هو چپ رهيو ۽ کيس جواب ڏئي نه سگهيو، جواب ۾
ڇوڪريءَ وري ڳالهايو:
”توهان لڳي ٿو،
Mind
ڪيو آهي معاف ڪجو.
Sorry
مان توهان سان ’تون‘ ڪري ڳالهائي نٿي سگهان، پر ها
البته توهين مون سان ڀلي ’تون‘ ڪري ڳالهائيندا
ڪريو.“
”نه ’توهين‘ ڪري ڳالهائيندس.“
”پاڻ کي ڪو اڌ ڪلاڪ ٿي ويو آهي، ڳالهائيندي.“
”توهان کي ڪو اندازو آهي، ايترو فون جو بل ڪير
ڀريندو؟“
”توهان فون جي بل کي بهانو نه بڻايو، اهو مان
ڀريندس، خير آهي…“
”نه اڄ ڪافي ڳالهايو آهي، وري ڪڏهن فون ڪندا؟“
”جڏهن چئو…؟“
”مان ته چاهيان ٿي اوهان سان روز ڳالهايان.“
”پوءِ مان روز ڳالهائيندس.“
”ڏسنداسين، پر هاڻي موڪلاڻي ڪانهي.“
”Good
bye“
فون رکي هو ڪجهه لمحن لاءِ سعديا سان ٿيل گفتگوءَ
تي سوچيندو رهيو ۽ کيس اها سموري حلت عجيب غريب
لڳي رهي هئي پر ڪنهن ڇوڪريءَ سان ايترو ڳالهائي هن
کي هڪ نئين تازگي فرحت ۽ خوشي محسوس ٿي رهي هئي.
ڪجهه لمحن لاءِ هن کي لڳو ڄڻ هو شادي شده نه هجي ۽
تازو تازو جوان ٿيو هجي ۽ ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت
جي شروعات ڪندو هجي. آفيس مان اُٿي هو ڪار جي ڊيڪ
۾ رومانٽڪ گانن جي ڪيسٽ لڳائي دير تائين شهر جي
روڊن تي گهمندو رهيو هو ۽ ميوزڪ کي انجواءِ ڪندو
رهيو هو. هن ڀيري هن ميوزڪ سان گڏ شاعريءَ جي تهه
تائين به پهچڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ کيس شاعري ڪجهه
ڪجهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي هئي.
۽ پوءِ هن سعديا سان شام جو پنهنجي آفيس جي ڪم کان
واندو ٿي فون تي ڳالهائڻ نيم بڻائي ڇڏيو هو. هو هن
سان روز ڪلاڪن جا ڪلاڪ فون تي ڳالهائيندو هو.
پنهنجي اداري جي فون تان ڇوڪريءَ سان ڪلاڪن جا
ڪلاڪ ڳالهائڻ هن مناسب نه سمجهيو هو ته هن
Prepaid
ٽيليفون ڪارڊ وٺي هن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو هو،
جيئن هن جي اداري جي فون جي بلن ۾ ايترين ڊگهين
ڪالن جو ڪو رڪارڊ نه اچي سگهي. هنن جي اِنهن ڊگهين
ڪچهرين دوران سعديا کيس هڪ ڀيرو ايڪسڪيوز ڪندي
ٻڌايو هو ته هن جو نالو سعديا نه پر شازيا آهي. هن
کيس اهو به ٻڌايو هو ته هن ساڻس اهو به ڪوڙ
ڳالهايو هو ته هوءَ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس آهي،
پر هن کيس اصليت ٻڌائي هئي ته هوءَ سوشيالاجي ۾
ايم ايس سي آهي. هن ساڻس وڌيڪ معذرت ڪندي اِهو به
ٻڌايو هو ته هوءَ بئنڪ ۾ ڪمپيوٽر سسٽم ۾
ايگزيڪيوٽو ناهي پر ملڪ جي هڪ مشهور اسڪولز سسٽم
جي لوڪل برانچ ۾ ٽيچر آهي. سعديا مان شازيا ٿيڻ
کان پوءِ هن پنهنجين سمورين اصلي ڳالهين کان کيس
واقف ڪري ڇڏيو هو ۽ آئيندي لاءِ اهو وعدو ڪيو هو
ته هاڻي اڳتي هوءَ هن سان ڪو به ڪوڙ نه
ڳالهائيندي. ڳالهين ڳالهين ۾ هاڻي هن کيس اهو به
چيو هو ته هاڻي هو هڪٻئي سان ملي سگهن ٿا.ل
اِنهيءَ وچ ۾ شازيا جي
Birthday
اچي ويئي هئي. هن کانئس پڇا ڪئي هئي ته هوءَ
Birthday
جي
Present
طور ڇا پسند ڪندي ته شازيا کيس ڪابه شيءِ موڪلڻ
کان منع ڪئي هئي. پر هن شازيا کي مشڪل سان مڃايو
هو ته هو
Present
ضرور موڪليندو، پر هن جي پسند جي شازيا کيس ٻڌايو
هو ته هوءَ خوشبو کي پسند ڪندي آهي. پرفيوم جي
نالي پڇڻ تي شازيا کيس هڪ عام سستي پرفيوم موڪلڻ
لاءِ چيو هو، جنهن تي هن کيس چيو هو ته ايترو سستو
پرفيوم ڏيڻ کيس سٺو نٿو لڳي ۽ هن پنهنجي پسند جي
هڪ مهانگي پرفيوم جو نالو ٻڌايو هو، جيڪو شازيا
وڏي مشڪل سان
OK
ڪيو هو، پر انهيءَ شرط سان ته هو پنهنجي نالي سان
اِهو پرفيوم نه موڪليندو پر ڪنهن ڇوڪريءَ جي فرضي
نالي سان اِنهيءَ کي
T.C.S
ڪندو ۽ هن ڇوڪريءَ جي فرضي نالي سان کيس پرفيوم
موڪليو هو، جيڪو شازيا کي ڏاڍو وڻيو هو.
