سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004ع (اونهارو)

مضمون

صفحو :20

تنوير عباسي پنهنجي مضمون ”جديد سنڌي شاعري“ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي ڇهن خصوصيتن سان ٻين خصوصيت ”انفراديت“ بيان ڪئي هئي. ان کانپوءِ هُو جديد سنڌي شاعريءَ ۽ روايتي شاعريءَ جو ٻيو نمايان فرق ”ماحول“ جو ڄاڻائي ٿو. هو لکي ٿو:

”شاعري دنيا جي ڪنهن به حصي جي هجي، ان جو تعلق انسان جي بنيادي جبلتن – مثلاً سونهن سان پيار، وطن دوستي، زنده رهڻ جي چاهنا، وغيره – سان آهي… هر قوم جي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ اظهار انهن ئي بنيادي جبتلن جي نشاندهي ڪندو آهي ۽ ان قوم جي جغرافيائي، تهذيبي، معاشرتي ۽ نفسياتي صورتحال سان وابستا هوندو آهي.“

(”مهراڻ“ 4- 3/ 1965 – ص: 263)

تنوير عباسي ان ڏس ۾ اڳتي هلي وڌيڪ لکي ٿو ته:

”اڄوڪن شاعرن ”روايتي حسن“ ۽ ”مطالعي“ جي سهارن کي ڇڏي، پنهنجي مشاهدي جي قوت کي تيز ڪيو آهي ۽ پنهنجو احساس وڌيڪ اونهو ڪيو اٿن. سندن شاعري سرنهن جي گل جي سڳنڌ ڦهلايو ڇڏي، اونداهين راتين ۾ ٽانڊاڻا جهرمر لايو ڏين، ڪونجن جا ولر خيال جي اُفق تي ڦڙ ڦڙ ڪريو اُڏامن ۽ سنڌوءَ جون لهرون سندن احساسن ۾ اُٿل پٿل پيدا ڪريو ڇڏين.“

ان ساڳي ڳالهه کي تنوير عباسي ”هري دلگير“ جي نظم تائين کڻي وڃڻ لاءِ هنن لفظن ۾ Continue رکي ٿو ته:

”هنن جي شاعري بنديخانن ۾ليئا پائي، قيدين جي حالت ڏسيو اچي، بلڪ قيديءَ جي اندر ۾ پيهي سندس جذبا پڻ ڪڍيو ٻاهر ڪري.“

گهنٽيءَ سان هِت صبح ٿئي ٿو، گهنٽيءَ سان هِت شام ٿئي ٿي،

وقت ڦري اطلاع ڏئي ٿو، گهنٽي ڪيڏا رنگ رچي ٿي!

ننڍڙي گهنٽي، گهنٽي شاهي

پر دل ۾ هردم اونداهي:

اچ وڃ، اچ وڃ، پهري واري، اونداهيءَ ۾ آءُ ٻڌان ٿو،

روشن آ يا رات اونداهي، اُڀ کي پورو ڪين پسان ٿو!

(هري دلگير)

(”مهراڻ“ 3- 4/1965 – ص: 264 – 263)

…ته گويا تنوير عباسي ”اڄوڪن شاعرن“ – جديد شاعري ڪندڙ، جديد شاعرن جي سٿ ۾ ”هري دلگير“ کي شامل سمجهيو ۽ گهڻي اهميت پڻ ڏنائين. اها هڪ حقيقت آهي ته شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي به تجربا ڪري ٿو سي پاڻ ادبي ميدان ۾ گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ شاعري جي شاعراڻي اهميت وڌائڻ جو ڪارڻ پڻ بڻجن ٿا. ”دلگير“ پنهنجي شاگريءَ ۾ نون تجربن جي شروعات 1955 ڌاري ”ترائيل“ لکڻ سان ڪئي. ”اهو ساز“ ۽ ”حسين موت“، هن جا اُهي ٻئي ”ترائيل“ مهراڻ 1956 جي پهرئين پرچي ۾ ڇپيا هئا ”نيونطرزون“ جي عنوان ۽ ان نوٽ سان:

