ڊڪشنري“ به ڇپيل
آهي، پر اُن جي ڇپائي جي سال جي خبر پئجي نه سگهي
آهي. آنندرام ٽي شاهاڻيءَ جي ”سنڌي – انگريزي“ ۽
”انگريزي - هندي“ ڊڪشنريون پڻ ڇپيل آهن. ساڳيءَ
طرح ڊبليو اي شاهاڻيءَ جي ”دي پاڪيٽ سنڌي – انگلش
ڊڪشنري“ جا به ڪيترائي ڇاپا بمبئي مان ڇپيا آهن.
نامياري عالم لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي به سنڌي لغت
نويسيءَ ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي. سندس ”جامع سنڌي –
انگريزي ڊڪشنري“ جو پهريون جلد 1968ع ۾ پونا شهر
مان شايع ٿيو (75). ٻيو جلد ڪافي عرصي کانپوءِ
ساڳئي شهر مان 1981ع ۾ شايع ٿيو (76).
پرمانند ميوارام جي ”نئين انگريزي – سنڌي ڊڪشنري“
ساهتيه اڪيڊمي طرفان 1971ع ۽ 1981ع ۾ شايع ٿي
(77). اُن جو ٽيون ڇاپو 2000ع ۾ شايع ٿيو آهي.
جارج اسٽئڪ (وفات: ڊسمبر، 1953ع) جي انگريزي سنڌي
ڊڪشنري ايشيئن ايڊيوڪيشنل سروس، دهلي طرفان 1986ع
۾ ٻيهر شايع ٿي آهي (78). لڇمڻ پرسرام هردواڻي
”مراٺي – سنڌي شبد ڪوش“ بمبئيءَ مان 1991ع ۾ ڇپايو
۽ سندس ”سنڌي – مراٺي شبد ڪوش“ احمد نگر مان 1995ع
۾ شايع ٿيو (79). سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ آف
انڊيا ”هندي – سنڌي ويهوار ڪوش“ 1984ع ۾ دهليءَ
مان شايع ڪيو (80). 1994ع ۾ تيج قابل جو تيار ڪيل
”شاهه جي رسالي جو ڪوش“ شايع ٿيو. هن ڪوش ۾ رسالي
جي اهنجن لفظن کي سهيڙيو ويو آهي (81). ڪنهيا لال
ليکواڻي جو ”بنيادي سنڌي – هندي شبد ڪوش“ 1995ع ۾
شايع ٿيو (82).
ٻن ٻولين کانسواءِ ٽن ٻولين ۾ به شبد ڪوش شايع ٿيا
آهن، جنهن ۾ پهرين شبد ڪوش، ديپچندر تلوڪچند،
ديدتا ڪنديرام شرما ۽ پرڀداس برهمچاريءَ جو ”هندي
– انگلش – سنڌي شبد ڪوش“ آهي. اهو ڪوش اجمير مان
1962ع ۾ شايع ٿيو (83). (هن ۾ چاليهه هزار هندي
اکرن جون معنائون سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏنل آهن ۽
سنڌي اکر ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل آهن). ساڳي ڪوشش
واسواڻي ۽ پرڀداس برهمچاري پڻ ڪئي. هنن جي لکيل
”هندي – انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ اجمير مان 1963ع ۾
شايع ٿي (84). سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ آف انڊيا
1989ع ۾ ”هندي – سنڌي – انگريزي تري ڀاشا ڪوش“ ٽن
جلدن ۾ شايع ڪيو (85). ڪنهيا لال ليکواڻي جا ٽن
ٻولين ۾ لکيل ٻه ڪوش، ”بنيادي سنڌي – انگيرزي –
هندي ڊڪشنري“ 1996ع ۾ ۽ ”سنڌي – هندي – انگريزي
سچتر شبد ڪوش“ 1998ع ۾ شايع ٿيا (86).
هندوستان جي قومي ٻولين تي مشتمل جيڪي شبد ڪوش
شايع ٿيا آهن. تن ۾ ”سنڌي ٻولي“ به شامل آهي.
ڀارتييه ويهوار ڪوش (1961ع)، تتسم شبد ڪوش نگيندر
۽ ڀارتييه ڀاشا ڪوش اُنهن جا چند مثال آهن (87).
ڀارت ۾ ڪڇي ٻولي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي هڪ شاخ آهي،
اُن ۾ به شبد ڪوش يا برهد ڪوش ڇپيا آهن، جن ۾
ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو ”سنڌي – ڪڇي – سوڍڪي –
جتڪي شبداولي“ اهم ڪوش آهي (88). اُن کانسواءِ
شانتي ڀائي آچاريه جي ”ڪڇي شبداولي“ 1966ع ۾ احمد
آباد مان شايع ٿي (89). هي شبد ڪوش ڪڇي – گجراتي –
انگريزي ٻولين تي مشتمل آهي. دليرآهي ڪاراڻيءَ جو
”ڪڇي – گجراتي شبس ڪوش“ (1982ع) ۽ پرتا براءِ
گوپال جي ترويديءَ جو ”برهد ڪڇي شبد ڪوش“ (1988ع)
ڪڇي ٻوليءَ جا اهم شبد ڪوش آهن (90). ڀارت ۾ ڇپيل
يا اڻ ڇپيل سنڌي ڪوشن (لغتن) لاءِ ڊاڪٽر مرليڌر
جيٽلي جو تفصيلي مضمون ٽماهي ”مهراڻ“ (نمبر 4، سال
2000ع) ۾ ڏسڻ گهرجي.