اڳتي هلي هنن ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. هڪٻئي کان
پسند جو ڪلر پڇيو هئائون ۽ شازيا هن جي پسند جو
بليڪ ڪلر جو لباس پهري آئي هئي ۽ هو گري ڪلر جي
پينٽ، لائيٽ گري ڪلر جي شرٽ ۽ ڊارڪ گري ڪلر جو
سئيٽر پائي ويو هو، ڇو ته گري ڪلر شازيا کي وڻندو
هو. هنن جڏهن هوٽل ۾ ملاقات دوران هڪ ٻئي کي ڏٺو
هوته ٻئي هڪٻئي کي وڻيا هئا. شازيا ايڏي خوبصورت
ته ڪانه هئي پر هن جي نقش نگار هن کي ڏاڍو متاثر
ڪيو هو. اهڙي طرح هو به ڪو ايڏو سهڻو ۽ سمارٽ نه
هو، تڏهن به شازيا کي الائي ڇو وڻيو هو! توڙي جو
هو خوبصورت نه هو، پر هن جي شخصيت ۾ هن جو
Sober
هجڻ ۽ رعبدار هجڻ شازيا کي سٺو لڳو هو. چند ڪلاڪن
جي ڪچهري دوران شازيا ريسٽورنٽ ۾ ڪجهه به نه کاڌو
هو ته هن کيس ٽوڪيو هو ته عورت ڀلي ڪيڏي به پڙهيل
ڳڙهيل هجي ۽
Bold
هجي، پر هوءَ مردن جي سامهون کائي پي نه سگهندي
آهي! هنن پهرين ڪچهريءَ ۾ توهان توهان ڪري پئي
ڳالهايو. هتان هتان جون ڳالهيون ڪري مڙيئي ڳالهائي
رهيا هئا ۽ جڏهن ڳالهيون کٽي پئي وين ته خاموشي
سان چوريءَ چوريءَ هڪٻئي کي ڏسي پئي ورتائون. ٻنهي
هڪٻئي کي ائين چوريءَ چوريءَ ڏسندي ٻه ٽي ڀيرا
پڪڙي به ورتو هو ۽ ٻنهي مُرڪي ڏنو هو.
اُنهيءَ پهرين ملاقات کانپوءِ شازيا هن کي عيد
ڪارڊ موڪليو هو، جنهن تي اڻڄاڻائي مان يا ڄاڻي
واڻي پيار جو ذڪر لکجي ويو هو. جنهن تي هن کي ڏاڍو
مزو آيو هو. ملاقات کانپوءِ شازيا کيس چيو هو ته
هنن جي واقفيت هاڻي دوستيءَ ۾ بدلجي وئي آهي ۽
هاڻي هو هڪٻئي سان ’تون‘ ڪري ڳالهائي سگهن ٿا.
انهيءَ کانپوءِ هو هڪٻئي سان تون ڪري ڳالهائيندا
هئا، تون ڪري ڳالهائڻ سان هن کي ڏاڍو مزيدار احساس
ٿيندو هو. هو شازيا کي پيار مان شازي چوڻ لڳو هو ۽
موٽ ۾ کيس شازيا ٻڌايو هو ته هونئن ته کيس گهر جا
ڀاتي ۽ ڪجهه سهيليون شازي ڪري سڏينديون آهن، پر
جڏهن هو هن کي شازي ڪري ڪوٺيندو آهي ته هن جي دل
خوشيءَ مان ٽپا ڏيندي آهي.
هڪ ڏينهن هن شازيا کي ڏينهن جو فون ڪئي هئي. هو
حسب روايت شام جي وقت فون ڪندو هو، پر ڏينهن جو
فون ڪرڻ ڪري کانئس شازيا سبب پڇيو هو ته هن کيس
ٻڌايو هو ته ”اڄ آفيس ۾ ڪجهه اڻوڻندڙ ڳالهين جي
ڪري منهنجو موڊ سخت خراب هو، اِنهيءَ ڪري موڊ کي
خوشگوار بڻائڻ لاءِ توکي فون ڪئي اٿم.“ هنن ڪجهه
دير پاڻ ۾ ڳالهايو هو ۽ هن جي موڊ بهتر ٿي ويو هو.
