لڇمڻ لاءِ جڏهن هُن گهٽ وڌ ڳالهايو ته مون به هُن
سان بحث ڪيو ۽ کيس روڪيو. گردواري ٻاهران بيهي
ٽنگن جو پاڻي سڪي ويو، پر سندس تقرير پوري نه ٿئي.
نه لڇمڻ اچي، نه قمر، نه ويگن، هيءُ گردوارو هڪ
وڏو شاندار عمارت وارو گردوارو آهي. ڪيئن شرڌالو،
سک هجن يا هندو ڪي اڪيلا ته ڪي ٻارن ٻچن سان مٿي
ٽيڪڻ ۽ گرونانڪ جون واڻيون ٻڌڻ لاءِ وڏي گيٽ ۾
داخل ٿي ڏاڪڻيون ٽپي تکا تکا اندر وڃن پيا. ڪن کي
پڳڙيون هيون، ڪن کي رومال مٿي تي. موٽيا ته سندن
منهن ٻهڪيا پئي. گردواري جي ٻاهران ٽامي ۽ براس جي
ٿانون ۽ ٻئي سامان سڙي جا ڍير لڳل هئا، ڪن جي
گراهڪي هئي ته ڪي خالي آسروند ويٺا هئا. هنن جو
عقيدو اِهوئي هو.
گُرو جو چاهي سو کردا هي
گُرو خالي کاسي بهردا هي
گُرو بهريان نون خالي کردا هي.
(بلهي شاه)
نيٺ گاڏي آئي. قمر ۽ ٻيا پٺتي رهيل
کنيو آئي. شريڪانت هوشار ڪنڊڪٽر وانگر ويو ماڻهو
ڀريندو. ويجهو اچي چيائين، ”توهين ٿڪا به آيو ۽
بيزار به آهيو ته پوءِ ڀلي توهين هوٽل هلي آرام
ڪريو.“ مون ڪي ڪلاڪ انتظار ڪيو هو، هاڻ وري ڄڻ
ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو. شوڪت ڇڪي اڳيان پاڻ سان
وهاريو. ”ڇڏ، انهيءَ مستاني کي.“ شريڪانت واقعي
مستانو ماهي هو پوءِ خبر پيئي ته هو دل جو سدو ۽
من جو اجرو هو. هن لاءِ هيءُ هڪ ايڊونچر هو، اُن
لاءِ هو پاڻ ٻڌائي وڻائڻ جي ڪري رهيو هو. شريڪانت
پويان ويٺو ۽ هڪ گائيڊ وانگر ڄاڻ ڏئي رهيو هو:
”هاڻ توهين هتان جي وڏي
Mango King
جي گهر هلي رهيا آهيو، جيڪو شالامار باغ جي ويجهو
آهي. هُن جو فروٽ ۽ انبن جو ڪاروبار آهي، ڪيلن ۽
انبن جا باغ آهن. تولارام ڪندن مل نالي وڏي
ايڪسپورٽ امپورٽ ڪمپني آهي. سُديش سچديو اُن جو هڪ
ڊائريڪٽر ۽ سنڌي اڪئڊميءَ جو ميمبر آهي. توهين
مينگو ۽ بنانا ڪنگ جي گهر هلي رهيا آهيو. هو تمام
وڏا ماڻهو آهن“ هو ايڪسائيٽيڊ هو. مون کي اُن ويلي
پنهنجو پراڻو يار مرحوم عبدالرحمان بلوچ ياد آيو،
جيڪو حيدرآباد ۾ ”بنانا ڪنگ“ جي نالي مشهور ٿيو.
شريڪانت، بنانا ڪنگز، مينگو ڪنگز، فروٽ ڪنگز جو
ورد جاري رکيو، پر جڏهن هنن وٽ پهتاسين ته هيءُ ته
نهٺا ۽ سٻاجهڙا شاهي لباز بنان سادا ڪرتا پاجاما
پايو در تي هٿ ٻڌيو بيٺا هئا. سُديش سچديو نهايت
ئي نماڻو ۽ مٺو ماڻهو آهي. سندس وڏو ڀاءُ ۽ ٻيا
ڀائر، گهر واري، ڀاڄائي، پٽ، ننهن، نياڻيون
آڌرڀاءُ لاءِ ڪي پيرن تي بيٺا هئا ته ڪي پٻن تي
پيا ڊوڙن. هيءُ مون سڀ سُڃاتا! هي ديوان اُهي ئي
هئا، جن جي سماج ۽ سوسائٽي ۾ مان پنهنجو ننڍپڻ
گذاري وڏو ٿيو هئس. هيءُ خاندان خيرپوري هو، پر
سندن پتنيون وچولي يعني ڪنڊياري جون هيون. سندن
ٻولي به اُهائي هئي. محفل مچندي وئي ته سڀ خوش ۽
مگن هئا. شمشير الحيدري، قمر شهباز، هدايت بلوچ،
شوڪت شورو، حميد ڀُٽي ۽ منهنجي لاءِ دنيا ئي بدليل
هئي. قسمين قسمين پڪوڙن ۽ پڪوانن جو اُهوئي سواد
هو. مايون پچائين، مڙد ڊوڙيو کنيو اچن ته ڪٿي ٺري
نه وڃن. هيءُ دل وارن، سڪ وارن جو گهر هو. لڇمڻ
منهنجي ڳري لڳو ويٺو هو. سندس سڪ ۽ پيار کٽي ئي
نه! سُديش جي رڙ هئي ته ”ڀائي، رڳو پڪوڙا کائيندي
ڇا؟… ٻيو ڪجهه به ته آهي.“ بشير مورياڻي پرڀرو گهر
جي وڏڙن کان هند سنڌ جي انبن جو احوال پئي ورتو.
