سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004ع (اونهارو)

مضمون

صفحو :13

نازي ڪئمپن ۾ پنج لک جپسي ماريا ويا. جپسين کي باهه ۾ ساڙيو ويو. ٻانهن تي سڃاڻپ جا داغ ڏنا ويا. فرانس ۾ سندن سڃاڻپ جون خاص چيٺون رکڻ ۽ طلب ڪرڻ تي پوليس کي ڏيکارڻ جو حڪم ڪيو ويو. مَنُش (جپسي) قبيلي کي فرانس ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو. يورپي برادريءَ ۾ فقط ٽيهه سيڪڙو جپسي ٻار اسڪول وڃي سگهن ٿا. جپسين کي فقط بيڪار پيل زمين تي رهڻ ڏنو وڃي ٿو. هاڻي حالات بدليا آهن. 1989ع ۾ يورپي برادري جي وزيرن جي ميٽنگ ۾ جپسين جي تعليم، ثقات ۽ روماني زبان جي ترقيءَ لاءِ سوچيو ويو آهي. اڄ جپسي نوجوان سماج جو هڪ ڪارآمد حصو بنجڻ گهرن ٿا. دوستو! مون کي اوهان جي ساٿ جي ضرورت آهي.“

جذبات کان ٻيئي اُميدوار مغلوب آهن. دودو ۽ لکانو ٻيئي ڀاڪرين پئجي ٿا وڃن. لکانو دودي کي زور ڀري صدارت لاءِ اڳيان آڻي ٿو. خير! جپسين جي باري ۾ انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جو ڏنل احوال لکاني جي تقرير ۾ هو. اِهو بنيادي ۽ مختصر احوال آهي، جيڪو ٻين ليکڪن به پنهنجن مقالن ۾ آندو آهي. آءُ گذريل ٻارهن سالن ۾ هن موضوع تي مواد گڏ ڪندو رهيو آهيان. اُن جي بنياد تي هن گروهه جي اصل نسل، زندگي، ثقافت ۽ زبان جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون عرض ڪريان ٿو – عبدالجبار)

جپسي هڪ وڏو گروهه هو، جو انسائيڪلو پيڊيا جي تحرير ۽ ٻئي تحقيقي مواد موجب ڀارت (هاڻي هند – پاڪ) جي اُتر اولهه علائقن مان اولهه طرف اٽڪيل هزار سال اڳ لڏيندو ويو. اُهو گروهه پهرين شايد ايران ۽ مصر ۽ پوءِ اُتان يورپ ڏانهن ويو.

ايترو آسان ڪونهي جو جپسين بابت چند حوالن ڏيڻ سان ڪنهن آخري نتيجي تي پهچي سگهجي. ڪافي ڪجهه لکجڻ بعد به اِهو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي ته اُهي سنڌ، پنجاب، راجسٿان، گجرات يا بلوچستان مان لڏي ويا. هڪ صوبي مان يا اِنهن سڀني صوبن (۽ ايراضين) مان لڏي ويا. مغرب ۽ مشرق ۾ اُنهن خانه بدوش ماڻهن تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. اِن ڳالهه تي سڀ محقق متفق آهن ته: ”جپسي هڪ رولو ۽ خانه بدوش نسل آهي. اُهي روماني زبان ڳالهائين ٿا. اُهي اصل اُتر اولهه ڀارت جا رهاڪو هئا ۽ اٽڪل 1000ع ۾ اولهه ڏي لڏپلاڻ شروع ڪيائون. اُنهن جو تعداد 5 کان 6 ملين (50 کان 60 لک) آهي.“

