ڪتاب ۾ خليفي ”گل“ کي جوڳي اهميت ڏيڻ کپندي هئي،
ڇاڪاڻ نه هن کي سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ خاص اهميت ۽
حيثيت حاصل آهي. تحقيقي ۾ اوليت ’عقيدت‘ کي نه پر
’حقيقت‘ کي ملڻ گهرجي.
ڪتاب ۾ جملي 53 شاعرن ۽ علمي شخصيتن جو ڪي قدر
تفصيلي ذڪر ۽ ٻين 50 شاعرن جو فقط نالو ڳڻايوويو
آهي. ان ذڪر ۾ به شاعر جي شاعري جي مقدار ۽ معيار
جو ڪو به لحاظ نه رکيو ويو آهي، ويهين صديءَ جي
اوائلي دور جا استاد شاعر – حاجي پيرو محمد
”سائل“، حافظ جان محمد ”جان“، محمد اسحاق نانوائي،
مولوي مير محمد ”مادح“ ۽ حاجي محمود ”خادم“ هالائي
(ايڊيٽر هفتيوار ”همدرد“ ميرپور خاص) جهڙن اڪابر
عالمن ۽ شاعرن جو ڪٿي نالو به نه ڄاڻايو ويو آهي!
جيڪڏهن مخمور صاحب مرحوم سليم هالائي جو مرتب ڪيل
مشهور معروف ڪتاب ”تذڪره شعرائي هالا“ ئي نظر مان
ڪڍي ها ته هن کي ايتري جاکوڙ جي ضرورت ئي ڪانه پوي
ها. اهڙي طرح ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ جي ٿيسز
”سروري خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ (ڪاپي
سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي) مان کيس مخدوم خاندان جي
باري ۾ بيش بها معلومات ملي وڃي ها. هي حقيقت به
پنهنجي جاءَ تي موجود آهي ته گذريل چاليهارو کن
سالن کان وٺي مشق سخن رکندڙ شاعرن – رشيد ابڙي،
شوڪت علي ”شوڪت“، رجب علي ”جليس“، ”خادم“ سروري –
ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو نالو به نه ڳڻايو ويو آهي،
جڏهن ته اُهي نوجوان، جن ڪو هڪ اڌ شعر يا نثري نظم
مس لکيو آهي، اُنهن کي هن تذڪري ۾ نمايان جاءِ ڏني
وئي آهي.
”ادبي تنظيمن جو جائزو“ هن ڪتاب جو عنوان آهي ته
موضوع پڻ، مگر ان کي ڪتاب جي ڪل 178 صفحن مان صرف
44 صفحا حاصل ٿي سگهيا آهن. هتي 31 ادبي انجمنن جو
ذڪر ڏنو ويو آهي ۽ هر انجمن جي تعارف، مقصد،
ڪارڪردگي ۽جائزي (تنقيدي) وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي، مگر هڪ اهم ۽ بنيادي خامي، جا پڙهندڙن کي
هڪدم محسوس ٿئي ٿو ته نه ”ادبي تنظيم“ جي وصف
(Defination)
کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ نه ان جو سرحدون
(Parameters)
قائم ڪيون ويون آهن، ان ڪري ڪيتريون ئي مذهبي، نيم
سياسي، سماجي ۽ ثقافتي جماعتون يا انفرادي
پبليڪيشن ادارا به ”ادبي انجمنن“ جي دائري ۾ شامل
ٿي ويا آهن. اُن کانسواءِ ڪيتريون ئي جماعتون جن
کي ”ڪاغذي تنظيمون“ ڪوٺي سگهجي ٿو، يعني جن
پنهنجي گهر ۾ فقط هڪ اڌ مشاعرو ڪرايو آهي. اهي به
هن ادبي تذڪري ۾ شامل آهن. منهنجي معلومات ۾
اهڙيون 50 کن ڪاغذي انجمنون (’بزمِ غازي‘، ’بزم
منور‘، ’نئين ٽهي‘ وغيره) اڃا به موجود آهن، جن کي
مخمور صاحب کان جائز شڪايت ٿي سگهي ٿي. مثال طور
هالا جي پهرين ادبي جماعت ”انجمن مولود النبي“
1916 ۾ قائم بيان ڪئي وئي آهي. ان جماعت جو مقصد
صرف ۽ صرف ميلادالنبي جو جلوس ۽ جلسو منعقد ڪرائڻ
۽ مٺائي ورهائڻ هو يا سيرت نبي ﷺ تي هڪ اڌ پمفليٽ
شايع ڪرائڻ هو. ان طرح ميمڻ ڪلچرل لٽرري سوسائٽي،
انسٽيٽيوٽ آف هالا، منور لٽرري اڪئڊمي وغيره ڪنهن
به طرح ادبي انجمن جي دائري ۾ نه ٿيون ماپن. هالا
جي ماحول مطابق، منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته
”ادبي انجمن“ صرف ان تنظيم کي تسليم ڪرڻ گهرجي،
جنهن جي ميمبرن جو تعداد پنجويهن کان مٿي هجي ۽
جيڪا شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج سال مسلسل ادبي ڪم
(مشاعرا، مذاڪرا وغيره) سرانجام ڏيندي رهي هجي. هر
سال عهديدارن جي چونڊ ڪرائيندي هجي ۽ وقت بوقت
پنهنجي ڪارڪردگي جي سالانه رپورٽ شايع ڪندي هجي.
هن معيار موجب رڳو هي جماعتون ”ادبي تنظيم“ مڃي
سگهجن ٿيون:
(1)
”انجمن علم و ادب“ – 1934 کان 1952 تائين
(2)
”بزمِ رفيق، (رفيق ڪمپني جي ذيلي ادبي تنظيم) 1947
کان 1964
(3)
”بزمِ فردوس“ – ماهوار ”فردوس“ طرفان ماهانه
مشاعرو ڪرائڻ جي تنظيم – 1950 کان 1956 تائين
(4)
”بزمِ سروري“ (ڪاليج جي شاگردن جي ادبي تنظيم)
1951 کان 1960 تائين
(5)
”بزمِ طالب المولى“ (مرڪزي) هن تنظيم جون 30 شاخون
سنڌ ۾ قائم آهن. 1966 کان هلندڙ آهي. ڏات ڪتابي
سلسلو ۽ طالب المولى اڪئڊمي هن تنظيم جا ذيلي
اشاعتي ادارا آهن.
(6)
”انجمن فروغِ ادب“ 1960 کان 1966 تائين.
(7)
”سنياسي ادبي سنگت“ – 1858 کان 1980 تائين
(8)
”پرواز ادبي سنگت“ – 1965 کان 1975 تائين
ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته انهن ڪوتاهين
جي باوجود جنهن محنت ۽ محبت سان اسان جي نوجوان
ليکڪ مخمور بخاري پنهنجي اباڻي پڳ يعني ڊاڪٽر
ممتاز بخاري وانگي تحقيق جي ميدان ۾ قدم رکيو آهي،
اُها سندس ادب دوستي ۽ هالا سان حُب جو زنده ثبوت
آهي.