”ترائيل فرانس جي مشهور نغمي جو قسم آهي، ائين، جيئن انگريزيءَ ۾ ’سانيٽ‘ لکيو ويندو آهي. هيٺيان ٻه نظم ’ترائيل‘ جي نموني لکيا ويا آهن.“

(”مهراڻ“، 1- 1956، ص: 51)

انهن مان هڪ ترائيل ”اهو ساز“ آءُ هِت ڏيان ٿي:

اهو ساز

اچ ته هِي ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڇيڙي ڏس –

ڪَل اٿي، سازُ اهو اڄ نه سڀاڻي ٽُٽندو!

 

ساهه وجهه صحرا ۾، نغمن جون ڪليون ٽيڙي ڏس –

اڄ ته هي ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڇيڙي ڏس.

 

جابجا سُرَ ٿِي پکيڙيل، سي هينئر ميڙي ڏس –

پنهنجو آواز اهو اڄ نه سڀاڻي ٽُٽندو.

 

اڄ ته هي ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڇيڙي ڏس –

ڪَلَ اِٿي، ساز اهو اڄ نه سڀاڻي ٽُٽندو!

(”مهراڻ“، 1- 1956 – ص: 51)

ان ريت جديد سنڌي شاعريءَ کي تجربن جي ”نئين سوکڙي“ ڏيندڙ شاعر ”هري دلگير“ آهي. اهڙيءَ ريت ”هري دلگير“ جو ”للت پد“ لکڻ جو تجربو پڻ گهڻي اهميت رکي ٿو، ”دلگير“ ”للت پد“ جي صنف بابت پاڻ ئي لکي ٿو ته:

”للت پد دوهي جو وڏو ڀاءُ آهي، للت پد جي پهرين سورهن ماترائن مان ٽي ماترائون ڪڍبيون ته اهو دوهو ٿي پوندو. انهن ٽن ماترائن کانسواءِ دوهي ۽ للت پد ۾ ڪوئي به فرق ڪونهي. منهنجو شخصي رايو آهي ته للت پد ۾ دوهي کان وڌيڪ رواني ۽ مڌرتا آهي. ڪجهه للت پد شيخ اياز به لکيا آهن، جن کي هن دوهي جو نالو ڏنو آهي، جو غلط آهي. پر اها حقيقت آهي ته للت پد کي دوهي ۾ سهوليت سان بدلائي سگهبو آهي، ڇو ته انن ۾ صرف ٽن ماترائن جو تفاوت آهي.“

(هري دلگير – ”لهرن لک لباس“ ص: 2)

”دلگير“ جا لکيل ڪيترائي مڌرتا سان پُر ۽ سرلتا ۽ سجلتا سان سينگاريل ’للت پد‘ آهن، جن جو موضوع پڻ ڪيڏو نه حسين آهي – هڪ ڪويءَ جو موت!

”مرنداسين ته کڻي وينداسين، هڪڙي دل بيتاب،

تنهن سان گڏ ڪي گيت اڌورا ۽ اڻپورا خواب.

*

مرنداسين ته کڻي وينداسين، وري جيئڻ جي آس،

جوت نئين ڀر بي هن جڳ ۾، نوان نوان وشواس.

*

آءُ مران ته مون کي تون پنهنجو يار ڪري سڏجانءِ،

منهنجا ڳڻ ڳالهيون ئي ڳائج، اوڳڻ معاف ڪجانءِ.

*

آءُ مران ته هٿن ۾ ٿورا پشپ کڻي اچجانءِ،

شرڌا سان نه، ته رسم ڪري ئي لاش مٿان ڌرجانءِ.

*

آءُ مران ته ڪويءَ پنهنجي کي ”ڪوتا – مانُ“ ڏجانءِ،

جسم جلائڻ کان اڳ منهنجي ڪا ڪوتا پڙهجانءِ.