ڪينٿ ڪازنر (Kenneth Katzner) لکي ٿو ته، ”جپسين جي عام ۽ بنيادي ٻولي روماني (Romany) آهي، جيڪا لفظ روم Rom- (ماڻهو) مان نڪتل آهي. هيءَ اُها ٻولي آهي، جيڪا يورپ ۽ آمريڪا جا رهاڪو مختلف جپسي ٽولا ڳالهائين ٿا (1). ”جپسين ۽ سندن ٻولين اولهه ۾ گهڻي دلچسپي پيدا ڪئي آهي ۽ اوڀر ۾ به ماڻهن ۾ تجسس آهي. جارج ايف بلئڪ (George F.Black) هڪ جپسي ببليوگرافي تيار ڪئي، جنهن ۾ 4577 عنوان (ڪتاب ۽ مقالا) ڄاڻايل آهن. اُهي ڪتاب ۽ مقالا گهڻو ڪري يورپ جي سڀني ٻولين ۾ آهن، اُنهن ۾ اسپيني (Spanish) زبان به شامل آهي.

هيستائين موجود ڪيل تحرير مواد، سوانحي خاڪن، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ڊڪشنرين موجب جپسين جي مختلف ٽولن جا اصل وطن به مختلف آهن، پر اِهو سڀ مڃين ٿا ته ”جپسي رولو گروهه آهن ۽ اوڀر کان اولهه ڏانهن آيا آهن. مئڪملن جي “Concise Dictionary of World History” ۾ آيو آهي ته: ”اُهي اُتر هند کان ايران ڏي لڏي آيا. اِهو وقت ڏهين صدي عيسويءَ جو هو. يورپ ۾ 15 صدي عيسويءَ ۾، ۽ اُتر آمريڪا ۾ اٽڪل 18 صدي عيسويءَ ۾ آيا. پراڻي ريت موجب جپسي هنرمند آهن. وندرائيندڙ ۽ قسمت ٻڌائڻ وارا به بڻيا. اُهي قافلن سان سفر ڪندا رهيا. هر هنڌ ٻاهريان هئا، اِنڪري کين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيڻو پيو. خاص طور هٽلر جي هٿان اندرازاً چئن کان پنجن لکن تائين جپسي ماريا ويا“ (2). هن باري ۾ هڪ ٻيو محقق رالف. ايل. ٽرنر (Ralph L. Turner) لکي ٿو ته: ”جپسي نيم – خانه بدوش (Semi-nomadic) سِنتي/سنڌي (Sindhi) آهن. جرمني ۾ اِهو نالو (سندي) اٿن“ (3).

لفظ ”سنتي“ لاءِ اِهو به خيال ظاهر ڪيو ويو ته چيني زبان ۾ ”سنڌ“ کي ”سِنت“ (۽ سنڌيءَ کي ”سنتي“) چئجي ٿو. اِن سلسلي ۾ ليلو رچنداڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جي جهلڪ“ ۾ پنڊت جواهر لال نهروءَ جي ”ڊسڪوري آف انڊيا“ جو حوالو ڏئي ٿو(4). حقيقت ۾ چيني زبان ۾ ”سنڌ“ کي ”شِن ت“ چئجي ٿو(5). اِهو معياري محاوري (Dialect) موجب آهي. آءُ اُهو پڙهيو آهيان. ٻين محاورن (ڏکڻ) ۾ ’ش‘ گهڻو ڪري ’س‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي.

انسائيڪلوپيڊيا آمريڪانا موجب جپسي رولو ٽولا آهن ۽ اوڀر مان 14 صدي عيسويءَ ۾ لڏي آيا. خاص طور هند مان (6). اُهي يورپ ۾ چوڏهين صدي عيسويءَ کان وٺي نظر اچن ٿا. اِها داخلا يورپ جي تاريخي رڪارڊ ۾ ٿيل آهي. اُن جو اختصار تمهيد ۾ ناوليٽ جي ڪردار لکاني جي گفتگو ۾ به آندل آهي. اِهي انسائيڪلوپيڊيا مان ورتل انگ اکر (Data) آهن. يورپ ۾ اِهو عام طور تسليم ٿيل آهي ته جپسي ”مصر“ (اَيجنٽ) کان آيا. ”ايجپشن“ مان بگڙي لفظ ”جپسي“ ٿيو. اُنهن تي جرمني ۽ ٻين هنڌن تي جيڪو ظلم ٿيو، اُهو تمهيد ۾ ڏيئي آيا آهيون.

