سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004ع (اونهارو)

مضمون

صفحو :4

ادل سومرو

تون به ته سِپ جو خواب نه آهين

او مٽيءَ جهڙا ماڻهو تون ڇو

هِن مٽيءَ کان لهرائين ٿو

جنهن ۾ دوست رهي ٿو، تون

اُن گهٽيءَ کان لهرائين ٿو.

 

تون ته هوا کان هلڪو آهين

بڙ جي جڙ ۾ مور نه رسندين

ڇانوَ جي ڇاتيءَ ۾ جو سپنو

اُس- اکين سان مشڪل پسندين.

 

ڏيئي جي تون اک ۾ ڏس

ڪيڏا لڙڪ سُتا پيا آهن

ساري رات جلي ٿو تنها

پوءِ به ميارون هُن وٽ ناهن.

 

جيڪو رستو تو آ ورتو

پنهنجن کان سو ڏور وڃي ٿو

ظاهر ڪيڏا رنگ انهيءَ تي

دل کي ڏئي ناسور وڃي ٿو.

جي آ، راهه اسان جي ڌُنڌلي

تون به ته سِپ جو خواب نه آهين.

 

لهرن تي ويساهه نه تنهنجو

پوءِ به سمورو سمنڊ ٿو چاهين!

تون ته اَنا ۾ ڦاٿل آهين

رهجي ويندي نيٺ اڪيلو

توکان پوءِ به دنيا رهندي

ماڻهن جو ماڻهوءَ سان ميلو.

 

سمنڊ سڃاڻي ڪين ٿو توکي

ڪيئن ڪنارن سان تون هلندين

مايا ۽ ڇايا جي ٻلَ تي

ڪيسين تون به سگهارو رهدنين.

 

پورالو هڪ وڻ آهين تون

ڪيئن هوا سان ڳالهائيندين

لاوارث ڪو ڌڻ آهين تون

نيٺ بگهڙ جي سامهون ايندين.

 

تو جهڙا هِت ڪيئي آيا

الاءِ ڪهڙي پار لڏي ويا

خواهشن جي رڻ پٽ ۾ هو

قدمن جا نيشان ڇڏي ويا

اڻپورا ارمان ڇڏي ويا

تون به ته نيٺ لڏي ئي ويندين!

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

غزل

نظر جو وڃي ٿو نشانو ٿِڙي،

ٽِڻي ٽامڻي ڪا پوي ٿي چِڙي.

نظر بند نظرون ڏسن ڪي ٻيو،

ڌپي تي هلون پيا. ٿڙي ٿاٻڙي.

ڍڪيون پير پنهنجا، ڪو جوتو هجي،

ڇڳل بوٽُ چمپل، کُٿل چاکڙي.

پوي بار هيٺين تي آخر وڃي،

ڪَنن ۾ پيا هٿ، پَٽي پاپڙي.

وفا جي شرافت سان ياري هئي،

جفا ڪين دل کي ڪڏهن آئڙي.

گهڙين ۾ گهڙي ڪا گهڙي مختصر،

هئي هيءَ حياتي به ڪا ڄامڙي.

وڌي وک جوانيءَ جي دولت طرف،

ڏسي نانگ وچڙي اچي آٿڙي.

امن جا سپاهي، جمهوريت پسند،

پروان گهرن ۾، پون ٿا گهڙي.

سُڃائيءَ ستايا اَملهه آدمي،

ڪڄر ٿي اُنهن تي وَتي آڪڙي.

ٻَڌڻ وڻَ گهوڙو نه ڏيندا هئا،

ڪٺو، قرب تن کي رکي ڪاتِڙي.

اهو قرب حد کان نه گذري وڃي،

مٺو تيز هوندو ته وٺبي نڙي.

”حبيبن“ وري راڳ آلاپيو،

وڳو ساز دل جو پئي ڌُن ڇِڙي!

فياض چنڊ ڪليري

ڪافي

پرين! تنهنجي نيڻن جو ٿيو آ نظارو

ته چمڪي پيو پنهنجي قسمت جو تارو.

 

جڏهن درد جي دل عبادت ڪئي آ،

رڳو توکي پوڄڻ ئي عادت ڪئي آ،

تڏهن هوڏ هستي ڪيو آ ڪنارو،

ته چمڪي پيو پنهنجي قسمت جو تارو.

