نظم
سک سپني جو سندر پاڇو،
لُڙڪ مُرڪ جو گاڏڙ پاڻي،
”جيون“ آهي.
سانجهي سهڙي ڀڳتڻ ڀانيو،
ڪلس مندر جو جَڳُ مَڳَ جَڳُ مَڳُ،
”تارو“ آهي.
شڪتيءَ، آنند، مَنَ مُڪتيءَ لئه،
جنم جنم کان ڪيڏي پياسي،
”دنيا“ آهي.
شِوَ جي مندر ۾ خاموشي،
هر دروازي آڏو دل جو،
”دريا“ آهي.
”حبدار“ سولنگي
غزل
اسين جي گم ٿي وياسين، ته ڪير ڳوليندو،
جي توکان ڪين لڌاسين، ته ڪير ڳوليندو!
•
سرءُ جي زرد هوا آهه ۽ اڪيلائي،
ٿي پَنُ پَنُ ڇڻياسين، ته ڪير ڳوليندو!
•
وشال سمنڊ ڏکن جو هو پنهنجي چوڌاري،
اڪيلا تنهن ۾ ٻڏياسين ته ڪير ڳوليندو!
•
اِهو جنون اسان کي رُلائي ماريندو،
ڪٿي جي ڪين رُڪياسين، ته ڪير ڳوليندو!
•
اُداس عشق جي لمبي سفرَ ۾ هئن هيکل،
سڄي حيات هلياسين، ته ڪيرُ ڳوليندو!
ظهير زرداري
غزل
ڇتيون، ڀتيون ۽ در تنهنجو آ،
منهنجي دلڙي! گهر تنهنجو آ.
ڇو نه اچان مان توڏي ڇڪجي،
رنگ ۽ خوشبوتر تنهنجو آ.
آءُ پڙهان ٿو چُميو چُمان ٿو،
آيو اڄ ڪاڳر تنهنجو آ.
ڏسندي ڏسندي ڪو نه ٿو ڍاپان،
سُونهن ڀريو منظر تنهنجو آ.
آءُ ”ظهير“ اُڃايل آهيان،
ڍنڍ، ندي، ساگر تنهنجو آ.
پُشپا ولڀ
(1) هڪ ڪوتا بابا جي نالي
ڪيترا ڏينهن، مهينا، سال ٿي ويا
توهان ڪيترو چيو
مون ڪيترا خط لکيا
(ڪي به نه)
ڏوهه سڀ منهنجو هو
لکي سگهان پيئي،
پر ڪڏهن وقت سازگار نه هو،
ڪڏهن ماحول.
الائجي ڪيتريون گل مهر جون موسمون آيون
۽ هليون ويون
من جي موسم ساڳي رهي.
پر من اهو ساڳيو آهي
قلم اهو ساڳيو آهي
چاهه اهو ساڳيو آهي
پر خانن ۾ ورهايل زندگيءَ ۾
وقت ورهايل آهي
ڪلاڪن، منٽن ۽ سيڪنڊن ۾
مجبورين، ذميوارين، ۽ فرضن ۾
ڪڏهن ڪڏهن اُن ۾
من لاءِ ڪٿي به وقت ناهي
لکڻ جو ڪو به وقت ناهي.
(2) خوابن جا رنگين پکي اڏامي ويا آهن
طبيعت ۾ بدلاءُ قدرتي آهي
آهستي پر مسلسل
ڪرندڙ برف وانگر
اوچتو
ڪارا وار اڇن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا
پيشانيءَ ۽ اکين جي چؤگرد
هلڪيون هلڪيون لڪيرون
گذري ويل وقت جا پيرا ڏيکارين ٿيون.
بلڪل تيز، گرم، جلائي ڇڏڻ واري مان
نيم گرم ۽ سانتيڪي بڻجي وڃان ٿي
صبر اچي وڃي ٿو، بيچينيءَ بدران
پنهنجي پيءُ، ماءُ جي
ڪاربان ڪاپي بڻجي وڃان ٿي مان
طبيعتن ۽ سڀاءُ ۾
هلت ۾، روش ۾
ڳالهائڻ ۾ ۽ سمجهائڻ ۾
ڌيري ڌيري، رفته رفته
چاهيندي/ نه چاهيندي
هڪ طبيعت ٻيءَ طبيعت ۾ جذب ٿي وڃي ٿي.
خوابن جا رنگين پکي
جن ڪڏهن اسان جي درين ۾
آکيرا ٺاهي گيت ڳايا هئا،
بدلجندڙ موسمن ۾
بهتر منزلن جي تلاش ۾
اُڏامي ويا آهن!