مون کي اُميد آهي ته مخمور بخاريءَ جي تحقيق جي
هيءَ پهرين وک اڳتي هلي کيس منزل ماڻڻ ۾ مددگار
ثابت ٿيندي. ادب جي شاگردن لاءِ بهرحال هيءُ ڪتاب
هڪ سٺو رهبر ثابت ٿيندو.
هيءُ ڪتاب ”سيف بخاري اڪئڊمي“ هالا شايع ڪيو آهي ۽
اُن جي قيمت سؤ رپيا مناسب آهي.
امداد حسيني
مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي
[ڀڳت کيم چند آسناڻيءَ جي آتم ڪهاڻي]
علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو آهي ته:
”سچ پڇو ته ڪي بهترين ڪتاب، جن کي مون نهايت ئي
ذوق سان پڙهيو آهي، سي ڪن شخصن جا پنهنجو پاڻ بابت
لکيل دستاويز آهن“
ان ڏس ۾ وڌيڪ چيو اٿس ته:
”ڀل کڻي ڪو افلاطون هجي يا ڪو عام غريب هاري، جيڪر
هو پاڻ ويهي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي، ته ان جهڙو
دلچسپ ٻيو بيان ٿي نه ٿو سگهي.“
ڀڳت کيم چند آسناڻيءَ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا
اهي لفظ نه پڙهيا هوندا، نه ئي ٻڌا هوندا. هن
پنهنجي آتم ڪهاڻي ستسنگي ساٿين جي چوڻ تي 92 ورهين
جي ڄمار ۾ لکي – ان کانپوءِ به پاڻ 15 سال جيئرو
رهيو. ان آتم ڪهاڻي کانسواءِ به سندس ڪيتريون ڇپيل
۽ اڻڇپيل لکڻيون موجود آهن، جن جو وچور سهيڙيندڙ
ولي رام پاران ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.
”ڀڳت آسناڻي هڪ وڏو ودوان هو. علم ۽ اڀياس کان
علاوه هُو سماج سڌاري ۽ خدمت خلق ۾ به اڳڀرو هو.“
[ص 7، پيش لفظ] هو فائينل پاس هو ۽ فائينل وڏي
ڳالهه هئي،جيستائين فائنل هئي، تيستائين سنڌ ۾
تعليم جو معيار به اوچو هو، ون يونٽ جي دور ۾
فائنل جو [اسان جي پنهنجن جي هٿان] خاتمو آندوويو!
”مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي“ ڏاڍو وسيع معنى
وارو ۽ واضح عنوان آهي. سنڌ جي اُن دور جي امن
امان جي خبر ان مان پئي ٿي. البت جيڪو ڌن ڀڳت
آسناڻي وٽ هو، اُهو هو گيان
(Knowledge)،
جيڪو هن ٻنهي هٿن سان ورهايو ۽ هن ڪتاب ۽ سندس ٻين
لکڻين مان ائين ٿو ڀاسي، ڄڻ اِهو ڌن/ گيان هو اڄ
به ورهائي رهيو آهي ۽ اهو کٽڻو به ناهي!
ڪتاب جو مهاڳ ولي رام ولڀ۽ پيش لفظ روچي رام لکيا
آهن، جيڪي ڀڳت آسناڻيءَ جا شاگرد پن رهيا آهن، مون
مهاڳ ۽ پيش لفظ ترسي ترسي پڙهيا آهن، انهن جي الڳ
۽ خاص اهميت آهي. روچي رام ٿر ۽ سنڌ، ڌرم ڪرم،
سماج، سڀيتا، سياست ۽ اقتصادي جي ڄڻ هڪ تاريخ رقم
ڪئي آهي ۽ ان سڄي پسمنظر جي فريم ۾ ڀڳت آسناڻي جو
چتر فٽ ڪيو اٿس. اسان جي سماج ۾ ”نون خيالن“ جو
اظهار ممنوع آهي، خاص ڪري ڌرم بابت اهڙن ئي چڀندڙ
سوالن جي جواب ۾ ڀڳت آسناڻي هڪ هنڌ چئي ٿو:
”ڌرم ڪي خيال آهن، جيڪي زندگيءَ کي باعمل بڻائين
ٿا.“ [ص 14]
سچل سائينءَ فرمايو آهي:
مين تا ڪوئي خيال هان،
ملسان نال خيال دي!
ان ڏس ۾ ڀڳت آسناڻيءَ جي هن جملي جي دائمي اهميت
آهي:
”هر وقت نئون پاڻي نه وهي ايندو ته بيٺل پاڻي گندو
ٿي ويندو.“ [ص 14]
اڄ جڏهن سنڌو سڪو پيو آهي، اُن ۾ نئين پاڻي بدران
گندو پاڻي اچي رهيو آهي ۽ آبي توڙي خشڪي تي رهندڙ
جيوت تباهه ٿي رهي آهي ته ڇا ڀڳت آسناڻي کي اهي
پريندي ئي پرون پئجي ويا هئا! هتي ڪجهه جملا بنان
ڪنهن ٽيڪا ٽپڻيءَ جي ڏيان ٿو:
-
”زندگي روزانو نئين آهي.“ [ص 15]
-
”هو گذريل پل جو نوٽ وٺندو هو، پر اُن کي واپس آڻڻ
جي فضول ڪوشش نه ڪندو هو.“ [ص 15]
-
”انسان جي تخليق ۾ سموريون طاقتون موجود آهن جن کي
اُجاگر ڪرڻو آهي. انسان بي جان ناهي، متحرڪ آهي،
بي عمل ناهي، باعمل آهي.“ [ص 16]
ان ريت ”ناستڪپڻي“ بابت پاڻ جيڪو چيو اٿس. [ص 11]
اُهو به پڙهڻوٽان آهي.
ڀڳت آسناڻي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ کي مختلف ننڍن ننڍن
عنوانن ۾ ورهايو آهي. ولي رام، ڀڳت آسناڻيءَ جي
ڄمار جي آڌار آتم ڪهاڻيءَ کي ’مختصر‘ چيو آهي، پر
انهيءَ اختصار ۾ به گهڻو ڪجهه آهي. ڀڳت آسناني
پڙهيو به، گهرست جيون به گذاريو، نوڪري به ڪيائين
ڌرم ڪرم سماج سڌارڪ به رهيو ۽ ماڻهن جي سيوا به
ڪيائين. سير سفر به ڪيائين، ته پنجاهي کين [10
ڇپيل ۽ 40 اڻڇپيل] پستڪ ۽ ليکڪ به ڇڏيائين.