پڄاڻي
سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ٻه سؤ سالن جي طويل
عرصي تي محيط آهي، جنهن جي شروعات ته يورپي عالمن
ڪئي پر هندو توڙي مسلمان عالمن اُن جي آبياري ڪئي.
ايتري طويل عرصي ۾ ڪيتريون ئي سنڌي – انگريزي،
انگريزي – سنڌي ۽ سنڌي لغتون شايع ٿيون آهن، جن جي
هن مقالي ۾ وڌ کان وڌ ممڪن احاطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل
آهي. اُن کان علاوه مختلف مضمونن جون به سنڌ ۽ هند
۾ لغتون شايع ٿيون آهن، جن جو ذڪر پڻ هن مقالي ۾
ڪيل آهي. مقالي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪافي ڪيٽلاگن ۽
ببليوگرافين جو مطالعو ڪرڻو پيو، جن مان ڳچ لغتن
جي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي، اُنهن مان ڪي ڊڪشنريون برٽش
ميوزيم ۽ انڊيا آفيس لئبرري لنڊن م موجود آهن ته
ڪن جي ڄاڻ ڀارت مان شايع ٿيل ڪيٽلاگن مان پيئي. ڪن
جي خبر انٽرنيٽ تي آن لائين ڪيٽلاگن مان پئي ته ڪن
جو ڏس پتو وري ڊڪشنرين جي مهاڳن ۽ مقالن مان مليو.
ڪن ڊڪشنرين جا صرف نالا مليا ۽ اُنهن جو ڪو تفصيل
نه مليو. ڪي قلمي لغتون ضايع ٿي ويون آهن ته ڪن جو
نالو صرف ڪتابن ۾ رهجي ويو آهي، پر اِن سموري
صورتحال جي باوجود به ڳچ جيتريون ڊڪشنريون اڃا ڪن
ڪتبخانن ۾ موجود آهن. اسان جي بيخبري ۽ پڻ سستيءَ
جي ڪري سنڌي ادب جو ڪيترو ئي انمول خزانو ضايع ٿي
ويو آهي يا وري ڪن بند صندوقن ۾ اُڏوهين جو کاڄ ٿي
رهيو آهي. اسان کي گهرجي ته اُن سرمايي ڏانهن
توجهه ڏيئي اُن جي حفاظت جو خاطر خواه بندوبست
ڪريون.
[بقايا ايندڙ پرچي ۾]
حميد سنڌي
(دهليءَ جو داستان)
ڪرشماتي سفر
ڪين ڌرتتي ماءِ، ڪين ڄَرِ سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچَ ۾!
اُهو صبح به عجيب هو… ڪيئي خوشيون ۽ مونجهارا کڻي
آيو هو. رات قمر شهباز جي گهران شوڪت شورو، آغا
سليم، ڪچهريون ڪندي دلبري دلبنديءَ واريءَ محفل
مان ائين موٽياسين ڄڻ دنيا ۾ ڪو غم ڪونهي، ايندڙ
ڏينهن اسان لاءِ ڪئين خوشيون کڻي ايندا. ورهين جي
وڇوڙي جي ماريلن سان ملنداسين، پڪ سندن اکيون اسان
لاءِ واجهائينديون هونديون ۽ هنن هر هنڌ وار وڇايا
هوندا، گلن ڦلن جي هُڳاءُ سان اسان جي آجيان ڪندا.
اسان به سوکڙين پاکڙين گڏ ڪرڻ سان گهٽايو ڪو نه
هو. ها سائين، هيءَ ڳالهه هلي پئي دهلي وڃڻ جي،
جتي تياريون هيون ادبي ڪنوينشن جون، جنهن جو بئنر
هو:
INDO-PAK
JOINT CONVENTION OF Sindh Writers
Hosted by:
SINDHI ACADEMY
Government of NCT of Delhi
March 28-30,2004
اسان اڳ به ڪيترا ڏينهن وڃايا هئا ۽ ڪيئي راتيون
بحث مباحثا ڪيا هئا. هيءُ سڪ سان سجايل ڪنوينشن
ويچارو مهينن کان رولڙي جو
شڪار هو. ڪڏهن شريڪ ٿيندڙن جي نالن تي رولڙو، ته
ڪڏهن وري اُتان وارن جي ڏنل لسٽ هِت قبول نه پيئي
پوي. لسٽ فائينل ٿي ته ڪن کي اين او سي نه ملن. ڪن
کي اُن وقت ڪي ذاتي مسئلا ياد آيا، ته ڪن ويچارن
کي ڊپ ۾ وجهي مونجهارن ۾ وڌو ويو. ويزا وارو مامرو
اِنگهجي ويو، جو آخر ڪنوينشن ملتوي ٿي ويو. اُتان
جي ڪن دوستن چيو ته، ”ابا! ڪا کُڙي ڏنڀايو.“ ”ڪنهن
جي کُڙي ڏنڀايون؟… اُن دوست جي، جيڪو هِت پُتلين
جي ڏور سنڀاليو ويٺو هو ۽ وڏي اهتمام سان ويزا جي
بندوبست جون دعوائون ڪيو ويٺو هو. يا ڊيليگيشن جو
هر هڪ ميمبر پنهنجي کُڙي ڏنڀائي! اِن ڊپ کان ته هت
کُڙي ڏنڀائڻ سان گڏ ”دکشڻا“ به ڏجي، وپءِ اڳتي ڇا؟
ڪيترن معتبرن ته ڀڄي جان ڇڏائي، باقي جيڪي يتيم
بچيا، ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ چوندا ٽپي
پيا ٻار ۾! ڪيترا ڏينهن ٽياس ٽنگيو پيو هو ۽ جن
پاسپورٽ سان گڏ ”دکشڻا“ به ڏني، خرچ پکا به ڏنا،
اُهي ٽياس جي ڪنهن ڪنڊ تي لڙڪيا پيا هئا ته ڪي
ڪنهن ڪنڊ کان! هيءُ هندستان جو سفر هو، تنهن لاءِ
دِشا ۽ گهڙي جو سولو هجڻ به ضروري هو. جي ڪنهن جي
گهر ۾ ڪيتُو هو ته ڪنهن جي گهر ۾ راهُو هاڻي ڇا
ڪجي؟ هندستان جي اديبن به شايد جوتشي گهرايا. ٻي
دِشا ۾ ٻي گهڙي طيءِ ٿي. ڪيتُو ۽ راهُو. هاڻي ڇا
ڪجي؟ هندستان جي اديبن به شايد جوتشي گهرايا ٻي
دِشا ۾ ٻي گهڙي طيءِ ٿي. ڪيتُو ۽ راهُو کي ڊوڙائي
ڪنهن يار جي گهر کڻي اُڇلايون. 28- مارچ ڪنوينشن
لاءِ مقرر ٿي. اسان وارن به ڪي ڦيڻا ۽ تسبيحن جا
مڻيا ڦيرايا ته ويزائن به اچي ڦهڪو ڪيو.