هندستان ايڏو وڏو ملڪ آهي جو ٻارهوئي سڀ فروٽ
جهڙوڪ انب، ڪيلا، هنداڻا، گدرا، لوڪاٽ وغيره
ٿين،(اهڙي دعوى اسان جو بزرگ دوست ايم ايڇ پنهور
وڏي طمطراق سان ڪندو آهي، پر ’فرمائش‘ ڪرڻ تي ڦڙتي
کائي چوندو آهي ته ”سيزن ئي ڪانهي!“) هيءُ سڄو گهر
ويشنو آهي. هونئن به هيءُ هفتو ڪنهن ديويءَ ڏانهن
منسوب ٿيل آهي، تنهن ڪري ڪنهن به گهر ۾ ماس مڇيءَ
جو وجود نه هو. هوٽلن ۾ به جهل پل هئي. باقي ڀل چڪ
۾ ڪو روزو ڀڃي وجهي ته جائز هو. ماني ۾ ڪيئي سوادي
ڀاڄيون ۽ داليون ته هيون پر ڀريل ڪريلا ۽ تريل
ڀينڊيون مليون، مٿان گرم گرم ڦلڪا، ڄڻ نوشهري ۾
پئي ماني کاڌم. وڏي ڳالهه ته انب آيا. هنن هند ۾
سوَ کان مٿي ٿيندڙ انبن جون جنسون ٻڌايون. پاڪستان
مان پنجاب مان ايندڙ انبن جي جنسن جو ذڪر ڪيو. سنڌ
جي ڪجهه جنسن چونسو، سدا گلاب، سنڌڙي، انور رٽول،
دسهري، لنگڙو ڪليڪٽر، سرولي، سُنهري، بيگن ڦلي
وغيره جو ذڪر ڪيو، پر ’سنڌڙي‘ جو ذڪر گهٽ هو، سندن
چوڻ هو ته اُن ۾ ميٺاڄ ۽ سواد گهٽ ٿي رهيو آهي.
مون کين دريا جي سُڪڻ ۽ پاڻي جي نه هجڻ جو ٻڌائڻ
چاهيو پر ماٺ رهيس. قمر انبن جي هيڏي ڌنڌي ۽
سيڙپڪاري جو ٻڌو ته کين چيائين، ”مان جلد ايڪسپورٽ
ڪمپني قائم ڪري اوهان کي ناياب جنسون موڪليندس، جو
سنڌ انبن جو ملڪ آهي.“
مان خوش ٿيس ته اسين رٽائرڊ دوست هئاسين، ڀلو ٿيو
جو هڪ جو روزگار ته کليو. پاسي تي پڇيو مانس ته
ٽهڪ ڏنائين، ”يار، مڙئي دل کي خوش ڪبو آهي. هيءُ
ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جو ڌنڌو پاڻ سنڌين کي ايندو هجي
ها ته شاهوڪار نه ٿي وڃون ها. اِهو ڌنڌو پنجابي
واپارين ۽ صنعتڪارن، ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي سيٺين کي
ايندو آهي ۽ هت سنڌي سيٺين کي، جيڪي سڄي هندستان ۾
ٽڙي پکڙي نه رڳو ڌنڌي تي قابض آهن پر ڏيساور ۾ پڻ
سندن ڪوٺيون آهن.“
واقعي سن مان سنڌي هندو جنهن حالت ۾ ويا، باغات
زمينون، مال ملڪيتون ۽ محل ماڙيون ڇڏي خالي هٿين
ويا! ڏاڍا ڏک ڏٺائون، ڪئمپن ۾ رهيا، رڻن ۾ رليا،
پر ڪيئين هُنن ٻارين ٻچين، مردن ۽ عورتن پورهيو
ڪري ڌُوڙ مان ڌن ٺاهيو، جو اڄ هندستان ۾ اوهان کي
ڪو سنڌي غريب، محتاج يا بيروزگار نه ملندو. خاص
طرح سنڌين وٽ ڪو به پورهيو عيب نه آهي. ٻي وڏي
ڳالهه، ته پنهنجي جاتيءَ لاءِ ته لاڳيتو پيا
ڦٿڪندا. هنن سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏا جتن ڪري، ان
کي قومي ٻولين جي صف ۾ مڃرائي، اُن کي زنده رکي،
پنهنجي ايڪي لاءِ هڪ اهڃاڻ پيدا ڪيو آهي.