آتم ڪهاڻي دلچسپ آهي. اُن دور جون ڳالهيون پڙهي
ڏندين آڱريون اچيو وڃن. جيئن ”ڪراچيءَ جو سير“ ۾
هو ”منگهڻ“ جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ لکي ٿو ”جتي
جيترو سُک آهي، اُتي اوترو ڏک آهي!“ [ص 69] يا
”ڪڇ ڀڄ جو سفر“ ۾ فلم ”برهمچاري“ ڏسي اکيون بند
ڪري ٿو ڇڏي! هُو ”ڪنيا پاٺشالا“ ٺهرائي ٿو، جيڪا
ٻه دفعا بند ٿي وري هلي ٿي، هاڻي جي خبر نه آهي!
برهمڻن لاءِ پڙهڻ جو بندوسبت ڪري ٿو ته جيئن هو
ڀرم، سنسي ۽ ڪوڙين ڳالهين کان پاسو ڪن پر پوءِ ڪن
ماڻهن کان سَٺو نه ٿو ٿئي ۽ پاٽشالا بند ٿي ٿي
وڃي! سندس قائم ڪيل آکاڙي تي پئٽرول پمپ جو مالڪ
قبضو ڪري ويهي رهيو ۽ لائبرريءَ جا ڪتاب ڪو شاهينگ
چورائي ويو!
ڀڳت کيم چند آسناڻي حقو به ڇڪيو، ٻيڙي به پيتي،
گوشتبه کاڌو، خرچي [رشوت] به ورتي، هڪ وئشيا سان
سنڀوڳ ڪري ڪلنڪت به ٿيو:
آفيس جو منشي ڄاڻي واڻي کل مسخريءَ ۾ وئشيا کي
جيڪا آفيس ۾ ڏينهن جو ايندي هئي، چوندو هو ته
’کيمن‘ کي اگهاڙو ڪر، هوءَ منهنجي پٺيان وٺي پوندي
هئي. آئون وڃي آچر جي ڪوٺي ۾ لڪي ويهندو هوس. اهڙي
سنگت ۾ بي داغ ڪيئن رهي سگهبو. وري اڻڄاڻ ۽ نوجوان
ڇوڪرو، سو نيٺ به ٽي دفعا وڌيڪ وڃائي ڪلنڪت ٿيس.“
[ص 41]
ڪتاب ۾ ڪيترن لفظن جون معنائون فٽ نوٽ ۾ لکيون
ويون آهن، انهن ۾ ڪي ته هندي / سنسڪرت يا ڌرمي شبد
آهن، پر ڪيترن سنڌي الاصل لفظن جون معنائون پڻ
ڏنيون ويون آهن، مثلاً نيات، ڪُرَسمي……! اچرج ان
تي ٿو ٿئي ته سنڌيلفظن جي معنى فارسي يا عربي لفظن
۾ ڪئي ٿي وڃي. هاڻي ته سنڌي لفظ واهپي ۾ به نه آهن
۽ متروڪ ٿي رهيا آهن. اڃا به ڪتاب ۾ اهڙا لفظ هئا،
جن جي معنى لکڻ کپي ها، خاص ڪري هندي/ سنسڪرت لفظ.
صفحي 65 تي هڪ اَڌُڀُت وارتا لکي اٿس. پنجاب جي هڪ
وڏي شهر ۾ کيس ماکيءَ جون مکيون ورائي ٿيون وڃن ۽
سڄو سُڄائي ٿيون ڇڏينس ۽ هو ڀڳوان سان اُن جو ڏک
ٿو ڪڍي – پر پوءِ اُن [مکين جي ڏنگ] جي ڪري ٻرهال
جو مرض ختم ٿيو وڃيس!
”مون وٽ نڪا پيتي نڪو ڪلف ڪنجي“ ۾ ڀڳت کيم چند
آسناڻي جا اَملهه ۽ امر ويچار آهن، جيڪي ڪو به
شاهينگ لائبرري جي ڪتابن وانگي نه ٿو چورائي سگهي:
”ٻاهر مُکي وِرتيءَ ڪرڻ کان انتر مُکي ورتيءَ
ڪرڻ ۾ وڌيڪ شانتي آهي.“ [ص69]
اڄ جڏهن سڄي سنسار ۾ اَشانتي آهي، تڏهن پنهنجي
اندر ۾ جهاتي پائڻ سان شانتي ماڻي سگهجي ٿي. هيءَ
حقيقت منڪشف ٿي سگهي ٿي:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سور هئا.
نه رڳو هي ڪتاب اسان کي پڙهڻ ۽ اُن مان پرائڻ
گهرجي، پر ڀڳت کيم چند آسناڻيءَ جون ٻيون لکڻيون
به ڇپجڻ گهرجن ۽ اسان تائين پهچڻ گهرجن، ڇو ته
سندس لکڻين ۾ پڙهڻ جي پياس وڌائڻ جي شڪتي آهي ۽
اهائي شڪتي ڪنهن به لکڻي جي پرک جو ماڻ پڻ آهي.
[ڀڳت کيم چند آسناڻي ميموريل پبليڪيشن مٺي جي
ڇپايل هن ڪتاب جي قيمت 75 رپيا آهي ۽ سٽي پريس بوڪ
شاپ ڪراچي وٽان ملي سگهي ٿو.]
نصير مرزا
ٽانڊاڻي جي لاٽ – 1
29 – اپريل 2004ع جي سانجهيءَ ٽاڻي ڌاري، سنڌ جي
جهوني نيم ڪلاسيڪل ڳائڻي مائي الهه وسائيءَ جي
حياتيءَ جو ڏيئو بٺوري جي جنهن سر زمين تي اُجهامي
ويو، اُن ۾ ئي 30هين اپريل جي منجهند ڌاري، مهر
شاهه جي قبرستان لڳ هوءَ سپرد خاڪ ٿي ويئي! سنڌ۾
’سنڌي راڳ‘ جي حوال سان مائي الهه وسائيءَ تي
’سرسوتي ديوي‘ نهايت مهربان رهي ۽ گمان آهي ته هن
گائڪا گذريل صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ڌاري جنم ورتو
هوندو، جو وصال وقت سندس ڄمار اسي ورهين کان ته
بهرحال مٿيئي هئي! سندس جنم جو هنڌڳوٺ ڍاڍر، تعلقو
ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو آهي ۽ هوءَ درياهه بادشاهه
سان لاڳاپيل غريب ميربحر (ملاحن) جي اڀري سڀري
گهرڙي ۾ ڪنهن سُريلي ڏينهن تي پيدا ٿي هئي.