گروليئر جي اڪئڊمڪ انسائيڪلوپيڊيا ۾ جپسين جي زبان جي باري ۾ معلومات ڏيڻ سان گڏ اِهو به چيو ويو آهي ته اُهي ”مَنوُش“ آهن. کين اِهو نالو فرانس ۾ مليل آهي. جرمنيءَ ۾ ”سنتي“ (Sinti) سڏجن ٿا. سندن ٻولي رومانيءَ وانگر آهي، پر ڪافي جرمن لفظ اٿس (7) (هتي شايد ”روماني“ مان ليکڪ جي مراد رومانين (Romanian) آهي). هي ليکڪ جپسين کي ڪاڪيزين (Caucasoid) نسل سان واسطو رکندڙ سڏي ٿو(8). هي ليکڪ کين گهٽ ذات به سڏي ٿو(9).

جپسين جي زبان ۽ ثقافت بابت تفصيل سان ذڪر اڳتي ايندو، پر سندن زبان جي باري ۾ ڪي حوالا هتي به آڻيون ٿا. ڪامپٽن جي انسائيڪلوپيڊيا موجب، جپسين جو خيال آهي ته هُو ڀارت کان آيا آهن ۽ سندن ٻوليون سنسڪرت تي آڌاريل آهن، جيڪا ڀارت جي قديم ٻولي آهي (10).

لوئي برٽرانڊ جي ”تاريخ اسپين“ ۾ آهي ته هُو پاڻ کي ’روم‘ (ماڻهو) ۽ ٻين کي ’گاجي‘ (ڌاريون) چوندا آهن مسلمانن جي اسپين ۾ حڪومت دوران عيسائي ۽ يهودي اسپيني زبان جو پهريون محاورو ”رومان“ ڳالهائيندا هئا(11).