بعد ۾ ٻه ٽي ڏينهن مصروفيت سبب هو شازيا کي فون نه
ڪري سگهيو هو. ٽئين ڏينهن جڏهن شازيا کي فون ڪئي
هئائين ته هوءَ ڪافي پريشان هئي. پريشانيءَ جو سبب
پڇڻ تي شازيا کيس ٻڌايو هو ته هن اِهي ٻه ڏينهن
پريشانيءَ ۾ انهيءَ ڪري گذاريا ڇو جو کيس اُلڪو ٿي
پيو هو ته هن جو موڊ سٺو آهي يا خراب آهي. ڪٿي
پريشان ته نه آهي، اِهو سوچي هوءَ پريشان ٿي وئي
هئي. هن کانئس پيار ۾ پڇيو هو ”منهنجي پريشانيءَ
جو سوچي تون ڇو پريشان ٿي وئي هئين؟“
”مون کان تنهنجي ڪابه پريشاني برداشت ٿي نٿي سگهي.
مون سوچيو تون الائي ڪهڙين پريشانين ۾ هوندين،
تنهنجي فون جو ڏاڍو انتظام ڪيم پر تو پنجن منٽن
لاءِ به فون تي نه ڳالهايون ته مان اُداس ٿي ويس.“
ائين چئي شازيا روئڻ شروع ڪيو هو ۽ هو کيس پرچائڻ
لڳو هو، جڏهن شازيا روئڻ کان بس ڪئي هئي ته هن
شازي کان پڇيو هو ته ”تون منهنجي لاءِ ايترو سوچي
پريشان ڇو ٿي ٿين؟“
شازيا جواب ۾ وراڻيو هو، ”مون کي ڪجهه ڪجهه ٿيڻ
لڳو آهي؟“
”ڇا ٿيڻ لڳو آهي؟“ هن شرارت مان پڇيو هو.
”اسان جي دوستي
Attachment
کان اڳتي وڌي ويئي آهي؟“
”ڪيترو اڳتي وڌي ويئي آهي؟“
”مون کي توسان پيار ٿي ويو آهي…“
”آءِ لو يو شازي…“ چئي هن فون رکي ٽپا ڏيڻ شروع
ڪيا هئا… هن کي احساس ئي نه رهيو هو ته هو هڪ شادي
شده مرد هو ۽ ائين ڪنهن ڇوڪريءَ سان پيار جو اظهار
ڪرڻ ۽ ٺينگ ٽپا ڏيڻ سٺي ڳالهه نه هئي پر هڪ اڻڄاتل
قوت هئي، جيڪا هن کان اُهو سڀڪجهه ڪرائي رهي هئي…،
هن جي زندگي جي خاڪي ۾ جيڪو خال رهجي ويو هو، اُهو
ڪنهن خوبصورت رنگ ۽ خوشبو سان ڀرجي رهيو هو.
هڪ ڀيري جڏهن هن شازيءَ کان ملڻ جو پڇيو هو ته هن
کيس لانگ ڊرائيو تي ڪٿي هلڻ لاءِ چيو هو ۽ ائين هو
ڪار کڻي نيشنل هاءِ وي تي حيدرآباد کان هالا طرف
نڪري پيا هئا. رستي ۾ گاڏي ڊرائيو ڪندي هن شازي کي
چيو هو، ”اڄ مان تنهنجي هٿ تي
Kiss
ڪرڻ ٿو چاهيان…“ شازي حيرت مان هن کي ڏسندي يڪدم
چيو هو، ”تنهنجي ايتري حجت ۽ مجال…“
اِهو ٻڌي هو ٿورڙو
Nervous
ٿي ويو هو.
هن جي ائين نروس ٿي وڃڻ تي شازيءَ کيس چيو هو،
”تو مائينڊ ڪيو…“
”نه ته…“
”پوءِ نورس ڇو ٿي ويو آهين؟“
”ٺيڪ آهي، تون هٿ تي ڪس ڏيڻ نٿي چاهين ته ٺيڪ آهي،
مان ته اڃا چپن تي ڪس ڪرڻ لاءِ چيوئي ناهي.“
”ڇا مطلب…“ شازيءَ شوخ ٿي پڇيو هو.