(3) خوشي ته بس خوشي آهي
خوشين جو نه ڪوئي حساب آهي
نه طريقو
نه سبب
نه ميڊيم
خوشي ته بس خوشي آهي!
پريکشا ۾ پاس ٿيڻ جي
خوشي به ٿي سگهي ٿي
پر انهيءَ جو رنگ
پاڻيءَ ۾ مليل رنگ مان
مٽجي
خوني ريٽو رنگ بڻجي وڃي ٿو
اها خبر مون کي نه هئي
بچائڻ جو نه وسيلو
نه طريقو
نه سبب
۽ ڪونڌر ڪسجي وڃي ٿو.
سحر امداد
تون، مان ۽ هوءَ
منهنجو ته توسان عشق
تڏهن ئي شروع ٿيو هو
جڏهن تون اڃا منهنجي گرڀ ۾ هئين
۽ مان پنهنجي کُليل اکين ۾
تنهنجي روشن چهري جون ڌنڌليون ريکائون
جوڙيندي هئس
۽ هڪڙو مُکڙيءَ جهڙو مُکڙو
منهنجي اکڙين آڏو
مُرڪي ٽڙي مهڪي پوندو هو
۽ مان پنهنجي هڪڙي هٿ سان
پنهنجي پيٽ جي گولاين کي ڇُهندي هئس
ته ڄڻ
ڌرتيءَ جون سموريون وسعتون
منهنجي هٿ تريءَ جي پکيڙ ۾
سمائجي وينديون هيون
۽ مان جڏهن به تُنهنجو تصور ڪندي هئس
ته منهنجي اکين ۾
مائيڪل اينجلو جو گهڙيل
Muses
جو بُت
پنهنجي سموري مردانگيءَ سان جاڳي پوندو هو
۽ مان تنهنجي پيءُ ۽ ’موسز‘ جون مشابهتون
پنهنجي اِندرين جي شڪتيءَ سان تو ۾ ڳولهڻ لڳندي
هئس
تون جو منهنجي گرڀ ۾ هڪڙي گهرڙي ۾
پنهجون اکيون، پنهنجا چپ ۽ پنهنجو نڪ
۽ پنهنجو چهرو،
پنهنجون ٻانهون، پنهنجا پير ۽ پنهنجو خاص انگ
پنهنجو سارو قد ۽ مد
۽ پنهنجو سارو تن ۽ من
اُن هڪڙي ننڍڙي گهرڙي ۾
ڪيئن نه لڪايو ويٺل هئين
تنهنجي انگ انگ جو هرڪو ونگ
مون پنهنجي ڀرپور تصور جي پوري سگهه سان ٺاهيو هو
پر مون کان شايد غلطي ٿي وئي
جنهن دل کي مون ڌڙڪڻ بخشي
سا دل اڄ
منهنجي لاءِ نٿي ڌڙڪي
ان دل جي هر هڪ ڌڙڪڻ ۾
”هوءَ“ ڌڙڪي ٿي
”هوءَ“ جا ”مان“ ناهيان!.
امداد حسيني
غزل
اِئين ئي هٿ جهلي هٿ ۾ اٽل وشواس لکنداسين،
پني تي مور جي پَر سان اجهل احساس لکنداسين.
اسان جي رات مَر ڪوري پني تي مس هجي هاريل،
اوهان جي نرڙ تي تارن جڙيل آڪاس لکنداسين.
ڪرشمو ڏات جو جيڪو به ٿيڻو آهه سو ٿيندو،
نِڪوري جسم جو لفظن ۾ وَن ۽ واس لکنداسين.
ملياسين ۽ کِلياسين، وڇڙِياسين ۽ رُناسين ٻئي،
انهيءَ موضوع تي ڀرپور هڪ اُپنياس لکنداسين.
اِئين من ابنِ مريم جي روايت کي رکون زندهه،
ٻيو ڪجهه ڪو نه لکنداسين، پني تي ٽياس لکنداسين.
زبان آهي ڪپيل چاهي، قلم آهي ڀڳل ڇاهي،
مُڇيل جي آڱريون تن سان نئون اتهاس لکنداسين.
ملاڪاتيار جي هڪ رات……!