هاڻ يار تيار هئا ميلي تي!… 27- مارچ جي صبح جو هڪ
قافلو جهاز رستي وڃڻو هو. هڪ قافلو 25- تاريخ ريل
رستي روانو ٿي چڪو هو. قمر وٽان موٽي مان ۽ شوڪت
رات جو اڳوڻي يو جي سي هاڻوڪي هيڪ
(HEC)
جي گيسٽ هائوس ۾ ترسياسين. هڪ ته ڪمري تي دير سان
پهتاسين، ٻيو اسان جي نئين سرواڻ قمر شهباز جو حڪم
هو ته پنجين وڳي صبح جو ايئرپورٽ تي پهچو، جڏهن ته
جهاز روانو ٿيڻو هو اٺين وڳي. ايڏي سوير نڪرڻ لاءِ
چئين وڳي کان تياري ڪئي سون، اسان جي ليڊر سائين
جو حڪم جو هو! ڇاڪاڻ ته اسان ۽ دهلي وارن کيس ئي
دليئون قبول ڪيو هو. پاڻ هو به سراسر قبوليت جهڙو!
ڪراچي جو صبح نهايت وڻندڙ، ڪڪرن ڍڪيل ۽ آٺريل هير
سان خوابن مان جاڳائي چستي ۽ من مستي پيدا ڪندو
آهي. پر مان خاموش ۽ ڍرڪيل هئس. شوڪت هونءَ ئي ماٺ
وارو ماڻهو، وڌيڪ چُپ ۽ پوئين سيٽ تي ويٺل هو.
ڪراچيءَ جا رستا ٽريفڪ بنان ڄڻ چمڪن پيا، اُن جي
اوجر به گڏ پئي ڊوڙي. رستي جون سفيد ۽ پيليون
ليڪون به ائين ڊوڙنديون وڃن ڄڻ رهبر هجن. اوچتو
ڇرڪ ڀريم ۽ سجاڳ ٿي ويس. پٺي ورائي چيم:
”شوڪت! واقعي اسين دهلي هلون پيا؟ مون کي ته
اعتبار ئي نه ٿو اچي.“
”ڇو ڀلا؟“
”يار، اسان جي پروگرام ۾ منڍ کان وٺي رولا رهيا
آهن. منهنجا ڦڦڙ ٿا ڏڪن. هتان وارن ڪي ڦيڻا پئي
پڙهيا آهن. مون وٽ نه آهي امام ضامن ۽ نه تسبيح.
لڳيم ٿو هاڻ مؤڪل به موڪليندا.“
”توهان دلجاءِ ڪريو، مون وٽ اِمام ضامن به آهي ته
تسبيح به.“
مون شمشير الحيدري جو جملو ورجايو، جيڪو اسان کان
اڳ ئي روانو ٿي چڪو هو.
”مولا تي ننگ آهي، رَب پاڪ ڀلي ڪندو.“
ايئرپورٽ تي هن قافلي جا ڪجهه همسفر پهچي چڪا هئا
پر ’مير ڪاروان‘ نه پهتو هو. قمر گاڏي مان لٿو ته
دانهون ڪندو لٿو: ”يار، پاسپورٽ ٽڪيٽ سوڌو گم ٿي
ويو هو…… هيءُ به ڪا ڳالهه آهي… سامهون پيا هئا پر
نظر ئي نه پيا اچن.“
”اِهي اٿئي مؤڪلن جا ڪم… جادو ٽوڻي ۽ ڦيڻي وارن جو
آخري حربو.“ مون دانهن ڪئي.
”پر نيٺ لڀي پيو. بس انهي ڪري دير ٿي ويئي هئي.