مون کي سُديش سچديو جي گهر ننڍڙي سيپڪڙي، کلمک
نيتا سچديو ملي هيءَ هن گهر جي ڪنوار آهي. هيءَ
گاڏڙ سنڌي اهڙي ميٺاڄ سان ڳالهائي ٿي، جو سندس مُک
مان ڄڻ ته موتي جواهر پيا ڇڻن. هوءَ ڪري به پئي
موتين – جواهرن جو ڪاروبار. سندس ڊسٽريبيوشن
ايجنسي جو نالو آهي ’سوڪرت‘. هيءَ سدوري نماڻي
نياڻي ڳالهه ته کلندي ڪير ٿي پر سندس مُک تي ڪئين
پاڇولا وَري وڃن ٿا. هوءَ چوي ٿي: ”ماءُ ته لولي
سنڌيءَ ۾ ڏني هئي پر پڙهائيءَ دوران منهنجي ٻولي
وڃائجي ويئي. پر هن گهر ۾ اچي هنن سنڌي مائرن
سنڀار ڪئي آهي ۽ هاڻ سنڌي ٻولي ڪجهه نه ڪجهه ته
ڳالهايان ٿي – اوهان ته سمجهو ٿا نه.“
”ڪيئن نه سمجهنداسين… ههڙي ميٺاڄ ۽ چٽائيءَ سان ته
اسان جون نياڻيون به نه ڳالهائينديون آهن.“
هوءَ خوش ٿي ويئي. مون کيس اِهو نه ٻڌايو ته اسان
جون ڇوڪريون، اُڙدو انگريزي گاڏڙ سنڌي اهڙي اخرج
مخرج سان ڳالهائينديون آهن، جو ائين محسوس ٿيندو
آهي ڄڻ ڦوڙ پيا لڳن. تون ته وري به سنڌي لهجي ۾
ڳالهائين ٿي، توکي وڏو جَسُ هجي، منهنجي اَمان!“
واپسيءَ ۾ هيءَ مسافرن سان ڀريل ويگن اسان جي ٿاڪن
ڏانهن روان دوان ٿي.
دهلي سمهندي پئي وڃي، رستا به سمهڻ لاءِ آتا آهن.
رات جيئن جيئن پڄاڻي جي ڪري ٿي، مان کيس روڪڻ جي
ڪريان ٿو. طبيعت ۾ محبت واري ماٺار آهي. شريڪانت
جو گهڻو ڳالهائڻ هاڻ وڻي پيو. هيءُ به هڪ همسفر
آهي. هاڻ هيءُ وڃيل روح لڳيم ٿو. هو ڪٿان هلي ڪٿي
پهتو آهي. کيس خبر نه آهي پر اسان لاءِ اسان جو
همسفر، همدم ۽ همغم آهي. صدين جو سفر آهي، کيس
ڪيئن معلوم ٿيندو ته هُن ڇا وڃايو آهي. هُن ته
سنڌ ڏٺي به ڪانه آهي!
(2)
ادبي رنگ منچ تان پردو کڄي ٿو
ڪلهه وارو صبح عجيب هو ته هيءُ اڄ 28 وارو صبح
ڄاتل سڃاتل آهي. شايد انڪري جو اُميدن ۽ خوشين جا
اهڃاڻ ۽ نياپا کڻي آيو آهي. اُميدون ۽ خوشيون ڄاتل
سڃاتل ئي ته هونديون آهن!
اڄ دهليءَ ۾ ٻيو ڏينهن ۽ ادبي ڪانفرنس جو پهريون
ڏينهن آهي.
”سامي جهاڳي سُڃ، وسنهن کي ويجها ٿيا.“
هوٽل ۾ وڏي هلچل آهي، ڪپڙا استري پيا ٿين. ڪو ڪريم
۽ لوشنن جي گهر پيو ڪري ته ڪو ڪنهن کي خوشبو پيو
موڪلي. عطر عنبير جا اوٻارا آهن. ڪپڙن لٽن جا
انبار، سليڪشن جا محتاج، قمر هونءَ ئي سهڻو سوٽ
بوٽ پائي نڪتو ته لڳو پئي ته واقعي ’ليڊر آف دي
ڊيليگيشن‘ آهي. بشير مورياڻي آفيسر ماڻهو سوُٽ ۾
هو ته هدايت بلوچ ۽ شوڪت شورو شرٽن ۾ سرها سيبتا
ٺهيو جڙيو لائونج ۾ بس جي انتظار ۾ ويٺا هئا. مسز
پرويز جبين ۽ شمع کيبر به تيار ٿيو ويٺيون هيون.
سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا رات بمبئي کان ٿيندو
هت پهتو هو، جو بمبئي يونيورسٽي وارن جي دعوت تي
آيل هو. بمبئيءَ وارن دوستن، نند جويريءَ ۽ ٻين
کيس دهليءَ جي ويزا وٺي ڏني هئي. لڇمڻ ڪومل ذاتي
طور جهاز جي ٽڪيٽ موڪلي کيس گهرائي ورتو هو. هُن
کي به ساڳيو ڏک هو ته سنڌ ۾ اُن وقت جي ’واڳ ڌڻين‘
کيس چڱيءَ طرح سڏ نه ڏنو هو. پر هو خوش هو ته اڄ
هو پراڻن دوستن ۽ سڄي هندستان مان آيل سنڌي اديبن
سان ملندو. ڳالهين ڳالهين ۾ خبر نه پئي. وفد جو هر
فرد
Exeited
هو. ائين وڏي شاهي بس اچي بيٺي، چڙهياسين ته
ڏٺوسين ته ايئر لائين هوٽل ۾ ترسيل سڀ اديب اُن ۾
سوار هئا. اسان جي وفد جو باقي حصو شمشير الحيدري،
حميد ڀُٽو صحافي ۽ روزانه ”شام“ (حيدرآباد) جو
ڪراچيءَ جو بيورو چيف، عطيه دائود، عبدالحئي پليجو
(الطاف شيخ وانگيان سفرناما لکندڙ)پنهنجي گهر
واريءَ ۽ نياڻي سان گڏ هئا. پر هت سنڌي ساهت ۽
ٻوليءَ جا سچا عاشق، پراڻا پرچارڪ، ڀاڪرن ۾ وڪوڙي
ويا!… اڙي، هيءُ ته دادا اي جي اُتم آهي – ”نئين
دنيا“ جو ايڊيٽر، ”روح رهاڻ“ واري دور جو ساکي.