ننڍي کنڊ ۾ انهيءَ زماني کي، مِس گوهر جان آف
ڪلڪته، ستاره ٻائي ۽ ٿورو پوءِ زهره ٻائي انبالي
واري، اختري ٻائي فض آبادي، ملڪه پکراج ۽ اُن کان
ٿورو پوءِ نورجهان ۽ ثريا وغيره جهڙين بي مثال ۽
قيامت تائين امر گائڪائن جي عروج جو زمانو سمجهي
سگهجي ٿو ۽ اُنهن ئي عظيم ڳائڻين جي سُرن سان جڏهن
هند سنڌ جو آسمان گرامافون رڪارڊن جي ذريعي گونجي
رهيو هو، اُن ئي زماني ۾ مائي الهه وسائي (قدرت
جنهن کي حسين آواز عطا ڪيو هو) ننڍپڻ مان
نوجوانيءَ ۾ قدم رکي رهي هئي.
سنڌ ۾ اُن دور ۾ بزرگن جا ميلا، مانڊا، ٿيئٽر،
درويشن جا درگاهه، پيرن فقيرن جا مڪان، جاگيردارن
جون اوطاقتون ۽ غريبن جي شادين جا ڇنا، موسيقي جا
وڏا مرڪز سمجهيا ويندا هئا.
موسيقي جي شديد مداح ۽ راڳ کي پنهنجو پهريون ۽
آخري عشق سڏيندڙ، مائي الهه وسائيءَ چواڻي ته،
ٻارهن تيرهن ورهين جي ڄمار ۾ هُن ماتلي ۾ گل
غيبيءَ جي ميڙي ۾، مائي جيوڻي ۽ گواليار گهراڻي جي
بابا بيبي خان کي ڳائيندي ٻڌو انهن جي رگا ۾ رڱنجي
انهن جي ٿي ويئي، بيبي خان ۽ فدا حسين خان کان
ڳانو ٻڌرائي، راڳ وديا جي درس وٺڻ لاءِ گوڏو ڀڃي
ڳائڻ ويهي رهي.
راڳ جي ميدان ۾، باقاعدي ۽ انفرادي طرح سان، جنهن
وقت مائي الهه وسائي محفلن ۾ متعارف ٿيڻ شروع ٿي.
سنڌجون هوائون جيوڻي ٻائي، مائي الهه رکي، ساوتري
گداوڻي ۽ موليٻائي جي سُرن سان اڳ ئي ٻُري رهيون
هيون.
مائي الهه وسائيءَ چواڻي: اُن زماني ڌاري… بٺوري
واري خانبهادر جمال خان لغاري، ماتلي واري رئيس
ڪريم بخش نظاماڻي، پٻڻ/ ميرپور خاص وري پير غلام
رسول شاهه جيلاني، مٽياريءَ واري سائين زمان شاهه
۽ ڀٽائي جي درگاهه جي راڳيءَ سائين غلام شاهه جهڙا
هاڪارا گُني انسان ۽ راڳ جا وڏا پارکو ۽ شيدائي،
سنڌ جي سر زمين تي رهندا وسندا ۽ گائڪن جون دل
کولي همت افزايون ڪندا ۽ اُنهن کي نوازيندا رهندا
هئا.
پر باوجود اِن جي سنڌ جون اِهي سڀ ’يگانيون
گائڪائون‘ هند جي اڪثر گائڪائن وانگر ڪڏهن به
مالدار مايون نه بڻجي سگهيون هيون ۽ پڇاڙي سندن
’غريبت‘ ۾ گزري. مِس گوهر جان، ستاره ٻائي، ملڪڪ
پکراج وغيره ته هند ۾ راجائن ۽ مهاراجائن جي درٻار
سان لاڳاپيل هيون، جڏهن ته اخر ٻائي، زهره ٻائي
انبالي واري وغيره اردو غزل خواني ۽ ’مجرائي‘
انداز جي گائڪيءَ سبب مالامال ٿيون… ۽ هيڏانهن،
سنڌ ۾ هي اسان جون ڳائڻيون وري مجازي ڪلام،
عارفاڻو ڪلام ۽ فراقيه ڪافيون وغيره ميلن مانڊن ۽
ٿيٽرن ۾ ڳائي عام خاص جو روح ريجهائي رهيون هيون…
۽ آءُ نه ڀانئيان نه جيوڻي ٻائي يا ساوتري گدواڻي
يا مولي ٻائي کي رهائش لاءِ ڪو محل نما گهر ۽ سفر
ڪرڻجي لاءِ ڪا اعلى قسم جي سواري ميسر ٿي.
مس گوهر جان آف ڪلڪته راڻي وڪٽوريا جي جُڳ جي
فنڪارا هئي، جنهن کي خود راڻي وڪٽوريا وانگر ئي
ڪلڪتي جي روڊن تي، شام جي وقت هواخوري سير سياحت
جي لاءِ عاليشان (ٻن گهوڙن واري) وڪٽوريا گاڏي
هوندي هئي. ستاره ٻائي به برٽش پيريئڊ ۾ اُن وقت
هڪ عدد ڪار جي مالڪڻ هئي. سعادت حسن منٽو هن بابت
اِن ڪار جي حوالي سان سندس خاڪي ۾ هي ڪيڏو نه
مزيدار جملو لکيو آهي: ”الله بڙا ڪارساز هي،
(ستاره بائي کو) اس ني کار بهي دي هي اور ساز
بهي.“
…۽ هيڏانهن مائي الهه وسائي، جنهن ٻڌايو هئم ته
’ڍارڍر‘ مان هوءَ ڪنهن محفل ۾ ڳائڻ ويندي هئي ته
ڀاڙي تي ڪيل اُٺ تي سوار ٿيندي هئي يا پوءِ ڏور
پري وارين محفلن ۾ هوءَ بدين وارين ريلوي ٽيشڻ
تان، اِن اڪيلي سواريءَ ۾ سوار ٿي، هيڏانهن
هوڏانهن ويندي هئي.
هند ۾ اِهو ’بلبل هند‘ سروجني نائيڊوءَ جهڙي
سُريلي عورت جي سياست جو زمانو هو، جو مائي جيوڻي
بمبئي ۽ مائي الهه وسائي ڪراچي ۾ ماري پُور روڊ لڳ
هزماسٽرس وائيس ڪمپنين ۾ پنهنجا آواز ڏيڻ شروع ڪيا
هئا.
سنڌ ۾ اُن زماني ۾ ريڊيو ٽيشنون اڃا آيون ڪو نه
هيون ۽ راڳ جا ذونقين ’گرامافون‘ تي اُنهن ماين ۽
بين راڳينجا رڪارڊ ٻُڌي روح کي راحت وٺرائيندا
هئا. اهڙو هڪڙو گراموفون اسان به وٽ هو ۽ اُن جي
ڪري ڪِن ٻين هاڪارن راڳين سان گڏ مائي الهه وسائي
ساوتري گدواڻي، مائي الهه بچائي ۽جيوڻي ٻائيءَ جو
نالو۽ آواز به منهنجن ڪنن ۾ ننڍي هوندي کان ئي پيل
هو.