هاڻي هلو، هلو!“
هدايت بلوچ سامان ڍوئائڻ ۾ پورو هو، ڀلا پي آءِ اي
جي ڪارگو سروس جو آفيسر هو. ڀاءُ شمس هميشہ منهنجو
خاص خيال ڪندو آهي، هُن به ڪي سُٺا مؤڪل ماڻهن جي
روپ ۾ موڪليا هئا. اُنهن بورڊنگ ڪارڊ به آڻي ڏنا.
اميگريشن تائين پئي سنڀار ڪيائون. اميگريشن
ڪائونٽر تي پهتاسين ته ٻه نينگريون ويٺيون هيون.
هڪ نينگري پاسپورٽ ۽ ويزا ڏسي سنڌيءَ ۾ ڳالهايو.
مار! اسان جون سنڌياڻيون ايئرهوسٽس، بئنڪ آفيسر ۽
ٻين شعبن ۾ ته آهن پر اميگريشن ۾ به آهن.
”سر! اوهان جو
N.O.C؟“
اِتي مون سوچيو ته وري ڪٿي دوستن جا موڪليل مؤڪل
پهچي ويا ڇا؟
”اَبا! هاڻ ته رٽائر ٿي ويو آهيان، اڃا پچر نه ٿي
ڇٽي! هاڻ ته سرڪاري ٺپي جي به ضرورت نه آهي.“ هاڻ
مون ڏاڍيان ڳالهايو.
”ڇو سر! ايترو جلدي. توهان ته ٺيڪ ٺاڪ لڳا پيا
آهيو. عمر ۾ لڳو ته نه ٿا.“
”سنڌوءَ جو پاڻي جو پيتل اٿم.“
”سنڌوءَ ۾ پاڻي ڪونهي، مان سکر جي آهيان، هاڻ وئي
هيس ته دريا سُڪو پيو هو. حيدرآباد پاڻي ڪٿان
پهتو.“
دل چيو ته کيس چوان، ”ميرو گدلو، سينواريل پاڻي
اڃا آهي. سنڌوءَ جو پاڻي جي کُٽو ته ڳوڙهن جو پاڻي
جام آهي. سڀني جون اکيون آگميون بيٺيون آهن.“ پر
مان چپ رهيس. هن ٺپا هڻي پاسپورٽ ۽ ڪاغذ واپس ڪيا.
“Bon- Voyage- Wish you safe journey.”
ٻئي ڪائونٽر تان قمر، هدايت ۽ شمع کيبر اسان وارن
مؤڪلن سان گڏ ڊپارچر لائونج ۾ وڃڻ لاءِ نڪتا. اسان
پنهنجن مؤڪلن جي مهرباني مڃي. ڊپارچر لائونج ۾
آياسين ته بشير مورياڻي ۽ سندس گهر واري محترمه
پرويز جبين سويل کان ويٺا هئا. لائونج ۾ ڏاڍيون
چانهيون پيتيون سين، ڪجهه هڪ ٻئي کي آٿت ڏنيسين.
جهاز اندر ڪجهه ٽڙي پکڙي وياسين. ائين هدايت آيو.
”ابا! هن جهاز ۾ مخدوم امين، يوسف ٽالپر ۽ سندس
ساٿي به گڏ آهن. هلو ته هلي کين ملي اچون.“
قمر شهباز هن وفد جو اڳواڻ هو پر صلاح صُليءَ لاءِ
شروع کان وٺي آخر تائين مون کي ويجهو رکيائين. مون
مخدوم امين فهيم جو نالو ٻڌو ته مون کي مخدوم محمد
زمان طالب المولى ياد آيو. منهنجي نيازمندي مخدوم
امين فهيم سان به آهي، ته سڄي خاندان سان محبت ۽
قرب جو دم ڀريندو رهيو آهيان. پر مخدوم محمد زمان
طالب المولى سان هڪ پرت جو پيچ پيل هو. آخري گهڙين
تائين مان کيس ياد هيس جو سندس چٺيون چپاٽيون ۽
فونون اينديون رهنديون هيون. هو گاديءَ ڌڻي هو،
شاعر هو ۽ اديب هو، پر نئڙت ۽ نهٺائي کانئس ڪو
سکي! هو اهلِ دل، مخدوميءَ ۽ پيريءَ ۾ ڄڻ ته يقين
ئي نه رکندو هو. سندس هڪ شعر آهي.“
”مخدومي ۽ پيري کي مون ترڪ ڪيو تهدل،
هيءُ عشق محبت ۾ ٻئي بار نظر آيا.
مان فرسٽ ڪلاس واري حصي ۾ ويس ته اسان جا ڪجهه
ساٿي وٽس بيٺا هئا. شمع کيبر اڳيان اڳيان هئي.