1964ع ۾ سنڌ ۾ پنهنجي گهر واري سندري اُتمچنداڻي
(مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ ۽ ’ڪرندڙ ديوارون‘ جي
ليکڪا) سان آيو هو. تڏهن ته جوان هو، اڄ جهونو
جوان آهي پر سندس آواز ۾ اُهوئي کڙڪو ۽ ماضيءَ جون
ڪئين صدائون آهن… هيءُ ڪرشن ارهي آهي، هڪ مشهور
شاعر،ڪهاڻيڪار، هڪ محبتي ماڻهو، هيءُ هڏڪاٺ ۾ قمر
شهباز جهڙو آهي، مشهور ليکڪا مايا راهي سندس گهر
واري آهي. سنڌ ۾ آيو ته مون کي اچي ڳولي لڌائين…
هيءُ ته اُهوئي پنهنجو پراڻو ساٿي ”ڪونج“ جو
ايڊيٽر هري موٽواڻي آهي. ايترا دفعا سنڌ آيو آهي،
جو هاڻ پنهنجي نالي پويان ”سنڌي“ لکندو آهي. مون
وانگر ئي، سنڌي ساهت جي پراڻي ماهوار مخزن ”ڪونج“
جو ناميارو ايڊيٽر آهي ته ڪهاڻيڪار به آهي. فرق
اِهو آهي ته هو ناول نگار (ايوارڊ يافته) به آهي،
پر مان نه.
هڪ همراهه سيٽ تان اُٿي بيٺو. مون ته سڃاتو، پر
پاڻ يڪدم چيائين: ”آءِ ايم لعل پشپ.“ جوانيءَ ۾
اينگري ينگ رائٽر، هن وقت اولڊ هوندي به اينگري
ينگ اولڊ آهي. مشهور ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، مضمون نگار
۽ تنقيد نگار. تازو سندس ايترا ڪتاب ڇپيا آهن جو
هر مهيني بنڊل موڪلي ٿو. اسين هڪڙا ورهائي بس ٿا
ڪريون ته ٻيا ٿا پهچن. هُن هِتان جي ٻين دوستن کي
به ڪتاب موڪليا آهن. بقول پڙهندڙن، جي، ته ڪي ڪتاب
سٺا آهن ته ڪي ڪتاب پڙهڻ يا گهر ۾ رکڻ جهڙا نه
آهن. شايد قدرن ۽ مزاج جو فرق هجي!
مايا راهي ۽ ڪلاپرڪاش گڏ ويٺيون آهن، سڪ سان
مليون، ڪلاپرڪاش جو گهروارو مشهور شاعر موتي پرڪاش
پريان ويٺو آهي، مليو ته محبتن جا ڪيئي رنگارنگ
تاڪيا کُلي پيا! ”پيار ۽ پکين جي پريت“ واري ڪلا
جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ’خانواهڻ‘، ’بکارڻ‘ ۽ ٻيون
سنڌ ۾ ”روح رهاڻ“، ”سهڻي“ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون.
ناول ۽ ڪتاب وَرُ وَرُ ڇپيا اٿس. موتي جا شعر سنڌ
۾ وک وک تي وکريل آهن:
”غبار راهه ۾ ويو نيٺ دٻجي ساربان هوندو،
نه منزل تي رسيو هوندو سو منهنجو ڪاروان هوندو،
زبان ۾ چڪ پون ٿا پر چوان ڪئن هن جي محفل ۾،
وفا منهنجيءَ جو ڪنهن دهرايو ڪوئي داستان هوندو!
شري جهمون ڇڳاڻي ۽ شري مدن جماڻي سڪ سان مليا.
يقيناً مدن جماڻيءَ جي خيرپور جي ساٿي شوڪت
جماڻيءَ سان ڪابه مٽي مائٽي ڪانهي.هيءُ سٺو ليکڪ ۽
مفڪر آهي، سندس ڳالهائڻ مان ئي سندس مڻيا جي خبر
پوي ٿي. آخري سيٽ تي اڪيلو هڪ نوجوان کيمن مولاڻي
ويٺو. مان به سندس ويجهو ويٺو هئس. هو شاعر آهي،
پر سندس ڪتاب جڏهن مليو ته لڳم ته هُو هن ٽهيءَ جو
سٺو ۽ وڏو شاعر آهي. بس هلندي هلي ٿي. دل چوي ٿي
ته بس ائين هلندي هلي جو پنڌ نه کُٽي. پر هر قافلي
جي منزل هوندي آهي. هنن جي سڪ ۽ پيار کي ڏسي نه
رڳو منهنجي اکين ۾ پر همسفر ساٿين جي اکين ۾ به
لڙڪ تري آيا. اُن ويلي مون کي ارجن ”حاسد“ ياد
آيو:
اُنهن پنهنجن ئي لڙڪن کي ڪندو تون پيار هلندو هل،
رُئي ڀل دل، نگاهون مسڪرائن، يار هلندو هل.
مون مولاڻيءَ کان پڇيو ته ارجن هت آهي؟ هن چيو هو
هت ئي آهي پر اڳيان آهي. سچ پچ شاعري ۽ فڪر ۾ به
سڀ کان اڳ ۾ آهي. هري دلگير ۽ حاسد – سنڌي
شاعريءَ جا ٻه وڏا دور آهن.