اڄ آءُ هن جون گُڻ ڳالهيون ڳائيندي، لفظن جا ڪي پُشپ کڻي هُن کي آڇيندي، هن جون ڪيئي ڪوتائون پڙهان ٿي ۽ اُنهن تي لکان ٿي – ڇو ته هڪڙي شاعر جي اُتي اِڇا اهائي آهي ته هن جي ڪوتا پڙهي وڃي - ۽ ائين ان ڪوتا کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهڻ کپي. اُن ڪوتا کي پڙهڻ، اُن تي ڳالهائڻ ۽ اُن بابت لکڻ وسيلي ئي اُن جي ٻولي زنده رهندي ۽ اُن سان گڏوگڏ اُهو شاعر ۽ سندس شاعري پڻ صدين تائين زنده رهندي. ائين ئي شاعر پنهنجي ٻوليءَ ۾ ۽ ٻولي پنهنجي شاعر ۾ زنده رهي ٿي، ۽ اُن کي ئي شاعريءَ ۾ دائميت جو عنصر چئجي ٿو. اِن ريت شاعريءَ کي هر نئين دور جو نئون انسان پڙهندو رهي ٿو ۽ اُن کي پڙهندو رهڻ کپي. آءُ ”دلگير“ کان اڌ صدي پوءِ جي هڪ شاعر شرڌا طور هن جي آخري رسمن کان اڳ، هن جي ڪوتا پڙهان ٿي. آءُ اهو پوري يقين سان چوان ٿي، ته ”دلگير“ جي شاعري تاڃي پيٽي پَٽ آهي. - ۽ هُو اول آخر شاعر آهي، انڪري ئي يقين اٿئون ته هُو ’پرلوڪ‘ ۾ به گيت ئي لکندو هوندو:

”اگر پُڇن ڪي ميت،

چئجو هو پرلوڪ ۾ -

لکندو آهي گيت!“

مددي ڪتاب

(1)         هري دلگير، ”لهرن لک لباس“، آديپور ڪڇ، 1993

(2)        ڀڳوان نردوش – ”هري دلگير – هڪ اڀياس“، احمد آباد 1992

(3)        ”مهراڻ“ اونهارو 1955، سنڌي ادبي بورڊ

(4)        ”مهراڻ 2/ 1956، سنڌي ادبي بورڊ

(5)         ”مهراڻ“ 4- 3/ 1965، سنڌي ادبي بورڊ.

هري درياني ”دلگير“

”مهراڻ“ جي موج

سنڌوندي ڪئن ٿي وهي؟

 

ٽَهه ٽَهه ڪندي، ڦهه ڦهه ڪندي،

ٻَهه ٻَهه ڪندي، چهه ڪندي،

گڙ گڙ ڪندي، بَڙ بَڙ ڪندي،

نت ڦڙڪندي، نت ڀڙڪندي،

هئن رعد وانگر رڙ ڪندي،

هئن برق وانگر ڪڙڪندي،

گهوگهاٽ سان، سوُساٽ سان،

سرڙاٽ سان، فرڙاٽ سان –

وڻ ٽڻ اکڙيندي اچي،

پٿرن کي ٿيڙيندي اچي،

ڄڻ ڏند ٽيڙيندي اچي،

وحشت پکيڙيندي اچي،

ٽڪرن کي ٽوڙيندي اچي،

ٿي جاءِ جوڙيندي اچي،

ڳوٺن کي ٻوڙيندي اچي،

بستين کي لوڙيهندي اچي،

گج کي نچوڙيندي اچي،

ڏڌ کي ولوڙيندي اچي،

مستي اجهل کڻندي اچي،

هنبوشيون هڻندي اچي،

طوفان سان لڙهندي اچي،

راڪاس سان لڙندي اچي،

راڪاس جا رڙندي اچي،

چيڙاڪ جان چڙندي اچي،

ميخوار جان ٿڙندي اچي:

ڌرتيءَ تي شور و غُل ڪندي،

هيهات وارو هُلُ ڪندي،

ڪٿ قرب مان قلقُل ڪندي،

مستي مزو بلڪل ڪندي –

ڪشمير مان ڪهندي اچي،

جنت منجهان لهندي اچي،

پنجاب مان وهندي اچي،

ڄڻ خواب ۾ رهندي اچي،

سنڌڙي سنواريندي اچي،

گڏجي گذاريندي اچي،

نرتئون نهاريندي اچي،

جُڳ جُڳ جياريندي اچي،

رڳ رڳ کي ٺاريندي اچي،

جذبا اُٿاريندي اچي،

جيون اڀاريندي اچي،

هڪ جوت ٻاريندي اچي،

غوراب تاريندي اچي،

ماڻهو اُڪاريندي اچي،

ڏُڌ کير هاريندي اچي،

سڀڪجهه ڏياريندي اچي؛

گجندي اچي، ڀڄندي اچي،

نچندي اچي، ٽپندي اچي،

ڪاوڙ مان ڪاهيندي اچي،

سيني کي ساهيندي اچي؛

ڍينگا ئي ڊاهيندي اچي،

ڪٿ چُپ کي چاهيندي اچي،

ٿي ٻيٽ ٺاهيندي اچي،

بئريج مان وهندي اچي،

سَو سورَ ٿي سهندي اچي،

سبزي رچائيندي اچي،

رنگت لڳائيندي اچي،

گل ڦل کِلائيندي اچي،

جنت بڻائيندي اچي؛

ٿِي گيتَ ڳائيندي اچي،

سُرندا وڄائيندي اچي،

نچندي نچائيندي اچي،

کِلندي کِلائيندي اچي،

دامن اُڏائيندي اچي،

دامن ڇَڏائيندي اچي،

ڦينگون بڻائيندي اچي،

موتي وسائيندي اچي،

گج ڦِيڻ لائيندي اچي،

بادل بڻائيندي اچي،

موجون مچائيندي اچي،

رانديون رچائيندي اچي،

ڳالهون ٻڌائيندي اچي،

گانا سڻائيندي اچي:

کن ۾ ٿِي جوڙي ڦوڪڻا،

کن ۾ ٿِي ٽوڙي ڦوڪڻا –

تن کي نچائيندي اچي،

تن کي اُڏائيندي اچي،

تن کي بڻائيندي اچي،

تن کي مَٽائيندي اچي:

هِي زندگيءَ جو راز آ،

ڪيڏو عجب انداز آ!

هِي زندگيءَ جو ساز آ،

ڪيڏو سٺو آواز آ!

مطلب ته پنهنجي موج سان،

عظمت عجائب اوج سان،

ڪشمير ۽ پنجاب مان،

گرداب مان ۽ خواب مان،

پڻ سنڌ جي واديءَ منجهان –

خوشنود آباديءَ منجهان.

سنڌو ائين ڪهندي اچي،

لهندي اچي، وهندي اچي.

[1956ع]

نصير مرزا

”لهرن لک لباس“

[1999ع جي ڊائريءَ ۾ لکيل ڪي نوٽس]

- شيخ اياز (1923ع)، نارائڻ شيام 1922ع)، هري دلگير (1916ع) ۽ تنوير عباسيءَ (1934ع) جهڙا شاعر ڪنهن به هڪ ئي صديءَ ۾ صرف هڪڙو دفعو ئي پيدا ٿيندا آهن… ۽ هري درياني دلگير توڻي جو شيخ اياز صاحب، شيام ۽ تنوير کان ڄمار ۾ وڏو هو، ۽ هو ته ڪشنچند ”بيوس“ جو جوڙ، پر پنهنجي رنگ آهنگ ۾ پاڻ کي ’بيوس‘ جي شاخ مان ڦٽي نڪتل ڦول سڏرائيندو هو. شيام صاحب ته دلگير صاحب کي ان حد تائين خراج ڏنو آهي ۽ چيو اٿس: ”دلگير جي مِٺي ٻوليءَ جو منهنجي شاعريءَ جي موجوده روپ ريکا تي ته وڏو ئي اثر آهي.“ ”دلگير، بيوس جي ڏات جو صحيح وارث آهي“، اِهو هن لاءِ گوبند مالهيءَ چيو آهي ۽ اهو به ته ”هن اُن ورثي ۾ اضافو به آندو آهي.“

