سنڌي ٻوليءَ جي اِها فطرت آهي ته هر لفظ پنهنجي
الڳ سڃاڻپ ۽ مقام رکي ٿو. جيئن ڪمزور ماڻهو پنهنجي
بي طاقتيءَ سبب پنهنجي جدا شناخت رکي ٿو ۽ چڱو
ڀلو، طاقتور ماڻهو به ڪمزور ماڻهو پنهنجي بي
طاقتيءَ سبب پنهنجي جدا شناخت رکي ٿو ۽ چڱو ڀلو،
طاقتور ماڻهو به پنهنجي جدا سڃاڻپ رکي ٿو. ڪمزور
ماڻهوءَ کي عام زندگيءَ ۾ ٻئي ڪنهن جي مدد جي
ضرورت پوي ٿي پر طاقتور ماڻهو ڪنهن جي مدد
کانسواءِ آزاد رهي ٿو، پر ٻنهي جي سڃاڻپ الڳ الڳ
آهي. ٻوليءَ ۾ ائين آهي. معنادار ۽ صحتمند لفظ يا
بڻياد به گهڻو ڪري آزاد چرپر ڪري ٿو ۽ ضعيف لفظ يا
بڻياد به ٻئي صحتمند لفظ يا پڇاڙيءَ کان مدد وٺي
معنادار بڻجي ٿو.
·
ڪي بڻياد اهڙا آهن، جي مستقل حيثيت رکڻ سن گڏ
اڪيلي سر بامعنا به آهن، مثال طور: /ٻَلُ، مُلهه،
وَس / وغيره. اڳياڙي لڳائڻ سان اُنهن مان ڪافي
مرتب لفظن ٺهن ٿا. جيئن: / اَٻل، نٻل، سَٻل،
اَملهه، ڪُملهه، سُملهه،اَوس، بيوس، باوس/ وغيره.
·
هن کان اڳ لسانيات ۾ جهڙيءَ طرح لفظن جي درجيبندي
ڪئي ويئي آهي، تهڙيءَ ريت لفظ جي ’بڻياد‘ جي به (Classification)
ڪرڻ گهربي هئي. جيڪڏهن ٻوليءَ جي بڻيادي يونٽ يعني
’لفظ‘ جي (Classification)
ڪئي ٿي وڃي، ته پوءِ لفظ جي ’بڻياد‘ جي درجيبندي
ڇو نٿي ڪري سگهجي؟ ’بڻياد‘ جي اهميت رڳو مفرد،
مرڪب ۽ مرتب لفظن ۾ نٿي ٿئي، پر اُن سان گڏوگڏ خود
بڻياد يعني ڌاتو پنهنجي پاڻ لاءِ به وڏي اهميت رکي
ٿو، اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته جهڙيءَ ريت لفظن ۾
سُرن ۽ وينجنن جو پنهنجي سر وڏو ڪارج آهي ۽ اُنهن
کان سواءِ لفظَ، پد، ماترائون، صوتيا ۽ صرفيا نٿا
ٺهي سگهن، تهڙيءَ ريت اُهي ڪنهن به لفظ جي ’بڻياد‘
يا ’ڌاتوءَ‘ لاءِ به ساڳي اهميت رکن ٿا. ٻين لفظن
۾ هنن کان سواءِ ’بنياد’ جو ٺهڻ ممڪن ڪونهي. ڪن
’بڻياد‘ ۾ سُرَ، وينجهنن کان سواءِ اڪيلي سر
استعمال ٿين ۽ ڪن بڻيادن ۾ وري وينجنن سان گڏ
استعمال ٿين. درجيبنديءَ ۾ ’بڻياد‘ جي آخري سور کي
وڏي اهميت حاصل آهي، جنهنڪري اُنهن جي ڌار سڃاڻپ
طئي ڪرڻ ضروري بڻجي ٿي. مثال طور:
1. هڪ مردُ وڃي پيو ۽ ٻيا مردَ اچن پيا.
2. ڇوڪرُ، ڇوڪِر کي سڏي پيو.
3. ڇوڪَر اچن پيا ۽ ڇوڪِر وڃي پئي.
4. نينگرو اچي پيو ۽ نينگرِ وڃي پئي.
5. نينگَر وڃن پيا ۽ نينگرِ اچي پئي.
مٿين مثالن تي غور ڪبو، ته /مرد، ڇوڪر ۽ نينگر
/’بڻياد‘ ڪيترين ئي صورتن ۾ ورهايل نظر ايندا،
جنهنڪري اها مشڪل پيدا ٿئي ٿي، ته اُنهن مان ڪنهن
کي بڻيادي حيثيت ڏجي؟ اُهو فيصلوڪرڻ ذرا مشڪل ٿئي
ٿو، انڪري به ’بڻياد‘ جي گروهه بندي جي ضرورت
محسوس ٿئي ٿي.