”مطلب ته هٿ تي ڪس نٿي ملي ته چپن تي ڪس جي اُميد
ڪير ڪندو؟“
”مان توکي
Tease
پئي ڪيو، تون هٿن تي ۽ چپن تي ڪس ڪري سگهين ٿو.“
شازيءَ ٽهڪ ڏيندي هن کي شرارت مان چيو هو ۽ هن
پهريائين شازي جي هٿن تي چمي ڏني هئي. هڪ ڊگهي،
وڻندڙ، پيار ڀري ۽ منفرد قسم جي چمي. بعد ۾ هن
گاڏي سلو ڪري، هيڏي هوڏي ڏسي شازيءَ کي پاڻ ڏانهن
ڇڪي هن جي چپن تي به چمي ڏئي ورتي هئي. موٽ ۾
شازيءَ به هن کي چمي ڏني هئي. اُنهيءَ چمي هن جي
جسم ۾ هڪ نئين قسم جي ڪرنٽ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي هئي
۽ گاڏي هن جي ڪنٽرول مان نڪري بئلنس وڃائي وائڙي
ٿي روڊ کان لهي هڪ اونهي کڏ ۾ وڃڻ واري هئي ته هن
بريڪ هڻي گاڏي کي وڏي مشڪل سان ڪنٽرول ڪري ورتو هو
۽ ٻنهي کان وڏي آواز سان نڪري ويو هو، ”او ماءِ
گاڊ…!“
اُنهيءِ لانگ ڊرائيودوران شازيءَ کيس ٻڌايو هو ته
هن اڄ ڏينهن تائين شاهه سائينءَ جي درگاهه نه ڏٺي
آهي. هن حيرت جو اظهار ڪيو هو ۽ جڏهن نيشنل هاءِ
وي تي ڀٽ شاهه تائين پهتا ته هن گاڏيءَ کي ڀٽ شاهه
ڏي لاڙي ڇڏيو هو ۽ ٻنهي گڏجي وڃي ڀٽ ڌڻيءَ جي مزار
تي حاضري ڀري هئي ۽ دعا گهري هئي. جڏهن هو درگاهه
مان نڪتا هئا ته ٻنهي هڪ ئي وقت هڪٻئي کان ساڳيو
سوال ڪيو هو:
”تو دعا ۾ ڇا گهريو؟“ جڏهن ٻنهي هڪٻئي کان سڳي
سمهءِ ساڳيو سوال پڇندي ٻڌو هو ته ٻنهي کان ٽهڪ
نڪري ويا هئا ۽ جڏهن هو کلڻ مان واندا ٿيا هئا ته
ٻنهي هڪٻئي کي پنهنجي گهريل دُعا بابت ٻڌايو هو.
”مون توکي گهريو!“ شازيءَ چيو هو ۽ موٽ ۾ هن به
ساڳي ڳالهه چئي هئي. ”مون به دُعا ۾ توکي ئي گهريو
هو…“
واپسيءَ ۾ ڪار – اسٽيريو تي هن شازي کي پنهنجي
پسند جا ڪجهه گانا ٻڌايا هئا ۽ شازيءَ جي پسند جو
گانو پڻ هلايو هو:
Look into my eyes
Look into my heart…
۽ پوءِ باقي بچيل رستي تان هو اُنهيءَ گاني کي بار
بار رپيٽ ڪري ٻڌندا رهيا هئا ۽ گاني سان گڏ
جهونگاريندا رهيا هئا. جڏهن هن حيدرآباد پهچي
شازيءَ کي گهر جي آسپاس ڪٿي لاٿو هو ۽ گهر آيو هو
ته هن جي جسم جي رڳ رڳ ۾ هن کي بهارن جا ڪيئي گونچ
ڦٽندي محسوس ٿيا هئا. هن انيڪ ڪتابن کي پڙهي اُنهن
جو مزو ماڻيو هو، ڪيئي سٺيون فلمون ڏسي اُنهن جو
لطف ورتو هو ۽ موسيقي جي بي پناهه ڌنن ۽ گانن مان
سُرور حاصل ڪيو هو، ايتري تائين جو هن پنهنجي
تنهائيءَ کي به خوب انجواءِ ڪيو هو، پر اڄ شازي
سان لانگ ڊرائيو ڪندي، هن جي هٿن ۽ چپن تي ڪس ڪري،
ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي حاضري ڀري ۽ واپسيءَ تي
گاڏي ۾ گانا ٻڌندي هن جيڪو مزو، لطف، سُرور ۽ خوشي
محسوس ڪيا هئا، اڳ ۾ هن کي ڪڏهن به اهڙو تجربو نه
ٿيو هو!
لانگ ڊرائيو کان ٻه ڏينهن پوءِ جڏهن هن شازيءَ کي
فون ڪئي هئي ته فون تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي شازي
کيس چيو هو:
”اسين پيار جي اهڙي منزل تي پهچي ويا آهيون، جتي
اسان کي هڪ ٻئي کان ڪا شئي لڪائڻ نه گهرجي…“
”بڪل صحيح آهي… اڃا ڪا ڳالهه لڪل رهجي وئي آهي
ڇا؟“ هن شازيءَ کان پڇيو هو.
”ها، هڪ ڳالهه مان توکي ٻڌائڻ ٿي چاهيان.“
”ڪهڙي؟“
”تون شايد اِها ڳالهه ٻڌي، اُنهيءَ کي برداشت نه
ڪري سگهين…“
”نه، مان تنهنجي هر ڳالهه کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان…“
”تو پوءِ ٻڌ…“ شازيءَ هڪ پراسراريت کي ختم ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندي ڳالهائڻ شروع ڪيو هو…“ مان اڳ ۾ هڪ لو
افيئر ڪري چڪي آهيان.“
”ڪنهن سان؟“ هن يڪدم پڇيو هو.
”سمير سان، هو مون کي ۽ مان هن کي تمام گهڻو پيار
ڪندا هئاسين…“
”پوءِ ڇا ٿيو…“
”ڪجهه سمير بيوفا نڪتو ۽ ڪجهه منهنجن مائٽن جي
مخالفت سبب اسان جي شادي نه ٿي سگهي…“
شازيا خاموش ٿي ويئي هئي ته هن چيو هو، ”خير آهي،
ڪا ڳالهه ناهي…“
”توکي
Shock
ته نه پهتو!“
”بلڪل نه…“
”تون
Jealous
ته نه ٿيو آهين…“
”نه، صفا نه… مان
Jealous
به ناهيان.“
”ته پوءِ تون
Great
آهين. مون کي اِها توقع هئي ته تون اها ڳالهه ٻڌي
مون کي ڇڏي ويندي ۽ مون کان نفرت ڪرڻ لڳندين“.
