حميد ”شهيد“ هالائي
وائي
سرڪس جي جوڪر جو اشارو، ”کيل ختم ٿيو“،
”کيل ختم ٿيو!“
ميڪ نه منڙا! منهنجا مٺڙا! ميل ختم ٿيو،
کيل ختم ٿيو!
ڀڙڪو ڏيئي ڏيئو اُجهاڻو، تيل ختم ٿيو،
کيل ختم ٿيو!
جيون ٽيپ جنم جي جيئڙا، جيل ختم ٿيو،
کيل ختم ٿيو!
جنمن کان جو نينهن نڀايم، هيل ختم ٿيو،
کيل ختم ٿيو!
نچندي نچندي ننڍڙي گُڏيءَ جو، سيل ختم ٿيو،
کيل ختم ٿيو!
وسيم سومرو
هائيڪا
دور نه رهه پياري،
ويجهو واءَ ڪري ڇڏي-
ٽاريءَ سان ٽاري!
ڪر ڪا ڇانو سڄڻ،
جيئن هن وهندڙ شاخ جي –
ٻنهي پاسي وڻ!
ساڄن مون ساريو،
۽ اکڙين کي اوچتو –
لڙڪن سينگاريو!
هاڻ ته پئي مُرڪيو،
ڏسي ڪنهن کي اوپرو –
ٻالڪ روئي پيو!
ماني رُکيءَ کي،
کئي هاريءَ پئي ڏٺو –
سورج مکيءَ کي!
ڪهڙا سڏ سڏي،
اڏو گذري ريل وئي –
پويان ڌوڙ ڇڏي!
ڌراڙ پئي ڳاتو،
پريان بيٺي ڇيلڙي –
گذريو نانگ هئو!
سپني ڇرڪايو،
در جي کڙڪي ننڊ مان –
مون کي جاڳايو!
جيونَ رنگ جِئي،
جهومي پئي مانجهادڙي –
ٽڙيس گل پِئي!
توکي ساريو مون،
جهڪيل انبڙين سان ڏسي،
ٽارين انبن جون!
هيءَ به ڪهڙي ننڊ،
سوچون ساڳيون پنڌ ۾-
جوڳڻ جهڙي ننڊ!
ايڏو آرهڙ تاءُ،
ڄڻ ڪا ٻرندڙ لُڪَ آ-
هيءُ پکي جو واءُ.
پنهنجا ٻچڙا سار،
طوطي کي زيتون تان-
مالهي تون نه اُڏار!
ڪڪر ڇانيو هو،
ٿر لئه ڄڻ ته مبارڪون-
کڻي آيو هو!
ڏني هانو اُڇل،
گل مهر جي ڇانو ۾-
ڏسي ڳاڙها گل!
هي جو وڻ اشوڪ،
مون لئه سائي رنگ ۾-
گيتا جو اشلوڪ!
ڪمري جو جارو،
جهاتي پائي مون جيان،
اُن مان پيو تارو!
پئي ڪي انگ لُڇيا،
ڪُرسيءَ تي آرام ۾-
ڪيڏو ڪپڙا ها!
کوڙي دروازو،
آخر ڪهڙيءَ سوچ ۾-
گُم ٿي ويو رازو!
ٽُڪريون رليءَ جون
مون کي اکڙيون ٿيون لڳن-
دل جي ڳليءَ جون!
رليءَ جو ٽوپو،
آهي منهنجي ماءُ جي-
نيڻن جو رستو!
سوچن ۾ گم مان
دونهون پئي ويو اُڏرندو-
رِڪشي جي پويان!
لُڇي ٿو سوچيان،
ڪهڙي ننڊ فليٽ جي-
ناهي چنڊُ مٿان.
در، هر بند دري،
آيو منهنجي ننڊ ۾-
ڪهڙو ڊپ وري
ننڊ هئس واڳيو،
بدران چوڪيدار جي-
چنڊ پئي جاڳيو!
چڙهيو چنڊ مٿي،
چوڪيدار چڪار هو-
سيٽيون جاڳين پئي!
لهي هوند اچي،
چنڊ ڏسيو پئي ڇوڪري-
سوچي ساڄن تي!
گذري ڪنڊن تان،
ڪيئي ديويون پنڌ ۾-
ڇڏي آيس مان!
ڪنهن جو ڏوهه هئو،
رنگُ اُڏائي ڪير ويو؟
آخر جهنڊي جو!