 

اکيون تنهنجون جنت جي تصوير آهن،

اسان جي حياتيءَ جي تقدير آهن،

اسان جو ته هي ساهه آهي اُڌارو،

ته چمڪي پيو پنهنجي قسمت جو تارو.

 

اسان عشق جي رمز تو ۾ پروڙي،

اسان کي لڳي ساري دنيا هي ڪوڙي،

جڏهن جيءُ جو تون ئي آهين سهارو،

ته چمڪي پيو پنهنجي قسمت جو تارو.

 

سبق سونهن ۽ سچ جا توڻي پڙهايا،

اسان کي ازل جا تو ڏاڪا چڙهايا،

تڏهن زندگيءَ ۾ ٿيو آ سڌارو،

ته چمڪي پيو پنهنجي قسمت جو تارو.

 

سدا ”چنڊ“ چاهت جو چمڪي ڪليري!

اندر عشق جي آڳ ڀڙڪي چڱيري،

ٿئي روح پُر شال پنهنجو اُڃارو،

ته چمڪي پيو پنهنجي قسمت جو تارو.

روبينه ابڙو

غزل

چاندني ڇو اسان جي چمن کان پري؟

چنڊ ڇالئه ٿيو اڄ گگن کان پري؟

 

ڪئن محبت مُئي، قُربَ ڪاڏي لڏيو،

ڪئن ٿيو منهنجو من منهنجي مَنَ کان پري؟

 

سومرا سومرا! سَچُ ٿي مان چوان،

آءُ جي ڪونه سگهنديس وطن کان پري!

 

بادلو بادلو ڏور ڇو ٿا وسو،

هاءِ ٿر جي تتل تن بدن کان پري؟

 

نظم

آءُ اڌورو ساز پرين

تون ته مڪمل گيت،

آءُ نه ڄاڻان موسيقيءَ مان

تون ساڄن سنگيت!

 

تنهنجي ڳجهه جون ڳنڍيون سرتا

آءُ ته کولي سگهندس،

ڳالهيون سڀ ڳجهارت جيهون

ڪين پروڙي سگهندس!

 

روز ستارن کان ڀي اڳتي

ويندي سوچ اٿم،

تنهنجي هڪڙي سِٽَ نه سمجهان

ايڏو تون مبهم!

 

شايد تنهنجي اندر ڀي آ

هڪڙو ڪاڪ محل،

طلسم طلسم روح جا رستا

راهه ملڻ مشڪل.

 

سنجها جي تون منظر جيهو

نظر نظر ۾ راز،

راءِ ڏئي سِرُ مُرڪي مُرڪي

ٻيجل جون تون ساز.

 

’موهن‘ جي کنڊرن مان نڪتي

سِڪن تي اُڪريل،

تون تنهن ٻوليءَ جيهو سائين

تنهنجو ڪو به نه حل.

 

شايد تنهنجو ڳجهه پروڙيان

ايندڙ ٻئي ته جنم،

آدجڳاد کان آس اندر ۾

سانڍي آهه صنم!

بينا مسرور

توکانسوا

تون آن بڙ جو وڻ

جنهن جون پاڙون پري پري تائين

ڌرتيءَ ۾ کُتل

۽ مان

نرمل ڪومل وَل

تنهنجي سهاري وڌان، سائي رهان

توکان جنهن ڏينهن جدا ٿينديس

سُڪي سڙي پن پن ٿينديس!

 

منهنجو چنڊ

چنڊ جيان

اڀرين ٿو

منهنجي ڪارين راتين ۾

کير جي گوهن جيان

ڦٽي نڪرن ٿا ڪرڻا تون مان

۽ جرڪائين ٿا منهنجو انگ انگ!

 

• مون تي

جيڪي زنجير وڌا ويا آهن

تن کان ٿي سگهان ٿي آزاد

ڇو ته اِهي زنگجي ويا آهن

۽ سٽ هڪڙيءَ سان ٽُٽي ٿا سگهن

پر هاڻ،

مان پاڻ

انهن کي ٽوڙڻ نٿي چاهيان

ڇو جو مان

انهن جي عادي ٿي وئي آهيان!