مخدوم صاحب جي نظر پيئي ته اُنهيءَ حصار مان نڪري
وڌي آيو. نهايت قرب ۽ پيار سان مليو. اِهو سندن
خانداني مَرڪ آهي. ڀرسان منهجو دوست ۽ تحريڪن ۾
جيل جو ساٿي يوسف ٽالپر بيٺو هو، سڪ سان مليو. هُن
ٻڌايو ته هنن جو الڳ هڪ ڊيليگيشن آهي، نفيس صديقي
۽ ٻين به ساڻس گڏ هئا. مان موٽي آيس. اتفاق سان هڪ
ئي قطار ۾ سيٽون خالي ٿيون هيون. اسين گڏ اچي
ويٺاسين. شمع کيبر ڪو گهڻو ڳالهائيندي آهي! هُن
مخدوم صاحب ۽ سندس خاندان سان اسان سڀني کان وڌيڪ
ويجهي هجڻ جي دعوى ڪئي ۽ هوءَ لاڳيتو ڳالهائيندي
هلي ته مون قمر ڏي نهاريو، جيڪو پاڻ ڳالهائڻ لاءِ
ٻئي کي (خاص طرح مون کي) ٽوڪيندو ۽ چوندو آهي ته
هاڻي ته هن مان ڦاسجي وياسين. اڳلو ويچارو ماٺ
ڪندو، پوءِ پاڻ هن جملي سان شروعات ڪندو، ”هاڻي
کڻي ڳالهائجي.“ هن ڀيري قمر شهباز ڪجهه نه ڪڇيو،
مُرڪي ڪن ۾ چيائين: ”هاڻي کڻي ماٺ ڪجي.“
جيئن ته هيءُ سفر ڪجهه پريشانين ۽ دٻاءُ واري
صورتحال مان زور ڪري طاقت سان نڪري آيو هو،
تنهنڪري اسان گهڻي ٻولاچاري نه پئي ڪئي. جيتوڻيڪ
قمر ويچارو مهينو ڏيڍ سخت دٻاءُ ۾ به رهيو هو.
دهليءَ مان لڇمڻ ڪومل، احمد آباد مان گوبند
خوشحالاڻي، بمبئي مان نند جويري ۽ ٻين جا فونن
مٿان فون، هو هُت پريشان، ته هيءُ هِت پريشان.
اوچتو اعلان ٿيو ۽ جهاز ٿورا جهٽڪا کاڌا ۽ دهلي
ايئرپورٽ سامهون هو.
هيءُ اُهوئي دهلي ايئرپورٽ هو جڏهن مان هت 1990 ۾
وائيس چانسيلرن جي ڪانفرنس ۾ آيو هئس. اُن وقت
دهليءَ لاءِ لاهور مان جهاز هلندو هو. هيل واءُ
سڻائو هو، هاڻ ڪراچيءَ کان دهلي سڌي اُڏام هئي.
هيءُ جادوئي سفر به اُن سڻائي واءُ جو ڪرشمو هو.
واقعي جادو هو، جو ورهين جي ڇڪتاڻ ۾ ماٺار آئي
هئي. اَمن جا اڇا جهنڊا جهولايا ويا هئا، جڏهن
تازو ڪراچي ۾ ”قلم – امن لاءِ“
(Pen For Peace)
پاران فنڪارن ۽ هر فڪر جي مفڪرن ۽ دانشورن جو وڏو
ميڙو ٿيو هو. اُها به ٽي ڏينهن ڪانفرنس ٿي هئي.
اُن ڪانفرنس ۾ هند مان پنج سنڌي اديب ڪراچي آيا
هئا ۽ ”دهلي ادبي ڪنوينشن“ جي خيال جي خالق پياري
لڇمڻ ڪومل ۽ سندس ساٿين نند جويريءَ، هري
موٽواڻيءَ، هري ٺڪر ۽ ڄيٺي لالواڻيءَ سان گڏ اسان
ڪجهه اديب دوستن اُن سلسلي ۾ ٻولاچاري ڪئي هئي.
ميل ميلاپ جا پروگرام ٺاهيا هئا ۽ خوشيون ڪيون
هيون سين. هڪ رات مهراڻ هوٽل ۾ ڪمري تي جشن به
ملهايو هيوسين، اِن خوشيءَ ۾ ته وڇڙيل ملندا ۽ جن
يارن کي خوابن ۾ ڏسندا هئاسين، اُهي خواب ساڀيان
بڻجي جيئرن کي جياريندا. خواب جي اِها ساڀيان وڏو
وقت وٺي ويئي هئي. اُن جو سبب ڪٿي اسان جا گناهه
هئا، ڪٿي سهپ جو مادو گهٽ هجڻ اُن جو ڪارڻ هو. ڪٿي
رقيب روسياهه هئا، ته ڪٿي اُبتا تعويذ پئي هليا ته
ڪٿي وري مؤڪل موڪليا پئي ويا. پر ڪي اسان جا پير
زور هئا ته ڪي هند وارن سنڌي اديبن جا جوشي ۽
ساڌارڻ ساڌو! هنن ساڌن جو گُرو هو لڇمڻ ڪومل…!
هيءُ ڪومل ڪومل ۽ شيتل شيتل دلبر وقت سارو ڪو هردي
کي پڪو پختو ڪري ارڏو ۽ اڏول ٿي پوندو، اُن جو
اندازو هُت پهچڻ سان ٿيو. لائونج ڏانهن هلندي مون
وري ڀڻڪيو:
”شوڪت! واقعي اسين دهلي پهچي ويا آهيون؟ ڀلا هت ته
مؤڪل نه هوندا؟“ هو ٿورو ڳالهائو ۽ رڳو مشڪڻ وارو،
سو کلي پيو ۽ ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”سائين! توهان ته
صفا وهمي ٿي پيا آهيو!“
پر شايد منهنجا وهم ئي ڪم ڪند آهن يا ڪم ازغيبي
قوتون، تنهن ڪري مون سان ڪجهه نه ڪجهه اُبتو سبتو
ٿيندو ئي رهندو آهي.
اول ته اميگيرشن وارن ايترا ته فارم ڀرايا جو اسان
سڄي ڄمار امتحانن، شناختي ڪارڊن، راشن ڪارڊن ۽
ڊوميسائيل لاءِ به ايترا فارم نه ڀريا هوندا جيترا
هاڻ ڀرياسين. ٿورڙي به آڏي پڇا ٿئي ته ڇرڪيو وڃان.