ريٽا شهاڻي به اڳيان ويٺي هئي. مان اڃا ساڻس مليو
نه هوس. سندس ڪيئي ناول ۽ ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جا
ڪتاب ڇپيل آهن. ”ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ“ سندس مشهور
ناول آهي. سنڌ آئي ته سڪ قرب جي خوشبو کڻي آئي وئي
ته اُن کان وڌ هُڳاءُ ڇڏي وئي. سندس هڪ ناول
”گونگي گگن سان گفتگو“ جي پڌرائي هِت ماهتاب محبوب
جي گهر منهنجي هٿان ٿي هئي. جڏهن ملي ته پهريائين
اُن جو پڇيائين.
بس ”انٽرنيشنل سينٽر“ اندر پهچي چڪي آهي. مسافر
لهن ٿا ۽ مون کي ائين لڳي ٿو، هيءُ سڀ مننهنجا
ڪردار آهن، جيڪي
Perform
ڪرڻ وڃن ٿا. ’رنگ منچ‘ تي، جيڪو هتي هڪ هال ۾ دهلي
اڪئڊمي وارن سجايو آهي. اڃا ڪئين ڪردار ايندا ۽
هلندا رهندا. مان ساڻن ڏيٺ ويٺ ڪرائيندو رهندس،
تان ته توهان کي نوان نه لڳن. ورهين کانپوءِ جو
ملاقات ٿي رهي آهي! ڪي رسالن ۽ ڪتابن جي ورقن ۾ گم
ٿيل هئا، گهڻا رسالا بند ٿي چڪا هئا. ڪتاب هڪٻئي
کي پهچن ڪو نه، تنهنڪري متان ڪن کان وسري ويا هجن،
يادگيرو ڪرائڻ اسان جو ئي ته ڪم آهي!
ڇٽيهه ڏاڪا چڙهڻ کانپوءِ هال جي منهن تي دلبر لڇمڻ
”ڪومل“ خوب خوش خوش مليو، سندس محنتون ثاب پيون،
سو خوش ڪيئن نه ٿيندو!
”اڙي يار، ايڏيون ديريون؟“
”ابا، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي، جهاز جيڏي بس جڏهن پهچي.
ڇو کيل شروع ٿي ويو آهي؟“ (کيل ته کلي پيو.) مون
يڪدم چيو، ”من! هيءُ جادوءَ جو کيل آهي، توهان جو
ئي رچايل آهي. ڀلا رنگ منچ (سٽيج) تيار آهي؟“
”سڀ تيار آهي، پر تون پهريائين هيڏي ته اچ.“
هو ڌوڪيندو هليو. در کولي، ڇت تي وڃي بيهاريائين.
تال پتري لڳل ڪوٺي تي ميلو لڳو پيو هو. چانهه جو
دور پئي هليو. هڪ وڏي ميل ميلاپ جو سلسلو جاري هو.
اسان واري بس وارن دوستن کان الڳ ڪيترائي ساٿي هتي
هئا. اسين سڀ جو ساڻن گڏياسين ته لڳو انڊلٺ ٻيا
ڪئين رنگ جُڙي ۽ کِڙي پيا آهن! ڪنهن سان ملي ڪنهن
سان ملان!
لڇمڻ وٺي وڃي شريمان سُريش ڪيسواڻيءَ سان ملايو…
ڀورو، چٽو، سهڻو، ڊگهو، سلور گري وار، هڪ وڻندڙ
شخصيت جو مالڪ، سنڌي اڪئڊمي دهليءَ جو وائيس
چيئرمين آهي. _چيئرپرسن شريمتي شيلا ڊڪشٽ دهليءَ
جي چيف منسٽر آهي.) موتئي وانگر مهڪندڙ سُريش
دليئون جانيئون آجيان ڪئي ۽ چيائين، ”ڪا تڪليف ته
نه ٿي، بندوبست ۾ ڪا ڪمي؟“
مون کيس ٻڌايو ته ڪلهه کان وٺي اوهان جي اڪئڊمي جا
پُرخلوص ميمبر پيرن تي بيٺا آهن. مهينن کان وٺي
بندوبست ڪرڻ ۾ ڳري اڌ ٿي ويا آهن. اُن جو مکيه
مثال لڇمڻ آهي، جو اڳي ته هيئن ڳريل نه هو. ڀلا
اوهان ته فڪر ۾ نه ڳريا آهيو؟“ ٽهڪ ڏنائين، ”هنن
مون تائين فڪر کي پهچڻ ئي نه ڏنو آهي. توهين اسان
جي اڪئڊمي جي ٻين ميمبرن سان مليا آهيون، جن هن
ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي
آهي؟“ هُن وٺي وڃي ڪن ميمبرن سان ملايو. هيءَ اٿو
رينو عيدناڻي… اوما لالا… شريڪانت ڀاٽيا… سُديش
سچديو…“ هنن کلي هٿ ٻڌي پرڻام ڪيو.
”مان هنن سان مليو آهيان.“
”ڀلا هنن سان مليا آهيو؟“
”پروفيسر سي جي ڏاسواڻي ۽ گهنشام گيهاڻي…“
پاڻ ڪانفرنس شروع ڪرائڻ لاءِ اندر هليو ويو.
پروفيسر ڏاسواڻي منهنجي ئي سبجيڪٽ ايڪنامڪس جو
ماڻهو آهي. ساڻس ڪي قدر ٻولاچاري ٿي. پر گهنشام
گيهاڻي، جيڪو هڪ وڏي ملٽي نيشنل ڪمپني جو وائيس
چيئرمين هو، اهڙي لنو لاتي جو ساري سفر ۾ ڪٿي به
هن اسان کي اڪيلو نه ڇڏيو. هيءُ کلمک ۽ پيار ونڊڻو
ارو ماڻهو هو. گهر واري به ساڻ هيس – وڻندڙ مُک
واري سدوري نينگر هئي.