۽ ڪيڏا نه پُرلطف هوندا هئا اُنهن جا آواز… ۽ اڄ
به، اُنهن پراڻن ’ڪتي ڇاپ‘ رڪارڊن مان، ڪنهن وقت،
فوني ۾ چاٻي ڀري، سُئي اُنهن تي رکي، اُنهن مان
ٻڏندڙ، اُڀرندڙ ۽ هوا ۾ ترندڙ ڪنهن گائڪا جي
پُراسرار آواز کي ڪنائيندو آهيان ته لڳندو اٿم ته
اُونهي کوهه جي تري ۾ ڪائي جنڙي ويٺي راڳ جو رياض
ڪري! اِهي جهونا ”ڪتي ڇاپ رڪارڊ“، هِن وقت به
ڀانيان ٿو ته، هزارن ۾ کڻي نه پر سون جي تعداد ۾
سنڌجي ڪن خاندانن وٽ آرڪائيوز ۾ محفوظ (الائي غير
محفوظ) پيا ضرور هوندا! پر اڄ جي ماڻهوءَ ۽نئين
نسل وٽ وقت ئي ڪٿي آهي، ماضيءَ جي اُن حيرت جهڙي ۽
پراسرار ذخيري کي گدام مان ڪڍي ٻڌڻ ۽ عوام ۾ ظاهر
ڪرڻ جو؟
۽ اهي ئي مهمان گائڪ مايون، پنهنجي دور ۾، عام خاص
آڏوجڏهن ڳائڻ ويهنديون هيون ته موتين سان جهول ڀري
اُٿنديون هيون ۽ اجهو وقت جو ڦيرو کاڌو ته اُن سان
گڏ عوام ۾ اُنهن عجوبهء روزگار فنڪارائن کان مُنهن
موڙي، جديد اوازن ۽ تروتازه چهرن ڏي پنهنجو رُخ
ڪري ڇڏيو آهي.
هالا نوان جي شاعر ’غلام‘ هالائي جو شعر پيو هتي
ياد پويم:
نو هوندا رُخ مٿان تنهنجي، سدائين سر ڏيڻ وارا،
زوالِ حُسن جي آيو ته ديوانا ڇڏي ويندا.
1985ع کان اڳ تائين مائي الهه وسائيءَ کي روبرو
مون ڏٺو ڪڏهن به ڪو نه هو! صرف فونوگرام تي ٻُڌو
هو ۽ سندس آواز جو ڌاڪو ۽ دهشت منهنجي ذهن تي ائين
هئي جيئن اڄ تائين تاج محل جي عمارت جي آهي.
86- 1985ع ڌاري، ڊگهي خاموشيءَ کانپوءِ، هُوءَ
ريڊيو تي ڳائڻ جي بهاني سان پهريون ڀيرو مون سان
جڏهن اچي ملي ته سندس وڏي ڄمار ۽ صحت کي ڏسي، جيءَ
کي جهوٻو آيو هئم ۽ لڳو هئم… مائي الهه وسائي کي
ڪو نه پيو ڏسان، پر شهر حيدرآباد جي ’پرتاب محل‘،
’مکي هائوس‘، ’روپ محل‘، ’موتي محل‘ ۽ ’مولچند
محل‘ جي هاڻوڪين جهرندڙ ڀُرندڙ ديوارن ۽ اُڏوهي
کاڌل درن کي پيو اکين سان ڏسان!
مون دلگير ٿي سوچيو هو… اي ڪاش! هُوءَ ريڊيو
حيدرآباد تي علي محمد چاڳلا، حميد نسيم، ايم بي.
انصاري ۽ غلام حسين شيخ جهڙن موسيقيءَ جي پارکو
پروڊيوسرن جي وقت ۾ لڙي پوي ها ته سندس ڇا ته
شاندار رڪارڊنگ ٿي چڪي هجي ها پر شايد ريڊيو تي
هُن کي پهريون دفعو رڪارڊ ڪرڻ منهنجي ئي نصيب ۾
لکيل هو يا مون کان اِجهو پوءِ پروڊيوسر گلزار
احمد ملاح جي!
باوجود وڏي ڄمار جي، هُن پهريون دفعو، روبرو ويهي،
منهنجي خواهش تي ڳائڻ لاءِ جڏهن چپَ کوليا ۽ آ…آ…
ڪري، ٻول کڻي تان پَلٽي سان جهونگاريو ته لڳم، ته
هرڻ هوا ۾ ٻرانگهون ڀريندا صحرا ۾ ڊوڙندا پيا وڃن…
لڳم: آسمان ۾ ڪڪر مڙڻ شروع ٿي ويا آهن. رکي رکي
هُن ڪنهن ٻول سان پلٽو ٿي هنيو، ته ڀانيم پئي، ڄڻ
پيلن پيلن املداس جي گلن سان جهنجهيل لامن کي ڪوئي
لوڏي پيو ۽ ائين ئي، هُن جهونگاريو پئي جو سندس
ڳايل هِن شعر تي اوچتو منهنجا ڪَن کڙا ٿي ويا:
حسن آ باز مگر عشق وڏي آفت آ،
ها ٻُڌو ٿئون ته ڪڏهن باز به جهٽجي ٿووڃي.
’لطيف ايوارڊ يافته‘ فنڪاره مائي الهه وسائيءَ کي
مون پويون ڀيرو ڀٽائي جي ميڙي ۾ ڏٺو، جتي 6- اپريل
2004ع تي، وفات کان صرف 23-22 ڏينهن اڳ هُوءَ لطيف
جي اسٽيج تي پنهنجي زندگيءَ جي آخري پرفارمنس ۽
حاضري ڏيڻ جي لاءِ آئي هئي. ڳائڻ کان ڪي گهڙيون اڳ
ڏٺم – هُن اسٽيج جي پويان رت جون اُلٽيون پئي
ڪيون!… پر باوجود اِن جي، اُن ڏينهن هن ڳايو ڏاڍو
شاندار!
۽ نهايت جلد پوءِ اطلاع پهتو ته مائي الهه وسائي
بٺوري پهچي شديد بيمار ٿي پئي آهي. اهڙي اطلاع ملڻ
کانپوءِ هن لاءِ دستور موجب واهر ۽جوڳي علاج لاءِ
اخبارن ۾ آواز ٻُرڻ ئي شروع پئي ٿيو.
… ۽ هي تاثر اِجهو انهن لفظن تائين تحرير ڪرڻ بعد،
ڪاڳر تان قلم ۽ ڪنڌ کڻي مٿي جو نظر وڌم، ته آسمان
جي وسعتن ۾ اوچتو ڪنهن قبر – ڪتبي تي لکيل هِن
تحرير جي عڪس تي نگاهه پيم. لکيل هو:
مائي الهه وسائي مرحومہ
تاريخ وفات: 29- اپريل 2004
تدفين: لڳ مهر شاهه قبرستان
ميرپور بٺورو
ضلعو: ٺٽو سنڌ.