”مان اهڙو ڪِريل ماڻهو نه آهيان…“ هو ڪجهه پلن
لاءِ خاموش ٿي ويا هئا. شازيءَ خاموشيءَ کي
ٽوڙيندي چيو هو… ”تون ڪجهه سوچي پريشان ٿي ويو
آهين؟“
”نه، اهڙي ڳالهه ناهي.“
”پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي…؟“
”جيڪڏهن مان به توکي ڪجهه سچ ٻڌايان ته…“
”بڪل ٻڌائي ڇڏ…“
”مان شادي شده آهيان… ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهيان…“
”Tit
for tat!“
شازيءَ چيو هو.
”نه، مان سچ ٿو ڳالهايان…“ ڪجهه لمحن لاءِ فون جي
ٻنهي پاسن خاموشي ڇانئجي ويئي هئي… هن شازيءَ کي
سڏيو هو، جنهن مشڪل سان ”هون“ ڪيو هو ۽ سڏڪا ڀري
روئڻ شروع ڪيو هو. هو شازيءَ کي ائين روئندي
برداشت نه ڪري سگهيو هو ۽ کيس پرچائڻ لڳو هو ۽ کيس
چيو هئائين…“ نه مان شادي شده نه آهيان… بس توسان
Joke
پئي ڪيم…“
”آئيندي اهڙو
Joke
نه ڪجان…“
”بس اڳتي لاءِ توبهه ڪئي…“
”تو منهنجي لو افيئر جو ٻڌي مون کي
Jealous
ڪرڻ لاءِ ائين چيو.“
”ها بس ائين ئي سمجهه…“ هن جي پڪ ڏيارڻ تي شازيءَ
روئڻ کان بس ڪئي هئي هو شازيءَ کان ائين روئاري
ڏاڍو پريشان ٿي ويو هو……
شازيءَ کيس چيو هو، ”تون شادي شده لڳين ئي نٿو،
تون جڏهن پهريون ڀيرو مون سان مليو هئين ته ڏاڍو
نروس هئين ۽ جڏهن لانگ ڊرائيو تي تو منهنجي هٿ ۽
چپن تي ڪس ڪئي هئي تڏهن به تون ڏاڍو نروس هئين…
مان جڏهن به تنهنجي گهر فون ڪئي آهي ته يا ته ڪنهن
ناهي کنئي، پر جيڪڏهن ڪنهن کنئي آهي ته اُهو تون
ئي هوندو آهين… اُنهي مان مون کي يقين آهي ته تون
اڪيلو آهين…!“
”بس هاڻي اڪيلو نه رهيو آهيان…“
”سو وري ڪيئن…“
”تون جو ملي ويئي آهين…“ ۽ ٻنهي کلي ڏنو هو.
فون تي موڪلائڻ کانپوءِ هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو هو.
کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو اُنهي معاملي کي
ڪيئن سُلجهائي. اڄ ڏينهن تائين اڪائونٽنگ ۽
اُنهيءَ سان سلهاڙيل الائي ڪيترا مسئلا حل ڪري ڪو
هو پر پيار جي بئلنس شيٽ ٺاهيندي ٺاهيندي، اوچتو
هن جي ڪوشش جي باوجود ڪا شئي بئلنس ٿيڻ کان ٻاهر
ٿي وئي هئي. هن سوچيو هو ته هو شازيءَ کي يقين
ڪرائي ته هو واقعي شادي شده آهي، پر جڏهن هن جي
ڪنن ۾ شازيءَ جا سڏڪا گونجڻ لڳا ته هن بس پاڻ کي
حالتن جي سهاري تي ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آئينده
اُنهيءَ موضوع تي شازيءَ سان نه ڳالهائڻ جو سوچي
ورتو. پوءِ هو جڏهن به ڳالهائيندا هئا ته هو ڪجهه
چوڻ جي باوجود به ڪجهه چئي نه سگهندو هو. کيس ڊپ
هو ته هن جي ڪجهه چوڻ ڪري شازي روئي پوندي ۽ اها
ڳالهه هن جي برداشت کان ٻاهر هئي.