مون هڪ جهونڙي پر پُر عزم ۽ محبتي ريکائن واري مُک
سان هڪ شاداب شخص کي ڏٺو، جنهن جي ٽيبل تي ڪيترن
ئي اديبن جو ميڙاڪو هو. مَن يڪدم چيو ته اهو پڪ
سان دادا هري ”دلگير“ آهي، جنهن لاءِ مشهور شاعر
نارائڻ ”شيام“ چيو هو:
”آهي شعر اياز جو اوجل پونم رات،
۽ ڪوتا دلگير جي رنگ رتي پرڀات.“
هو مون کي ڏٺل وائٺل لڳو، پيرين پئي مليومانس ته
يڪدم کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين: ”حميد سنڌي آهين نه؟
مان تنهنجيون ڪهاڻيون هاڻي به ’سوجهري‘ ۾ پڙهندو
آهيان.
”دادا، مان اوهان جون يادگيريون پڙهندو آهيان…
توهان دادا! اُن ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته يادگيري ڏات
جي نخريلي نوڪرياڻي آهي. جي سٺي موڊ ۾ هوندي ته
واهه جي واهر ڪندي، سندس ضرورت نه هوندي ته به
سامهون اچي مشڪندي. بعضي وري گهرج جي وقت گم ٿيندي
ته ڳولي نه لڀندي.“ وٺي جوانن وارو ٽهڪ ڏنائين:
”ڀلا ٻڌ، ’روح رهاڻ‘ رسالو ڪاٿي آهي؟ ههڙو رَس
اڄڪلهه ڪنهن به رسالي ۾ ڪونهي. توهان منهنجا خط به
ڇاپيا هئا. روح رهاڻ جا گهڻا پرچا مليا هئم. جشن
به واهه جا ڪَيوَ!“
”سائين، هاڻي هيءُ ’بزم روح رهاڻ‘ هلائيندو آهي.“
لڇمڻ ٻڌايس.
”ڀلي هلائي پر ههڙا بهادر ايڊيٽر ۽ ليکڪ ورائي
ورائي پرچا ڪڍن.“
”دادا ! توهان مون کي ڏٺل وائٺل لڳو ٿا… توهان
دادوءَ ۾ انجنيئر هئا ۽ منهنجو والد اُتي ڊپٽي
ڪليڪٽر هو.“
هُن يڪدم ڪن کڙا ڪيا. ”تنهنجي پيءُ جو نالو.“
”سيٺ محمد اسماعيل.“
”اڙي، اڙي… تون سيٺ صاحب جو پٽ آهين! منهنجيون
ڪچهريون سندس گهر تي ٿينديون هيون. هو اريگيشن
واري بنگلي تي مون وٽ گهڻو ايندو هو پر بيهه،
بيهه… تون ننڍو هوندو هئين… تنهنجو نالو ’مِٺو‘
آهي؟… تون اسان لاءِ گهر اندران پاپڙ پڪوڙا ۽
نوشهري جا پيڙا، بوندي، سِڱر، مُرملا کڻي ايندو
هئين…“ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ مون کي ڀاڪر ۾ آڻي
مٺيون ڏنائين. اکيون ڀريل هئس. ڳوڙها روڪيو
بيٺوهو. ”ڏس، يادگيري نوڪرياڻيءَ جهڙي آهي نه! آئي
ته گهڻو ڪجهه ياد ڏياري ويئي… سيٺ صاحب جهڙا مکڻ
ماڻهو ڪٿي!… ڀائي! هيرن جهڙو پٽ ڄڻي ويو… پاڻ به
موکي ويو.“
ارجن ”حاسد“ مرڪي مون ڏانهن نهاري رهيو هو، وڌي
نئڙي مليومانس. حاسد شروع کان منهنجو پسنديده شاعر
رهيو آهي. سندس غزل ڏاڍو دل کي ڇُهندڙ آهي. سندس
شاعريءَ ۾ نارائڻ ”شيام“ وانگيان ڪيئن رنگا رنگي
خيال انڊلٺ وانگر وڻندڙ آهن. سندس شاعري ”روح رهاڻ
۾، ڇپجندي رهي:
ٿوري توڏي به ڏسان، هاءِ ڪٿي آ فرصت،
ڪي گهڙيون توسان هجان، هاءِ ڪٿي آ فرصت.
زندگي ڪيڏو نه ’حاسد‘ کي کلڻ هاب ڪيو،
دل ته چاهي ٿي رُئان، هاءِ ڪٿي آ فرصت؟
[روح رهاڻ، فيبروري 1965]
پريان ليکڪائن جو ميڙ بيٺو هو. ريٽا وڌي آئي، سڪ
سان ائين ملي ڄڻ وڇڙيل هجون. حيدرآباد آئي هئي ته
ڪيئن يادگيريون ڇڏي وئي ۽ ڪيئن ياگيريون ”جتي
منهنجا اوٺيئڙا“ ۾ قلمبند ڪيائين. سندس وڏي سار
سنڀار هند سنڌجي لاڏلي ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، سفرناما
لکندڙ ماهتاب محبوب ڪئي هيس، جو هوءَ وٽن ترسي هئي
۽ هنن کيس جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون. ائين هڪ کلمک
ناري وڌي آئي آهي. کلندي چيائين، ”آءُ آهيان اندرا
شبنم“ هيءَ هتان جي سٺي شاعره آهي، پوني ۾ رهندي
آهي.