-  ”لهرن لک لباس“ … دلگير صاحب جو شعري مجموعو 1993ع ڌاري شايع ٿيو. مارچ 1998ع تي هري دلگير صاحب پاران اهو اسان جي ناشاد صاحب وٽ پهتو هو ۽ 1999ع جي مارچ ۾ اجهو مطالعي جي بهاني سان، منهنجي هٿن ۾ آهي.

-  1993ع ۾ شايع ٿيڻ کان وٺي 1999ع تائين، منهنجي هٿن تائين پهچندي، ڪيترو ڪجهه آئوٽ ڊيٽيڊ ٿي ويو آهي. هن مجموعي مان ؟… ڪجهه به نه! سڀڪجهه، سنڌ جي باغن ۾ ٽڙيل گلاب جي گلن جيان هٻڪاريل ئي ته آهي!

-  دلگير صاحب هن مجموعي جي ڪوتائن بابت لکيو آهي ته ”گذريل پنجن ڇهن سالن ۾ گهمندي ڦرندي پڙهندي ٻڌندي جيڪي اُڌما من ۾ پيدا ٿيا، اُهي ٻن يا ڏيڍ سٽن جي پتڪڙين ڪوتائن ۾لکندو ويس…“

-  اڳتي، اهڙي تحرير ۾، دلگير صاحب، پنهنجن اُنهن ڪوتائن کي ’مِني ڪوتائون‘ به سڏيو آهي ۽ اُنهن جي مختصر انداز ۾ لکڻ جو جواز ڏيندي لکيو آهي: ”هن ڀڄ ڀڄان جي زماني ۾ لنبين رچنائن پڙهڻ جو وقت شايد ئي ڪنهن کي هوندو!…“

-  ۽ اُن وضاحت بعد، ڪتاب ۾ اڳتي وڌي ڏٺم ته دلگير صاحب ٻه صنفون متعارف ڪرايون آهن: ”للت پد“ (دوهي نما) ۽ ”هائڪا“ (للت پد معنى ٻن سٽن جو شعر ۽ بقول سندس، اها صنف دوهي جي وڏي ڀاءُ وانگر آهي).

-  مجموعي ۾، دلگير صاحب پاڻ کي هڪ ’پراُميد شاعر‘ ڄاڻايو آهي ۽ صحيح ڄاڻايو آهي: ”آشا – منهنجو اصول، آدرش ۽ سپنو آهي ۽ اِهو سونهري سپنو مون کي اُپنشدن، شاهه، ٽئگور، بيوس، شيلي ۽ والٽ وِٽمن کان مليو آهي.“

-  ۽ هي سڀ ڪوتائون آشا جي ڌاڳي ۾ پوتل آهن. مهراڻ ۾ لک لباس آهن، پر پاڻي تي سڀن ۾ ساڳيو ئي هوندو آهي.

-  اجهو 1993ع تائين شايع ٿيل هن مجموعي جو خالق ”دلگير“ (جيڪو لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺڻ کانپوءِ هاڻي – ڪڇ ڀڄ ۾ آديپور واسي آهي)، جنهن جا لڳ ڀڳ اَٺ شعري مجموعا ته مون به ڏٺا ۽ پڙهيا آهن.