امداد حسيني
ٽانڊاڻي جي لاٽ – 2
ڄامڙڪيءَ [گاجيا/اصغر آباد] ۾ هڪ ڪاڄ هو. اُتي
سائين زمان شاهه ملاڪاتياري مليو هو. شايد
ملاڪاتيار واپس وڃي رهيو، جهَٽ لاءِملياسين ته
هلندي ئي چيائين:
”ملاڪاتيار ۾ ادب جو آخري ڏيئو به گل ٿي ويو!“
ڳالهه سمجهه ۾ نهآيم، مان به ساڻس هلڻ لڳس، تڏهن
پاڻ ”گدا“ ملاڪاتياري جي لاڏاڻي جو ٻڌايائين…! مون
کي اعتبار ئي نه آيو! اڃا گذريل هفتي ”بزم روح
رهاڻ“ ۾ ته هُو اسان ۾ موجود هو!… ۽ سڀني جي چوڻ
تي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ ”سنڌو“ تي پنهنجو نظم
سُر سان ٻڌائي رهيو هو!
ملاڪاتيار ۾ به هڪ ادبي ٽيڙوهو:
”مسڪين“ ملاڪاتياري
”گدا“ ملاڪاتياري
(۽) ”ساز ملاڪاتياري
ان ٽيڙيوءَ مان ٻه تارا ”مسڪين“ ۽ ”گدا“ کڙي چڪا –
علي احمد شاهه ”ساز“ زندگيءَ جي خفن ۾ گم آهي!
”مسڪين“ کانپوءِ ”گدا“ ملاڪاتيار ۾ ادب جي ڏيئي جي
وٽ سوريندو رهيو هو. هن اُتي ”ڏات، ڏيپ،مارڪو سنت“
قائم ڪئي ۽ ان سنت پاران ملاڪاتيار جهڙي بي حس ۽
علم ادب کان وانجهيل شهر ۾ پاڻ ٻاري به، ادبي جوت
کي جيئاريندو رهيو. ملاڪاتيار کان چار ميل اوريان
ٽکڙ جهڙي علمي ادبي مرڪز ۾، منهنجي سانڀر ۾، جيڪي
مشاعرا ٿيا، تن ۾ مسڪين، ساز ۽ گدا جي شرڪت لازمي
هوندي هئي. پنڌبه اچي پهچندا هئا. طرحي ۽ غير طرحي
مشاعرا فجر جي ٻانگ تائين هلندا هئا. ڪجهه سالن اڳ
تائين ته مشاعرن جو اهو سلسلو هلندو رهيو. منهنجو
سوٽ شبير ”هاتف“ جڏهن به سعودي عرب مان سنڌ ايندو
هو، تڏهن ٽکڙ ۾ مشاعري جو اهتمام ٿيندو هو، انهن
مشاعرن جي سُٺي ڳالهه اها هوندي هئي، ته پري پري
کان شاعر اچي اُنهن ۾ شريڪ ٿيندا هئا – ساڳئي وقت
اُنهن مشاعرن ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت پڻ هوندي هئي.
هر شاعر دل کولي پنهنجا شعر ٻڌائيندوه هو. ٻڌندڙ
دل کولي کين داد ڏيندا هئا – پر پوءِ اِهي مشاعرا
به ”ذاتي انائن ۽ عنادن“ جي ور چڙهي ويا!
”گدا“ ملاڪاتياري ٻولي ۽ ساهت جو هڪ عام ڪارڪن هو.
تحت الفظ توڙي سُر ۾ شعر ٻڌائڻ جو مخصوص انداز
رکندو هو. مشاعري ۾ هن کان ”سٺ تي آهي ڪانٽو“ نظم
ٻڌائڻ جي فرمائش ضرور ڪئي ويندي هئي.
”بزم روح رهاڻ“ ۾ هر هفتي ملاڪاتيار مان اچي شريڪ
ٿيڻ به ڄڻ ”گدا“ ملاڪاتياريءَ پاڻ تي فرض ڪري ڄاتو
هو. ”بزم روح رهاڻ“ جي اهڙي ئي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ هن
”مسڪين“ ملاڪاتياري جي ورسي ملهائڻ جي رٿ رکي.
حميد سنڌيءَ، پرواني ڀٽيءَ، حبيب الله صديقي ۽ ٻين
دوستن ان ڏس ۾ ملاڪاتيار هلڻ جي حامي پڻ ڀري،
ڏينهن ۽ تاريخ به طئي ٿي وئي – ڪارڊ ڇپيا – ورهايا
ويا. دوستن پنهنجا ٻيا پروگرام ٻين ڏينهن تي ٽپايا
– پر اوچتو خبر پئي ته اها ورسي نه پئي ٿئي!
ڪارڻ؟… ته ”مسڪين“ جي پونئيرن اعتراض واريو ته
”مسڪين“ جا وارث اسين آهيون – تون [گدا] ڪير ٿيندو
آهين، اُن جي ورسي ملهائڻ وارو! هاڻي ته خود ”گدا“
ملاڪاتياريءَ جي ورسي / ڏينهن ملهائڻ لاءِ اُن جي
پونيرن/ وارثن جي ڳولا ڪرڻي پوندي!.
اصغر
هالو
”اصغر“ هالو محمد جمن هالي جو پٽ هو، محمد جمن
هالو پاڻ به شاعر هو. اصغر هالو به شاعر هو … شاعر
ابن شاعر. ٻنهي پيءُ پٽ ۾ فرق اهو هو ته محمد جُمن
هالو ڪافي جو شاعرهو ۽ ”اصغر“ هالو غزل جو
ٺٽي ۽ ڪراچي ۾، سنڌي ادب کي اوڄ ڏيڻ ۾، ”اصغر“
هالو پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي پيءُ
محمد جمن هالي جي ادبي روايتن کي جاري رکندو آيو.
”اصغر“ هالي جي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي رهيو هو –
ڇاڪاڻ ته هُن اُن جا ڪمپوز ٿيل صفحا مون کي
اُماڻيا هئا ته جيئن مان سندس شعريءَ تي ٻه اکر
لکان ۽ مون اُهي لکي کيس ٽپال ۾ موڪليا به هئا. ٽي
وي جي هڪ مشاعري ۾ ”اصغر“ مليو ته پڇڻ تي ٻڌايائين
ته منهنجو مواد کيس ملي چڪو هو ۽ ڪتاب ڇپائي هيٺ
آهي.
اڄ جڏهن ”اصغر“ هالو اسان ۾ موجود نه آهي، تڏهن هن
کي ياد رکڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته:
1)
هن جي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي، ۽
2)
هُن جي مچايل محفل مَتل رکڻ گهرجي.