’بڻياد‘ کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ڪجهه ويچار ڏجن ٿا.
الف، * هڪڙا اهڙا بڻياد، جن جي پڇاڙي جو سُر / اُ/
ٿئي، تنهنڪري اُهي عدد واحد جنس مذڪر ٿين.
مثال طور: /ڇوڪرُ، نينگرُ، ڪُڪڙُ/ وغيره.
* هڪڙا اهڙا بڻياد، جن جي پڇاڙي جو سُر /اِ/ ٿئي،
جي گهڻو ڪري عدد واحد جنس مونث ٿئي.
مثال طور: /ڇوڪرِ، نينگرِ، ڪُڪڙِ/.
* هڪڙا اهڙا بڻياد، جن جي پڇاڙي جو سُر /اَ /ٿئي،
سي گهڻو ڪري عدد جمع جنس مذڪر ٿين.
مثال طور: /ڇوڪرَ، نينگر!، ڪُڪڙَ/.
(ب) هڪڙا اهڙا بڻياد، جن مان جنس مذڪر جا عدد واحد
۽ عدد جمع جوڙا ٺهن.
مثال طور: عدد واحد عدد جمع
انسانُ، انسانَ
مرُ مردَ
حيوانُ حيوانَ
ٻڪرُ ٻڪرَ
* هڪڙا اهڙا بڻياد، جي عدد واحد جنس مؤنث ٿين.
مثال طور: /عورتَ، ذاتِ، زِلَ، عِزَ/ وغيره.
* هڪڙا اهڙا بڻياد، جي عدد واحد جنس مذڪر ٿين، جن
جي پڇاڙي جو سُر/ اُ / ٿئي.
مثال طور: /پيءُ، نانگُ، اٺُ، شينهنُ، گدڙُ،
ڪانءُ/.
(ٻ) هڪڙا اهڙا بڻياد، جي هڪ ئي وقت عدد واحد عدد
جمع جي نشاندهي ڪن.
مثال طور:
عدد واحد
عدد جمع
پاڻي پاڻي
هاٿي هاٿي
ساٿي ساٿي
سائين سائين
کان کان
۽ ۽
۾ ۾
* هڪڙا اهڙا بڻياد، جي هڪ ئي وقت مونث به ٿين ته
مذڪر به ٿين.
مثال طور:
عدد واحد
عدد جمع
اوهان اوهان
اسان اسان
آئون آئون
تون تون
توهين توهين
توهان توهان
حاصل مطلب ته ’بڻياد‘ جنس ۾ مذڪر به ٿئي ته مؤنث
به، عدد ۾واحد به ٿئي، ته جمع به. ۽ ڪن صورت ۾ هڪ
ئي وقت واحد به ٿئي ته جمع به، مونث به ٿئي ته
مذڪر به ٿئي.
جنهن بڻياد مان ٻه يا ٻن کان وڌيڪ بڻيادي صورتون
پيدا ٿين، تن کي ’مرڪب‘ ۽ جنهن بڻياد مان رڳو هڪ
ئي بڻيادي صورت ظاهر ٿيندي هجي تنهن کي ’مفرد‘ چوڻ
ٺيڪ لڳندو. هن کان وڌيڪ بڻياد جي ٻي ڪا معياري
درجي بندي ٿي نٿي سگهي. حالانڪ /ڇوڪر، مرد، نينگر/
بڻيادن جي پڇاڙي وارن وينجنن/ ر، د ۽ ر /مٿان جزم
ڏئي اُنهن کي ساڪن ڪري سگهجي پيو پر اِهو سنڌي
ٻوليءَ جي لهجي، مزاج ۽ طبيعت جي سراسر خلاف آهي،
ڇو ته اسان عام گفتگوءَ ۾ گهڻو ڪري لفظن جي آخري
وينجن کي متحرڪ ڪندا آهيون. جيئن: ڪمالُ، زوالُ،
چاهتَ، محبتَ وغيره. تنهنڪري ٻوليءَ جي قانون گهڙڻ
وقت ٻوليءَ جي فطرت، طبيعت ۽ نفاست کي به نظر ۾
ضرور رکڻ گهرجي.
هن بحث مان اُها به خبر پوي ٿي ته ’بڻياد‘ مان
پيدا ٿيل پهرين صورت واري لفظ (نه ڪي بڻياد) کي
بڻيادي لفظ چوڻ ٺيڪ نه رهندو، جيئن اڳ لسانيانت جي
عالمن ٻڌايو آهي. جيڪڏهن بڻياد مان ڦٽي نڪتل
ابتدائي صورت کي بڻيادي لفظ چئون ته پوءِ /ڇوڪرو ۽
ڇوڪري/ لفظن مان ابتدائي صورت ڪنهن کي قرار ڏجي؟
بڻياد مان پيدا ٿيل پهرين صورت واري لفظ کي بڻيادي
لفظ چوڻ بجاءِ ’منفرد‘ لفظ يا ’ابتدائي‘ لفظ چوڻ
درست رهندو. دراصل ’بڻياد‘ رڳو لفظ جي ڌاتو گيري
حيثيت کي چئجي. مٿيان ٻيئي لفظ بڻياد جون ابتدائي
صورتون آهن.