سنڌ ۽ هند جي محققن، ليکڪن ۽ سياحن به جپسين بابت ڪجهه لکيو آهي. اُنهن ۾ گنگارام سمراٽ، ليلو رُچنداڻي، شيخ عزيز ۽ خورشيد قائمخاني جا حوالا ڏيڻ مناسب ٿيندا. جناب گنگارام سمراٽ، ليلو رُچنداڻي، شيخ عزيز ۽ خورشيد قائمخانيءَ جا حوالا ڏيڻ مناسب ٿيندا. جناب گنگارام سمراٽ، هن کان گهڻو اڳ ”آريه ورت“ ڪتاب ۾ سنڌ، هند، هندو مذهب ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي عظمت ۽ ڦهلاءُ توڙي يورپ تي ٻولين جي اثر اببت گهڻو لکيو هو. هن وقت جنهن ڪتاب مان حوالا وٺي رهيا آهيون، سو ”سنڌو سؤوير“ آهي. هن ۾ ڀارت ورش جي زبان ۽ ثقافت جي قدامت ۽ ڦهلاءُ بابت ۽ پڻ سنڌ جي عظمت بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. تنهن سان گڏ سنڌ جي جپسين بابت به لکيو اٿس. انگريزي ڪتابن جي حوالي سان پنهنجي دعوى کي پڪو ڪيو اٿس. هو لکي ٿو ته ”جپسين جا مختلف ٽولا مصر (ايجنٽ) کان ٿيندا يورپ ۽ آمريڪا ۾ داخل ٿيا“(12). سمراٽ لکي ٿو ته: ”لڏي ويندڙ سنڌو يا اُن جي ڀر ۾ روانا ٿيا ۽ ايجپت ۾ ڏکڻ کان داخل ٿيا. لڏي ويندڙ سنڌي اڳتي وڌيا ته نئين پرديش جي ڳولا ۾ ڦُٽي لاڳ ٿيا. جيڪي اُتي رهيا، سي ايٿوپين هئا ۽ اوڀر ۾ رهيا. اسين سدا اهو ٻڌندا پئي آيا آهيون ته ايٿوپيا وارا ڀارتي ”سنڌي“ آهن“(13). ”هڪڙو ٽولو اُتر آفريڪا ۾ لڏي ويو ۽ لبيا ۾ وڃي وسيو. هڪڙي ٽولي اُنهن (سنڌين) کان الڳ ٿي آفريڪا ۽ يورپ جي وچ وارو جبرالٽر جو ڳچي سمنڊ پار ڪري ايبيرين ٻيٽ کي آخري منزل بنايو“(14). سمراٽ، رابرٽ شا (Robert Shaw) جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنڌوءَ جا سنڌي ايٿوپيا ۾ ويا، پوءِ ايجپٽ (مصر) ۾ وڃي اُن کي آباد ڪيائون ۽ پوءِ اسپين به ويا“ (15). ائين سنڌ جي ماڻهن سنڌ ورڪين جي واپار لاءِ لڏپلاڻ، جاوا ۽ ٻين ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ وسڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ جو ذڪر به سمراٽ صاحب تفصيل ۽ ڪتابن جي حوالن سان ڪري ٿو (ص 234). دنيا ۾ سنڌين جي پراڻن ماڳن مڪانن ۽ ڳوٺن جو ذڪر ڪندي، فلسطين ۾ هڪ ڳوٺ ”سنڌياڻي) (Sindhiany) جو به ذڪر ڪري ٿو (16). جپسين جي باري ۾ لکي ٿو ته ”سڄي يورپ، رشيا، ايجپٽ وغيره ۾ گهمندڙ هڪ جاتي آهي، جنهن ۾ مختلف پرانتن جا ڀارت واسي شامل آهن، جيڪي هزارن ورهين کان گهمندڙ حالت ۾ رهن ٿا. يورپ جي هر ڀاڱي ۾ ڦهليل آهن. سندن ٻولي هڪ آهي. مڪاني حالتن جي ڪري فرق به اٿن. اڪثر قسمت ٻڌائڻ جو ڪم ڪندا آهن. گهوڙيسوار به ڏاڍا سٺا آهن. نالا ۽ سنسڪار سڀ هندوانه اٿن، جن لاءِ هڪ عجيب نالو الائي ڪيئن ’جپسي‘ (Gypsy) پر سڌ ٿي ويو آهي“ (17). وڌيڪ لکي ٿو ته ”انهيءَ جپسي جاتيءَ ۾ ’سنڌي‘ به آهن. هُو هڪٻئي کي ’سنتي‘ / ’سنڌي‘ ڪري سڏيندا آهن“ (18). هڪڙن سنڌين جو يوناني مؤرخ هيروڊوٽس (Herodouts) ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پنج سؤ قبل مسيح ۾ ٿي گذريو آهي (ص 333)، اُنهيءَ ڪري سنڌين، سنڌ ورڪين ۽ جپسي جي لڏپلاڻ اڃا به آڳاٽي ليکبي. هن مؤرخ ڪاري سمنڊ وٽ ”سنڌيڪا“ (Sindhica) بندر جو به ذڪر ڪيو آهي (19). سمراٽ لکي ٿو ته: ”رشيا ۾ هو گهڻي ۾ گهڻو ڦهلجي وڌيا ۽ ويجهيا آهن. روس ۾ اٽڪل 35 ورهيه اڳ هُو اُتي ٻه لک کن هئا. پنهنجين خوبين جي ڪري هُو اُتي مقامي آباديءَ ۾ ملي ضم ٿي ويا. روسي گيت، روسي لوڪ گيت، روسي ساهتيه جپسي لوڪ گيتن سان ڇانيل آهي. روسي – جپسي شاديون هڪ اتهاسڪ حقيقت آهي“ (ص 335).