-  دلگير صاحب جي ڪوتا جي دلڪشي، هن جا خيال، بندش جي چُستي، شبدن جي لساڻ، ڌيمو ۽ شانت لهجو ۽ اُن ۾ ڪنهن نديءَ جهڙي سهج رواني – اُنهن سڀني مون کي گهڻو موهيو.

 

سڀ ساٿي ويا ڇڏي اڪيلو، ڏيئي جهوري جهانءِ،

ڪوتا ڪن ۾ ڀڻڪي ويئي، مان جو هت آهيانءِ.

 

-  پنهنجي پهرين شعري مجموعي ”ڀنور ڀري آڪاس“ ۾ شيخ اياز جي ڪجهه دوهن جون پهريون سٽون هنن شبدن سان شروع ٿين ٿيون.

”مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي……“

دلگير صاحب پڻ اُن ڏانءُ سان ڪي ’دوها‘ لکيا آهن:

مرنداسين ته کڻي وينداسين، هڪڙي دل بيتاب،

تنهن سان گڏ ڪي گيت اڌورا ۽ اڻپورا خواب.

 

مرنداسين ته کڻي وينداسين، وري جيئڻ جي آس،

جوت نئين ڀربي هِن جڳ ۾، نوان نوان وشواس.


امداد حسيني

لفظ نه آهن کيڏوڻا…!

31 – جنوري 2004ع تي، بدين ۾، ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ پاران، پنهنجي ئي ڇپايل ڪتاب ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ جي منهن مرڪڻي پڌرائي ٿي. پهرين فيبروريءَ جي ”ڪاوش“ ۾ اُنهيءَ پڌرائيءَ جي خبر ڇپجي. اُنهيءَ ۾ جيڪي لفظ مون سان منسوب ڪيا ويا، اُهي منهنجا نه هئا. مون ائين قطعي نه چيو هو ته ”مون جڏهن عربي ٻوليءَ کي سنڌي مزاج موجب (!) آندو ته مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ مان رهنمائي حاصل ڪئي.“ عربيءَ کي سنڌي مزاج موجب آڻڻ جو ته مون کي مطلب به ڪو نه ٿو اچي. اصل ۾ مون چيو اِهو هو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهو مسئلو رهيو آهي ته عربي، فارسي لفظ پنهنجي اصل صورت/ اُچار موجب ڪتب آڻجن! مون اُن ڏس ۾ مولانا حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ مان مثال ڏيندي چيو هو ته ”مولانا حاجي احمد ملاح عربي ۽ فارسي لفظ سنڌي مزاج پٽاندر ڪتب آڻي ٿو، جيئن: حڪم [حه/ڪم]، حسن (حه/سن]، عقل [عه/قل]، مدعا [مدا]، نظم [نه/ظم] وغيره.“ عروضي شاعريءَ ۾ ۽ خاص ڪري غزل جي شاعريءَ ۾ اهو ڪيتي رقدر جائز آهي؟ اهو پنهنجي جاءَ تي هڪ سوال آهي.

مولانا حاجي احمد ملاح اسان جي دور جو هڪ اهم شاعر آهي ۽ هن جي شاعريءَ جي به اهميت آهي ۽ اها اهميت انڪري نه آهي ته ”محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، غلامحسين رنگريز، ويڳاڻو سنڌي ۽ ارشاد ساگر اُن جو تسلسل آهن يا بلبل کورواهي  ۽ آڪاش [انصاري] کان وٺي فراق هاليپوٽي تائين هن جو اثر قبولي شاعريءَ جي ميدان ۾ آيا آهن.“ پر مولانا حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ جي اهميت ۽ عظمت جا ثبوت صرف ۽ صرف سندس شاعري ئي فراهم ڪري سگهي ٿي.