ڇَڙپيس جي مشين هلي پئي، پَريان ڪٿان
ڇَڙپيس جي مشين جو آواز پيو اچي
تنها اداس رات ”ملاڪاتيار“ جي
[جنهن کي لکيو اياز ”ملاقات يار“ هو]
تارا اکيون ڇِنڀي رهيا ها آسمان تان
سڀ دوست گهر وِيا ته وِيا چنڊ پڻ کڻي
*
مسڪين، ساز، سوز، گدا، حيدري ۽ نِمُ
شبير ۽ سعيد ۽ غازي ۽ داغ، تاج
۽ ماستر، نظير ۽ خيام ۽ ملوڪ
سڀ يار شعر پنهنجا ٻڌائي هليا ويا
راڳي پنهون سمهي رهيو، يڪتارو پڻ سُتو
۽ ڪِرڙ لالٽين جي وٽ کي جَهڪو ڪري
”هُن“ کي وٺڻ ويو ته اڃا ڪو نه هو وريو
۽ رات جنءَ لڙي ته لڙيا لڙڪ ماڪ جا
اُن وير ڀاسِيوم ته هي وقت، فاصلو
ٻاهر ته ڪجهه به ڪو نه هو ڌرتي نه آسمان
تارا، نه چنڊ، دوست نه ڪا شاعري، نه هوءَ
جو ڪجهه به ڪونه هو ڌرتي نه آسمان
اُن پل الاءِ ڪيئن ائين اوچتو لڳو
ڇڙ-پِسَ جي مشين تي دل ۾ هلي پئي
ڇڙ-پِيسَ جي مشين جو آواز پيو اچي
سَڏُ هو پڙاڏ جي جو رهيو هو پَريان ڪٿان!
امداد حسيني
هڪ ڪوتا
”نِڀ تي نکيترَ
وينگس جي سورن ساريڪن هٿن سان
گهري نيري ٻانڌڻي تي
ٽانڪيل ٽِڪون
اوچتو
هڪ نکيتر کڙيو
۽ هِن جي نيڻن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ الوپ ٿي ويو!“
اُن ڪوتا جي وارتا
ڪيڏي نه کلڻ هاب آ
ته اُها
رات جو
پُٺيءَ ڀر پَٽ تي ليٽي
ٻانهن وهاڻو ڪري
نِکيترن تي نيڻ کُپائي
نه رچي وئي هئي
بلڪ ڏينهن تتي جو
ايئرڪنڊيشنڊ رُوم ۾
ٽيبل لئمپ جي روشني ۾
ڪوري ڪاڳر تي لکي وئي هئي
پر لڙڪن سان نه
[ڇو ته لڙڪ اڃا لهو نه بڻجي سگهيا هئا!]
نه ئي ڪپيل آڱرين سان
بلڪ [هُن جي ڏنل] شيفر پين سان
پارڪر بلئڪ اِنڪ سان
اُماس – جهڙالي رات جهڙي ڪاري مس سان لکي وئي هئي!
هُن هڪ نهار ڪوتا تي وڌي
اکر ڌنڌلا هئا
هن اکين تان عينڪ لاهي
ڪاوا اُگهيا
اکر اڃا به ڌنڌلا هئا
هن شرٽ جي ٻانهن سان اکين جي ڪنڊن کي اُگهيو
جتي نکيتر کڙي الوپ ٿي ويو هو
لڙڪ بڻجي ويو هو!
”ڇا اهو لڙڪ ’هُن‘ جي اکين ۾ به چمڪيو هو؟“
لمحي لاءِ هِن سوچيو هو
ڇا هِن اها – نکيترن، لڙڪن ۽ نيڻن جي – ڪوتا لکي
رڳو
ڪاڳر ئي ڪارو ڪيو هو؟
سو به آفيس جو ڪاڳر!
۽ آفيس جو وقت وڃايو هو؟
۽ آفيس جي لائيٽ ڪتب آندي هئي؟
۽ سڀاڻي – اخبارون ڀريون پيون هونديون هُن جي خلاف
خبرن سان!
امداد حسيني
پهريون نظم
رُکي مانيءَ جهڙو ڏينهن
جهيڻي ڏيئي جهڙي شام
خالي ٿالهيءَ جهڙي رات
سارا تارا جهڙا سَل
منهنجو ڳوٺ
پير اُگهاڙا پُٺ اُگهاڙي
اهڙو منهنجو آهي ڳوٺ
هر ڪنهن سَڏ تي جيءُ چوي ٿو
پوءِ به ٻوڏ ۽ ڦوٽ ٻڌي ٿي!
آئيندو!
منهنجا ٻارَ
ڏسن پيا ٽي – وي
ڪهڙي ٻوليءَ ۾
ڪير الائي ڳائي پيو
۽ هو اُن سان ڳائن ٿا!
حليم بروهيءَ لاءِ!
ليک لکي لک ڀل ته حليم
پاڻ ته آهيون مال غنيم
پنهنجن به لُٽيو ڌارين به ڦريو
هت سوئي ٿيو
جو تو نه گهريو جو مون نه گهريو!
شل!
منهنجي سِر تان
اُڀ لهي ته لهي وڃي
ليڪن تنهنجي مهر نظر
مون تان شل نه لهي!