شازي انتهائي حساس ۽ جذباتي هئي. هوءَ ٿوري گهڻي
ڳالهه تي
Emotional
ٿي ويندي هئي. هن جي ائين
Emotional
ٿيڻ تي هو کيس ٽوڪيندو هو ۽ چوندو هوس ته ”تون
ايتري ته
Emotional
آهي جو مون کي ڊپ لڳندو آهي ته ڪٿي اڳتي هلي تون
Psychic – Patient
نه ٿي وڃين!“ اِهو ٻڌي شازي کيس چوندي هئي ته
”جيڪڏهن مان
Psychic
ٿي ويس ته اُنهيءَ جو ذميوار تون هوندين…!“
هڪ ڀيري هن مذاق مذاق ۾ کيس چيو هو، ”ڇوڪرا ڇوڪرين
کي
ڦاسائيندا آهن، پر هي عجيب
Situation
آهي جو تو مون جهڙي ڇوڪري کي ڦاسايو آهي…“ شازيءَ
اُنهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو
Mind
ڪيو هو ۽ جڏهن ٻئي ڏينهن جي هن شازيءَ کي فون ڪيو
هو ته هوءَ سخت ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ هئي ۽ فون تي وڏا وڏا
سڏڪا ڀري رُني هئي ۽ هن کي وري هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو
افسوس ٿيو هو ۽ هن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين،
جڏهن هن جي ڪوشش جي باوجود شازي نه پرتي هئي ته هن
کيس چيو هو ”ڏس شازي! هي ٽيون ڀيرو آهي جو مان
توکي روئاڙيو آهي… پنهنجي صرف فون تي ڳالهائڻ ۽ ٻن
ملاقاتن ۾ مان توکي ٽي ڀيرا روئاڙي چڪو آهيان. لڳي
ٿو ته مان توسان ڏاڍائي ڪري رهيو آهيان.
اڃا ته اسان جي سڄي زندگي اڳيان پيئي آهي… جيڪڏهن
حالتون اهڙيون رهيون ته پوءِ خبر ناهي ته توکي مان
الاءِ ڪيترو روئاڙيندس، تنهن ڪري پاڻ هاڻي به ڪو
صحيح فيصلو ڪري ٿا سگهون.“
”ڪهڙو فيصلو…؟“ شازيءَ ڇڙٻ ڏيندي پڇيو هو…
”اِهوئي ته اسين زندگي ڀر هڪٻئي سان نڀائي
سگهنداسين يا نه… جيڪڏهن منهنجي ڪا ڳالهه توکي بري
ٿي لڳي ته ٻڌائي ڇڏ. مون کان روز روز توکي روئندي
ڏسڻ نٿو ٿئي…؟“
”اهڙي ڳالهه ناهي… تون جيڪڏهن مون کي ڇڏڻ چاهين ٿو
ته ڇڏي ڏي… مان توکي وڃائڻ نٿي چاهيان… مان اڳ ۾
به سمير کي وڃائي چڪي آهيان، وري توکي وڃائڻ
منهنجي وس جي ڳالهه ناهي…“ اِهو چئي شازي وري روئي
پئي هئي.
”تون ڏاڍي
Emotional
آهين … ڪٿي سچ پچ
Psychic
نه ٿي وڃين… بجاءِ انهيءَ جي جو مان توکي
Psychic
ڪري ڇڏيان، اسان هڪٻئي کي وساري ڇڏيون، ڄڻ مليائي
نه هجون!“
”ائين نه چئه…… توسان ڪو پرابلم آ، ته مون کي
ٻڌاءِ، باقي مان ڪنهن به صورت ۾ توکي
Good bye
چئي، ڇڏڻ نٿي چاهيان…“ شازي
وري رُني هئي. هن جي ايلازن ڪرڻ تي به هوءَ چپ نه
پئي ڪري. هن کيس آٿت ڏيندي چيو هو: ”انشاءَ الله
اسين سڄي عمر گڏ رهنداسين، تون هڪ چري ڇوڪري آهين…
بس پاڻ
Relax
ڪر ۽ روئڻ بند ڪر…“
اُنهيءَ واقعي کانپوءِ هن جي ذهن ۾ سوچن جو هڪ
طوفان گهلي پيو هو. اُنهيءَ طوفان ۾ هو هڪ اهڙي
رستي تي پهچي ويو هو، جتان انيڪ رستا نڪرندڙ هئا.
هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪيڏانهن وڃي ۽ ڇا
ڪري! ماڻهو ڪنهن اوچتي مصيبت ۾ ڦاسندو آهي ته هٿ
پير هڻي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر هو سڀڪجهه خبر
هوندي به هڪ اهڙي مسئلي ۾ ڦاٿو هو جنهن مان بچي
نڪرڻ جو رستو هن کي نظر نه پئي آيو. هو پنهنجي
پيدا ڪيل هڪ ڪُن ۾ ڦاسي پيو هو. هن پنهنجي ئي جسم
تي هڪ اهڙو گهاءُ لڳايو هو، جنهن جي درد ۾ به هڪ
ميٺاج هو، هڪ سرور هو. هن پنهنجي آسپاس اهڙي بهاهه
ٻاري ڇڏي هئي، جنهن ۾ شعلن جي تپش سان گڏ سانوڻيءَ
جي رُت جي بوند بهار پڻ هئي. شازيءَ سان هن جي
سٻنڌ جي نوعيت کي سمجهه ۾ نه اچي رهي هئي. هو هڪ
شادي شده انسان هو، جيڪو پنهنجي زال سان ڀرپور
پيار ڪندڙ هو. پر هو پيار ۽ محبت ڪرڻ جهڙي غلطي
ڪري ويٺو هو. پر هو پيار ۽ محبت کان محروميءَ جي
احساس ۾ اچي شازيءَ سان محبت ڪرڻ جهڙي غلطي ڪري
ويٺو هو. هن کي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿي
رهي هئي ته ڇا هن پنهنجي زال سان بيوفائي ڪئي آهي!