وچياڙي (Infixes):
جڏهن به ڪي ٻه پانبد صورتون ڪنهن ’بڻياد‘ جي پٺيان
لڳائجن، ته اُن مان بڻياد جي ڀر واري پابند صورت
کي وچياڙي چئجي. هيءَ پابند صورت گهڻو ڪري معفول
جي ڄاڻ ڏئي. مثال طور: ’کارائيندو مانءِ!
[/کا (بڻياد) = فعل جو بڻيادي جزو-]
[/را/ (وچياڙي) = توکي ــــ مفعول جو جزو]
[/اِين/ (وچياڙي جو وڌاءُ) = مستقبل جو جزو]
[/دو/ (پڇاڙي[ = عدد واحد جنس مذڪر]
[/مانءِ/ (پڇاڙي جو وڌاءُ) = مان توکي ـــ فاعل،
ضمير سان گڏ]
[/کا / (بڻياد) = فعل جو جزو]
[/اِين/ (وچياڙي) = زمان مستقبل جو جزو ]
[/دُم / (پڇاڙي) = فاعل ۽ جنس سان گڏ]
جنهن حالت ۾ بڻيادي لفظ جي پٺيان ڪابه پابند صورت
پڇاڙي طور نه هجي ته اُنهي لفظ جي آخري وينجنن
(Consonant)
جو ’سُرُ‘ پڇاڙي سمجهبو.
مثال طور: لفظ /وِتُ / ۾ آخري وينجن /تُ/ جو سُر
/اُ/ آهي، تنهنڪري سنڌي زبان ۾ لفظ /وِتُ/ جي
پڇاڙي /اُ/ آهي،
مٿئين قانون تحت ڪجهه سنڌي لفظن جون ڀڃڻيون معنا
سميت ڏنيون ويون آهن، جي ملاخطه ڪريو:
لفظن جي اهڙيءَ ريت وڍ ٽڪ ڪرڻ کان پوءِ اِهو چئي
سگهجي ٿو، ته /وَڏائي ۽ ننڍائي /لفظن جا بڻياد
/وَڏ ۽ ننڍ/ آهن، نه ڪي /وڏو ۽ ننڍو/ ۽ ’آئي‘ سندن
پڇاڙي آهي، جا عدد واحد جنس مونث کي ظاهر ڪري ٿي.
/وڏو ۽ ننڍو/ خود ثانوي لفظ آهن، جي /وڏ ۽ ننڍ/
مان ڦٽي نڪتا آهن، جيڪي ڊاڪٽر الانا صاحب ۽ ڊاڪٽر
جتوئي صاحب جن جي نظر ۾ ’ابتدائي يا مفرد لفظ آهن.
لفظ جي آزاد صورت (Free)
۽ پابند (Bound)
صورت بابت ڊاڪٽر الانا صاحب جن لکن ٿا:
”اهڙي صورت جيڪا ڪنهن به رواجي ڳالهه ٻولهه ۾
اڪيلي، سر يعني پنهنجي ليکي /سِر ڪم ايندي هجي ۽
ٻيءَ ڪنهن به صورت جي محتاج نه هجي، ته اهڙيءَ
صورت کي خودمختيار يا پاڻ وسيڪي صورت (آزاد) (Free
form)
چئبو آهي، پر اهو جزو يا صورت، جا پنهنجي اڪيلي
يعني اڪيلي سر ڪم نه ايندي هجي، پر ٻيءَ صورت يا
ٻين صورتن سان گڏ ڪم اچڻ سان معنيٰ دار ٿيندي هجي،
يعين ته اُن صورت جي معنا ۽ اُن جو ڪارج ڪنهن خود
مختيار صورت جي ’وس’ ۾ هجي يعني اُن تي مدار رکندي
هجي، ته اهڙيءَ صورت کي ’پَر ــــ وَسَ‘ يا پابند
صورت (Bound
form)
چئبو آهي. / ماڻهو، پُٽ، ڄاڻَ، ڇَوڪرُ/ وغيره
صورتون، سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سر، يعني اڪيلي سر،
ڪم اچن ٿيون يا استعمال ڪجن ٿيون. اهڙين سڀني
صورتن کي ’خودمختيار‘ يا ’آزاد صورتون‘ چبو آهي،
پر /اسروند، عقلمند، اڻڄاڻ، اڻهوند، وڃڻو، پُٽيتو،
سچيت، ڏٺل، لکيل/ وغيره صورتون پنهنجي سر يعني
اڪيلي سر ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ ڳالهايون ڪونه
وينديون آهن، پر اُنهن جي ڪارج جو مدار ڪن
خودمختيار صورتن تي هوندو آهي. اهڙين سڀني صورتن
کي پَر ـــ وَس يا پابند صورتون چئبو آهي. پر ـــ
وس صورتون جڏهن ڪن خودمختيار صورتن سان گڏ
اڳياڙيءَ (Prefix)
يا پڇاڙي (Sufix)
جي روپ ۾ ڪم اينديون آهن، تڏهن سنڌي وياڪرڻ جي
اصولن موجب اُنهن جي به ضرور ڪا معنا هوندي آهي.