ليلو رُچنداڻي جپسين کي ”وڻجارا“ سڏي ٿو: ”شاهه جن وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي، اُهي سنڌ جا ئي رهاڪو هئا. اُنهن چين ولايت وڃي واپار ڪري سنڌ کي ڀريو ڀاڳيو پئي رکيو. پر وڻجارن جي ٻي هڪ قوم آهي، جنهن جو ڪو مقرر ٺڪاڻو ڪونهي. اُنهي وڻجارن کي عام طور ’جپسي‘ چيو ويندو آهي (ص 20)

رچنداڻي صاحب ائين به لکي ٿو ته: ”اِهو به چيو وڃي ٿو ته اُنهن جو وطن ڪنهن سمي هندوستان هو. هنن جي ٻولويءَ جا ڪيترائي اکر ۽ نحوي بناوت، ڪجهه اُتر اولهه ڀارت خاص ڪري سنڌيءَ، پنجاب جي ٻوليءَ جي اکرن سان ميل جول رکندي نظر اچي ٿي. ٻوليءَ جي هڪجهڙائي اها سِڌِ ٿي ڪر ته اُنهن جو ڪنهن سمي ’سنڌ‘ سان گهاٽو سنٻنڌ هو“ (21).

”اُهي شايد هزار ورهيه اڳ هند مان لڏي وڃي دنيا جي مختلف ايراضين ۾ وسيا. اُنهن وڻجارن کي روس ۾ زگيني، اسپين ۾ زنڪيلي، بالڪن ٻيٽن ۽ بلگيريا ۾ ائزنگين، جرمنيءَ ۾ زنگنيز، ايران ۽ ترڪستان ۾ زنگيري چيو ويندو آهي. اُهي پاڻ به ڪن هنڌن تي پاڻ کي ’زنگيرو‘ ته ڪن هنڌن تي ’زنڪيلي‘ ته ڪن هنڌ وري ”سِنتي“ _سنڌي) سڏائيندا آهن“ (22).

مختلف نالن جو جيستائين تعلق آهي ته اُنهن جي باري ۾ ليکڪن ۾ اختلاف به آهي. هِن کان اڳ اِن ڳالهه جو ذڪر ٿي آيو آهي. منهنجي دوست شيخ عزيز جپسين تي هڪ مضمون ”ڇا جپسي نسل جو تعلق وادئ سنڌ سان آهي؟“ جي عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ شيخ صاحب جپسين جي اصل نسل بابت مليل معلومات سان گڏاُنهنجي ثقافت ۽ جيوت جي مختلف معاملن بابت لکيو آهي. سڌ مان ايران ڏي ويندڙ لولايان/ لوريان واري نظريي جي پس منظر ۾ مشهور شاعر فردوسيءَ جي ايران جي بادشاهه بهرام گور (220- 238ع) جي ڪيل بيان جو حوالو ڏيندي، شيخ صاحب لکي ٿو ته: ”جنهن (بهرام) هِتان (سنڌ مان) اٽڪل 20 هزار موسيقارن کي پاڻ وٽَ گهرائي، اُنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ڪيو“ (23). شيخ عزيزن، ڊچ مستشرق ڊي گوئسجو جي حوالي سان سنڌ جي ’جت‘ قبيلي کي جپسين جو امجد قرار ڏنو آهي، جن کي عربن ’زط‘ چيو (24). شيخ صاحب موسيقيءَ سان سندن وابستگي جو به ذڪر ڪيو آهي (25).