يا هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي جذبات سان کيڏي هن سان
دوکو ڪيو آهي؟ انهيءَ سموري سوچ ۽ پريشانيءَ ۾ هن
کي سموري رات ننڊ نه آئي هئي ۽ هن بستري تي لڇندي
پڇندي رات گذاري هئي ۽ آخرڪار اِهو فيصلو ڪيو ته
شازيءَ کي پنهنجي اصليت ٻڌائڻ کانسواءِ هو هن جي
زندگي مان نڪري ويندو. هن اِهو به فيصلو ڪيو ته هو
آئيندي ڪڏهن به شازيءَ کي فون نه ڪندو. هن سوچيو
ته شازيءَ سان رومانس، هن سان ڪيل فون تي ڳالهيون
۽ هن سان گهاريل ڪي چند لمحا ڪنهن خواب وانگر
سمجهندو ۽ اُنهيءَ خواب کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندو.
هن مسلسل ٽي ڏينهن شازيءَ کي فون نه ڪئي. اِهي ٽي
ڏينهن هن وڏي عذاب ۾ گذاريا، سڄو ڏينهن ته ڏکيو
سکيو گذري ويندو هوس پر جڏهن شام جو وقت ٿيندو هو
۽ معمول موجب شازيءَ کي فون ڪرڻ جي مهل ايندي هئي
ته هن جي دل رجڻ لڳندي هئي. هن تي شام جي اِهي پل
روزانو عذاب بڻجي ايندا هئا. اهڙي ئي عذاب جي ٽئين
ڏهاڙي رات جو نائين وڳي هن جي فون جي گهنٽي وڳي
هئي. هن فون اٽينڊ ڪئي ته شازي ڳالهائي رهي هئي
جنهن جو آواز هن جي اُداسيءَ کي سوين ڪلوميٽرن جي
مفاصلي جي باوجود هن وٽ کڻي آيو هو.
”جي، توهان مون کي سڃاتو؟“ شازيءَ عجيب ڪروڌ مان
سوال ڪيو هو.
”ها ها سڃاتو، ائين جلدي ڪيئن ٿو وساري سگهان.“
”توهين پليز مون سان ٻن منٽن لاءِ فون تي
ڳالهائيندا.“
”جي بلڪل، مان پنجن منٽڻ ۾ توهان سان ڳالهايان
ٿو.“
هو ٻئي اُنهن ٽن ڏينهن جي وچ۾ خبر ناهي ڇو ”تون“
مان ”توهين“ ٿي ويا هئا، اهڙا اوپرا ٿي ويا هئا ڄڻ
هڪٻئي کي سڃاڻندا ئي نه هئا. هن شازيءَ کي پنجن
منٽن ۾ فون ڪئي هئي ته شازي ئي فون اٽينڊ ڪئي هئي.
”توهين ٽي ڏينهن ڪٿي هئا؟“
”مان اِتي ئي هوس“، هن بلڪل ڌيمي لهجي ۾ ڳالهايو
هو.
”پوءِ تو فون نه ڪئي؟“ شازيءَ شديد غصي مان پڇيو
هو.
”هڪ ڳالهه هئي جيڪا توکي چوڻ جي همٿ نه پئي ڪري
سگهيس.“
”آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي!“
”شازي مان توکي اڳ ۾ ٽي ڀيرا روئاڙي چڪو آهيان
وڌيڪ توکي روئاڙڻ نٿو چاهيان، مان تنهنجي زندگيءَ
مان نڪري وڃڻ ٿو چاهيان.“
”آخر ڇو؟“ شازيءَ عجيب ڪاوڙ ۽ تجسس مان چيو هو.
”ڇو جو مان شادي شده آهيان ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ
آهيان…“
هن جا اِهي لفظ شازيءَ جي مٿان هڪ وڏي ڇپ بڻجي
ڪريا يا وري هن جي پيرن هيٺان زمين ۾ ڄڻ ڪو زلزلو
آيو ۽ ڌرتي ٻه اڌ ٿي ۽ هوءَ اوناهين ۾ اندر گهڙندي
ويئي. شازيءَ رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيو. هن کيس
پرچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر شازيءَ ڄڻ هن جو هڪ
لفظ ٻه ٻڌي نه رهي هئي. هن شازيءَ کي چيو هو
”شازي! تون روئڻ کان بس ڪر، پليز رو نه، بس تون
پنهنجي سموري غصي ۽ ڪاوڙ جو اظهار مون تي ڪر.
مون کي گاريون ڏي ۽ ذليل ڪر، ائين ڪرڻ سان گهٽ ۾
گهٽ تنهنجي دل جو بار هلڪو ٿيندو.“
”مان توکي ڪجهه به نه چونديس. هڪ سمير هو جنهن مون
سان دوکو ڪيو، ٻيو تون آهين، جنهن دوکو ڪيو.