مثال طور: جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ته /سُ ۽
ڪُ/ جڏهن / ـــ پت / صورت جي اڳيان اڳياڙيءَ جي
روپ ۾ ڪم اچن ٿيون، تڏهن اُهي /سُ ۽ ڪُ/ وِياڪَرڻي
معنا رکن ٿيون. هونئن اڪيلي سر يا پنهنجي ليکي
اُنهن جي ڪا به معنا ڪانهي.“
ڊاڪٽر الانا صاحب جن جي اِنهي طويل بحث مان آزاد
صورت کي ڇڏي پابند صورت بابت مختصر لفظن ۾ هيئن
بيان ڪري سگهجي ٿو: ”پابند صورت، لفظ جو اُهو جزو
آهي، جنهن جي پنهنجي سر ڪابه معنا نٿي ٿئي پر جڏهن
اُها ڪنهن آزاد صورت آڏو ’اڳياڙي‘ طور لڳائجي،
تڏهن معنادار ٿئي ٿي.“ لفظ جي پر ـــ وس صورت بابت
ڊاڪٽر صاحب جن جي ڪجهه نقطن سان اتفاق نه رکندي
ادب مان ڪي ڳالهيون سامهون رکجن ٿيون.
(1) لفظ جي بڻياد ڳولهڻ لاءِ اُهو ضروري آهي ته
اُنهي لفظ جي ٽڪراءَ جو ٻيو لفظ به کڻجي. جڏهن
اُنهن جي معنا کي هڪٻئي سان ڀيٽبو، ته لفظ جو
بڻياد (ڌاتو) ظاهر ٿي پوندو. نه صرف ڌاتو پر اُن
جون پر ـــ وس صورتون به نروار ٿينديون. مثال طور:
/سَڀاڳ ۽ اَڀاڳُ / اُنهن لفظن ۾ پر ـــ وس صورتون:
/ سَ/ سٺائي ۽ اَ/ اڻ هوند، جي معنا ڏيکارين ٿيون،
جڏهن ته ٻنهي لفظن ۾ ’بڻياد‘ يا ’ڌاتو‘ /ڀاڳُ/
آهي، جو هڪ مستقل حيثيت ۽ معنا ڏيکاري ٿو. اُهو
ڪنهن به صورت ۾ /س ۽ اَ/ جيان مَٽجي نٿو، تنهنڪري
/ڀاڳُ/ ٿيو ’بڻياد‘، ۽ /سَ ۽ اَ/ ٿيون اڳياڙيون يا
پر ــ وس صورتون، جي مَٽجي لفظن جي معنا ۾ ڦيرو
آڻين ٿيون.
(2) /سُهاڳُ ۽ ڏُهاڳ / لفظن ۾ پر ـــ وس صورتون /س
/ سُٺائي ۽ /ڏُ / تڪليف جي معنا ڏيکارين ٿيون ۽
هاڳُ/ ٻنهي لفظن ۾ ’بڻياد‘ طور استعمال ٿيو آهي،
جنهن جي مستقل طور معنا ’بخت‘ نڪري ٿي.
(3) لفظ /ڪُپتيو/ جي اڳياڙي يا (پر ـــ وس صورت)
/ڪُ/ ’خراب‘ جي معنا ٻڌائي ٿي ۽ ٻي پر ـــ وس صورت
/يو /پڇاڙي طور استعمال ٿي آهي، جا عدد واحد جنس
مذڪر جي نشاندهي ڪري ۽ اُنهيءَ مرتب لفظ جو بڻياد/
پَتِ/ آهي.
(4) / مڇڏ ۽ مَڪر/ لفظن جي پر ــــ وس صورت
(اڳياڙي) /م / آهي، جا ’نه‘ جي معنا ڏيکاري ٿي.
اهڙيءَ ريت اڳياڙي، وچياڙي، پڇاڙي، يعني پر ـــ وس
صورتون به پنهنجي سر ڪي نه ڪي معنائون رکن ٿيون،
تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو، ته لفظ جي پابند صورت ۾
پنهنجي اڪيلي سر معنا رکي ٿي. مثال طور: / (اَ) =
نه، (سَ) = ٺيڪ، صحيح، (ڏَ) = ڏنگو، ڏکيو، (ڪُ) =
خراب، (بي) کانسواءِ (با) = سان گڏ وغيره (وڌيڪ
تفصيل لاءِ ڏسو لفظن جون ڀڃڻيون).