خط
هالا سنڌ
آچر 2004 – 5 – 23
اهو ڄاڻي خوشي ٿي توهان کي سرتيون ۽ گل ڦل سان
گڏوگڏ ٽماهي مهراڻ جو نگران
ايڊيٽر/معاون/اصلاحڪار/ يا ٻيو ڪجهه – پر ڪنهن به
ڀاڱي ان نامياري رسالي سان توهان کي لاڳاپيو ويو
آهي. ائين مهراڻ کي يقين اٿم ته اڳيون اوج اوس
ملندو.
انعام شيخ جو حوصله افزا خط مليو اٿم ۽ اوهان جي
حڪم جي تعميل طور 3 عدد نوان نڪور غزل ۽ هڪ عدد
وائي موڪلي رهيو آهيان، انهن کي نظر مان ڪڍي ڇپڻ
لاءِ ڏيندا.
گل ڦل لاءِ به هڪ ننڍپڻ جو واقعو ٻاراڻي ٻوليءَ ۾
لکڻ جي ڪوشش ۾ آهيان. [ٻار هاڻي سڀ جوان ٿي ويا
آهن. ٻاراڻي ٻولي به هاڻي وسري ويئي آهي ۽ اُها
لکڻ به ڏاڍي ڏکي آهي] - اهو به انشاء الله هفتي
کن ۾ موڪلي ڏيندس.
حميد شهيد هالائي
معرفت الڪريم اسٽيٽ ايجنسي
طارق روڊ – هالا سنڌ
فون: 32044 – 0228
دادو سنڌ
2004.4.27
رسالن جي اڻاٺ واري هن دور ۾ مهراڻ جو پنهنجن
وسيلن آهر مستقل نڪرڻ ۽پنهنجي معيار کي برقرار رکڻ
– پوءِ اُهو ڪهاڻي وارو ڀاڱو هجي يا شاعريءَ ۽
مضمونن وارو – هڪ سٺي ڳالهه آهي.
پنهنجو ڪتاب ”سفر“ [ڪهاڻيون] تبصري لاءِ اُماڻيا
ٿو.
ٻه عدد نثري نظم به ان سان گڏ آهن.
مشتاق ڀرڳڙي
ڀرڳڙي رائيس مل
لاڙڪاڻو سنڌ
سڀ کان پهريائين مهراڻ جو نئون جنم مبارڪ. مهراڻ
ٽِماهيءَ بدران ”مُند وار“ بڻجي ويو آهي ۽ پهريون
ئي پرچو ”بهار“ جي سڳنڌ کڻي پهتو آهي.
چئن سالن جي وٿيءَ کانپوءِ نِڪورڪهاڻي ”خوشبو“ ۽
شاعريءَ مان ٻه اسم اماڻيان پيو.
احسان دانش
پي او باڪس نمبر 50 لاڙڪاڻو
توهان جو خط مليو، مهرباني. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته
مهراڻ هميشہ کان سٺو مواد مهيا ڪندو رهيو آهي، پر
جيئن اوهين پاڻ اُن جي فڪشن واري ڀاڱي ڏانهن ڌيان
ڏيڻ چاهيو ٿا، اهو هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. اسان
جو اوهان سان ڀرپور سهڪار رهندو. اميد ته جلد ئي
توهان ڏانهن پنهنجو مواد موڪليندس.
اسحاق انصاري
299 –
R
ڊيسينٽ هائوسز
گلستان جوهر بلاڪ 7
ڪراچي سنڌ
2004.4.21
مهراڻ جو تازو پرچو اڃا اڀياس هيٺ آهي، ان ۾ ڪافي
تازگي آهي. اها سٺي ڳالهه آهي ته ٽِماهي مهراڻ ۽
ٻيا رسالا وقتائتا نڪرن ٿا. پنهنجو هائيڪو ۽ ظهير
جو هڪ غزل موڪليان پيو
وسيم سومرو
نوابشاهه سنڌ
* * * *
2004.4.18
مهراڻ جو تازو پرچو پنهنجين مڙني حسناڪين سان منظر
عام تي پهتو. مواد جي ايڏي ڀرپور چونڊ ئي مهراڻ جي
انفراديت آهي.
اوهان وٽ منهنجا شعري مجموعا ضرور موجود هوندا.
مهراڻ ۾ انهن مان ڪنهن تي تبصرو نه ٿيو آهي. ”سمنڊ
جي هن پار“ تي منور سراج جو مضمون پڻ اوهان ڏانهن
موڪليل آهي.
ڏهاڪو کن غزل به مهراڻ لاءِ موڪليل آهن. هڪ غزل
وري به موڪليان پيو.
بخشل باغي
نوابشاهه سنڌ
ڄام شورو، سنڌ
2004.6.2
ٽماهي مهراڻ بهار – 2004ع جلد 54 – نمبر 1، بورڊ
مان خريد ڪري پڙهيم. ٽائيٽل اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر
نظر آيو، جيڪو پلاسٽڪ ڪوٽيڊ/ ليمينيٽيڊ ٿيل آهي،
جيڪا بهتري ڏانهن هڪ وِکَ ليکبي. اندر مواد جي ڏس
۾ مضمونن جي چونڊ ٺيڪ آهي، پر لي – آئوٽ ۽ ڊزائننگ
تي ڌيان ڏيندا. تصويرن جي ڇپائي معيار کي متاثر
ڪيو آهي، خاص ڪري اميرالنساء مگسي واري مضمون
”ميانوال طريقت ۾ ’آزي‘ جي اهميت“ ۾ ڏنل تصويرون
مقالي جي مناسبت سان ته موزون آهن، پر ڪاغذ جي غير
معياري هئڻ ڪري هڪ نمبر چشمي واري پڙهندڙ کي ٽيون
نمبر چشمو پائڻو پوندو، تڏهن ئي وڃي اُن جي اصليت
مٿس واضح ٿيندي. اميد آهي ته ڪاغذ ۽ ڇپائي طرف
جوڳو ڌيان ڏيندا، جيئن مهراڻ جي روايت ۽ ڇپائي جي
جديد گهرجن جو پورائو ٿي سگهي.
هاڻ اچون ٿا هڪ اهم نقطي تي، جيڪو فوري طور درست
ٿيڻ گهرجي. صفحي 217 تي ڊاڪٽر شمس سومري جي تصوير
ڏني وئي آهي، جنهن ۾ هن جو جنم درست آهي،
البتهوفات 12 ڊسمبر غلط ڄاڻائي ويئي آهي، جيڪا اصل
۾ 13 – ڊسمبر 2003ع صبح جو 4 وڳي آهي.
علامه غلام مصطفى قاسمي، شيخ محمد اسماعيل، علي
احمد بروهي ۽ ڊاڪٽر شمس سومير جون تصويرون 4 –
A
سائيز جي پيپر جي نسبت سان خوبصورت انداز ۾ڏيئي
سگهجن ها ۽ مختصر تعارف ڏجن ٿا ته ڪنهن به محقق کي
شخصيت بابت هڪ نظر ۾ ڄاڻ ملي ها.