اميگريشن مان واندا ٿياسين ته هٿ ۾ کنيل بريف ڪيس
گم ٿيو وڃي! اُهو لڀي ته مون واري بيگ نه ٺهي! ٻين
جون ٽراليون ڀريل، مان خالي هٿين ڊوڙون پائيندو
وتان. پهريائين ته يار سيريس نه هئا، پر پوءِ
سڀيئي ڊوڙن ۾ لڳا، هدايت ته پي آءِ اي جو سڄو
اسٽاف گڏ ڪيو. کيس وٺڻ هڪ آفيسر به آيو هو، اُهو
ڪا گهڙي گڏ هو. الله ڀلو ڪري ادي پرويز بشير
مورياڻيءَ جو، هُن پري ڪنهن ڪنڊ ۾ پيل هڪ ٽراليءَ
تي ڪا بيگ ڏسي ورتي. ڪنهن شايد ڀُل ۾ کنئي هئي پر
پوءِ اُن کي لاوارث ڇڏي هليو ويو هو.
ڪسٽمس مان نڪتاسين ته شوڪت گم ٿي ويو. خبر پيئي ته
پاڻ ڪتابن واري ڪا ملڪيت ظاهر ڪئي هئائين. هنن بيگ
کولائي ۽ ڪيترين ئي سوکڙين پاکڙين کي ڇڏي هڪ ڪتاب
تي اعتراض ڪيائون ته هن ۾ نقشا ڇا جا ۽ ڇو آهن؟
جان ڇڏائي نڪتو ته پڇيومانس، ”ڏي خبر مؤڪلن جي؟“
هن ٽهڪ ڏيندي چيو، ”مڙئي خير آهي، مؤڪلن جو اثر
پورو ٿيو. هيءُ هاڻ ديوين ۽ ديوتائن جو ملڪ آهي،
هِت هو ڪجهه نه ڪري سگهندا.“
واقعي سامهون ديوين ۽ ديوتائن جهڙيون ٻهڪندڙ
مورتيون نظر آيون… لڇمڻ ڪومل، شريڪانت ڀاٽيا، رونو
عيدناڻي، اومال لالا، مسٽر ميندي رتا ۽ ڪيترا ٻيا
دهلي اڪئڊميءَ پاران گلن ڦلن جا هار ۽ گلدستا
جهليو بيٺا هئا. هيءَ سڄي ساري رسيپشن ڪاميٽي هئي.
دل ۾ چيم ته هنن ديوين ۽ ديوتا سمان هستين کي ڪي
شرڌا جا گل اسين به نڇاور ڪيون ها، پر هيءُ ته پاڻ
ڪنڌ نِوايو بيٺا آهن ۽ ايڏي سڪ محبت سان مليا جو
اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هڪ ويگن ٽائيپ گاڏي، جنهن
کي ڪوئِلس
(Qualis)
چون، جا پجيرو جي ڀيڻ آهي، اُن ۾ ويهاري وٺي هليا.
پويان ٻي ويگن ۽ ڪارون هيون. حال احوال ڏيندي
ٻڌايائون ته ريل رستي ايندڙ اسان جا ٻيا ساٿي
شمشير الحيدري، حميد ڀٽو ۽ عبدالحئي پليجو پنهنجي
گهر واريءَ ۽ نياڻي سوڌو هڪ ڏينهن اڳ پهتا هئا.
هنن جو بندوبست پهاڙ گنج جي ڳتيل علائقي ۽ نيو
دهلي ريلوي اسٽيشڻ جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾ هو، هند جي
مختلف شهرن کان آيل سنڌي اديب به اُتي رهيل هئا.
اسان کي هنن ’ڀارت پئليس‘ هوٽل ۾ آندو. هيءَ هوٽل
صاف سٿري علائقي ۾ گوڙ گهمسان کان آجي هئي.
سڀيئي اچي هڪ ڪمري ۾ گڏ ٿيا، جيسين ٻين سڀني کي
ڪمرا ملن تعارف ٿيو ته خبر پيئي ته رينو عيدناڻي
جو ويس وڳن ۽ بوتيڪ جو ڪاروبار هو. شايد انڪري
هوءَ لٽي ڪپڙي ۾ ٺهيل هئي. اوما لالا وڏي سُکئي
گهر جي مالڪياڻي هئي. شوقيه ڳائيندي هئي، سو سندس
سنڌي ڪلامن جون ڪيتريون ڪئسٽون ڀريل آهن، جڏهن
اسان کيس هڪ محفل ۾ ٻڌو ته جهڙي پاڻ اَڇي اُجري
نماڻي هئي، اوترو ئي سندس آواز اَڇي اُجري وهندڙ
چشمي جيان هو، جيڪو جلترنگ جهڙا آواز ڪندو وپلار ۾
گم ٿي پئي ويو!
ڏاڍيون چانهيون، پڪوڙا، سمبوسا ۽ سئنڊوچ اچي ويا،
اسين جهاز ۾ ڏنل بي سوادي نيرن ۽ ٿڌي چانهه جا
آزاريل هئاسين، سي مزي ۾ اچي وياسين. ميل ميلاپ ۽
سڪ واريون ڳالهيون کٽن ڪو نه، سڀني جا منهن ٻهڪن
پيا. خوش ته خوب لڇمڻ هو، بنهه ٽڙي پيو! چوي،
”يار، توهان جو بندوبست جيڪو انٽرنيشنل سينٽر ۾
ٿيل هو، اُهو هنڌ جنت جهڙو آهي. ڪمرا شاندار ۽
ماحول انٽرنيشنل ڪلب وارو آهي. اُتي باغ بستان ۽
ڪيفي به آهن، بس هيءُ ڪنوينشن ملتوي نه ٿئي ها.