لفظ جي آوازي صورت: هونءَ ته آواز ڪيترن ئي قسمن
جا ٿين ٿا پر سائنسي علم موجب اُهي گهڻو ڪري ٻن
ڪلاسن ۾ ورهايل نظر اچن ٿا، هڪ ’جاناري آواز‘ ۽
ٻيا ’اِنساني آواز‘. وري اُنهن جا پنهنجي سر ڌار
قسم ٿين ٿا. پهريان اُهي، جي لانڍَ تي مشتمل هجن،
جن ۾ لانڍَ وڏي به ٿئي ته ننڍي به، ڳَري به ٿئي ته
هَلڪي به مثال طور:...ا...او....اِي... اِين...
اون... آن... وغيره اُنهن ۾ ڪي به وينجن (Consonants)
جي گهڻو ڪري جانور (جانار) پکي پکڻ آلاپين، تن کي
’عام آواز‘
(General Sound)
چئجي. ٻيا اُهي جي انسان ڪڍن، تن کي (Voice)
چئجي، جن ۾ صاف به ٿين ته جهيڻا ۽ ٻاڙا به ٿين.
هنن آوازن ۾ وينجنَ (حروف صحيح) به ٿين ته سُر
(حروف علت) به ٿين. وينجن يعني: ب ٻ ڀ ت ٿ ٺ ث پ ج
ڄ جهه ڃ چ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ
ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ هه ۽ سُر (حروف علت)
يعني؛ (ا، و، ي) وينجن صاف به ٿين ته گهُنا به
ٿين. ڳَرا به ٿين ته هلڪا به ٿين. سُرَ وري ننڍا
به ٿين ته و ڏا به. جي صاف به ٿين ته گُهنا به.
جانورن ۽ انسانن جي آوازن ۾ بڻيادي فرق اِهو آهي
ته جانور هر ڀيري آواز ساڳيو ۽ هڪجيترو نٿو ڪڍي
سگهي پر انسان ائين ڪري سگهي ٿو. هڪ ڪتو پهرين
’روڙ‘ دؤران جيڪڏهن 10 سيڪنڊ لڳائي ٿو ته اِهو
ضروري ڪونهي ته سندس ٻيو آواز به 10 سيڪنڊن تائين
هلي ۽ اهو به ضروري نه آهي ته ٻي ڀيري واري ’روڙ’
جي ڳوراڻ ۽ هلڪاڻ، پهرين آواز جهڙي هجي! پر انسان
ائين ڪري سگهي ٿو. انسان آوازن جا بار بار سيٽ
ساڳيا ڪڍي سگهي ٿو، پر جانور ۽ پکي پکڻ ائين ڪرڻ
کان قاصر آهن. انسان آوازن ۾ فرق ڪري سگهي ٿو، جي
سندس شعوري آهن. جانور به آوازن ۾ فرق ڪري سگهي ٿو
پر اِهي سندس فطري ۽ لاشعوري آهن. هتي اسان موضوع
جي نسبت سان رڳو انساني آواز جو ذڪر ڪنداسين.
سائنسي علم موجب هڪڙا آواز، وات مان نڪرڻ دؤران
هوا جي جهوٽي سان خارج ٿين، تن کي وسرگ (Aspirated)
۽ ٻيا اُهي جن جي نيڪال سان هوا جو جهوٽو خارج نه
ٿئي. تن کي اوسرگ (Unspirated)
چئجي. وسرگ ۽ اوسرگ آوازن جي تعريف ۾ ڊاڪٽر غلام
علي الانا صاحب جن لکن ٿا:
”آوازن جي اُچارڻ مهل ڦڦڙن کان ايندڙ هوا جو زور،
ڪن حالتن ۾، جهجهو ٿيندو آهي ته ڪن حالتن ۾ گهٽ.