ڪن سياحن به جپسين جو ذڪر ڪيو آهي. اُنهن پنهنجي سفر جي بياني سلسلي ۾ ذڪر ته ڪيو آهي، پر اُن جي ڪا تاريخي حيثيت سَنَدَ نه آهي. خورشيد قائمخاني جي ڪتاب ”ڀٽڪتي نسلين“ ۾ به جپسين تي ٻه ٽي عنوان آهن. هُن به مليل تاريخي حوالن کي ورجايو آهي. ڪٿي ڪٿي ذاتي رابطي جو ذڪر به ڪيو آهي. سندس لکڻ موجب پهرين حوالو حمزه اصفهانيءَ جي تحريرن ۾ ملي ٿو، جنهن لکيو ته ”هندستان مان ٻرهن هزار ڳائڻ ۽ نچڻ وارا آيا“ (26). سنڌ جي تاريخ ۾ اِها مشهور روايت آهي ته سنڌ مان ڪي ڳائڻا ايران ويا. اُنهن کي لوليان/ لوريان سڏيو ويو آهي. ممڪن آهي ته اُن جو بنياد ’لورو‘ (فارسيءَ ۾ جمع لوريان) هجي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي مسويقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ’لوليان‘ جي باري ۾ لکيو آهي: ”ڪي ڪاسبي ۽ گداگر قبيلا پهرين ايران، مصر، اندلس ۽ برطانيه پهتا. مصر ۾ پهرين ڏٺا ويا ته انگريزن کين جپسي ڪوٺيو.“

(ص 16). ترڪي ۾ لوهارڪو ڌنڌو ڪرڻ ڪري کين ’سيگان‘ سڏيو ويو (ص 17). گهڻا لورن جي نسل مان آهن (ص 17). لورن کي ٻه صديون اڳ ايران ۽ مصر سان واقفيت ٿي چڪي هئي (ص 17). ڊاڪٽر صاحب ڪن فارسي شعرن جا حوالا به ڏنا آهن، جن موجب لوليان/ لوريان واري نظريي کي هٿي ملي ٿي (27).

جيڪڏهن ايرانين لوريءَ کي ’لوري‘ (جمع لوليان) ڪري ڄاتو آهي ته ’لورا‘ يا ’لوري‘ سنڌ جي هڪ ذات به آهي. لغات ۾ به لورو هڪ ذات ڄڻايل آهي (28). جُنگشاهيءَ طرف به ذات جا ’لورا‘ رهن ٿا. ’لورو‘ لفظ عام معنى ۾ ڪنهن ڪريل شخص يا پيڇو نه ڇڏيندڙ کي به چئبو آهي (29). ’لوريڙ‘ به هڪ ذات آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارسيءَ جي هڪ اڳوڻي اُستاد محترم ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب، جيڪو اصل روهڙيءَ جو آهي، تنهن هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته ”لوليان“ اصل ۾ ’روهڙيان‘ مان آهي. فارسيءَ وارن اڪثر ’ر‘ کي ’ل‘ سان بدلايو آهي  ’روهڙيءَ‘ کي ’لهري‘ لکيو اٿن. لفظ ’لوري‘ شاهه جي رسالي ۾ ڪوهياريءَ ۾ هڪ وائيءَ ۾ ٻن مصرعن ۾ آيو آهي:

اديون آريچن جو لَہ لڳو مون ’لوري‘،

ڪشي ڪان ڪمان مان، لائي وئڙا ’لوري‘ (30).

سُر ديسيءَ جو هڪ بيت اهڙو به آهي، جنهن ۾ لفظ ’لوري‘ ذات جي لحاظ کان نمايان آهي:

ڇوري ندوري، نڪو مائٽ مُنڌ جو،

سوين هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري،

آءُ پڻ آهيان اُن ۾، لنگهي ۽ ’لوري‘،

لنگهائين لطيف چئي، ٿر جا ٿوري،

آهيان آزوري، تنهنجي جوري جبل لنگهيان (31).