ڪهڙا وڻ هئا،
هو جي تارن جا اُتي-
ويندڙ ڌڻ هئا!
ڌڻ کي وڻ جي ڪاڻ،
ويٺو آهي ڇانو ۾-
تون به ته سڱ سُڄاڻ!
ڪنهن جي ٻاراڻي؟
مون ته نه ايٽم بم جي-
لکي آکاڻي!
ڏسي کجيءَ وڻ،
نهٺائيءَ مان تون اکيون-
ٿورو مٿي کڻ!
ڇا ٿيندو؟ سوچيو،
بک به ڪوئي بم آ-
ها پر جي ڦاٽو!
چوري چپن چنگ،
ڀر ۾ ويهه ورهائيون-
اوتي امرت رنگ!
سوچي ٿو پاڻي،
ڇا ڪو ٻڌندڙ لاش جي-
ٻڌندو ڪهاڻي!
ڏٺم ٿر ۾ ڇا؟
پوپٽ منهنجي پنڌ ۾-
اُتي به گڏ هئا!
ڏٺم پيار منجهان،
آخر ڪهڙي ول هئي-
ڪِنيءَ کڏ مٿان!
ان کي ڇا چئجي،
آهي ول ڍڪي ڇڏيو-
گندي پاڻيءَ کي!
بخشل باغي
غزل
لڪي ٿا جي پايون سي ليئا پڙهو،
اسان جي اکين جا سنيها پڙهو،
نه پو ذهن ۾ ٻاٽ ٿيندي ڪڏهن،
هوائن ۾ ٻاري جي ڏيئا پڙهو.
خوشين جا رڳو ڀي نه هيراڪ ٿيو،
ڪڏهن زندگيءَ ۾ به صدما پڙهو.
خوشين جا رڳو ڀي نه هيراڪ ٿيو،
ڪڏهن زندگيءَ ۾ به صدما پڙهو.
اها ماٺ بي معنى هرگز نه آ،
هي خالي ۽ خاموش رستا پڙهو.
نگاهن جي پيڙا سمايل اٿن،
رڳو غور سان يار! ڳوڙها پڙهو.
غزل
وري ڀٽ تي ڪنهن آهه ويڻا وڄائي،
اَڪن ۾ ٽڙيون ڏس ڦُليون واڱڻائي.
اڃا اُڃَ اندر ۾ هن جي گهڻي هئي،
تونلڪي تان نينگر! ڇو جهرڪي اُڏائي.
ٻُڌي پنهنجي آڳنڌ تي پنهنجي وائي،
ڏٺم خواب ۾ پئي ته سُڏڪيو ڀٽائي.
ملي ڏات جي روپ ۾ ٿي مزوري،
سدا درد جي مون ته روزي ڪمائي.
سڄو اُڀُ تنهنجو ميان! آ حوالو،
ڏني ساک تنهنجي ستارن سُهائي.
وري سُر، ساهن ۾ جاڳي پيا هن،
وري روح جي تند تو آ تپائي.
اسحاق سميجو
ڄام شورو
موڪلايو شام، ٻيهر رات ٿي،
هيکلائيءَ جي شروع برسات ٿي؛
گهنڊ اونداهيءَ جو آ چؤڏس وڳو،
اُڀُ تارن جي ڀَري جهولي پُڳو.
هر طرف ڪئين بلب، جهِرمر ڪن پُليون،
روشنيون ئي روشنيون ئي روشنيون؛
هاءِ وي تي ڊوڙ ڊوڙان، گاڏيون،
پر دليون ويران، اونداهيون گهٽيون.
سانت سنڌالاجي ۽ رستا چُپ چُپات،
وَڻَ چُپ، ٿنڀا به چُپ ۽ چُپ رات؛
ڏور ٽيڙوءَ جي ٻَري پيئي لڪيرَ،
هڪڙي ٽڪريءَ تي لٿل لاڏُو فقير!
چنگ ڇيڙن ٿيون سُهايون چَنڊ جون،
چين چورائي ٿو ڪو اُپکنڊ جو؛
جِن ويرانيءَ جا چؤڏس پيا ڦِرن،
سانت ئي بس سانت ۾ آهي مگن.