هوا جو زور پيٽ ڇهه (Diaphrgm)
جي وسيلي ۽ ڏنل زور تي مدار رکي ٿو. جڏهن هوا جي
داٻ ۾ زور گهڻو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن لنگهه ۾ رڪاوٽ
يا رنڊڪ پيل هوندي آهي تڏهن انهيءَ رنڊڪ (Occusion)
جي هٽڻ سان، هوا جي ڦوڪ(Puff
of breath)
هڪدم آواز جي پهريان اُن سان گڏوگڏ ٻاهر ڌوڪيندي
ايندي آهي. هوا جي اُنهيءَ ڦوڪ کي ’وِسرِڳائي‘
چئبو آهي. جنهن آواز سان اها شامل ٿي نڪرندي تنهن
کي ’وِسرِگُ‘ ۽ جنهن آواز سان اها شامل نه هوندي
ان کي ’اَوِسِرَگُ‘ چئبو.“
دراصل اوسرگ آواز پٺيان سَنجوڳي [سهه] جي هلڪي
آواز ڳنڍڻ سان وِسرگ آواز ٺهي ٿو. مثال طور:
اوسرگ آواز
سنجوڳي [سهه] جو جوڙ وسرگ آواز
[ب] [ب+ ـهه] [ڀ]
[ت] [ت+ ـهه] [ٿ]
[ٽ] [ٽ + ـهه] [ٺ]
[پ] [پ + ـهه] [ڦ]
[ج] [ج + ـهه]
[جهه]
[چ] [چ + ـهه] [ڇ]
[د] [د + ـهه]
[ڌ]
[ڊ] [ڊ + ـهه]
[ڍ]
[ڙ] [ڙ + ـهه]
[ڙهه]
[ڪ] [ڪ + ـهه] [ک]
[گ] [گ + ـهه]
[گهه]
[ل] [ل + ـهه]
[لهه]
[م] [م + ـهه]
[مهه]
[ن] [ن + ـهه]
[نهه]
[ڻ] [ڻ + ـهه]
[ڻهه]
[ـهه] سنڌي صُورتخطيءَ جو اهڙو هلڪو آوز آهي، جو
سنڌي صوتيات ۾ وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. هي نه رڳو
اوسرگ صوتين (Unspisrted
Phonemes)
سان ملي وسرگ صوتيا(
Sprited phonemes)
ٺاهي ٿو پر سُرن (Vowels)
۽ وينجنن (Consonants)
سان ملي ’پد‘ (Syllables)
به ٺاهي ٿو. هن ۾ هڪ ئي وقت سُرن ۽ وينجنن ٺاهڻ جي
صلاحيت به موجود آهي ته حروف علت جي سگهه به رکي
ٿو. مثال طور: جهڙ، گهرُ، وجُهه، وغيره. هنن مثالن
تي غور سان معلوم ٿيندو ته [ـهه] نه رڳو اوسرگ
آواز [ج] سان ملي [جهه] جو وسرگ صوتيو ٺاهيو آهي
پر اُن سان گڏوگڏ (Vowels)
طور به ڪم آيو آهي. اهو اهڙو حرف علت آهي جو ڪڏهن
به لفظن جي شروع ۾ متحرڪ طور نٿو هلي، حالانڪ حروف
علت جي ٻين آوازن [ا، و، ي] ۾ اهڙي خصوصيت آهي، جو
اهي لفظن جي ابتدا ۾ متحرڪن ٿين ٿا.
مثال طور:
ا = [اختر، انب، انعام، اگر، احمق]
و = [وطن، واسطو، واهوندو، وديشي]
ي = [يعقوب، يعني، يجر ويد]
تنهنڪري [ـهه] کي حروف علت جو ٻيلهه سوار آواز
( Non Significant voice)
چئجي، ڇو ته اهو ڪنهن به آواز جي اڳ ۾ اچڻ بجاءِ
رڳ وچ ۾ ۽ آخر ۾ ئي ساڪن طور هلي ٿو.
مثال طور:
وچ ۾
آخر ۾
جُهڙُ ڳالِهه
گهرُ ڪالهه
ماڻهو چاڙُهه
گهوٻي ملهه
[ـهه] جي هم شڪل جو هڪ ٻيو آواز [هه] ٿئي ٿو، جو
پنهنجي مزاج ۽ سرشت ۾ ڳرو ۽ متحرڪ
Significant voice))
يعني ”ڪنهن آواز جي اڳ ۾ وچ ۾ ۽ آخر ۾ متحرڪ ٿي
هلندڙ هي آواز [ـهه] جي هلڪي آواز جيان نڪي اوسرگ
آواز سان ملي وسرگ آواز ٺاهي ٿو، نه ئي حروف علت
واري طبيعت رکي ٿو، ۽ نه ئي وري لفظن يا آوازن ۾
Non Significant voice))
طور ساڪِن ٿي استعمال ٿئي ٿو.
مثال طور:
اڳ ۾ وچ ۾
آخر ۾
هَلڪو گَهرو چاههُ
هَهڙو سُهڻو موههُ
هاٿي ٻاهَرِ ڪاههَ
هاڪڙو بَهَاول باههِ
هَلچل ڪَهڙو ڏوههُ
تنهنڪري اکر ’هه‘ جي انهيءَ ٻنهي آوازن [هه] ۽
[ـهه] جو سنڌي سُرن (Vowels)
۽ وينجنن (Consonants)
۾ پنهنجي مُنهن وڏي اهميت ۽ ڪارجُ آهي، پر اسان جي
پڙهيل ڳڙهيل طبقي کي به اِن بابت پوري ڄاڻ نه آهي
ته ’وجههُ‘ ۽ ’وجَهه‘ ۾ ڪهڙو صوتي فرق آهي يا
’ڪلهوڙي‘ جي درست شڪل ’ڪلهوڙو‘ آهي يا ’ڪلهوڙو‘.