منهنجي قسمت ۾ جيڪڏهن اهي شيون لکيل آهن ته پوءِ
مان توکي ڇو ڪجهه چوان. پر سڄي عمر هڪ ڳالهه جو
پچتاءُ رهندو ته سمير جي وڏين ڪوششن ۽ ايلازن ڪرڻ
کانپوءِ به مون ڪڏهن به هن کي ڪِس نه ڪئي. اِهو
تون پهريون شخص هئين جنهن کي مان ڪس ڪئي هئي.
منهنجي ڪس ڏاڍي مقدس هئي مسٽر! جيڪا تنهجي بيوفائي
۽ دوکي جي ڪري ناپاڪ ٿي ويئي…“ شازي روئي به رهي
هئي ۽ هن سان رکي رکي ڳالهائي به رهي هئي. هو چپ
چاپ گم سم اهي ڳالهيون ٻڌي رهيو هو ۽ شازيءَ جو هڪ
هڪ جملو هن جي دل تي گهاءُ لڳائي رهيو هو. هن
شازيءَ جي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهن کي محسوس ڪري ورتو
هو ۽ هن جي اکين مان به ڳوڙها وهڻ لڳا هئا. هن پاڻ
کي ڏاڍو ڪريل محسوس ڪيو هو ۽ پنهنجي ڪيل خطا جي
عيوض هو هر سزا لاءِ تيار هو، هن شازيءَ کي چيو
هو:
”شازي! مون کي معاف ڪر… مان توسان وڏو دوکو ڪيو
آهي… ٿي سگهي ته مون کي معاف ڪري ڇڏجان ۽ مون کي
وساري به ڇڏجان.“
”ڪيڏو ظالم آهين تون، ڪيئن مزي سان ٿو چئي ته توکي
مان وساري ڇڏيان. مان توکي عمر ڀر وساري نه
سگهنديس… مان توسان سچو پيار ڪيو هو، مان پنهنجي
اُنهيءَ پيار کي ڪيئن وساري سگهنديس! رهي ڳالهه
توکي معاف ڪرڻ جي، ته ٻڌي ڇڏ ته اُنهيءَ ۾ به
منهنجو قصور آهي، تنهنجو ڪو به ڏوهه نه آهي. انهي
ڪري توکي معاف ڪرڻ جو ته سوال ئي نه آهي…“ ۽ شازي
وري روئي پيئي هئي… ۽ الائي ڪيتري دير تائين هوءَ
روئندي رهي هئي ۽ هو چپ چاپ خاموش ٿي هن جي روئڻ
کي ٻڌندو رهيو هو.
هن کي محسوس ٿيو هو، زندگي ڏاڍي اڌوري آهي، انسان
ڏاڍو اڌورو آهي، انهيءَ ڪري هو عجيب به آهي. هن کي
لڳو هو هن جي پروفيشنل ڪاميابي، خوبصورت زال ۽
پيارا ٻار، سٺي ڪمپني وارا دوست، سٺا ڪتاب ۽ فلمي
۽ سٺو ميوزڪ – اهي سڀ ملي ڪري به زندگيءَ کي ڀرپور
نٿا بڻائي سگهن. زندگي رڳو خوشين ۽ميلاپن جو ئي
نالو ناهي. زندگي جيڪڏهن ڀرپور بڻائڻي آهي ته
اُنهيءَ ۾ درد ۽ وڇوڙي جو عنصر به هجڻ ضروري آهي.
سموري زندگي ملندڙ پيار به زندگيءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي
ڪو خال ڇڏي وڃي ٿو، جنهن کي ڀرڻ لاءِ ڪنهن جي
وڇوڙي جي ضرورت پوي ٿي. تنهائي ته خود هڪ خال آهي،
اهو خال ٻئي خال کي ڪيئن ٿو پري سگهي! هڪ
Vaccum
ٻئي
Vaccum
کي ڪيئن ٿو
Fillupڪري
سگهي! هن کي لڳو هو ڄڻ هن پنهنجي نامڪمل وجود کي
مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري پنهنجي
وجود ۾ پيوندڪاري ڪري اُنهي کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي هجي، پر اُنهيءَ ڪوشش ۾ هن کي خبر ئي نه پيئي
ته هن ٻئي وجود کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هو. هن
کي شازي هڪ خوبصورت ديويءَ جو مجسمو لڳي هئي، جنهن
کي هن فرش تي ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. هن
اُنهيءَ مجسمي جا ٽڪرا ٽڪرا کڻي اُنهن کي ڳنڍڻ پئي
چاهيو پر ڳنڍي نه پئي سگهيو، اُنهيءَ پيڙا واري
سمهءِ هن کي محسوس ٿيو ته هن پنهنجي وجود کي مڪمل
ڪرڻ جي لالچ ۾ شازيا جي پوتر پيار کي اَپوتِر ڪري
ڇڏيو هو. هن کي پنهنجو وجود ايترين ڪوششن ڪرڻ جي
باوجود به اڌورو لڳو هو. هن کي پنهنجو پاڻ خراب
لڳي رهيو هو. هن کي پنهنجي اندر ۾ ويٺل هڪ ٻيو
انسان ڏاڍو گنهگار لڳو هو. هن پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو
گنهگار محسوس ڪيو هو. اهڙو گنهگار جنهن کي توبهه
ڪرڻ سان به ڪا معافي ملڻ جي توقع نه هئي! |