خاص الخاص
توسان هر گڏجاڻي
هوندي آهي خاص
پر مان چاهيان ٿو
هڪڙي اهڙي گڏجاڻي
جيڪا خاص الخاص هجي!
ڌار ڌار!
ڌار ڌار ڪمرن ۾
هو سُتا پيا آهن
بسترو ڪفن آهي
۽ ڪفن ۾ هو ٻيئي
ڄڻ مُئا پيا آهن
ننڊ ڄڻ ته قبر آهي
رات ڄڻ اُنهن جو لئه
فاتحا پڙهي پيئي!
جيتوڻيڪ
جيتوڻيڪ……
تون منهنجين ٻانهن ۾ ناهين
چشم تصور ساڻ ڏسان ٿو
تون منهنجين ٻانهن ۾ آهين
مان تنهنجا وار لساريان ٿو
هڪڙي چنچل چڳ لهي
تنهنجو ڳاڙهو ڳل چمي ٿي!
جيتوڻيڪ……
اهي ڏينهن……!
اُهي جي ڏينهن گذري ويا
وري سي ڏينهن ياد آيا
نڀايل اڻ نڀايل نينهن ياد آيا
ڪڏهن گڏجي ڪڏهن تنها
وسايل مينهن ياد آيا!
امداد حسيني
ڪيڏارو
کهنبا پائيندياس، آئي پَرڻي راتڙي،
عطر مشڪ کٿوريون، لِڱين لائيندياس،
وڌندي وِکَ وصال جي، پيَرين پائيندياس،
ويهي سرتين وچ ۾، منهن مَرڪائيندياس،
رڻ ۾ رائيندياس، ڳاڙهي ڳڀرو گهوٽ کي.
هڻي، هوڪاري، هڻي، هڻي هوڪاري،
پَر پُريءَ جي پِڙَ ۾، پاريو ٿو پاري،
ماري يا کاري، ڌَڪُ انهيءَ ڌاڌاڪ جو.
مَسَ ڏاڙهيءَ جي ريههَ، اڃا وهِي راند جي،
ايندي سورهيه سامُهان، ڇڄي پيئڙن ڇيههَ،
ڏس ڏين ٿا ڏيههَ، ڪُوپي اِن ڪنڌار جا.
مَسَ مُڇين ساول، لوليءَ ري نه اڃا سمهي،
نبار ريٽي رَتَ سين، رِڻُ رڱيو راول،
گهوٽ اِهي گهاول، پيا نه پَسين پِڙَ ۾.
مينديءَ رتڙا هَٿَ، ڳانو ٻڌل ٻانهن ۾،
قرض نه رکن پاڻ ڏي، پڙ تي ئي لَٿَ پَٿَ،
ڪونڌر ڪن نه ڪَٿَ، ڪانئر ڪَٿ ڪَٿيو ڪَٿي!
ڍيرن مٿان ڍيرَ، آهن ڍُونڍ ڍيڍَ جا،
ڌڙ ڌڌڙ ۾ گڏئا، پٽ پٽيائون پير،
ڪانگن جا ڪانگير، ڳِجهن جا ڳاهٽ مٿن.
بَر ۾ بَبر شينهن، اُلون اُڀرن ائين ٿا،
راتين جي پنجوڙ مان، جنءَ ٿا نڪرن ڏينهن،
وسندا رت جا مينهن، ٿيندي ويڙهه وڏاندري.
جيئن کري جي کوڙ تي، ڏاند ڳهن ٿا ڳاهه،
چپجي چلهجي چٿجي، مُڃ ٿين ٿا گاهه،
ڪانئر تي ڪونڌر ائين، ڪڙڪيو ڪري ڪاهه،
سورهُيه سوريءَ سڃئا، سدا ساهه سپاهه،
رَت سين ريٽي راهه، رُت ريت سدا گلاب جي.
پِڙ مٿي پاونگ، تاري هئي تلوار جا،
سِرَ لُڻي ٿي ايئن جنءَ، لُڻي هاري سنگ،
ٿانو کڻي ڪنڀار جنءَ، مٿان چَڪَ اُچنگ،
ويريءَ کي واري ائين، وڄ وجهي جنءَ ونگ،
سيد سين ساٿي ائين، سهاءَ جيئن پتنگ،
ننگي توتي ننگ، آهن مير حُسين جا.
تارن آهن تِرورا، تارونءَ منجهه ترار،
کڻي کيڏي ايئن جنءَ، کنوڻين جا کِجڪار،
قلم ڪرايون، آڱريون، ڪاري ضرب ڪٽار،
ڪَٽيا ڪرٽ ڪپار، ويري ڍيري ٿي ويا!
|