فهيم نوناري
ڄام شورو، سنڌ
2004.6.5
ٽماهي مهراڻ ماضيءَ ۾ هڪ معياري رسالو رهيو آهي پر
پوءِ اُن جي حالت به موج ڀرئي مهراڻ واري ٿي وئي
آهي. اڳي نوان لکندڙ مهراڻ پڙهي لکڻ سکندا هئا ۽
مهراڻ رسالو ساڻ کڻڻ ۾ فخر محسوس ٿيندو هو، جيڪڏهن
مهراڻ بهار 2004 ۾ ڇپيل شاعري جي حوالي سان ئي
ڳالهه ڪجي ته اُن مان لڳي ته ائين ٿو ته شاعرن
جومقصد رڳو گهڻي ۾ گهڻو لکڻ ۽ گهڻي ۾ گهڻو ڇپجڻ ئي
وڃي رهيو آهي! سنڌي ٻوليءَ، ساهت ۽ سڀيتا - ۽
مجموعي طور تي سنڌ کي ڪهڙا خطرا ۽ ڪهڙيون للڪارون
آهن؟ اسان جي آسپاس ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي ڇا پيو
وهي واپري، تن جي نه ته اسان کي پروڙ آهي، نه ئي
پرواهه!
ٽي ايس ايليٽ چئي ٿو ته ”شاعر جي بنيادي ذميواري
پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن آهي ته اُن کي بچائي ۽ ترقي
ڏئي،“ پر شاعر حضرات، گهڻي ڀاڱي، پنهنجي ان بنيادي
ذميواري کان به رڳو آگاهه نه آهن پر هو اُن لاءِ
نوان خطرا پڻ پيدا ڪري رهيا آهن.
شاعري فن ۽ مقصد جي سنگم سان وجود ۾اچي ٿي ۽ اُن
جي جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو واحد وسيلو صرف ٻولي
آهي. خيال جي گهرائي کي، شاعريءَ ۾، لفظن وسيلي ئي
ڇهي سگهجي ٿو - ۽ اهو سڀ لاشعوري طور تي ۽ فطر طور
تي ئي ٿيڻ کپي – پر اسان وٽ اهڙي شاعري ٿي رهي
آهي،جنهن ۾ نه فن آهي، نه مقصد! ان ۾، ٻوليءَ سان
هاڃا ٿيل آهن ۽ بحر وزن /ڇند/ گهاڙيٽي/ هيئتجون
فاش غلطيونآهن. اچرج اهو آهي ته اهڙي شاعري ڇپجي
به رهي آهي، سو به مهراڻ جهڙي رسالي ۾! ان ڏس ۾
توهان کي پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ نڀائڻ
به گهرجي.
”سنڌ سنڌي ادب ۾ مهراڻ جو ڪردار“ جي عنوان سان
مهراڻ بهار 2004ع ۾ سراج جي هڪ لکڻي آهي، جنهن ۾
مهراڻ جي ڪردار بدران پنهنجي ۽ ٻين شخصيتن جي
ڪردار کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو آهي – جيڪي آهن: سائين
جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، حسام الدين
راشدي، محمد ايوب کهڙو، پاڻ (سراج)، محمد ابراهيم
جويو…! جڏهن ته هو سائين ميران محمد شاهه جو نالو
وساري ويو آهي! هڪ هنڌ سراج لکي ٿو ته:
”ايوب کهڙي صاهب جهڙي دبنگ کي به هن [يعني سائين
جي ايم سيد] جي چٺيءَ کي موٽائڻ جي همت ڪانه هئي.“
[ص 33]
هتي اسين اهو پڇي سگهون ٿا ته ”ايوب کهڙي صاحب
جهڙي دبنگ“ [۽ پير علي محمد راشديءَ] جڏهن سنڌ جو
تشخص ختم ڪري، اُن جي ڪونج ڳچيءَ ۾ ون يونٽ جو
ڳورو ڳٽ پاتو، تڏهن ڇا سائين جي ايم سيد، اُن
غداريءَ تي،، ”محمد ايوب کهڙي صاحب جهڙي دبنگ“ کي
ڪا چِٺي لکي؟ ۽ لکي ته ان کي مانُ ڏنو ويو؟“
”مهراڻ“ بهار – 2004ع ۾ منهنجي نظم ”سفر!
Suffur“
جي آخري سِٽ ڇپجڻ کان رهجي وئي آهي. اُها هيئن
پڙهي وڃي:
جڏهن سندس ري ڪجل ئي ڪاريون اکيون کڄن ٿيون، ته
روح سانگڏ اکيون به هِن جون ڪٿي رڄن ٿيون!
امداد حسيني
”… اڄ به اسين ڏسي سگهون ٿا ته ڊاڪٽر گربخشاڻي
پنهنجي رسالي جي ’مقدمي‘ ۾ اسلامي تصوف تي تمام
سهڻي انداز ۾ بحث ڪيو آهي ۽ ڪنهن به تعصب کانسواءِ
اظهار خيال ڪندي قرآن ۽ حديث جي حوالن سان تصوف جي
صداقت کي ثابت ڪري ٿو. اُن جي اِن محقانه ڪم تي
ڪنهن مسلمان کي به ڪو اعتراض نٿو ٿي سگهي، ڇو جو
هن شروع کان وٺي آخر تائين خالص علمي انداز برقرار
رکيو آهي. ذاتي طرح هندو هوندي به اهڙي سلجهيل
نموني ۾ بحث ڪرڻ تي ان جي جيتري به تعريف ڪجي،
اُها گهٽ آهي. باقي رهيو تصوف سان گڏ فلسفهء
ويدانت جو بيان، ته اُن ۾ به ڪو قابل اعتراض پهلو
ڪونهي، بلڪه هن صاحب ٻنهي جي تقابلي مطالعي جي
سلسلي ۾ جا اٿاهه معلومات فراهم ڪئي آهي. ان مان
اڄ به پڙهندڙ فائدو پرائي ٿو. ٻنهي صوفيانه مڪتبن
کي بيان ڪرڻ جي هڪڙي ٻي وجهه به آهي ۽ اها هيءَ
آهي ته هو هندن کي شاهه جي ڪالم سان وڌيڪ مانوس
ڪرڻ ٿو چاهي. اُن لاءِ جو شاهه ۽ سچل جي درگاهن
جي مريدن ۽ عقيدتمند هندن کانسواءِ جي فارسي پڙهيل
به هوندا هئا، ٻيا هندو فلسفهء وحدت الوجود کي
ويدانت جي ذريعي ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اهڙو
انداز اهل ذوق هندن ۽ خود گربخشاڻي جي لاءِ به
فطري هو…“
- ڊاڪٽر الياس عشقي |