ساڳئي وقت محمد خان مجيدي جو انداز بلڪل مختلف آهي. غلام حسين رنگريز جي پنهنجي رنگريزي آهي. مولانا حاجي احمد ملاح کي مون ڪو نه ڏٺو، نه ئي ڪڏهن سندس شاعري کانئس ٻڌي. البت مون کيس پڙهيو ضرور آهي. سندس ڪلام ڳائجندي ٻڌو به آهي، خاص طور تي ”مائي کنڊل“ [جيڪا نانا حافظ شاهه جي هڪ خاص ڳائڻي عيسي شيديءَ جي پوٽي هئي] جو ڳايل ڪلام:

اک ڪنءَ اڙي اکين سان،آرام آم سامهون،

باغ و بهار ڀيڙا، بادام آم سامهون.

بابا (سيد فضل محمد شاهه) کي ڏاڍو وڻندو هو! کيس الاءِ کنڊل جي آواز/ نرت / انداز جي ڪري اُهو ڪلام وڻندو هو يا …! پر مون ”مجيدي“ کي ڏٺو به ٻڌو به. ذاتين تي لکيل سندس نظم هڪ شاهڪار نظم آهي. هن جي شاعري قوم پرستيءَ جي رڱ ۾ رڱيل آهي. اِهائي هن جي انفراديت پڻ آهي. ابراهيم منشيءَ جي بيتن جي پسمنظر ۾ لطيف جو گهرو اڀياس آهي. هن جي شاعريءَ جو بنيادي محرڪ ساڻيهه جي سڪ ۽ اُڪير آهي ۽ ان ۾ سُر جي آميزش پڻ آهي. ان ريت رنگريز ۽ آڪاش جي شاعري ۾ قوم پرستيءَ جي رڱ سان گڏوگڏ ترقي پسندي جي سڳنڌ به آهي، ته جدت جو آڪار پڻ. اُنهن جا پنهنجا گهاڙيٽا ۽ پنهنجا موضوع ۽ پنهنجو منفرد لهجو آهي. اُنهن کي مولانا حاجي احمد ملاح جي تسلسل چوڻ سان ملاح جي اهميت وڌي ڪانه ٿي، بلڪ انهن شاعرن جي حيثيت متاثر ٿئي ٿي!

ادب ۾ جتي هر ڪنهن کي ڪا راءِ رکڻ جو حق آهي. اُتي اُن راءِ سان اختلاف ڪرڻ جو به هر ڪنهن کي حق آهي. مولانا حاجي احمد ملاح کي هڪ ”موهحد شاعر“ قرار ڏنو ويو آهي ۽ صحيح قرار ڏنو ويو آهي. ٿي سهي ٿو ته ڪن وٽ مولانا ملاح جي عظمت جو اهو به هڪ دليل هجي!

مولانا حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت انهيءَ ڪتاب ۾ ڪافي مواد آهي. علامه غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خن بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، عبدالواحد آريسر، تاج جويي، محمد اسماعيل ميمڻ، محمد صديق مرهم، شوڪت شوري ۽ ٻين جا ليک انهيءَ ڪتاب ۾ شامل آهن ۽ سڀني کيس دل کولي داد ڏنو آهي. شوڪت شوري پنهنجي ليک ۾ لکيو آهي:

”مولوي حاجي احمد ملاح سنڌي زبان جو هڪ وڏو عوامي شاعر آهي.“ [ص 200]

مولانا غلام محمد گراميءَ ”ملاح“ کي ”ڪامل الفن شاعر“ سڏيو آهي:

”لاڙ جي سرزمين اهڙي باڪمال شاعر جي فن تي فخر ڪري سگهي ٿي.“ [ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل]

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ليک ۾ مولانا حاجي احمد ملاح جي ٻوليءَ بابت ”مشڪل پسنديءَ، عام فهم ۽ سليس“ جا اصطلاح ڪتب آندا آهن ۽ ”اها مشڪل پسندي فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ آهي.“ ڊاڪٽر جوڻيجو به ان راءِ جو آهي ته:

”مولانا حاجي احمد ملاح کي جيڪڏهن لاڙ جو عوامي شاعر چئجي ته وڌاءُ بلڪل نه ٿيندو.“ [ص 103]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com