افسوس! الاءِ پروگرام کي ڪهڙي نظر کائي وئي! پر
وري به چڱو ٿيو، جو توهين آيا ته سهي.“
مون کيس اندران ئي اندران ميسيج ڪيو: ”پيارا! هيءُ
سفر سولو نه هو، هيءُ ڪرشماتي سفر آهي. اسان ڪو لڪ
لتاڙي پير پٿون ڪري ڪو نه آيا آهيون، پر راض خوشي
اندر جا ڳوڙها ڳاڙيندا، زخميل روح سان هت پهتا
آهيون.“
لڇمڻ ڏي نهاريم، اکين ئي اکين ۾ جوابي پيغام مليم:
”ترس ته يار! اِنهن زخمن جي چيٺ به ٿيندي. روحن جا
زخم پنهنجن وٽ اچي ڇُٽندا آهن.“
شريڪانت ڀاٽيا، ڪومل جو ڀاڻيجو سنڌي اڪئڊميءَ جو
ميمبر به آهي ته سنڌي (ديوناگري لپيءَ) ۾ اخبار به
ڪڍي ٿو. هو ايئرپورٽ کان وٺي ڳالهائيندو رهيو ۽ هن
ڪنوينشن سان لاڳاپيل بندوبست جي سلسلي ۾ پنهنجن
ڪارنامن کي ايڏو ته بيان ڪيائين جو مون قمر ڏي
نهاريو ۽ ميسيج واري ٽيڪنڪ استعمال ڪيم. ”هن کي ته
من! روڪي ڏيکار – اسان کي ته چٽڻي ڪري ڇڏيندو
آهين.“ قمر هٿ ٻڌا: ”بس بابو بس. اسان جي جاءِ نه
آهي.“ هُن آهستي چيو. لڇمڻ صلاح ڏني ته شام جو لال
قلعي وڃو، اُتي جو سير ڪريو ۽ ستين کان اٺين تائين
‘Light and Sound;
وارو شو ڏسو. تاريخ جي مغلن واري دور مان گذري
اچو، پوءِ چاندني چوڪ پهچو. سکن واري گُردواري وٽ
پهچندو ته شريڪانت توهان کي سُديش سچديو وارن وٽ
وٺي هلندو، جتي رات جي ماني آهي، مان به اُتي
پهچندس.“
لال قلعو مغلن جي تاريخ جو شاهد ۽ هڪ اهم باب آهي،
جنهن جي چوڌاري جشنن ۽ خوشين سان گڏ دردن ۽
خونريزين جا داستان حصار ڪريو بيٺا آهن. هيءُ
Light and Sound
وارو پروگرام به اُنهن مان ڪن خوني داستانن جو
اونهو اڀياس آهي.
هن قلعي اندر داخل ٿيندي ئي هڪ ننڍي بازار آهي،
جتي سياحن جي خريداري لاءِ هندستان جي ٻين رياستن
خاص طرح دهليءَ وارن جي هٿ جو هُنر نظر اچي ٿو.
اندر ڪئين چبوترا، ٻارنهن دريون ۽ ننڍيون عمارتون
نظر اچن ٿيون، اُنهن مان ڪن عمارتن آڏو وڏا لان
ٺاهي، اُنهن ۾ بئنچون وجهي هڪ ٿئيٽر ارينا ٺاهيو
ويو آهي. شو شروع ٿيڻ سان اُهي عمارتون ڳالهائڻ
لڳن ٿيون. سنهڙا رنگين ريشمي پردا سَر سَر ڪندا
اُڏامڻ لڳن ٿا. رنگين فلڊ لائيٽس ٻرڻ ۽ اُجهامڻ
لڳن ٿيون. هر ڪُنڊ تي ڪئين اسپيڪرس لڳل آهن. راوي
تاريخ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي اُٿلائي مغل بادشاهه، تاجدار
هند محمد شاهه جي داستان (جنهن جي حڪومت اُن وقت
صرف دهليءَ ۽ آسپاس تائين محدود هئي) تائين پهچائي
دنگ ڪري ٿو. اُن جو آخري حصو دل ڀڄائيندڙ آهي،
جڏهن نادر شاهه دهليءَ تي چڙهائي ڪري ٿو. محمد
شاهه پنهنجي رنگين دنيا ۾ مست مگن آهي. جڏهن کيس
خبر پوي ٿي ته نادر شاهه ڌوڪيندو اچي ٿو، هو ”هنوز
دلي دور است“ چئي جام تي جام چاڙهيندو، رقص ۽
سنگيت سان دل وندرائيندو ’دلي دور است‘ واري خيال
کي ساڀيان سمجهي، دهليءَ جي ڳلين کي رتورت ڪرائڻ
واري ڏوهه ۾ ملوث ٿي وڃي ٿو ۽ تاريخ کيس اڄ به
معاف ڪري نه سگهي آهي. هيءُ سڀ صوتي اثرن
(Sound effects)
۽ روشنين جي ڀرپور تاثر سان اهڙو ڄار اُڻيو ويو هو
جو ڪير پَل لاءِ به ڪنڌ ورائي نه ٿي سگهيو. اِنهن
عمارتن ۾ ڪير نه هوندي به ڪئين ڪردار جيئرا جاڳندا
پئي ڀاسيا. ڌارين جا حملا، جنگين جا نظارا، گهوڙن
جي سنبن جي لتاڙ جا آواز هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ
تائين اسپيڪرس وسيلي ائين ٻُرندا پئي ويا ڄڻ اسان
جي سامهون پيا ڊوڙن، نادر شاهه مياڻ مان تلوار ڪڍي
”بزن“ جو حڪم ڏنو ۽ اِهو چيو ته جيستائين مياڻ مان
تلوار ٻاهر آهي، دهليءَ جي ماڻهن جو ڪوس بند نه
ٿيندو. گهٽين ۾ رت وهندو رهيو، تان جو نادر شاهه
کي هٿ ٻڌا ويا ته ”هاڻ دهليءَ ۾ ڪو ماڻهو ئي نه
رهيو آهي، ڪنهن جو رت وهائيندين؟ هاڻ ته بس ڪر!“
چون ائين ٿا ته ڪنهن شاعر کيس ائين چيو:
کسـﻶ نه ماند که او را به تيغ کُشي
گر زنده کُني خلق را و باز کني.