دراصل اُها مونجهه تڏهن ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌي
آئيوٽا ۾ اکر ’هه‘ جي ٻنهي آوازن [هه، ـهه] کي
هڪٻئي جي ڀر ۾ رکيو وڃي ۽ ”سنڌي پرائيمر“ ۾ ته
اُنهن جي باقاعده وضاحت به ڪئي وڃي. ’هه‘ جي تڪرار
۾ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي ڏاڍي
ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي. هو پنهنجي ڪتاب: ”ٻوليءَ
جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ (سنڌي ٻوليءَ جون لپيون) جي
صفحي 190 ۾ لکي ٿو:
”وسرگي وينجنن ’گهه‘، ’جَهه‘ ۾ ايندڙ ’ـهه‘ ۽
وينجنن ’ـهه، هه‘ جي اُچار ۾ پڻ لکت ۾ ڪوبه فرق نه
رکيو ويو آهي. اِنهيءَ ڪري گهڻو ڪري ڪيترن لفظن جي
دُرست هِجي صورتخطيءَ ۾ معلوم نٿي ٿئي. جيئن ته
’گهر‘ لفظ ۾ جيستائين زيرون ـــ زبرون استعمال نه
ڪبيون تيستائين معلوم نه ٿيندو ته اُن جو ڪهڙو
مطلب آهي. گهرُ (مڪان، جڳهه)؛ گهَرَ (گَهِرو،
اونهو)؛ گِهرُ (وڏيون جليبيون ـــ مٺائيءَ جو
قسم). ساڳيءَ طرح ’جهارِ‘ (پکين جو وڳر)؛ جُهارَ
(ملاقات)؛ وسرگي وينجنن ’گهه‘، ’جهه’ ۽ ’هه‘ جي وچ
۾ لکت ۾ فرق ڏيکاريڻ جو هڪ آسان طريقو اِهو آهي ته
وسرگي اُچار جي حالت ۾ هميشه دو ــــ چشمي ’ـهه‘
کي گـ ۽ جـ سان جوڙي استعمال ڪجي (گهه، جهه) ۽ ٻين
هنڌن تي، جتي ’هه’ بنجن جو اُچار اچي اُتي دو ــــ
چشمي ’ـهه‘ کي ڪڏهن به ڪتب نه آڻجي.“
[هه] ۽ [ـهه] جي تڪرار جو مسئو رڳو چڱن پڙهيل
ڳڙهيل ماڻهن سان لاڳو نه آهي پر سنڌي ٻولي جي
محققن کي به ان تي مونجهارو آهي. هڪڙا عالم اِن
راءِ جا آهن ته [گ] آواز ۾ جڏهن [هه] آواز ملائبو
ته اهو مُرڪب آواز [گهه] ٿي ويندو. جڏهن ته ٻيا
عالم ان کي ’مفرد آواز‘ ڪوٺين ٿا. اُنهن وٽ اُهو
دليل آهي ته جڏهن [هه] جو آواز [ب] آواز جي پٺيان
لڳي مَدغمَ ٿي [ڀ] جو آواز ٺاهي ٿو، ته پوءِ اُن
کي مرڪب آواز چوڻ بجاءِ مفرد آواز ڇو ٿو چيو وڃي؟
دراصل [ڀ] ۾ [ـهه] جو آواز شامل هوندو اهي، پر
اُهو پَس پَردهه آهي ۽ لکيو نه ويندو آهي ۽ ٽيان
عالم، انهيءَ آواز کي نڪي مفرد ٿا چون، نڪي مرڪب،
پر اُن کي وسرگ چون ٿا. اُنهن ۾ ڊاڪٽر غلام علي
الانا صاحب جن نمايان آهن. ڊاڪٽر صاحب جن انهيءَ
بحث جي اُڪلاءَ لاءِ هيئن لکن ٿا:
”ڪن صاحبن جي خيال موجب [جهه، گهه] مرڪب آواز آهن،
جن کي ’ج’ ۽ ’هه‘ ذريعي نمايان ڪيو ويو آهي. اِها
راءِ صحيح نه آهي. اِهي مرڪب آواز نه، پر وسرگ
آواز آهن. مثلاً: [سمهي] ۾ [مهه] وسرگ آواز آهي،
مرڪب نه آهي، پر [تمهيد] ۾ [م ۽ هه] مرڪب آواز
[مهــ] جو مثال آهن.“
هن مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جن به
واضح نظر ٿا اچن. سندن انهيءَ راءِ سان کڻي ڪجهه
قدر متفق ٿجي، ته [جهه] وسرگ آواز آهي، باقي
[تمهيد] جي [مهـ] مرڪب آواز آهي، سان سهمت نٿو ٿي
سگهجي.