ائين نقطن جو شاعر ۽ اسان جو يار نند جويري ڊوڙندو
آيو، ”ڀائي، هاڻ هلو ڀي… ڪانفرنس هال ۾ سڀني کي
سڏين ٿا.“
اندر گهڙياسين واقعي هنن هال کي سهڻي بيهڪ سان
بيهاريو هو. وچ ۾ هال، چوڌاري مائيڪ لڳل ٽيبلون،
سنڌ مان آيل سنڌي اديب هڪ پاسي هئا. وچ تي اسان جا
۽ هنن جا مهندار ۽ سينئر اديب ويٺا هئا. اڃا ويٺس
مس ته پويان پياري هيري ٺڪر اچي ڀاڪر پاتو. هيرو
سنڌي ادب جو واقعي ”هيرو“ آهي. قاضي قادن جي بيتن
تي منفرد ۽ مثالي تحقيق ڪئي اٿائين ۽ ٻوليءَ ۽
اتهاس تي ڪئين مضمون ۽ ڪتاب لکيا اٿائين. آل انڊيا
ريڊيو سان منڍ کان وٺي لاڳاپيل رهيو آهي. سنڌ مان
به ٿي ويو آهي. هو پويان لڳل ڪرسين تي ويهي رهيو ۽
ڀرسان ڊاڪٽر جيٽلي ويٺو هو. هو سڀني سيشنس ۾ آيو
پر گهڻو تڻو خاموش هو. ڊاڪٽر جيٽلي سنڌي ٻولي ۾
تحقيق جي حوالي سان مشهور شخصيت آهي. مان اُٿي وڌي
ساڻس مليس. جان کڻي ڏسان ته وينا شرنگي ۽ سندس ڀيڻ
شالني ساگر اُن ويلي آيون. کلي کيڪاريائون. وينا
شرنگيءَ کي آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تي ڪم
ڪندي ۽ ادبي پروگرام ڪندي ڪي ورهيه گذريا آهن. مون
کان سندس سڪ سان خيال ڪرڻ ناهي وسريو، جڏهن 1990 ۾
مان دهليءَ آيو هيس. ائين ڪندي اعلان ٿيو ته سڀيئي
پنهنجو تعارف ڪرائين. ستارا چمڪي اُٿيا. هيءَ سڀ
ادبي کيتر جون نمايان هستيون هيون، جن مان ڪن
ورهاڱي کان اڳ ته ڪن ورهاڱي کانپوءِ جو هيءُ سفر
همت، جاکوڙ ۽ پورهئي سان گذاريو هو. هند ۾ سنڌي
اديبن، شريڪ ٿيندڙ ميمبرن ۽ عهديدارن جو وچور ڪجهه
هن ريت هو: هري دلگير، اي جي اُتم، ارجن
حاسد، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڪملا گوڪلاڻي، ڪرشڻ
راهي، مايا راهي، نند جويري، موتي پرڪاش، ڪلا
پرڪاش، ٺاڪر چاولا، هيرو ٺڪر، ڊاڪٽر مُرليڌر
جيٽلي، لعل پُشپ، هري موٽواڻي، اندرا شبنم، اوما
لالا، ومي سدارنگاڻي، ريٽا شهاڻي،لتا ٽهلياڻي، مدن
جماڻي، سُديش سچديو، گهنشام گيهاڻي، رينو عيدناڻي،
رام امر لعل پنجواڻي، وينا شرنگي، شالني ساگر،
کيمن مولاڻي، گوبند خوشحالاڻي، چندر ڏاسواڻي، ستيش
روهڙا، جهمون ڇڳاڻي، سندر اگناڻي، لڇمڻ ڀنڀاڻي،
هيرو شيوڪاڻي، آنند گولاڻي، مدن جماڻي، گهنشام
هوتوملاڻي، نيلو ميگهه، شيرڪانت ڀاٽيا، مسٽر ميندي
رتا، اسلم پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترا. سامهون وچ ۾ ويٺل
هئا: شريمان سريش ڪيسواڻي وائيس چيئرمين اڪئڊمي،
شريميت نيتا بالي (سيڪريٽري ڪلچر)، لڇمڻ ڀاٽيا
”ڪومل“ (چيف ڪوآرڊينيٽر) سندن ڀر ۾ سائين ڊاڪٽر
غلام علي الانا خاص مهمان طور ۽ قمر شهباز وفد جي
سرواڻ جي حيثيت ۾ ويٺل هئا. سندن کاٻي هٿ کان اسان
جي قطار لڳل هئي، جيڪي ترتيبوار هن ريت ويٺا هئا:
بشير مورياڻي، شوڪت شورو، عطيه دائود، عبدالحئي
پليجو، مان، حميد ڀٽو، شمشير الحيدري ۽ هدايت بلوچ
کانپوءِ آخري حصي ۾ ادبي ڪنوينشن ۾ سنڌ پاران شريڪ
ٿيندڙ خواتين هيون. شمع کيبر (اطلاعات کاتو)، مسز
پرويز جبين بشير مورياڻي (ليکڪا)، مومل سنڌو پليجو
۽ پارس سنڌو پليجو، اوچتو مائيڪ تي اعلان ٿيو ته
هاڻي هن ڪانفرنس جو باقاعدي اُدگهاٽن (افتاتح)
ٿيندو ۽ سنڌ وارا دوست به ويجها اچن. مان پري هئس
تنهنڪري ويٺو رهيس. حميد ڀٽي ڌيان ڇڪايو پر مان
ڪنن خيال ۾ هوس، هيءُ هند جا سنڌي اديب الائي ڪٿان
ڪٿان کان ڪهي آيا هئا. ڪي پوني کان، ڪي اجمير کان،
ڪي بمبئي کان ته ڪي اُديپور کان. اسان سان سڪ سان
مليا ۽ سامهون ويٺا هئا. اسان مان اک ئي نه ڪڍن.