رڙ ڪڏهن ٻُڌجي ٿي چوڪيدار جي،
ڳالهه ڇيڙي ٿي ڪَتي ڪنهن سارَ جي؛
اوچتي ڪا ڀؤنڪ ٻڌجي ٿي ڪٿان،
سانت جا شيشا ٽُٽن ٿا ٽاڪُئان.
ڇِرڪجي تارو ٽُٽو درايءَ ۾،
ڪا اَڄاتي سُڃ آهي واءَ ۾؛
ڄام شورو سُونهن جو گهر ئي نه آ،
استعارو هيکلائيءَ جو به آ.
•
نظم
درد به دل جو رستو سوچي!
دل دل ۾ ڪا گُونج ٻُري ٿي
ڪونج لنوي ٿي، پِيڙ ڪُري ٿي
ذڪر ڇِڙي ٿو، زخم ٽِڙي ٿو
گيت وڄي ٿو، گهاءُ مِڙي ٿو
سُرندي وانگي سارو وڄي ٿي
دنيا دل کان دور ڀڄي ٿي
تارو تارو ڄڻ رِاوتارو
اکٽ نِکٽ ڄڻ دل جو چارو
پر تنهن تي ڪو پير نه آهي
ڪير نه آهي، ڪير نه آهي!
هر هڪ مَن وجدان ئي آهي
ٽُٽل ڦُٽل سامان ئي آهي
آءُ به ٽُٽل پيمانو هان
هڪڙو وِسريل افسانو هان
منهنجي رِڻ جهڙي ڪمري ۾
ڪاغذ جو گلدستو سوچي
”درد به دل جو رستو سوچي!“
•
خاڪي جويو
نظم
وڻن وڻ، دڙا، ڌوڙ، ٿر بر وطن جا،
وڻن ڳمَ ڳنڍير، ٿوهر وطن جا.
وڻي ٻاجهري، ڪڻڪ، جوئر ۽ وؤڻ،
وڻن واهه، درياهه، واٽر وطن جا.
وڻي پوک پياري، پَنڪل سنگ آڀون،
وڻن ٿا مون کي سَڀُ اوڀر وطن جا.
وڻن کنڀ، کنڀيون، کٿوريون پٽن تي،
وڻن ڏُٿ ڌونئرا ۽ ڏونگر وطن جا.
وڻن وهڪرا، گهيڙ، واهڙ ۽ ٻيلا،
وڻن ڪانهن، ڪوڙا سچا سَرَ وطن جا.
وڻن جهنگ، جهوپا ۽ جهانگي ۽ سانگي،
وڻن ٿا ڇنا، ڇانگ، ڇَپَرَ وطن جا.
وڻن گهيڙ، گهارا، نيون گاج پاريون،
جبل جا وڻن لَڪَ پٿر وطن جا.
وڻن واهه نرمل ٿا نوري نظارا،
وڻن مهڪندڙ ماڳ منظر وطن جا.
وڻن ڀولڙا، گدڙ، لومڙ ۽ باندر،
وڻن واگهه ۽ شينهن ڪيهر وطن جا.
وڻي ڇانو خاڪي وطن جي وڻن جي،
مٽيءَ جا ذرا لعل گوهَرَ وطن جا.
•
خليل عارف سومرو
وائي
کُٽندي کُٽندي رات-
سُونهن ڦهلبي صبح جي!
چنگ چڙن سان پهچندي،
پکين ڪئي جا لات-
سُونهن ڦهلبي صبح جي!
نيٺ ته گُگهه اونداهه کي،
ملڻي آهي مات-
سُونهن ڦهلبي صبح جي!
ٽُٽندي ٽوڙهي وانگيان،
چوڏس چُپ چُپات-
سُونهن ڦهلبي صبح جي!
عارف ٿيندي اوچتو،
پِرهه ڦُٽي پِرڀات-
سُونهن ڦهلبي صبح جي!
احمد سولنگي
غزل
پَکَ ڪارا پکيڙي رات،
ڇا ته موتي ٿي ميڙي رات.
سانت – مالها ٽٽي پوندي،
ٿي ستارن کي ڇيڙي رات.
”ڄارڪيءَ“ جي هوا ۾ پئي،
سانگ تولئه سهيڙي رات.
چنڊ – ڪشتي وڃي ڪاڏي،
سمنڊ کارو ٿي کيڙي رات.
تون به ايندين ڪڏهن اُڀري،
سِجَ تو سان ٿي جهيڙي رات. |