 

• وڻندڙ پل

وقت جي رڳن ۾

ڊوڙندا پيا وڃن

۽ مان

چاهيندي به

روڪي نٿي سگهان

نٿي ڄاڻان

وقت جي شهه رڳ

ايندي ڪڏهن

مُٺ منهنجيءَ ۾!

 

• سُڪو سيءُ

ٻاهر مينهن

اندر ۾ آڳ

انڌيري رات

لائيٽ آف

ڪمري ۾

بستري تي

توکان پري

مون سان گڏ

صرف تنهنجو خيال!

ڊپ!

توکي چنڊ چوندي

مون کي ڊپ ٿئي ٿو

ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن

چنڊ گرهڻ ۾ اچي ٿو!

پارس عباسي

وائي

لهندڙ سج تڪيندا آهيون،

ڇڻندڙ پن ڳڻيندا آهيون –

شام جو هيکل ٿيندا آهيون!

آکيرن ڏانهن ورندڙ پنڇي،

ڪِرندڙ پکَ جهٽيندا آهيون –

شام جو هيکل ٿيندا آهيون!

پاڻيءَ تي ڪي ليڪا پائي،

پنهنجو درد ونڊيندا آهيون –

شام جو هيکل ٿيندا آهيون!

اوسيئڙن ۾ نيڻ وڇائي،

ننڊ جا پير جهلنيدا آهيون –

شام جو هيکل ٿيندا آهيون!

سيءَ ۾ ٻارن سان گڏ ليٽي،

ڳالهه ڊگهي پکيڙيندا آهيون –

شام جو هيکل ٿيندا آهيون!

جيون ڄڻ ڪيڏارو!

جيون ڄڻ ڪيڏارو ٿي پيو،

توبن سڀ ڪجهه ڪارو ٿي پيو.

موتيا، مُگرا، ڏينڀن جئن ها،

کُورو هي اونهارو ٿي پيو.

چَڪو، ڏوڪا، اَنب ڦِڪا ها،

هيل مِٺُو ڀي کارو ٿي پيو.

ڪئن سمجهان ۽ ڪيئن مڃان مان؟

بابل اُڀ جو تارو ٿي پيو!

’همير‘ پڇيو پئي: نانا بابا؟!*

جانب روئڻهار ٿي پيو.

غزل

باغ ڪيڏو ڀريل!

آءُ پوپٽ ڪوجهل!

نيڻ منهنجا تلاءَ،

مُرڪ تنهنجي ڪنول.

مَنَ – هرڻ، کينچلو،

ياد، سائو جبل.

ڏينهن ۽ رات ڄڻ،

تنهنجو گجرو، ڪجل.

ڪيڏي خوشبو گهلي،

ڪنهن جو پيرو پيل.

پينگهه انڊلٺ سندي،

جهولي تازو غزل.

علي آڪاش

نظم

رهگذر حد نظر

جڳمڳائي

روشنيءَ سان

سُر ملائي

گيت ڳائي

ڪو ملڻ جو

دل ڏيڻ جو

دل ڏيڻ جو

دل وٺڻ جو

ڇا نه پياري رات آ

هُو ستارن سان ڀريل

ڪيڏو کليل

نير جهڙو آسمان

جيئن شاعر جو جهان

بس ڇا چوان؟

۽ معطر واءَ ۾

ڪو نئون اسرار آ

ڄڻ ته پوئين

ڪنن جنم جي بات آ

يا ته چئجي

جيئن ڪو پنهنجو پري ۽ اوچتوئي

يادگيريءَ ۾ وري

سڀ سپني جان سري.

بيدمشڪن جي مٿان

سانوڻيءَ جو

چنڊ پهريون

منڊ پهريون

من اُکولي

اَکِ ڳولي

همسفر ڪا همنفس

جئن ندي اڄ نرم سير

ڪئن کڻي ٿي پير پير

ايئن هوءَ هوري اچي

ڀرم سڀ ڀوري اچي

اوري اچي!

اوري اچي!

اوري اچي!


[1] * ”پارس“ جو پنهنجو پيءُ تنوير عباسيءَ ڏانهن اشارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com