اڪثر شاعرن جي ڪلام ۾ لنگهي، فقير، مڱتي ۽ پٺيان پوندڙ جي معنى ۾ ’لورو‘ لفظ گهڻو ڪم آيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪن شعرن جا جيڪي حوالا ڏنا آهن، اُنهن مان به اِهو نظريو پڪو ٿو ٿئي ته سنڌجا ’لورا‘ ذات جا ماڻهو، جن جو ڳائڻ وڄائڻ سان به واسطو هو، غريب، ڪاسبي ۽ گداگر به هئا، سي ايران ويا ۽ ”لوريان/لوليان“ سڏجڻ ۾ آيا. شعر هي آهن:

ازان لوريان برگزين ده هزار،

نر و ماده بر زخم بربط سوار. (فردوسي)

فغان ڪين لوليان شوخ شيرين کار شهر آشوب،

چنان بُردند صبر ازدل ڪه، ترڪان خدان يغما را. (حافظ)

ڇو جو ’لورا موسيقي‘ /(لوليان) مقبول ٿي، اِنڪري اُن قوم جي ايران ۾ شهرت ٿي (32). اڳتي مصر، يورپ ۽ خاص طور اسپين ۾ هن سنگيت پنهنجو نه رڳو اُتي اثر ڇڏيو، پر جپسي موسيقي ۽ ناچ لئه جو به شهرو ٿيو (32). اسپين۾ جپسين کي ’سِن تانو‘ (Sintano) يعني ”سنڌ جا“ سڏيو ويو، جيڪو ’هتانو‘ (Hintano) ٿيو ۽ هاڻي عام طور ”گِٽانو“ (Getano) سڏجن ٿا. (33).

حوالا ۽ سمجهاڻيون

1-        Katzner Kenneth. Languages of the World London, 1977, p. 107.

2-       Mac Millans Concise Dictionary of world History, Bruce wetterau, New Yark. 1983. pp. 337- 338.

3-       Turner, Ralph L.Position of Romani in Indo-Aryan, 1927. p.649.

4-       رچنداڻي، ليلو. ”سنڌوءَ جي جهلڪ“، ڪمل سنڌي پرنٽنگ پريس احمد آباد، 1963، ص 44.

5-       A Concise English-Chinese Dictionary, Peking, 1965, p.920.

6-       Encyclopaedia Amricana. Vol. 13, 1987, p.649.

7-       Groliar’s Academic Encyclopaedia: vol. 9. 1985, p. 415.

8-       Ibid, p. 415.

9-       Ibid, p. 415.

10-   Comption’s Pictured Encyclopaedia and a Pact Inde, vol, 6, pp. 235-236.

11-    Bertrand, Louis and Parte. C History of Spain, part I, London, 1952, p. 74.

12-   سمراٽ، گنگارام. ”سنڌو سؤوير“ ڪَپل پرنٽنگ پريس، سهجپور احمد آباد 1979ع، ص ص 316- 317.

13-   ايضاً، ص 316

14-   ايضاً، ص 317

15-   ايضاً، ص 322

16-   ايضاً، ص 330

17-   ايضاً، ص 332

18-   ايضاً، ص 333

19-   ايضاً، ص 329

20-  ”سنڌوءَ جي جهلڪ“، ص ص 40-41.

21-   ايضاً، ص 41

22-  ايضاً، ص 41

23-  عزيز، شيخ: رسالو ”شهباز“، حيدرآباد، (جنوري – فيبروري 1993ع) مقالو: ”ڇا جپسي نسل جو تعلق وادئ سنڌ سان آهي.“ ص 150

24-  ايضاً، ص 151

25-  ايضاً، ص 152

26-  قائم خاني، خورشيد: ”ڀٽڪتي نسلين“، روهتاس بُڪس لاهور، 1991ع، ص 60

27-  بلوچ، نبي بخش خان: ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز 1978ع، ص ص 16-17

28-  ايضاً، ”جامع سنڌي لغات“، جلد پنجون، سنڌي ادبي بورڊ، ص 2527

29-  ايضاً، ص 2527

30-  قاضي، علامه آءِ آءِ: ”شاهه جو رسالو“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع، وائي، داستان ڇهون سُر ڪوهياري

31-   ايضاً، سُرديسي، يبت 20، داستان 4

32-  حوالو ڏنل، نمبر 27، ص ص 8-9

33-  ايضاً، ص 17

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com