تڏهن وڃي نادر شاهه مياڻ ۾ تلوار واپس وڌي ۽
خونريزي بند ٿي. تاريخ جي هڪ سلسليوار داستان مان
گذرندي مون کي گهوڙن جو اِهو ڊوڙڻ، سنبن جي لتاڙ ۽
هڻڪار اوپري نه لڳي، نه وري اُها بربريت ۽ ڌارين
حاڪمن جي يلغار اڻ ٻُڌي لڳي، جو سنڌ ويچاري به
اهڙا ڪيئي دردناڪ دور ڏٺا آهن. مون کي ائين لڳو ته
دور هڪڙو ئي آهي، رڳو تاريخ هنڌ ۽ پاسا مٽايا
آهن، ڪي اڳ ڪي پوءِ. جُلهه جو جذبو، مال ملڪيت
لاءِ غاصباڻا حملا، ازلئون انساني فطرت جو حصو
آهن. اُهي ئي نادر شاهه، اُهي ئي مدد خان ۽
ابدالي، ارغونن ۽ ترخانن جهڙا ڪئين غنيم، جن سان
هند توڙي سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي. اسين سڀ
موٽندي ماٺ هئاسين، هراسيل هرڻين جيان رڙهندا
دهليءَ جي پراڻي علائقي دريا گنج کان چاندني چوڪ
ڏانهن ويندڙ واٽ تي بي خيال هلندا وياسين. سِکن
وارو گردوارو چڱو پري لڳو. چاندني چوڪ کان اڳ ئي
ماڻهن جا ميڙ، ٽريفڪ ڦاٿل رستي جي پاسن کان
گهورڙيا، پڙيون لڳل. ماڻهو تاريخ جي درد کان
ناآشنا، حال جي درد کان آشنا. مستقبل جي ڊپ ۾
وڪوڙيل، ائين ڀڄندا وڃن جو ڄڻ ڪو راڪاس ڪڍ هجين.
مون سڃاتو، اِهو پيٽ جو راڪاس هو. سائيڪل رڪشا
هلائڻ وارا پوڙها ۽ اڌڙوٽ گهڻو ڪري نٻل، پگهر
ڳاڙيندڙ ماڻهو پيا ماڻهن جي وجود جو بار ڍوئين. هٿ
جي ريڙهن ۽ گاڏن کي گهليندڙ جوٽيل ماڻهو، اِنهيءَ
پيهه پيهان ۾ قمر اسان کان وڇڙي ويو. ڪي پوئتي
رهجي ويا. اسين هڪٻئي کي پڪاريندا، سڏڪندا، هڪٻئي
لاءِ بيهندا، اچي گردواري جي سامهون شريڪانت وٽ
پهتا آهيون، گاڏيءَ جو ڊرائيور ڪجههه پنڌ پري ڪار
پارڪنگ مان ويگن
(Qualis)
ڪاهڻ ويو آهي. شل نه شريڪانت جي ڪير وَرُ چڙهي!
هيءُ نوجوان تپيو بيٺو آهي. پنهنجي مامي لڇمڻ سان
موبائيل تي ڳالهائي به پيو ۽ فون بند ڪري اُن کي
پرپُٺ سَت سُريون به ٻڌائي پيو. ”لڇمڻ هميشہ مسئلا
پيدا ڪندو آهي… لڇمڻ کي هيءُ لال قلعي وارو
پروگرام نه رکڻ کپندو هو… هو هميشہ پروگرام
آرگنائيز ڪرڻ ۾ فيل ويو آهي… هيءُ اڄ جو پروگرام
فلاپ ويو… سندس هر پروگرام فلاپ … فلاپ.“ هو
ڳالهائيندو پئي هليو. مون کي هو اڄ جي نوجوانن
وانگر لڳو، جيڪي ڪو پروگرام آرگنائيز ڪندا آهن يا
ڪا تحريڪ هلائيندا آهن ته جهٽ هَڄي پوندا آهن ۽
پوءِ تنگ ٿي پنهنجن وڏڙن کي ڏوهاري قرار ڏئي اُنهن
کي گهاٽي واڌيءَ لاءِ ذميوار سمجهندي، گهٽ وڌ
ڳالهائيندي آهن. |