اُتان ويٺي پيا مُرڪن جا انبار اسان ڏي موڪلين ۽
اکين اکين ۾ گهڻيون ڳالهيون ڪن. اُن سان گڏ اُتان
جي اديبن سان به سڪ سان ائين ٻولاچاري پيا ڪن، ڄن
ورهين کانپوءِ مُکا ميلو ٿيو هجين. ائين شوڪت اچي
مون کي ڌونڌاڙيو.
”اَبا! هوڏي سڏ پيا ٿين، تون هت ويٺو آهي.
اُدگهاٽن رُڪيو پيو آهي. هلي آ.“
ائين لڇمڻ جو آواز آيو. ”ڀائي، حميد ڪاٿي آهي. ڇو
نه ٿو اچي؟“ نيٺ مان پڌرو ٿيس ته ڇڪي ٻين مهمانن
سان گڏ بيهاريائين. هي سڀ ڏيا ٻارڻ لاءِ هڪ براس
جي اسٽينڊ جي چوڌاري بيٺا هئا، جنهن ۾ ڏياٽيءَ
جهڙو هڪ پيالو تيل سان ڀريل جنهن ۾ پنج اٺ وٽيون
پيل هيون. هر وٽ کي ٻارڻو هو. اول سريش ڪيسواڻي،
دادا هري دلگير ۽ نيتا بالي ٻايرو ۽ پوءِ
سريش مونکي ٻارڻ لاءِ چيو. تيلي وٺي مون وٽ کي اول
سوريو ۽ پوءِ ٻاريو. مون قمر کي وارو ڏنو. بشير
مورياڻي، الاناا صاحب، شريڪانت، گيهاڻيءَ ۽ ٻين
ڀريل وٽين کي وَر وَر پئي ٻاريو، تان ته ايڏو شعاع
ٿي ويو جو هال ۾ ٻرندڙ روشنين مون کي جهڪي پئي
لڳي. مون پٺتي نهاريو. مون کي سڀني جا منهن مهڪيل
۽ ٻهڪيل لڳا، ڄڻ هڪ نئين دور جنم ورتو هو. سنڌي
ٻوليءَ ۽ ادب جو نئون دور، پر پنهنجي پراڻي دور ۽
تاريخ سان واڳيل، جنهن ۾ ڏک به هيا ته سُک به.
”ڏک سُکن جي سونهن، گوريا سُک ڏکن ريءَ.“
اهي دل ڀڄائيندڙ موقعي تي مون پارن ڪيترن ڳوڙها
اُگهي ڇڏيا هئا. ادبي ڪنوينشن جي رنگ منچ تان پردو
کڄي چڪو هو. شري ڪيسواڻي جو آواز گونجي رهيو هو.
هو چئي رهيو هو: ”هر دور ۾ سنڌي هميشہ جديد
ڪميونٽي جو حصو پئي رهيو آهي ۽ اُن جي آڏو هر نئون
دور ويچار ۽ عمل هيٺ پيو ايندو آهي. هر سنڌي هميشہ
فڪرمند رهيو آهي، پنهنجي سنڌي ڪميونٽي، ٻولي ۽
ساهت جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ، ۽ اڳتي وڌي سماجي
مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ. مٺ محبت، پيار ۽ سهڪار سندن
پيغام آهي. هتي توڙي سرحد پار، مان سنڌ جي سنڌي
اديبن دانشورن ۽ هتي جي اديبن ۽ فڪرمندن کي ڀليڪار
چوان ٿو. ڀلي ڪري آيا، جيءُ آيا، نچ آيا.“
سريش ڪيسواڻيءَ جي مٺي ٻولي، پيار ۽ پاٻوهه وارو
لهجو سڀني کي موهي ويو. مان اُنهن لاءِ سوچڻ لڳس
جيڪي پنهنجي ماضيءَ ۽ تاريخ جي خاتمي
(End of History)
جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. مون اُنهن کي تاريخ جي
نئين عهد
(Neo-Historcism)
جي گهرجن ۽ جديد لاڙن الءِ ٻڌائڻ پئي گهريو، پر
هتي اُنهن مان ڪير به نه هو. هتي صرف تاريخ کي
نئون موڙ ڏيڻ وارا هر نئين دور تي ويچار ڪرڻ وارا
ويٺا هئا. درياهه جون لهرون ۽ وهڪرا جدا جدا ٿي
سگهن ٿا پر پاڻي هڪڙو ئي آهي: ”لهرن لک لباس،
پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو!“
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
[نوٽ: هيءُ داستان جاري آهي، محترم حميد سنڌيءَ جي
سفرنامي ”ڪرشماتي سفر“ جا صرف ٻه باب هت ڏجن ٿا.
حميد سنڌي صاحب اسان جي چوڻ تي هيءُ سفرنامو لکي
رهيو آهي. اسين ”مهراڻ جي پڙهندڙڻ لاءِ ٻيا نوان
باب ايندڙ پرچن ۾ پيش ڪنداسين – ادارو] |