[جهه] جي ـهه] وسرگ آواز ۾ اُچارجي نٿي، جا ساڪن
آهي، جڏهن ته [تهميد] جي [هه] اُچارجي ٿي، جا
متحرڪ آهي، سا مرڪب آواز ڪيئن ٿي؟ اُن کي ته اوسرگ
آواز چوڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب هڪ طرف [هه] جي ساڪن
صورت کي ته وسرگ آواز مڃين ٿا پر ٻئي طرف اُن جي
متحرڪ صورت کي اوسرگ آواز نه ٿا سمجهن!
دراصل [جهه] ۾ هلڪي [ـهه] جو آواز ساڪن آهي جو
اوسرگ آوازن جي پٺيان ملي وسرگ آواز ٺاهي ٿو (
جنهن جو تفصيلي ذڪر مٿي اچي چڪو آهي) ۽ [تهميد] ۾
[هه] جو ڳور آواز متحرڪ آهي جو اوسرگ آواز طور
استعمال ٿيو آهي. هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ضروري
آهي ته پهريان وسرگ آواز ۽ مرڪب آواز جي وچ ۾ فرق
ڪيو وڃي.
وسرگ آواز ۽ مرڪب آواز ۾ فرق:
وسرگ آواز ۽ مرڪب آوازن ۾ وڏو فرق آهي. اچو ته
انهيءَ تفاوت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
(1) مٿي بين ڪيل 15 اهڙا اوسرگ آواز آهن، جن سان
هلڪي ۽ ساڪن [ـهه] جو سنجوڳ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اُهي
آواز وسرگ بڻجن ٿا.
جيئن: ’ب‘ مان ’ڀ‘، ’ت‘ مان ’ٿ‘، ’ٽ‘ مان ’ٿ‘. ’پ‘
مان ’ڦ‘، ’ج‘ مان ’جهه’، ’چ‘ مان ’ڇ‘، ’د‘ مان
’ڌ‘، ’ڊ‘ مان ’ڍ‘، ’ڙ‘ مان ’ڙهه‘، ’ڪ‘ مان ’ک‘،
’گ‘ مان ’گهه‘، ’م‘ مان ’مهـ‘ ’ن‘ مان ’نهه‘ ۽ ’ڻ‘
مان ’ڻهه‘ ـــ وسرگ آواز جڙيا آهن.
(2) اُنهن آوازن کان علاوه وينجن آوازن سان جڏهن
اڻ سنجوڳي ۽ متحرڪ [هه] پٺيان لڳائجي، ته پوءِ
اُهي مرڪب آواز ٿيندا. مثال طور: /اهڙو، ٻهروپ،
رهاڻ، ڏهڪاءُ، زهر ۽ وهٽ/ لفظن مان / اهه، ٻهه،
رهه، ڏهه، زهه ۽ وهه /مرڪب آواز آهن.
(3) ڪن وسرگ آوازن پٺيان متحرڪ [هه] ملائڻ سان ٻه
مرڪب آواز ٺهن ٿا. جيئن: /ڦهڪو، ٺهڻ، ٿهو، ڍَهه ۽
کُهڙو /لفظن مان /ڦهه، ٺهه، ٿهه ۽ ڍهه ۽ کُهه
/مرڪب آواز آهن.
(4) اوسرگ آوازن جي پڍيان محترڪ [ـــ هه] ملائڻ
سان به مرڪب آواز ٺهن ٿا. مثال طور: / پالڻهار،
پهلوان، گُهه، گَهپي ۽ گِهِلڻ / لفظن مان /ڻِههَ،
پَههَ، گَههُ، گَهه ۽ گِههِ /مرڪب آواز آهن.
هن سموري بحث کي مختصر لفظ ۾ هيئن بيان ڪجي ته:
جنهن ۾ وسرگ ۽ وينجن آواز پٺيان متحرڪ [ـــ هه] جو
ڳرو آواز لڳائبو، ته اُن مان پيدا ٿيندڙ آوز
’مرڪب‘ سڏائيندو ۽ جنهن ۾ اوسرگ آواز پٺيان ساڪن ۽
سنجوڳي [ـهه] جو هلڪو آواز لڳائبو، ته اُن مان
پيدا ٿيندڙ آواز ’وسرگ‘ چوائيندو. انهيءَ سموري
بحث مان اهو نتيجو نڪري ٿو، ته جيستائين [هه] حرف
وارين ساڪن ۽ متحرڪ صورتن جي ڌار لساني ڪارج کي
نٿو قبوليو وڃي، تيستائين وسرگ، اوسرگ ۽ مرڪب
آوازن ۾ فرق نٿو ڪري سگهجي. |